سيپٽمبر ۾ گھمي ڪم کيس ڏاڍو متاثر ڪيو ھو. ويتر
کيس گرميءَ جي بخار بھ نھوڙي رکيو ھو. سندس صحت بھ
گھڻي جھري پئي ھئي. ڊاڪٽرن ھن کي ڪراچيءَ وڃڻ آرام
ڪرڻ، ڪم ڇڏڻ يا ٻيءَ صورت ۾ حياتي کي الوداع ڪرڻ
جو چيو ھو. ھو پنھنجي ڏھاڙي جي ڪم ڪار کي ڇڏڻ لاءِ
راضي ڪونھ ٿيو پر ڪراچي وڃڻ جي حامي ضرور ڀري
ھئائين. ھڪ سال کن اڳ ھن پنھنجا پير ڪراچي جي
سامونڊي ڪناري تي ڌريا ھئا ۽ ھاڻي ڏھن مھينن کان
پوءِ وري اچي ڪراچيءَ پھتو ھو. انھيءَ زماني تائين
سنڌ جھڙي اھم ملڪ کي فتح ڪري انھن لکن ماڻھن جي
سرڪار جي انتظاميھ جي جوڙجڪ جو بنيادي پٿر رکي چڪو
ھو، جيڪي کيس اڳيئي انصاف پسند حڪمران تسليم ڪري
چڪا ھئا. پر ھن وقت سر چارلس جي مخالف بمبئيءَ
واري ڌر کي انھيءَ خوف ٿي رھيو ھو جو سر چارلس سنڌ
جي جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن سان ٺاھھ واري حڪمت
عملي اختيار ڪئي ھئي. اھا ساڳي ڌر ڪڏھن سر چارلس
خلاف ڀنڊڻي ٻاري ڇڏي ھئي تھ ھو ٽانڊيءَ تپڻو،
تيساريو ۽ چيڙاڪ آھي. ھنن اھا بھ واويلا شروع ڪئي
ھئي تھ سندس حڪومت اھڙن ماڻھن جي ھمت افزائي ڪري
رھي آھي ۽ اکيون ٻوٽي مٿن اعتبار ڪري رھي آھي.
جيڪي ويساه ڪرڻ جوڳا ئي ڪونھ آھن. ڪي وري ھن ريت
چئي رھيا ھئا تھ بلوچ سردار ٺڳ آھن جن تي ھن
اعتبار ڪيو آھي. اھي تھ کيس ڇڏي ھليا ويندا.“ ڪن
جو تصور ھو تھ ”مير شير محمد ساري بلوچستان کي، ھن
خلاف جنگ لاءِ ڀڙڪائي رھيو آھي.“ ڪن جو بيان وري
ھن ريت بھ ڏسبو تھ، ”بلوچن سان سرچاءَ واريون
ڳالھيون ڪرڻ پنھنجي ڪمزوري تسليم ڪرڻ برابر آھي.
ھنن ماڻھن مان ويساه گھاتيءَ جو اڊڪو ڪرڻ گھرجي.“
ممبئي جو گورنر سر جاج آرٿر بھ ان ڌر جي اجاين
ڳالھين کان متاثر ٿي ھڪ خط لکيو ھو، جنھن جي جوابي
خط ۾ اھڙين ڳالھين جو اظھار ڪيو ويو جن مٿس مڙھيل
ڪوڙن الزامن جو سارو تاڃي پيٽو ئي اڊڙي ويو ھو. ان
سان گڏ اھڙو احوال بھ ٻڌايو ويو ھو تھ سنڌ جو
انتظام طاقتور ھٿن ۾ آھي.
مير شير محمد پنھنجو ڪٽنب سنڌ ۾ ڇڏي پاڻ قنڌار
ھليو ويو آھي. انھن ڳالھين مان لڳي ٿو تھ ھو ٿوري
گھڻن ڏينھن موٽي ايندو. ھي ماڻھو پنھنجو سفير پاڻ
آھي. ھيءُ اھو بادشاھھ آھي جنھن جو سفير بھ ھي خود
پاڻ آھي. حقيقت ۾ ھي تھ پينو فقير آھي، ان کي آخر
ڊڄڻ بھ ڇو گھرجي. ھاڻي تھ سنڌ جا سڀ وڏا جاگيردار
انگريزن جا دوست ٿي ويا آھن. مون کي پورو يقين
آھي، ھو ھر حال ۾ انگريزن جا وفادار ۽ تابعدار
رھندا. اھي ماڻھو جيڪي ھنن جي ڊڄ کان دھلجي ويا
آھن اھي ٻڌائن تھ اھي ھنن سردارن کان ڇو ڪنبي رھيا
آھن. فرض ڪريو تھ اھي بلوچ سردار غدار ٿي ويا آھن
تھ ڇا انھن کي مڙسي سان منھن لاءِ مون وٽ بھادر
فوج موجود ڪانھ آھي؟ پر ھاڻي تھ ھتان جو عام ماڻھو
بھ مون سان گڏ آھي. اھي سڀئي ھڪ ھنڌ گڏ آھن ۽
ٽولين ۾ ورھايل ڪونھ آھن نھ وري انھن کي ڌار ڌار
ڪري سگھجي ٿو. ان کانسواءِ بارود بھ اڻ کٽ آھي. ڇا
مان انتظام رکي ڪونھ ٿو سگھان ڇا؟ ڇا مان سڀني
قلعن جي مرمت ڪرڻ بجاءِ مزاحمت جي تياري مڪمل ڪانھ
ڪئي آھي؟ اھڙا ڪم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڃا بھ جاري
آھن. ڇاڪاڻ تھ مون انھن جي امڪاني ضرورت جو احساس
آھي. اھي ڪھڙيون ڳالھيون آھن، جو مون کي لاپراوھھ
سڏيو پيو وڃي ٿو. جيستائين اھڙيون ڳالھيون ثابت نھ
ٿيون ٿين تيستائين مونکي اجايو لويو ڇو ٿو وڃي.
جيڪڏھن حالتن کي ڏسي مان بلوچ سردارن کي جاگيرون
ڏئي ٺاھھ لاءِ آماده ڪيو آھي تھ آخر ڪھڙو ڏوھھ ڪيو
اٿم؟ سنڌ جا سڀئي بلوچ سردار ۽ سندن پوئلڳ ھٿيار
بند ھئا. مان جيڪڏھن کين جاگيرون ڏئي ھٿيار رکڻ
لاءِ راضي ڪيو تھ ڇا مان مجرم بڻجي ويس؟ ڀلي جنگ
لاءِ بگل جو آواز بلند ڪريو مان پنجاھھ ھزار دشمن
کي مھاڏي ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. مونکي فوجي ھئڻ
ناتي ھر وقت پوريءَ ريت جنگ لاءِ تيار رھڻ گھرجي.
پر سنڌ جي ڇتيءَ گرميءَ ڪري وائڙو ٿي ويو آھيان،
پر ماٺ ڪري ڪونھ ويٺو آھيان. ڇاڪاڻ تھ ھن موسم تي
منھنجو وس ڪونھ ٿو ھلي. مان پنھنجي خواھش مطابق
مزدور پيدا ڪري ڪونھ ٿو سگھان. جيڪڏھن مان انھن کي
ٿوري بھ سزا ڏيندس تھ ھو ڪيڏانھن گم ٿي ويندا.“
باب ٽيون
سر چارلس نيپئر ڪراچيءَ ۾ ويھي، مختلف ڪليڪٽرن ۽
انجنيئرن جي ڏنل رپورٽن کي آڏو رکي، سنڌ جي
انتظاميھ جي جوڙجڪ جو اھڙو بنيادي پٿر رکيو ھو،
جنھن جو تعلق ميرن جي حڪمراني ھيٺ رھندڙ ماڻھن سان
ھو ۽ جنھن جي پيش منظر ۾ سنڌ جي بھتري ھئي. اھڙيءَ
ريت معلوم ائين ٿيندو تھ گندي حڪومت روح کي ڦٽڪن
ھڻڻ برابر ھوندي آھي. اھو گند ڪچرو چوڏس پکريو
رھندو آھي ۽ ھيٺ گھرو بھ ويندو آھي. اھڙي گندي قسم
جي حڪومت جي تباھي جنگ جي اجاڙ کان وڌيڪ خطرناڪ
ھوندي آھي. پر ھوندي سو وقتي آھي. جيئن ان جو دور
گذرندو رھندو، انساني قوتون اڀرنديون ۽ اڀار
کائينديون رھنديون آھن. ان کان پوءِ ھڪ اھڙي طاقت
پيدا ٿيندي آھي، جو انھيءَ گنديءَ حڪومت جي ڇڏيل
سڀني خرابين ۽ انھن جي اثرن کي ختم ڪري ڇڏيندي
آھي. اھڙو اثر ٻين ڳالھن کان سواءِ پوکيءَ راھي تي
بھ پوندو آھي ۽ اھو اثر ڏاڍيءَ دير تائين رھندو
آھي. اھو اثر انھن علائقن تي بھ پوندو آھي، جتان
”پو“
Po
درياه وھندو آھي ۽ اھي علائقا بھ متاثر ٿي ويندا
آھن، جن کي سڪيلڊ
Scheld
درياه آباد ڪندو آھي. مذڪوره علائقا يورپي ملڪن جا
جنگي ميدان رھيا آھن، جيڪي ڪڏھن سکيا ستابا ھوندا
ھئا پر ھاڻي تھ اھي ويران لڳا پيا آھن.
ٿوري عرصي واريءَ جنگ دوران بھ عورت جي عزت وڌي
ويندي آھي. ڇاڪاڻ تھ مردن جي غير حاضري ۾ گھر جي
ضرورتن کي اھي منھن ڏينديون آھن. ان وقت سندن
خيالن ۾ مھانتا ۽ مزاج ۾ سنجيدگي اچي ويندي آھي.
ان دور ۾ عورت سان مرد جا بھ خيال اوچا ۽ اعليٰ ٿي
ويندا آھن ۽ ھر بيھودگي کان دور ھوندا آھن. اھڙيون
بھترين ڳالھيون قومي جنگ دوران ڏسبيون آھن. پر
گھرو جنگ ۾ اھڙيون اوچيون ۽ ڀليون ڳالھيون ڪونھ
ڏسبيون آھن. ڇاڪاڻ تھ گھرو جنگ گنديءَ حڪومت جي
علامت ھوندي آھي. جنھن جا نتيجا ڏاڍا خراب نڪرندا
آھن. سنڌ ۾ بھ اھڙيون گنديون ۽ اخلاق سوز ڳالھيون
چوٽ چڙھيل آھن، جيڪي ٽالپر دور جي گندي حڪومت ڪري
آھن. جنھن جا ڪردار بھ اھڙا آھن، جو ڏسي اندر کي
جھٽڪو لڳي وڃي ٿو. انھن گندين ڳالھين کي صاف ڪرڻ
انگريز فاتح جي ذميواري آھي. اھي خرابيون ھاڻي چوٽ
چڙھي ويون آھن، جن کي روڪڻ جي سگھھ فقط سر چارلس
نيپئر کي آھي، نھ تھ اھي اڃا بھ اڳتي وڌي ساري ملڪ
کي تباھھ ڪري ڇڏينديون.
ساري سنڌ جي زمين ٽالپر حڪمرانن جي آھي، جن بلوچ
جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن جي حوالي ڪري ڇڏي آھي.
حڪمرانن جو وڌ ۾ وڌ محصول زمين جي پيداوار مان
اوڳڙندو آھي. پئسي ڏوڪڙ جي وصوليءَ دوران اھي
ايذاءَ رساني کان بھ ڪونھ مڙندا ھئا. ڪن ماڻھن جا
عضوا بھ وڍيا ويندا ھئا. حڪمران بھ نالي ماتر ھئا
۽ پئداوار جو اڌ محصول طور وٺندا ھئا. ھر بلوچ
حڪمران ۽ ھو سنڌي رعيتي ماڻھو ھوندو ھو. حڪمران
انھن رعيتن کان پيداوار جون ٻھ پتيون وٺندي ھئي ۽
ٽين پتي رعيتن کي ملندي ھئي. ھن قسم جي ورھاست کي
ٽھ - سھي بٽئي چيو ويندو ھو. ڪڏھن تھ اوڳاڙي ھڪ
جھڙي ڪانھ ھوندي ھئي. ڪن ھنڌن تي روڪ رقم بھ ورتي
ويندي ھئي، نھ تھ محصول جنس جي صورت ۾ وصول ڪيو
ويندو ھو. جن علائقن مان محصول (ڍل) روڪ رقم جي
شڪل ۾ اوڳاڙيو ويندو ھو، تھ تن علائقن ۾ ظلم ۽ قھر
بھ چوٽ تي چڙھيل ھو. ڪلھوڙن حڪمرانن زمينون موروثي
طور ڏئي ڇڏيون ھيون. ۽ ان زمين ۾ تمام گھڻي دلچسپي
ورتي ويندي ھئي. جڏھن ساري سنڌ تي ڪلھوڙا راڄ قائم
ٿي ويو تھ ملڪ ڏاڍو خوشحال ٿي ويو ھو، پر ٽالپر
حڪمران پنھنجي شخصي فائدي ۾ نظر رکندا ھئا. ورثي ۾
مليل سڀئي زمينون مالڪن کان کسيون ويون ھيون.
ھارپو فقط رعيتي ماڻھو ڪندا ھئا، جن کي غلام
سمجھيو ويندو ھو. ساريءَ سنڌ جي چوٿين حصي جيتري
زمين تي شڪارگاھھ بڻايا ويا ھئا. سڀ کان وڌيڪ
زرخيز ۽ ڀليون زمينون بلوچ جاگيردارن ۽ بلوچ
قبائلي سردارن کي ڏنيون ويون ھيون، جيڪي پوکي راھي
ڪرڻ تھ ڄاڻندا ئي ڪونھ ھئا. اٺئي پھر واندا ڪک ڀڃي
ٻيڻو بھ ڪونھ ڪندا ھئا، نھ پرواھھ لٿيءَ جي نھ
اڀريءَ جي. پر جاگيردار ھجڻ وارو شان اھڙو
ڏيکاريندا ھئا، جو سندن پير ڌرتيءَ تي کپندو ئي
ڪونھ ھو.
معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ ٽالپرن جي ڏاڍاين کان
آجا بلوچ جاگيردار بھ ڪونھ ھئا. انھن کي پيداوار
جو ايترو حصو ڪونھ ملندو ھو. جيترو حڪمرانن کي
سرڪاري زمين جي آبادي تان ملندو ھو. ننڍا جاگيردار
تھ ويتر وڏي ڏچي ۾ ھئا. ڇاڪاڻ تھ حڪمران ڪڙين ۽
ڪسين جي کاٽي ڪونھ ڪرائيندا ھئا. تنھن ڪري پوکي
راھي مشڪل بلڪ ناممڪن ٿي ويندي ھئي. تنھن ڪري اپت
اڌ بھ ڪانھ ٿيندي ھئي. اھو ئي ڪارڻ ھو جو
جاگيردارن ۽ حڪمرانن وچ ۾ تڪرار پيو ھلندو ھو ۽
ٽالپر وصوليءَ لاءِ ڏاڍ کان ڪم وٺندا ھئا. جيڪڏھن
ڪو جاگيردار پٽ جي اولاد کان سواءِ مري ويندو ھو
تھ ھن جي جاگير سندس ڌيءَ کي نھ ملندي ھئي. جيڪڏھن
پٽ ننڍا ھوندا ھئا تھ بالغ ٿيڻ کان پوءِ کين پيءُ
واري جاگير ڏني ويندي ھئي. ھنن جاگيرن جو اھم مقصد
ٽالپر حڪمرانن کي خوش ڪرڻ ھوندو ھو ۽ خاص موقعن تي
انھن کي قيمتي تحفا بھ ڏنا ويندا ھئا.
ڍل طور سرڪار اناج وصول ڪندي ھئي، جيڪو وري ھندو
واپارين کي ڏنو ويندو ھو. ٽالپر سرڪار مٿن ڏاڍ ڪري
ھڪ کان ڏيڍوڻ اگھھ تي ان ڏيندي ھئي. واڻيان ويچارا
ڪچي پنڊي سو سزا جي ڊڄ کان ميرن جون اره زورايون ۽
ڏاڍايون مڃي ويندا ھئا. مير نصير خان
1842-3ع
۾ ھڪ ھندو واپاريءَ کي مجبور ڪيو ھو تھ کانئس
ساريون في خرار
26
روپين ۾ خريد ڪري. جڏھن تھ چانورن جو کليءَ بازار
۾ اگھھ ارڙھن کان ويھھ رپيا ھو.
سنڌ ۾ پوکي راھي جو سارو دارومدار آبپاشي نظام تي
آھي. ٽالپر حڪمران رعيت کان زوريءَ پوکي راھي
ڪرائيندا ھئا. ھن خاندان پنھنجي حڪمرانيءَ جي ساري
دور ۾ ڪوبھ خرچ نھ ڪيو ھو. سنڌ جا سڀ ننڍا وڏا
واھھ ڪڙيا ۽ ڪسيون اڳين حڪمرانن جون کوٽايل ھيون،
جن کي پنھنجي ھڙئون خرچ ڪري صفائي بھ ڪونھ
ڪرائيندا ھئا. ھتان جي آبادي فقط سنڌوءَ جي چاڙھھ
واري موسم تي ٿيندي ھئي. جڏھن واھن مان پاڻي اچڻ
صفا بند ٿي ويندو ھو تھ پوءِ بھ مير کاٽي ۽ صفائي
واسطي تمام ٿورو خرچ ڪرڻ چاھيندا ھئا. اھڙيءَ ريت
کاٽي ۽ صفائي بھ مختصر ٿيندي ھئي. پھرين ڳالھھ تھ
اٿل وارو پاڻي چاڙھھ ڪري پنھنجي پھچ تائين ٻنيون ۽
ٻيلا ٻوڙي وڃي پار پوندو ھو. باقي ٻيءَ زمين جي
آبادي لاءِ واھھ ڪڙيا ۽ ڪس کوٽائي پاڻي پھچايو
ويندو ھو ۽ فصل نار جي مدد سان ڀڄايا ويندا ھئا.
جتي شخصي مفاد وڌيڪ ھوندو ھو تھ بٽئي اڌو اڌ ھوندي
ھئي ۽ فصل جي پيداوار جو اڌ سرڪار جو ۽ اڌ
جاگيردار جو ھوندو ھو. ڪٿي وري پنج سھي بٽئي ھوندي
ھئي. ھن قسم جي تقسيم مطابق پيداوار جا پنج حصا
ڪيا ويندا ھئا، جن مان ٻھ حصا سرڪار کڻندي ۽ ٽي
حصا جاگيردار کي ملندا ھئا. پر اھڙي بٽئي جو
دارومدار آبپاشي نظام جي سھوليت ۽ سھي تي ھوندو
ھو. جيڪڏھن زمين ڪسھي ھوندي ھئي تھ سرڪار جو حصو
گھٽ ٿي ويندو ھو ۽ جيڪڏھن پاڻي جي پيچ اڻانگي
ھوندي ھئي تھ سرڪار پيداور جو اڌ وٺندي ھئي. وڌيڪ
ڍل انھيءَ زمين تان اڳاڙي ويندي جتي نوان واھھ
کوٽايا ويندا ھئا. پر سرڪار جا اھڙا حصا بھ نالي
ماتر ھوندا ھئا ھر مير جي حڪمرانيءَ اندر ڍل جا
اگھھ ڌار ڌار ۽ پنھنجا ھوندا ھئا، پر ھڪ ئي مير جي
حڪمرانيءَ جي حدن اندر بھ ڍل جا اگھھ مختلف ھوندا
ھئا.
ڍل جي وصوليءَ جو ھڪ طريقو بٽئي ھوندو ھو، جنھن
مطابق ٽالپر سرڪار زمين جي پيداوار جو حصو جنس جي
شڪل ۾ کڻندي ھئي. ٻيو طريقو ڪاسگي
Kasgee
جو ھوندو ھو. ان طريقي مطابق ميرن جو ڪاردار بيٺل
فصل جو اندازو ڪري، ان جا ڪاسا مقرر ڪندو ھو. جڏھن
اناج ڳاھجي ۽ واور جي صاف ٿيندو ھو تھ مير جو مقرر
ڪيل سيٺ اچي مقرر ڪيل ڪاسن جي وصولي ڪندو ھو. جڏھن
تھ ٽيون طريقو داڻبندي
danbandi
جو ھوندو ھو. ڪاسگي ۽ داڻبنديءَ ۾ فرق ھي ھوندو ھو
تھ آباد زمين جي ماپ ڪرڻ کان پوءِ ڪاسگي مقر ٿيندي
ھئي. جڏھن تھ داڻبندي فصل جي ڀلائي ڍلائي کي ڏسي
پوءِ مقرر ڪئي ويندي ھئي. رعيتي ماڻھو جيڪي ھاري
ھوندا ھئا، سي بٽئيءَ کان وڌيڪ ڪاسگي ۽ داڻبنديءَ
کي پسند ڪندا ھئا، پاڪاڻ تھ بٽئي واري طريقي ۾
رعيتي ويچاري تي ٻيون ڳالھيون بھ مڙھيون وينديون
ھيون. جھڙوڪ: ڪارائو جيڪو بيٺل فصل تي نظرداري
ڪندو ھو، ان جي ماني ٽڪي بھ رعيتي مٿان ھوندي ھئي.
لاباري کان پوءِ ڳاھن ڳھڻ ۽ ان جي واورجي صاف ٿيڻ
تائين ديري تي راکو ويھندو ھو جنھن جي خرچ پکي جو
بار بھ ھاري جي ڪنڌ تي ھوندو ھو. جنھن ڏينھن
ڪاردار بٽئي ڪندو ھو تھان سان گڏ آيل اٽالي جي
ماڻھن جو خرچ پکو بھ ويچارو رعيتي ڀريندو آھي.
تنھن ڪري انھن ڏچن کان بچڻ واسطي ھي ماڻھو ڪاسگي ۽
داڻبندي کي وڌيڪ پسند ڪندو آھي. اھڙي ريت پيداوار
جي تقسيم سان لاڳاپيل ڳالھيون ميرن ۽ ڪاردارن جي
مرضيءَ مطابق پيون ڦرنديون رھنديون آھن. رعيتي
ماڻھن کي ميرن جي مٿئين حصي
head money
بھ ڀرڻي پوندي ھئي. ان کان سواءِ ميرن جي اناج کي
سرڪاري ڀانڊ تائين پھچائڻ جو خرچ پکو بھ رعيتي
ڀريندو ھو. اھڙن خرچن کان پوءِ وٽس ايترو ان ڪونھ
بچندو ھو جو پنھنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگھي ۽
ايندڙ سال جي فصل لاءِ ٻج بھ بچائي سگھي، تنھن ڪري
کيس ميرن کان اھو ساڳيو سندس ئي ان ڏاڍي مھانگي
اگھھ تي ملندو ھو.
ھنن حڪمرانن جي اھڙن ڏاڍ کان جت ۽ کوسا آباد
علائقا ۽ ڀليون زرخيز زمينون ڇڏي وڃي ٿر ۾ آباد
ٿيا آھن. سندن خيال آھي تھ ھنن حڪمرانن کان تھ ٿر
جي سڃ چڱي آھي. ھت بھ جاڏي نھار تھ سڃ پئي ٿي
واڪا ڪري، رعيتي ماڻھو ڪنگال ٿي ويا آھن. ھنرمند
بھ لڏي، پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي وڃي ٻين ملڪن ۾ سک جو
ساه کنيو آھي، سنڌ ۾ تھ انھن جو نانءُ نشان بھ
ڪونھ آھي.
ھتان جي صنعتڪار ۽ واپاريءَ جو بھ ساھھ مٺ ۾ آھي،
پر ھنن مان ھندو ماڻھو چالاڪ ۽ اٽڪلي آھن، تنھن
ڪري ھو پنھنجو بچاءُ ڪري سگھندا آھن. اھا ويجھي
ماضيءَ جي ڳالھھ آھي جو سنڌ سوٽي ڪپڙي ۽ شالن ڪري
ڏاڍي مشھور ھوندي ھئي. ھن صنعت جو مشھور شھر ٺٽو
ھوندو ھو. جيڪو لاڙ ۾ سنڌوءَ ڪناري سان واقع آھي ۽
ڪنھن زماني ۾ ھي وڏو ۽ مشھور شھر ھوندو ھو. پر اڄ
ھن شھر جي چاليھھ ميل چوڌاري سڃ پئي واڪا ڪري. ٺٽي
شھر ۾ ھڪ اھڙو ماڻھو بھ ڏٺو ويو ھو، جيڪو ڇويھن
سالن کان وٺي ھڪ ننڍڙي پڃري ۾ بند ڪيو ويو ھو. چيو
ويندو آھي تھ ھن ھڪ ننڍڙو جرم ڪيو ھو. ھاڻي ڊگھي
قيد ڪري چريو ٿي پيو آھي. ٽالپر حڪمران رڳو ان
ماڻھوءَ کي اھا سزا ڪانھ ڏني ھئي، پر ھن جي ساريءَ
آڪھھ کي مجرم قرار ڏنو ھو. اھو ٽالپرن جي ڏاڍ جو
ڪو اڪيلو مثال ڪونھ آھي، پر ٺٽي ٻاھران ھڪ ٽڪري تي
اڪريل ھڪ صاف ۽ پڙھڻ جوڳي تحرير ۾ موجود آھي. سنڌ
الله تعاليٰ طرفان وڇايل ھڪ اھڙي زرخيز ڌرتي آھي
جنھن ۾ خوفناڪ ۽ ڪرڀ جھڙن ماڻھن اچي پير رکيا ھئا،
جيڪا پوءِ اھڙي ويران ٿي وئي. ڇاڪاڻ تھ اجڙيل شھر
ٺٽي کان ٿوريءَ وٿيءَ تي ھڪ علائقو (مڪلي) خوبصورت
مقبرن سان سينگاريل ڏسجي ٿو، جن تي پٿر جي اڪير جو
ڪم ٿيل آھي. اھڙين ڳالھين مان نظر ائين اچي ٿو تھ
سنڌ جا اصل رھاڪو ڪيڏا نھ خوشحال ھئا، جيڪي ھينئر
فقيراڻيءَ حالت ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انھن جي جڳھھ ھاڻي
ميرن ۽ گدلن ماڻھن اچي والاري آھي. زراعت بھ اھا
ساڳي ڪانھ رھي آھي، جيڪا پڻ زوال پذير آھي. وحشي
جھنگلي ماڻھن جي ان حڪومت جي تبديلي ضروري ھئي.
ٽالپرن نھ رڳو سنڌ جي زراعت کي نھوڙي ناس ڪري ڇڏيو
ھو پر وڏا محصول مڙھي درياه وسيلي آمدني ۽ روانگي
واپار کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو ھو. جيڪڏھن ھي اڃا ٻھ ٽي
سال وڌيڪ حڪومت ڪن ھا تھ ھي سکي ستابي سنڌ ويران
رڻ پٽ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪونھ بچي ھا.
ھن ملڪ جي آدمشماري ڏھھ لک کن ٿيندي جيڪا ميرن جي
ظلم ۽ ڏاڍ ڪري ڪنگال ٿي وئي آھي. نھ تھ ھن ملڪ جي
زمين ايڏي زرخيز آھي جو ڏھھ ملين ماڻھو پنھنجي
زندگي عزت آبرو سان گذاري سگھن ٿا. ٽالپر حڪمران
اھڙي تباھي آڻي ڇڏي آھي جو تازين جنگين بھ ايتري
ڀينگ ناھي ڪئي، ھن ملڪ جي فتح جي اھي ماڻھو گلا
ڪري رھيا آھن، جن جي عادت ئي گلا ڪرڻ ھوندو آھي.
پر قدرت دخل اندازي ڪري ھڪ تھذيب کي موٽائي ورتو
آھي ۽ مايوس دلين کي جيئڻ جي آس ۽ اوسيئڙو ڏنو
آھي.
ڪن ماڻھن چيو آھي تھ سنڌ جي فضا اھڙي آھي جنھن مان
وچڙندڙ بيماريون پکڙبيون. اھي ڳالھيون انھن جون
آھن جن کي سنڌ جي وسيلن لٽڻ جو موقعو ڪونھ مليو
آھي. پر حقيقت اھا آھي تھ ھتي ڪجھھ ماڳ ۽ ڪي
موسمون اھڙيون آھن جنھن ڪري ماڻھو ٻرجي پوندا آھن.
ان جو ڪارڻ بي انتھا گرمي آھي ۽ ٻيو تھ سنڌوءَ جي
چاڙھھ کان پوءِ پاڻيءَ جون ڍنڍون ۽ چرون آھن، ان
کان سواءِ شڪارگاھن جي وڏن ٻيلن ڪري مليريا پيدا
ٿي پوندي آھي. ان کانسواءِ ٽالپر حڪمرانن سنڌين
ويچارن کان ڀليءَ ۽ آباد زمين جا وسيع علائقا کسي
ورتا آھن. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن انھيءَ زمين تي
شڪار گاھھ قائم ڪري سگھن. ڇاڪاڻ تھ اھي بلوچ
حڪمرانن جو ڏاڍ سھي ڪونھ ٿي سگھيا ۽ لڏي ھليا ويا
ھئا. ڪراچي بھ سنڌ جو صحت بخش ماڳ آھي. جيڪڏھن ھتي
ھڪ سٺي حڪومت قائم ٿي وئي ۽ امن امان بحال ٿي ويو
تھ سنڌ وري بھ خوشحال ۽ سکيو ستابو ملڪ بڻجي ويندو
۽ ائين شھرن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ مدد ڪندو
جيئن اھو اڳي ڪندو رھيو آھي. اھڙي بھتر حڪومت فقط
سر چارلس نيپئر ئي قائم ڪري سگھي ٿو. امن امان بھ
اھو بحال ڪري سگھي ٿو ۽ تباه ٿيل شھرن جون رونقون
پڻ اھو موٽائي سگھي ٿو. ھن سنڌ جي انتظاميھ جي ٻين
شاخن سان گڏي عوامي ڀلائي جا ڪم بھ ڪرڻ شروع ڪري
ڏنا آھن. ھو ننھن چوٽيءَ جا زور لائي رھيو آھي تھ
سنڌ کان ٻاھر نڪري ويل ھنرمند وري ھيڏانھن ورن ۽
تھذيب بھ موٽي اچي.
ھي پاڻ بھ وسيع نظر جو مالڪ آھي. سندس سرگرميون بھ
اڻ کٽ آھن. ھن ملڪ ۾ قديم شھر ۽ وسنديون بھ تمام
گھڻيون آھن. تنھن ڪري ھو رھبريءَ لاءِ انھن شھرن
ڏانھن نھاري رھيو آھي. ھن يونان جي ڏاھن ماڻھن جي
لکيل ڪتاب ۾ ڪي ماڳ ڏٺا ھئا، جيڪي سنڌوءَ جي ڪناري
مٿان واقع ھئا. پر ھي درياه جي دھشت، مستيءَ ۽
سندس رخ بدلائڻ واري خاصيت کي ڏسي، اترين ماڳن جي
موجودگيءَ کان مايوس ٿي ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ سڪندر
اعظم کي ھتي آئي ڪيئي صديون گذري ويون ۽ سنڌو ان
دور جي وھڪري کان گھڻو پري ھليو ويو ھوندو. پر
روھڙي، سيوھڻ ۽ جھرڪ جبل تي جوڙيل شھر ھئا، جن
سنڌوءَ جي وھڪري کي رخ بدلائڻ کان روڪي ڇڏيو
ھوندو. تنھن ڪري سمجھيو ھئائين تھ اھي ماضيءَ جا
اھم شھر ھوندا. ان وقت ھن سوچيو ھو تھ ھو پنھنجي
فتح کي ڪھڙي طريقي سان دوام بخشي سگھي ٿو. کيس
پنھنجي قد جي سپاھين جي صحت جي بھ ڳڻتي ھئي.
حيدرآباد ڇڏڻ کان اڳ ھن صحت افزا جاءِ تي بئرڪون
جوڙايون ھيون، جيڪي چوويھھ فوٽ اوچيون ھيون ۽ زمين
جي عام مٿاڇري جي سطح کان مٿي ۽ ٻھ ماڙ ھيون، جيڪي
ھوائي منگھن سان سينگاريل ھيون. مذڪوره بئرڪن جي
تعمير ۾ عاليشان پڪل سرون ڪتب آنديون ويون ھيون.
اھڙين سرن لاءِ حيدرآباد جي کورن جي مالڪن کي
تاڪيد ڪيو ھو، جيڪي ڪنڀارڪو ڪم ڪندا ھئا. ميرن جي
ڏاڍ ڪري سنڌ جو اھو فن بھ سڪرات ۾ ھيو. ھن ڪراچيءَ
واريون بئرڪون بھ حيدرآباد وارين بئرڪن جي نموني
مطابق ٺھرائڻ پئي چاھيون، پر انھن بئرڪن جي تعمير
جو ڪم جنگ کان اڳ ئي شروع ٿي چڪو ھو. سندن نمونو
بھ عام فوجي بئرڪن جھڙو ھو. تنھن ڪري ھو وڌيڪ تھ
ڪجھھ بھ ڪري ڪونھ ٿي سگھيو. پر بئرڪن جي تعمير ۾
فقط ورانڊي جو اضافو ڪيو ھئائين، جيڪا انھيءَ وقت
ممڪن ھئي، پر ھن ارس آرٽيلري سان لاڳاپيل فوجين
لاءِ ڪجھھ بئرڪون تعمير ڪرايون ھيون، جيڪي پنھنجا
اڏاوت ۾ ڏاڍيون شاندار ھيون. ان کان سواءِ ھن ٻيا
بھ سرڪاري ڪم ڪرايا ھئا.
حيدرآباد ۾ ھن ميرن جي تعمير ڪرايل اھم قلعي جي
مرمت ڪرائي. سندس پنھنجي فوجي ڪئمپ ۾ نئين خندقن
کي جوڙايو ۽ رھيل ڪم پورو ڪرايو. جنگ وارين ٻنھي
جڳھن جي وچ تي ھڪ ننڍڙو قلعو جوڙايو آھي. ان
کانسواءِ سر چارلس ھن ڳالھھ تي پڻ سوچيو ويچاريو
ھو تھ سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ وقت
زمين کي کائڻ کان ڪھڙي ريت روڪي سگھجي ٿو. ھن کان
سواءِ سنڌوءَ جي چاڙھھ اٿل وارو پاڻي ڪوٽڙي جي
قلعي کان ھڪ سو گزن تائين پھچي ويندو ھو، جيڪو ھن
وھڪري کان اڍائي گز پري ھو. ھن پنھنجي تجربي کي
آڏو رکي، دريا جي ڪناري سان ٻارھن فوٽ ڊگھا منگھا
کوڙائي، پٺئين پاسي کان جھنگ جي جھاتر ڏياري ڇڏي
ھئي. جنھن ڪري سنڌوءَ جي چاڙھھ وارو پاڻي قلعي
ڏانھن وڌڻ رڪجي ويو ھو.
سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو وھڪرو ايڏو طاقتور ۽ تيز
ھوندو آھي، جو ڪيترا شڪارگاھھ ۽ ٻيون زمينون
پاڻيءَ ۾ وھائي کڻي ويندو آھي. تنھن ڪري ھن درياھھ
وسيلي آگبوٽن جي تجارتي آمد رفت بھ رڪجي ويندي
آھي.
حيدرآباد کان اوڀر پاسي ٽنڊي الھيار جو ھڪ وڏو
قلعو آھي جنھن جي مرمت ۽ ميرپور خاص واري قلعي کي
ڏنل ديوارون بھ ڪمزور ٿي ويون ھيون، جن جي پڻ ھن
مرمت ڪرائي ھئي. ھنن ماڳن ۾ حيدرآباد جي وچ تي وڏن
واھن تي پليون تعمير ڪرايون ھيون، انھيءَ مقصد سان
تھ جيئن سنڌوءَ جي چاڙھھ واري رت ۾ آمد رفت جاري
رھي سگھي.
ٿر ۾ عمرڪوٽ نالي ھڪ مشھور قلعو آھي، جنھن وسيلي
ميرپورخاص ۽ ڪڇ جي ڀڄ شھر جو رابطو رھندو آھي.
ھن کان اڳ ڪڇ وارو علائقو ممبئي پريزيڊنسي ۾ ھو،
جيڪو ھاڻي سر چارلس جي حڪومت سان شامل ڪيو ويو
آھي. پر ان ھوندي بھ ڪڇ جو اڳوڻو پوليٽيڪل ايجنٽ
اڃا بھ اتي رھندو آھي. ھي معزز شخص ھڪ ايماندار
سرڪاري ملازم آھي. ليڪن فوجي سرگرمين جي کيس ڪا
ڄاڻ ڪانھ آھي. جڏھن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي
فوجي ڪارروائي ھلي رھي ھئي، تھ ھي ماڻھو ڏاڍو
پريشان ٿي ويو ھو. تنھن ڪري ھن فوجي سرگرمين لاءِ
ڪڇ ۾ ڪرنل رابرٽس کي مقرر ڪيو. ھن آفيسر ھڪ فوجي
ڪارروائي ۾ مير شير محمد جي ڀاءُ کي سوگھو ڪري ڀڄ
۾ رکيو ھو، جيڪو آزاد قسم جو فوجي ماڳ آھي. لارڊ
ايلنبرو ڏاڍو سڃاڻ ۽ سچيت ماڻھو آھي، جنھن حالتن
جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، ڪرنل رابرٽس کي ڪڇ جو
پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو. ھي فوجي عملدار ڏاڍو
ڏاھو ھو، جنھن ٿوري وقت اندر ڪڇ جي راءِ ۽ اتان جي
ماڻھن سان شناسائي پيدا ڪري ورتي. ان کان سواءِ ھو
علائقي جي جتن ۾ بھ ڏاڍو مقبول ھو. ھي قبيلو
ٽالپرن جو مخالف ھو. ھي ماڻھو انھيءَ عھدي لاءِ
بلڪل موزون ھو. کيس ھڪ اھڙي غير فوجي عملدار جي
جاءِ تي رکيو ويو ھو، جيڪو ان وقت جي حالتن تي
ضابطي ھيٺ رکي ڪونھ سگھيو ھو. ممبئي ۾ رھندڙ ھڪ ڌر
ھن ڳالھھ کي وٺي انگھن تي کنيو ۽ تيليءَ مان ٿنڀ
بڻائي پيش ڪيو ۽ چيو ويو تھ، ھڪ غير فوجي عملدار
کي ھٽائي فوجي عملدار کي مقرر ڪري، ملڪ سان غداري
ڪرڻ جھڙو ڏوھھ ڪيو ويو آھي. سندن خيال آھي تھ اتي
اھڙي فوجيءَ کي مقرر ڪيو ويو آھي، جنھن کي وڳوڙي
وايو منڊل جي ڪا خبر ئي ڪانھ آھي. جڏھن تھ اڳيون
غير فوجي سول عملدار ان وقت جي خطرناڪ صورتحال جو
مھا ڄاڻو ھو. انھيءَ ڌر لاءِ عملدارن جي اھا
تبديلي اھڙو جرم آھي، جيڪو ڪڏھن بھ معاف ٿي ڪونھ
ٿو سگھي.
حيدرآباد ھيٺ جھرڪ نالي ھڪ ماڳ آھي، جنھن جي سر
چارلس جاچ پڙتال ڪئي ھئي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن
ان کي آگبوٽن جي اسٽيشن بڻائي سگھجي. ان کان سواءِ
ھن حيدرآباد کان مٿي سيوھڻ کي فوجي پوسٽ بنائڻ جو
پڻ سوچيو ھو. توڙي جو اھو ماڳ گرميءَ ڪري گھڻو
مشھور آھي. گرمي بھ اھڙي ڇتي آھي جو خود اتان جا
رھواسي پٽڪو پاڻيءَ ۾ پسائي ۽ بستري جون چادرون
پاڻيءَ ۾ آليون ڪري استعمال ڪندا آھن تھ جيئنءَ
گرميءَ کان بچاءُ ٿي سگھي. اتي جيڪڏھن ماحول مطابق
سٺيون بئرڪون جوڙيون ويون تھ فقط فوجي سپاھي
رھائي، ھڪ فوجي پوسٽ قائم ڪري سگھجي ٿي.
سکر کي تجارتي مرڪز بنائڻ لاءِ ۽ ترقي لاءِ ڪوششون
سيوھڻ کان اتر سکر بکر ۽ روھڙي جا ماڳ آھن. ھتان
جا ماڻھو ھنن شھرن کي انھيءَ ھڪ نالي سان سڏيندا
آھن. اتي انھن ماڳن کي مضبوط ڪيو ويو آھي، جتي فوج
رھندي آھي. ھتي موجود ھڪ وڏيءَ سراءِ کي وڌايو ۽
سڌاريو ويو آھي. جيڪو ھڪ اھم تجارتي ھنڌ آھي.
لارڊ ايلنبرو جي سوچ بھ ساڳي ھئي، جنھن جي خواھش
آھي تھ انھيءَ ماڳ کي سڌارجي ۽ وڌائجي. انھيءَ
لاءِ تھ جيئن وچ ايشيا سان واپار ڪرڻ وقت، ھن
تعمير مان گھڻي کان گھڻو فائدو حاصل ڪجي. ڇاڪاڻ تھ
تجارت سنڌوءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ شاخن وسيلي ھلندي.
سر چارلس جو ھي بھ منصوبو ھو تھ سکر ۾ ھڪ تجارتي
بندر ۽ ٻيڙين جي ٺاھڻ لاءِ ”ڊاڪ يارڊ“ بھ تعمير
ٿيڻ گھرجي تھ جيئن سنڌوءَ درياه جي اتر وارين شاخن
سان ٿيندڙ تجارت لاءِ سھوليت پيدا ٿي سگھي. ھن
جنرل پنھنجي حڪمت جي آخري دور ۾ ھتي گھوڙن جي ميلي
منعقد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. سندس مقصد ھو تھ
افغانستان ۽ ترڪستان جي ڀلن گھوڙن جي خريد و فروخت
ھتي ٿئي ۽ ھندستان جي فوج لاءِ ڀلا ۽ سگھارا ۽
متارا گھوڙا ملي سگھن. عربي نسل جا گھوڙا مھانگا ۽
وڙ وجھھ ۾ بھ پوڻا ھوندا آھن. انھن جي ڀيٽ ۾
افغانستان ۽ ترڪستان جا گھوڙا ڀلا ۽ مھانگا ھوندا
آھن. اھو وچ ايشيا ۽ ممبئي جي وچ تي تجارت جو ھڪ
اھم مارڪيت ھو، جنھن جي قائم ڪرڻ لاءِ تڪڙيون
ڪوششن ٿي رھيون ھيون، بنگال ڏانھن بھ افغانستان ۽
ترڪستان جا سوين گھوڙا موڪليا ويا ھئا، جيڪي ردي
قسم جي عربي گھوڙن کان بھ گھڻا سھانگا ھئا. اھڙا
گھوڙا فقط فوجي مقصدن خاطر گھرايا ويا ھئا، پر
مفاد پرست ۽ حاسد قسم جي فوجي عملدارن ھن ڪم ۾
رنڊڪون وجھي ڇڏيون ھيون. انھيءَ زماني ۾ اوچتو ھڪ
حڪم اچي پھتو ھو تھ افغانستان ۽ ترڪستان جي گھوڙن
جي تجارت بند ڪئي وڃي. لارڊ ايلنبرو جي وڃڻ کان
پوءِ ھي ۽ ٻيا اھم منصوبا بند ڪرايا ويا. ھن ڪڌي
ڪم ۾ بورڊ ۽ ڪائوسنل جا ماڻھو بھ شريڪ ھئا، جن کي
پنھنجي ڪامورا شاھيءَ واري ھڪ ھٽي گھڻي پياري ھئي.
ھنن ٻنھي شھرن کان اوڀر طرف سروي ڪرڻ جي غرض سان
ڪن انجنيئرن کي موڪليو ويو آھي، جنھن جو مقصد آھي
تھ ناري درياه کي وھائي سگھجي. انھيءَ مقصد سان تھ
جيئن انھن ٽڪرين کي سرسبز ڪري سگھجي، جيڪي گھاٽن
جھنگن سان ڇانيون پيون آھن. ان کانسواءِ اھڙين
ڀلين زمين جي وسيع خطي کي آباد ڪري سگھجي، جيڪو ھن
سڪي ويل درياه جي ڪنڌين ڪنارن سان واقع آھي.
سنڌوءَ جي الھندي ڪناري سان بھ سڌارن جي منصوبي جي
ابتدا ڪئي وئي آھي، جنھن جو مقصد شڪارپور واري
علائقي کي سکيو ستابو بڻائڻ آھي. انھيءَ منصوبي
سان ھڪ وسيع علائقو صحت بخش بڻجي ويندو. ھيءُ شھر
وري تيزيءَ سان ترقي ڪري اڳيون عروج حاصل ڪرڻ لاءِ
ڪوششون ڪري رھيو آھي، تھ وڏا واپاري ۽ شاھوڪار
ماڻھو لڏي ھتي اچي آباد ٿي رھيا آھن. اھڙن ماڻھن
جو تعلق مختلف ملڪن سان آھي، پر سر چارلس جي نياءَ
۽ نيت پت واري راڄ کي ڏسي ھندستان جي متعلق ڀاڱن
کان ماڻھو لڏي اچي شڪارپور ۾ آباد ٿي رھيا آھن.
تپاولي تھ شڪارپور ۽ سکر ۾ اڻيھھ ئي رھندي آھي. سر
چارلس پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو ھو تھ، جڏھن
ھڪ شھر صحت بخش ٿي ويندو آھي تھ ٻئي ۾ تپاولي شروع
ٿي ويندي آھي. اھڙي صورتحال مختلف قسم جي ھوا جي
ڪري آھي. تنھن ڪري ھو انھيءَ نتيجي تي پھتو ھو تھ
مليريا جو تپ پاڻي جي انھن ڍنڍن ۽ ڇرن کان شروع
ٿئي ٿو، جيڪي ھنن ٻنھي شھرن جي وچ تي آھن ۽ سنڌوءَ
جي اٿل واري پاڻيءَ سان ڀرجي تار ٿي وينديون آھن.
ھن پھرين ڳالھھ اھا ڪئي جو ٻنھي شھرن کي ڳنڍڻ لاءِ
ھڪ رستو تعمير ڪرايو. جتي جتي ڍنڍون ۽ چرون ھيون،
اتان دمدمون ٺھرائي رستي کي گذاريو ويو. انھيءَ
لاءِ تھ جيئن اھي ٻئي وڏا شھر تجارتي طور ھن رستي
وسيلي پاڻ ۾ گڏجي وڃن. ان کان سواءِ سنڌو جي
پاڻيءَ کي اوسي پاسي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ھڪ بند
بھ تعمير ڪرايو ويو، جيڪو ڪافي اوچو ۽ ٽيھھ ميل
ڊگھو آھي.
ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ رٿابندي
سرڪار ڪراچي کي بھ اھڙن ڪمن کان ڪونھ وساريو ھو.
ھن فوجي ڇانوڻيءَ جي چوڌاري ھڪ مضبوط قلعي اڏڻ جو
منصوبو جوڙيو ھو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئنءَ سنڌ
کي فوجي ضابطي ھيٺ رکي سگھجي. ھن شھر جي آدمشماري
بھ نھايت تيزيءَ سان وڌي رھي آھي. جنھن جي سڌاري ۽
واڌاري لاءِ بھ مختلف منصوبا ھٿ ۾ کنيا ويا آھن تھ
جيئن ھن تجارتي شھر جي مناسب اوسر ۽ ترقي ٿي سگھي.
ان کان سواءِ سندس حڪومت جو اھي بھ ڪوششون ھلي
رھيون آھن تھ ھن اھم تجارتي شھر کي سنڌوءَ جو اھم
بندر بھ بڻائي سگھجي. اھڙيءَ ريت ھن منصوبي جي
مشڪلاتن مان بھ پار پوڻو آھي. سمنڊ جي ويجھڙائي
وارو علائقو جابلو آھي. پر اصل ڪنارو سڌو ۽ بندر
وارو سامونڊي پاڻي تانگھو آھي. تنھن ڪري جھازن کي
بندر تائين پھچڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ڏسڻي پوي ٿي. پر
چوماسي ۽ مينھوڳيءَ واريءَ موسم ۾ بندر تائين پھچڻ
جي ڪوشش ڪانھ ڪئي ويندي آھي. ھن آزار کي گھٽ ڪرڻ
جي ارادي سان لائيٽ ھائوس تعمير ڪرايو ويو آھي،
انھيءَ لاءِ تھ جيئنءَ جھاز سولائيءَ سان بندر
ڀيٽي سگھن. ھن کان سواءِ ھڪ دمدمو بھ تيار ڪيو ويو
آھي، جيڪو ٻھ ميل اندر سمنڊ ۾ ھليو وڃي ٿو.
تعمير جي ھن ڪم جو مقصد بندر کي بچائڻ آھي. ساڳيءَ
ريت شھر بھ ايراضي جي لحاظ کان گھڻو وڌي ويو آھي.
جنھن کي پڻ تحفظ ڏيڻ جي ڪوشس ٿي رھي آھي.
ھنن ڪمن کان سواءِ سنڌو درياه ۽ ڪراچي جي بندر کي
پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ گھارا ڪئنال جي نالي ھڪ واھھ
کوٽائڻ جي پڻ ابتدائي ڪئي وئي آھي. فوجين ۽ چيف
ڪيمساري جي ترڻ واسطي تلاءَ بھ تيار ٿي رھيا آھن.
ڪراچيءَ ڀرسان زمين جي وڏي خطي تي سرڪاري باغ
لڳايو ويو آھي. جنھن جو انتظام ميجر بلينڪنس جي
حوالي آھي. ھن باغ ۾ ھتان جي ديسي سبزي ترڪاري ۽
يورپي ڀاڄيون پوکجي رھيون آھن، جيڪي فوجي سپاھين
کي مفت ۾ ۽ عملدارن کي پئسن سان ملنديون آھن، پر
قيمت مناسب ورتي ويندي آھي. اڳي سروي جو آزار تمام
گھڻو ھوندو جيڪا ھاڻي بلڪل ختم ٿي وئي آھي. سنڌ ۾
ڀاڄيون ڏاڍيون ڀليون ٿينديون آھن، جن ۾ واڌ بھ
گھڻيي ٿيندي آھي.
باغ جي ضرورت وڌندڙ شھر جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ،
ڦوارا تعمير ڪرڻ، شھر جي ماڻھن جي تفريح، پاڻي کي
ماڻھن جي گھرن تائين پھچائڻ جو ھڪ منصوبو جوڙيو
ويو آھي. جنھن مطابق ملير يا مليريي ندي جو منھن
موڙي ان جي پاڻي کي ڪتب آڻي سگھجي ٿو. جيڪا ھتان
کان ٻارنھن چوڏھن ميل پري آھي. آخر ۾ ان نديءَ جو
پاڻي نولن
pipes
وسيلي ڪياماڙيءَ تائين بھ پھچائي سگھبو. ان
کانسواءِ ھي پاڻي جھازن لاءِ بھ استعمال ڪري سگھجي
ٿو. اھو منصوبو نھايت ضروري آھي، ڇاڪاڻ تھ جھازن ۾
استعمال لاءِ پاڻي تمام گھڻي پنڌ تان آندو ويندو
آھي، جنھن تي خرچ بھ حد کان زياده اچي ويندو آھي.
اميد آھي تھ ھن اھم منصوبي تي ھاڻي جلد ئي ڪم جي
شروعات ڪئي ويندي، جنھن جي خرچ جو تخمينو ھڪ ھزار
پائونڊ في ميل ڪيو ويو آھي. پر ھاڻي تھ لارڊ
ايلنبرو، سر چارلس کي پاڻ وٽ سڏائي ورتو آھي. ھن
کان پوءِ جيڪا حڪومت ايندي سا ھن اھم منصوبي تي
خرچ ڪرڻ ڪانھ چاھيندي. پر اھي خط بھ پڙھڻ گوارا
ڪانھ ڪندي، جيڪي ھن منصوبي جي اھميت ۽ ان تي عمل
ڪرڻ لاءِ لکيا ويا آھن. ڪراچيءَ جو پاڻي خراب آھي،
جنھن ڪري فوجين ۽ عام ماڻھن کي تڪليف جو منھن ڏسڻو
پئجي رھيو آھي.
ھتي ھڪ ڳالھھ ضرور ياد رکڻ گھرجي تھ لارڊ ايلنبرو،
سر چارلس جي ھر ڪم ۾ وڏي مدد ڪندو ھيو ۽ مٿي بيان
ڪيل ڪمن جي عزت ڪندو ھو. ھنن مان ڪجھھ ڪم اھڙا بھ
ھئا، جن جي تڪميل لاءِ ھن عظيم شخصيت پاڻ سوچيو
ويچاريو ھو ۽ ڪجھھ ھن جي راضپي سان اڳتي آندا ويا
ھئا. ھڪ ڪم اھڙو جنھن تي ھنن ٻنھي گڏجي سوچيو ھو.
اھو منصوبو سنڌوءَ مان ڪڇ کي پاڻي ڏيڻ جو ھو، جيڪو
ڪلھوڙن حڪمرانن ۽ ان کان پوءِ ٽالپرن بند ڪري ڇڏيو
ھو. اھو ڪڌو ڪم ائين ھو جيئن البوقرق نيل درياه جو
منھن تبديل ڪري مصر کي سڪائڻ پئي چاھيو. سندن
منصوبو ھو تھ شاھبندر وٽان سنڌوءَ جو ڪجھھ پاڻي ڪڇ
ڏانھن موڙيو وڃي. لارڊ ايلنبرو جي مرضي ھئي تھ
ويران ٿي ويل ڪڇ کي وري آباد ڪرڻ گھرجي. سر چارلس
جو اھو بھ منصوبو ھو تھ ناري درياه کي نئين سر
وھايو وڃي.
ائين ٿيڻ سان نھ رڳو ڪڇ کي پاڻي ملي وڃي ھا، پر
ناري جي اولھھ ڪٺار سان جيڪو ڀليءَ زمينن جو وسيع
خطو ويران پيو ھو، سو بھ آباد ڪري سگھجي ٿو. ھي
منصوبو تمام وڏو ھو. جڏھن تھ سنڌ وٽ ايترا مالي
وسيلا ڪونھ ھئا، جو ايڏو وڏو خرچ ڀري سگھي. پر مٿي
سرڪار جا اھڙا عملدار ويٺا ھئا، جيڪي ھن قسم جي
شاندار ۽ اعليٰ منصوبن کي پوئتي ڌڪڻ جا حامي ھئا،
تنھن ڪري ھنن سنڌ جي گورنر جي ھن اھم منصوبي کي
قدر جي نظرن سان ڪونھ ڏٺو.
ھنن ۽ ٻين اھڙن اھم منصوبن کي ڪير اک کڻي بھ ڪونھ
ڏسندو آھي. ڪي ماڻھو وري ھنن ڳالھين ۾ نالي چڙھيل
آھن تھ ھو ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏيندا آھن، پر ان ڪم جي
منصوبي جو خرچ وري نئون آيل سندس جانشين ڀريندو
آھي. سر چارلس نيپئر انتظاميھ جي ھر شاخ کان چڱيءَ
ريت واقف ھو، جھڙوڪ نون طرحين جي کوٽائي، ڪاٺ جا
ٿنڀا کوڙائي دمدمي جي تعمير ۽ جاين ٺھرائڻ جي کيس
گھڻي ڄاڻ ھئي. ھن جا تيار ڪيل منصوبا وڏا ھوندا
ھئا. تنھن ڪري انھن تي ايندڙ خرچ جو تخمينو بھ وڏو
ھوندو ھو، پر سڀ کان ڏکي ڳالھھ ڪاريگرن جي اڻاٺ
ھئي، جنھن ڪري معاوضو گھڻو ڏيڻو پوندو ھو ۽ حساب
مطابق انھن معاوضن جو خرچ محصول جي پيداوار کان
گھڻو ھو. کيس اھو بھ ڏسڻو ھو تھ ھن عظيم معاشري جو
بنياد ڪير رکي رھيو ھو. ان کان سواءِ عارضي
تڪليفون کڻي ڪيڏيون بھ وڏيون ڇو نھ ھجن، پر مزدرون
جي مستقل نوعيت جا حق انھن سڀني ڳالھين کان وڌيڪ
اھم آھن. تنھن ڪري انتظام جي سڀني شاخن اندر اصولن
کي اھميت ملڻ گھرجي. انھيءَ ڪري ھن گھڻيون
ذميواريون قبول ڪيون ھيون، پر پنھنجي وس پڄنديءَ
عوامي ڀلائي جي ڪم وچ ۾ تناسب ضرور رکيو ھئائين ۽
اھڙين ڳالھين جي ھروڀرو نھائين بھ ڪونھ ڪندو ھو.
سڀني ميرن جي ساري پيداوار چاليھھ لک رپيا ھئي
جيڪا ڪلھوڙا دور جي پيداوار کان گھڻي گھٽ ھئي. اھو
تھ ٺھيو پر ھيءَ پيداوار تھ چؤياري واريءَ سرڪار
جي پيداوار کان بھ گھٽ ٿي. ميرن جي سڀ اوڳاڙي ڏمر
۽ ڏاڍ کان سواءِ ڪانھ ھوندي ھئي. ڪابھ ايماندار
حڪومت دٻاءَ کان سواءِ پيداوار جو انگ وڌائي ڪانھ
سگھندي. ھن انگريز حاڪم پھريون ڪم اھو ڪيو ھو جو
ظلم وسيلي اوڳاڙيءَ کي ختم ڪري ڇڏيائين. پر سندس
سارو زور ھن ڳالھھ تي ھو تھ سڀني پيداواري وسيلن
کي يقيني بڻايو وڃي، عوامي خوشحاليءَ جا جيڪي
دروازا بند آھن، اھي کوليا وڃن يا جيڪي اڌ کليل
آھن، تن کي مڪمل طور تي کوليو وڃي. ان کان سواءِ
سندس ڪوشش اھا بھ ھئي، تھ مستقبل جي پيداواري
ذريعن کي پيدا ڪرڻ واسطي معاشري ۾ ھڪ نئين سگھھ
پيدا ڪئي وڃي. سندس ابتدائي دور واري پيداوار
ضرورت گھٽ ڏسڻ ۾ ايندي. اھڙيءَ ريت پيداوار جو
پھريون سال حيدرآباد واري جنگ کان پوءِ ڳڻڻ گھرجي.
معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ ميرن جي زماني ۾
سالياني پيداوار چار لک پائونڊ ھئي، جيڪا ان سال
گھٽجي وڃي نوي ھزارن پائونڊن تي پھتي ھئي. پر
مذڪوره جنگ سال جا ڇھھ مھينا وٺي وئي ھئي، انھيءَ
ڪري گھڻي کان گھڻو اناج بلوچ فوجي کڻي ھليا ويا
ھئا. امن امان قائم ٿي وڃڻ کان پوءِ پيداوار جي
وصوليءَ لاءِ انگريز ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا ھئا، پر
سندن اختيار انھن جي قائم ڪيل ڪئمپ کان ٿورو ٻاھر
تائين مس ھلندا ھئا. کين ڀئھ ھوندو ھو تھ متان
ڌاڙن لاءِ ڇڙواڳ ھلندڙ بلوچ سندن مٿان حملو ڪن.
انھيءَ زماني ۾ فوجي محافظن رکڻ جي بھ اجازت ڪانھ
ھوندي ھئي. جنرل چارلس جي پڻ اھا خواھش ڪانھ ھئي
تھ وقت کان اڳ پوليس لاءِ ڪي تڪليفون پيدا نھ ڪجن
۽ محصول جي ٿوري اضافي ڪري اھڙن خطرناڪ ماڻھن سان
منھن ڏيڻو پئجي وڃي. ان کانسواءِ مير علي مراد
سبزل ڪوٽ، ڀونگر ڀڙا جي پيداوار بھاولپور جي حوالي
ڪئي وئي آھي، جنھن کي پڻ ميرن جي پيداوار سان شامل
ڪيو ويو آھي.
ائين سمجھڻ کپي تھ ھيءَ اوڳاڙي محدود ۽ اڻپوري
آھي، جنھن مان خرچ ڪٽي حساب ڪيو ويو آھي تھ پوءِ
سترھن ھزار پائونڊ بچيا آھن. ان کان سواءِ سرڪاري
ڀانڊن ۾ رکيل اناج جو اندازو بھ حقيقت کان وڌيڪ
لڳايو ويو ھو، جيڪو اقتصادي حالتن جو مثال ھوندو
آھي، جنھن ۾ محنت بھ شامل ھوندي آھي. اھڙا انگ اکر
ھندستان جي ڪنھن ٻيءَ انتظاميھ کان گھڻا مختلف
آھن، جن تي ناراض ٿيڻ جي ضرورت بھ ڪانھ آھي. ڇاڪاڻ
انھن علائقن تي فضول خرچي تمام گھڻي ٿيندي آھي ۽
پئسي کي خرچڻ وقت عقلمنديءَ کان ڪم ڪونھ ورتو
ويندو آھي. ھن ٻنھي ڳالھين ۾ مشابھت ڪرڻ خطرناڪ
ڳالھھ ثابت ٿي سگھي ٿي. ان سان گڏ عام ماڻھن کي بھ
حقيقت کان پري رکي سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ تھ سنڌ ۾ ٿيندڙ
خرچ تي ھڪ اجائي واويلا مچي وئي آھي. خرچ کان جا
جيڪي بھ انگ اکر ٻڌايا پيا وڃن سي بلڪل غلط آھن ۽
اھو بھ چيو پيو وڃي تھ فوجين جي ڪوارٽرن جي تعمير
تي تمام گھڻو خرچ اچي ويو آھي. ھن سان گڏ اھو بھ
چيو پيو وڃي تھ سنڌ کي اڃا مڪمل طور فتح ڪونھ ڪيو
ويو آھي. ان کان سواءِ اھو بھ چيو پيو وڃي تھ
ماڻھن جي جنھن گروھھ کي ”عوام“ سڏيو پيو وڃي ۽
اتان جي سڀني رھاڪن کي انھيءَ اصطلاح سان سڏيو پيو
وڃي، اھڙا ماڻھو چئي رھيا آھن تھ سنڌ جي حڪومت
ساڳين حڪمرانن جي حوالي ڪئي وڃي. پر ھن قسم جي
ماڻھن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏيءَ طاقت کي ڪتب آڻڻو پيو
آھي.
ھن حقيقت کان بھ انڪار ڪونھ ٿو ڪري سگھجي تھ فوجين
تي آيل خرچ سنڌ جي پيداوار جي ڀيٽ ۾ گھڻو ٿيو
آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ ھتي ايتري فوج رکڻ جي
ضرورت ھئي. سنڌ ۾ ايتري فوج رکڻ جو مقصد اھو ڪونھ
آھي تھ ھتان جي ماڻھن کي ھيسائجي، جيڪي حڪومت جي
تبديليءَ ڪري گھڻا خوش آھن. پر جيڪڏھن ھڪ غير
مناسب جنگ لڳي بھ وئي تھ اھي ماڻھو انگريز سرڪار
جي مدد ڪندا. اھڙي جنگ گواليار ۾ لڳي چڪي آھي.
امڪان آھي تھ اھڙي جنگ پنجاب ۾ بھ لڳي. اھا جنگ
اڳتي وڌي افغانستان ۾ بھ ڀڙڪي سگھي ٿي. اھڙين
حالتن ۾ سنڌ جي دنگ مان بلوچستان واري روھھ ۽ ڪوھھ
واري علائقي ۾ بھ بي صبري وارو ماحول پيدا ٿي سگھي
ٿو. ھنن ماڻھن طرفان اھو بھ ٻڌو وڃي ٿو تھ ان فوج
جي سنڌ کي نھ پر ھندستان جي علائقن کي ضرورت آھي.
اھڙي فوج جو خرچ سنڌ جي حالتن کي ڏسي برداشت ڪري
ڪونھ ٿو سگھجي. ان کان سواءِ ھڪ غلط الزام کي ھٿ
وٺي پکيڙيو پيو وڃي تھ سنڌ ۾ رکيل فوج جو تعداد
تمام گھڻو آھي. اھڙيون ھلايل ڳالھيون سڀ غلط آھن.
پر حقيقت اھا آھي تھ اِريگيولر ھارس جو تعداد ضرور
وڌايو ويو آھي. ليڪن فتح وقت يا فتح کانپوءِ
انتظام لاءِ اھڙو تعداد ڪونھ وڌايو ويو آھي.
اھڙيءَ فوج جي مقرري ھيٺئين درجي سان واسطو رکي ٿي
۽ مشرق جي ماڻھن تي مشتمل آھي، جنھن ۾ سنڌ جو
ماڻھو مقرر ڪونھ ڪيو ويو آھي. ان فوج کي ھر اول
دستي طور ڪتب آندو ويندو آھي ۽ دشمن جي منھن ۾
انھن ماڻھن تي مشتمل فوج جي ڪئمپ ھوندي آھي. ھن
کان سواءِ ھڪ ٻئي قسم جي واويلا ۽ شور شروع ڪيو
ويو آھي تھ اڌ دنيا جو خرچ انگلينڊ تي مڙھيو ويو
آھي. ڇاڪاڻ تھ تمام گھڻي گئريسن فوج کي خواھھ
مخواھھ رکيو ويو آھي ۽ ڊاڪ يارڊ جي تعمير لاءِ بھ
وڏو خرچ ڪيو پيو وڃي. سنڌ فتح کان پوءِ ھندستان جي
انگريز شھنشاھت جو ھڪ اٽوٽ انگ بڻجي ويو ھو ۽ مٿس
ان شھنشاھت جي حڪمت عملي جو نمايان اثر ھو، پر ٻن
جنگين جي ڪري گھڻي متاثر ٿي وئي آھي. |