ڀاڱو پنجون
واپار
واپاري لاڳاپا ۽ رستا
واپاري لاڳاپا:
واپار جي رستن جي وچ تي هجڻ ڪري سنڌ صدين کان مشرق
۽ مغرب کي ڳنڍيندڙ ذريعو پئي رهي آهي، هزارها سالن
کان سڌ تهذيبن جو ”ورهاست گهر“ رهي آهي. سون اٺن
جا قطار در قطار قافلا مختلف قسمن جي مال سان سٿجي
ايندا هئا ۽ جيڪي آڻيندا هئا سو لاهي ويندا هئا.
موٽ ۾ وري سنڌ اندر تيار ٿيندڙ مکيه شين سان ڀرجي
ويندا هئا. البيروني لکي ٿو ته ”اسين پنهنجي ملڪ
(ترڪستان) مان نيمروز جي ملڪ يعني سيجستان مان
لنگهي سنڌ ۾ پهچنداسين ۽ هند ۾ وري ڪابل جي رستي
پهچي سگهي ٿو. منهنجو اهو مقصد نه آهي ته ڪو فقط
اهو ئي هڪڙو رستو آهي: جڏهن درا (لنگهه) کليل
هوندا آهن، تڏهن هر ڪنهن طرف کان هتي پهچي سگهجي
ٿو.“ افغانستان ۽ خراسان، عربستان، ايران ۽ ترڪي،
مسوپوٽيميا ۽ ايشيا مائنر، چين ۽ مغربي يورپ سان
سنڌ جا گهاٽا تجارتي لاڳاپا هئا، ايراني نار جي
مکيه بندرن، ڊيو، ڪئمسي، گوئا، سورت ۽ ملبار ڪناري
جي ٻين ڪيترن ئي بندرن سان سنڌ جو سامونڊي واپار
هلندو هو.
ٻاهريان واپاري رستا:
انهن ملڪن سان خشڪي توڙي بحري رستن ذريعي سنڌ جو
واپار هلندو هو. سنڌ کي مغرب سان ڳنڍڻ لاءِ به
تاريخي خشڪي رستا هئا، جي ٻئي ايران ۾ وڃي ٿي
مليا. قافلا يا ته جوهي، ضلعي لاڙڪاڻي مان کير ٿر
جبلن جي هڪ لنگهه ’مولا لڪ‘ جي رستي بلوچستان ٽپي
ايران ويندا هئا، جتان ”ڀون وچ“ سمنڊ وارن ملڪن
ڏانهن ويندا هئا يا وري ٽنڊو رحيم خان، پانڌي
واهي، لڪ روهيل، لڪ ڦوسياند، لڪ گاري (ڪٺراچ جي
ڀر) مان ٿيندا ايران پهچندا هئا ۽ اتان ترڪي لاءِ
اسهندا هئا. ايران وڃڻ لاءِ ٽيون رستو لس ٻيلي،
مڪران منجهان پڻ هو پر اهو رستو گهٽ استعمال ٿيندو
هو.
افغانستان ۽ ٻين اترين ملڪن سان واپار هڪ شاهي
رستي ذريعي هلندو هو جو بکر (جنهن کان جلد ئي
شڪارپور شهر گوءِ کڻي ويو) کان شروع ٿي، سليمان،
هالار، جبلن جي قطار جي آسان لڪن وچان ”بولان دري“
مان لنگهي، قنڌار، هري روڊ، مرور کان ٿيندو
ترڪانستان ۾ ٿي ختم ٿيو.
انهي کانسواءِ مغربي ملڪن ڏانهن وڃڻ لاءِ هڪ بحر
رستو پڻ هو، جو دوآبي جي هندرن، لهري بندر، اورنگ
بندر، شاه بندر، وستا بندر، کان ايراني نار جي
بندرن، بصره گومبرون (بندر عباس)، آرمز، مسقط،
ڪانگو (ڪانگن) ۽ بحرين بندرن تائين هو، جتان وري
يورپ کي پهچائڻ لاءِ مال خشڪي رستي قسطنطنيہ آندو
ويندو هو، سمنڊ جي ڪناري سان سڌا جهاز به هلندا
هئا جي نه رڳو هندي سمنڊ جي ڪناري وارن مختلف
بندرن ڏانهن بلڪه مشرق بعيد ۾ چين تائين مال کڻي
ويندا هئا.
اندروني (پرانتڪ) واپاري رستا
مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ٺٽو، صوبي جو
واپاري مرڪز ۽ هڪ وڏو مشغول دريائي بندر هو. ۽
دريائي آمدرفت جي ذريعي ملتان ۽ لاهور سان ڳنڍيل
هوندو هو. آگري مان گاڏين جي رستي ملتان ۾ مال
ايندو هو، جتان وري ٺٽي آندو ويندو هو. اوڀر وارن
پرڳڻن مان وري جيسلمير ۽ پاليءَ کان خشڪي رستي سکر
پهچبو هو، ان لاءِ ٻيو رستو گجرات ۽ ڪاٺياواڙ کان
لکپت وچان هوندو هو.
ٺٽي ۽ احمد آباد جي درميان به هڪ خشڪي رستو موجود
هو، جو وٿنگٽن اختيار ڪيو هو ۽ جو ڪلال ۽ راڌڻپور
مان لنگهي، ڪڇ جي رڻ مان ٿيندو ننگرپارڪر ۽ اتان
ٺٽي ٿي پهتو. انگريزي ايجنٽن جي ڪيترن بيانن مان
ظاهر ٿئي ٿو ته ٻنهي شهرن جي وچ ۾ تمام گهڻو وڻج
واپار هلندو هو.
اندريان مرڪز ۽ مڪاني رستا
سترهين صدي ۾ ٺٽو، لهري بندر، نصرپور، سيوهڻ، بکر،
سکر، ڪنڊيارو، گمبٽ، درٻيلو، بوبڪ ۽ سن صنعت،
واپار ۽ آبادي جا مکيه مرڪز هئا، ان وقت جي مؤرخن
۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪوٺين وارن ڪيترائي اهڙا
حوالا ڏنا آهن، جن مان انهن شهرن جي اهيمت ثابت
ٿئي ٿي، اهي شهر يا ته درياءَ جي ڪناري تي هئا، يا
وري درياءَ جي ويجهو واقع هئا ۽ اتان مال ٻيڙين ۾
چاڙهيو ويندو هو، ڇو ته مال آڻڻ نيڻ جو اهو سستي ۾
سستو، سلامتي ۽ سهنجائي وارو ذريعو هو پر جڏهن
درياءَ ۾ اٿل هوندي هئي، تڏهن درياءَ جو لڳو لڳ
وهندڙ رستا انهي آمدرفت لاءِ گهڻو استعمال جي لڳو
لڳ وهندڙ رستا انهي آمدرفت لاءِ گهڻو استعمال
ٿيندا هئا. صوبي ۾ ڪيترائي اهڙا ننڍا رستا هئا، جن
وسيلي اندريان شهر شاهي رستي سان ڳنڍيا پيا هوندا
هئا.
سنڌ ۾ رستن ٺاهڻ جو قديم طريقو به دلچسپي کان خالي
نه آهي، اهو طريقو اڄ به سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي
ڏسڻ ۾ ايندو. ٻن شهرن وچ ۾ پهريون ڪار آمدرفت جي
سهنجي ۾ سهنجي واٽ ڳولي ويندي هئي پوءِ جهر جهنگ
صاف ڪري، اٽڪل 25 يا 30 فوٽن جي ويڪرائي ۾ وڻ ٽڻ
وڍي ڦٽا ڪيا ويندا هئا. ان بعد رستي جي مٽيءَ کي
ساڌاري کڏون کوٻا ڀري سڌو ڪيو ويندو هو. ان تي وري
اٽڪل ڇهن کان اٺن انچن جيترو گاهه پکيڙيو ويندو هو
۽ رستو آمدرفت لائق ٿي ويندو هو، اهو گاهه چٿجي
ڀُري ختم ٿي ويندو هو پر وري جڏهن مينهن پوندا هئا
ته رستي جي ٻنهي پاسن کان مٽي کوٽي سڄي رستن تي
وجهي مٿان وري سڪل گاهه ڏيئي ڇڏيو ويندو هو. رستي
جي ٻنهي پاسن کان اهي کاما پاڻي جي نيڪال جو پڻ ڪم
ڏيندا هئا، جڏهن رستي کي ڪنهن واهه مٿان اڪرڻو
هوندو هو تڏهن انهن تي ڦڙيون ۽ پليون تعمير ڪيون
وينديون هيون. اهي رستا نه رڳو ڍڳي گاڏين جي
اآمدرفت جا ذريعا هوندا هئا، پر اٺن، گهوڙن، گڏهن
۽ خچرن لاءِ پڻ ڪم ايندا هئا ۽ انهن تي پيادل
ماڻهن جي اچ وڃ به ڪافي هوندي هئي.
ارڙهين ۽ اوڻويهين صدي ۾ آبادي ۽ واپار جي تبديلين
جو ذڪر اڳيئي ڪري آيا آهيون. پراڻن شهرن مان ڪيترن
ئي شهرن جي اهميت ختم ٿي وئي. ۽ انهن جي جاءِ وري
نون شهرن جهڙوڪ شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي ورتي:
اهي شهر به رستن جي ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا.
مٿئين بيان مان اسان ڏٺو ته سترهين ۽ اوائلي
ارڙهين صدي ۾ سنڌ جا واپاري لاڳاپا نه رڳو هندستان
جي مکيه چئن واپاري مرڪزن لاهور، ملتان، آگري ۽
احمد آباد سان هئا پر هندستان کان ٻاهر پڻ ڪيترن
ئي مکيه واپاري مرڪزن سان سندس لاڳاپا هوندا هئا ۽
هندستان، ايشيا ۽ يورپ جي انهن واپاري مرڪزن سان
سنڌ جو واپار خشڪي، دريائي ۽ سامونڊي رستن ذريعي
هلندو هو.
آمدرفت ۽ رسل و رسائل جا ذريعا
دريائي آمدرفت:
آمدرفت ۽ رسل و رسائل جي ذريعن جي لحاظ کان ڏسبو
ته سنڌ پنهنجي پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ جيڪي سو
فائدي ۾ رهي آهي. سنڌو درياءَ اتر اوڀر کان ڏکڻ
اولهه جي رخ تي وهي ٿو. ان ڪري مٿان پنجاب کان
هيٺئين وهڪري تي سنڌ جي مکيه بندرن بکر، سيوهڻ،
ٺٽي ۽ درياءَ جي منهن واري لهري بندر تائين آمدرفت
نهايت آساني سان ٿي سگهي ٿي. هندستان جي ٻين بندرن
جي حالت ۾، ڪنهن تيز ۽ زوردار وهڪري جي سامهون مٿي
اڀي آمدرفت آسان نه آهي پر سنڌ ۾ هميشه سمنڊ جي
طرف کان زوردار ڏکڻ اولهه جي هوا لڳي ٿي. انهي ڪري
وهڪري جي سامهون مٿئين طرف به آمدرفت سولائي سان
ٿي سگهي ٿي. اهو ڏکڻ اولهه وارو وهڪرو سنڌ جي هڪ
خصوصيت آهي. ۽ صوبي جي انهيءَ خصوصيت ساڳئي وقت
کيس پنهنجي اندرين دريائي آمدرفت جاري رکڻ لاءِ هڪ
قدرتي فائدو بخشي ڇڏيوآهي. پنهنجي قدرتي بيهڪ ۽
وهڪري جي رخ جي ڪري سنڌو درياءَ آمدرفت ۽ رسل و
رسائل جو هڪ مکيه ۽ اهم ترين وسيلو بڻجي پيو ۽
ستين صدي ۾ اوائلي رومي لوڪن جي وقت کان ان کي وچ
ايشيا ۽ اتر يورپ بلڪ سموري مغرب سان هندستان جي
واپار جو ننڍي ۾ ننڍو ۽ سولي ۾ سولو رستو تسليم
ڪيو ويو. ان ذريعي ٺٽو ۽ سنڌ جا ٻيا اندريان
واپاري مرڪز، دهلي سلطنت جي مرڪز سان ڳنڍيا پيا
هئا ۽ اوڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ ۾ ريلوي
جي وجود ۾ اچڻ تائين، دريائي آمدرفت جي مکيه ذريعي
جي حيثيت ۾ ان جو مٽ ٻيو ڪو به رستو نه هو.
مغلن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ڊيلٽا وارو لهري بندر سنڌو
درياءَ جي منهن تي هڪ ڪشادو بندرگاهه هو، جتي 200
کان 300 ٽنن جا جهاز جيڪي ان وقت جي لحاظ کان ڪافي
وڏا جهاز هئا- بيهي سگهيا ٿي. ٻاهرين ملڪن مان
جهاز، اتي اچي مال لاهيندا هئا، جتان وري مقامي
ٻيڙين ۾ اهو مال چاڙهي، مٿي ملڪ جي اندرين حصن ڏي
اماڻيو ويندو هو. انهي سلسلي ۾ ان دور جي ڪيترن ئي
مصنفن جا حوالا ملن ٿا، آئين اڪبري جو اهڙو ذڪر
اسين اڳئي مٿي ڏسي چڪا آهيون ته اڪبر جي ڏينهن ۾
آمدرفت گهڻو ڪري ٻيڙين ذريعي ئي ٿيندڙ هئي ۽ انهن
ڏينهن ۾ رڳو ٺٽي جي ويجهو سنڌو درياءَ ۾ چار هزار
کن ٻيڙيون هلنديون هيون. وليم فنچ جي بيانن جو
احوال به ڏئي آيا آهيون. جو چوي ٿو ته ٺٽي ۽ لاهور
جي وچ ۾ ”ڪيتريون ئي ٻيڙيون سٺ ٽنن جون يا پاڻ ان
کان مٿي“ هلنديون هيون. جوزف سئلبئنڪ (1619ع) لکي
ٿو ته ”سنڌو درياءَ ۾ چاليهه پنجاهه ٽنن جون
ٻيڙيون هلن ٿيون، جن جي مدد سان هندستان جي مختلف
هنڌن جي وچ ۾ آمدرفت هلي ٿي.“ ساڳئي سلسلي ۾
”خلاصتہ التواريخ“ جو مصنف اسان کي ٻڌائي ٿو ته
”ديبل بندر کي اٽڪل چار هزار کن جهاز ۽ ٻيڙيون
آهن.“ هئملٽن (1699ع) سنڌوندي ۾ هيٺ ۽ مٿي هلندڙ
ٻيڙين جو انهي کان به وڌيڪ مؤثر احوال ڏنو آهي. هو
لکي ٿو ته ”هنن جهازن کي مختلف ماپن جون ”ڪشتيون“
سڏيو وڃي ٿو. وڏي ۾ وڏي ڪشتي ۾ اٽڪل ٻه سئو کن ٽن
بار کڄي سگهي ٿو. اهي ٻيڙيون سنئين ۽ تراکڙي تري
سان آهن ۽ منجهن هر هڪ پاسي تي ڪوٺيون ٺاهيل آهن.
هر هڪ ڪوٺي ۾ رڌڻو ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ آهي. اهي
ڪوٺيون مسافرن يا واپارين کي مسواڙ تي ڏنيون
وينديون آهن ۽ هر هڪ پنهنجي پنهنجي ڪئبن (ڪوٽيءَ)
۽ آرامگاهه کي قلف سان بند ڪري سگهي ٿو، جتي جتي
به کين ڪا مارڪيٽ ملي وئي، اتي نيڪال ڪرڻ لاءِ
انهن وٽ مال تيار رکيو هوندو آهي ۽ سچ پچ ته
پنهنجن سمورن سفرن جي دوران ۾ پاڻي جي مسافري ڪندي
مون ههڙيون سهولتون ڪڏهن به نه ڏٺيون آهن.“
خشڪي آمدرفت:
انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان وقت ملڪ ۾ ڪي پڪا رستا
ڪين هئا ۽ فقط ٻه چار رستا اهڙا هئا، جي گاڏين جي
آمدورفت لاءِ ڪارائتا هئا. بار برادري جي جانورن،
خاص طور اٺن جي ذريعي مال کڻائي اهڙي هنڌ تي آندو
ويندو هو، جتي پاڻي جي ذريعي مال برادري جا وسيلا
سولا ميسر هوندا. هئا. انهي طرح خشڪي رستا دريائي
رستن لاءِ مددگار رستا هئا. خشڪي رستي هلندڙ واپار
جو مکيه مرڪز بکر ۽ پوءِ شڪارپور هو ۽ هتان ئي
ڪيترا رستا ڦٽي نڪرندا هئا، جيڪي سنڌ کي هند ۽ ان
کان ٻاهرين ملڪن سان ڳنڍيندا هئا.
بحري يا سامونڊي آمدرفت
مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن واري گهڻو ڪري سڄي دور ۾ سنڌ
جو گهڻو ئي سامونڊي واپار هلندڙ هو. اسان ڏسي چڪا
آهيون ته اسان جي زير بحث دور جي ابتدائي وقت ۾
پورچوگيز پنهنجا پير پختا کوڙي چڪا هئا ۽ پنهنجن
جنگي جهازن
(Frigater)
۾ ايراني نار ڏانهن مال نيڻ جي کين هڪ هٽي حاصل
هئي انگريزن جي پهرئين واپاري وفد کي 1613ع ۾ لهري
بندر منجهه پيرن کوڙڻ ۾ به انهي ڪري ناڪامي حاصل
ٿي هئي جو پورچوگيزن اهو دڙڪو ڏنو ته جيڪڏهن
انگريزن کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي ته هو بندر
ڇڏي هليا ويندا، ان وقت جي گورنر محصول اڳاڙڻ جو
حق به هڪ مقرر ٿيل رقم جي عيوض ڏئي ڇڏيو هو، ان
ڪري هن تي انهي ڌمڪي جو ايترو اثر ٿيو، جو هن
انگريزن جي وفد کي انهي دليل تي قبول نه ڪيو ته
جيڪڏهن پورچوگيز هليا ويا ته پوءِ ”هن جو پنهنجو
واپار ئي بند ٿي ويندو.“سنڌ جي واپارين کي رڳو
ٻاهرين ملڪن سان واپار وڌائڻ جي ڳڻتي هئي. مال
برادري ڪير ٿو ڪري ان جو کين خير ڪو خيال هوندو
هو. انهي ڪري باوجود پورچوگيزن جي ”بدمعاشين ۽
ڏاڍاين جي“ هنن سندن مرحبا ٿي ڪئي. هنن جي انهي
ڳڻتي جو مثال انگريزي ڪوٺين وارن جي هن حوالي مان
چڱي طرح واضح ٿي ويندو: ”بخشي ۽ گراهڪ هتي تڏهن
خوش نظر اچن ٿا، جڏهن سندن بندر تي گهڻي ۾ گهڻا
جهاز اچي لنگر انداز ٿين، ڪٿان ٿا اچن ۽ ڪنهن جا
آهن، ان جي پرواهه خير ڪا اٿن..... گذريل سال
پورچوگيزن طرفان ٿيل ڏاڍاين ۽ رتوڇاڻ جي باوجود هن
سال. هنن جي اچڻ تي هنن سندن مرحبا ڪئي ڇو ته هنن
(پورچوگيزن) جي جهازن پهچڻ کان اڳ ۾ بندر تي هڪڙو
جهاز به نظر نٿي آيو ۽ نه ئي ڪو واپار ٿي هليو.
انهي ڪري هنن کي بهترين طريقي سان خوش ڪرڻ جو رستو
اهو آهي ته هنن (پورچوگيزن) جي وائسراءِ ۽ اوهان
(سورت وارن ڪوٺيدارن) جي وچ ۾ ڪو اهڙو عهدنامو ٿي
وڃي جو فقط اسان جا ۽ هنن جا جهاز ئي هڪجهڙي سهولت
سان هتي واپار ڪري سگهن.“ ٿوري وقت ۾ انگريزن مال
برادري جي واپار ۾ پورچوگيزن جا پير اکوڙي ڇڏيا ۽
سترهين ۽ ارڙهين صدي جي انگريزي ڪوٺيدارن جي خطن
مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪمپني جا ڪيترائي نهايت وڏا
وڏا جهاز ”ڊسڪوري“، ”لنڊن“، ”ايگل“، ”وليم“،
”بليسنگ“، ”هوپ ويل“، ”ايڪسپڊيشن“، ”روينج“،
”بامبي گرئب“ ۽ ”ٽارٽر گرئب“- سنڌ جي بندرن تي
اڪثر ايندا رهندا هئا.
اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته انهي سامونڊي واپار ۾ رڌل
ماڻهن جو تعداد به ڪافي هوندو هو ۽ خاص طور ڏکڻ
سنڌ جي ڪناري وارن حصن ۽ گجرات، ڪنارا ۽ ملبارا جا
ڪيترائي مقامي سامونڊي ملاح انهي ڪم ۾ رڌل هوندا
هئا.
آمدرفت جي سلامتي
آمدرفت جي سلامتيءَ جو درجو شهر شهر ۾ مختلف هو،
۽ وقت وقت تي بدلجندو رهيو. سلامتيءَ جو گهڻو
دارومدار وقت جي مقامي حڪومت جي انتظامي طاقت تي
منحصر هو. ان وقت جي لکندڙن جي بيانن مان ظاهر ٿئي
ٿو ته رستن تي سلامتي ڪا نه هئي، ۽ چورن ڌاڙيلن جو
گهڻ ڊپ ڊاءُ هوندو هو. وٿنگٽن کي احمد آباد کان
ٺٽي جي رستي تي بار بار اهڙو تلخ تجربو درپيش آيو
هو: ڪيترا ڀيرا ڌاڙيل سمورو مال متاع ڦري، پاجامي
کان سواءِ بدن جا باقي ڪپڙا به کڻي ويس.
پرائين نه سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي حاڪمن اهڙن واقعن
کي روڪڻ لاءِ ڪي اپاءَ ئي ڪين ٿي ورتا. خود وٿنگٽن
به ذڪر ڪيوآهي ته انهيءَ مصيبت جي پاڙ پٽڻ لاءِ
مغل بادشاهن چڱا اپاءَ ورتا هئا. ساڳيءَ طرح
هئملٽن به ٻڌائي ٿو ته ”ٺٽي جي گورنر شهر کان ڇهه
ميل پري انهيءَ ڪري اچي ڪئمپ لڳائي هئي ته جيئن ڪن
بلوچين ۽ مڪرانين کي قافلي ڦرڻ ۽ سندس ماڻهو مارڻ
لاءِ سزا ڏئي.“
سڄي ملڪ ۾ خشڪي رستن جون مسافريون برابر خطرناڪ ۽
جوکم واريون هونديون هيون، ڪنهن مضبوط پهري کان
سواءِ ڪو به ماڻهو سفر لاءِ ڪين اسهندوهو. هئملٽن
(1799ع) ۾ پاڻ سان ٻن سون گهوڙيسوار سپاهين جو هڪ
دستو کنيو هو، ۽ جيتوڻيڪ هن کي ڦورن جي ٽوليءَ سان
مقابلو ڪرڻو پيو، پر سندس محافظ ڦورن تي غالب پئجي
ويا، ۽ هو صحيح سلامت پنهنجي منزل تي اچي پهتو. پر
هو لکي ٿو ته هن جي پهچڻ کان ٿورو اڳ هڪڙي مالدار
قافلي کي، جنهن لاءِ اڍائي سو گهوڙيسوار محافظ
هئا، اٽڪل چئن پنجن هزارن ڦورن جي هڪ ٽولي ڦريو
هو.
ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته دريائي سفر وڌيڪ سلامتيءَ
وارو هو. جوزف سئلبئنڪ لکي ٿو ته ”ملڪ ۾ جيڪو به
مال ملي سگهي، سو اوهين ڀلي درياءَ رستي سنڌ ڏانهن
اماڻيو، جتي اوهان جا جهاز اهڙيءَ سلامتيءَ سان
هلي سگهن ٿا، جهڙو ٽيمس نديءَ ۾ هلي سگهن ٿا.
مانريق (1641ع) به اسان کي ٻڌائي ٿو ته درياءَ
رستي هو بکر تائين ”امن ۽ سلامتيءَ“ سان پهتو.
پر درياءَ ڦورن کان بلڪل آزاد ڪين هو. سيوهڻ جي
قريب مانريق جي ٻيڙيءَ تي دريائي ڦورن جي ٻن ٻيڙين
حملو ڪيو ۽ مٿن ”تيرن ۽ پٿرن جو وسڪارو لائي
ڏنائون، ۽ اٽڪل پنج سو ڀالا اڇلائي هنيائون-“ ۽
جيڪڏهن وٽن ”بندوقون“ ۽ ”گندرف جا دستي بم“ نه هجن
ها ته جيڪر هنن کي حياتيءَ بچائڻ لاءِ ڀڄڻو پوي
ها.
هندستان جي اتر- اولهه واري ڪناري تي، خاص ڪري
سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ دريائي چورن جي مصيبت جي
ڪري سلامتيءَ سان واپار ڪرڻ البت ڏکيو هوندو هو.
(فنچ شڪايت ڪندي لکي ٿو ته ملبار جي دريائي چورن
الهندي ڪناري تي پورچوگيز جهازن کي ”ڪافي نقصان “
پهچايو. پائراوڊ ڊي لاول، ڊيلاويل، فراير ۽
اوونگٽن- سڀني دريائي ڦورن جون ڳالهيون لکيون آهن،
جيڪي ايراني نار کان وٺي سلون تائين- سڄي الهندي
ڪناري تي پيا لامارا ڏيندا هئا- ۽ انهن مان ڪن جي
”ڦر مار جا اڏا“ سنڌ جي ڪناري تي هوندا هئا.
ارڙهين صديءَ جي ٺٽي وارين انگريزي ڪوٺين جي
ايجنٽن پڻ سنڌ جي ڪنارن تي دريائي ڦورن جي ظلمن ۽
تباهين جو ذڪر ڪيوآهي. هو لکن ٿا ته ”حقيقت ۾،
سموري ڪناري تي ٻنهي پاسي- الهندي ۽ اڀرندي پاسن
تي بدمعاش ۽ ڦورو اڏا ٺاهيو ويٺا آهن.“
دريائي ڦورن مان ڪي ته ويهن يا ٽيهن جهازن جو
آرماڙ ٺاهي ڏاڍا جرئت ڀريا ڌاڙا هڻندا هئا. انهن
مان ”جوسمي“ نالي هڪڙي ڦوروءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته
هن وٽ اٽڪل سٺ کن جهاز هئا، جن تي اوڻيهه هزار
ماڻهو خلاصي هوندا هئا- ۽ جن سنڌ ۽ ڪڇ جي ڪناري تي
واپارين لاءِ جنسي باهه ٻاري ڏني هئي.
انهيءَ خطري کي ٽارڻ ۽ دريائن کي انهن ڦورن کان
صاف ڪرڻ لاءِ پورچوگيزن، ڊچن ۽ انگريزن هر ممڪن
اپاءَ ٿي ورتو. جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجي
پهرين ڪوٺي سورت ۾ قائم ڪئي، تڏهن ترت ئي هنن ڪڇ،
سنڌ ڪئمبي جي سامونڊي آمدرفت جي حفاظت لاءِ هڪ
محافظ دستو مقرر ڪيو هو. ٿوري ئي وقت ۾ ڪمپنيءَ جي
تيز تر جهازن ۽ بهتر هٿيارن جي ڪري دريائي ڦورن جو
آزار روڪجي ويو، ۽ رفتي رفتي سندن حملا بند ٿيندا
ويا. انهيءَ باري ۾ ڊاڪٽر ٻالڪرشن لکي ٿو ته
”واپار ان وقت هٿياربند واپار هوندو هو، جنهن کي
هٿياربند جهازن ۽ مڪمل طرح بندوقن سان هٿياربند
ماڻهن جي مدد سان هلايو ۽ محفوظ رکيو ويندو هو.“
ترت ئي ڪمپنيءَ جي دريائي فوج قائم ٿي، جنهن ڪناري
وارن دريائي ڦورن ۽ خود يورپي ڦورن ۾ ڏهڪاءُ
ڦهلائي ڇڏيو- ۽ اها دريائي فوج ئي هئي، جنهن
هندستان ۾ به برطانيه کي ”سمنڊن جو شهنشاهه“ بنائي
ڇڏيو.
.
هئملٽن جنهن قافلي سان گڏ مسافري ڪئي، تنهن ۾
1500 جانور هئا ۽ ڪيترائي مرد ۽ عورتون پڻ
هيون ان ۾ 200 پهريدارن جو محافظ دستو هو.
هئملٽن، ص 71
.
الئٽ 1، ص 467، سورلي، ص 90
.
اي ايف آءِ، 1634- 1636، ص 132. آئين 11، 338
پڻ ڏسو باب ڇهون
.
ڊاڪٽر بالڪرشنا چوي ٿو ته آگري کان مال اٺن تي
بکر آندو ويندو هو، جتان ٺٽي ۽ لهري بندر
موڪليو ويندو هو. (ص 11) هن وٿنگٽن کان مدد
ورتي آهي (فاسٽر ارلي ٽريولس ص 218)
.
انڊريوزدي دي انڊس ائنڊ اٽس پراونسز
.
ائنٽونيوبوڪارو،مير سمئن جي ترجمي سان جي ايس
ايڇ ايس، جلد 4، ص 201
.
مريمئن جي ايس ايڇ. ايس، جلد 2، ڀاڱو 3، ص 214
|