سنڌ جي بھترين آبپاشي نظام لاءِ واھن جي کوٽائي جو
ھڪ عاليشان منصوبو تيار ڪيو ويو ھو. پر ان کي بھ
ڄڻ تھ ختم ڪيو ويو ھو. ھن ملڪ جي زراعت لاءِ
سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطو رکڻ ضروري ھو. ائين ٿيڻ
ڪري زمين جي وڏي ايراضي آباديءَ ھيٺ اچي ھا ۽
سرڪار جي پيداوار وڌي ھا. پر ھن اھم منصوبي کي
ماھر انجيئرن جي ھٿ مان ڪڍي نااھل ڪاردارن جي
حوالي ڪيو ويو آھي.
ھنن ماڻھن جي ڀڏن ڪمن ڪري سکر ۾ لڳندڙ گھوڙن جو
ساليانو ميلو بھ ختم ٿي ويو آھي. گھوڙن سان گڏ
ٻيون بھ تجارتي شيون اچي ڪٺيون ٿينديون ھيون. ان
کان فوجي سامان رکڻ لاءِ ھڪ اھم جاءِ جي ڪم جي
منصوبي کي رد ڪيو ويو ھو. جيڪا بکر ۾ تعمير ٿيڻي
ھئي. مٿي ذڪر ڪيل سالياني ميلي ۾ وچ ايشيا سان
تجارتي ڏيتي ليتي ھلندي ھئي ۽ فوج کي ڀلا ۽ سستا
گھوڙا ملي ويندا ھئا. ان کان سواءِ ٻين تجارتي شين
جو مرڪز سکر، بکر ۽ روھڙي بھ ھوندا ھئا. جن جو پڻ
نقصان ٿيو ھو. اھڙين سٺين ڳالھين کي بيجاءِ دخل
اندازي ڪري تباھھ ڪيو ويو ھو. اھو حسد ۽ ڪميڻائپ
کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪونھ ھو. سر چارلس جي سنڌ
اندر موجودگيءَ دوران ڌاڙيلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ھو.
جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ ھن قسم کڻي ڇڏيو ھو، پر ھن
سنڌ جي امن امان لاءِ ڄڻ ڌرتي اٿلائي ڇڏي ھئي.
انھن بلوچ ڌاڙيلن جا ليفٽيننٽ ينگ ھسبنڊ سان ٿورا
ٿڪا مقابلا پيا ھلندا ھئا، پر سندس جھيڙو مرين ۽
اسلام خان بگٽي سان بھ ٿيندو ھو. ڇاڪاڻ اھي بلوچ
قبيلا بک کان ڇتا ٿي سنڌ ۾ اچي ڌاڙا ھڻندا ھئا.
اھي قبيلا پھريائين تياگا واري کاھي طرف وڌي
ڪھيرين تي قھر بڻجي وڃي ڪڙڪندا ھئا. ھنن ھڪ ڌاڙي
دوران ڪچھرين جي ھڪ قلعي تي وڃي حملو ڪيو ھو. پر
انھن ساڻن مقابلو ڪري کين ڀڄائي ڇڏيو ھو. ھڪ
نوجوان فوجي عملدار ميريويدر سندن ڪڍ لڳي پيو جيڪو
شاھپور ۾ رھندو ھو. جنھن سان مغل گھوڙيسوار ۽
ڪھيري گڏ ھئا. ھن ڏٺو تھ ڌاڙيلن جي ان ٽولي ۾ ست
سئو ماڻھو ھئا جن مان فقط پنجٽيھھ ماڻھو گھوڙن تي
سوار ھئا، جيڪي ٽڪريءَ جي تري ۾ صفبندي ڪيون ويٺا
ھئا ۽ رڻ پٽ کي اڪرڻ جي تيارين ۾ لڳا پيا ھئا.
جڏھن سندن نظر انگريز فوجين تي پئي تھ کاٻي پاسي
سرڪي ھڪ جھنگل ڏانھن وڃڻ لڳا. پر ميري ويدر گھوڙن
تيز رفتاري سان ڊوڙائي کين جھنگل ڏانھن وڃڻ کان
روڪي ڇڏيو، پر پوءِ بھ گھڻا مضبوط ھئا. ڇاڪاڻ تھ
چوڌاري ٽڪريون ۽ جھنگ ھو. ھو سمجھي رھيا ھئا تھ
مغل گھوڙيسوار ھنن جي مقابلي ڪرڻ کان پاسو ڪري
رھيا ھئا. تنھن ڪري ھنن اڳتي وڌي مٿين بندوقن جا
فائر ڪيا. ان کان سواءِ ڍالن کي تلوارن سان کڙڪائي
خبرا ۽ رڙيون ڪري، ھل ھنگامو مچائڻ لڳا ھئا. ان
کان پوءِ گھوڙيسوارن ڦري موٽي اچي مٿن حملو ڪيو.
حملو نھايت سخت ھو. پر بگٽي ڪلھو ڪلھي سان ملائي
ٽڪرين ڏانھن وڌڻ لڳا. گھوڙيسوار بھ سندن ڪڍ لڳي
پيا ۽ ڪاربائينس سان مٿن گوليون ڇوڙڻ لڳا. ان کان
پوءِ بگٽي ھڪ ننڍڙي کاھي اڪري مقابلي لاءِ بيھي
رھيا. پر کين ڪاربائينس جي گولين کڻي ڏنو ۽ ۽ پوءِ
ٽڪرين ڏانھن وڌڻ لڳا. ميري ويدر اڳتي وڌي کين
ٽڪرين ڏانھن وڃڻ کان روڪي ورتو. بعد ۾ ھنن لاءِ
انگريزي فوج سان مقابلي ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا واھھ
ڪانھ رھي ھئي. سخت مقابلو ٿيو. ميري ويدر کين پيش
پوڻ جو چيو پر ھنن انڪار ڪيو. ھنن جا ستن سون مان
باقي وڃي ھڪ سو ويھھ ماڻھو بچيا ھئا، جن ھٿيار ڦٽا
ڪيا. ٻھ گھوڙيسوار ٽڪرين ڏانھن ڀڄي نڪري ويا. باقي
ٻين سڀني کي قتل ڪيو ويو يا باندي بڻايو ويو ۽ اٺ
سردار تلوارن سان وڙھندي مارجي ويا.
اسلام خان ۽ احمد خان ھن جھيڙي ۾ موجود ڪونھ ھئا،
جيڪي پنھنجي قبيلي جا سردار ھئا، تنھن ڪري بگٽي
قبيلو وڏي ڪوس کان بچي ويو ھو. ھن جھيڙي ۾ انگريز
فوج فقط ھڪ سو ويھھ گھوڙيسوارن تي مشمل ھئي. جڏھن
تھ ڌاڙيلن جو تعداد ست سو ھو ۽ ڇھھ سو بگٽين جا
لاش ميدان ۾ پکڙيا پيا ھئا. ايڏو ڪوس ڪا ڪاسائڪي
ڪار ڪانھ ھئي. ڇاڪاڻ تھ اھي ڌاڙيل ھئا ۽ ڦرلٽ جي
ارادي سان سنڌ ڏانھن وڌي آيا ھئا. سر چارلس گھڻي
وقت کان وٺي جاکوڙي رھيو ھو تھ سنڌ کي ھنن بلوچ
ڌاڙيلن جي وبا کان بچائجي. کين چيو ويو ھو تھ سنڌ
اچي آباد ٿين ۽ جکراڻين جي پاڙي ۾ ويھي، پوکي راھي
جي ڪرت ڪن. ان کان سواءِ سردار دورا کي بھ ٿڌي ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪو قيد ۾ ھو. کيس پوکي راھي
لاءِ زمين ڏني وئي ھئي. ان کان سواءِ ھن کي پنھنجي
قبيلي جي ماڻھن ڏانھن موڪليو ويو تھ سنڌ ۾ آباد
ٿين تھ کين زمين ڏني ويندي ۽ سندن تحفظ ڪيو ويندو.
ميري ويدر بھ جھيڙي دوران کين پيش پوڻ ۽ رعايتن
ڏيڻ جو واعدو سر چارلس ھنن جي بھادري جي تعريف
ڪندو ۽ ايتري تباھي ڪري کيس مٿن رحم بھ ايندو ھو.
انصاف جي تقاضا اھا ھئي تھ اھي ماڻھو پنھنجو خون
پاڻ وھائي رھيا ھئا. اھڙي ريت سر چارلس نيپئر جي
بنايل سنڌ انتظاميھ مڪمل ٿي چڪي ھئي.
ھن جنرل کي پتو ھو تھ انھيءَ علائقي ۾ آباد ماڻھو،
انگريزن کان سياسي ۽ مذھبي طور نفرت ڪري رھيا آھن.
ھي اھي ماڻھو ھئا، جيڪي انگريزن سان جھيڙي ڪرڻ تي
سندرو ٻڌي بيھي رھيا ھئا. سندن يورپ جي ھنن ماڻھن
ڪنھن بھ قسم جو ويساھھ ڪونھ ھو. تنھن ڪري ھو
انگريزن جي فوجي طاقت کان نفرت ڪندا ھئا. انگريزن
خلاف اھا نفرت انھيءَ ڪري بھ ھئي جو ھنن ڪابل ۽
قلات جي سرحدن اندر مختلف جڳھن تي ننڍيون وڏيون
شڪستون کاڌيون ھيون.
سر چارلس کي معلوم ٿيو ھو تھ حڪمرانن جا نواب ۽
درٻاري ظالم ۽ ڪٺور آھن، ذاتي طور عياش آھن، جن
ملڪ کي ھڻي داڙا ڦارا ڪري ڀينگ ڪري ۽ سماج کي
پاڙان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آھي. ان ڪري پيداوار جي
ڪابھ اميد ڪانھ آھي. کيس اھو بھ معلوم ٿي ويو آھي
تھ ٻھراڙيءَ جي اٻوجھھ ماڻھن کي ڳاٽي ڀڳا محصول
مڙھي، سندن چيلھھ ئي چٻي ڪري ڇڏي. ھنن مٿان ٽالپرن
جو خطرناڪ قسم جو غلبو آھي. غير فطري موت ھنن جا
ڳوٺن جا ڳوٺ خالي ڪري ڇڏيا آھن. ھر ڪو ماڻھو
لڏيندو پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏيندو ۽ پنھنجي ڌرتي بھ
مٽيندو پيو وڃي. شھر بھ خالي ٿيندا پيا وڃن. ھاري
ناري اڌ گيدا ھٿ ھڻي پوکي راھي ڪري رھيا آھن. کين
خبر آھي تھ ھنن جي محنت جو ڦل ڏک ۽ ڏچي کان سواءِ
ٻيو ڪجھھ بھ ڪونھ آھي. ھاري ملڪ جي چوٿين حصي
جيتري ايراضي شڪارگاھھ آھن جتي جھنگلي جانور رھندا
آھن ۽ ٽالپر ظالم حڪمران انھن جو شڪار ڪندا آھن.
ھنن ان شيءِ کي بگاڙي خطرناڪ بڻائي ڇڏيو، جنھن کي
خدا تعالى انسان لاءِ سھوليت ۽ آرام واسطي تخليق
ڪيو آھي.
کيس اھو بھ معلوم ٿيو ھو تھ ھتان جي ماڻھن جي تحفظ
لاءِ قانون ئي ڪونھ آھي ۽ ھتان جا حڪمران فطري
انساني احساسن کان آجا آھن ۽ عام طور تي سڀ ماڻھو
(سنڌي) غلام آھن. عورتن کي مڇر ۽ مک سمجھي بي
گناھھ قتل ڪيو وڃي ٿو. ھڪ ٻئي کي پلاند ۾ قتل ڪرڻ
جو رواج آھي. ھتي ڌاڙن ھڻڻ جو ھڪ نظام قائم آھي.
اھڙا ماڻھو پوکي راھي يا ٻي ڪرت ڪانھ ڪندا آھن. پر
ڦرلٽ ڪري ۽ ڌاڙا ھڻي پيٽ گذر ڪندا آھن. ھتي ڌاڙي
ھڻن کي بھادري تصور ڪيو ويندو آھي. ھتي ”ڏاڍو سو
گابو“ وارو اصول ھلندو آھي. ھن قسم جي ڇڙواڳيءَ ۽
مانڌاڻ ۾ سماجي ڍانچو تباھھ ٿي ويو آھي. ھتي فقط
رت ۾ ڳاڙھا ھٿ سلامت رھي سگھندا آھن.
کيس اھو بھ معلوم ٿيو ھو تھ ھتان جو ھر بلوچ تلوار
۽ ڍال سان مسلح ھوندو آھي. کيس قانون جي ڪابھ
پرواھھ ڪانھ ھوندي آھي ۽ اخلاقيات کي ٿڏي پري اڇلي
ڇڏيندو آھي. پر جڏھن ھن سنڌ ڇڏي تھ انھن جي ھٿن ۾
چنجور ۽ ڪوڏر ھئا ۽ قانون جا پابند بڻجي ويا ھئا.
ابتدا ۾ ھن انھن ماڻھن کي جھيڙا ڪار ۽ خوني ڏٺو
ھو. چوڏس بي انصافي ۽ ڏاڍ کان سواءِ ڪجھھ بھ ڪونھ
ھو. پر جڏھن ھن سنڌ ڇڏي تھ اھي ساڳيا ماڻھو انصاف
پسند نرم مزاج ۽ فرمانبردار ٿي ويا ھئا. اڳي جتي
فوجي تسلط ھو اتي اڄ انصاف جي فرمان روائي قائم
آھي.
ھن ڏٺو ھو تھ سنڌ ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙجي رھي ھئي.
پر جڏھن ھن ڇڏيو تھ سنڌ ھندستان جو ھڪ صوبو ھو ۽
ڏاڍي خوش ۽ ريان کيان ھئي. چوڏس علائقا ھن جو
احترام ڪرڻ لڳا ھئا. ھن ماڻھوءَ کين قانون جي عزت
ڪرڻ سيکاري ھئي. کين تربيت ڏني ھئي، تھ انگريز جي
وقار تي اعتبار ڪري سگھجي ٿو. ھن کي اھو بھ
سيکاريو ويو ھو تھ انگريزن جي فوج کان ڊڄڻ گھرجي،
جنھن کي ديوتا جيتري طاقت آھي. ھن سنڌ کي غريب ۽
غلام ڏٺو ھو. جڏھن سنڌ ڇڏي تھ ان وقت ھن ڌتيءَ تي
ھڪ بھ غلام ڪونھ ھو. ھن ڌرتي ڌاڙيلن ۽ قاتلن کان
جد ڇڏائي ھئي. سندس آدمشماري وڌي وئي ھئي ۽ گھڻي
کان گھڻي ايراضي پوکي راھي ھيٺ اچي وئي ھئي. آزاد
ماڻھو زراعت جي ڌنڌي سان لڳي ويا ھئا. چوڏس اناجن
جا انبار لڳي ويا ھئا ۽ سنڌ سائي ڍائي ۽ سکي ستابي
ٿي وئي ھئي. ھن جڏھن ھتان ڇڏيو تھ سنڌ جو وڻج
واپار چوٽ تي چڙھيل ھو. اندروني تجارتي آمد رفت بھ
اڀري ۽ اسري چڪي ھئي، شھر وڌي رھيا ھئا، ھنرمند ۽
ڪاريگر جام ھئا، محصول گھٽيل ھو، پيداوار وڌي وئي
ھئي، انتظاميھ بھ قائم ٿي چڪي ھئي، جنھن پنھنجو ڪم
ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ھو. سماجي نظام ۾ سڌارا آندا ويا
ھئا. ماڻھن جا حوصلا بلند ھئا ۽ مستقبل جي
خوشحاليءَ لاءِ ترقي جو رستو کوليو ويو ھو.
ھن ڏٺو ھو تھ ماڻھو گروھن ۾ ونڊيل ورڇيل ۽ ڪڻو ڪڻو
ھئا، جيڪي ھڪ پاسي غلاميءَ جي ھٿڪڙولن ۾ ھٿيڪا تھ
ٻئي پاسي ويلن تي ويٺا ھوندا ھئا تھ جھنگلي ٽالپرن
جو تسلط مٿن ٽيئن پاسي ھو. جيڏانھن نھاربو ھو. جرم
ئي جرم نظر ايندو ھو، ڏاڍ ئي ڏاڍ ھو. ڳلن تان
وھندڙ ڳوڙھا ھئا، سورن جو اٿاھھ سمونڊ ھو. جڏھن ھن
سنڌ ڇڏي، ماڻھو متحد ھئا، آدمشماري وڌيل ھئي،
ماڻھو خوش ھئا ۽ تھذيب ڏينھون ڏينھن وڌي رھي ھئي.
اھو سڀ ڪجھھ رحمدل ۽ سخي انسان جي ڏات ۽ ڏانءَ ڪري
ھو.
اضافو
گذريل بابن ۾ سنڌ جي انتظاميھ جو ھڪ خاڪو ڏنو ويو
آھي يا ائين کڻي چئجي تھ ان جو مختصر بيان ڪيو ويو
آھي. ھن موضوع بابت مڪمل احوال سر چارلس جي ڪيل
لکپڙھھ ۾ موجود آھي، جنھن مان چڱيءَ ريت معلوم ٿي
ويندو تھ ھي دنيا جي بھترين فوجي ڪمانڊرن مان ھڪ
ھو. اھو بھ معلوم ٿي ويندو تھ ھو عدل انصاف سان
محبت ڪندو ھو ۽ سندس حڪومت عيسائي اصولن جي روح
مطابق ھئي. ھن احوال مان اھو بھ معلوم ڪري سگھجي
ٿو ھو پنھنجي ڌرتي ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کيس ڏاڍو
بدنام ڪيو ھو. پر نھ ھن جي اھليت نھ وري ھن جون
ڪاميابيون ھنن ماڻھن جي دشمنيءَ کي گھٽائي سگھيون
ھيون. ھو ھندستان ڇڏي انگلينڊ ھليو ويو تھ بھ کيس
معاف ڪونھ ڪيو ويو ھو.
ھندستان ۾ فتحن کان پوءِ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي ھي
ضرورت محسوس ٿي ھئي تھ فتح ٿيل ملڪ مان ھٿ آيل مال
غنيمت فاتح فوج ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس وچ ۾ تقسيم
ڪيو وڃي. اھڙي ريت ھن ڪورٽ انگلينڊ جي تاجدار کي
بھ گذارش ڪئي ھئي تھ مذڪوره تقسيم ضرور ٿيڻ گھرجي.
ليڪن انھيءَ اصول تحت ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس مياڻيءَ
جي فتح کي مال غنيمت ڏيڻ لاءِ تيار ڪانھ ھئي. تنھن
ڪري ھن معاملي کي نبيرڻ واسطي انگلينڊ جي تاجدار
کي اپيل ڪئي وئي ھئي جيڪا ڪامياب ٿي ھئي پر نياءَ
۽ نيت پت واري اھڙي ورھاست لاءِ ٽياڪڙ ڪورٽ آف
ڊائريڪٽرس کي مقرر ڪيو ويو ھو، جنھن جلد ئي ھڪ غلط
قسم جي تقسيم ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھي ڪورٽ سر چارلس
نيپئر کي ڪمانڊر ان چيف سمجھي ڪانھ رھي ھئي.
ھندستان جي روايتن موجب ميجر جنرل جي عھدي واري
فوجي عملدار کي ڪمانڊر ان چيف تسليم ڪيو ويندو
آھي. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي اھڙي فيصلي جو اطلاع
لارڊس آف ٽريئري کي ڏنو ويو ھو.
ھن کان سواءِ اڃا بھ گھڻو ڪم رھيل ھو. ھي فيصلو تھ
ضرور ھو، پر ان ۾ کوٽ ھئي ۽ کوٽيءَ نيت سان ڪيو
ويو ھو. جيڪو عوامي امنگن مطابق ڪونھ ھو. ليڪن اھو
ڪو آخري فيصلو ڪونھ ھو. شاھي فيصلي مطابق ان جي
اپيل لارڊس آف ٽريئري کي ڪرڻي ھئي. سر چارلس نيپئر
اھڙي اپيل جو نوٽيس لارڊس آف ٽريئري ڏانھن موڪليو
ھو، جيڪو پھچي ڪونھ سگھيو جنھن کي ڪورٽ آف
ڊائريڪٽرس وچ تي روڪي ڇڏيو ھو. انھيءَ زماني ۾ سر
چارلس سنڌ ۾ موجود اھڙي صورتحال مان ائين معلوم ٿي
رھيو ھو تھ اڻ سڌي طور کانئس اپيل ڪرڻ جو حق کسيو
ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ مقرر وقت جي گذري وڃڻ کان پوءِ
عرضدار اپيل جو حق وڃائي ويھي رھندو آھي. سر چارلس
جي دوستن کي اھڙي معلومات ڪنھن ذريعي وسيلي ملي
ھئي تھ لارڊس آف ٽريئري سان ڳالھايو جن کي چيو ويو
تھ اھي غير موجود جنرل بدران اھڙي اپيل داخل ڪري
سگھن ٿا. ان کان پوءِ انگلينڊ جي ماڻھن کي صحيح
صورتحال جو پتو پيو ھو، جن ۾ ناراضگي پيدا ٿي وئي
ھئي. اھڙي ريت عوامي مزاحمت بھ اڀري آئي ھئي ۽
سمجھيو پئي ويو تھ انھن فوجي جنرلن مان غلط فائدو
وتو پيو وڃي جن جنگ جي ميدان تي سر ترين تي رکي
سوڀون ماڻيون آھن. ان وقت اھو بھ ٿيو تھ ان غلط
فيصلي ڏيندڙ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ھڪ ميمبر سر جي
وايرھاگ جلديءَ ۾ ھائوس آف ڪامنس جي ھڪ ميمبر مسٽر
بئلي کي سندن نمائندگي ڪرڻ جي گذارش ڪئي، جنھن ھم
ڪئي نھ تم، ائين ڪوڙ تي سندرو ٻڌي بيھي ويو ۽
مخالفت ۾ بيان ڏنو ھئائين سر چارلس نيپئر کي فاتح
ھجڻ اعزاز ڪونھ مليو آھي ۽ ھن ستر ھزار پائونڊ مال
غنيمت طور ورتا آھن. اصول مطابق سندس حصو اٺون
آھي، پر ھن کي اٺين حصي کان وڌيڪ مليو آھي. سر جي
ڊبليو ھاگل جي ڪوشش ھئي ان کي مليل مال غنيمت جو
اڌ گھٽايو وڃي. کيس اھا بھ خبر ھئي تھ کيس ملڻ
وارو غنيمت جو مال اڃا پري آھي. پر کيس اھا ٿوري
يا گھڻي رقم گھڻي عرصي کان پوءِ ملي ھئي. سر جي
ڊبليو ھاگ نھ مسٽر بئلي ھي ڳالھھ سمجھي سگھيو ھو
تھ ڪيتري بھ وڏي رقم، ان جنرل جي اعزاز برابر ڪانھ
آھي جيڪو تلوار کڻي جنگ ۾ وڙھندو آھي. اھو ھڪ راز
ھو جنھن کي اھڙا موڳا ۽ اوڳا ماڻھو سمجھي ڪونھ
سگھندا آھن.
ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس فيصلو ڪيو ھو، جنھن خلاف لارڊس
آف ٽريئري اپيل ڪرڻ جي اجازت ڏني ھئي. سر چارلس جو
وڪيل جان جارج پلمو ھو. جنھن ان معاملي جي پنھنجي
ھٿن سان وڍ ٽڪ ڪئي ھئي ۽ اھڙين حقيقتن کي وائکو
ڪيو ھو جنھن جي بنيادن ۾ حسد ۽ تعصب کان سواءِ ٻيو
ڪجھھ بھ ڪونھ ھو. ھن وڪيل اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ھو
تھ ھندستان جي گورنر جنرل سر چارلس کي ڪماندڙ ان
چيف جو عھدو ڏنو ھو جيڪو سندس منٽس بوڪ ۾ بھ موجود
آھي. ھن ڪامورا شاھي جي وڏي لکپڙھھ کان پوءِ بھ
کيس اھو عھدو ڏنو ھو. پر ڪورٽ آف ڊائريڪٽر بدنيتي
کان ڪم وٺي، ڄاڻي ٻجھي اھڙين ڳالھين کي ڇٻٽ ڪري
ڇڏيو ھو. ان کان سواءِ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس حق ۽ سچ
کي لڪائڻ لاءِ غير مناسب طريقي سان سر چارلس کي
لويو ۽ ڊويو ھو. سندس وڪيل اھو سوال بھ اٿاريو ھو
تھ ڇا اڳين فيصلن، اڳين روايتن، ٿيل فيصلن جي
رھنمائي ڪئي وئي ھئي يا ڪن اصولن کي آڏو رکيو ويو
ھو؟ ڇا اڳين ڪورٽن ۽ شاھي حڪمن ڪورٽ آف ڊائريڪٽس
جي بيان خلاف پنھنجي نقطئھ نظر جو اظھار ڪيو ھو ۽
ان جي فيصلي کي غلط قرار ڏنو ھو؟ اھي سڀ ڳالھيون
انھيءَ ڪري ٿيون ھيون جو ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس سر
چارلس دشمن ھئي، جيڪو عمل قانون، راويت ۽ فرد جي
عزت جي خلاف ھو. ھتي انصاف ھن حقيقت کي تسليم ڪرڻ
جو تاڪيد ڪري ٿو. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ڪن ميمبرن
ھن ڪارروائي ۾ حصو ڪونھ ورتو ھو نھ وري ھن
ڪارروائي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اھل ھئا ۽ نھ ھن اداري جي
حڪم خلاف کين ڪجھھ ڪرڻ جي ڪا طاقت ڪانھ ھئي.
ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ھڪ اداري جي صورت ۾، اھو بي
انصافيءَ جو ڪم ڪيو ھو. لارڊ ايلنبرو جي حڪم واري
تاريخ کان وٺي سر چارلس فوج جو جنرل ھو. ڪورٽ آف
ڊائريڪٽرس بھ حقيقت تسليم ڪئي ھئي. ھن اداري جي
اثر رسوخ ڪري انگلينڊ جي وزيرن بھ اھڙي ڳالھھ کي
قبول ڪري ورتو ھو. پر جڏھن سر چارلس نيپئر فتح
حاصل ڪئي تھ مال غنيمت کي ڏسي، ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس
جي نيت تبديل ٿي وئي ۽ جنرل چارلس خلاف ھل ھنگاما
ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ھئائون. اھڙين ڳالھين کي نظر ۾
رکي جنگي توبن جي ڌماڪن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ان کان سواءِ پارليامينٽ سر چارلس کي جيڪو خراج
تحسين پيش ڪيو ھو، سو بھ ڪيترن سالن تائين لڪايو
ويو ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ مياڻي ۽ دٻي جي
جنگين جي آوازن کي وچٿري جنگي سرگرمي تسليم ڪيو
ويو ۽ انھن جي نتيجن کي فتح طور قبول ڪن ڪيو ويو
ھو.
توھين آميز ۽ بدنامي وارا مقالا ’ايڊنگبرک‘ ۽
’ڪئارٽرلي رويو‘ ۾ لکيا ويندا ھئا، جنھن جا مصنف
بھ مٿئين طبقي جا ماڻھو ھئا. ڪي ڪالم وري روزانو
وارن اخبارن ۾ ڇپيا ھئا، جيڪي چار ڏوڪڙ ڏئي لکرايا
ويندا ھئا. انھن سڀني جي ڏاڍ جو شڪار سر چارلس
نيپئر ھو انھن جو اصل مقصد ھن جي بھادريءَ ۽ جرئت
کي لڪائڻ ھو. کيس اھڙي بدنامي کان بچائڻ ڪامورا
شاھي جو فرض ھو. پر اٽلندو ھي ماڻھو انھن سرڪاري
عملدارن کي انعامن اڪرامن سان نوازيندي جيڪي سر
چارلس کي اخبارن ۽ رسالن ۾ بدنام ڪندا ھئا ۽
انتظامي ڀڃڪڙي ڪندا ھئا ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جا حڪم
بھ مئڪاولي حڪمت عملي جو مظھر ھوندا ھئا، جيڪي
ظاھري ۾ انھن ماڻھن جي سخت خلا ھئا جيڪي سر چارلس
تي تھمتون ۽ الزام ھڻندا ھئا، پر ڳجھھ ڳوھھ ۾ سندن
ھمت افزائي ڪندا ھئا ۽ ھن جي عزت ۽ احترام گھٽائڻ
واري مھم کي لڳا پيا ھوندا ھئا. لارڊ رپن ھن جا
اھي خط ڪونھ ڇپرائيندو ھو جيڪي ھو لارڊ رپن ڏانھن
لکندو ھو. ان کان سواءِ سرڪاري دعوتن ۾ ھن کي شريڪ
ڪونھ ڪيو ويندو ھو. جڏھن تھ ھن جنرل ھندستان اندر
فتحون حاصل ڪيون ھيون. جڏھن ھندستان ڇڏي انگلينڊ
پھتو تھ بھ ھن سان ساڳي ويڌن جاري ھئي. ھي اڪيلو
انھن انگريز عملدارن مان ھو جيڪو مشرق کان ھتي
پھتو ھو. جنھن کي عزت احترام جي نظرن سان نھ ڏٺو
ويندو ھو ۽ شھر جي اعلى درجي جي دعوتن کيس شريڪ
ٿيڻ لاءِ دعوت ڪانھ ڏني ويندي ھئي. جڏھن ماڻھو کيس
عزت ڏيندا ھئا تھ لنڊن جون اخبارون ۽ رسالا اھڙيون
ڳالھيون ڪونھ ڇاپيندا ھئا ۽ ائين نٽائي ويندا ھئا
ڄڻ اھڙيون ڳالھيون ٿيون ئي ڪونھ ھيون. اھڙيون سڀ
ڪروڌي ڳالھيون ساڻس دشمنيءَ ڪري ٿي رھيون ھيون،
جنھن جو مثال ھيءُ حقيقت بھ آھي تھ جڏھن سر چارلس
واري جھاز اچي پورٽس مائوٿ وارو بندر ڀيٽيو ھو تھ
ھن شھر جي ٽائون ڪائونسل ھن کي شاندار آجياڻو ڏنو
ھو، جنھن شھر جا ماڻھو بھ اچي شريڪ ٿيا ھئا. ھتي
رھندڙ گئريسن فوج جا عملدار کيس ھڪ شاندار جلوسن
جي شڪل کيس وٺي ٽائون ھال تائين آيا ھئا. سندس ھن
جلوس سان رايل مئرنس بھ گڏ ھئا. ھن قسم جي شاندار
تقريب جو احوال لنڊن جي ڪنھن اخبار ۽ رسالي ڪونھ
ڇاپيو ھو. ان کان سواءِ پورٽس مائوٿ جي ميئر اھڙي
رپورٽ لنڊن جي ھڪ مشھور رسالي ڏانھن ڇپجڻ لاءِ
موڪلي ھئي، پر ان رسالي جي ايڊيٽر ان رپورٽ کي
ڇاپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. توڙي جو کيس معمول
مطابق رقم بھ آڇي وئي ھئي. ان کان سواءِ ايڊيٽر کي
ان رپورٽ کي اشتھار جي شڪل ۾ ھلائڻ لاءِ بھ چيو
ويو ھو، پر ھن ائين بھ ڪونھ ڪيو ھو.
اھڙن ماڻھن جون اٽڪلون ۽ حرڪتون انھيءَ لاءِ ھيون
تھ جيئن ھن عظيم انسان جي حقيقي ڪارگذارين کي عام
ماڻھوءَ کان لڪايو وڃي. ھنن ماڻھن ھن حقيقت کي
وساري ڇڏيو ھو تھ تاريخ ۽ پويان ايندڙ نسل اھڙين
ڳالھين کان باخبر ٿي سندن ٿورائتو ٿيندو. ھن کان
سواءِ عام انگريز بھ ھنن ڳالھين ڏانھن ڌيان ڪونھ
ڏئي رھيو ھو ۽ انھن بھ سر چارلس نيپئر کي عزت ۽
احترام ڏيڻ ۾ خاص دلچسپي ڪانھ ڏيکاري ھئي. پر
اتفاقي طور انگريز ھندستان لاءِ ھڪ خطرو پيدا ٿي
ويو ھو جيڪو نھايت خوفناڪ ھو. تنھن ڪري ھڪ قومي
احساس شدت اختيار ڪري ويو ھو، جيڪو سڀني ڳالھين
مٿان ڇائنجي ويو ھو. عام ماڻھو انھن وزيرن مٿان
دٻاءُ وجھي رھيا ھئا جيڪي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ھا
۾ ھا ملائيندا ھئا ۽ سر چارلس کي بدنام ڪرڻ ۾ بھ
ھن ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس سان گڏ ھئا تھ ھو انگلينڊ جي
تاجدار کي سر چارلس جي عظمت کان واقف ڪن جنھن کي
ھن وقت تائين لڪايو ويو ھو ۽ مختلف قسمن جا الزام
ھڻي بدنام ڪيو ويو ھو، جيڪو انگلينڊ کي ڏکيءَ
گھڙيءَ ۾ ڪم آيو ھو. ان کان پوءِ اھا ساڳي ڪورٽ آف
ڊائريڪٽرس سر چارلس جي بوٽن کي چٽڻ ۾ لڳي وئي ھئي
جنھن اڳ سندس توڻي تپائي ڏني ھئي. ھڪ فاتح جي ھئڻ
ناتي کيس اعزاز بھ ڏيڻ شروع ڪيا ھئا. ان کان سواءِ
ھن جي تحفظ جو ذمون بھ پاڻ کنيو ھو.
سر چارلس ماضيءَ جا سڀئي گھاو وساري ڇڏيا ھئا ۽ جن
وزيرن ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ھن کي بدنامي جا ڏنڀ
ڏنا ھئا، تن کي ھن غلط اکر جيان ميساري ڇڏيو ھو.
پر ھي انگلينڊ جي تاجدار ۽ انگلينڊ جي عوام جي
خاطر ھندستان موٽي ويو ھو. ھن اڳڪٿي ڪئي ھئي تھ
جڏھن خوف ۽ خطرا ھٽي ويندا تھ اھي ساڳيا ماڻھو
برساتي ڏيڏرن وانگر ٻاھر نڪري ايندا ۽ اڳئين جيان
کيس بدنام ڪرڻ واري پراڻي ڪرت کي لڳي ويندا. جڏھن
ھن ڏٺو تھ سندس عزت کي ڇيھو رسي رھيو آھي تھ ھن
وڏي فوجي عھدي تان ٻيو ڀيرو استعفى ڏئي ڇڏي، ڇاڪاڻ
تھ کيس محسوس ٿيو ھو تھ ساڻس وري بھ بي انصافي ٿي
رھي آھي ۽ بي ڌياني جو شڪار ٿي رھيو آھي. پر ھو
تاريخ ۽ پنھنجي پوئين نسل واسطي مياڻيءَ حيدرآباد
جو بي مثال فاتح ھوندو. ھي اھو ماڻھو ھو جنھن
ڪڇيءَ جي جابلو ڌاڙيلن کي پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪيو
۽ سنڌ کي غلاميءَ مان آجو ڪيو ھو. ھي پھريون ماڻھو
ھو جنھن کي انگريز قوم ان وقت واھر ڪرڻ لاءِ پڪايو
ھو، جڏھن ھندستان جي انگريز شھنشاھت لوڏن لمن ۾
ھئي ۽ تباھھ ٿيڻ واري ھئي.
ضميمو
پھريون
(ھتي ٽالپر حڪومت جو ھڪ نمونو پيش ڪجي ٿو، جنھن کي
ممبئيءَ واريءَ ڌر قبائلي سردارن جي سرڪار سڏبو
آھي.)
ھيٺ ڪراچي جي ڪليڪٽر جي ان رپورٽ جو اختصار ڏجي ٿو
جيڪا ھن جج ايڊووڪيٽ جنرل ڏانھن موڪلي ھئي جنھن ھن
کي ٻڌايو ھو تھ ٽالپر دور ۾ شاھدن کي ڪھڙي طريقي
سان جاچيو پرکيو ويندو ھو.
نومبر
1844ع
ٽالپر دور ۾ شاھدن کي جاچڻ پرکڻ يا انصاف ڏيڻ جو
باقاعده مقرر اصول ڪونھ ھوندو ھو. عام طريقو اھو
ھوندو ھو تھ شاھد کي قسم ڏيڻ کان سواءِ بيان ڏيڻ
جو چيو ويندو ھو تھ کيس گھربل واقعي بابت ڪھڙي خبر
آھي. جيڪڏھن شاھد چوندو ھو تھ ان واقعي جي کيس خبر
نھ آھي تھ جج سندس بيان جي سچائيءَ ۾ شڪ ڪندو ھو ۽
سمجھندو ھو تھ شاھد کي واقعي جي ساري خبر آھي،پر
ڄاڻي ٻجھي ڪوڙ ڳالھائي رھيو آھي. تنھن ڪري جج ان
شاھد مٿان تشدد ڪرڻ جو حڪم ڏيندو ھو تھ جيئنءَ ھو
سچي شاھدي ڏئي. اھڙيءَ ريت ان کي ٽنگيو ويندو ھو ۽
لوھيون سيخون گرم ڪري سندس جسم جي مختلف عضون کي
ڏنڀيو ويندو ھو يا وري خنجر جي تيز نوڪ سان سندس
جسم جي عضون تي چوڪون ڏنيون وينديون ھيون يا خنجر
جي تيز ڌار سندس نڙيءَ تي رکي ويندي ھئي ۽ کيس چيو
ويندو ھو تھ سچي شاھدي ڏئي، نھ تھ سندس سسي ڌڙ کان
ڌار ڪئي ويندي. ڪراچي جي مختلف حاڪمن (گورنرن) جي
دور ۾ شاھدن تي اھڙو تشدد ٿيندو ھو، جيڪو مان سنڌ
۾ رھڻ دوران پنھنجي ڪنين ٻڌو. اھڙن ٻن موقعن تي
جج (قاضي) شاھد کان سچي شاھدي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿي ويو ھو.
*
حيدرآباد جي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ جي رپورٽ جو اختصار
نومبر
1844ع
ٽالپر دور ۾ سول معاملن ۾ ٻنھي ڌرين کان قسم کڻايو
ويندو ھو. پر سنڌ جي فوجداري معاملن ۾ ڌرين کي قسم
ڪونھ کڻايو ويندو ھو. جيڪڏھن ٻن بلوچ قبيلن ۾ قتل
جو معاملو ھوندو ھو تھ ٻنھي کي پاند پلاند ڪرڻ
لاءِ ڇڙواڳ ڇڏيو ويندو يا ٺاھھ جو اھو طريقو قابل
قبول سمجھيو ويندو ھو، جيڪي ٻئي ڌريون مڃينديون
ھيون. پر جيڪڏھن ڌاڙي ۽ ڦرلٽ جو جرم ھوندو ھو تھ
ڪاردار کي واتين وڻي دانھن ڏبي ھئي، جيڪو پيرا
کڻائي يا ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪري وڃي ڏوھيءَ کي
جھليندو ھو ۽ ان وقت تائين ماريندو ڪٽيندو ھو،
جيستائين ھو پنھنجو ڏوھھ نھ باسيندو ھو. جيڪڏھن
سمجھيو ويندو تھ ڪو ماڻھو ان واقعي جو اکين ڏٺو
شاھد آھي تھ ان کي شاھدي ڏيڻ لاءِ گھرايو ويندو
ھو. پر جيڪڏھن اھو ماڻھو الي ويندو ھو تھ ان کي
تيستائين ماريو ڪٽيو ويندو ھو، جيستائين ھو سچي
شاھدي ڏيڻ لاءِ تيار نھ ٿيندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن
ڏوھيءَ کي چر جي آزمائش ۽ ڪڏھن پاڻيءَ جي آزمائش
مان گذرڻو پوندو ھو. پر جڏھن ڏوھي ٻنھي مان ڪنھن
بھ آزمائش ۾ ناڪام ٿيندو ھو تھ کيس مجرم سمجھيو
ويندو ھو. اھڙيون سزائون سنڌي ھندن ۽ مسلمانن کي
ڏنيون وينديون يا وري اھڙي بلوچ کي ڏني ويندي ھئي
جنھن جي قبيلي جو سردار ڪمزور ھوندو ھو. نھ تھ ڌڻي
سائين وارو بلوچ ڪابھ ڳالھھ ڪانھ لڪائيندو ھو ۽
فريادي ڌر ۽ ڪاردار کي چوندو ھو، جيڪو ڪرڻو اٿو
ڪريو پر ڌاڙري واري ملڪيت ڪونھ ڏيندس ۽ جيڪو ماڻھو
ان ڏوھي بلوچ کي گرفتار ڪرڻ ويندو ھو، تنھن کي قتل
ڪري ڇڏيندو ھو.
ضميمو ٻيو
سنڌ جي ڊپٽي ڪليڪٽر سي ڊبيلو رچرڊسن جي موڪليل
رپورٽ جو اختصار.
جولاءِ
1845ع
سنڌ جي اتر ۽ لاڙ واري پاسي ڪمند جو فصل وسيع
ايراضيءَ تي پوکيو ويو آھي. ھي فصل سنڌوءَ جي ڪٺار
واري علائقي ۾ گذريل ڪيترن سالن کان پوکيو پيو
وڃي، مان پوري ڀروسي سان چئي سگھان ٿو تھ ھيءَ پوک
اڃا بھ وڌندي رھندي. ٽالپر دور ۾ ڍل تمام ڳري ورتي
ويندي ھئي. تنھن ڪري ھيءَ پوک ٿوريءَ ايراضيءَ تي
پوکي ويندي ھئي. پر ھاڻي سنڌوءَ جي ٻنھي ڪڙن سان
ڀلي زمين ۾ زراعت جي ھيءَ جنس پوکي ويندي آھي.
سنڌوءَ جي سالياني ٻوڏ ڪري پاڻي سان گڏ ايندڙ لٽ
زمين تي ڇائنجي ويندو آھي، تنھن ڪري فصل ڏاڍا ڀلا
ٿيندا آھن ۽ ان زمين کي ٻئي ڀاڻ ڏيڻ جي ضرورت ڪانھ
پوندي آھي. ھندستان جي ڪنھن ٻئي صوبي ۾ ائين ڪونھ
ٿيندو آھي، ھن پوک جي ڍوئي گڏ ڪرڻ ۽ ٻئي ڪم ۾ گھڻو
خرچ ايندو آھي. سنڌ اندر مکيھ پورھيو جھنگ وڍي ٻني
صاف ڪرڻ، ھر ڪاھڻ ۽ فصل مان گاھھ صاف ڪرڻ ھوندو
آھي. معلوم ٿئي ٿو ھندستان جي ٻين علائقن ۾ ڪمند
جي پوکي ناممڪن ھوندي آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن پوک کي
پاڻي جي گھڻي ضرورت ٿئي ٿي. جڏھن تھ انھن علائقن ۾
پوکي راھي کوھن جي وسيلي ٿيندي آھي، پر سنڌ ۾ ھيءَ
پوک سنڌوءَ جي ڪٺار واري جوءِ ۾ ٿيندي آھي. جتي
پاڻي اڻيھئي ۽ جام ھوندو آھي. ٽالپرن وار دور ۾ بھ
اھو ساڳيو پاڻي ھو، زمين بھ ساڳي ڀلي ھئي. پر
ماڻھو ھن پوکي ڪاھڻ کان پري پيا ڀڄندا ھئا. ھاڻي
تھ ڍل ٿوري آھي. پر پوءِ بھ ماڻھو ھن پوک ۾ ايتري
دلچسپي ڪونھ ٿا وٺن جيتري کين وٺڻ گھرجي. ھتان جي
ڪمند جي ڇڙي ننڍي ٿئي ٿي ۽ ان جي رس جو ذائقو گھڻو
سٺو ڪونھ ٿو ٿئي. ڪمند جو وڏو حصو شھرن ڏانھن وڪري
لاءِ کڄي ويندو آھي ۽ ماڻھو ان کي چوسڻ لاءِ خريد
ڪندا آھن. ان کان سواءِ ڪمند جي پوک ڀرپاسي جي
ڳوٺن ڏانھن بھ ويندي آھي. ان پوک جو باقي ٿورو حصو
پيڙيو ويندو آھي، جنھن جو طريقو ايڏو سٺو ڪونھ
ھوندو آھي. اھڙي ريت ان رس مان ڳڙ تيار ڪيو ويندو
آھي. ھتان جا ماڻھو ڳڙ ٺاھڻ جي صحيح طريقي کان
واقف ڪونھ آھن. ھن فصل جو سٺو ٻج ماريٽس گھرائي
پوکي سگھجي تھ پيداوار وڌي سگھي ٿي. ھتان جي ڪمند
جي پوک جيڪڏھن صحيح طريقي ڪئي ويندي تھ ان مان بھ
فائدو ٿي سگھي ٿو. ان لاءِ ڳڙ ٺاھڻ جي طريقي کي
سڌارڻ جي بھ ضرورت آھي. ڇاڪاڻ تھ ھتان جو طريقو
ايڏو سٺو ڪونھ آھي. ليڪن ھر قسم جي کنڊ تھ مسقط
مان گھرائي ويندي آھي. بنگال جي ڪيترن ئي علائقن ۾
ڪمند جي پيڙڻ ۽ کنڊ ٺاھڻ جا ڪيترائي ڪارخانا قائم
ڪيا ويا آھن، پر سنڌ جھڙيون سھوليتون تھ اتي بھ
ڪونھ آھن. جتي ڀلي ٻني، مناسب آبھوا، آبپاشيءَ جو
سولو نظام ۽ پيداوار کي شھرن تائين پھچائڻ جو سولو
طريقو بھ آھي. جيڪڏھن ھن پوک جي ڏس ۾ حڪومت واھر
ڪندي تھ ھيءَ پوک تمام گھڻي ايراضيءَ ۾ پوکي سگھجي
ٿي. جيڪڏھن کنڊ لاءِ وڏي صنعت قائم ڪبي تھ ايترو
گھڻو خرچ ڪونھ ايندو. پر موٽ ۾ وڏو نفعو ڪمائي
سگھجي ٿو. اھڙي ريت کنڊ جي وڏي تجارت بھ شروع ڪري
سگھجي ٿي. شگر ملون ڪمند جي پوک ڀرسان ھئڻ کپن.
ڇاڪاڻ ڪمند وڍجڻ کان پوءِ جلدي سڪي ويندو آھي. ان
ڪري رعيتي ماڻھن کي ھن پوکيءَ لاءِ ھمٿايو وڃي تھ
ڳڙ ٺاھي شھرن ۾ وڃي وڪڻن ۽ خوب ناڻو ڪمائن يا کڻي
کنڊ جي سرڪاري ڪارخانن کي ڏين. جيڪڏھن شگر مل
انگلينڊ مان گھرائبي تھ ٽي سئو پائونڊ کائي ويندي.
پر نصب ڪرائڻ ۾ بھ ڪجھھ خرچ لڳي ويندو. تنھن ڪري
اھا سرڪار کي ساڍن ٽن سون پائونڊن ۾ پلئھ پوندي.
جيڪڏھن رعيتي ماڻھن کي ڳاڙھي کنڊ ٺاھڻ سيکاربي تھ
لوھھ جي مل گھرائڻ جي خفي کان جند ڇٽي پوندي. |