سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 22

اھڙيءَ ريت سنڌ جا ترقياتي ڪم منڌل وايو منڊل مطابق سست رفتاريءَ سان ھلي رھيا ھئا. ان وايو منڊل ۾ ھڪ کوٽ انجنيئرن جي بھ ھئي. سکر ۽ شڪارپور جي وچ واري علائقي کي سنڌوءَ جي اٿل جو پاڻي ٻوڙي ڇڏيندو ھو. تنھن ڪري درياه جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ بندن ٻڌڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو ھو. اھو ڪم ڪئپٽن اسڪاٽ جي حوالي ڪيو ويو ھو. جنھن اھو ڪم ھاڻي پورو ڪري ڇڏيو آھي. ھڪ سال تھ سنڌوءَ ايترو وڏو چاڙھھ ڪيو ھو جو سمجھيو پئي ويو تھ اھو سارو پورھيو ئي لوڻ پاڻي ٿي ويندو. تنھن ڪري اھڙي سوچ جي سورھن آنا پڪ ڪانھ ھئي. پر پوءِ جنرل سر چارلس جي تيار ڪيل ھڪ منصوبي تي عمل ڪري ڪم کي پڄائي پورو ڪيو ويو ھو. اٽل ارادي ۽ نيت جي سچائي سان ھو روڪ ۽ رنڊ مان ڌو پار ٿي چڪا ھئاسون. ان جو نتيجو اھو نڪتو تھ اڳي ھن شھرن وچ تي پاڻي ڍنڍون تلاءَ ڪري بيھي ويندو ھو ۽ تپاولي شروع ٿي ويندي جيڪا بندن ٻڌڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي.

سر چارلس نيپئر ھن سٺي ڪم تي سنڌ جي پيداوار جو ڪجھھ حصو ڏاڍي خوشيءَ سان برداشت ڪيو ھو. پر ھو ھميشه عوامي ڀلائي جي ڪمن کي اھميت ۽ اوليت ڏيندو جيڪا سندس وسعت دليءَ جي علامت ھئي. پر ھن ساري پيداوار جا ملڪ دولتمند ماڻھو ھئا جيڪي سندس اھڙا ڪم ڏسي تپي باھھ ٿي ويا ھئا. اھي مقدر پسند ماڻھو ھئا سندن خيال ھو تھ اھي بيماريون انسان جي مقدر ۾ لکيل ھونديون آھن ۽ ويچارو انھن روڳن کي پنھنجي جتن ۽ جاکوڙ سان ٽاري ڪونھ سگھندو آھي ۽ سر چارلس جون اھڙين ڪوششن تي ڏاڍو کليا ھئا. ھن علائقي ۾ کوھھ تمام ٿورا ھوندا ھئا. پر ھي ماڻھو ڪونھ چاھيندا ھئا تھ عوامي سھوليت لاءِ ڪي کوھھ کوٽايا وڃن. آبپاشي نظام کي برقرار رکڻ جي مقصد سان تعمير ڪيل بندن ۾ در ھڻايا ويا ھئا. ان جو مقصد ھو تھ ٻوڏ جي پاڻيءَ کي روڪڻ مان ڪجھھ فائدو حاصل ڪري سگھجي. پاڻيءَ جي گھڻي چاڙھھ ڪري بند ڪٿان ڪٿان ڀڄي پيا ھئا. پر اھڙي ڪم جي نگرانيءَ لاءِ گھوڙيسوار دستن کي رکيو ويو ھو. ان سان ٻيو ڀلو ڪم اھو ٿي ويو جو ھتان جي ماڻھن کي روزگار جو ھڪ سٺو وسيلو ملي ويو ھو. کين وڏي معاوضي کان سواءِ تپاولي مان بھ جند ڇٽي وئي ھئي جيڪا ھنن لاءِ سدا جي آپدا بڻيل ھئي. ليڪن ماڻھن کي ملندڙ اھڙو معاوضو بالا اختيارين لاءِ ڳڻتي ۽ ڳاراڻي جو ڪارڻ بڻجي ويو ھو. سکر جي صفائي جو بندوبست مستقل بنيادن تي ڪيو ويو ھو. اڳي تھ تپاولي جو ورھيارو آزار ھوندو ھو جيڪو ھاڻي ختم ٿي چڪو ھو. ھاڻي اھا ڪٿي بھ موجود ڪانھ ھئي. پر جولاءِ ۽ آگسٽ جي مھينن ۾ شڪارپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪالرا جھڙي موذي مرض منھن ڪڍيو ھو. ان کان ٿورو وقت پوءِ اھا وچڙندڙ بيماري وڃي حيدرآباد ۾ بھ پھتي ھئي. ھن مھامريءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ ھتان جي حڪيمن کي مقرر ڪيو ويو ھو. ھوندا تھ نيم حڪيم ھئا پر سرڪار کين پگھارون ڏيندي ھئي. صحت جو اھڙو انتظام ھو ضلعي ۾ رکيو ويو ھو. غريبن جي علاج لاءِ کين دوائون ڏنيون ويون ھيون تھ ھدايتون بھ ڪيون وينديون ھيون. انھن حڪيمن کي ڪجھھ اختيار بھ ڏنا ويا ھئا تھ جيئن ماڻھن کان ڪي ڳالھيون حفظ ماتقدم طور زبردستيءَ ڪرايون وڃن.

سر چارلس لاءِ اڻ کٽ ڪم موجود ھئا. سندس نظر چوڌاري پئي ڦرندي گھرندي ھئي ۽ عوامي ڪم ڪندي تھ ٿڪبو ئي ڪونھ ھو. ليڪن سندس انتظاميھ ايڏي تيز رفتار ڪانھ ھوندي ھئي. ڇاڪاڻ تھ اعلى ڪامورا شاھي اھڙن ڪمن ۾ ڪا نھ ڪا رنڊڪ ضرور وجھندي ھئي. پر اھڙيون رڪاوٽون اھڙي فن ۽ عقلمنديءَ سان پيدا ڪيون جو شڪايت ڪرڻ لاءِ ڪو سبب ئي ڪونھ ملندو ھو. پر ھو ھروڀرو دير ڪرڻ تي شڪايت ضرور ڪندو ھو. جنھن ڪري عوامي ڀلائي جا ڪم ڏاڍي سست رفتاري سان ھلندا ھئا. ھو پورن ٻن سالن کان وٺي دانھيندو ايندو ھو تھ ملير نديءَ کي ڪراچي ڏانھن آندو وڃي. ٻيو تھ ٺھيو پر کيس اھڙن مطالبن جو ڪو جواب ئي ڪونھ ملندو ھو. اعلى سرڪاري ڪامورا سندس اھڙن مطالبن کي ھڪ ڪن کان وجھي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيندا ھئا. اھڙن ماڻھن کي اھا خبر ڪانھ ھئي تھ ھن شھر کي تازي پاڻي جي ڪيڏي نھ لوڙ آھي. ان اھم منصوبي تي فقط ٻارھن ھزار پائونڊ اسٽرلنگ خرچ جو ڪاٿو ڪيو ويو ھو. ليڪن اھو خرچ پاڻيءَ تي محصول مڙھي ٿوري وقت اندر ڪڍي پئي سگھيو ويو. پر ان کان بھ گھڻي دير اٺ سوار فوج ۽ لاڏو اٺن جي منصوبي کي منظور ڪرڻ ۾ لڳائي وئي ھئي. ھي منصوبو تھ گھڻو اھم ھو. ھر ماڻھو ھن ڳالھھ تي ڳت ڏيئي بيھي رھيو ھو تھ ان منصوبي کي پنجاب خلاف جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ضرور منظور ڪيو وڃي. اھو ھڪ اھم فوجي منصوبو ھو. ھن پنھنجي مشاھدي ۽ تجربي وسيلي ھن تحقيق کان باخبر ٿي چڪو ھو تھ ھندستان اندر فوج سان گڏ ضروري سامان بھ سفر ڪندو آھي. ھن کان اڳ دستور اھو ھو تھ فوج جي چرپر سان خانگي واپارين جو قافلو بھ سفر ڪندوھو ۽ ضروري شيون فوج کي وڪڻندو ھو. پر اھڙي واپاري قافلي ۾ ڪي اوڻايون ھيون. ھڪ اھو وقت سر فوج سان گڏجي ھلي ڪونھ سگھندو ھو. ٻيو تھ منزل ڪرڻ وقت يا ڪڏھن بھ پنھنجي وھٽن کي گور ڪري ڇڏي ڏيندا ھئا ۽ فوجي چرپر واري رستي جي اوسي پاسي واري جوءِ ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيندا ھئا. تنھن ڪري سفر ۾ ھروڀرو بھ دير لڳي ويندي ھئي ۽ منصوبي مطابق منزل تي پھچڻ ممڪن ڪونھ رھندو ھو. سندس مرضي ھئي تھ اٺن جي انھيءَ خانگي قافلي کي ھڪ فوجي حصو بڻايو وڃي تھ ان جي چرپر ۾ باقاعدگي پيدا ٿي سگھي. جيڪڏھن ائين نھ ڪبو تھ بھترين فوجي ترڪيب ۽ ترتيب ناڪام ٿي سگھي ٿي. ان ڪري تمام گھڻو نقصان پھچڻ جو انديشو ھوندو آھي. ھن جي سنڌ واريءَ پھرينءَ مھم دوران بيشمار ماڻھو ۽ اٺ اچي گڏ ٿيا ھئا. سامان جو اھو قافلو ضروري سامان جي نالي سندس پيش قدمي ڪندڙ فوج سان جنڊ جي پٺ پڙن جيان گڏ ھو. ڪچي واري جابلو علائقي ۾ ضروري سامان وارو خانگي قافلو فوج لاءِ ڏاڍو خطرناڪ بڻجي ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ انھيءَ قافلي ۾ ڀاڙري تي ڪيل اٺ ھئا. جيڪي فوج سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا. جتن کي جڏھن خطري جو احساس ٿيو تھ اھي جت پنھنجا اٺ ڪاھي ھليا ويا. اھڙي ريت فوج کي ھڪ جاءِ تان ٻيءَ جاءِ سامان پھچائڻ وارو ڪم بدنظميءَ جو شڪار ٿي ويو ھو. اھو نقصان فوجي نقطئھ نظر کان نھ پر انھن کان تيز ھو.

ھنن جتن غلط اندازو لڳايو ھو تھ ھي فوجي مھم ناڪام ٿي ويندي. ان ڪري ھو انگريزن جي فوج کي ڇڏي ھليا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تھ کين خوف ورائي ويو ھو. ھن کان سواءِ ٻي ڳالھھ ھيءَ بھ آھي تھ جابلو علائقي ۾ تنظيم ۽ باقاعدگي رکڻ ڏاڍو مشڪل ڪم ھوندو آھي. ڇاڪاڻ تھ رستا ڏاڍا سوڙھا ھوندا آھن. جتي گھوڙيسوارن جي فوجي سرگرمي رڪجي ويندي آھي. تنھن ڪري رسدگاھھ جي ماڻھن ۽ جتن کي ڪيڏانھن وڃڻ کان روڪي ڪونھ سگھبو آھي جيڪي اٺن کي چارڻ يا مال غنيمت ھٿ ڪرڻ لاءِ منع ڪرڻ باوجود بھ ڪيڏانھن ھليا ويندا آھن. اھڙين ۾ ھو ڪڏھن ھميشه لاءِ ھليا بھ ويندا آھن. ھن ئي سبب ڪري جمڪ لڪ وٽ ڪيتريون ئي زندگيون تلف ٿي ويون. ساڳيءَ ريت فوج گجرو کان اڳتي وڌي توسو لڪ جي مکيھ جڳھھ کي ھٿ ڪرڻ لاءِ سفر ڪرڻ لڳي تھ سامان واري اٺن جي قافلي فوج جو مسلسل نون ڪلاڪن تائين رستو روڪي ڇڏيو ھو ۽ حملي لاءِ مقرر ٿيل وقت بھ اھو ھو جيڪو اٺن جي سست رفتاري ۽ رستي سوڙھي ھئڻ ڪري فوج سيڙجي بيھجي رھي ھئي. ائين ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو بھ ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ اھو ھڪ سوڙھو گھٽ ھو. سر چارلس جي چوڌاري اٺن ۽ ماڻھن جو وڏو مجموعو سفر ڪري رھيو ھو، توبن ۽ گھوڙيسوار فوج لاءِ اڳتي وڌڻ جي ڪا جڳھھ ئي موجود ڪانھ ھئي. تنھن ڪري سر چارلس نيپئر پنھنجي گھوڙيسوار فوج ۽ توبخاني ٻئي سان ھلڻ جو حڪم ڪيو جيڪو اڳ جنرل سمپسن جي فوج جي دمبالي ۾ ھو. اھو رستو ڊگھو ۽ ٿڪائيندڙ ھو.

ھن مان سر چارلس جو مقصد اھو ھو تھ رسدگاھھ پنھنجو مؤثر ڪردار ادا ڪري جيڪو فوج لاءِ سرحدپار نھ پر واھر ۽ آڌر بڻجي. ان لاءِ ھن پورا ٻھ سال لکپڙھھ ھلائي ھئي جنھن جي منظوري کانپوءِ ان رسدگاھھ ۽ اٺن جي قافلي کي فوجي طرز تي منظم ڪيو ويو ھو. ھن منصوبي جي مطابق فوج جي کاڌي پيتي جي سامان جو بندوبست ڪرڻ سرڪاري معاملو بڻجي ويو ھو. ان جو سارو انتظام بھ ائين رکيو ويو. جيئن فوجي ريجمينٽ جو رکيو ويندو آھي. اھڙي ريت ھن فوج کي ڇھن حصن ۾ تقسيم ڪيو ھو ۽ ھر حصي کي ڇھھ سو اٺ حوالي ڪيا ويا ھئا. جن جي جتن کي فوجي ورديون پارايون ويون ھيون. فوج جي ھر حصي آڏو رھبر طور ھڪ اٺ ھلندو ھو جنھن تي ڏينھن جو جھنڊو ۽ رات جو مشعل ٻريل ھوندو ھو. اھڙي ريت ھر حصي جي اٺن جا پلڻ يا پکڙا، جھنڊو، مشعل ۽ ورديون ھڪ جھڙيون ۽ فقط ان فوجي حصي جي نمائندگيون ڪنديون ھيون. اسرائيل ۾ جڏھن سينا جي رڻ پٽ مان گذريا ھئا تھ ھنن سان بھ سڀ کان اڳ ۾ ھڪ ھاٿي ھو جنھن تي ڏينھن جو وڏو جھنڊو ھو. جڏھن تھ رات جو وري ان ساڳئي ھاٿي تي وڏو مشعل رکيل ھوندو ھو. اھو ڄڻ ڪمانڊر جو حڪم جنھن کي سڀني کي مڃڻو پوندو ھو.

جتن جو نالو رجسٽر ۾ داخل ھوندو کين فوجي سپاھي جيان پگھار ملنلدي ھئي ۽ ھڪ فوجيءَ وانگي ھٿياربند بھ ھوندا ھئا. سندن ڪمانڊر بھ ريگيولر فوج جو عملدار ھوندو ھو. جنرل چارلس انساني فطرت کان چڱيءَ ريت واقف. تنھن ڪري کين اھو فوجي اعزاز ڪونھ ڏنو ويندو ھو جيڪو ھڪ بھادر فوجي کي دليري ڪري ڏنو ويندو ھو. اٺن کي طبقن ۾ ورھايو ويو ھو جن مان ھڪ سگھارو متارو ۽ ٻيو ڏٻرو طبقو ھو. ھنن جي ڳچين ۾ ھڪ ڦرھي لڙڪندي ھئي جنھن کنيل سامان جو وزن اڪريل ھوندو ھو. ان جو مقصد ھوندو ھو تھ ھنن گگدام پسن تي حد کان وڌيڪ بار نھ لڏيو وڃي. ڇاڪاڻ تھ اھا ساڻن بي انصافي ھوندي. ھن کان اڳ اھا روايت ھوندي ھئي تھ ٽن اٺن لاءِ ھڪ جت مقرر ڪيو ويندو ھو. پر ھاڻي ھڪ اٺ لاءِ ھڪ جت مقرر ڪيو ويو آھي. ائين ڪرڻ سان پھريدارن رکڻ وارريون پگھارون بچي پيون آھن. اڄ بھ ٽن اٺن سان ھڪ جت ھوندو آھي. باقي ٻھ جت فوجين جيان پاسي سان ھلندا آھن. کين اھا چڱي ريت خبر ھوندي آھي تھ اٺ ڪيئن لڏجي ۽ ڪيئن سامان لاھجي.

فوجي سامان ۽ توبون ڏکئي رستي سان سفر ڪري رھيون ھيون. اھڙي مشڪلات کي منھن ڏيڻ لاءِ پنج ھاٿي رکيا ويا ھئا. اھڙيءَ ريت ھن فوج جي پيش قدمي ھڪ تجربيڪار فوجي عملدار ماتحت رکي وئي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن پيش قدميءَ باقاعدي موجود رھي. ان کان سواءِ ھي ترڪيب انھيءَ ڪري رکي وئي ھئي تھ باربرداري وارو فوج جو ثانوي حصو بھ ان ريگيولر فوج سان گڏ ھلي جيڪا جنگي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ لاءِ اڳتي وڌي رھي آھي. جيڪڏھن دشمنن جا گھوڙيسوار طوفاني تيز رفتاري سان فوج جي ھڪ پاسي تي حملو ڪندا تھ ان سان گڏ ھلندڙ باربردار فوج تي حملو ڪري ڏيندا. ائين ٿيڻ سان باربردار فوج جي وچ تي ھجڻ ڪري ريگيولر فوج دشمن خلاف چڱيءَ ريت جنگي مظاھرو ڪري ڪانھ سگھندي يا باربردار فوج دشمن کان ڊڄي وائڙي ٿي ويندي ۽ مدد لاءِ جنگجو ريگيولر فوج ڏانھن وڌندي. ھن صورتحال ۾ بھ ريگيولر فوج منجھي پوندي. اھڙين پريشانين کان بچڻ واسطي فوج کي ھمچورس ۾ ورھايو ويو ھو. اھڙي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ جتن کي چيو ويو تھ اٺن کي گول دائري ۾ اھڙيءَ ريت وھاريو وڃي جو سندن پٺيون ٻاھرئين ۽ ڳچيون اندرئين پاسي ھجن. ان کان سواءِ اٺن کي پاڻ ۾ سلھاڙيو وڃي. ان بندوبست ڪرڻ کان پوءِ جت اٺن وسيلي ٺھيل ان قلعي جي ٻاھران ٿي بيھي رھن ۽ ويڙھھ لاءِ ڪاربائين کڻي بيھي رھن جيڪي ويڙھھ جي مقصد لاءِ کين ڏنيون ويون آھن.

اھڙيءَ ريت ننڍڙين ننڍڙين باقاعدين تي ڌيان ڏيڻ سان فوج جي چرپر ۾ ھڪ وڏي باقاعدگي قائم ٿي وئي ھئي. اھڙي نظام رکڻ سان ھڪ تھ وھٽن جو بچاءُ ٿي ويو ٻيو تھ خرچ پکي ۾ گھٽتائي اچي وئي ھئي. ٽين ڳالھھ اھا ٿي ھئي فوج ڏاڍي آرام ۽ آٿت سان پيش قدمي ڪري رھي ھئي. چوٿين ڳالھھ اھا ٿي جو بيماري ڪري فوج جو تعداد گھٽجي ويو ھو تنھن جو بھ ازالو ٿي ويو. ھن طريقي جي ڪم آڻن سان فوج ميدان تي بھ ڌيرج ۽ حوصلي سان جنگي فن جو مظاھرو ڪري سگھندي. ھيءَ باربردار فوج جو ھڪ نئون اضافو آھي. جنھن ڪري فوج اندر ڪنھن شيءِ جي کوٽ جو الڪو ڪونھ رھندو. حقيقت اھا آھي تھ ھي اصول ان حڪم جي فرمانبرداري ۾ ڪتب آندو ويو آھي. جنھن ۾ چيو ويو ھو تھ سردارن جي ليويز ۽ ھٿياربندن جي بي ترتيب ميڙڪن کي مڙسيءَ سان منھن ڏنو وڃي. ھن فوجي اصول جي خالق ھڪ ڀيري چيو ھو تھ اھو ئي طريقو آھي جنھن وسيلي جنگي سرگرمين ۾ تيزي آڻي سگھجي ٿي جيڪا گھڻي فوج ۽ تيز رفتار گھوڙيسوارن ۽ توبن جو نتيجو ڪانھ ھوندي آھي پر فوج ڏانھن وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ ۽ انھن جي حوصلن کي بلند ڪرڻ، انھن جي صحت جو خيال رکڻ سان ايندي آھي. اھڙي باربردار فوجي حصي جي تخليق وسيلي بھ ھنن جي ضرورتن جو خيال ڪيو ويو ھو ۽ ان جي ھئڻ ڪري کين وڏين مصيبتن کي منھن ڏيڻو پئجي ويو ھو.

جڏھن سر چارلس نيپئر باربردار فوج جو حصو قائم ڪيو ھو تھ چيو ويو ھو تھ ھن انگريز فوج کي پر ڏئي ڇڏيا آھن. توبن کي ڇڪڻ لاءِ توبخاني کي گھوڙا ڏنا ھئا جيڪي ھر قسم جي باربرداري جو ڪم ڏئي رھيا ھئا. ان کان سواءِ  اٺ سوار فوج بھ بڻائي ھئي جيڪا گھڻو فاصلو طئي ڪري اوچتو وڃي دشمن مٿان ڪڙڪندي ھئي. ان سان گڏ ھن سنڌ ھارس تخليق ڪئي ھئي جنھن کي مغلي يا مغل گھوڙيسوار سڏيو ويندو ھو. ھي گھوڙيسوار بي قاعده جنگ دوران پنھنجي ڏاھپ ۽ دليريءَ جو بي مثال مظاھرو ڪندا ھئا ۽ جڏھن فوجي صفن ۾ بدنظمي اچي ويندي ھئي تھ اوچتو پھچي ويندا ھئا. ھي گھوڙيسوار سر چارلس جي اچڻ کان اڳ موجود ھئا. پر انھن ڏانھن ڌيان ڪونھ ڏنو ويندو ھو. تنھن ڪري اھي بدنظميءَ جو شڪار ھئا. تنھن ڪري فوج جي ھر حصي کي ختم ڪرڻ جو حڪم بھ جاري ٿي چڪو ھو. پر سر چارلس دخل اندازي ڪري ائين ڪرڻ ڪونھ ڏنو ھو ۽ کين ڪئپٽن جئڪب جي ماتحت رکي ان جي ترتيب ۾ سڌارا آندا ويا ھئا جيڪو انھن ڏينھن ۾ توبخاني جو آفيسر ھو جنھن ھن فوج مان چونڊ ڪري ان کي نئين سر مرتب ڪيو ھو. تنھن ڪري سنڌ جي ھيءَ فوج فوجي مھم لاءِ پيش قدمي لائق ھئي. ھيءَ فوج دشمن نھايت تيز رفتاري سان حملو ڪري سگھندي ھئي ۽ حملو بھ نھايت خوفناڪ طريقي سان ڪندي ھئي. جيڪڏھن ھنن بلوچ بٽالين جي چڱيءَ ريت تنظيم ڪئي وئي تھ اھم فوجي خدمتن سرانجام ڪرڻ جي لائق بڻجي ويندي ۽ مٿي بيان ڪيل مختلف فوجي ادارن سان شامل ڪري سگھبي ان ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو تھ سنڌ ۾ سول انتظاميھ جي جوڙجڪ سان گڏ فوجي نظام بھ قائم ٿي رھيو ھو.

جيتري قدر ممبئي واريءَ ڌر جو تعلق آھي تھ فوجي سامان جي ڍوئي جي مقصد لاءِ قائم ڪيل باربردار فوج تي ھن ڏاڍيون چٿرون ڪيون ھيون ۽ چوڻ لڳا ھئا تھ اھا گھڻي خرچ واري ھڪ غلطي آھي، بلڪ ھڪ ناڪامي آھي. سنڌ جي فتح وانگي سنڌ جي انتظامي جوڙجڪ جي شروعات ۽ جابلو علائقي واري جنگي مھم بھ وڏي غلطي ھئي. بنگال جي ڪميساري جنرل جو بھ بار بردار جي ٺاھڻ خلاف اخبارن ھڪ مقالو ڇپيو ھو جنھن ۾ ھن فوجي سامان جي کڻڻ لاءِ باربردار فوج ٺاھڻ خلاف پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو ھو. ھن وڌيڪ اھو بھ چيو ھو تھ ھي ھڪ تباھي، بدنظمي، خواه مخواه خرچ ۽ ڏيھي ماڻھو تي ظلم آھي. جنھن کي ڪجھھ ماڻھو فائديمند سمجھن ٿا. ان اجائي قسم نئين فوجي جوڙجڪ ۾ ڪن فوجي عملدارن کي شامل ڪيو ويو آھي. پر جنگ اختيار ڪيل ڪامياب حڪمت عملي ۽ روشن خيال حڪومت جو قيام، اھڙيون ڳالھيون ھيون جن ۾ سر چارلس ڏاڍي اڳڀرائي حاصل ڪئي ھئي. پر ھن جي دشمنن سندس ناڪامي بابت ڪيئي اڳڪٿيون ڪيون ھيون جيڪي بلڪل غلط ثابت ٿيون. ان وقت ھندستان جي چيف جسٽس روپر اھڙي صورتحال کي ھن ريت بيان ڪيو ھو تھ اڄ واري معاشري تي پريس ڇائنجي وئي آھي. پر جينٽلمينس گزيٽ پنھنجي نالي جو ڀرم ۽ شرم رکيو آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ ڪن ماڻھن لاءِ پريس آزاد ڪانھ آھي. ھي پريس آھي. جيڪا ڪن ماڻھن جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿي ۽ انھن ماڻھن اخبارن جي ايڊيٽرن کي يقين ڏياريو آھي تھ کين ھر قسم جو تحفظ فراھم ڪيو ويندو.“ ھي ھڪ ننڍڙو مثال آھي تھ ممبئي واري ڌر ڪھڙي طريقي سان شريف ماڻھن کي بدنام ڪرڻ جي مھم شروع ڪري ڇڏي ھئي.

ڪنھن زماني ۾ سر چارلس نيوي جي ھڪ عملدار ڏانھن خط لکيو ھو. بعد ۾ سمجھيو ھئائين تھ اھو خط عوامي مفادن ۾ ڪونھ آھي. تنھن ڪري ان کي ختم ڪري ڪاغذ پنھنجي ڊيسڪ ۾ بند ڪري ڇڏيا ھئائين. پر اھي ڪاغذ نڪري ڊاڪٽر بسٽ وٽ وڃي نڪتا ھئا جيڪو انھيءَ زماني ۾ سرڪاري دستاويز شايع ڪندو ھو. ھن ڊاڪٽر نيوي جي آفيسر ڏانھن لکيل سر چارلس جو اھو خط ڇاپي ڇڏيو جنھن ۾ ھن سامونڊي فوج ان عملدار کي ڪنھن ڳالھن تان ڇنڊ پٽي ھئي. ان کان سواءِ ھن سر چارلس جو گورنر جنرل ڏانھن لکيل خط بھ ڇاپيو جيڪو جعلي ھو جنھن ۾ سر چارلس ڪنھن احسان بدلي سر ھينري ھارڊنج ڏانھن ڪي گٿا لفظ لکيا ھئا. ھنن ٻنھي ڏوھن ڪري ھندستان سرڪار ممبئي حڪومت کي سبب ڄاڻايو جو نوٽيس ڏنو ھو. اھي ٻئي ڏوھھ بدنيتي جي ارادي سان ڊاڪٽر بسٽ ڪيا ھئا ۽ لٻاڙ ھڻندو وتندو ھو تھ کيس اھڙي ڄاڻ اختيارن جي مالڪ ھڪ ڌر پھچائي آھي اھو بھ وڏي وات چوندو ھو تھ اھڙيو ڪو بھ ٿڻيءَ جو ٻار اڃا ڄائو ڪونھ آھي جيڪو سندس وار بھ ونگو ڪري سگھي. ھي ماڻھو کليو کلايو اھڙا اھڃاڻ ڏيندو ھو جنھن مان معلوم ٿي ويندو ھو تھ سرڪاري ڪائونسل جو ڪو ماڻھو ھن سان ٻٽ آھي. جيڪو سندس طرفان ھنيل الزامن جي پٺڀرائي ڪري رھيو آھي. ھنن ڳالھين ۾ ليفٽيننٽ آئوٽرام بھ پوئتي ڪونھ ھو. جنھن ھڪ اخبار ۾ سر چارلس تي الزام ھنيا ھئا ۽ چيو ويو تھ گورنر جنرل جي خواھش ھئي تھ سر چارلس انھن ماڻھن جي اصلاح ڪرڻ واريون ڪوششون ڇڏي ڏئي ۽ ان معاملي کي فيصلي لاءِ گورنر جنرل جي حوالي ڪري ڇڏي. پر گورنر جنرل حضور شرميءَ کان اھو معاملو گھرو کاتي جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو. کيس معلوم ھو تھ اھڙن الزامن جا ڇنڊا لارڊ ايلنبرو تي پئجي رھيا ھئا جنھن سان سر ھينري ھارڊنج جا گھرو تعلقات بھ ھئا. عام رواجي ھڪ غلطي ھئي جنھن بابت سر ھينري ھارڊنج کي بھ ڄاڻ ڏني وئي ھئي. انگلينڊ جي ھڪ ڳجھي ڪميٽيءَ ڪرنل آئوٽرام کي لڪي ڇپي ڇنڊ بھ پٽي ھئي تھ سر چارلس تي سندس ھنيل الزام بلڪل غلط آھن. پر تاثر اھو ڏنو ويو ھو تھ سر چارلس ان ماڻھوءَ سان اجايو اختلاف ڪري عوامي مفادن کي ھاڃو رسائي رھيو آھي. ليڪن حقيقت اھا ھئي تھ اھو معاملو انصاف لاءِ سرڪار جي حوالي ڪيو ويو ھو. پر سرڪار اھڙي اختلاف کي ننديو ھو ۽ عملدارن  طرفان داخل ڪيل اپيل کي رد ڪري ڇڏيو ھو. پر ٻئي پاسي کان آئوٽرام کي اھم سول ملازمت ڏني وئي ھئي. توڙي جو غلط الزام مڙھڻ ڪري کيس ڇنڊ بھ پٽي وئي ھئي. ھن ۾ ڪنھن شڪ شبھي جي گنجائش بھ موجود ڪانھ ھئي تھ ھن کي سر چارلس مٿان ڪوڙن الزامن مڙھڻ ڪري ايترو نوازيو ويو ھو. عوامي شڪايتن کان پوءِ ھن قسم جي غلطيءَ جو ازالو بھ ڪيو ويو ھو. جنھن ڪري بورڊ آف ڊائريڪٽرس مجبور ٿي سر چارلس کان معافي ورتي ھئي. جنھن جي عزت کي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي.

ھن کان سواءِ اختيارن جو مالڪ ھڪ ٻيو ماڻھو بھ ھو جيڪو خود لارڊ رپن ھو. ھن اعلان ڪيو ھو تھ ڪرنل آئوٽرام جو موقف صحيح آھي. اختيارن جي ماڻھن مان اھائي توقع ڪئي ويندي آھي. اھڙيون ڳالھيون سر چارلس کي تپائي باھھ ڪرڻ جھڙيون ھيون. ھن مان معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ لارڊ رپن حملھ آور ڌر سان گڏ ھو نھ تھ سندس فرض سر چارلس کي بچائڻ ھو. لارڊ رپن کي اخلاقي ۽ اعلى عملدار ھجڻ وارو حق ھو سندس اھو ڪم ڪونھ ھو تھ ھو ھڪ ڌر جو پاسو وٺي بيھي ۽ ۽ ٻئي کي تباھھ ڪري. اھا صحيح ڳالھھ ڪانھ ھئي تھ جنگي قانون جي فقري Article of War کي ڪجھھ بھ نھ سمجھجي ۽ ھڪ مجرم کي نھ رڳو سزا نھ ڏجي پر ان جي رھندو بھ ھمت افزائي ڪجي. اھو ڪٿان جو انصاف آھي تھ بي ھودا الزام ھڻي سچائي ۽ عوامي شرافت جي توھين ڪجي، لشڪر جڏھن جنگ جي ميدان تي فوجي سرگرمين ۾ مصروف ھجي تھ ان وقت کين ٻڌايو وڃي تھ سندن ڪمانڊر جاھل مطعلق آھي ۽ کيس منصبي فرض ادا ڪرڻ جي ڪابھ خبر نھ آھي ۽ ھيءُ پنھنجي ساٿين جو قاتل آھي. سر چارلس راڻيءَ جو نمائندو آھي. سندس توھين ڪرڻ ڪانھ ٿي جڳائي ۽ اھو ڪم اھڙي ماڻھو جي اشاري ڪيو پيو وڃي جنھن تي ضابطو رکڻ لارڊ رپن جو فرض ھو.

ڊاڪٽر بسٽ نھ رڳو ڪوڙن الزامن ھڻڻ تي سندرو ٻڌي بيھي رھيو آھي ۽ وڏي واڪ لباڙ ھڻي رھيو آھي تھ کيس ھڪ وڏي ماڻھوءَ جي پٺڀرائي حاصل آھي. سندس اھڙيءَ لٻاڙ کي ڪنھن رد ڪونھ ڏنو. اھو بھ چيو پيو وڃي تھ ھي ماڻھو سيڪريٽري ولھھ بي جي ھشيءَ تي سڀ ليڪا لتاڙي وڃي پار پيو آھي جيڪو ھڪ جرنل جو مالڪ آھي. ھن ماڻھوءَ اھو بھ بھتان مڙھيو ھو تھ سر چارلس جي فوجين ٽالپر حڪمران گھراڻي جي عورتن جي توھين ڪئي ھئي. ھن ڪوڙي الزام لاءِ تھ ھو سزا جو حقدار ھو. ان باوجود بھ کيس عزت ۽ احترام سان نوازيو ويو ھو. ھن کي معلومات ڏيندڙ عملدارن ٻڌايو ھو تھ جابلو علائقن ۾ ڪجھھ بھ ڪونھ پيو ٿئي. ھنن کيس اھو بھ ٻڌايو ھو تھ ڌاڙيل کيس تريءَ تيل ئي لائڻ ڪونھ ڏيندا ۽ اڳئين کان اڳرا آھن. ھنن جي وڏي تعداد کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ آباديءَ واسطي سنڌ جون ڀليون ٻنيون ڏنيون ويون آھن. اڄ بھ بجار ڌاڙيل گورڦري رھيو آھي. جنھن سان ڊومڪي قبيلو بھ گڏ آھي جنھن سنڌ جي سرحد واري ساري پٽي ٽامون بڻائي ڇڏي آھي. جڏھن سچ اھو آھي تھ اھو بيجار سر چارلس وٽ قيد آھي. سر ھينري ھارڊنج ھن مھم جي کليءَ دل سان موڪل ڏني ھئي ۽ سر چارلس جي ان ڪامياب مھم کي عوامي حلقن ۾ گھڻو ساراھيو ھو. پر اھڙين ڳالھين تي ممبئي واري ڌر جو تھ ڪن ئي ڪونھ ٿو لڏي. ان ڌر جو اھو بھ چوڻ آھي تھ ساري ھندستان جي ساري ڪئي ڪمائي سنڌ جي واڳونءَ وات آھي. جڏھن تھ حقيقت ھيءَ آھي تھ سنڌ الاھي سارو ناڻو ھندستان سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرائي رھي آھي. ان کان سواءِ سر چارلس ھندستان سرڪار کي چيو ھو تھ سنڌ تي ضابطي رکڻ لاءِ سورھن ھزار فوج جي ضرورت آھي پر ھاڻي تھ وٽس فقط ٻارھن ھزار فوج آھي. ھن وڌيڪ ھڪ ھزار فوج جو مطالبو ڪيو آھي تھ جيئن پتاولي واري موسم دوران حالتن تي ضابطو رکي سگھجي. ڇاڪاڻ تھ ان موسم دوران فوجي تپاولي وگھي وڃي کٽون وٺندا آھن. ٻئي پاسي کان حقيقت ھي آھي تھ ھن پنھنجون ٽي ريجمينٽون ممبئي سرڪار ڏانھن موڪلي ڇڏيون آھن تھ جيئن اتان جي ”سرڪار نامدار“ جي عمل ڏاڍ ۽ ڏمر خلاف اٿل پٿل کي ماٺ ڪرائي سگھجي. ھيءَ ممبئي سرڪار سر چارلس کي ھڪ ھزار امدادي فوج ڏيڻ بدران کانئس ست ھزار فوج طلب ڪري رھي آھي ۽ کيس مجبور ڪيو پيو وڃي تھ ھو سنڌ تي انتظامي ضابطي لاءِ پاڻ وٽ فقط ٽي ھزار فوج رکي.

ايتريو ڏاڍ ان ماڻھوءَ سان ڪيو پيو وڃي جنھن پنھجي ساري زندگي سچائي ۽ سچيتائي سان برطانيھ سرڪار جي خدمتن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آھي جيڪا ھاڻي مٿس ڪيل الزامن جي حملن جو بچاءُ بھ ڪري ڪانھ ٿي سگھي. اتان تھ اھو آھي تھ ھيءَ ڌر مير شھداد کي شھيد سڏي رھي آھي. جنھن جا ھٿ ايونس نالي ھڪ انگريز عملدار جي خون ۾ رڱيل آھن. ھن ساڳيءَ ڌر مير نصير جي نالي سان راڻيءَ ڏانھن درخواست موڪلي آھي جيڪا جعلي آھي. ان درخواست جي راڻيءَ وٽ پھچائڻ جي ذميواري سر ھينري پاٽنجر پاڻ کئين آھي. ان درخواست جي ھڪ ھڪ سٽ ڪارو ڪوڙ آھي جن کي بمبئي واري ڌر دليئون گھڙي پيش ڪيو آھي. ھي گندي قسم جو مامرو وڃي انگلينڊ بھ پھتو جيڪو مير نصير جي درخواست جي شڪل ۾ ھو جنھن کي ھٿ ۾ لارڊ آسلي کنيو ھو. ھي ماڻھو سنڌ جي معاملن بابت ڪجھھ بھ ڪونھ ڄاڻندو ھو. ھن ھروڀرو اچي ھن معاملي ۾ ٽنگ اڙائي ھئي ۽ چارئي چنيا کوڙي ويھن ئي تنھن جا زور لاتا ھئائين. کيس اھا خبر ڪانھ ھئي تھ ھو سازشين جي چوڻ تي انگلينڊ جي مفادن ۽ سر چارلس جي مان ۽ مريادا کي مٽيءَ ۾ ملائي رھيو آھي.

ڊاڪٽر بسٽ ۽ سندن واھرو اعلى عملدار ھن معاملي کي اجايو اينگھائي سنڌ جي گورنر ۽ ان بھادر فوج کي گلا جو گھانگھو ڏئي بدنام ڪري رھيا ھئا جنھن ھڪ ملڪ فتح ڪيو ھو. ھن ماڻھن سان گڏ انگلينڊ جي اختيارين جا مالڪ بھ ٻِٽ ۽ جھٽ ھئا ۽ ٻئي ڌريون اھڙي بھادر فوج کي عزت احترام ڏيڻ بدران پنھنجي ڌرتيءَ تي نفرت جا ڪنڊا پوکي رھيا ھئا.

لارڊ رپن بھ پورن ٻن سالن تائين ھنن بھادر فوجين کي گولڊ ميڊل ڏيڻ وار مامري کي ٺوٺيون ھڻندو پوئتي ڌڪيندو رھيو ھو ۽ نظر تھ ائين اچي رھيو ھو تھ اھي ”ميڊل“ حقدارن کي ڪڏھن بھ ڪونھ ملندا. پر ڀلو ٿئي لارڊ ايلنبرو جو جنھن جتن ۽ جاکوڙ ڪري ھن معاملي کي اڳتي وڌايو ھو مياڻيءَ جي ميدان تي سر ترين تي رکي مڙسن جيان انھن گولڊ ميڊلين لاءِ ڪونھ وڙھيا ھئا تھ انھن کي سينن تي سينگاري لوڏ ۽ ڪوڏ سان ھلندا. جڏھن اھي پٽين کان سواءِ ميڊل اچي ممبئي پھتا تھ اھي اھڙن ماڻھن جي ور چڙھي ويا جيڪي بھادر فوجين کان نفرت ڪندا ھئا. جڏھن اھي ٽلڪندا ٽلڪندا سنڌ پھتا تھ انھن کي رسدگاھھ جي سامان جي ڳٺڙين وانگي ھڪ ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو ھو. سنڌ جي فاتح ڪمانڊر ان چيف کي گولڊ ميڊل ھڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ڏنو ھو. جنھن جي سب آلٽرن آفيسرن کي اھڙا ميڊل ان کان گھڻو اڳ ڏنا ويا ھئا.

ھن کان سواءِ ڏيھي فوج 25 ريجمينٽ کي ھروڀرو ممبئي گھرايو ويو ھو جنھن لاءِ سر چارلس جي مرضي ڪانھ ھئي. ھن فوج انگريزن جي پنج سال ملازمت ڪئي ھئي ۽ مياڻيءَ واري جنگ ۾ بھ پنھنجي بھادري جا جوھر ڏيکاري چڪي ھئي. ھن فوج ممبئي گھرائڻ جو مقصد سر چارلس کي چيڙائڻ ۽ سندس توھين ڪرڻ ھو. ممبئي پھچڻ کان پوءِ ان فوج کي نڌڻڪو سمجھي ڪک پن جيان ھڪ ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو ھو. اھي ڄڻ کيپ کٽي نھ پر ڀجي پاڻ تان ڪارھن جو لينگھو لائي آيا ھئا.

ھن کان سواءِ سر چارلس نيپئر ممبئي حڪومت ڏانھن لکيو ھو تھ ڪيترن سنڌ جي گھوڙيسوارن مياڻيءَ جي جنگ دوران بھادريءَ جا بي مثال جوھر ڏيکاريا ڪن مڙسن جيان مري پاڻ ملھايو ۽ مڃايو ھو. اھڙن دلير ماڻھن جون رنون زالون ۽ يتيم ٻار اڄ بھ نڌڻڪا آھن ۽ مانيءَ ڳڀي جا محتاج بڻجي ويا آھن. اھو 1843ع ھو ۽ ھاڻي 1845ع آھي. پر ھن جي واھر لاءِ ڪوبھ ٻاجھارو ھٿ اڳتي ڪونھ وڌيو آھي ۽ جڏھن تھ انھن جو پيٽ گذر خيرات پنڻ تي آھي. ان کان سواءِ ھن ممبئي سرڪار ڏانھن اھو بھ لکيو ھو تھ سرڪاري جاسوسن جا معاوضا بھ سندن خاندانن ڏانھن ڪونھ موڪليا ويا آھن. پر سندس اھڙن خطن کي جھڙو تھڙو سمجھي ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو ھو. تنھن ڪري ھن مجبور ٿي ساڳيا خط گونر جنرل ڏانھن لکيا ھئا.

جڏھن تھ ممبئي سرڪار جا اھي ڪامورا ٻين ڳالھين تي ڏاڍا جذباتي ڏسڻ ۾ ايندا آھن. اھو بھ ٻڌڻ ۾ اچي رھيو ھو تھ ممبئي سرڪار جي ڪن اعلى عملدارن ھڪ ياداشت نامو تيار ڪري بورڊ آف ڊائريڪٽرس ڏانھن اماڻيو آھي تھ اھي سر چارلس کان پڇاڻو ڪن تھ ھن ممبئي جي ڪن اعلى عملدارن کي گدڙ ڇو سڏيو آھي. ھنن ماڻھن جي ان وقت تائين ھاءِ گھوڙا ۽ پٽ کوھھ لڳي پئي ھئي. جيستائين سر چارلس کين گدڙ سڏN جي غلطيءَ جو اعتراف نھ ڪيو ھو. ھنن کي اطلاع ڏنو ھو تھ سندن پگھارن ۽ ڪم جي رفتار کي ڏسي کين گدڙ سڏيو ھو, ھن اھو بھ چيو ھو تھ يادداشت نامي لکڻ وارن ماڻھن ۽ فوجي سپاھين جي پگھارن ۾ وڏو فرق آھي. جڏھن تھ پھريان ماڻھو وڏي پگھار وٺي عياشيون ڪندا آھن, جڏھن تھ فوجي سپاھي ٿوري پگھار وٺندو آھي ۽ پنھنجي حياتي قربان ڪري ڇڏيندو آھي. ان کان پوءِ مخالفن جي وات ۾ ماٺِ جا مڱ پئجي ويا ھئا ۽ ڪOڇي ڪونھ سگھيا ھئا. حقيقت بھ اھا ھئي تھ ھن ممبئي سرڪار جي اعلى عملدارن تي ڪا ٽوڪ ۽ چٿر ڪانھ ڪئي ھئي. ھن پنھنجي ھڪ خانگي خط بابت رڳو ايترو لکيو تھ جيڪڏھن ان کي ڇاپي پڌرو ڪيو ويو آھي تھ ڪا وڏي ڳالھھ ڪانھ آھي. سندس لکيل اصلي لفظ ھن ريت ھئا:

“The general opinioin was that certain civil servants were corrupt”

سر چارلس general opinioin جا لفظ ان ساڳئي انداز ۽ مفھوم ۾ چيا آھن جنھن انداز ۽ مفھوم ۾ ممبئي حڪومت جا اعلى عملدار ڪلڪتي جي اعلى عملدارن لاءِ چوندا آھن. پر اھي ساڳيا لفظ جڏھن ڪو ٻيو ممبئي جي اعلى عملدارن لاءِ چئي رھيو آھي تھ کين اچي ٽانڊي لڳي آھي ۽ چيو پيو وڃي تھ مٿن ٽوڪ ڪئي پئي وڃي.

پر جيڪڏھن اھي گٿا لفظ آھن تھ بھ سنڌ جي اعلى عملدارن طرفان اھڙو فقط ھڪ مثال آھي. پر ممبئي سرڪار جا اعلى عملدار سر چارلس کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪانبو ٻڌي سندس ڪڍ لڳي پيا ھئا ۽ ساري دنيا جا عيب مٿس مڙھي وڃي پار پيا ھئا.

اھڙي ريت اھا بھ اڳڪٿي ڪئي وئي ھئي تھ سنڌوءَ جي ساڄي پاسي واري علائقي ۾ مختلف قبيلا پاڻ ۾ جھيڙو ڪندا. ان کان جلد ئي پوءِ ھڪ سو قبيلن جا سردار سلام لاءِ سر چارلس وٽ پھچي ويندا.

اھي بھ افواھھ اٿاريا ويا ھئا تھ بلوچ نسل جا سڀئي ماڻھو سر چارلس کان نفرت ڪري رھيا آھن. جڏھن تھ سڀئي قبائلي سردار حيدرآباد ۾ منقعد ٿيل درٻار ۾ ھلي آيا ھئا ۽ خوشي سان اچي سر چارلس جي پيش پيا ھئا.

الزام اھي ھنيا پئي ويا تھ سنڌ ۾ امن امان انھيءَ ڪري موجود آھي تھ اتي بيشمار فوج رکي وئي آھي. ان جو وڏو حصو ممبئي پريزيڊنسيءَ ۾ اٿيل بغاوتن کي منھن ڏيڻ لاءِ اوڏانھن موڪليو ويو آھي. ان کان پوءِ بھ سنڌ پرامن آھي.

ھن کان سواءِ اھڙا افواھھ بھ پکيڙيا ويا ھئا تھ سنڌي ان اوسيئڙي ۾ ويٺا آھن تھ ڪڏھن ٿو سنڌ جو راڄ موٽي ٽالپر حڪمرانن کي ملي. پر جنرل سر چارلس نيپئر فوج وٺي سنڌ جي سرحدن کان الائي ڪيترو پري ھليو ويو ھو. ھن کي بغاوت ڪرڻ جو ڄڻ سونھري وجھھ ملي ويو ھو. اتي نھ فوج موجود ھئي نھ سر چارلس ھو. تڏھن بھ ھنن شير محمد يا ٻين اٺيتاليھن ٽالپرن سردارن لاءِ ڪنھن بغاوت جو اعلان ڪونھ ڪيو ھو. اھي سڀ ٽالپر آزاد ۽ سنڌ اندر موجود ھئا ۽ پنھنجي رعيتن کي واھر لاءِ سڏي رھيا ھئا. پر سندن واھر لاءِ واڪن کان پوءِ بھ انھن رعيتي ماڻھن جو تھ ڪن بھ ڪونھ لڏيو ھو.

جنھن قبائلي ويڙھھ جي اڳڪٿي ڪئي وئي سا بھ سال جي سرءُ واري رت ۾ لڳي وئي جيڪا دريا خان ۽ اسلام خان بگٽيءَ وچ ۾ شروع ٿي وئي ھئي. جڏھن سر چارلس قبائلي سردارن کي قيد ڪري سرحد ڀرسان رکيو ھو تھ سمجھيو ھئائين انھن قبيلن جا اوڦٽو ۽ رولو ماڻھو بک کان ڇتا ٿي سنڌ جي سرحدي پٽيءَ سان ڌاڙا ھڻندا. کيس اھو بھ محسوس ٿيو ھو تھ ھو پنھنجي جلھھ جو پھريون چٽڪو جکراڻين کي چکائيندا. ڇاڪاڻ تھ انھن ڌاڙيلن کي پڪ ھئي تھ اھي کين مھاڏو ڏئي ڪونھ سگھندا ۽ چوڏس چئون پچئون مچي ويندي تھ اھي ڌاڙيل ڦرلٽ واري زندگيءَءَ جي نئين سر شروعات ڪري رھيا آھن. اھڙي ريت سندس ڪيل اڳڪٿي سورھن آنا سچي نڪتي. ڌاڙيلن اڳتي وڌي جکراڻين جي دڙي دڦ ڪري ڇڏي. ھيءُ قبيلو ڦرلٽ واري ڪڌي ڪرت مان ھٿ ڪڍي ويو ھو. پر سر چارلس کي پاند ڪرڻ لاءِ گذارش ضرور ڪئي ھئائون. جنرل جي حڪمت عملي بھ اھا ھئي. جڏھن ھو پلاند ڪرڻ جي مقصد سان پٽ اڪري اڳتي ٿيا ھئا تھ ھنن سان گھوڙيسوار دستا بھ ھئا. پر جڏھن ھو جابلو علائقي ۾ پھتا تھ فوج واپس ھلي آئي. انھيءَ لاءِ تھ ڀلي قبيلا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان ٻھ پاڻي ڪن.

ھن کي منجھن ڪو شڪ شبھو ڪونھ ھو تھ ھو موٽي وڃي جابلو علائقن ۾ رھندا. ڇاڪاڻ تھ ھو ھاڻي ھاري ناري بڻجي ويا ھئا ۽ پوکي راھي ڪري پيٽ گذر ڪندا ھئا. سر چارلس جو ھنن مٿان ٻٽو ضابطو قائم ٿي چڪو ھو. ھڪ تھ ھو زمينن جا مالڪ بڻجي ويا ھئا جن کي ڇڏڻ ھنن لاءِ ڏکيو ھو. ٻيو تھ منجھن دشمن کان پاند وارو ھڪ اڌمون ۽ اتساھھ موجود ھوندو ھو. ان کان سواءِ ھن قبيلي جي بااثر ۽ طاقتور ماڻھن کي سرڪاري نوڪري ۾ رکيو ھو. اھڙي دريا خان جو ڪنھن قبيلي سان جھيڙو ڳنڍڻ بھ سر چارلس جي حڪمت عمليءَ جو ھڪ حصو ھو. ھو نون مھينن اندر وٽس پيش پيا ھئا ۽ ڌاڙيلن مان ڦري شريف انسان ٿي ويا ھئا. نھ تھ ھن کان اڳ اھي ساڳيا ماڻھو ظلم ۾ ڪيس ڪرڻ ۾ انسان نھ پر وحشي جانور لڳندا ھئا. اھا سر چارلس جي حڪمت عملي ھئي جو ھنن وحشي جانورن پنھنجون عادتون تبديل ڪري ڇڏيون ھيون ۽ سبھي مان سون بڻجي ويا ھئا. سندن ڌنڌو ڌاڙن ھڻڻ بدران پوکي راھي جي ڪرتِ ھئي. جيڪڏھن ساڻن کئونس نھ ٿيندي ھئي تھ مسيت جا ڪک ھوندا ھئا. پر ھاڻي ھو ساڻن ڪيل اچاند جو پاند ڪرڻ لاءِ ھٿيار کڻي ان قبيلي جي ڪڍ لڳي پيا ھئا جيڪو ڪڏھن ساڻن ٻٽ ۽ جھٽ ھو. ڇاڪاڻ تھ ھو ھاڻي سڌري شريف ٿي ويا ھئا. سندن ھيءُ پلاند ڄڻ تھذيب جي تحفظ لاءِ ھو ۽ ڌاڙيل بھ انھن مضبوط علائقن ۾ وڃي لڪا ھئا جتي ھو ڪڏھن ڌاڙيل ھجڻ وقت پاڻ بھ وڃي سر لڪائيندا ھئا. تنھن ڪري ھي ان جابلو جوءِ جي چپي چپي جا چڱيءَ ريت ڄاڻو ھئا.

ھي اھڙي تبديلي ھئي جنھن وڏي کان وڏو ماڻھو فخر محسوس ڪندو آھي. پر اھڙين اھم ڳالھين کي انگريز عوام کان سايو ڪري ڳجھو رکيو ويو ھو. اھو  سر چارلس جي دشمنن جو ھٿ ناٽ ھو، جن کيس فقط مڇي کان اڳ ئي اجايا الزام ھڻي گھڻو لويو ھو. حقيقت اھا ھئي تھ اھو ڪامورا شاھيءَ جو ھن خلاف ھڪ ڳجھو پوتاميل ھو جيڪو سياڻپ ۽ سچيتائيءَ جو ويري ھو. ان ڪري سندس ڌيان عوامي ترقيءَ جي ڪمن ۽ مالياتي معاملن کان ھٽي ويو ۽ پنھنجي بچا لاءِ جتن ۽ جاکوڙ ۾ لڳي ويو ھو ۽ مٿان ملندڙ منظوري جي اوسيئڙي ۾ ھٿ ھٿ تي رکي واندو ويٺو ھوندو ھو. تنھن ڪامورا شاھيءَ جي اجائي رنڊڪن ڪري اھم قسم جا منصوبا رولھڙي جو شڪار ٿي ويندا ھئا ۽ ھروڀرو دير ٿي ويندي ھئي. کيس اھا بھ چڱيءَ ريت پروڙ ھئي ڪامورا شاھي ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرس جا ماڻھو ھن جي تباھيءَ جي تکيءَ تاڙ ۾ اوڪڙو ويٺا ھئا. ھن کان اڳ ”بامبي ڪائونسل“ گورنر جنرل ڏانھن خط لکي سر چارلس تي الاھي الزام ھنيا ھئا. پر اھڙن خطن تي ڪامورا شاھي جي ماڻھن کي ڇنڊ ڪڍي وئي ھئي ۽ کين چيو ويو ھو تھ اھڙيون ڳالھيون منظرعام تي آنديون وڃن تھ جيئن اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون يا ڪنھن تي اجايا الزام نھ ھنيا وڃن. اھڙي وايو منڊل کي ڏسي ڪائونسل لوڪ کان لڪي ڳجھيون دشمنيون ڪرڻ لڳي ھئي ۽ سر چارلس جي چيل لفظن کي تيليءَ مان ٿنڀ بنائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي. ھن سان گڏ اھو بھ سوچيو ويو ھو تھ بدناموسيءَ سان لاڳاپيل الزامن کي تيز رفتاريءَ سان اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇاچيو وڃي. جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو تھ سر چارلس ڪجھھ ھتري ويندو. ڊاڪٽر بسٽ ڪنھن ڪلي آھر لٻاڙون ھڻي رھيو آھي تھ ھو جيڪو وڻندو ڪري گذرندو. ڇاڪاڻ تھ کيس ھڪ اھم شخصيت جي پٺڀرائي حاصل آھي. جيڪا ممبئي جي گورنر جي ويجھو آھي. سندس اھڙي ٻٽاڪ بھ ڪا ڳجھي پاجھي ڪانھ آھي. جڏھن تھ سر چارلس جو بيان ھن ريت آھي:

”بامبي ٽائيمس جي بيان جو تفصيل ھن ريت آھي تھ مان سنڌ جي ماڻھن مٿان وڏا محصول مڙھي حڪومت ڪري رھيو اھيان ان کان سواءِ مان ٽرانزٽ ڊيوٽي نالي ھڪ ٻيو وڏو محصول کانئن وصول ڪري رھيو آھيان. اھڙن بيانن سان گڏ گارگند بھ شامل ڪيو ويو آھي تھ ھي (سر چارلس) سنڌ جو نيچ ۽ بي شرم گورنر آھي. ھن سان گڏ اھو بھ لکيو ويو آھي تھ ھي سنڌ زار ۽ غاصب ماڻھو آھي. جنھن پنھنجي بھادر فوج کي قتل ڪري ڇڏيو آھي ۽ سنڌ جي ھن گورنر جو ڌنڌو ئي ڪوڙ تي قائم آھي ۽ ڪيترن ئي مھينن تائين اھو پڙاڏو گونجندو رھيو تھ مان سنڌ جي ماڻھن مٿان وڏو محصول مڙھي وڏي پيداوار حاصل ڪئي آھي. اھڙيون سڀ ڳالھيون اجايون ھيون ۽ مون کي بدنام ڪرڻ جي نيت سان پکيڙيون ويون ھيون.“

”مان ڪنھن بھ قسم جو محصول ڪونھ مڙھيو آھي. نھ وري ڪنھن شيءِ تي محصول جي نالي ڪو ٽيڪس آھي. مانتھ رھندو ڪيترائي محصول معاف ڪري ڇڏيا آھن. مان اھي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آھن. منھنجي قلب کي قرار ۽ اندر کي آٿت آھي ۽ منھنجي آتما اھڙن پاپن کان آجو آھي. منھنجا تھ ننھن نيڻ کلي رھيا آھن. اھڙين ڳالھين جي عام ماڻھن کي بھ خبر آھي. اھڙي ساري معلومات سر جان ھرشد کي بھ آھي جيڪو چنڊ تي ويٺو آھي. پر ھاڻي جڏھن ساري ھندستان ۾ مون تي مڙھيل الزامن جو پڙاڏو گونجي رھيو آھي تھ منھنجو روح تھ رڙيون ڪري رھيو آھي. مون کي اھڙي ڏکوئيندڙ معلومات ڪلڪتي جي ھڪ ڪلارڪ وٽان ملي ھئي جيڪا مون کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. ھن ڪلرڪ لکيو آھي تھ ممبئي حڪومت ڪائونسل طرفان لکيل ھڪ نوٽ ڪلڪتي ۾ رجسٽر ڪرڻ لاءِ چيو آھي جيڪو مون (سر چارلس) کان ڳجھو رکيو ويو آھي. مذڪوره نوٽ ۾ مون تي الزام ھنيو ويوآھي تھ مان بازار مان سستو اناج وٺي فوج کي مھانگي اگھھ ۾ ڏيان ٿو. اھڙي ريت مان سرڪار کي نقصان پھچائي پاڻ پئسا ڪمايان ٿو. ان کان سواءِ مان وڏو محصول ھڻي وڏو نفعو ڪمايو آھي. اھڙي ريت مان ڪريت ڪري پاڻ کي ڏاڍو بدنام ڪري ڇڏيو آھي. تنھن ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو تھ منھنجي خلاف ھر الزام جو اکر اکر سچو آھي. ان ڪري مون لاءِ ڦاسي جي سزا صحيح ٿيندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org