سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي اقتصادي تاريخ

باب: --

صفحو: 21

ضميمو (ب)

ٺٽي جو بنياد

 ٺٽي جي بنياد بنسبت ڪافي اختلاف راءِ آهي. عام طرح ائين سمجهيو وڃي ٿو ته ٺٽي جو بنياد چوڏهين صديءَ جي شروعات ڌاري سمن وڌو. پر تاريخي شاهدين جو ڪافي اهڙو مواد موجود آهي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته ٺٽي جو بنياد چوڏهين صدي کان گهڻو گهڻو اڳ ۾ پيو.

چيو وڃي ٿو ته ابن بطوطه 34- 1333ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو. سيوهڻ کان لهري بندر ڏانهن سنڌو درياءَ رستي ايندي هو ضرور ساموئي ۽ ٺٽي وارن هنڌن وٽان لنگهيو هوندو پر هو انهن ٻنهي مان ڪنهن جو به ذڪر ڪو نه ٿو ڪري. ميجر ريورٽيءَ ”ابن بطوطه“ جي ٺٽي جي موجودگي بابت خاموشي کي بنياد ٺهرائيندي فرض ڪيو ته ٺٽو ان وقت وجود ۾ ئي ڪو نه هو. ميجر جنرل هيگ وانگر هن کي به ٺٽي بابت پهريون دفعو جيڪو حوالو مليو، برني جي ”تاريخ فيروزشاهيءَ“ ۾ جنهن ۾ هن گجرات جي باغي موچي جي بغاوت جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته 1350ع ۾ محمد شاهه تغلق هن باغي جي پٺ وٺندي ٺٽي تائين پهتو.

مقامي مؤرخ، جو ٺٽي جي بنياد تي حقيقت کي سمن جي راڄ جي اوائلي وقت سان منسوب ڪن ٿا، سا ڳالهه مٿين شاهدي سان گڏ خيال ۾ رکندي ۽ ساموئي جي تعمير لاءِ ڪجهه عرصي جي رعايت رکندي، هيگ اها راءِ بيهارڻ ٿو گهري ته سمن جو هي تختگاهه (ٺٽو) اٽڪل 1340ع ۾ تعمير ٿيو. هو انهي عام عقيدي کي تاريخي حقيقتن جي برخلاف ۽ غلط تصور ٿو ڪري ته ڪو ٺٽو ڄام نظام الدين، جنهن کي ڄام نندو به سڏيندا آهن. ٺهرايو، جو اٽڪل 866 هجري اي 62- 1361ع ۾ طاقت ۾ آيو.

ٻئي طرف وري ريورٽي جو رايو آهي ته ٺٽي جو بنياد سمي گهراڻي جي ٽئين حاڪم ”ڄام انڙ جي پٽ“ وڌو، جنهن کي ”باني ٺٽه“ جي لقب سان سڏيو ويندو هو ۽ پنهنجي چاچي ڄام جونا کانپوءِ 50- 1349ع ۾ تخت تي ويٺو.ريورٽي چوي ٿو ته ”جڏهن سما لاڙ ۾ طاقت ڄمائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، تڏهن هن ئي ڄام ساموئي جي ويجهو پنهنجي حڪومت جي پايه تخت لاءِ هڪ نئون شهر ٻڌايو، جنهن تي ڄٽو نالو رکيو ويو؛“ ۽ شايد ”فرشتي“ جي راءِ کي کڻي، هو اهو خيال ڏيکاري ٿو: ”جنهن نالي سان هي ڄام مشهور ٿي ويو سو هو ڄام ”باني ٺٽہ“ يعني ٺٽي جو بنياد وجهندڙ ۽ اهو نالو نه رڳو سنڌ جي تاريخن ۾ بلڪ ٻين به ڪيترين تاريخن ۾ آيل آهي.“ ريورٽي ”باني ٺٽہ“ جي فارسي ۾ هجي جا ڪل ڏهه نمونا پيش ڪري ٿو ۽ دليل ٿو ڏئي ته ”اڻ ڄاڻ ڪاتبن لفظن جي هجي غلط لکي آهي.“

بابينہ – بانيتهتهہ

بنيہ- باپنہ- بانيه- بايينہ- بابنيہ

باني تهتهہ- بابينہ – ناپنہ، باني سهہ

۽ انهن مان مکيه لفظ آهي ”باني تهتهہ“

ائبٽ انهي لفظ جي چڱي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. هو چوي ٿو ته ”باني ٺٽہ جي ايتري صاف خطاب جي موجود هجڻ مان ٺٽي جي بنياد لاءِ وري ٻه هڪ ڏکيائي ان وقت پيدا ٿئي ٿي، جڏهن اها حقيقت سامهون اچي ٿي ته تاريخ طاهري جو مصنف، جو هڪ سمو هو ۽ ٺٽي جو رهاڪو هو سو ٺٽي جو بنياد پندرهين صدي جي آخر ۾ ڄام نندي سان منسوب ڪري ٿو.“خود ريورٽي جي بيان مان به اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اڪثر ڪاتبن ”بابينہ“ لفظن بلڪل صحيح لکيو آهي جو حقيقت ۾ ڄام انڙ جي پٽ ۽ ڄام جونا جي ڀائٽي جو نالو آهي. اها ڳالهه به ڪافي ڌيان ڇڪائيندڙ آهي ته ريورٽي اني ”باني ٺٽہ“ جو اصل نالو بنهه ڪين لکيو آهي، هن جو نالو ئي ”بابينہ“ هو، جنهن کي ريورٽي غلطي کان ”باني ٺٽہ“ ڪري ورتو، انهي ڪري انهي سردار لاءِ کيس ڪو نالو ئي ڪين سمجهيو. عجب ته انهي تي لڳي ٿو ته جڏهن اسان کي سمن جي ٻين سمورن حاڪن جا شخصي نالا معلوم آهن، تڏهن هن حاڪم و نالو ڪيئن گمنامي جو شڪار ٿي ويو؟، دراصل حقيقت هيءَ آهي ته باني ٺٽہ ۽ بابينہ- ڄام جونا جي ڀائٽي ۽ ڄام انڙ جي پٽ کان مختلف نه آهي ۽ جدا جدا نسخن ۾ لفظ جي مختلف هجي ڏسي انهي کي ريورٽي غلطي کان ”باني“ يعني بنياد وجهندڙ کڻي ٺهرايو آهي. ريورٽي جو ”باني“ سندس ئي خيالي تخليق آهي ۽ اصل مٿيون لفظ هڪ سردار جو شخصي نالو آهي.

تاريخ فيروز شاهي جي مصنف شمس سراج ”عفيف“ جو مستڊ حوالن مان به انهي راءِ جي تائيد ٿئي ٿي. شمس سراج ”عفيف“ فيروز شاهه تغلق جو درٻاري هو ۽ سنڌ تي سندس ڪاهه وقت ساڻس گڏجي آيو هو. هو چوي ٿو، ”راءِ انڙ جو ڀاءُ ڄام ۽ سندس ڀائٽيو ”بابينہ“ جيڪي فيروز شاهه جي ڪاهه وقت ٺٽي جا حڪم هئا، بادشاهه جي پيش پيا ۽ 1362ع ۾ هنن کي نظربند ڪري دهلي نيو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڄام کي هڪ بغاوت کي دٻائڻ لاءِ واپس ٺٽي اماڻيو ويو پر پويون (بابينہ) وري ٺٽي جو منهن ڏسي نه سگهيو، ڇو ته گهڻي عرصي کان پوءِ جڏهن هن کي ٺٽي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ته واٽ تي ئي وفات ڪيائين.“ تاريخ فيروزشاهي جي مٿين شاهدي ريورٽي جي ”باني ٺٽہ“ واري نظريي کي قطعي غلط ثابت ڪري ٿي. اسان کي تاريخ فيروزشاهي جي بيان جي سچائي ۾ گمان آڻڻ لاءِ ڪو به سبب ڪونهي ۽ انهي تاريخ کي ٻين مقامي تاريخن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قابل اعتبار سمجهڻ گهرجي، ڇو ته اها هڪ اهڙي اهم شخص جي لکيل آهي، جو پاڻ فيروزشاهه تغلق جي درٻاري جي حيثيت سان 1362ع ۾ ٺٽي جي ڪاهه وقت موجود هو.

هيگ جي چوڻ موجب ٺٽي جو شهر 1340ع ڌاري ٻڌو. انهي مان اها ڳالهه ثابت ٿيندي ته 1351ع ۾ محمد شاهه تغلق جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وقت ٺٽي کي ٺهئي ڏهه سال ٿيا هوندا، انهي حقيقت کي هنگ ۽ ريورٽي ٻئي تسليم ڪن ٿا. پر ريورٽي جي چوڻ مطابق فقط هڪڙو سال ٿيو هو. جيڪڏهن انهي کي تسليم ڪجي ٿو ته پوءِ اهو يقين آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو ته فقط هڪڙي ئي سال جي عرصي ۾ (ريورٽي جي راءِ کي تسليم ڪرڻ جي صورت ۾) ٺٽو ايڏي عروج تي پهچي ويو جو محمد شاهه تغلق کي پنهنجي زندگي جي پوين ڏينهن ۾ ٺٽي کي فتح ڪرڻ جو ايترو بي انتها شوق اچي جاڳيو هو. ”خدا ڪري ته منهنجي هيءَ بيماري صحت ۾ بدلجي پوي ته آءُ ٺٽي جي ماڻهن کي زير ڪريان پر جي خدا جي مرضي آهي ته مون کي پاڻ وٽ گهرائي وٺي ته هيءَ تمنا هميشه هميشه لاءِ منهنجي دل ۾ رهجي ويندي!“ هي هئا لفظ جي محمد شاهه تغلق زندگي جي آخري سالن ۾ چوندو هو. حقيقت ۾ محمد شاهه تغلق ٺٽي تي ڪاهڻ جي ڏکي ۽ خطرناڪ مهم هٿ ۾ به کنئي پر جيئن قسمت کي ڪرڻو هو تيئن ئي ٿيو. ”هو پنهنجي هن عزيز ترين خواهش کي پورو ڪرڻ کانسواءِ مري ويو.“ ٺٽي جو شان اهڙو هو جو محمد شاهه تغلق جو جاءِ نشين فيروزشاهه وقت بوقت ٺٽي تي ڪاهڻ جو سوچيندو هو. مورخ اسان کي ٻڌائين ٿا ته ”جڏهن به هو هن شهر جو ذڪر زبان تي آڻيندو هو. تڏهن پنهنجا هٿ ڏاڙهي تي ڦيري حسرت وچان چئي ڏيندو هو ته هزار افسوس جو سندس پيش رو بادشاهه انهي کي فتح نه ڪري سگهيو. ٺٽي جو شهر بيشڪ هڪ املهه موتي هو، ڏهن سالن جي ايتري ٿوري عرصي ۾ يا هڪ سال اندر ۽ سو به عهد وسطى جي زماني ۾ ٺٽي جو ايترو عروج قابل يقين ڪين نظر ايندو. انهي لاءِ قابل اطمينان جواز اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ٺٽي جو شهر سمن جي طاقت ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ وجود ۾ آيو هو ۽ رفتي رفتي عروج جون منزلون طئي ڪندو- آخر سمن جي دور ۾ جن پنهنجي هن تختگاهه کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ خرچ ڪرڻ يا محنت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي. هن شهر اهو امتياز حاصل ڪيو، جنهن نه رڳو سندس نالي، بلڪه سڄي سنڌ جي ناموري ۽ ناموس ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

ابن بطوطه جي ٺٽي جي وجود بابت خاموشي جو جواز به سولائي سان هٿ ڪري سگهجي ٿو. اهو ته ظاهر آهي ته ابن بطوطه فقط انهن شهرن جو ذڪر ڪيو آهي، جتي پاڻ ڪجهه وقت رهي پيو هو، جيئن ته هو درياءَ جي ويجهو رهندو آيو. ان ڪري هن سنڌ جي فقط چئن شهرن جو ذڪر ڪيو آهي. ميجر جنرل هيگ جي چوڻ مطابق اهو ممڪن آهي ته ”ٺٽو ۽ ساموئي ٻئي تڏهن وجود ۾ هئا پر شايد ايترا وڏا شهر نه هئا جو ڪنهن سياح جو ڌيان ڇڪائي سگهن ها.“ ٻئي پاسي اهو نڪتو به قابل غور آهي ته ابن بطوطه ان وقت سنڌ ۾ آيو، جنهن وقت سمن ۽ سومرن جون هڪٻئي سان لڙايون چالو هيون ۽ ائبٽ جي بيان مطابق ”اهو حقيقت کان بعيد نه آهي ته ٺٽي کان ان وقت پري رهڻ ئي بهتر هو.

مصنف جو پنهنجو خيال هي آهي ته ٺٽو 1350ع کان به اڳ ۾ موجود هو. بلڪه 1333ع ۾ ابن بطوطه جي سنڌ ۾ اچڻ کان به اڳ وجود ۾ هو. ايليٽ لکي ٿو ته ”اسان کي همعصر تاريخن مان خبر پوي ٿي ته محمد شاهه تغلق جي ڪاهه وقت وقت ٺٽي جو حاڪم هڪ سومرو هو ۽ نه سمو.“ ڪيتريون ئي تاريخي شاهديون موجود آهن، جيڪي ٺٽي کي محمد شاهه تغلق کان به اڳي جي بادشاهن جي ڪاهن سان واسطيدار ٿابت ڪن ٿيون. بدايوني لکي ٿو ته سلطان غياث الدين جي پٽ (1266- 1286) ٺٽي ۽ دامريله کي فتح ڪيو. اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي روايتون آهن، جيڪي سلطان علاؤالدين جو ٺٽي سان واسطو بيان ڪن ٿيون. تحفة الڪرام موجب سلطان علاؤالدين سومرن کي مات ڪرڻ لاءِ هت آيو هو- ۽ تاريخ معصومي موجب به سلطان خود هت ٺٽي ۾ آيو هو، انهي ۾ ذرو به شڪ ناهي ته ٺٽو سمن جي طاقت ۾ اچڻ کان اڳ وجود ۾ هو، حالانڪه ريورٽي ۽ هيگ لکن ٿا ته سمائي ٺٽي جا باني هئا. اڳتي هلي ايلٽ پنهنجي ڪتاب ۾ دودي جو هڪ لمبو بيان ڏنو آهي، جو دهلي جي بادشاهه ناصر الدين (51- 1665ع) جي وقت ۾ ٺٽي جو حاڪم هو: انهي بيان ۾ ٺٽي جو بار بار ذڪر آيو آهي ته ٺٽو انهي سومري حاڪم، عمر جي پٽ ۽ پڦي جي پوٽي، دودي جو تختگاهه هو، ان کان به وڌيڪ نتيجه خيز روايت تاريخ فيروز شاهي جي مصنف شمس سراج جي آهي، جو 1362ع ۾ سلطان فيروزشاهه جي هٿان ڄامن جي شڪست جو بيان لکندي لکي ٿو ته ”ٺٽو ان وقت کان وٺي دهلي جي شهنشاهن لاءِ مصيبت جو مرڪز پئي رهيو آهي، جڏهن سلطان علاؤ الدين (1205- 1216) ٺٽي ڏانهن وڌيو، پر رستي جي تڪليفن ۽ ڏاکڙن انهي مهم کي ناڪام ڪيو.... سلطان محمد شاهه تغلق پڻ ناهي ملڪ ۾ جان ڏني هئي.“ هاڻ ته بلڪل چٽي طرح ثابت ٿي ويو ته ٺٽو سمن کان گهڻو اڳ ۾ وجود ۾ هو، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو ئي ان جا پايو وجهندڙ ۽ باني هئا.

ظاهر آهي ته خود ميجر جنرل هيگ کي مقامي روزنامچه نويسن جي بيانن ۾ سمن جي طاقت ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ٺٽي جي موجود هئڻ بابت ڪيترائي حوالا سامهون آيا هوندا پر هن انهن سڀني جي سند کي انهي بنياد تي ريٽي ڇڏيو ته ”مقامي مؤرخ عام طرح هروڀرو ائين چوڻ لڳن ٿا ته ٺٽو، حقيقت ۾ بنياد پوڻ واري وقت کان به ڪيئي سال اڳ وجود ۾ هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٺٽي جو نالو انهي شهر لاءِ بلڪ پوري ڏکڻ سنڌ لاءِ استعمال ڪرڻ ٿا لڳن.“ پر سمن جي طاقت ۾ اچڻ کان اڳ ٺٽي جي وجود بابت ان دور جي مؤرخن جون مٿيون شاهديون ايتريون ته گهڻيون ۽ همه گير آهن، جو هيگ جو رايو قابل اعتبار نٿو رهي.

هتي انهي عام عقيدي لاءِ به اکر چوڻ لازمي آهن ته ٺٽو نظام الدين عرف ڄام نندي ٺهرايو هو. انهي لاءِ ڪافي تاريخي ثابتيون موجود آهن ته ٺٽو ڄام نندي ڪو نه ٺهرايو هو پر اهو ته يقيني طور ثابت آهي ته هن نامور شهزادي جي ڏينهن ۾ ٺٽو برابر پنهنجي اوج ۽ شهرت تي پهتو ۽ پنهنجي اها حيثيت ۽ ناموس ارڙهين صدي جي وچ تائين قائم رکيائين.

سما پنهنجي طاقت آهستي آهستي سموري سنڌ ۾ بکر کان وٺي سمنڊ تائين وڌائي ويا ۽ مجموعي طرح سندن حڪومت ڪامياب ۽ برجستي هئي هنن جيڪا طاقت فيروزشاهه تغلق جي آخري سالن ۽ سندس پوين جي ڏينهن ۾ ڦهليل وڳوڙ ۽ بدنظمي جي دوران ۾ هٿ ڪئي ان کي هنن ڪافي برجستگي ۽ ڪاميابي سان استعمال ڪيو. پر اهو ڄام نندي جو ڊگهو ۽ سونهري دور هو، جنهن ۾ ٺٽو شهرت جي چوٽي تي پهچي ويو. انهي ۾ ڪو به عجب ناهي ته هن دور کي سنڌ ۾ قومي راڄ جو سونهري دور“ سڏيو وڃي ٿو. سڄي صوبي ۾ امن ۽ آسودگي جو ايڏو عروج هو، جيڏو ان کان اڳ سنڌ کي ڪڏهن نصيب ڪو نه ٿيو هو ۽ ٺٽي کي ان ئي دور ۾ شهرت ۽ نالو نصيب ٿيو هو.

پر ٺٽي جي بنياد جي صحيح تاريخ جو مسئلو اڃا تائين ائين ئي منجهيل آهي. مقامي توڙي ٻاهرين مؤرخن ان جي پايي وجهندڙ کي ڳولڻ جي ڪوشش اهائي پئي ڪئي آهي، شهر جي بنياد بابت ايترا ته متضانه رايا آهن، جو ڪنهن به هڪ تي يقيني ڀروسو ڪري نٿو سگهي ۽ ان لاءِ ڪنهن حد تائين يقين سان فقط ايترو چئي ٿو سگهجي ته هن شهر جي قدامت ۾ شڪ آڻي نٿو سگهجي.

پاٽنجر لکي ٿو ته ٺٽي جو قديم ترين حوالو هن 92 هجري (677ع) جو ڏٺو هو، پر انهي اشاري لاءِ هن پنهنجي ماخذ جو نالو ئي ڪو نه ڄاڻايو آهي. مصنف کي انهي قسم جو ڪو به حوالو نظر نه آيو آهي. ٺٽي لاءِ قديم ترين حوالو الادريسي جي ڪتاب ۾ 12 صدي جو ملي ٿو ۽ اهو اهڙو حوالو آهي، جنهن کان پراڻو حوالو ڪنهن به مستند مؤرخ ڪو نه ڏنو آهي. انهي حوالي ۾ ٺٽي جو سنڌ جي ٻين شهرن وانگر هڪ شهر جي حيثيت سان ذڪر ڪيو ويو آهي پر انهن ڏينهن ۾ ٺٽو ان وقت جي ٻين شهرن- جهڙوڪ ديبل، منصوره، نيرون ۽ الور جي ڀيٽ ۾ گهٽ وقعت رکندڙ شهر هو. ”ديبل هڪ آباد شهر هو- سندس اڪثر شهري شاهوڪار هئا ۽ ناڻو وياج تي ڏيندا هئا.“ منصوره، جيڪو وچين دور جي ٽن وڏن شهرن، بغداد، المسيسا ۽ ميسوپوٽيميا- سان گڏ شمار ڪيو ويندو هو، هڪ وڏو، آباد، شاهوڪار ۽ واپاري شهر هو ۽ هڪ زرخيز ملڪ جي وچ ۾ تفريح ۽ خوشحالي جو مقام هو. نيرون به هڪ شاهوڪار ۽ آسودو شهر هو. سندس بچاءَ جو جوڳو بندوبست ٿيل هو. دور (الور) هڪ وڻندڙ شهر هو ۽ وسعت جي لحاظ کان ملتان جي مقابلي جو شهر هو. الادريسي جي ڪتاب ۾ ٻن جڳهن جو ايترو سارو ذڪر ٿيل آهي پر ٺٽي لاءِ فقط هڪ رواجي حوالو آهي ۽ ان تي ڪابه خاص راءِ زني نه ڪئي وئي آهي. انهي بنياد تي اهو خيال ڪري سگهجي ٿو ته ٺٽي جو بنياد 12 صدي کان ڪجهه اڳڀرو پيو ۽ نه 40- 1350ع ڌاري، جيئن ريورٽي ۽ هيگ اسان کي يقين ڏيارڻ گهرن ٿا.

ضميمو (ج)

ٽالپرن جي فوجي طاقت

1837ع ۾ ليفٽيننٽ ليچ ٽالپرن جي فوجي طاقت جو جيڪو ڪاٿو لڳايو هو، سو هيٺئين ريت آهي: 68600

شهاڻي            1100          جمالي         9000

جوکيا             6000         الڪاڻي                1000

رند                3000         گبول           1500

مزاري             500           بگ            1000

کٽياڻ             1000          ڀرڳڙي         800

ڇلگري            500           باگراڻي        1000

نومڙيا             7000         ٽالپر           2200

چانڊيا             8000         گاڏهي         700

لغاري             14000                بڙدي          1800

جلالاڻي           4000         لاشاري         2000

مري               7000         ڪرمتي        4000

نظاماڻي (نداماڻي)        16000                ڊومبڪي      8000                         68600                                104400


[1] . ريورٽي، ”مهران آف سنڌ“، ص 329

[2] . هيگ، ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 70، ريورٽي، 272، برني، ”تاريخ فيروزشاهي“، ايليٽ، جلد 3، ص 264

[3] . قليچ بيگ، ”هسٽري آف سنڌ“، ص 264

[4] . هيگ، ص 77

[5] . ريورٽي، ص ص 328-329

[6] . ايضا، ص 328

[7] . فرشته (برگس 4، ص 42- ’باني‘ جو بگڙيل لفظ ’بابينيہ‘.

[8] . ائبٽ، ص 49

[9] . ريورٽي، ص 329

[10] . جنهن جو صحيح تلفظ ”ٻانڀڻيو“ آهي ۽ هيءُ نالو لاڙ ۾ اڄ به رکبو آهي.

[11] . ايليٽ، جلد 3، ص ص 322، 338، ۽ ائبٽ، ص 49

[12] . هيگ، ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 77

[13] . ريورٽي جي چوڻ موجب سمن سومرن خلاف پهرين پهرين 1333- 1334ع ۾ هٿيار کنيا ۽ ڄام انڙ، سمن جي پهرئين سردار ساڍا ٽي سال حڪومت هلائي. هن جو جاءِ نشين سندس ڀاءُ ڄام جونا ٿيو، جيڪو 13 ورهيهه حڪومت هلائي 1346- 1350ع ۾ فوت ٿي ويو. کانئس پوءِ انهي سال سندس ڀائٽيو تخت تي ويٺو، جنهن کي ”بانيءَ ٺٽه“ سڏيو ويو آهي- ص 308

[14] . ايليٽ، جلد 3، ص 320

[15] . ايضا، ص 320

[16] . ايضا، ص 319

[17] . يعني، جاناڻي، سيستان يا سيوهڻ، بکر ۽ لهري بندر،- ابن بطوطه، ص ص 185-187

[18] . هيگ، ص 77

[19] . ائبٽ، ص 49

[20] . ايليٽ، ضميمو، جلد 1، ص 495

[21] . ايضآ، ۽ ڏسو قليچ بيگ- ”هسٽري آف سنڌ“، ڀاڱو 1، ص 40، ۽ ائبٽ، ص 50

[22] . انهي احوال کي ڊائوسن فقط قياس ۽ اندازو سمجهي ٿو- ”جيتوڻيڪ انهن بيانن لاءِ ڪي سندون به ملن ٿيون..... ان مان جيڪي وڌيڪ نالا ملن ٿا، انهن جي ڪجهه قدر تصديق ”تحفة الڪرام“ مان به ٿئي ٿي.... .تايرخ ۽ ٻئي مواد جي طرز بيان ۾ به ڪافي هڪجهڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.“ (ڏسو ”تايرخ معصومي“- ايليٽ، جلد 1، ص ص 214- 215)

[23] . حوالو- ائبٽ ص 50- ”تاريخ فيروز شاهي“، شمس سراج، ايليٽ، جلد 3  ص 337

[24] . هيگ، ص 76

[25] . هيگ مطابق، هو 1461-1462ع ۾ تخت تي ويٺو، ۽ قليچ بيگ جي چوڻ مطابق، هو سنڌ جي تخت تي 1490ع ۾ ويٺو

[26] . هيگ، ص 82

[27] . پاٽنجر- ٽرئولس ان بلوچستان ائنڊ سنڌ، ص 351

[28] . پاٽنجر- ٽرئولس ان بلوچستان ائنڊ سنڌ، ص 351

[29] . الادريسي- ايليٽ، جلد 1، ص ص 86-87

[30] . ايضا، ص 77

[31] . ايليٽ، جلد 1، ص 78

[32] . ايضا، ص 78

[33] . ايضا، ص 79

[34] . ليچ- ”رپورٽ آن دي سنڌين آرمي“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org