سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي اقتصادي تاريخ

باب: --

صفحو: 9

ڀاڱو ٻيو

سنڌ جا شهر ۽ قصبا

(پوين ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾)

ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري آدمشماري ۽ واپار پراڻن شهرن مان نڪري نون شهرن ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور، لاڙڪاڻو، ميرپور ۽ ٻيا شهر جڏهن اسريا، تڏهن پراڻا شهر ڦٽندا ويا، انهن شهرن جو بنياد، اوسر ۽ واڌاري جي مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي وقت سان ڀيٽ ڪرڻ دلچسپ ٿيندي.

شڪارپور: شڪارپور جي بنياد پوڻ لاءِ کڻي ڪيتريون ئي آکاڻيون هجن، پر ان لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته تاريخ جا سڀ مستند رڪارڊ اهو ٻڌائين ٿا ته شڪارپور جو بنياد 1026 هجري مطابق 1217ع ۾ اتر سنڌ جي ڪوري حڪمرانن دائود پوٽن وڌو. سندس جاگرافيائي بيهڪ بولان لڪ جي ڏکڻ ۾ آهي، ان ڪري قلات ۽ افغانستان کان آمدرفت بنهايت سولي هئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ خراسان ۽ وچ ايشيا سان خشڪي رستي واپار جو وڏو مرڪز بڻجي پيو. هڪ زرخيز علائقي جي وچ ۾ هجڻ جي ڪري، اتر سنڌ ۾ هن عرصي جي پوئين دور ۾ وڏو واپاري مرڪز بڻجي پيو هو.

هندستان جي اتر ۽ اتر اولهه جي واپارين کي شڪارپور مان لنگهڻو پوندو هو، انهي ڪري ”سنڌو درياءَ کان پرڀرو بيٺل هي شهر هڪ اهم واپاري مرڪز بڻجي پيو.“ سنڌ جي ٻين شهرن وانگر هن شهر جي اهميت ڪو سندس صنعت ۽ مال تيار ٿيڻ جي ڪري ڪانه وڌي، پر هي شهر مشهور انهي ڪري ٿيو جو شڪارپور جي ماڻهن جي بئنڪن جي ڏيتي ليتي سموري هندستان کان وٺي وچ ايشيا ۽ ڪئسپن سمنڊ تائين هلندي هئي. جيئن سر الينگزينڊر برنس لکي ٿو، شهر جو واپار ڪو ايترو گهڻو نه هو- ۽ سندس اهميت رڳو هندستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن سان واپاري ڏيتي ليتي جي ڪري پيدا ٿي. شڪارپور ۾ ڪامياب ترين (بئنڪر) صراف پيدا ٿيا ۽ منجهس ان وقت جون وڏيون بئنڪون يا ڏيتي ليتي جا ادارا هئا، جن جا گماشتا سڀني مشهور شهرن، جهڙوڪ اولهه ۾ اسارا خان (رشيا جي ڪئسپين سمنڊ تي) اوڀر ۾ ڪلڪتي ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد دکن ۾ هوندا هئا. وڏي واپار لاءِ اهي موڙيون مهيا ڪندا هئا. سندن هنڊيون هر هنڌ هلنديون هيون ۽ اڄ تائين شڪارپور جا صراف هندستان جي مشهور بئنڪرن ۾ شمار ٿين ٿا.

جڏهن اوڻهين صديءَ جي اوائل ۾ انگريزن شڪارپور کي ڏٺو، تڏهن شڪارپور کي قديم تصور نه ڪيو ويندو هو- جيتوڻيڪ سندس پسگردائي ۾ ڪيترا اهڙا شهر هئا. (جهڙوڪ الور، بکر، سکر، روهڙي ۽ لڪي) جن کان هي شهر وڌيڪ سگهيو هو. شڪارپور جي آسودگي 1715ع کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن قنڌار جي حاڪم تيمور شاهه هندن کي حفاظت جو يقين ڏياريو ۽ انجام ڪيائين ته جيڪڏهن هو پنهنجي واپار ۾ رڌل رهندا ته هنن تي آئيندي ڪنهن به قسم جو ظلم نه ٿيندو. پر شڪارپور جو شهر ٺٽي، نصرپور يا سيوهڻ جي بلندين کي ڪين پهتو ۽ جڏهن پوسٽنس پنهنجو ڪتاب ”آبزرويشنس“ ڇپايو (1843)، تڏهن شهر کي ”گنديءَ ۽ ڦٽل حالت ۾ ڏٺائين، جنهن جي آدمشماري 22000 کن هئي.

حيدرآباد: جڏهن سڪندر اعظم سنڌ مان لنگهندي وطن ڏي ٿي وريو، تڏهن چيو وڃي ٿو ته هو هڪ ننڍي قديم قلعي ”نيرون“ ۾ ٿورو وقت ترسيو هو، انهي قلعي واري هنڌ تي جنهن قلعي پهرين پهرين مسلمانن جي آڻ مڃي هئي. ڪلهوڙي گهراڻي جي حڪمران غلام شاهه سن 1768ع ۾ حيدرآباد جو شهر ٻڌايو. ان وقت تائين ٺٽي جو سمورو شان ۽ اهميت ختم ٿي وئي هئي ۽ ان جي جاءِ وري حيدرآباد ورتي. حيدرآباد کي سنڌ جو تختگاهه بڻايو ويو ۽ ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپرن جي حڪومت جو صدر مقام به حيدرآباد ئي رهيو پر تڏهن به حيدرآباد کي ٺٽي جهڙو اوج ڪنهن به وقت حاصل نه ٿي سگهيو.

هي شهر گنجي ٽڪر تي بيٺل هو، آسپاس زرخيز زمينون هئس. هڪ پاسي ٽن ميلن جي پنڌ تي درياءُ هوس ته ٻئي پاسي ۾ مدامي وهندڙ ڦليلي هئس، ان ڪري جلد ئي صوبي جو مکيه شهر بڻجي پيو پر سندس اهميت ڏني. لهري بندر ۽ شڪارپور جي برعڪس فقط مقامي ئي هئي. هتان مکيه صوبائي رستا ڦٽي ئي نڪتا، ۽ ان ڪري صوبي جي مکيه واپاري مرڪزن سان خشڪي رستن جي ذريعي ڳنڍيل هو. ان هوندي به شهر صنعتن کان خالي ڪين هو.

هتي شاندار ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو تيار ٿيندو هو پر خاص ڪري منجهس هٿيار پنوهار سٺا ٺهندا هئا. ٽوٽيءَ واريون بندوقون ۽ تلوارون ۽ خنجر سٺا ٺهندا هئا. جي ڪنهن به طرح يورپ جي ٺهيل هٿيارن کان گهٽ ڪين هئا. شهر جي خاص اهميت رڳو انهي ڪري هئي جو وقت جي حڪومت جو صدر مقام هو ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مال هتان روانو ٿيندو هو.

پر حيدرآباد ڏاڍو سوڙهو ۽ گندو شهر هو: پاٽنجرس ۽ پوسٽنس جي لکڻ مطابق هي شهر ڪچي مٽيءَ سان ٺهيل جهوپڙين جو مجموعو هو. ماڻهو غريب ۽ برن حالن ۾ هئا شهر ۾ ميل کن ڊگهي بازار هئي، جا بڇڙي طرح اڏيل هئي. پر منجهس وڪري لاءِ مال اسباب ڪافي رکيل هو، ڪرنيل ڪيٿ ينگ ان لاءِ هيئن ٿو لکي: ”ڪهڙي نه بڇڙي جڳهه آهي هيءَ حيدرآباد؟ مون اهڙو بدبودار، بڇڙو ۽ گندو هنڌ ڪو ورلي ڏٺو آهي. مون کي ماڻهن جي بيمار ٿيڻ ۽ شهر کي ڌڪارڻ تي ڪو تعجب نه ٿيندو آهي.“ انگريزن جي فتح 1843ع) وقت، حيدرآباد جي آدمشماري 42000 کن هئي.

ڪراچي: پوسٽنس لکي ٿو:”جيڪي شخص سنڌ جي جاگرافي، ۽ مئڪڊونيا جي فاتح (سڪندر اعظم) جي سفر سان دلچسپي رکن ٿا، انهن لاءِ ايترو خيال ڪرڻ ڪافي آهي ته لاشڪ هاڻوڪي ڪراچي اهو ئي ڪروڪولا آهي، جتان نيئرچس مڪران ۽ ايران جي ڪناري ڏانهن پنهنجي ٻيڙي سان اسهيو هو. اهو شهر ڪڪرالا نالي علائقي ۾ آهي.“

ڪن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ڪلاچي لفظ مان نڪتل آهي جو چيو وڃي ٿو ته اتي پسگردائي ۾ مهاڻن جو هڪ ڳوٺڙو هو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اهو اورنگ آباد جو بندر هجي، جو اورنگزيب 1650ع ڌاري ٻڌايو هو-- ۽ جنهن جو ذڪر ايڪسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪيترن خطن ۾ آيل هو ته ”اهو ملتان جي شهزادي جي هٿ هيٺ ڪڪرالا جو نئون بندر هو.“

لهري بندر ان وقت سڄو واري جي ڪري لٽجي سڪي ويو هو، ۽ اهو ضروري هو ته سنڌو درياءَ جي منهن تي پنجاب وڃڻ لاءِ ڪو وڌيڪ آمدرفت لائق بندر هجي. انهي کي هندو (رام باغ) به سڏيندا هئا- ۽ اهو نالو اڃا تائين شهر جي هڪ حصي تي قائم آهي. چيو وڃي ٿو ته هي شهر ڪنهن جي هڪ حصي تي قائم آهي. چيو وڃي ٿو ته هي شهر ڪنهن وقت ڪافي وڏو هو ۽ 50000 کن آدمشماري هيس-۽ ”ڪرڪ“ سڏبو هو، جنهن مان ”ڪراچي“ نالو نڪتو آهي، پر 1838ع ۾ سندس آدمشماري گهٽجي اچي 18000 تي بيٺي، جنهن ۾ اڌ هندو هئا--۽ باقي ”بلوچ، جوکيا، مهاڻا ۽ جت هئا.“ ڪجهه ورهين کان پوءِ پوسٽنس لکي ٿو ته ”ڪراچي جي آدمشماري فقط 8000 کن هئي.“

ڪراچي جي پسگردائي وارو ملڪ خشڪ ۽ سڃو هو، جيئن اڄ به ڏسڻ ۾ ايندو. ڪيٿ ينگ کي، ڪراچي کي ڏسي سرو! لٽراسڪاٽ جي زماني جي اسڪاٽلينڊ جا مٿاهان پٽ اچي ياد پيا، سو مزاحيه انداز سان چوي ٿو ته ڪراچي ۾ ”ايترو به ڪجهه ڪين هو، جو رڳو مڪڙ ڪانيرن ڪرڻ لاءِ ترسي پون. ڪراچي ڏاڍي نامراد جڳهه آهي-“ رابراءِ جي نظم مان هي ٽڪرو ڪراچي لاءِ چونڊي چوي ٿو:

”جيسين نظر پهتي ٿي، اوستائين ڪو وڻ ٽڻ به ڪو نه هو، زمين جهنگلي ۽ ڌڪاريل گاهه سان ڍڪيل هئي، واٽ ويندڙ پکين کانسواءِ پکي پکڻ به ڪو نه ٿي اڏاڻو، ماکيءَ جي مکين جي ڀون ڀون نه هئي، ڪنهن ڪبوتر به ڪوڪو ڪانه ٿي ڪئي، عنبر جهڙي لسي ۽ عنبر جهڙي صاف ڪا نهر ڪانه ٿي وهي. نڪي ڪو ان جو آواز ئي ٻڌڻ ۾ ٿي آيو.“

شهر جي اهميت، جيئن اڄ به آهي، رڳو سندس سامونڊي بندر ۽ سنڌ جي تختگاهه هجڻ ڪري آهي. ڪنهن وقت ڪراچي، لسٻيلي جي ڄام جي قبضي ۾ هئي پر جڏهن ٽالپر طاقت ۾ آيا تڏهن جلد ئي ڄام کان قبضو ڇڏائي، پنهنجي قبضي ۾ آندائون. هنن شهر کي ڪافي مضبوط ڪيو ۽ سندس محصول ۽ واپار کي وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪيائون.

ڪراچيءَ کي پنهنجي ڪابه صنعت ڪانه هئي، پر ان هوندي به ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ بمبئي، ملبار جي بندرن، بندر عباس ۽ زئنزيبار سان سندس ڪافي واپار هلندو هو. سندس ڪيترن هندو واپارين جا گماشتا ۽ آفيسون شڪارپور، بهالپور ۽ ملتان، مانڊيوي ۽ بمبئي، مسقط ۽ بحرين، هرات، ڪابل ۽ قنڌار ۾ هونديون هيون.

ٻيا شهر: سنڌ ۾ ان وقت ڪي ٻيا به ننڍا شهر هئا--، جهڙوڪ خيرپور ۽ گمبٽ، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور، راڻيپور ۽ ڪوڙا پر اهي سمورا سواءِ خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور جي، ننڍا هئا. اهي فقط ٿورا وڏيرڙا ڳوٺ هئا ۽ ان ڪري هر هڪ جو جدا جدا بيان ڏيڻ جي ڪا ضرورت ڪانه ٿي ڏسجي.

خيرپور جي آدمشماري 15000 هئي ۽ سندس ماڻهو ڪپڙي اُڻڻ ۽ رڱڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا. ڪپڙي جا ڪيترائي قسم تيار ٿيندا هئا. اتر سنڌ جي ميرن جي صدر مقام هجڻ جي ڪري کيس ڪافي اهميت ملي وئي.

اليگزينڊر برنس جي چوڻ مطابق لاڙڪاڻي جي آدمشماري 12000 هئي- ڀانئجي ٿو ته ڪنهن وقت هي شهر ڪافي وڏو ۽ مکيه شهر هو. هي شهر صوبي جي زرخيز علائقي جي وچ تي ٻڌل آهي-- ۽ سنڌ جي اناج جي هڪ مکيه مارڪيٽ هو. سٽ ۽ ريشم جو به ڪجهه سامان هت ٺهندو هو.

ميرپور جي آدمشماري ڏهه هزار کن هئي-- ۽ سنڌ جي ننڍن ۽ ڪمزور ترين ميرن جي رهائشگاهه هو. پسگردائي جون زمينون ڪافي ڀليون هئس ۽ چڱي طرح پوکيون وينديون هيون. پر ڪڇ ۽ سنڌ جي وچ ۾ آمدرفت جي رستي تي هجڻ ڪري خاص اهميت حاصل ٿي هيس.

راڻيپور ۽ ڪوڏا ڪپڙي تيار ٿيڻ جا ننڍا مرڪز هئا. گمبٽ انهن کان به گهٽ اهميت ٿي رکي.

حاصل مطلب: اهي هئا سنڌ جا نوان ۽ پراڻا شهر ۽ ڳوٺ- جي آدمشماري ۽ صنعت، واپار ۽ تجارت جا مرڪز هئا. پراڻا شهر، جي مغلن ۽ ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ هئا، سي پوين ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جي نون شهرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سکيا ۽ وڏا، وڌيڪ آباد ۽ وسيل ۽ واپار ۽ تجارت جا وڌيڪ وڏا مرڪز هئا. اول الذڪر شهرن، ان دور ۾ صوبي لاءِ نه رڳو سندس پنهنجي معاشي تاريخ ۾، بلڪ هندستان ۽ پوري مشرق ۾ هڪ خاص مقام حاصل ڪيو. ٺٽو، ڏکڻ سنڌ جي گادي جو هنڌ، جڏهن پنهنجي اوج تي هو، تڏهن هندستان جي اول درجي جي شهرن ۾ شمار ٿيندو هو. ان جي برعڪس حيدرآباد ايترو گندو ۽ سڃو شهر هو ”جو هندستان جي ٽئين درجي جي شهرن جي مقابلي ۾ به هيچ هو.“ حقيقت ۾ انگريزن جي فتح تائي- پوري هڪ صديءَ ۾ سنڌ ۾ اهڙو هڪڙو شهر به نه هو، جو ٺٽي سان پکيڙ ۽ آدمشماري ۾، نصرپور سان صنعت ۽ سونهن ۾، ۽ لهري بندر سان بحري ڪارنامن ۾ مٽ ٿي سگهي، جن پراڻن شهرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن کي ڊگهي حياتي حاصل ٿي هئي ۽ سندن پاڙون صنعت ۽ واپار جي لحاظ کان نهايت پختيون هيون- پر ٽالپرن ۽ پوين ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ نوان شهر اڃا ٻالاپڻ ۾ مس هئا، جيتوڻيڪ اڳين شهرن جي ڦٽي وڃڻ جا ڪي خاص سبب هئا، ان هوندي به مجموعي طرح ڏسبو ته سڀني پراڻن شهرن جي هڪ ئي وقت به، مجموعي طرح ڏسبو ته سڀني پراڻن شهرن جي هڪ ئي وقت زوال ۾ اچڻ جو سبب ملڪ جو مجموعي تنزل هو - ۽ جيڪي سبب قديم شهرن جي زوال لاءِ جوابدار هئا، سي نون شهرن جي اوسر ۽ ترقي لاءِ ڪنهن به طرح فائديمند بلڪل نه هئا.

باب ستون

صنعت ۽ واپار جا لاڙا ۽ سندن تنظيم

ڀاڱو پهريون

تاريخي چڪاس

سنڌ جي واپار ۽ تجارت جي ڪهاڻي تاريخ کان به پراڻي آهي ۽ تاريخي دور کان به اڳ ۾ مغرب توڙي مشرق جي ملڪن سان سندس واپاري ناتا رهندا پئي آيا آهن. سندس جاگرافيائي يا طبعي بيهڪ، سندس قدرتي وسائل ۽ سندس ماڻهن جي محنتي طبيعت جي ڪري سندس انهي واپاري ناتن کي هٿي پئي ڏني آهي. موهن جي دڙي جون کوجنائون. قديم ڪتاب، مؤرخن جا احوال ۽ جديد لکندڙن جا بيان- سڀ انهي ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا. جڏهن اسين تاريخي دور تي اچون ٿا ته پتو پوي ٿو ته عربستان ۽ ايران سان سنڌ جو وسيع واپار هلندو هو ۽ سنڌ جو دوآبي بندر ديبل، مغربي ملڪن سان هندستان جي واپار جو مکيه مرڪز ۽ مارڪيٽ هوندو هو. اسلام جي حملي جون پهريون نشانو سنڌ ملڪ بڻيو ۽ 712ع ۾ جڏهن عربن سنڌ کي پنهنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيو، ان کانپوءِ به سنڌ جو واپار خشڪي توڙي بحري رستي جاري رهيو. ايلئٽ انهي خيال جو آهي ته عربن جي حڪومت ۾ سنڌ جي باقي مسلمان ملڪن سان باقاعدي واپاري ناتا قائم رکندي آئي ۽ سنڌ ۽ خراسان جي وچ ۾ ڪابل ۽ باميان جي رستي ۽ سنڌ ۽ زابلستان ۽ سيجستان جي وچ ۾ غني ۽ قنڌار  جي رستي مال سان ڀريل قافلن جا قافلا پيا ايندا ويندا هئا. اهو رڳو ايلئٽ جو خيال ڪونهي پر ڏهين صديءَ کان تيرهين صدي جي دور جا خود مکيه عرب مورخ ۽ جاگرافي جا ماهر- المسعودي، الاستخاري، ابن جو قل ۽ اولادريسي به ديبل جي واپاري اهميت جي نڪتي ٿي گهڻو زور ڏين ٿا- ۽ چون ٿا ته ديبل هڪ وڏي واپاري مارڪيٽ ۽ سنڌ ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جو مکيه بندر هو ۽ جتي عمان، چين هندستان کان وڏا وڏا جهاز ڀرجي ايندا هئا، سندس رهواسي ”عام طرح آسودا ۽ شاهوڪار هئا- ۽ ڪيترن ئي قسمن جي شين جو واپار ۽ ناڻو اڌارو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا.“ ساڳي طرح اپر سنڌ جي مکيه مارڪيٽ، منصوره جي تعريف ڪندي لکن ٿا ته هي شهر وڏو گهڻي آدمشماري سان وسيل شاهوڪار ۽ واپاري شهر هو، جتي واپار نهايت سٺو ۽ گهڻو هلندو هو، سندس بازارون ماڻهن سان سٿيون پيون هونديون هيون ۽ مال جا ڀنڊار ڀريا پيا هوندا هئا ۽ هن شهر کي انهي دور جي دنيا جي ٽن عظيم ترين شهرن- بغداد، المسيسار ۽ ميسوپوٽيميا جي صف ۾ شمار ڪيو ويندو هو:

چوڏهين صديءَ جي ٻي چوٿائيءَ ۾، ابن بطوطه لکي ٿو ته لهري بندر، جو ان وقت ديبل کان به گوءِ کڻي ويو هو، ”سمنڊ جي ڪناري تي هڪ سهڻو شهر هو،“ کيس هڪ ”وڏو بندر هو، جتي يمن، فارس (عربستان ۽ ايران) ۽ ٻين هنڌان ماڻهو واپار جي سانگي ايندا هئا“--۽ ”هن شهر مان ساليانو محصول اٽڪل سٺ لک رپيا اڳڙندو هو.“ هن مان وڌيڪ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي درٻار ۾ ٻاهرين ماڻهن جو ڏاڍو آڌرڀاءُ ۽ همت افزائي ٿيندي هئي ۽ جيڪي سوکڙيون پاکڙيون هو بادشاهه کي ڏيندا هئا ته ”بادشاهه انهن کي انهن سوکڙين جي ملهه کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ ملهه جا تحفا ڏيندو هو-“ ايتريقدر جو مقامي واپارين انهي کي مرڳو ڌنڌو بنائي ڇڏيو ۽ هر نئين ڌارئين شخص کي درٻار ۾ وڃڻ وقت ڪيترا هزار دينار قرض طور ڏيندا هئا“- سندن اهو ڌنڌو ڏاڍو فائديمند ثابت ٿيو--۽ انهي مان هنن کي ”بيشمار نفعو“ ٿيندو هو.

ان دور کانپوءِ (1522-1351) جڏهن سنڌ تي سمن جو راڄ هو، تڏهن ملڪ امن ۽ آسودگي جي نعمت سان نوازيل هو. زراعت عروج تي هئي، ۽ اهو ئي وقت هو، جڏهن ڏکڻ سنڌ جو ناميارو تختگاهه ٺٽو، ٽن صدين کان به مٿي عرصي لاءِ سموري مشرق جي تاريخ ۾ هڪ امتياز وارو شهر بڻجي پيو. جيتوڻيڪ انهي عرصي جي واپاري تاريخ جو رڪارڊ تمام ٿورو موجود آهي، ماڻهو مٿين حقيقت مان اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ان وقت ملڪ جو واپار ۽ تجارت، صنعت ۽ ڪاريگري بلند منزل تي پهتل هئي-- ۽ اسين مئڪمرڊو سان بلاشڪ انهي ۾ شامل راءِ ٿي سگهون ٿا ته سنڌ جو واپار ان وقت ۾ ڪافي ڪماليت تي هو.

ان کانپوءِ، ڊيوراٽ باربوسا اسان کي سورهين صدي جي اوائل ۾ سنڌ ۽ سندس ڪڻڪ ۽ جوَن، ڪپهه ۽ ڪپڙي، گهوڙن ۽ گوشت جي عظيم ذخيرن جو احوال ڏئي ٿو. هو درياءَ جي ڪناري تي ٻڌل ڪيترن آباد ۽ وسيل شهرن بابت ٻڌائي ٿو ۽ چوي ٿو ته مڇي جو ايترو گهڻو ذخيرو هو، جو ماڻهو گهوڙن کي سڪل مڇي کارائيندا هئا، هو اهو به ٻڌائي ٿو ته هندستان جي باقي حصن ۽ ٻين ملڪن سان سنڌ و تمام گهڻو وڻج واپار هو.

ارغونن جي دور ۾ (24-1521)- جن سمن کانپوءِ حڪومت ڪئي- سنڌ جي آسودگي ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه آئي. ساڳيءَ طرح ترخان گهراڻي جو باني، مرزا عيسى ترخان، (72- 1554ع) صنعت جي گهڻي همت افزائي ڪندو هو-- ۽ واپار کي وڌائڻ ۾ ڪافي حصو وٺندو هو. سمنڊ جي بندرن کي ڪافي سڌاريائين ۽ انهن جو باقاعدي انتظام رکيائين ۽ پنهنجي حدن اندر مال آڻڻ نيڻ جي سلامتي قائم رکڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيائين.

سورهين صدي جي آخر ۾ مغلن جي پير پائڻ کان اڳ ۾ اها هئي سنڌ جي حالت، ۽ جڏهن اسين سترهين صدي ۾ قدم ٿا رکون ته سندس صنعت ۽ تجارتي آسودگي جا بيشمار حوالا ملن ٿا. يورپ جي ڪيترن واپارين ۽ سيلانين ان دور ۾ سنڌ جو سير ڪيو، جڏهن انگريزن سڀ کان اول 1613ع ۾ سنڌ ۾ پير کوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن پورچوگيرن کي اڳي ئي ملڪ ۾ چڱي طرح ڄميل ڏٺائون. اهو فقط 1630ع ۾ ممڪن ٿي سگهيو جو هو سنڌ ۾ پهرين ڪوٺي قائم ڪري سگهيا، جنهن جي مکيه آفيس ٺٽي ۾ ۽ شاخون نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ قائم ڪيائون. هنن هتان سوٽي ڪپڙو ۽ نير خريد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪجهه سالن کانپوءِ شوري جي خريداري به ڪرڻ لڳا رفته رفته هنن پرڏيهي واپار ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ انهي تان پورچوگيز ڪاوڙجڻ لڳا، ڇو ته ان وقت صوبي جي واپار تي پورچوگيزن جو ڪافي غلبو هو. انگريزن جي ڪوٺي 27 سالن تائين ڪم هلائيندي رهي. (62-1635ع) پر پوءِ پڇاڙي ۾ ڪوٺي کڻي ڇڏيائون، ڇو نه ان وقت (6- 1655ع) جي پليگ جي بيماري ۽ ڏڪر جي ڪري ماڻهن جو ڳچ حصو ٻهارجي ويو.“ اورنگزيب ۽ سندس ڀائرن جي گهرو لڙاين جي ڪري غير يقيني حالتون پيدا ٿي پيون هيون- پر انهن حالتن کان وڌيڪ سندن واپار کي وڏو ڇيهو سنڌ جي انگريزي ڪوٺيءَ جي منتظم اعلى، مسٽر بيل جي نالائقيءَ، فضول خرچيءَ ۽ بي ايمانيءَ پهچايو.

اهو ئي دور هو، جڏهن ڊچن به اڀرندي هندستان جي واپار مان جاوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 1652ع تائين هو پاڻ کي چڱي طرح ڄمائي ويا. انگريز واپاري خار کائي سور پي ويا پر ڊچ به گهڻو وقت جالي ڪين سگهيا.

ان کانپوءِ اٽڪل پوري هڪ صدي تائين سنڌ ۾ ڪابه يورپي ڪوٺي ڪانه هئي. ان هوندي به سنڌ مان ڪافي مال يورپ جي مارڪيٽن ۾ پهچندو رهيو. انگلينڊ جي آخري سٽوئرٽ گهراڻي جي حاڪمن کان وٺي ارڙهين صدي جي وچ واري سکئي دور ۾، سنڌ جي مال لاءِ انگريزن جي ڪافي طلب رهي ۽ انگريز پنهنجي احمد آباد واري ڪوٺيءَ جي ذريعي سيلاني گماشتن ۽ مقامي دلالن جي وسيلي سان سنڌ سان واپار ڪندا رهيا.

1757ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني وري سنڌ ۾ ڪوٺي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس مقصد اهو هو ته سنڌ جي سوري شوري جي رسد کي پنهنجي لاءِ هٿ ڪري سندس بهترين قسم جو ڇاپو مال خريد ڪري ۽ صوبي ۾ ٺهندڙ ڇيٽن ۽ ٻين ڪپڙن بابت معلومات هٿ ڪري ۽ ساڳي وقت انگلينڊ جي اوني ڪپڙي ۽ ٻئي سامان جو وڪرو ڪري سگهي. ان

کانپوءِ سنڌ ۾ 1799ع، 1809ع ۽ 1820ع ۾ سفارتون آيون پر سندن مکيه مقصد سياسي هو.

ان طرح اسان ڏسون ٿا ته مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن اوري سنڌ پنهنجي زراعت ۽ صنعت، واپار ۽ تجارت کان ڏيهان ڏيهه مشهور هئي ۽ ڪلهوڙن جي آخر حاڪمن جي دور ۾ سنڌ جي زواليت شروع ٿي ۽ جا ٽالپرن جي ڏينهن ۾ وڌيڪ تيزي سان سنڌ کي وڪوڙي وئي.

انهي پوئين دور ۾ مجموعي طرح سڄو هندستان گهرو فسادن، ۽ ٻاهرين حملن ۽ دست اندازين جي ڪري تاريخ جي هڪ نازڪ دور مان لنگهي رهيو هو ۽ سنڌ ان جي اثر کان پاڻ بچائي نه سگهي.

انهي دور جي زرعي حالت تي هڪ اڳئين باب ۾ اسين لکي آيا آهيون ۽ ايندڙ صفحن ۾ سندس صنعت ۽ واپار تي غور ڪنداسين.

ڀاڱو ٻيو

عام لاڙا

اڳئين باب وانگر هن سوال کي سمجهڻ لاءِ سولي ۾ سولو رستو اهو آهي ته هن دور جي تاريخ نويسن سياحن ۽ واپاري گماشتن جي ڏنل احوالن کي جاچيو ۽ پوءِ جدا جدا صنعتن جو تفصيلي طرح اڀياس ڪري، پڇاڙي ۾ واپار ۽ تجارت جي انهن سان واسطو رکندڙ واپاري ۽ تجارتي سوالن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.

عام رايا: مغلن (1592ع) کان شروع ڪندي معلوم ٿيندو ته سندن دور ۾ سنڌ جي واپار ۽ تجارت جي اهميت ۽ ڪشادگي سنڌ ۾ يقيني طرح اڳتي هئي. آئين اڪبري ۾ چيو ويو آهي ته:

”آمدرفت ٻيڙين جي وسيلي ٿئي ٿي، اٽڪل 40000 کن ٻيڙيون آهن، جن ۾ ننڍيون وڏيون ڪيترن ئي قسمن جون ٻيڙيون هلن ٿيون. مڇي مارڻ جو ڌنڌو به تمام گهڻو آهي..... مڇي سڪائي ٻيڙين ۾ چاڙهي ٻين بندرن ۽ وڏن شهرن ڏانهن برآمد ڪئي وڃي ٿي، جنهن مان ڪافي نفعو حاصل ٿئي ٿو......هت لوڻ ۽ لوهه جون کاڻيون آهن......“

ان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ڏکڻ سنڌ جو تختگاهه ٺٽو، جهازن جو هڪ وڏو مرڪز هو.

”بادشاهه سلامت جي شهنشاهت ۾ هرهنڌ بيشمار جهاز آهن- پر بنگال، ڪشمير ۽ ٺٽي ۾ واپار جو دارومدار ئي انهن تي آهي.“

وليم فنچ (11-1108) سنڌ جي عظيم شهرن- ٺٽي، روهڙي ۽ بکر، جو پنجاب جي وڏن شهرن سان واپاري ناتن هئڻ جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ جوزق سئلبئنڪ (1609ع)، جنهن هندستان مان سنڌ جي رستي ايران جو سفر ڪيو، سو سنڌ جي واپاري ۽ صنعتي حالتن جو هيئن ٿو ذڪر ڪري:

”هن ملڪ (سنڌ) ۾ جيڪي شيون گهڻي انداز ۾ ۽ سستن اگهن تي ملن ٿيون، انهن ۾ ڪيترن قسمن جو اوچو سوٽي ڪپڙو، عاليشان پٿراڻيون، غاليچا ۽ ريشم جو ٻيو سامان آهي، بئنٽر ۽ ماليوڪس ۾ انهن شين مان ڪيترين شين جو جيڪر ڏاڍو سٺو واپار هلي سگهي، انهي کانسواءِ هتي آفيم جا به وڏا ذخيرا آهن ۽ بئنٽم ۽ ٻين حصن ۾ ان جي تمام گهڻي طلب آهي. اسان جي ملڪ لاءِ هتي ٺهندڙ ٻيون ڪارائتيون دوائون ملن ٿيون. ماڻهن جي روش ناهيت سهڻي آهي ۽ هو واپار ڪرڻ لاءِ خواهشمند آهن.....“


[1]. شهر جي ”لکي“ دروازي ٻاهران، حاجي فقير دولا جي مسجد ۾ لڳل ڪتبي ۾ ”غوڪ“ لفظ ڏنل آهي، ابجد موجب ”غوڪ“ لفظ جي تشريخ هن طرح آهي. 1000-6-20-1026هه

[2]. برٽن- ”سنڌ ريوزٽيڊ“، جلد 2، ص ص 241- 142

[3]. برنس، ڪامرس آف شڪارپور

[4]. ايضا، پڻ ڏسو پوٽسٽنس پرسنل آبزرويشن ص 32

[5]. برنس، ايضا، فقرو 5

[6]. ايضا، فقرو ڇهون، اهي جايون جتي شڪارپوري هندن جا گماشتا هوندا هئا، تن مان پوسٽنس هيٺين جو ذڪر ڪيو آهي: مسقط، بندر عباس، ڪرمن، يزد، مهشد، استرا خان، بخارا، سمرقند، ڪوڪن، يرقند، ڪونڊوز، خولوم، سبزور، قنڌار، غزني، ڪابل، پشاور، ديرو اسماعيل خان، بکر، ليرا، ملتان، بهاولپور، امرتسر، جيوپر، بيڪانير، جيسلمير، پالي، مانڊوي، بمبئي، حيدرآباد (دکن)، حيدرآباد (سن)، ڪراچي، قلات، مرزاپور ۽ ڪلڪتو.

[7] . ايضا، پڻ ڏسو برٽن، ”سنڌ ريوزٽيڊ“، جلد 2، ص 242.

[9] . برنس، ايضا، فقرو 2.

[10] . پوسٽنس، ص 32.

[11] . پاٽنجر، ميموئر آن سنڌ، ص 27، پوسٽنس ص 28.

[12] . پاٽنجر، ايضا، ص 27.

 [13]. ٿارنٽن، گزيٽيئر، جلد 1، ص 261.

[14] . ”سنڌ ان دي فارٽيز“ ص ص 24-47

[15] . پوسٽنس، ص 24.

[16] . ڪارليس، بامبي رڪارڊس، سليڪشن جلد 1، ص 195. ف. ن.

[17] . ڪارليس، ايضا ص 195.

[18] . ايضا ص 196.

[19] . پوسٽنس، ص 24.

[20] . ڪارليس بامبي رڪارڊس 17 جلد 2- ص 197.

[21] . پوسٽنس ص 24.

[22] . ڪئپٽن هارٿ ”ٽائون ائنڊ پورٽ آف ڪراچي“ بامبئي رڪارڊس جلد 17 ص 15.

[23] . منشي موهن لعل- ”ٽريڊ آف خيرپور“ ص 36.

[24] . پوسٽنس ص 29.

[25] . ٽارنٽن- گزيٽيئر 11 ص 43.

[26] . مئڪمرڊو، هسٽري آف سنڌ، ص ص 29

[27] . الئٽ، 1، ص 427

[28] . ايضا

[29] . الئٽ، 1، ص ص 37، 77-78

[30] . ابن بطوطه، ٽريولس، ص 187

[31] . ايضا، ص 185

[32] . مٿئين موجب، ڀاڱو 5

[33] . مئڪمرڊو، هسٽري آف سنڌ، ص 30

[34] . باربوسا. ص ص 106-7

[35] . مئڪمرڊو، هسٽري آف سنڌ، ص 30

[36] . انهيءَ جي اهميت 1646 کان پوءِ وڌي.

[37] . اي ايف آءِ، 1650-55، ص ص 209- 10، 306- 397 ايف- آر ايس جلد 103، ص ص 35-7، ايضا جلد 84، ص 395- 474.

[38] . او سي جلد 33، نمبر 2274، پڻ ڏسو سورلي ص 35

[39] . سورلي ص 103.

[40] . بامبي رڪارڊس منجهان اقتباس جي حوالي سان سليڪشنس 1802 سورلي جي حوالي سان ص 37 ف . ن

[41] . آئين 2 ص 348.

[42] . آئين 1 ص 279.

[43] . فاسٽر ارلي ٽريولس ص 161.

[44] . پرچاز، جلد 3، ص ص 88-9.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23  

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org