جڏھن مخصوص انساني گورھھ ۾ نظم طريقي ۽ ذميواري جو
عنصر متعارف ڪرايو ويو آھي. ھتي اخلاقي احساس اڀري
نمايان صورت اختيار ڪري وٺي ٿو. ڪئمل ڪارپس جنھن
کي ھڪ پنھنجو خاص طريقو آھي ۽ ھڪ نظام آھي، جنھن
کي پنھنجي ڪم تي فخر ڪرڻ گھرجي ۽ ضرورت وقت جنھن
جو تحفظ بھ ڪيو ويندو آھي جيڪو تبديل ٿي ھاڻي
ڪمينو ۽ ڳڻ چور ٿي ماڻھن جي ھڪ بي ترتيب ميڙاڪي جي
صورت اختيار ڪري ويو آھي. جنھن کي
Baggage of an Army
سڏيندا آھيون. فوج جو جنرل بنا ڪنھن خوف خطري جي
پنھنجو سامان الڳ ڪري، منزل کان گھڻو پري آرام سان
وقت گذاري سگھي ٿو. کيس پڪ آھي تھ ھو تيز رفتاري
سان سفر ڪري ساڻن گڏجي بھ ھلي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ
ڪمانڊر ۽ انھن جي عملدارن کي اھا چڱيءَ ريت خبر
آھي تھ انھن جي جانورن جا حال ڪھڙا آھن. اھو
ھنگامي حالتن دوران اٺن تي لڏيل سامان لاھرائي
نئين سر تقسيم ڪندو آھي. جنھن ڪري ڏٻرا وھٽ بھ بچي
پوندا آھن ۽ سگھارن جو بھ تحفظ ٿي ويندو آھي. ان
کان سواءِ بيمارن اٺن جي بھ سار سنڀال ٿي ويندي
آھي.
مان يقين سان چئي سگھان ٿو تھ منھنجي ڪمانڊ تحت
ھليل تازيءَ مھم دوران اٺن جو تمام ٿورو تعداد مئو
ھو. ھي جنگي مھم ڀريا پنج مھينا ھلي ھئي، پر فقط
ڏيڍ سو ڏاگھا مري ويا ھئا. ليڪن ھي اھي ساڳيا اٺ
ھئا، جيڪا افغانستان واريءَ جنگ ۾ بھ ڪم آيا ھئا.
جيڪي بکون ڪاٽي صدما سھي، پنھنجي ھيڻن حالن سان
اچي سنڌ پھتا ھئا. ان جنگ ۾ اٺن جو وڏو تعداد مري
ويو ھو، جنھنجي ڀيٽ ۾ ھي ڏيڍ سو ڏاگھا ڪجھھ بھ
ڪونھ آھن.
اٺن جو گھٽ تعداد انھيءَ ڪري مئو جو مان شخصي طور
جاکوڙي رھيو ھوس ۽ ھن جانور جي سار سنڀال لھڻ ۾
دلچسپي وٺي رھيو ھوس. ان جو ڪارڻ اھو ھو تھ اھڙي
طريقھ ڪار جي ابتدا مان ڪئي ھئي ۽ منھنجي مرضي ھئي
تھ اھو ضرور ڪامياب ٿئي. مان ٻي ڳالھھ ھيءَ ڪئي
ھئي پروووسٽ مارشل کي بئگيج ماسٽر بڻائي ڇڏيو ھيم.
اھڙيءَ ريت پيش قدمي دوران ڪميسار فوجي سامان واري
اٺن جي قافلي سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا ۽ ان جي
سھائتا لاءِ ٻڌل ھئا. کين حڪم ڪيو ويو ھو تھ جيڪي
جت ۽ ڪئمپ فالوئر پنھنجي ڪم ۾ ڍرائي ۽ سستي ڏيکارن
تھ کين ڦٽڪا وھائي ڪڍن. بئگيجز ماسٽر کي چئي ڇڏيو
ھيم تھ وزن کان وڌيڪ رکيل اٺ جي بار کي ساڙي رک
ڪري ڇڏي. ايترين سختين ڪندي مان ڇھھ ست ڀيرا ڏٺو
تھ اٺن تي بي ڪئتو بار لڏيل ھو جيڪو اٺ ھنڊريڊ ويٽ
(800
پائونڊ) کان بھ وڌيڪ ھو. پر ھاڻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي
تھ ھر اٺ تي پنج ھنڊريڊ ويٽ (500
پائونڊ) بار جيتري لڏ ھجڻ گھرجي. ھندستاني فوج بھ
ساڳئي وزن جيتري لڏ اٺن تي رکي رھي آھي. اٺن تي
وڌيڪ وزن رکڻ خلاف جاچ پرک ڪرڻ جو اھو طريقو آھي.
جيڪڏھن اٺن تي سندن طاقت کان وڌيڪ بار لڏبو تھ ھر
سرگرمي ۽ ڪم جي جذبي ۾ بي قاعدگي ۽ بي ترتيبي اچي
ويندي. مان سمجھان ٿو جيڪڏھن فوج اندر باقاعدگي
رکڻي آھي تھ ابتدا فوجي سامان کڻندڙ ھنن اٺن جي
قافلي کان ڪئي وڃي.
ھن ڪئمل ڪارپس ۾ ھڪ ٻي بھ سھوليت ۽ سولائي آھي،
جنھن جو مان ھن وقت تائين ذڪر ڪونھ ڪيو آھي تھ
توھان ڪئمل ڪارپس جي قائم ڪرڻ سان فوجي سامان جي
ڍوآئيءَ جي ڳڻتيءَ ڳارائي کان آجا ٿي ويندا ۽ جون
بھ ننڊ ۾ ھوندي. مان بھ فوجي مھم کي منھن ڏئي رھيو
آھيان، جنھن ۾ فوجي سامان جي ڍوآئي جو ڏچو ڪونھ
آھي. مان پنھنجي سرگرمين جي ابتدا ڪري ٽالپرن جي
اٺن کي مياڻي جي جنگ کان ڏھھ ڏينھن اڳ ختم ڪري
ڇڏيو ھو. جڏھن شڪارپور ٽالپرن جي ھٿن ۾ ھئي تھ
سڀئي ٺيڪيدار مير نصير خان جي ھٿن ھيٺ ھئا. پر
جڏھن اھو شھر انگريزن جي قبضي ۾ آيو تھ اھي ساڳيا
ٺيڪيدار مون سان ڳالھائڻ لڳا ھئا. ان جو نتيجو اھو
نڪتو ھو جو جنھن ڏينھن کيس ھڪ ھزار اٺ ملڻا ھئا،
ان ڏينھن کيس فقط ھڪ سو ستر اٺ مس ملي سگھيا. جڏھن
تھ
24
مارچ واريءَ جنگ کان ٻھ راتيون اڳ جت پنھنجا ٻھ سو
اٺ ڪڍي ڀڄي ويا ھليا ويا. جيتوڻيڪ کين ڀاڙو بھ ڏنو
ويو ھو. اھڙا واقعا ڪمانڊر جي اخلاقي جرئت جي پرک
ھوندا آھن جيتري قدر ڏاندن ۽ ٻين بار بردارن
جانورن جو تعلق آھي تھ انھن لاءِ بھ ساڳيو اصول
نافذ ڪرڻو پوندو. مثال طور وھٽن سان نياءَ ڪرڻ جو
جوڳو بندوبت ۽ فوجي پيش قدمي ۾ چرپر جي صحيح نظام
جو قيام.
مان ھن يادداشت جو ھڪ نقل ڪئپٽن ٿامس ڏانھن موڪلي
رھيو آھيان. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھو پنھنجي
راءِ جو اظھار ڪري سگھي. ڇاڪاڻ تھ ھي ڏاھو ۽
تجربيڪار عملدار آھي، پر مون کي يقين آھي تھ ھو
مون سان ضرور سھمت ڪندو. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ
مان ھن موضوع تي گھڻي وقت کان وٺي سوچيو ويچاريو
آھي ۽ عملي طور آزمائي بھ ڏٺو آھي جنھن جا اميد
افزا نتيجا نڪتا آھن.
مان اھو ڪونھ ٿو سمجھان تھ منھنجي اختيار ڪيل ھن
طريقھ ڪار کي ھتان جا مڪاني ماڻھو متاثر ڪري رھيا
آھن. ڇاڪاڻ تھ ھن جو بنياد وھٽن سان انصاف ڪرڻ جي
اصول تي بيھاريو ويو آھي. جنھن ڪري ھن جي زندگي
بچي پوي ٿي ۽ دستيابيءَ ۾ بھ ڪنھن بھ قسم جي
مشڪلات ڪانھ آھي. وڌيڪ طلب ڪري خرچ بھ وڌي وڃي ٿو
۽ ان سبب وھٽن جي اگھن ۾ بھ چاڙھھ اچي وڃي ٿو.
سي جي نيپئر
(صحيح)
ضميمو نائون
لارڊ رپن ڏانھن لکيل خط جو اختصار
بگٽي ھلس
7
فيبروري
1843ع
مال غنيمت
Prize money
مان ھن خط سان گڏ پنھنجي شخصي درخواست بھ موڪلي
رھيو آھيان، ھي درخواست
Lard of Zreasuary
ڏانھن بھ سمجھڻ گھرجي. مان ھي ڳالھھ تسليم ڪريان
ٿو تھ مان ائين ڪرڻ ڪونھ ٿو چاھيان. ڇاڪاڻ تھ
ھائوس آف ڪامنس ۾ لارڊ ھووڪ ڄاڻي ٻجھي مون تي
الزام ھنيا آھن ۽ ھروڀرو بدنام ڪيو آھي بلڪ ھن مون
سان ظلم ڪيو آھي. مون تي خاص ڪري اھو بھتان مڙھيو
پيو وڃي تھ مان مال غنيمت خاطر پنھنجن ھزارن
فوجين، عملدارن ۽ ويجھن دوستن کي قربان ڪيو آھي.
مان يقين سان چئي سگھان ٿو، تھ نھ مان ۽ نھ
منھنجيءَ فوج مذڪوره مال غنيمت تي نظر رکي ڪڏھن بھ
جنگ ڪانھ ڪئي آھي. اھڙي ڪنھن کي بھ توقع ڪانھ ھئي
تھ مياڻيءَ جي فتح حاصل ڪري سگھجي ٿي؟ اھا ڪنھن کي
توقع ھئي تھ ايترا بلوچ قبائلي سردار حيدرآباد
پھچي منھنجي پيش پوندا؟ مان اھو سوچي بھ ڪونھ ٿو
سگھان تھ توھان تي لارڊ ھووڪ جي ھنيل الزامن جو
اثر ٿيو ھوندو.
منھنجو مفاد ساري فوج جو گڏيل مفاد آھي. صحيح
فيصلو فقط ھر مئجسٽريٽ ڪري سگھي ٿي. مان اھو ڪندس
جنھن کي اوھان انصاف مطابق تصور ڪندا ۽ اھو ڪم
پنھنجي لاءِ نھ پر ٻين جي فائدي لاءِ ھوندو، پر
چيو پيو وڃي تھ مان اھو ڪم پنھنجي شخصي مفاد لاءِ
ڪيو آھي. ڪڏھن وري اھي ساڳيون ڳالھيون عام ماڻھو
بھ چوڻ شروع ڪندا. منھنجي جيڪا بھ ملڪيت آھي سا
مان ھندستان ۾ پھچڻ کان پوءِ پنھنجي حق حلال جي
پگھارن مان ٺاھي آھي. مان مال غنيمت کان انڪار ڪري
بيوقوف ۽ منافق ڪونھ ٿيندس. پر لارڊ رپن، مان
اوھان کي پڪ ٿو ڏياريان تھ مان انھيءَ مال غنيمت
بابت ھميشه گھٽ سوچيو آھي. سنڌ جي فتح ڪري سرڪار
مون کي گرانڊ ڪراس ڏنو آھي ۽ وڏي خطاب سان نوازيو
آھي، جيڪا منھنجي لاءِ ھڪ وڏي ڳالھھ آھي.
توھان جو اھو بھ چوڻ آھي تھ باٽا کي مال غنيمت ۾
شامل ڪرڻ گھرجي. اھڙي فيصلي ڪرڻ جي طاقت مون ۾
ڪانھ آھي، پر مان ايترو ضرور چئي سگھان ٿو تھ جيڪي
ماڻھو سر ترين تي رکي وڙھيا آھن سي اھو ڪڏھن ڪونھ
چاھيندا تھ انھن ريجيمينٽن کي بھ باٽا ملي، جيڪي
سنڌ ۾ موجود ئي ڪونھ ھيون. جھڙو
78
۽
86
۽ ٻيون ريجيمينٽون. ساري فوج سوچي رھي آھي تھ باٽا
انھيءَ ڪري ڏني پيو وڃي ڇاڪاڻ تھ فوج بيماري جا
ڏاڍا ڏک سٺا آھن ۽ سرڪار ان جو ازالو ڪرڻ چاھي ٿي.
جنھن جا سورنھن ھزار ماڻھو مس تھ بچي سگھيا ھئا.
منھنجي خيال موجب جيڪڏھن مال غنيمت مان باٽا ڪٽيو
وڃي تھ باقي مال غنيمت ايتري بچندي جيتري مياڻي ۽
حيدرآباد جي جنگين ۾ وڙھندڙ فوجين کي ملي ھئي.
اسان مال غنيمت جا حقدار آھيون يا نھ اھو ھڪ جدا
سوال آھي جنھن جو فيصلو ھر مئجسٽي پاڻ ڪندي. پر
جيڪڏھن اسان ان جا حقدار آھيون تھ اسان جو حصو
ائين ھجڻ گھرجي جيئن ميدان جنگ تي موجود ھر فوجيءَ
جو ھوندو آھي. باٽا تھ انھن فوجين کي بھ مليو آھي،
جن نھ انھيءَ ملڪيت کي ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نھ
مليل ملڪيت جي حفاظت ڪئي نھ وري انھيءَ زماني ۾
سنڌ اندر موجود ئي ھئا. اھا فوج سنڌ ۾ ان وقت پھتي
ھئي، جڏھن اھا ملڪيت ممبئي سرڪار جي خزاني ۾ جمع
ٿي چڪي ھئي. مون کي اھا خبر ڪانھ ٿي پوي تھ فرق
وارو ليڪو ڪٿان ڪڍجي. منھنجو خيال آھي تھ باٽا
ساري ھندستاني فوج جي مال غنيمت مان ھڪ جيتري ڪٽ
ڪئي وڃي. ھن ڳالھھ جو ٻيو مطلب اھو آھي تھ ايسٽ
انڊيا ڪمپني مال غنيمت انھيءَ ڪري وصول ڪري رھي
آھي تھ جيئن اھا فوجي خرچ جو پورائو ڪري سگھي.
ضميمو ڏھون
ڪڇيءَ جي جابلو علائقي خلاف فوجي مھم
مان سائينءَ جن کي پنھنجي آخري خط ۾ اھو ٻڌايو ھو
تھ مان دشمن خلاف حملي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رھيو
آھيان. ھن خط پھچڻ کان اوھان اھڙيون خبرون ضرور
ٻڌيون ھونديون تھ مان دشمن مٿان نھايت ڪامياب حملو
ڪيو آھي. اھڙيون پيرائتيون خبرون اوھان کي سرڪاري
طور ٻڌايون وينديون. تنھن ڪري مان ھتي گھڻيءَ
ڊيگھھ ۾ وڃڻ ڪونھ ٿو چاھيان. مان ھاڻي دشمن جي ڪڍ
ڪاھي وڃي رھيو آھيان. پر آڏو ڏاڍيون مشڪلاتون
موجود آھن. ھٽڪٽو آھي تھ ھي بلوچ ڌاڙيل ڀڄي وڃي
ملتان جي سرحدن اندر لڪي جند ڇڏائيندا. پر مان ان
ملڪ اندر داخل ٿيڻ کان ھٽرايان ٿو. اوھان کي فقط
ھڪ فوجي ٻڌائي سگھي ٿو تھ وارياسي رڻ پٽ، ويران
جابلو علائقي ۾ اتان جابلو ماڻھن سان جنگ ڪيڏي ڏکي
آھي جتي انچ انچ تي وڏي خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوي
ٿو. ان کان سواءِ جبلن جي لڪن ۾، موٽ جي محفوظ
رستي کان سواءِ داخل ٿي ڪونھ ٿو سگھجي. دشمن جي
جاسوسي وسيلي صحيح معلومات حاصل ڪرڻ بھ ڏکي ڳالھھ
ھوندي آھي. جيڪڏھن ملتان جي حڪمران ھنن ڌاڙيلن کي
پنھنجي علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ڏني تھ انھن کي
جھلڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو.
منھنجيءَ ھن ڳالھھ تي ويساھھ ڪريو. لارڊ رپن تھ
پنجاب کي فتح نھايت ضروري آھي. مان توسيع پسنديءَ
جي خلاف آھيان، پر سرحد کي ستلج تائين وڌائڻ جو
ضرور حامي آھيان. پر اسان کي پنجاب ۾ ضرور داخل
ٿيڻ گھرجي. لارڊ ھووڪ چوندو تھ چارلس نيپئر مال
غنيمت لاءِ سندرو ٻڌي بيھي رھيو آھي، پر ائين ڪونھ
آھي. ھاڻي منھنجي عمر اھڙي آھي جو جنگ جون سختيون
سھي ڪونھ سگھندس. مان پنجاب وڃڻ بھ ڪونھ چاھيندس.
ھتي مان فقط ڪئٽو جا لفظ ورجائڻ چاھيان ٿو جنھن
چيو ھو تھ ”پنجاب ھندستان جو ڪارٿجو آھي جنھن کي
فتح ڪرڻ گھرجي پر تباھھ ڪرڻ بھ کپي.“ ھن ملڪ جي
موجوده صورتحال، انگريزن لاءِ ڏکي ۽ ڏنگو آھي.
اھڙي ڳنڀير وايو منڊل کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾
يارھن ھزار فوج رکيون ويٺا آھيون. ايتري گھڻي فوج
تھ سنڌ فتح لاءِ بھ ڪم ڪانھ آندي وئي ھئي. مان جنگ
جو بھ عاشق آھيان تھ ان کي پنھنجي اکين سان ڏسڻ
چاھيان ٿو. مون تي اھڙا الزام ھڻڻ ۾ بي انصافي
ٿيندي. مون کي خبر آھي تھ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ائين
اگوندرائيءَ سان ڪم ڪري رھي آھي، جيئن ھڪ جاھل
ڊاڪٽر پنھنجي مريض سان ڪندو آھي. جيڪو ھن جي
چمڙيءَ جي دوا تھ ڪندو آھي، پر چڪاسي ڪونھ ڏسندو
آھي تھ سندس جسم، اندر جي ڪھڙيءَ اگھائي کان نٻل ۽
نستو آھي. اوھان اک وٽائي ڏسو تھ مرھٽن جون ملڪ
جون حالتون ڪيڏيون ڳنڀير آھن. اسان اھو ڪيئن سمجھي
سگھنداسون تھ جڏھن ڏيھي راجائون پنھنجي تخت تي
موجود آھي ۽ اسان محفوظ آھيون ۽ اھي حڪمرانيون
اسان جي ملڪي سرحدن اندر آھن. اھو ھڪ خاص علائقي
جو معاملو آھي. ھن جنگي مھم جي خاتمي کان پوءِ ڀلي
ساري فوج سر ھينري جي حوالي ڪريو. اميد آھي تھ اھو
معاملو پندرھن ڏينھن فيصل ٿي ويندو، پر ان لاءِ
ڪير بھ اڳڪٿي ڪري ڪونھ سگھندو.
ضميمو يارھون
13
ريجيمينٽ جي انھن رضاڪارن جا نالا جن
8
مارچ
1845ع
تي تروڪي جي جبلن وارن لڪن کي بند ڪري ڇڏيو ھو.
1.
سرجنٽ جان پاور: ھي ماڻھو سڀني اڳ ھڪ اتاھين
چوٽيءَ تي چڙھي ويو. کيس ھلڪا زخم رسيا ھئا.
2.
ڪارپورل ٿامس واٽرس: ھي اتاھينءَ چوٽي تي ڪونھ
پھتو ھو. کيس ٻھ ميڊل مليا ھئا.
3.
جان ڪيني (خانگي سپاھي): ھي ماڻھو ٽڪريءَ جي صفا
چوٽيءَ تي پھچي ڪونھ سگھيو ھو، ٽي ميڊل مليس.
4.
جان ائڪٽن (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو. ٽن
دشمن کي قتل ڪري ۽ پاڻ بھ مارجي ويو. ٽي ميڊل
مليس.
5.
رابرٽ ائڊابر: ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو. ٻن دشمنن
کي قتل ڪري ۽ پاڻ بھ مارجي ويو. ٻھ ميڊل مليس.
6.
ھيو ڊنلئپ (خانگي): ٽڪريءَ جو چوٽيءَ تي پھتو. ٻن
دشمنن کي قتل ڪيائين. پاڻ بھ مارجي ويو.
7.
پئٽرڪي فئلون (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو.
مارجي ويو. ٻھ ميڊل مليس.
8.
سئموئل لوري (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو.
دشمن ڪمانڊر کي قتل ڪيائين. پاڻ بھ قتل ٿي ويو. ٻھ
ميڊل مليس.
9.
وليم لوليس (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو.
مارجي ويو.
10.
ائنٿوني بروڪ (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو.
ٽن دشمنن کي قتل ڪيائين. ٻھ ميڊل مليس.
11.
بارٿولو ميوروھان (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي
پھتو. ھڪ دشمن کي قتل ڪيائين. ستت زخمي ٿيو. ٻھ
ميڊل مليس.
12.
جان مئلوني (خانگي): ھي ماڻھو ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي
پھتو. ٻن دشمن کي قتل ڪيائين. بورڪ ۽ روھان کي
بچائي ورتائين. سخت زخمي ٿيو. ٻھ ميڊل مليس. ھي
پنھنجي بئنيٽ سان زخمي ٿيو ھو. ھن پھريائين اھا
بئنيٽ دشمن کي ھنئي، پر ان پنھنجي سيني مان ڪڍي
مئلوني کي ھنئي ھئي.
13.
جارج ڪئمبلي (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھتو ٻن
دشمنن کي قتل ڪيائين.
14.
فلپ فئي (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪونھ پھچي
سگھيو. ٻھ ميڊل مليس.
15.
مارڪ ڊئوس (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽي تي پھچي ڪونھ
سگھيو. ٻھ ميڊل مليس.
16.
چارلس ھاٿرون (خانگي): ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪونھ
پھچي سگھيو. ٻھ ميڊل مليس.
17.
سپاھي رمضان آھير: ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي پھچي ڪونھ
سگھيو.
ضميمو ٻارھون
سر راڊرڪ مرچيسن جي خط جو اختصار جيڪو ھن ڪئپٽن
وڪري جي لڌل جيالاجيڪل نمونن بابت ھن کي لکيو ھو.
ڪئپٽن وڪاري کي اھي نمونا سر چارلس جي ڪڇيءَ جي
جابلو علائقي خلاف جنگي مھم دوران ھٿ آيا ھئا.
مان ھي خط ڪئپٽن وڪاري جي موڪليل ان رپورٽ جي جواب
۾ روانو ڪري رھيو آھيان. جيڪا ھن بلوچستان جي
جابلو علائقي مان لڌل جيالاجي جي نمونن بابت
منھنجي راءِ معلوم ڪرڻ چاھي ھئي. مذڪوره ڪئپٽن جي
موڪليل رپورٽ، جيالاجيڪل سوسائٽي ۾ دلچسپي پيدا
ڪئي آھي ۽ ان موضوع سان لاڳاپيل بحث بھ ڇڙي پيو
آھي. سر چارلس نيپيئر ھڪ اٺ جي بار جيترا عجيب
غريب پنڊ پاھڻ موڪليا آھن، جيڪي ڪوڏ ۽ گھونگھن
آھن. ڪي نمونا تھ ھوبھو اھڙا آھن جھڙا پائرينسس جي
جابلو علائقي جي چاڪ واري مٿئين تھھ تان لڌا آھن.
ھي پھريون ڀيرو آھي جو افغانستان ۽ بلوچستاني
جابلو علائقي جي قديم دور جو پتو پيو آھي.
ضميمو تيرھون
ممبئي جي گورنر ڏانھن لکيل خطن جو اختصار جن ۾
شڪايت ڪئي وئي ھئي تھ ڊاڪٽر بسٽ ڪي جعلي ۽ ڪوڙا خط
اخبار ۾ شايع ڪيا آھن.
ڪراچي،
13
آگسٽ
1845ع
گورنر ممبئي
مان وارا سائين
دي بامبي ٽائيمس اخبار پنھنجي
13
جولاءِ واري شماري ۾ ھڪ خط ڇاپيو آھي. جيڪو
ھندستان جي گورنر جنرل ان ڪائونسل ڏانھن مخاطب ٿيل
آھي جنھن جي ھيٺيان منھنجو نالو لکيل اٿم. سائين
مان اھڙي قسم جو خط تھ گورنر جنرل ان ڪائونسل
ڏانھن لکيو آھي نھ وري ڏانھس شخصي طور ڪو خط لکيو
آھي. تنھن ڪري مان اوھان عزت ماب ان ڪائونسل ڏانھن
ھن خط سان گڏ ھڪ قسم نامو موڪلي رھيو آھيان ۽
گذارش ڪري رھيو آھيان تھ اوھان دي بامبي ٽائيمس
اخبار خلاف قانوني قدم کڻو. ڇاڪاڻ تھ ھن سرڪاري
ڪاغذ جي جعلسازي ڪئي آھي. انھيءَ منھنجي ڪوڙي صحيح
ڪئي آھي. ھن کان سواءِ اوھان عزت ماب ان ڪائونسل
پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪو بھ قدم کڻي سگھو ٿا، جيڪو
اوھان جي نظر ۾ مناسب ھجي. ان لاپرواھھ ماڻھوءَ کي
انھيءَ مقصد سان جوڳي سزا ملڻ گھرجي تھ جيئن
سرڪاري آفيسن جي عزت ۽ آبرو دي بامبي ٽائيمس جي
ايڊيٽر جي غلط اثر کان بچي سگھي. جيڪڏھن مذڪوره
ايڊيٽر خط لکندڙ جو نالو ٻڌائيندو ۽ اھو سنڌ ۾
ھوندو تھ مان ان تي جنرل ڪورٽ مارشل ۾ ڪيس
ھلائيندس. پر جيڪڏھن قانون جي عملدارن مناسب
سمجھيو تھ ان کي گرفتار ڪري، ممبئي روانو ڪيو
ويندو، انھيءَ لاءِ تھ جيئن مٿس اتي مقدمو ھلي.
س جي نيپئر
صحيح
گورنر ممبئي
ان ڪائونسل
گورنر جنرل ڏانھن لکيل خط جو اختصار
16
نومبر
1843ع
مان ھي ڳالھھ سمجھي ڪونھ سگھيو آھيان تھ ممبئي
سرڪار جي خط جو مطلب ڇا آھي. ھڪ سرڪاري ڪاغذ چوري
ٿيو آھي جيڪو بامبي ٽائيمس اخبار ۾ ظاھر ٿيو آھي،
ان لاءِ ھن اخبار جي مالڪن کي گھرائي پڇيو وڃي تھ
انھن کي اھو ڪاغذ ڪٿان مليو آھي؟ ھيءَ اھڙي ملڪيت
آھي جنھن سان ھٿ چراند ڪري ڪانھ ٿي سگھجي. مان
اوھان ڏانھن گھربل خط موڪلڻ ڪونھ پئي چاھيو جنھن
لاءِ سٺو سبب بھ ھو. ڪئپٽن پاويل، انڊين فلوٽيلا
جو ڪمانڊنگ آفيسر آھي، جنھن ٻڌايو تھ سندس خيال
آھي تھ ائين ڪرڻ سان نيوي وارا ڪاوڙجي پوندا.
ڇاڪاڻ تھ اھي ڪونھ چاھيندا آھن تھ انھن ڏانھن
ويندڙ خط فوج جي اردلي بوڪ تي لکيل ھجن. تنھن ڪري
مان سامونڊي ماڻھن کي ڪاوڙائڻ ڪونھ چاھيو. ڇاڪاڻ
تھ منھنجو مقصد گڏجي ڪم ڪرڻ جو آھي، پر ان وقت
منھنجي پيرن ھيٺان ڄڻ ڌرتي ڇڏائجي وئي جڏھن دي
بامبئي ٽائيمس ۾ اوھان ڏانھن خط ڇپيل ڏٺم، جنھن جي
ھيٺيان منھنجو نالو لکيل ھو. اھو خط ھڪ ڊرافٽ جي
شڪل ۾ آھي جيڪو ھن وقت مون وٽ موجود آھي. اھا
ڳالھھ چٽي آھي تھ اھو خط ڪھڙي بھ ويل دي بامبي
ٽائيمس حاصل ڪري سگھي ٿي. مان سمجھان ٿو تھ ھن
سرڪاري صندوق ۾ رکيل ھر سرڪاري دستاويز محفوظ ڪونھ
آھي. جيڪڏھن انھن ڪاغذن وٽ دي بامبي ٽائيمس پھچي
سگھي ٿي تھ ڪو ٻيو بھ پھچي سگھي ٿو. مان تھ صندوق
جي ڪنجي ڪڏھن ڪڏھن کيسي ۾ وجھڻ وساري ويھندو
آھيان.
مسٽر ليميسيوريئر جو اصول اھي تھ سرڪاري ڳجھھ
نھايت خبرداري سان ڇاپيا ويندا آھن ۽ سمجھيو ويندو
آھي تھ اھو سچو آھي ۽ تعين ڪيو ويندو آھي تھ اھو
ان ماڻھو لکيو آھي، جنھن جي ھيٺان صحيح بھ آھي.
جنھن طريقي سان اھو ڪاغذ حاصل ڪيو ويو آھي يا ڪھڙي
ماڻھوءَ اھو سرڪاري ڪاغذ ھٿ ڪيو سو ايڏو ضروري
ڪونھ آھي. مون کي پڪ آھي تھ اھو ڪھڙو ماڻھو جنھن
مذڪوره سڪاري ڪاغذ چورايو آھي. ڪئپٽن پاويل کي
اھڙي ساري سڌ آھي، پر اسان وٽ ڪابھ ثابتي ڪانھ
آھي. پر سڳ دي بامبي ٽائيمس اخبار وٽان لڌو آھي.
ممبئي سرڪار ان تي آڱر ڪانھ کڻندي ۽ ائين بھ ڪانھ
چوندي تھ تنھنجي منھن ۾ ٻھ اکيون. ان اخبار جو
ايڊيٽر ڦڙپاٽيون ھڻندو ٿو وتي تھ ھن جا سرڪار سان
ناتا واسطا آھن. اھڙي ثابتي لاءِ ڊاڪٽر بسٽ جو خط
ڏسي سگھجي ٿو. ليڪن مان سمجھان ٿو تھ ھن ڪا راز جي
ڳالھھ ڪانھ ڪئي آھي.
ضميمو چوڏھون
گورنر جنرل ڏانھن لکليل خط جو اختصار جنھن ۾ ڪرنل
آئوٽر جي اخبار ۾ ڇپيل خط جي شڪايت ڪئي وئي ھئي.
3
آگسٽ
1845ع
رائيٽ آنربل سر
ڪئپٽن آئوٽرام ايسٽ اينڊيا ڪمپني جو بنا پگھار جي
ملازم آھي. جيڪو ھاڻي ڪمپنيءَ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي
عھدي تي آھي، جنھن جو بدنامي سان لاڳاپيل ھڪ خط
ڇپيو آھي ۽ مون کي سنڌ جي گورنر جي حيثيت ۾ اخلاقي
طور مجروح ڪيو آھي. ھن مون تي ھڪ خطرناڪ الزام
ھنيو آھي تھ مان ھر مئجسٽي جي
78
ريجيمينٽ کي تباھھ ڪرڻ جو مجرم آھيان. مان اوھان
عزت ماب ان ڪائونسل کي ڊگھو خط لکي بيزار ڪرڻ ڪونھ
ٿو چاھيان، پر سولي ۽ مختصر نموني سان آئوٽرام جي
غلط بياني کي رد ڪرڻ گھران ٿو، جيڪا ھن ارادي سان
ڇاپرائي مون کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مان
فقط سندس ان بيان جو ھڪ حصي جو نقل اوھان ڏانھن
موڪلي رھيو آھيان. جيڪو مون تائين پھچي سگھيو آھي.
جڏھن تھ مان ھن سرڪار عملدار کي خانگي يا سرڪاري
طور تي لفظن جي نقطئھ نظر کان يا عملي طور رنجائڻ
جو ڪو موقعو ڪونھ ڏنو آھي. ان ڪري سندس مون سان
دشمني بنا ڪنھن سبب جي آھي.
مان سمجھان ٿو تھ ھن ماڻھوءَ منھنجي ڀاءُ ميجر
جنرل وليم نيپئر جي لکيل ڪتاب جي جواب ۾ مون تي
الزام ھڻي رھيو آھي. مان ھن وقت ايشيا ۾ آھيان ۽
ھو ماڻھو يورپ ۾ ويھي منھنجي خلاف الزام تراشي ڪري
رھيو آھي. تنھن ڪري مان ھن کي جواب بھ ڏئي ڪونھ ٿو
سگھان. مان انھن تحريرن کي سٺو سمجھان يا خراب، سچ
سمجھان يا ڪوڙ، اجائي بڪواس آھي يا حقيقت آھي.
اھڙين ڳالھين لاءِ مان نھ، پر ليفٽيننٽ ڪرنل
آئوٽرام ذميوار آھي.
جيڪڏھن آئوٽرام ھڪ ٽربيونل جوڙي وڏن فوجي عملدارن
کي مجرمن وانگي گھلي اچي ان آڏو بيھاري، پر منھنجي
لاءِ ائين ڪري ڪونھ ٿو سگھي. ڇاڪاڻ تھ ھاڻي حالتون
ڪجھھ ٻيون آھن ۽ ان ٽربيونل جي اختياري حد ايشيا
تائين وسيع ڪانھ آھي. ان کان سواءِ جنرل نيپئر اھو
ڪتاب ايترو پري ويھي لکيو آھي جو ان باري ۾ ڪو
صلاح مشورو ڪرڻ بھ ممڪن ڪونھ ھو. مان اھو ڪتاب اسي
ڪلاڪن ۾ پڙھي پورو ڪيو آھي. مذڪوره ڪتاب ۾ تمام
گھڻو مواد ڇاپيل آھي. جنھن بابت مون کي پڙھڻ کان
اڳ گھٽ خبر ھئي. |