باب پهريون
تمهيد
”اسي في صدي لکيل تاريخ، مصر جي اشڪال نويسن
وانگر، رڳو مذهبي اڳواڻن ۽ بادشاهن جي عظيم
ڪارنامن جي ساراهه سان ڀري پئي آهي.“تاريخ مان
اڪثر مراد هيءَ ورتي وئي آهي ته ان ۾، هڪ روزنامچي
طور، رڳو سياسي ۽ فوجي واقعن جي وچور ڏني وڃي، ۽
منجهس، محض بادشاهن ۽ وزيرن، جنگين ۽ حڪومتن جا
داستان ۽ افسانا بيان ڪيا وڃن. هر ڪنهن تاريخ نويس
پننجيءَ پر ۾، گذريل زماني کي سمجهائڻ ۽ ان جي
تعمير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ان جي ڪن خاص صورتن
تي زياده زور ڏيڻ سبب، انهن هميشه ان جا ٻيا ڪيترا
پهلو نظر انداز پئي ڪيا آهن. جامع تاريخ لاءِ،
”تحقيق ۽ کوجنا جا، جيڪي علمي ۽ ادبي طريقا ۽
صلاحيتون لازمي آهن، سي سڀيئي ڪنهن هڪ مورخ کي هڪ
ئي وقت، بدرجهء اتم ميسر هجن: زندگيءَ ۾، اهو حسن
اتفاق تقريباً ناممڪن آهي.“ مشهور تاريخ نويس گبن
کي، هڪ حيثيت ۾ ’ڪامل مورخ‘ سڏيو ويو آهي، پر، ڪٿي
ڪٿي، خود هن به تاريخي حقيقتن کي ظاهر ظهور غلط
انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ۽ سندس باري ۾ اڪثر عالمن جو
رايو اهوئي آهي ته هن ”بادشاهن جا، ضرورت کان
زياده، ويهي بيان ڪيا آهن.“
گذريل زماني جي مري کپي ويل بادشاهن جي تاريخ جو
مطالعو واقعي هڪ بيسود مشغلو ٿيندو، جيڪڏهن ان مان
رڳو هي به معلوم نه ٿي سگهي، ته حال ۽ ماضيءَ جو
پاڻ ڪهڙو رشتو آهي، ڪيئن حال پيدائش آهي ماضيءَ
جي، ۽ ماضي سبب آهي حال جو، جيڪو ان جو لازمي
نتيجو آهي! تاريخ جي صحيح اڀياس مان ئي معلوم ٿيڻ
گهرجي ته گذريل زماني جون بادشاهتون، حڪومتون ۽
مختلف انساني سماج ڪيئن ۽ ڇو آهستي آهستي نٻل ۽
نستا ٿيندا ٿيندا، آخر ڊهي وڃي پٽ پيا، ۽ پوءِ
ڪيئن انهن ”ڊٺل دڙن“ مان انسانيت جا تازا ۽
خوشبودار گل نئين سر ڦٽي نڪتا! زندگيءَ جي جدا جدا
”تصويرن جي هڪ بي جوڙ مجموعي“ کي، صحيح تاريخ نٿو
سڏي سگهجي: تاريخ ته زندگيءَ جي هڪ جامع ۽ لاڳيتي
فلم آهي، جيڪا انسانن جي گذريل ڪار گذارين کي اسان
جي سامهون، اهڙيءَ سچيتائيءَ سان آڻي ٿي پيش ڪري،
جو ان کي ڏسڻ سان چئي سگهون ٿا ته ”انسانن جون اهي
سموريون ڪار گذاريون ڪيئن نه هڪٻئي سان، سبب ۽
نتيجي جي رشتي ۾ ڳنڍيل ۽ ڳتيل پئي رهيون آهن ۽
ڪيئن انهن، اسان جي زندگيءَ جي هن رنگا رنگي حسين
پوش لاءِ، هميشه تاڃي پيٽي وارو ڪم پئي ڏنو آهي.“
تاريخ نويس جو مکيه ڪم اهو آهي ته هو انساني ادارن
جي تشريح ڪري ۽ انهن قوتن جو پورو پورو اندازو
لڳائي، جيڪي انسان ۽ سندس ماحول تي، وقت بوقت، اثر
انداز پئي رهيون آهن، انسانن جي جملي حاصلات جو
مناسب ڪاٿو ڪري، ۽ انسان جي موجوده ڪماليت جو آڳو
۽ پيڇو مفصل طرح سمجهائي. زندگيءَ جي ڳاهيل ٻار کي
واري، تُهن کان ان الڳ ڪري ۽ ٻڌائي ته انساني
زندگيءَ جي هن عظيم داستان ۾ جنگ ۽ امن، ماڻهو ۽
سندن تحريڪون، اوچا آدرش ۽ ڪوڙا ويساه، عادتون ۽
رسم و رواج، جن ان داستان کي، هڪ نه ٻئي طف، هميشه
پئي اڳتي نيو آهي، تن جي اصل حقيقت ۽ اهميت هر
منزل تي ڪهڙي پئي رهي آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ملڪ جي
صحيح تاريخ جو مقصد فقط هيءُ ٿي سگهي ٿو ته سندس
جملي رهواسين جي سماجي، اقتصادي، سياسي، مذهبي
ذهني حالتن جو ڳوڙهو اڀياس ۽ پوري ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي،
جدا جدا وقتن جي عام رجحانن ۽ تحريڪن جي دريافت
ڪئي وڃي، مختلف انساني ادارن جي لاهن چاڙهن جا سبب
معلوم ڪي اوڃن! حاصل مطلب ته سڌريل ۽ مهذب انسانن
جي اصلي زندگيءَ جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي
وڃي ته جيئن انسان جي گذريل آزمودن ۽ تجربن جي
حاصلات جو صحيح ملهه مقرر ٿي سگهي.
تاريخي کوجنا جي هاڻوڪي رخ مان ڏسجي ٿو ته ”تاريخ
جو بنيادي محرڪ، هر زماني ۾ فقط اقتصادي معاملو
پئي رهيو آهي.“
مارشل جو چوڻ واقعي درست آهي ته انسان جي زندگي،
جن به قوتن جي زير اثر رهندي پئي آهي، تن سڀني ۾
”مذهب ۽ اقتصاديت کي هميشه ابتدائي ۽ بنيادي جڳهه
حاصل پئي رهي آهي، ۽ مذهب ۽ اقتصاديت جا اثر، ٻين
سڀني قوتن جي جملي اثر کان، هر حالت ۾، گهڻو زياده
اهم پئي ثابت ٿيا آهن.“
ساڳيءَ طرح، جان مارلي جو پڻ رايو آهي ته ”تاريخ ۾
جيڪي ڳالهيون سڀ کان وڌيڪ اسان جو ڌيان ٿيون
ڇڪائين، سي آهن ـــ سماج جي اقتصادي قوتن جون عظيم
تحريڪون، ۽ ٻيو انسانن جا مذهبي عقيدا ۽ مذهبي
تنظيمون“. موجوده زماني ۾ ته اقتصادي مسئلن کي،
ويتر زياده اهميت حاصل آهي، بلڪ انهن کي، انسان جي
زندگيءَ ۽ سندس تاريخي ارتقا جو واحد بنياد تسليم
ڪيو ويو آهي. اقتصادي تاريخ جو، سڌيءَ طرح، انسانن
جي اجتماعي زندگيءَ سان تعلق آهي: اهوئي سبب آهي
جو، علمي دنيا ۾ اڄڪلهه جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ان جي
مطالعي ڏانهن ڌيان ڏنو پيو وڃي.
سنڌ جي ڪا به لاڳيتي اقتصادي تاريخ هيستائين ڪا نه
لکي ويئي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي فقط اڍائي صدين
(1592ع کان 1843ع تائين) جي اقتصادي تاريخ کي پيش
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. زراعت، صنعت ۽ ڪاريگري،
۽ واپار سنڌ جي رهواسين جا هميشه خاص ڌنڌا پئي
رهيا آهن. اهي ڌنڌا ئي آهن، جي سنڌ جي اقتصادي
تاريخ جا مکيه جزا آهن، ۽ اسان جو مقصد به اهو ئي
آهي ته انهن تنظيمن ۽ سندن هڪٻئي سان ڳانڍاپي جو
اڀياس ڪجي، جن هن پرڳڻي کي تضاد جي زمين بنائي
ڇڏيو آهي: اها زمين، جا انهيءَ ڪشمڪش جي دور ۾،
مختلف مرحلن تي، ڪڏهن جنگ ته ڪڏهن مفلسيءَ جو گهر
پئي رهي آهي. ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ اوڻهين
صديءَ جي اوائل ۾ جڏهن هنن اهڙو ملڪ ڏٺو، جو پوئتي
پيل ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل هو، جنهن تي هڪٻئي سان وڙهندڙ
جهيڙاڪ شهزادن ۽ بدنيت جاگيردارن جو راڄ ۽ قبضو
هو، ۽ جنهن جي قديم سوڀيا ۽ دولت ڄڻ ته ڪو چورائي
ويو هو. اها سنڌ برٽن جي لفظن ۾ ”سنڌو درياءَ جي
ڏکويل وادي“ بنجي ويل هئي. انهن انگريزن جي تحريرن
هڪڙو عام پر گمراهه ڪن اثر پکيڙي ڇڏيو ته سنڌ،
هميشه کان، هُڙين ۽ شڪار گاهن، ٻيلن ۽ جهنگلن سان
ڍڪيل هڪ ملڪ آهي، جنهن ۾ ڪو نالي ماتر واپار، صنعت
۽ ڪاريگري به نه پئي رهي آهي، ان ۾ ڪنا ۽ گند شهر
آهن، جن ۾ فقيرن ۽ پينن جي ٽولين کان سواءِ ڪجهه
به ڏسڻ ڪين ايندو، ان جا حاڪم سواءِ وڙهڻ، شڪار
ڪرڻ ۽ پنهنجي عقيدن جي پرچار ڪرڻ کان سواءِ ڪو
ڌنڌو ڪين ڄاڻن؛ - هڪ اهڙو ملڪ، جنهن جا ماڻهو،
”جاهل، ڄٽ، مغرور، بي صبر، جهيڙاڪ ۽ پوئتي پيل
آهن“، جن ۾ نه تهذيب جا ڪي گڻ آهن، ۽ نه ڪي
وحشيپڻي جا ئي ڪي اوصاف منجهن آهن، جنهن جا هاري
ناري اڌ بکيا ۽ مظلوم آهن، جن حياتيءَ ۾ غلاميءَ ۽
مفلسيءَ کان سواءِ ڪي به ڪين ڏٺو آهي!
پر، حقيقت ۾، سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صديءَ جي
سنڌ، هڪ سکيو ستابو ۽ آسودو ملڪ هو، جنهن جي
ماضيءَ جا سهڻا آثار اڃا تائين عوامي آکاڻين ۽
گيتن ۾، سندس قديم شهرن جي کنڊرن ۽ ڦٽل دڙن ۾ سدا
جيئرا آهن. ان جي کيتي اوج تي هئي، صنعت ۽ ڪاريگري
ترقي يافته هئي، ان جا شهر سکيا ۽ آباد هئا، سندس
واپار گهڻي انداز ۾ پري پري ڏينهن تائين هلندو هو.
ان جا واپاري ۽ تاجر، هندستان ۽ يورپ جي جدا جدا
ڀاڱن تائين واپار سانگي ويندا هئا. ان جي عيوض وري
سنڌ ۾ حملا ڪندڙ دشمن، سياح ۽ سيلاني، واپاري ۽
تاجر وقت بوقت پيا ڀيرا ڪندا هئا. انهيءَ طرح، سنڌ
جي تاريخ، سنڌونديءَ جي اڻڪٿ وهڪري وانگر، هميشه
ورن وڪڙن واري پئي رهي آهي- ۽ اهائي ساڳي حقيقت
سنڌ جي اقتصادي زندگيءَ سان به لاڳو آهي.
کوجنا جو دور ۽ مقام:
هن ڪتاب ۾ جنهن پرڳڻي جو اڀياس ڪيو ويو آهي، سو
آهي سنڌ-اها سنڌ، جنهن انسانيت جي قديم ترين
تهذيبن کي پنهنجي جهوليءَ ۾ جاءِ ڏني، اها سنڌ، جا
انسان ذات جي قديم ترين پناهن مان هڪڙي پناه ۽
اجهو پئي رهي آهي، - جنهن مان ڀانت ڀانت جي ذاتين
۽ رنگن جون بي شمار قومون لنگهيون آهن، ۽ هتي جي
رهواسين جي زندگيءَ، ٻوليءَ ۽ ريتن رسمن تي،
اهڙيون لهرون ڇڏي ويئون آهن، جن جا نشان ڪڏهن مٽجي نٿا سگهن.
سنڌ جون حدون، هميشه اهي نه رهيون آهن، جيڪي آهن.
چچ نامي مان اسان کي خبر پوي ٿي، ته راءِ گهراڻي
جي راڄ ۾، سنڌ هڪ طرف اوڀر ۾ ڪشمير تائين ۽ اولهه
۾ مڪران تائين پکڙيل هئي، ته ٻئي طرف ڏکڻ ۾ سمنڊ
هوس ۽ اتر ۾ ڪاردان ۽ ڪيڪتان جون ٽڪريون هئس.
”تحفته الڪرام“ موجب وري، اڀرندي واريون سرحدون
قنوج تائين هيون، ۽ اتر واريون حدون قنڌار، سيستان
۽ سليمان جبلن تائين هيون ۽ ڏکڻ ۾ صورت جو بندر
هوس. سنڌ صوبي جي ٻوليءَ جو لاڳاپو، پنجاب، ڪشمير
۽ سرحد صوبن جي ٻولين سان ايترو ته ويجهو آهي، جو
اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته سنڌ جون حدون
ڪنهن وقت، اڄوڪين حدن کان گهڻو وڌيڪ وسيع هيون.
الور جو پراچين شهر، جو هينئر ڦٽل حالت ۾ موجود
آهي، تنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ نه رڳو
سنڌ، پر خود سموري هندستان جي گاديءَ جو هنڌ پئي
رهيوآهي. اهائي “وڏي سنڌ“ هئي، جنهن جو هڪ حصو،
هاڻوڪي سنڌ سڏيو وڃي ٿو ۽ سندس اهو نالو ”سنڌ“ اڃا
تائين هلندو اچي. پوءِ جڏهن اڪبر جي شاهي فوجن
1592ع ۾ صوبي سنڌ کي دهلي شهنشاهت سان ملائي ڇڏيو،
تڏهن سنڌ جون اهي ئي حدون وڃي رهيون، جي گهڻو ڪري
اڄ آهن، -يعني اهو ملڪ، جو 25-30 ۽ 28-30 اتر
ويڪرائي ڦاڪن ۽ 26-42 ۽ 70-10 اوڀر ڊگهائي ڦاڪن ۾
اچي ٿو وڃي-۽ جنهن ۾ فقط سنڌونديءَ جي هيٺين ماٿري
شامل آهي. اهو ٽڪرو آهي، جنهن جو اڀياس هن ڪتاب ۾
ڪيو ويو آهي، ۽ انهيءَ ڪري، هن اڀياس جو دائرو سنڌ
۾ مغلن جي ڪاهه (1592ع) کان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ
سان، سنڌ جو اوائلي وچيون دور پورو ٿئي ٿو ۽ نئون
دور شروع ٿئي ٿو- انهيءَ دور ۾ جيڪو اڍائي سوء
سالن جو عرصو اچي وڃي ٿو، سو صوبي جي تاريخ جو هڪ
مکيه دور آهي. ان دور ۾، سياسي جهيڙن فسادن جي
باوجود، معاشي توڙي اقتصادي جوڙجڪ تبديل نه ٿي،
بلڪه ان سومري عرصي ۾ ان جي بنيادي وحدت قائم
رهندي آئي. انهيءَ دور جو خاتمو تڏهن ٿيو، جڏهن
انگريزن 1843ع م سنڌ تي ڪاهيو، ۽ صوبي کي پنهنجي
حڪومت سان ملائي ڇڏيائون. تنهن کان پوءِ وري سنڌ
جي زندگيءَ جو هڪ نئون باب شروع ٿيو- ان وقت کان
وٺي، سنڌ جي ارتقا بلڪل مختلف بنيادن تي ٿي آهي.
اهوئي عرصو، جو 1592ع کان 1842ع جي وچ ۾ اچي ٿو،
سنڌ جي مٽجندڙ سٽجندڙ تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ روشن
باب اهي ۽ هن ڪتاب ۾ انهيءَ دور جو ئي اڀياس پيش
ڪيو ويو آهي.
معلومات جا ذريعا ۽ سندن خاميون:
انهيءَ دور جي اقتصادي زندگيءَ جي صحيح تصوير چٽڻ
لاءِ ضروري مواد گڏ ڪرڻ ڪنهن به طرح سولو نه آهي.
سنڌ جي انهن ڏينهن جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي
حالتن جو اعتبار جوڳو رڪارڊ تمام ٿورو آهي-۽ اها
ساڳي حالت هندستان جي ٻين صوبن سان به لاڳو آهي.
انهيءَ دور سان لاڳاپو رکبندڙ، سنڌ جون ست مشهور
تاريخون آهن: ’تاريخ معصومي‘، ’تاريخ طاهري‘،
’بيلگر نامو‘، ’ترخان نامو‘، ’تحفة الڪرام‘، ’فتح
نامو‘، ۽ ’فريئر نامو‘: پر سنڌ جي تاريخ نويسن
هميشه حاڪمن جي دربار جي سرپرستيءَ هيٺ لکيو،
انهيءَ ڪري، انهيءَ طبقي جي ذهنيت مطابق، هنن فقط
حڪومت ڪندڙ خاندان جي ڪارنامن ۽ مشهور معروف
درويشن جي ڪرامتن کي لکت ۾ آڻڻ کي ئي ترجيح ڏني.
هنن ڌرتيءَ جي اصلوڪن سپوتن- هارين نارين، ڪمين
ڪاسبين، استادن ۽ ڪاريگرن-جي غريباڻين زندگين ۽
ڌنڌن سان ڪو واهپو نه رکيو. انهن غريبن جا سادا ۽
مختصر احوال، جيڪڏهن ڪٿي ڏسجن ٿا، تڏهن به اڻ پورا
۽ غير اطمينان بخش آهن.
ان دور جي تاريخن مان ”آئين اڪبري“ به سنڌ جي لاءِ
تاريخي لحاظ کان ڏاڍي اهم آهي، ڇو ته ان مان اسان
کي سنڌ جي سياسي ورهاڱي، زمين جي ڍلن جي سرشتي ۽
وقت جي سماجي ۽ اقتصادي هالتن جي ڄاڻ، پوءِ اڻپوري
ئي سهي، ٻين تاريخن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ملي ٿي.
معلومات جي ٻئي حصي کي اسين ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون
ٿا:
(الف) ايسٽ انڊيا ڪمپني ها اهي رڪارڊ، جي سنڌ ۾
(1625ع-1662ع ۽ 1758ع-1775ع ۾) سندس ڪوٺين ۽
ڪارخانن قائم ٿيڻ وقت، سندس واپاري لاڳاپن ۽ حيثيت
متعلق آهن.
(ب) انهن سيلانين جا احوال، جن سترهين صديءَ ڌاري
سنڌ جو سير سفر ڪيو، جن مان هيٺيان مشهور آهن:
نڪولس وٿنگٽن (1616ع)، فادر مانرڪ (1640)، نڪولاءِ
منوڪي (1655) ۽ ڪئپٽن اليگزينڊر هئملٽن (1699).
(ج) انگريزي حڪومت کان اڳ ۽ پوءِ جي سياسي ايجنٽن
۽ سفيرن جون اهي تحريرون، جن ۾ سنڌ جي سماجي،
اقتصادي ۽ سياسي حالتن تي ڪافي معلومات ۽ مواد
اهي. انهن مان مشهور لکندڙ هي آهن: ڪرو، ايلس،
پاٽنجر ڀائر، ڊيل هوسٽ، مڪمرڊو، ڊاڪٽر برنس، برٽن،
اليگزينڊر برنس ۽ ٻيا.
برٽس حڪومت جي وقت جا رڪارڊ، ۽ مٿي ٻڌايل سيلانين
۽ بين ماڻهن جون تحريرون، جيتوڻيڪ سنڌ جي صنعتي ۽
تجارتي آسودگيءَ تي ڪافي روشني وجهن ٿيون، تڏهن ته
انهن ۾ اها خامي آهي، جو انهن، ان وقت جي زراعت جي
طريقن ۽ سرشتن، عام ماڻهن جي حالتن ۽ صنعتي ۽
تجارتي جوڙجڪ ۽ تنظيم تي پورو ڌيان نه ڏنو آهي. ان
هوندي به انهن مان چڱي معلومات ملي ٿي ۽ اهي لکندڙ
پنهنجي تيز ۽ دور رس نگاه ۽ يادگيرين جي خزاني مان
سنڌ جي اهڙي تصوير چٽي ويا آهن، جا ميٽجي نٿي
سگهي.
انگريز سياسي ڪامورن ۽ اوڻهين صديءَ جي ٻين مصنفن
جا واضح بيان سڀ کان وڌيڪ اعتبار جوڳا آهن.
جيتوڻيڪ ائين صحيح آهي ته هو سنڌ ڏانهن مڙيوئي عير
همدرد پئي رهيا آهن، ۽ گهڻو ڪري سندن تحريرون سطحي
آهن، ان هوندي به هو پنهنجي نقطه نگاهه ۽ نظرين ۾
سائينٽيفڪ ۽ علمي هجڻ جي دعوى ڳري سگهن ٿا. اهي
سموريون تحريرون گڏ ڪرڻ کان پوءِ به، سنڌ جي
تاريخي مواد ۾ خال رهجي وڃن ٿا، جن لاءِ ڪو به ڏس
پتو ڪو نه ٿو ملي. اها ڳالهه اسان جي اڀياس کي
مڙيوئي وڌيڪ ڏکيرو بنائي ٿي. ان هوندي به، جيئن ته
هيءُ اڀياس گهڻو تڻو، سنڌ جي اقتصادي حالتن ۽
رجحانن سان لاڳاپو رکي ٿو، ان ڪري انهيءَ سڄي مواد
مان مختلف حقيقتون، جي زندگيءَ جي مختلف دورن مان
لنگهي اسان تائين پهتيون ۽ جن جي وچ ۾ اسين اڃا به
رهون ٿا، گڏ ڪري، هڪ چڱي ۽ اعتبار جوڳي تصوير چٽي
سگهجي ٿي. هر قوم جون سماجي ۽ اقتصادي حالتون
تبنديل ٿينديون رهنديون آهن: اها تبديلي لاڳيتي
سال بسال نه هوندي آهي، پر آهستي آهستي ڪن پيڙهين
تائين اها تبديلي جاري رهندي آهي. انهيءَ ڪري اسين
موجوده صورتحال جي روشنيءَ ۾، هٿ ڪيل مواد ۽
حقيقتن مان، ڪيترين ئي گذريل سماجي ۽ اقتصادي
حالتن ۽ حقيقتن جي ماهيت ۽ ارتقا کي ڳولي لهي
سگهون ٿا.
مٿين مصنفن کان سواءِ، چند جديد اعتبار جوڳا ليکڪ
به آهن، جن هن صوبي تي خاص ڌيان ڏنو آهي. انهن مان
ائبٽ ۽ سورلي مکيه آهن. سنڌ کي پنهنجي پراچين
سڀيتا ۽ قديم عظمت تي بجا ناز آهي. ائبٽ ”ڏکويل
وادي کي نئين سر سمجهائيندي“ سنڌ جي انهيءَ جائز
دعوى جي پٺڀرائيءَ ۾ نهايت معقول دليل پيش ڪيا
آهن، ۽ ڊاڪٽر سورلي وري ارڙهين صديءَ جي سماجي
تاريخ جو احوال ڏنوآهي، جنهن ۾ هن تڏهوڪي صورتحال
کي سمجهڻ ۽ پيش ڪرڻ ۾ انتهائي همدرديءَ ۽ صحيح فهم
کان ڪم ورتو آهي. هو اسان کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
جي ڪوٺين بابت ڪجهه ٻڌائي ٿو، ۽ سنڌ جي ان وقت جي
صنعت ۽ تجارت جون مکيه ڳالهيون به بيان ڪيون اٿس.
پر هن جي انهيءَ ڪوشش ۾ به هن نُڪتي تي تمام گهٽ
بحث ٿيل آهي ته انهيءَ دور ۾ صوبي جي زرعي حالتن ۾
ڪهڙيون ڦيريون گهيريون ۽ هتي جي رهواسين جي
آباديءَ ۽ آدمشماريءَ ۾ انهن ڦيرين گهيرين جي ڪري
ڪهڙيون تبديليون آيون- درحقيقت اهي ئي ڳالهيون
آهن، جي سنڌ جي اقتصادي زندگيءَ ۽ حالتن جي مکيه
پهلوئن کي صحيح طرح واضح ڪري سگهن ٿيون.
ول ڊيورانٽ، ”مئنشنس آف فلاسافي“، ص 306.
ٽريوليان، هئمرٽنس- ”يونيورسل هسٽري آف
سنڌ“، ص 20. ول ڊيورانٽ، ص 306.
مارشل، ”برنسيپلس آف ايڪانامڪس“، مهاڳ.
ائشلي، ”هسٽارڪ اينڊ ايڪانامڪ سرويز“، ص 15.
ائشلي، ”هسٽارڪ اينڊ ايڪانامڪ سرويز“، ص 24.
بوسٽنس، ”پرسنل آبزرويشنس“، ص 10.
ڪرو، ڊاڪٽر جيمس جي ڪتاب ”نئريٽو آف اي وزٽ
ٽو دي ڪورٽ آف سنڌ“، تان ورتل ص 113-114.
مها ڀارت ۾ به سنڌ، سوي ۽ سوراشٽر جو ذڪر
آيل آهي.
قليچ بيگ، ”چچ ناموو“، ص 11، ۽ ايليٽ، ص
138.
|