سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 21

انھيءَ زماني ۾ ھن ھتان جي اصلي رھاڪن ۽ ٻاھران ماڻھن پندرھن ۽ ويھن سالن لاءِ آبادي لاءِ ليز تي زمين ڏني ھئي پر کانئن ڍل يا لاپو ھن شرط سان ڪونھ ورتو ويندو ھو تھ ھنن جو واسطو فقط سرڪار جي ڪليڪٽرن سان ھوندو، ڪاردار ۽ زميندار سان سندن ڪنھن بھ قسم جو تعلق ڪونھ رھندو. انھيءَ زماني ۾ زمين ڏيڻ جو اھو طريقو ھو. ھن زماني ۾ نئين سر جاگير ڏيڻ جي ابتدا ڪئي ويئي ھئي، اھڙي زمين جو گھڻو ڪري واسطو ٽالپر حڪمرانن جي شڪار گاھن سان ھو. پوکي راھي جي ڌنڌي کي وڌائڻ جي مقصد سان چچ غريبن لاءِ سرڪاري قرض ڏيڻ بھ منظور ڪيا ھئا. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھو ڌنڌو چڱيءَ طريقي سان شروع ڪري سگھن. ھن آبپاشي جي نظام کي بھتر بنائڻ لاءِ ويھن ئي ننھن جو زور لڳايو ھو. سندس خيال ھو تھ تندرستي، پيداوار، کاڌ خوراڪ ۽ تھذبي جو سارو مدار سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطي رکڻ تي آھي.

ھن عام ماڻھو جي زندگي سڌارڻ لاءِ ننڍڙا ننڍڙا قدم کنيا ھئا ۽ اھڙين شين بابت جاڳرتا ڏني جن کان ھو اڳي بلڪل بي خبر ھئا. ھن اٺن جي نسل کي وڌائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ اٺ فارم رکيو ھو جتي ڀلن جابلو ڏاچين وسيلي اٺن جي نسل جي افزائش ڪئي ويندي ھئي. ان کان سواءِ ڪراچيءَ ڀرسان ھواءِ جي زور تي ھلندڙ پن چڪين قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. ڪراچي جي اوسي پاسي سرڪاري طور ڀاڄين جي پوک ڪئي ويندي ھئي جنھن وسيلي ھزارن ماڻھن کي تازيون ۽ سستيون ڀاڄيون ملي وينديون ھيون جنھن مان سرڪار کي تمام گھڻو فائدو حاصل ٿيندو ھو. ھن ٻين شعبن ۾ صنعت قائم ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ھئي. پن چڪين وارو منصوبو انھيءَ ڪري ناڪام ٿيو ھو جو اھو ممبئي ۾ شروع ڪيو ويو ھو جنھن جي نگراني ڊاڪٽر بسٽ ڪندو ھو جيڪو زراعت جو سيڪريٽري ھو. پن چڪين جي تعمير بھ سندس نگراني ۾ ھلي رھي ھئي جن تي ڏاڍو خرچ بھ آيو. پر ڪم ڏکيو بھ ھو ان ڪري پن چڪيون ڪم ڪري ڪونھ سگھيون ھيون.

ڪسٽم جي ڪليڪٽر مسٽر ممڪلوڊ ۽ ميجر بلينڪنس گاھھ فارم قائم ڪري ورتو ھو ان سان گڏ رڍون پالڻ بھ شروع ڪيون ھئائون. جن لاءِ ھن رڍن جو ميرنوس نسل بھ حاصل ڪري ورتو ھو ۽ گيونڪا ۽ لوسڻ گاھھ بھ پوکرايا ھئائون. اھڙو گاھھ ھتي ڏاڍو ڀلو ۽ گھڻو ٿيو جو گاھھ جون سڀ ضرورتون پوريون ٿي ويون ھيون نھ تھ اڳي فوجي وھٽن لاءِ گاھھ ڪڇ مان حاصل ڪيو ويندو ھو جيڪو ڏاڍو مھانگو ھوندو ھو. مسٽر ڪولتگ مصر مان ڪمند جي بھترين جنس سنڌ ۾ پوکڻ جي مقصد سان موڪلي ھئي. ھي ماڻھو تنھن زماني ۾ مصر جي پاشا جي ھڪ پٽ جو عتاليق ھو. جڏھن ڪمند جي اھا چونڊ جنس ممبئي ۾ پھتي تھ اتان جي ڪامورا شاھي اھا سنڌ رواني ڪانھ ڪئي ۽ بندر تي رکي سڪي سڙي وئي. ھنن ماڻھن کي سنڌ جي ترقيءَ جي ڳالھھ ٻڌڻ سان ٻرو چڙھي ويندو ھو. تنھن ڪري سر چارلس سمجھيو ھو تھ سنڌ فقط اناج جي پوکي وسيلي اڳتي وڌي ۽ ترقي ڪري سگھي ٿي. پر ھتان جي ماڻھن کي پوکيءَ راھي جو صحيح پتو ڪونھ ھوندو ھو. توڙي جو اھي محنتي بھ ھوندا ھئا. ھتان جا سنڌي بلوچ ھر قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاھيندا ھئا. تنھن ڪري ھن سوچيو ھو تھ جيڪڏھن ھنن ماڻھن کي ضروري شين جي تعليم ڏني وئي تھ اھي مھذب بڻجي سگھن ٿا. اھي ماڻھو ريجمينٽ جي اسڪولن ۾ ايندا ھئا ۽ منٿون ڪندا ھئا تھ سندن ٻارن کي بھ پڙھايو وڃي. علم جي اھڙي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ ھن لارڊ رپن کي تجويز پيش ڪئي ھئي تھ سنڌ ۾ اھڙا زرراعتي اسڪول قائم ڪيا وڃن جھڙا ڪئپٽن جان پٽ ڪينيڊي آئرلينڊ جي لوچ آش ماڳ تي قائم ڪيا ھئا. لوچ آش زراعتي اسڪول جي ڪاميابي کان پوءِ جان پٽ آئرلينڊ جي حڪمت کي چيو تھ لوچ آش جي طرز جھڙا زراعتي اسڪول ساري ملڪ اندر پکيڙيا وڃن. ھن چوڻ ۾ ڪوبھ وڌاءُ ڪونھ آھي تھ بي انتھا مخالفت ۽ سازش باوجود سندس ھي پيش ڪيل تجويز تسليم ڪئي وئي ھئي ۽ نام نھاد قومپرستن تھ چارئي چنبا کوڙي مخالفت ڪئي ھئي. انھيءَ زماني دوران ھيءَ بدنصيب ماٿري ڏڪار جي ور چڙھيل ھئي ۽ سارو ملڪ ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويو ھو. جيڪڏھن ھتي ھن قسم جا اسڪول کوليا ويندا تھ ڏرت ۽ ڏڪار کي صفا ختم تھ ڪري ڪونھ سگھبو پر ان جي شدت کي تھ گھٽ ڪري سگھبو. اھو وڏو ۽ فائديمند منصوبو آئرلينڊ جي غلط ماڻھن جي اثر ڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ ڏانھن منتقل ڪيو ويو ھو. تنھن ڪري سنڌ جي ترقيءَ لاءِ پيش ڪيل ھن تجويز کي رد ڪيو ويو ھو. اھڙي ممبئي واريءَ ڌر جي مفادن کي ڇيھو ڪونھ رسيو ھو.

اھڙن طريقن اختيار ڪرڻ سان سنڌ جو غريب طبقو اڃا بھ وڌي رھيو ھو. پر مٿئين طبقي جي ماڻھن جي اولاد کي اڃا بھ وڌيڪ سھوليتون ڏنيون ويون ھيون. سنڌ جو ھر نسل انگريزن جو متوح ھو جن کي سر چارلس نيپئر انگريز سرڪار جا رعيتي تصور ڪري رھيو ھو. ان ڪري پڪو پھھ ڪري چڪو ھو تھ بنا ڪنھن مذھبي، رنگ ۽ نسل جي ڀيد ڀاءَ جي سڀني کي ھڪ جھڙي عزت ڏني وڃي ۽ سڀني ۾ ھڪ جھڙو اعتماد پيدا ڪيو وڃي. محمد طور نالي ماڻھو ھڪ وڏو سردار ھو جنھن مياڻي جي ميدان تي انگريزن سان سخت مقابلو ڪيو ھو. ھن واقعي کان پوءِ ھن ماڻھوءَ گذارش ڪئي ھئي تھ کيس مئجسٽريٽ مقرر ڪيو وڃي. سندس اھڙي گذارش کي مناسب ڄاڻي کيس مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو ھو. سنڌ جي بلوچ سردارن لاءِ حرص ۽ لالچ جو رستو کليو پيو ھو. پر انھن بلوچ سردارن کي حق فقط منھنجي اعلان ۾ بيان ٿيل اصولن مطابق ملي سگھندا. يعني کين اھي سرڪاري عھدا ملي سگھندا جن جي لائق ھوندا. جيڪڏھن مٿي بيان ڪيل عام مفادن جو تعلق آھي تھ اھڙن حقن جي رعايتن ماڻڻ کان اڳ اھليت کي ڏسڻ جي ضرورت ڪانھ آھي. اسان حق پھريائين ڏيندا سون. پر جيڪڏھن اھو ماڻھو لائق ثابت نھ ٿيندو تھ اھو حق واپس بھ وٺي سگھنداسون. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھو کي اڻ لائق سمجھي کائنس حق  واپس ورتا بھ ويا پر طبقاتي حقن کي تسليم ضرور ڪيو ويندو. جيڪڏھن ھڪ بلوچ سردار کي مئجسٽريٽ بڻايو ويو تھ ٻيا بھ پاڻ ۾ اھڙي اھليت پيدا ڪندا تھ جيئن اھي بھ مئجسٽريٽ بڻجي سگھن. اھڙيءَ ريت ھو انگريزن جي وفادار ۽ تابعدار ٿيڻ ۾ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻي ويندا. مان تھ ھن کان بھ ڪجھھ اڳتي وڃڻ چاھيان ٿو. پر ان لاءِ مون کي انھن صاحب اختيار ماڻھن کان موڪل وٺڻي پوندي. جيڪي ھندستان جي حڪومت جي طريقئھ ڪار جا خالق ۽ مالڪ آھن. مان تھ چوندس تھ سرڪار جو اھو پراڻو نظام آھي جيڪو ڌاڙيلن کي پٺي ٿو ۽ ڦرلٽ لاءِ سندن اڻ پڇيو ٻانھن ٻيلي بڻجي ويو آھي. کيس انسان ۽ انساني مزاج جي ڪابھ خبر ڪانھ آھي. مان سمجھان ٿو تھ اھي شريف ماڻھو سنڌين کي اھي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري رھيا آھن جيڪي انگريزن کي مليل آھن. پر جيڪڏھن مان زنده ۽ سنڌ ۾ موجود رھيس تھ مان سنڌين کي انگريزن جھڙا حق ڏياريندس. بلوچ ماڻھن جون ڏاڍايون اڃا بھ ڏھھ سال جاري رھنديون. اسان ھي ملڪ فتح ڪيو آھي. تنھن ڪري اھڙن ڏھن بلوچن کي ھر قسم جي ڪيس قھر کان روڪي سگھنداسون. ھن ملڪ جي وڏن ماڻھن لاءِ ھن حڪومت جا دروازا اڻيھئي کليل آھن. اھي پنھنجي اھليت ۽ محنت مطابق پنھنجي ھر خواھش پوري ڪري سگھن ٿا. پر جيڪڏھن اھي بغاوتون ۽ شرارتون ڪندا تھ کين سبق سيکاريو ويندو. مان اھو سمجھي ڪونھ ٿو سگھان ڪھڙي شيءِ خراب آھي پر اھي ٻئي ڳالھيون تھ سرڪار پاڻ پيدا ڪري رھي آھي ۽ اھي ٻئي نفرت جوڳا ظلم آھن.

لارڊ ايلنبرو حڪمراني لاءِ ڪي اھم اصول چونڊيا ھئا جن کي آڏو رکي ھڪ معاھدي کي مرتب ڪرڻ لاءِ سر چارلس علي مراد سان ڳالھھ ٻولھھ ڪري رھيو آھي. ھن حڪمران جي بھ خواھش ھئي اھڙو معاھدو ضرور ھجڻ گھرجي. پر ان ھوندي کيس ٺاھھ جي ھڪ فقري تي اعتراض ھو جنھن ۾ لکيل ھو تھ ڪنھن بھ ماڻھوءَ کي ٻنھي ملڪن اندر رھڻ جي موڪل ھجڻ گھرجي. ان فقري ۾ اھو بھ لکيل ھو تھ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھڪ علائقي مان نڪري ٻئي ۾ آباد ٿيندو تھ ڪوبھ اعتراض نھ واريو ويندو. پر جيڪڏھن ماڻھو قاتل يا غدار آھي تھ پوءِ اھڙي ماڻھو کي ٻئي ڌريون پاڻ وٽ رھڻ ڪونھ ڏينديون. اھڙري فقري تي علي مراد وٺي ھاءِ گھوڙا ڪئي ھئي تھ جيڪڏھن ائين ٿيو تھ سندس علائقي ۾ ھڪ بھ ماڻھو ڪونھ رھندو ۽ سارو علائقو ويران ٿي ويندو. سر چارلس کيس وراڻيو ھو تھ جيڪڏھن ظالم ٿيندين تھ تنھنجو علائقو سچ ۾ ويران ٿي ويندو. اھو جواب ٻڌي علي مراد ماٺ ٿي ويو ھو پر سندس اھو ھٽڪٽو غلط ڪونھ ھو. نھ رڳو ھن جا رعيتي، پر قلات جي خان جا ھاري ناري، پر قنڌار جا آبادگار ۽ انگريزن جي ھندستان جي اتر – اولھھ وارن علائقن جا واپاري بھ سنڌ اچي پھتا ھئا. ڪراچيءَ جي آدشماري ايتري وڌي وئي ھئي جو ماڻھو قلعي کان ٻاھر بھ پنھنجا گھر ٺاھي ويھي رھيا ھئا ۽ قلعي جي ڦاٽڪن کان ٻاھران ڪيتريون ئي نيون گھٽيون جڙي ويون ھيون. ان کان سواءِ ڪڇ ۽ گنداوا جا ماڻھو بھ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ھئا. گيڊروشيا جي رڻ پٽ ٻھ قبيلا ھيجيسز ۽ پنجوئري بھ ھيڏانھن لڏي آيا ھئا. جيڪي ضرورت وقت پنھنجا اٺ ھزار ماڻھو ڏئي سگھيا ٿي. ھنن ماڻھن انگريزن جي رعيت ٿيڻ لاءِ ڏاڍيون ڪوششون ڪيون ھيون. پر انڪار ڪرڻ تي ھو واپس ھليا ويا ھئا.

ساڳي ريت ڌاڙيلن جي شڪست ۽ سندن پيش پوڻ جي ڪري اوسي پاسي جي سڀني علائقن ۾ خوشيءَ جي لھر ڇائنجي وئي ھئي ۽ اھڙيون خبرون سوين ميل چوڌاري پکڙجي ويون ھيون. ڇاڪاڻ تھ ھنن ڌاڙيلن چوطرف ڦرلٽ جي ڌم لائي ٽِڪري تپائي ڇڏي ھئي. ھن مان سولائيءَ سان پتو پئجي سگھي ٿو تھ بيجار جي ڌاڙن ۽ ڦرلٽ جي ڏاڍي دھشت ويٺل ھئي چيو ويندو آھي تھ اھي ڌاڙيل پنھنجي شھنشاھن جي بھ پرواھھ ڪونھ ڪندا ھئا. شھنشاھھ اڪبر، احمد شاھھ ابدالي ۽ ٻين حڪمرانن جون فوجون تونگ واري علائقي کان مٿي وڃي ڪونھ سگھيون ھيون. انگريز فوج جا موڪليل جٿا بھ پھرين لڪن تائين مس پھچي سگھيا ھئا ۽ اڳتي وڌڻ کان پھريائين سندس رابطو ڪٽجي ويندو ھو. سر چارلس جي ھن مھم کان ڪابھ وڏي فوج تروڪي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪانھ سگھي ھئي پر ھاڻي اھي سرڪش ماڻھو پيش پئجي چڪا آھن. کيس پيش پوڻ لاءِ فقط ھڪ ماڻھو مجبور ڪيو ھو جنھن کي اڳتي وڌڻ کان ڪير بھ روڪي ڪونھ سگھيو ھو. ھن ماڻھو جي بھادري جي شھرت ترڪستان تائين پھچي چڪي آھي. ھن علائقي وولف نالي ھڪ سياح موجود ھو جنھن ٻڌايو تھ وچ ايشيا جي ڌاڙيلن کي سر چارلس جي اچڻ جي توقع ھئي جيڪي چئي رھيا ھئا تھ جيڪڏھن ھو ھتي آيو ۽ مختلف ملڪن تي ڪاھي کين تباھھ ڪيائين تھ اتان جا ڌاڙيل بھ ساڻس گڏ ھوندا اھا بھ اچرج جي ڳالھھ آھي تھ ايران جي سرحد سان واقع بنپور شھر تي گھيرو ڪري شھر اندر سر چارلس نيپئر جو ھڪ جعلي موڪليو ھئائون ماڻحن پيش پوڻ ۾ دير ڪانھ ڪئي ھئي. پر مشرق جي ماڻھن جو خاص ڪري ھن جي جنگ جي معاملي خيال نھايت واضح آھن ۽ سمجھيو ويندو آھي تھ جيڪڏھن ھن جي مٿان پابندي نھ ھجي ھا ۽ جنگ جي معاملن ۾ آزاد ھجي ھا تھ سر چارلس ساري ايشيا کي فتح ڪري چڪو ھجي ھا ۽ بنا ڪنھن روڪ رنڊڪ جي اچي ميڊيٽريانين تائين پھچي چڪو ھجي ھا ۽ ھن سان گڏ پورا پنج لک خطرناڪ گھوڙيسوار فوج ھجي ھا. ايشيا جي ڌاڙيلن جو خيال آھي تھ جنھن ڪمانڊر جي فوجي انتظاميھ کي جنگي سرگرمين لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آھي تنھن ھاڻي ھڪ نئين قسم جي حڪمت عملي ڪتب آڻڻ شروع ڪئي آھي جيڪا ڏاڍي سولي ۽ سٺي آھي ۽ ان جي مقابلي ڪرڻ وارو طريقو ھنن جي تصور کان نھايت مختلف آھي ھي ماڻھو حڪمرانن جو مخالف آھي. درحقيقت ھو دولت، شان شوڪت ۽ طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلا ڪري رھيو آھي پر ھو اھڙيون ڳالھيون جنگ، معاھدن ۽ تجارت وسيلي حاصل نھ ڪري رھيو آھي پر رحمدليءَ وسيلي. ان ڪري سڀني قومن جا ڏاڍ جا ستايل مظلوم ماڻھو سندس حڪومت واري علائقي ڏانھن اچي رھيا آھن.

ھن شاندار مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ محصول گھٽائي ڇڏي آھي. انھيءَ ڪري غريبن جي اندر کي آٿت ملي ويندو ۽ پرت سان پورھيو ڪري سگھندا پر ھن قسم جي سھوليت جي رستي وڏي رنڊڪ موجود آھي. اھا رنڊڪ ھي آھي تھ بلوچ ٿوري محصول جي خلاف آھي. ڇاڪاڻ تھ اھڙي وڏي محصول جي ھڪ روايت قائم ھئي ۽ ٿوري محصول ۽ ھلڪي ڍل جي شرح سندن عادتن کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آھي. ھن نسل جا ماڻھو ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ جا قائل آھن جيڪي ھر قسم جي تبديلي جا مخالف آھن پوءِ اھا کيس ڪيڏي فائدي واري ھجي. مالياتي سڌارا نھايت خبرداري سان آندا پيا وڃن. سر چارلس جي خواھش آھي تھ عام ماڻھو اھڙن سڌارن کي سمجھي سگھن ٿا اھي سندن بھتري ۽ ترقي لاءِ آھن ۽ جنرل چارلس اھي سڌارا پنھنجي شھرت لاءِ ڪونھ پيو آڻي. جيتري ڍل محصول ۾ تبديلي آڻڻ جو تعلق آھي تھ ان لاءِ مستقل قانون سازي جو عمل جاري آھي پر جيتري قدر مالياتي سڌارن جو تعلق آھي اھو ٿوري وقت لاءِ يا عارضي آھي جنھن وسيلي مصر جي محمد علي پاشا جھڙن ظالم ماڻھن کي منھن ڏيڻو آھي. پر ھنن سڀني ڳالھين وسيلي عام ماڻھن جي اخلاقي حالتن کي سڌارڻو آھي ۽ انھن ۾ ھڪ قومي خوشحالي آڻڻ آھي. ان نقطئھ نظر کي آڏو رکي اوليت بلوچن جي ڏاڍ ۽ قھر جي شدت کي گھٽائڻ آھي. سندس ارادا اٽل ۽ حوصلا بلند آھن. تنھن ڪري کيس يقين آھي تھ ھو پنھنجن ارادن ۾ ضروت سوڀاو ٿيندو. ھنن کي نپوڙڻ لاءِ ھي اڳئي اھڙا قدم کڻي بھ چڪو آھي. ھن مقصد کي حاصل ڪرڻ جي غرض سان قانون ۽ انصاف واري کاتي کي گڏايو ويو آھي. اھڙي ريت انتظامي معاملا بھ ھنن جي ھٿن ۾ ڏنا ويا آھن. جيڪڏھن انھن معاملن ۾ غلطي ٿيندي تھ زخمي ضمير جي شفا لاءِ اھڙي مرھم ڪٿي بھ ڪانھ ھئي. سندس چوڻ آھي تھ ”مان فقط قاتلن کي موت جي سزا ڏيندو آھيان. پر خاص طور انھن ماڻھن کي معاف ڪونھ ڪندو آھيان جيڪي بي پھچ عورتن ۽ بارڙن جا قاتل ھوندا آھن. مان انصاف جي معاملي تي گھڻو سوچيو ويچاريو آھي ۽ منتظم جي حيثيت ۾ ائين ڪرڻ واسطي منھنجو ضمير صاف آھي. مان ھر معاملي صحيح نڪتي تي پھچڻ لاءِ پورھيو ڪيو آھي. پيڙا ڀوڳي آھي ۽ لڳاتار جاکوڙيو آھي. ھي منصبي فرض سرانجام ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. پر مان ان کان ڪڏھن بھ ھترايو ڪونھ آھي. ليڪن مان جج ٿيڻ ڪونھ پسند ڪندو آھيان ۽ پاڻ کي ھڪ خانگي ماڻھو تصور ڪندو آھيان. پر مون کي ڪجھھ اختيار مليل آھن ۽ مون کي ھڪدم انصاف جي تقاضائن مطابق ڪرڻ گھرجي. ظالم ماڻھن جي قھري ڪاررواين کي فقط طاقت جي زور سان ختم ڪري سگھجي ٿو. دريا خان جو مثال وٺجي تھ ھو ڏاڍو شريف ماڻھو ڏسڻ ۾ ايندو آھي. ھن پنھنجي زندگي ۾ وڏو عرصو ڦرلٽ ۽ ڌاڙن کان نفرت ڪئي آھي. منھنجون ڳالھيون بھ خوشيءَ سان مڃيندو آھي. پر پوءِ بھ ھو ڌوڪا ۽ قتل ڪندو آھي. بلوچ ڄڻ تھ گندن ۽ برن اسڪولن ۾ پلجي وڏا ٿيا آھن. اھي واندا ويٺا اوٻاسيون ڏيندا پر ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪونھ ڪندا آھن، ڌاڙا ھڻڻ ۽ بي گناھن جو قتل ڪرڻ سندن عادت ٿي وئي آھي ۽ مان سندن اھا عادت ختم ڪري پوءِ ساھھ پٽيندس.“

ھن کان ڪجھھ مھينا پوءِ ڊيرا جي ھڪ سردار پنھنجي قبيلي جي ماڻھوءَ کي قتل ڪري ڇڏيو ھو ۽ اھو قتل اتفاقي ھو پر فوجي ڪميشن ان سردار تي قتل جو ڪيس ھلايو ھو. جنھن تي بلوچ سردار ڊڄي ويا ھئا. ڇاڪاڻ تھ اھو ڪڏھن بھ ڪونھ ٻڌو ھو تھ ڪنھن سردار تي اڳتي ڪڏھن قال جو ڪيس ھلايو ويو ھجي. جڏھن تھ مقتول سندس پنھنجي قبيلي جو ھجي. ھن سردار چيو ھو تھ خدا عظيم ۽ برتر آھي ۽ جنھن مظلوم جو اڄ انصاف نھ ٿيو آھي تنھن جو سڀاڻي ضرور ٿيندو. يعني ھو پاڻ کي قاتل ھجڻ باوجود مظلوم سمجھي رھيو ھو. ھي لفظ ان ماڻھوءَ جا ھئا جنھن جو تعلق ھڪ ڌاڙيل نسل سان ھو، انساني رتو ڇاڻ ڪري جنھن جي دل ۾ درھڙي ڪانھ ايندي ھئي. انھيءَ ڪري اھڙن سردارن جو لاڙو حڪومت ڏانھن گھٽي ويو ھو پر غريب مظلوم ماڻھو انگريز سرڪاري جي گھڻا ويجھا ٿي ويا ھئا.

جڏھن عام ماڻھو خوشحال ٿيو تھ سرڪاري پيداوار بھ وڌي وئي ھئي ۽ سڀئي خرچ پکا ڪٽڻ کان پوءِ ھڪ لک پائونڊ اسٽرلنگ بچيا ھئا. جيڪي ھندستان سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا ھئا. ھن آمدني مان فوجين لاءِ بئرڪن جي تعمير جو خرچ ڪونھ ڪٿيو ويو ھو. جيڪو ساري پيداوار جي ٽئين حصي کان وڌيڪ ڪونھ ھو. پر اھو خرچ مستقل ڪونھ ھو. نين بئرڪن جي تعمير ڪري فوجين جون زندگيون محفوظ ٿي ويون ھيون. تنھن ڪري اھو ڏھوڻ تي وڌيڪ فائدي وارو ھو. ان کان وڌيڪ سٺي ڳالھھ سنڌ اندر امن امان جي قيام جي ھئي جنھن کي سر چارلس نيپئر پنج ھزار فوج جي مدد سان قائم ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو ھو. پر ھندستان سرڪار بئرڪن جي تعمير تي خرچ ڪرڻ جي موڪل ڪانھ ڏني. ڇاڪاڻ تھ سکن جي کئونس جيئن پوءِ تيئن وڌي رھي ھئي. ان جو چوڻ ھو تھ سنڌ کي نھ پر ھندستان جي مفادن لاءِ فوج جو ھجڻ ضروري آھي. انھيءَ زماني ۾ سر چارلس نيپئر رڳو پنجاب ۾ نھ پر ھندستان جي ڪنھن بھ ملڪ اندر جنگ جي خلاف ھو. ڇاڪاڻ تھ ھو عمر جي اھڙي ڏاڪي تي پھچي چڪو ھو. دوران جنگ ڪرڻ ھڪ مشڪل مسئلو آھي جابلو ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم دوران ھن لڳاتار ويھھ ڪلاڪ گھوڙيسواري ڪئي ھئي. ھڪ ڀيري ھن تي ماني جي ٽڪر ۽ چانھھ جي آڌار تي مسلسل ڇھويھھ ڪلاڪ گھوڙيسواري ڪئي ھئي. ھن اھا چانھھ بھ سوڍا واٽر جي بوتل ۾ رکي ڇڏي ھئي. سندس زندگي اھڙي سادي طريقي سان گذرندي ھئي. وڏتڻ ڪري ھو ٿڪجي چور ٿي پوندو ھو ۽ ڪمزور ٿي پوندو ھو ۽ صحتمند ٿيڻ لاءِ کيس گھڻو وقت لڳي ويندو ھو. پر جنگ دوران گھوڙي جي ھني تان ھيٺ ڪونھ لھندو ھو. ھو جذبن ۾ تھ جوان ھو. پر پيريءَ ڪري گھوڙي تان لھڻ وقت ائين ڏڪندو ھو جيئن لغڙ جي پڇ ۾ ٻڌل پٿر ٿڙڪندو آھي. ھن جي سوچ ۽ جسم ڊيوڪ آف ويلنگٽن وانگي مضبوط ھو. ھن لاءِ اھي ڄڻ عام قسم جون ڳالھيون ھيون. سندس جسماني ڪمزوريءَ بابت اھڙو اظھار فقط ھن جسماني ٿڪ وقت ۽ عارضي ھوندو ھو ۽ خاص ڪري تڏھن جڏھن آبھوا صحت بخش ڪانھ ھوندي ھئي. سندس لڳاتار جنگي مھم مان لڳندو ھو. ڏک ڏاکڙا سھي وڃڻ وارو مشڪل پسند ۽ سخت جان انسان ھو. پر ھن وقت عدالتي معاملن جي وڌي وڃڻ ڪري کيس رويئن جي نظام ۾ تبديلي آڻڻي پئجي وئي ھئي ۽ جج ائڊووڪيٽ جنرل کي ڪن خاص جرمن جي فتوى ڏيڻ لاءِ اجازت ڏني ھئائين ۽ ملن کي وٽس (سر چارلس وٽ) اپيل جو حق ڏنو ويو ھو. اھڙي ريت جنوري کان جون تائين کيس گھڻو وقت ملي ويو ھو. جنھن دوران ھن چار سو فوجداري معاملا اڪلائي فتوائون ڏنيون ھيون. ھن کان سواءِ نوي فوجي معاملا بھ ھئا جيڪي ھن اڪلائي ورتا ھئا.

ھي ھڪ وڏو مٿي جو سور جنھن کان ھن وقت آجو ٿي چڪو ھو. تنھن ڪري کيس ٻين انتظامي معاملن کي اڪلائڻ جو موقعو ملي ويو ھو. جن مان اھم محصول جو معاملو ھو. کيس ڪيتريون اھم شاھديون مليون ھيون تھ تازي فوجي مھم نھايت ئي ڪامياب ثابت ٿي ھئي جنھن مان ڪيترا فائدا بھ ٿيا ھئا ھن جابلو ڌاڙيلن خلاف فوجي سرگرميءَ کان اڳ سنڌ جي سرحد جي حفاظت لاءِ گھوڙيسوارن جي ٽن ريجمينٽن جي ضرورت ھئي. پر پوءِ ڌاڙيلن سان پورا پئجي ڪونھ سگھندا ھئا. ھن لکيو ھو تھ ڌاڙيل اچن ٿا ۽ ڌاڙو ھڻي اک ڇنڀ ۾ ڀڄي ھليا وڃن ٿا. آھن ۽ اسان جي فوج کين ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪجي پوندي آھي. اڳين رپورٽن جو اختصار بھ اھو ئي آھي. پر ھاڻي گھوڙيسوارن جي ھڪ ريجمينٽ ئي ڪافي آھي جنھن سان بنديل کنڊ ليجن جا ڪجھھ گھوڙيسوار گڏ ھوندا آھن ۽ ڌاڙيلن کي وارداتن ڪرڻ جي وٿي ملي ڪانھ سگھندي آھي. ان کان وڌيڪ گھوڙيسوارن کي غير ضروري سمجھيو ويندو ھو اتان جي عملدارن شڪايتون موڪليون ھيون تھ اضافي گھوڙيسوار اٺ ئي پھر واندا ويٺا آھن ۽ ڪجھھ بھ ڪونھ ڪندا آھن. ھاڻي تھ بلوچ ڌاڙيل بھ ڪونھ ايندا آھن. اڳي تھ اھي ڌاڙا ھڻي قتل ڪري سنڌين پنھنجين زمين تان بيدخل ڪري ڇڏيندا ھئا جيڪي لاچا رٿي پنھنجا اباڻا ڳوٺ ڇڏي ھليا ويندا ھئا. اھي ماڻھو ھن وقت موٽي اچي پنھنجن ڳوٺن ۾ آباد ٿيا آھن. ان کان سواءِ ڪڇ ۽ گنداوا واري جوءِ بھ اڳئين وانگي سائي ڍائي ٿي وئي آھي ۽ جام پوکي راھي ٿي رھي اھي. اھو شاندار نتيجو ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم جو آھي. ھي مسڪين ماڻھو انھيءَ مھم کان اڳ لاچار ھئا. انڪري مڪمل تباھيءَ کان بچڻ لاءِ اھي بھ ڌاڙيلن سان گڏجي ويا ھئا. ان کان سواءِ قلات جي خان جي اڍائي لک روپيا پيداوار وڌي وئي ھئي. تنھن ڪري ھو پاڻ بھ شخصي طور امن امان ۾ دلچسپي وٺي رھيو ھو.

سنڌ جي سرحدي پٽي کان گھڻو پري تائين امن امان ٿي ويو ھو. ان کان سواءِ گرفتار قبيلن جا رھيل ماڻھو بھ خوشيءَ سان پوکيءَ راھيءَ جي ڌنڌي سان لڳي ويا ھئا. ٻيو تھ ٺھيو پر خود بيجار بھ شڪايتون ڪري رھيو ھو تھ علي مراد مٿائنس ڪڙي نظرداري ڪري رھيو آھي ان طنزيھ جواب ڏنو ھو تھ ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم ۾ ھن جو گھڻو خرچ اچي ويو ھو. اھڙي ريت بيجار کي گرفتار ڪرڻ ۾ سندس ٻھ لک روپيا خرچ اچي چڪا آھن. پر جيڪڏھن ھو ڀڄي ويندو تھ کيس ان کان بھ وڌيڪ نقصان پوندو. سر چارلس جي حڪمت عملي اھا ھئي بيجار کي علي مراد جي حوالي ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ تھ کيس پٺاڻن کان پري رکڻ جو اھو سٺو طريقو ھو جيڪي چاھيندا ھئا تھ سدائين جنگ ھجي ۽ حالتون خراب ھجن. بيجار کي گھڻي آزادي مليل ڪانھ ھئي. اھڙي پابندي کي ھو غلط طريقي سان ڪم ڪونھ آڻيندو ھو. پر ھو ھڪ ڀيرو سر چارلس نيپئر سان ڪراچي ملڻ ويو ھو.

اونھاري جي موسوم ۾ مرين ٻڌايو ھو تھ ھنن بگٽي قبيلي جي ڌاڙيلن کي ماري تباھھ ڪري ڇڏيو آھي. جيڪي اسلام خان بگٽيءَ جي سربراھي ۾ اھڙيون قھري ڪارروايون ڪري رھيا ھئا. سندن ڪافي ماڻھن کي قتل ڪري بيشمار چوپايو مال ھٿ ڪري ورتو آھي. انھن کان گھڻا ھٿيار بھ کسيا ويا آھن ۽ اھو قبيلو ھاڻي ختم ٿي چڪو آھي. اھڙي تصديق انھن بگٽين کان بھ ملي ھئي جن سنڌ اندر رھندڙ بگٽين وٽ اچي پناھھ ورتي ھئي. ان کان سواءِ بگٽين جي سردار اسلام خان بھ سر چارلس ڏانھن پيش پوڻ لاءِ پيغام موڪليو پر سر چارلس کيس ساڳين شرطن مطابق پيش پوڻ لاءِ چيو ھو جيڪي وري اسلام خان قبول ڪونھ ڪيا ھئا. ان کان پوءِ اسلام خان پنھنجي قبيلي کي ساڻ ڪري جابلو علائقن ۾ وڃي پنھنجي اصلي ڪرت يعني ڦرلٽ کي لڳي ويو ھو. ھن وقت ھو ڌاڙيل کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪونھ ھو ۽ انگريزن خلاف سرڪشي واري ھواءِ سندس دماغ مان نڪري وئي ھئي. انھيءَ زماني ۾ مري بھ شڪايتون ڪري رھيا ھئا تھ ڦلجي جي ڪھيرين وڃي بگٽين جو پاسو ورتو آھي. ان ڪري سر چارلس ڪھيرين کي ڇنڊ پٽي ھئي تھ ھو اھڙين ڳالھين کان باز رھن ۽ سندس غضب کي دعوت نھ ڏين. ڇاڪاڻ تھ ھن قبيلي ڌاڙا ھڻي ڦريون ڪري. اوسي پاسي ساري جوءِ تپائي ڇڏي آھي. جيڪڏھن انگريز سرڪار سندن تحفظ مان ھٿ ڪڍي وئي تھ ساڳيا لاٽو ۽ ساڳيا چگھھ ھوندا ۽ اھي ساڳيا بگٽي ڌاڙيل ڪٿي بيھڻ بھ ڪونھ ڏيندا. ڪڇيءَ جي جابلو علائقن ۾ اڄ ڌاڙيل موجود آھن. جڏھن انھن کي بک تپائيندي تھ اچي شاھپور کي ڦريندا جيڪا ھاڻي آباد ٿي چڪي آھي. امن امان لاءِ ڄڻ تھ ڌرتي اٿلائي ڇڏي ھئي. اھا بھ اميد ھئي تھ دريا خان جي سرداري ھيٺ سندس قبيلو ڌاڙا ھڻڻ ڇڏي ڏيندو ۽ ڌاڙيلن لاءِ چڱائيءَ جو مثال بڻبو. ڇاڪاڻ تھ اھي ٻين قبيلن کان خوشحال ٿي چڪا آھن ۽ اھو قبيلو ھڪ جاءِ تي ويھي ويو آھي. پر ڌاڙيل ھڪ جاءِ تي آرام سان ويھي ڪونھ سگھندا آھن.

سر چارلس پيش پوڻ وارن سردارن کي موت کان بچائي ورتو ھو ۽ کين شريف بڻائي ڇڏيو ھو. ان ڪري ھو ڏاڍو خوش ھو. جيڪڏھن ھو پنھنجو رستو اختيار ڪري ھا تھ ھو ھميشه لاءِ ڌاڙيلن جڻ ٻچو رلائي ڦٽو ڪري ھا ۽ ڊيرا کي فوجي ڪالوني بڻائي اتي فوجي ريجمينٽ ويھاري ڇڏي ھا. فوج کي رھائڻ لاءِ بگٽي قلعو ئي ڪافي ھو. ھتان جي آبھوا سٺي پاڻي صاف شفاف، ڀلو ۽ جام آھي. زمين بھ ڏاڍي زرخيز ۽ ٽڪريون بھ معدنيات سان ڀريل آھن. تروڪي تھ سفيد سگمرمر جو ھڪ وسيع خزانو آھي. ھن جي سنڌوءَ وسيلي آمد رفت بھ سولي آھي جنھن کي ٻاھر بھ موڪلي سگھجي ٿو. اھو ھڪ شاندار منصوبو ھو. مجبور ٿي ڇڏيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ اھا اعلى اختيارين جي مرضي ڪانھ ھئي تھ اھڙن ڪمائتن منصوبن کي ھٿ ۾ کنيو وڃي ۽ ھر عوامي ڀلائي جي ڪمن لاءِ سر چارلس جو نالو مشھور ٿي وڃي جيڪو اھڙن چڱن ڪمن لاءِ سدائين پيو پاڻ پتوڙيندو ھو. معلوم ٿيندو تھ مٿي وينا ھئا جن جي چوڻ تي ھي پنھنجي طاقت ۽ حياتي اجائي وڃائي رھيو ھو. انھيءَ ڪري ھن ڳجھھ ڳوھھ ۾ سر ھينري ھارڊنج ڏانھن ھڪ خط لکيو ھو جنھن جي سر چارلس جي دشمنن کي ڪا خبر ڪانھ پئي ھئي. ھن کيس پنھنجي طرفان ھر مدد جو يقين ڏياريو ھو جنھن جي سر چارلس کي ضرورت بھ ھئي. کيس ھنن ماڻھن جي دشمني انھيءَ ڪري ڪانھ وڻندي ھئي جو اھا عقلمندي کان آجي ھئي ۽ انھيءَ ڪري سر چارلس جي جيءَ کي جپ ئي ڪانھ ملندي ھئي. پر ڪائونسل اعلى بورڊن جا ماڻھو ھن جي فقط مخالفت ڪندا ھئا. ان کان ڪاغذن کي دير ڪرائي ڇڏيندا ھئا ۽ ردعمل ڏيکاريندا ۽ اھم ڪاغذن کي ھٿرادو ديرلڳائي ڇڏيندا ھئا جيڪا سنڌ جي نئين سرڪار کي ڏاڍي ڏکي پوندي ھئي. ھن حڪومت نوان پيداواري وسيلا تخليق ڪري ورتا ھئا ۽ ھڪ نئين قوم جو انتظام سنڀاليو ھو.

ھن وقت ڌاڙيلن جا ڪٽنب ويھي ويا ھئا ھنن کان ڪنھن بھ قسم جو ڏر ۽ ڏھڪاءُ ڪونھ ھو. شير محمد جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا ھئا. ديس پرديس جون ڍومائو کائي جاڏھون ڪاڏھون اوکا پوکا پلي ٿانيڪو ٿي ويھي رھيو ھو ۽ سر چارلس کي گذارش ڪئي ھئائين تھ کيس علي مراد وٽ رھڻ جي موڪل ڏني وڃي. جنھن تي سر چارلس کيس وراڻيو ھو تھ اول اچي پيش پؤ. پر اھا ڳالھھ ھن پنھنجي عزت ۽ وقار جي خلاف سمجھي. تنھن ڪري ھو پنجاب ھليو ويو. پر سندس دوست ۽ لغارين جو سردار احمد خان ٻيو چاڙھو نھ ڏسي پيش پوڻ جي مقصد سان سر چارلس وٽ لنگھي آيو ۽ پنھنجو سارو اندر اوڳاڇي بيھي رھيو ھو ۽ چيو ھو تھ ”مير شير محمد جي درٻار جو ماڻھو آھيان. سندس ليمڪ کاڌو ھيم. تنھن ڪري ان جو فرمانبردار رھيس. سر چارلس سندس اھا ڳالھھ قبول ڪئي ۽ کيس معاف ڪري ڇڏيائين. ان ڪري احمد خان لغاري کي سڀئي جاگيرون واپس ڪيون ويون ھيون. ان وقت تائين سنڌ جا سڀئي قبائلي سردار سر چارلس جي پيش پئي جاگيرون وٺي سڀ چنتا پلي ماٺ ڪري ويھي رھيا ھئا. پر جون مھيني ۾ مزارين سان لڳ واري علائقي ۾ سک فوج ڪاھي آئي ھئي ۽  بھانو ڏنو ھئائين تھ ھتان جا ڌاڙيل سک حڪمرانيءَ جون حدون لتاڙي ڌاڙو ھڻي آيا آھن. گورنر جنرل جي لاھور جي حڪمران سان دوستاڻي حڪمت عملي قائم ڪئي ھئي. تنھن ڪري ھن ڪوبھ عملي قدم ڪونھ کنيو ھو. پر رڳو کين ڇنڊ پٽي ھئائين ۽ ان سان گڏ ميجر ڪورسلس جي ڪمانڊري ھيٺ آگبوٽن وسيلي چار سو فوجي حيدرآباد مان روانا ڪيا ھئائين. کيس حڪم ڏنو ويو ھو تھ جيڪڏھن غير علائقي جا ماڻھو پاڻون ڄاڻئون سنڌ جي حدن کان ٻاھر نھ نڪرن تھ انھن مٿان زوردار حملو ڪيو وڃي. پر ھن اھا سختيءَ سان پارت ڪئي ھئي تھ ڪڏھن بھ انھن جو پيڇو ڪندي سک سرحد پار نھ اڪري. ھن اھڙي فوج موڪلڻ سان گڏ مزارين کي بھ سختيءَ سان ھدايت ڪئي ھئي تھ ھو اڳين واسطي سرحد ڀڃڪڙي نھ ڪن. ميجر ڪورسلس ڏاڍو ڏاھو ماڻھو ھو ۽ پھتو بھ بنا دير ھو جنھن مناسب قدم کڻي خطرناڪ معاملي کي ھيڏي ھوڏي ڪري ڇڏيو. جيڪڏھن ھو سياڻپ ۽ سچيتائي کان ڪم نھ وٺي ھا تھ پنجاب سان جنگ ڇڙي پوي ھا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org