سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي اقتصادي تاريخ

باب: --

صفحو: 18

باب نائون

معيار زندگي

معيار زندگي جي مسئلي معاشي ماهرن جو ڌيان فقط تازو جديد دور ۾ ئي ڇڪايو آهي، انهي ڪري اڀياس هيٺ آيل دور ۾ سنڌ جي ماڻهن جي معيار زندگي بابت ڪو به مستند رڪارڊ موجود نه آهي. شايد سيلانين، واپارين ۽ سياحن لاءِ هتي جي علم انسان جي زندگي ايتري دلچسپ نه هئي، جو هو ان جو ذڪر ڪن ۽ مختلف دورن جي روزنامچن ۽ تاريخن ۾ عوام ۽ سندن رهڻي ڪهڻي ۽ حياتي جي ڍنگ بابت ڪو به ذڪر نه آهي. ڳوٺن ۾ ۽ ٻنين تي رهندڙ انسان جي حياتي- جيڪا اڄ ڏينهن تائين ائين اڻ بدليل حالت ۾ رهندي اچي ۽ شهري زندگي جا اهي ڍنگ ۽ نمونا، جي اڄ ڏينهن تائين زندهه سلامت رهندا اچن، اهي ٻئي پهلو اسان جي ڪڍيل نتيجن جو بنياد آهن ۽ ان دور جي صنعت، زراعت ۽ واپار جي احوال مان انهن کي تصديق ملي ٿي.

قومي آمدني معيار زندگي

هر هڪ ماڻهوءَ جو معيار زندگي گهڻي ڀاڱي سندس آمدني تي منحصر آهي. زندگي جون آسائشون، سهنج ۽ عشرتون، جيڪي هو حاصل ڪري سگهي ٿو. سي سندس ڪمائي جي نسبت سان تبديل ٿينديون رهن ٿيون. ساڳي طرح هڪ ملڪ جي ماڻهن جو مجموعي معيار زندگي، ان ملڪ جي قومي آمدني يا ڪمائي منجهان ئي ظاهر ٿيندو.

سترهين صدي ۾ هندستان هڪ زبردست صنعتي ملڪ هو؛ سندس برآمدي واپار دور دور ملڪن تائين ڦهليل هو ۽ سندس واپاري توازن ايترو ته نفعي بخش هوندو هو، جو ”راو“ شڪايت ڪري چوڻ لڳو ته ”يورپ پنهنجو رَتُ ڏيئي ايشيا کي دولتمند بنائي رهيو آهي،“ ۽ انهي ٻاهران ايندڙ خزاني ۾ لاشڪ سنڌ جو به هڪ حصو هو. سترهين صدي جي واپاري ڪمپنين جي ٻيجڪن مان پتو پوي ٿو ته سون ۽ چاندي ڪافي مقدار ۾ درآمد ٿيندا هئا. اسان اهو به ڏسي آيا آهيون ته مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ملڪ جي صنعتي ۽ زرعي پيداوار ۽ واپار جو مقدار، پوين ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جي ڀيٽ ۾ نهايت گهڻو هو، انهي ڪري اهو فرض ڪرڻ نهايت مناسب آهي ته پوئين دور جي نسبت پهرئين دور ۾، صوبي جي قومي آمدني ۽ معاشي دولت وڌيڪ هئي، جيڪڏهن منجهان ئي معلوم ٿئي ٿو ته پوءِ جيئن ڊاڪٽر ”راو“ پڻ اسان کي ٻڌائي ٿو، اهو رايو قائم ڪرڻ مناسب معلوم ٿيندو ته مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي دور ۾ ملڪ جي جملي آدمشماري جو معيار زندگي پونئين ڪلهوڙن ۽ سندن جاءِ نشين ٽالپرن جي دور جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهڻو بلند هو.

عام ماڻهو

مشرق ۾ تبديلي نه اچڻ هڪ ضرت المثل بڻجي ويو آهي. مشرق ۾ رهندڙ عام انسان جون عادتون، رسمون رواج ۽ رهڻي ڪهڻي جا نمونا وقت گذرڻ سان ايترو ٿورو تبديل ٿيا آهن، جو اها تبديلي بلڪل محسوس ئي ڪانه ٿي ٿئي، سنڌ جو عام انسان، هندستان وانگر، هميشه گهڻو ڪري هاري رهيو آهي. گهڻي ڀاڱي هن جي پنهنجي معيشت خود ڪفيل ڪئي، ڇاڪاڻ ته جن شين جي کيس ضرورت هوندي هئي، سي هو پاڻ پيدا ڪندو هو. هن جون اهڙيون ضرورتون تمام ٿوريون هونديون هيون، جن کي پئسن سان خريد ڪندو هو، انهي ڪري ناڻي جي ملهه ۾ تبديلين جو هن تي نهايت محدود اثر پوندو هو.

1644ع ۾ سپلر سنڌ ۾ هارين کي ”نهايت مظلوم“ ۽ ”مصيبت زده ۽ مسڪين“ ڏٺو؛ ”۽ منوڪي (1659ع) اسان کي ٻڌائي ٿو ته عام انسان، مجموعي طور ”نهايت مفلوڪ الحال ۽ نهايت غريب هو.“ ساڳيءَ طرح، ڪارليس (1837ع)، ٻه صديون پوءِ لکندي چوي ٿو ته سنڌ ۾ هارين جي هيٺئين طبقي جي حالت واقعي ”رحم جوڳي“ هئي. ڪجهه سالن کانپوءِ (1847ع)، مختلف ضلعن جي ڪليڪٽرن ڏٺو ته هاري عام طرح نهايت غريب هئا ۽ محتاج زندگي گهاري رهاي هئا، پر وٽن ”کاڌو ۽ ڪپڙو لٽو جهجهو“ ئي هو.

مٿين شاهدين مان هروڀرو اهو فرض ڪرڻ نه گهرجي ته هاري محض محنت ۽ افلاس جي زندگي گذاريندو هو. هن کي کاڌي، ڪپڙي ۽ اجهي جو ڀرجهلو هوندو هو ۽ ائين بي کٽڪي چئي سگهجي ٿو ته انهي سموري دور ۾، هاريءَ جي حياتي، جيئن اڄڪلهه آهي. محض گذاري ڪرڻ جي حد کان ايترو ته ٿورو مٿڀرو هئي، جو هن جي معيار زندگي ۾ ڪا خاص تبديلي نه آئي هوندي.

هاري جي ذريعن جو قريبي جائزو مٿئين نظريه جي سچ کي ثابت ڪندو. سنڌ هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ صدين کان ائين رهيو آهي، انهي ڪري ڪنهن به خاص وقت تي پوک هيٺ آيل ايراضي سان سندس زراعتي آدمشماري جو لازمي طرح گهرو ۽ اهم لاڳاپو آهي. 1856ع- 1911ع واري دور جي انگن اکرن جي بنياد تي، جيڪي ٽالپرن جي دور، بلڪ ان کان به اڳ جي حالتن کي واضح طور ظاهر ڪن ٿا، اسين ڏسي آيا آهيون ته جملي آدمشماري جي پوک هيٺ ايراضي سان نسبت اٽڪل 3: 2 هئي. ان مان ظاهر آهي ته سموري آدمشماري هارين جي ڪين هئي ۽ ڪجهه ماڻهو ٻين ڌنڌن سان پڻ لڳل هئا، جهڙوڪ ڪاريگر، ننڍا دڪاندار، مهاڻا، ڌنار (مال چارو) وغيره. 1847ع ۾- سنڌ کي ملائڻ کان فقط ٽي سال پوءِ شڪارپور جي ڪليڪٽر آدمشماري جي جيڪا ڌنڌي وار درجي بندي ڪئي هئي، ان موجب سندس ضلعي ۾ هارين جو تعداد، جملي آدمشماري جو 60 سيڪڙو هو، ۽ جيڪڏهن ٻين ض:عن ۾ به اهائي حالت فرض ڪريون ته پوءِ زمين تي سڌو سنئون دارومدار رکندڙ ماڻهن جو تعداد 9ء (ڏهائي نَوَ) ماڻهو في ايڪڙ وڃي بيهندو. اسين اهو به چئي آيا آهيون ته سراسري طرح زمين جي پئداوار 12 مڻ في ايڪڙ هئي ۽ جيئن ته ان دور ۾ سنڌ ۾ زمينداري سرشتو رائج هو، جنهن موجب زميندار جو ڪل پيداوار ۾ حصو، ٽئين حصي کانپوري اڌ تائين هو ۽ هاري جو حصو ڪل پيداوار جو 3/5 شمار ڪجي ته پوءِ سراسري طرح کيس في ايڪڙ ست مڻ پيداوار ملندي.

هاري جي سراسري آمدني جي حساب لڳائڻ لاءِ انهن ڏينهن جي سراسري ڪٽنب جي آمدني ڪٿڻ ضروري آهي. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته بئريج کلڻ کان اڳ وارن ڏينهن ۾ پنجن ڀاتين جي هڪ ڪٽنب زال، مڙس، ڏي ٻار يا ٻيا ڀاتي کي پوکڻ لاءِ سراسري ساڍا پنج کان ڇهه ايڪڙ زمين هوندي هئي. ان حسان سان هڪ هاري ڪٽنب جي سالياني آمدني اٽڪل چاليهه مڻ اچي بيهندي.

جيڪڏهن کاڌي جو حساب ڪندي روزانو في ماڻهو پار توڙي وڏي جو آن جو کاپو 20 آئونس لڳائجي ته مهيني ۾ هڪ ڪٽنب جي ايڪي جو ڪل کاپو 4ء2 مڻن کان ڪجهه گهٽ بيهندو، يعني ساليانو 28 مڻ کاپو ٿيندو: ان طرح انهي ڪٽنب کي 12 مڻ بچت ٿيندي. اها بچت وڪڻي هار پنهنجي ضرورت جون شيون- ڪپڙو، ڳڙ، تيل وغيره، خريد ڪندو هو. هر هاريءَ وٽ چوپائي مال جا ڪجهه وهٽ هوندا هئا. جن مان کيس مکڻ ۽ گيهه به ملندو هو، ان گيهه مکڻ جو ڪجهه حصو وڪڻڻ سان ڪٽنب جي آمدني ۾ ڪجه اضافو ٿيندو هو. هاڻ اسين اها راءِ قائم ڪري سگهون ٿا ته هندستان ۾ ٻين هنڌ ڪاشتگارن جي حالت ڪهڙي به هجي، سنڌ جي هاري کي کائڻ لاءِ کاڌو کائڻ لاءِ کاڌو ڪافي هوندو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ صحيح معنى ۾ ڏڪار جي مصيبت ڪڏهن ڪين سٺي آهي. هن جو معيار زندگي گهڻو ڪري اهو ساڳيو هو، جهڙو اڄ جي هاري جو آهي، ۽ هو پنهنجي محنت ۽ پورهئي جي حياتي نهايت خاموشي ۽ سادگي سان هاريندو هو. هن جون ضرورتون ٿوريون هيون ۽ آساني سان پوريون ٿي سگهنديون هيون. ائين کڻي چئجي ته هو پنهنجي تقدير ۽ رضا تي راضي هو. هن وٽ کاڌو ڪافي هو، پاڻ ڪجهه بچت هوندي هيس، پنهنجي بازن جي پورهئي سان جوڙيل مٽي جو اجهو هوندو هوس، جنهن ۾ مختصر سنهو ٿلهو گهرو سامان، کٽون، ٿانوَ ٿپا وغيره به هوندو هو. هن وٽ خاص خاص ڏڻن جهڙوڪ ڄم، شادي مرادي يا عيد براد ملهائڻ لاءِ ڪجهه چوپايو مال ۽ ٿورڙو پئسو ڏوڪڙ بچيل به هوندو هو. زالن جي فرصت جو وقت سٽ ڪتڻ، کير ولوڙي مکڻ ڪڍڻ ۽ گيهه ٺاهڻ ۾ گذرندو هو. ٽالپرن جي ڏينهن ۾ البت حالتون بدلجي ويون. زراعت پوڻي پئجي وئي، ناڻي جو صحيح ملهه ڪري پيو، حاڪم هٻڇي ۽ جي ڪليڪٽر (1847ع) سنڌ جي هارين کي قرضن ۾ قابو ٿيل ڏٺو.

وچولو طبقو: سنڌ ۾ هڪ طرف ويچارا هاري، پنهنجو نماڻو ڌنڌو، کيتي ڪري گذران ڪندا هئا ته ٻئي طرف دولتمند امراڻو طبقو ٺاٺ سان رهندو هو. ست رڇي طعام کائيندا هئا، بهترين شراب پيئندا هئا ۽ ناچو ڇوڪرين سان پاڻ وندرائيندا هئا، اهو چوڻ نهايت ڏکيو آهي ته انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾ ڪو وڇولو طبقو، جيئن اسين اڄ انهي اصطلاح جو مفهوم سمجهون ٿا به ڪو موجود هو. انهي درجي ۾ شايد ننڍا زميندار، (کاتيدار)، دڪاندار، ننڍا ڪامورا، واپاري، صراف، ڏيتي ليتي ڪندڙ، ڪاريگر، جن منجهه ڪورين جو گروهه سڀ کان گهڻو ۽ وڌيڪ آسودو هو. اچي ٿي ويا. برنيئر انهيءَ سلسلي ۾ ٻڌائي ٿو ته ”دهليءَ ۾ ڪو وچولو درجو نه آهي: ڪو ماڻهو يا ته نهايت اوچي مرتبي تي هوندو يا ته مسڪيني ۽ مفلسي جي زندگي گهاريندو.“ ۽ هن جو اهو تبصرو شايد سنڌ سان به ٺهڪي اچي ٿو. ان ڪري انهي ۾ ڪو گمان ڪونهي ته وچولي طبقي جي ماڻهن جو تعداد ٿورو هو، ۽ ڪنهن به صورت ۾ اهو ڪو طاقتور طبقو ڪين هو.

اسين چئي آيا آهيون ته مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ زراعت، صنعت ۽ واپار خوشحالي ۽ آسودگي جي حالت ۾ هئا، انهي ڪري وچولي طبقي کي گهڻي حد تائين معاشي سلامتي حاصل هوندي پر ارڙهين صدي جي وچ ڌاري پوين ڪلهوڙن جي راڄ جي شروع ۾ سنڌ ۾ معاشي حالت کي به لازمي طرح نقصان پهتو هوندو. جيئن اڳي ئي چيو ويو آهي ته ٽالپر خاص ڪري واپارين ۽ تاجرن تي جي گهڻو ڪري هندو هوندا هئا. سختيون ۽ ڏاڍايون ڪندا هئا: جڏهن کين خبر پوندي هئي ته هنن معمول کان وڌيڪ دولت ميڙي آهي، تڏهن هنن سان ’ڀريل اسفنج‘ واري هلت ڪئي ويندي هئي ۽ کين ايستائين ”آهستي آهستي نپوڙيو، چيڀاٽيو ويندو هو“، جيسين پنهنجي سموري دولت ڪڍي ٻاهر ڪندا هئا.

مزوري- قيمتون ۽ سماجي حالت

 زير تبصره دور ۾ سنڌ ۾ مزوريءَ جي اگهن بابت ڪو به رڪارڊ موجود نه آهي. ملڪ جي ٻين حصن وانگر، سنڌ ۾ به ڪا مزورن جي منظم مارڪيٽ يا بازار ڪا نه هئي. ان سلسلي ۾ جيڪا ٿوري گهڻي معلومات ملي ٿي، سا سموري هندستان جي مجموعي طرح شهري مزورن لاءِ ملي ٿي. مقامي معلومات نه هئڻ ڪري اسان کي لازمي طرح هندستان جي باقي حصن جي حقيقتن تي ڀاڙڻو پوندو. حقيقتون البت اهو ثابت ڪن ٿيون ته ڪم از ڪم سترهين صديءَ ۾، هندستان جي مختلف هنڌن تي مزوريءَ جي اگهن ۾ هڪ جهڙائي ۽ پختگي هئي. ”آئين اڪبريءَ“ موجب، هڪ اڻ سکيل (بي هنر) پورهيت کي روزانو ٻه ”دم“ يا رپئي جو ويهون حصو، يعني مهيني ۾ 0-8-1 رپيه ملندو هو، ۽ هڪ سکيل (هنر مند) پورهيت کي روزانو ڇهه يا ست ”دم“، يا مهيني ۾ اٽڪل 0-0-5 رپيا ملکندا هئا. ميٿو ولڊ به ٻڌائي ٿو ته ڪارخاني جي نوڪرن جي مزوريءَ جو اگهه اٽڪل 0-0-2 رپيا ماهوار هوندو هو. ساڳيءَ طرح ڊچ 1637ع ۾ معمولي مزور کي 4 پئسا (2-دم) ۽ واڍن وغيره کي 12 کان 13 پئسا (6 کان 7 دم) ڏيندا هئا. پيلز رٽ به لکي ٿو ته جهانگير جي ڏينهن ۾ هڪ بي هنر پورهيت کي چاليهن ڏينهن جي مهيني لاءِ ٽن کان چار روپيا ملندا هئا، ۽ هنر مند پورهيت کي روزانو 5 کان 6 ٽڪا ملندا هئا، جيڪي ڊاڪٽر مڪرجيءَ موجب 10 کان 12 پئسن جي برابر هئا، يعني اڪبر جي ڏينهن وارو ساڳيو اگهه ملندو هون. وليم سمٿ 1658ع ۾ لکي ٿو ته ڪارخاني جي معمولي نورڪ کي ماهوار 4 کان 5 شلنگ ملندا هئا، جو 2 شلنگ 3 پينسن في رپيه جي حساب سان اٽڪل 0-0-2 رپيه ماهوار ٿيندو، ۽ ٽيري به انهيءَ راءِ جي تصديق ڪري ٿو. فاروقي به اسان کي ٻڌائي ٿو ته اورنگزيب جي ڏينهن ۾ معمولي مزور کي 2 کان 3 ”دم“ روزاني مزوري ملندي هئي. هاڻ اسين ڏسون ٿا ته بي هنر توڙي هنرمند- ٻنهي قسمن جي مزورن جي مزوري سموري سترهين صديءَ جي دوران ۾ بنهه تبديل ڪا نه ٿي ۽ ساڳي رهي.

ارڙهين ۽ اوائلي اڻويهين صديءَ لاءِ معلومات انهيءَ کان به گهٽ ملي ٿي. البت ڊاڪٽر مڪرجيءَ پنهنجي تازي ڪتاب ۾ هيءَ معلومات گڏ ڪئي آهي. هيٺ ڪجهه معلومات ڏجي ٿي:

رواجي ۽ هنرمند مزورن جي سراسر مزوري

سال    رواجي مزوري           هنرمند ڪاريگر

 

روزاني مزوري    ماهيانه مزوري     روزاني مزوري     ماهيانه مزوري

          (پئسا)                ( پئسا)                    (پئسا )           (روپيا)

سترهين 3 کان 4     0-8-1 کان     9 کان 10      0-8-4 کان 

صديءَ ۾                     0-0-2          0-0-5

1751- 6      0—0-3              10             0-0-5

1752ع

1812-5 کان 6        0-8-2 کان 0-0-3   10-کان 12     0-0-5 کان 0-0-6

1850ع 

انهيءَ مزوريءَ کي مکيه اناج جي شين جي صورت ۾ آڻڻ نهايت دلچسپ ٿيندو، ۽ ان منجهان انهن دورن جي مزورن ۽ ڪاريگرن جي قوت خريد جي تبديلين جو پتو پئجي ويندو. هيٺين فهرست مختلف وقتن تي اناج جو مختلف مقدار ڏيکاري ٿي، جيڪو پورهيت انهن وقتن تي خريد ڪري ٿي سگهيو.

فهرست

 

سال        في مڻ    رواجي مزوري     در ماهو ملندڙ   مزوري         در ماهو ملندڙ

قيمت (رپيا)       مزوري (رپيا)             مقدار (مڻ)         (رپيا)                   مقدار (مڻ)

1600ع        0-5-0 0-8-1   5 کان 6             0-8-4    14 کان 16

       کان            5   کان

15-            0-10-0        0-0-2                         0-0-5

1752ع

(1)12- 0-5-0 0-8-2         0-12-2    0-0-5        3/1  5    

1850ع        کان    کان         کان       کان

0-0-3 0-8-3            0-0-6      ساڍا 6

هن مان ظاهر ٿيندو ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن م رواجي مزورن جي به قريب قريب ساڳي حالت هئي، پر پوئين دور ۾ هنرمند پورهيتن يا ڪاريگرن جي حالت ڪافي خراب ٿي ويئي؛ اهو هن سبب ڪري ٿيو هوندو ته ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري سڄي ملڪ ۾ صنعت کي زبردست ڇيهو رسيو هو: ٻئي طرف ٽالپرن جي دور ۾ رواجي توري ڪاريگر پورهيتن جي حقيقي مزوريءَ جو ملهه گهڻي قدر ڪري پيو هو، ۽ کانئن اڳيان پورهيت پنهنجي مزوريءَ مان جيڪي خريد ڪري سگهيا ٿي، هي اُن جي پتي به مس خريد ڪري ٿي سگهيا.

رواجي ۽ ڪاريگر پورهيتن جي حالت ۾ به اسين اهو فرض ڪري سگهون ٿا ته هنن کي ڪٽنب پالڻو پوندو هو، ۽ هارين واري حالت جيان، هن ڪٽنبي ايڪي ۾ پڻ پنج ڀاتي هوندا هئا- مڙس، زال، ۽ ٽي ٻار يا ٻيا ڀاتي. مزدورن جي حالت کي هارين سان ڀيٽڻ سان معلوم ٿيندو ته مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي دور ۾، شهر ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت جي حالت زمين تي پورهيو ڪندڙ هاريءَ جهڙي ئي هئي؛ پر ٽالپرن جي ڏينهن ۾ هن جي حالت هاريءَ کان گهنو پوئتي ۽ خراب هئي. ٻئي طرف ڪاريگر مزور جي حالت پهرين ٻن دورن ۾، خاص ڪري مغلن جي دور ۾، نسبتاً ڪافي بهتر هئي. البت ٽالپرن جي ڏينهن ۾، رواجي ۽ ڪاريگر پورهيت ٻنهي جي حقيقي ڪمائيءَ جي ڪتر کان به گهڻي ڪتر هئي، ڇو ته هاري اڄڪلهه جيان ان وقت به گذاري جي سرحد تي گهاريندو هو ۽ جيڪڏهن هن جي انهيءَ گذاري جي حد ۾ ڪتر پوي ها ته سموري زرعي معيشيت ئي بنهه تباهه ٿي وڃي ها. جيڪڏهن رواجي ۽ ڪاريگر مزورن جي ناڻي ۾ مزوريءَ جو جائزو وٺبو ته ظاهر ٿيندو ته ڪاريگر مزور جي ڪمائي درماهو ساڍن 4 کان 5 روپين تي بيٺي رهي، پر رواجي مزور جي ڪمائي 0-8-1 ۽ 0-0-2 رپين کان وڌي 0-0-3 رپيا ماهوار وڃي پهتي؛ ۽ ٻنهي جي حقيقي ڪمائيءَ ۾ ڪتر پوڻ جا سبب ڳولڻ ڏکيو نه آهي. رواجي مزور کي هاريءَ وانگر فقط پاڻ کي جيارڻو ۽ گذارو ڪرڻو هو، ٻئي طرف ڪاريگر مزور جي حالت ۾ ڪجهه بچت جي حد هئي جا گهٽجي سگهي ٿي؛ انهي ڪري ڪاريگر مزور جي ناڻي ۾ مزوري گهڻو ڪري ساڳيءَ حد تي بيٺي رهي.

انهيءَ مان اهو به واضح ٿي ٿو وڃي ته ڇو سترهين صديءَ ۾ چار رپيا ماهيانو ڪمائيندڙ ماڻهو پاڻ کي ”ايڏو بلند ۽ طاقتور سمجهندو هو، ۽ نوڪريءَ جي آڇ ٿيندي هيس ته ٿڏي ڇڏيندو هو:“ ڇاڪاڻ ته هن وٽ پنهنجو سڀڪي جهجهو هو، جنهن مان پاڻ ڪجهه بچت ٿيندي هيس.

فوجي سپاهي

زمين جي مالڪيءَ جو سرشتو هت به ساڳيو يورپ جي وچين دور واري جاگيرداري سرشتي جهڙوئي هو، ان ڪري جنگ جي وقتن ۾ هاريءَ کي ئي فوجي سپاهي بنجڻو پوندو هو، ۽ امن جي وقت ۾ پنهنجي زمين ۽ کيتيءَ سان رڌل رهندو هو، هر زميندار ۽ جاگيردار کي ماڻهن جو هڪ مقرر تعداد جنگ لاءِ ڏيڻو پوندو هو. ٽالپرن جي ڏينهن ۾ هڪ پيادي سپاهيءَ جو پگهار، جيئن ليفٽينٽ ليچ لکي ٿو، هڪ سير اٽو، ۽ چار ڏوڪڙ روزانو هوندو هو- هڪ رپئي ۾ چاليهه ڏوڪڙ هوندا هئا. پوسٽنس جي لکڻ موجب، اهو پگهار روزانو ٽن پينسن يا مياهيانو چئن رپين کان ڪجهه گهٽ جي برابر هو. ٻئي طرف گهوڙي سوارن کي، انهيءَ کان ٻيڻو پگهار ملندو هو. انهي کان سواءِ کين ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري سامان ڏنو ويندو هو. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ فوجي سپاهين جي پگهار بابت ڪائي معلومات ڪا نه ٿي ملي؛ پر ائين سمجهڻ غلط نه ٿيندو ته اڳين دورن م به ايترو ڪجهه ئي هوندو. ان مان ظاهر ٿيو ته هڪ فوجي سپاهيءَ جي حقيقي ڪمائي، ڪاريگر پورهيت کان گهٽ ڪين هئي: قريب قريب ان جهڙي ئي حالت هيس، پاڻ کيس ڪم گهٽ ڪرڻو پوندو هو، ۽ سير ڪرڻ ۽ بعضي بعضي ڦرلٽ ڪرڻ جا موقعا به هئس. گهوڙي سوارن جي حالت نسبتاً ڪافي بهتر هوندي هئي.

اميراڻو طبقو: انهيءَ ۾ ڪو به گمان نه آهي ته ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪيترائي اهڙا امير هئا، جيڪي دولت ۽ طاقت ۾ ملڪ جي شهزادن جي همسري ڪري سگهيا ٿي. اهي امير وڏن جاگيرن ۽ جائدادن جا مالڪ هئا، ۽ هنن جا ڪيترائي پوئلڳ هوندا هئا، جي پنهنجن قلعن يا ”ڪوٽن“ ۾ شهزادن جهڙي شان ۽ طاقت جا مالڪ هوندا هئا. ”ڪوٽ“ لفظ اڄ تائين استعمال ٿيندو اچي ٿو، ۽ سنڌ جي وڏن زميندارن جاگيردارن ۽ پيرن جي رهائشگاهن جي چوڌاري آيل مضبوط ۽ ڊگهين چار ديوارن کي انهيءَ نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اهي ڪوٽ وچئين دور جي وڏن جاگيردارن جي قلعن کان مختلف نه هئا، پر اهي قلعا گهڻو ڪري پٿر جا ٺهيل هوندا هئا، ۽ سنڌ جي اميرن جا گهر گهڻو ڪري پڪين سرن جا ٺهيل هوندا هئا. انهن اميرن منجهان ڪيترا ته لاشڪ نهايت دولتمند هوندا هئا، ۽ منجهن جنگ جي وقت حاڪمن کي مدد ڏيڻ، يا خود حاڪمن سان جنگين جوٽڻ جي لياقت ۽ طاقت هوندي هئي.

ملڪ ۽ ملڪ جي دولتمند ماڻهن جي دولت جو اندازو هن حقيقت مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي (1739ع)، تڏهن پاڻ سان سنڌ جي حاڪم، نور محمد وٽان هڪ ڪروڙ روپين جي ملهه جو خزانو کڻي ويو، ۽ سنڌ تي سالياني 20 لک رپيا ڍل مڙهي ويو- ۽ اها ڍل سنڌ جا اهي ٻاهريان حاڪم، هڪ صدي تائين، مختلف رقمن جي صورت ۾ باقاعدي وصول ڪندا رهيا، اسان کي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ٽالپر اميرن کي حڪومت هٿ ڪرڻ وقت ڪلهوڙن جو گڏ ٿيل ڪيتروئي خزانو هٿ آيو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هنن بي انداز دولت گڏ ڪري، هيرن جواهرن ۽ سون جي شڪل ۾ مٽائي رکي هئي. ڪابل جي بادشاهه جي زوال اچڻ سان اتي جا ڪيترا شهزادا ۽ امير نهايت ڏتڙيل حالت کي وڃي پهتا ۽ چيو وڃي ٿو ته سنڌ جي ميرن انهن جي زيورن ۽ هيرن جواهرن کي نهايت سستين قيمتن ۾ خريد ڪيو هو. مير فتح علي خان، حيدرآباد ٽالپر گهراڻي جو سردار، چيو وڃي ٿو ته مرڻ وقت (1802ع) پنهنجن ڀائرن لاءِ پنجٽيهه لک رپيا ورثي ۾ ڇڏي ويو.پوسٽنس اسان کي ٻڌائي ٿو ته 1843ع ۾ انگريزن کي ميرن کان جيڪي جواهر ۽ سون هٿ آيو، ان جو ملهه ڏهه لک اسٽرلنگ پائونڊ هو ۽ جنهن مان رڳو سرچارلس نيپئر جو حصو، چيو وڃي ٿو ته 70000 (ستر هزار) پائونڊ هو. مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي دورن ۾ اميراڻي طبقي جي معيار زندگي کي تفصيل سان بيان ڪرڻ مشڪل آهي پر سندن پوين جي معيار زندگي مان انهي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هنن جي حيايت، عيش، عشرت، ڪاهلي ۽ ڏيکاءُ، عاليشان کاڌي شڪار ۽ وندر ۽ موج جي حياتي هئي. کائڻ، پيئڻ ۽ عيش ڪرڻ هن جي معيار زندگي هو. هندستان جي ٻين هنڌن وانگر، سنڌ جا امير غاليچن بهترين چادرن ۽ ٻين نادر چيزن خريد ڪرڻ ۽ خادمن، غلامن ۽ ناچو ڇوڪرين کي پاڻ وٽ رکڻ تي به ڪافي ناڻو خرچيندا هئا.

سنڌ جي صنعتن ۽ هنرن جو اڳيئي ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ اهي چيزون شهزادن ۽ اميرن جي سرپرستي کانسواءِ جالي ڪين سگهن ٿا ۽ اها به حقيقت آهي ته ٻنهي جو زوال هڪ ئي وقت آيو. پوين ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾، سڄو ملڪ گهرو لڙاين ۾ گرفتار ٿي پيو، جن اميرن جي وڏي تعداد کي ختم ڪري ڇڏيو هوندو، ۽ انهن چيزن ئي ’ريڍار شهزادن‘ يعني ٽالپرن جي حڪومت کي اسرڻ ڏنو. انهن ٽالپرن ملڪ کي ننڍين رياستن ۾ کڻي ورهايو، جتي هو ننڍن ننڍن خود مختيار شهزادن وانگر راڄ ڪرڻ لڳا ۽ جيتوڻيڪ پنهنجي مٽن مائٽن، مددگار ۽ دل گهرين ماڻهن کي جاگيرون بخشڻ لڳا، پر هن نئين اميراڻي طبقي کي ايتري طاقت ۽ دولت نه هئي، جهڙي کانئن اڳين کي هئي. درحقيقت ان وقت اميراڻو طبقو ڪري اچي پٽ پيو هو. اهو حقيقت، انگريزن جي سنڌ ملائڻ کان ڪجهه ورهيه پوءِ مئڪڊونالڊ جي هن فقري کي واضح ڪري ٿي ته سندس ضلعي ۾ ٻن ماڻهن کان وڌيڪ مهيني ۾ ٻن هزار رپين کان مٿي ڪو به خرچ نه ٿي ڪري سگهيو.


[1] . وي. ڪي. آر. وي. راءُ- ”دي نيشنل انڪم آف برٽش انڊيا،“ ص 7

[2] . سورلي، ص 286

[3] . مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ زياده آدمشماريءَ جي گنجائش جو خيال رکڻ گهرجي.

[4] . اي. ايف. آءِ، 1642-1645ع، ص 203

[5] . منوڪي، جلد 2، ص 427

[6] . بامبي رڪارڊس، 17، ص 495

[7] . پارليامينٽري پيپرس، 81-82

[8] . ڏسو باب پنجون.

[9] . شڪارپور ضلعي جي سموري ڪٿيل آدمشماري 250،000 هئي، جنهن ۾ 150،000 ڪڙمي، 70000 هندو واپاري، صراف وغيره، 15000 مهاڻا ۽ 15000 مال چاريندڙ ماڻهو اچي ٿي ويا. (پارليامينٽري پيپرس- سوالن جا جواب، جلد 2، ص 63

[10] . ان جي ثابتي 1856- 1872ع وارن سالن جي پوک جي انگن اکرن مان ملي ٿي (ڏسو فهرست چوٿين، باب اٺون)، جيئن مٿي ڏسي چڪا آهيون ته پوک هيٺ ايراضي في مڻ هڪ ايڪڙ کان ڪجهه مٿي هئي، ان ڪري هڪ ڪٽنب لاءِ پوک هيٺ ايراضي 5 کان 6 ايڪڙ هوندي. هن ڪتاب جي مصنف مقامي زميندار کان جيڪي پڇائون ڪيون آهن، سي به ان جي تصديق ڪن ٿيون. بئريج کلڻ کانپوءِ البت، هڪ ڪٽنب ڏهن کان ٻارهن ايڪڙ کيڙي پوکي سگهي ٿو، پر اهو صرف ان ڪري آهي جو آبپاشي دائمي آهي ۽ ربيع جي پوک غير محدود ٿي پئي آهي.

[11] . ” هنن ڏڪر جي مصيبت ڪڏهن ڏٺي به ڪين آهي“. هئملٽن، ص 74

[12] . پارليامينٽري پيپرس، ص 82

[13] . برنيئر، ”ٽرئولس“، ص 252

[14] . پوسٽنس، ص 246

[15] . آئين اڪبري- جلد 1، 225، سمٿ- ”اڪبر“، ص 389، مڪرجي ص 44

[16] . مورلينڊ، ”فرام اڪبر ٽو اورنگزيب“، ص 17

[17] . سورلي، ص 121، ۽ مڪرجي، ص 24

[18] . پيلزرٽ ص ص 60-62

[19] . مورلينڊ موجب ”ٽڪو“ معنيٰ هڪ ”دم“، پر مڪرجي چوي ٿو ته ان مان مراد ٻه پئسا آهن. سنڌ ۾ اڄ تائين ان جي معنيٰ ٻه پئسا آهي.

[20] . مورلينڊ، ”فرا، اڪبر ٽو اورنگزيب“ ص 187

[21] . ”اورنگزيب“، ص 492

[22] . مڪرجي، ”ايڪانامڪ هسٽري“، ص ص 40-56

[23] . منوڪي، حوالو سورلي، ص 129

[24] . ليفٽينٽ ليچ- ”رپورٽ آن دي سنڌين ٽروپس“، ص 5

[25] . پوسٽنس ص 233

[26] . اهو حساب هڪ روپيه برابر ٻن شلنگن جي بنياد تي لڳايو ويو (ڏسو پوسٽنس، ص 253)

[27] . ليفٽيننٽ ليچ مطابق هر گهڙي سوار کي روزانو پائلي ملندي هئي، ص 5

[28] . برنس، ”نئريٽو“، ص 42

[29] . ليچ، ص 4

[30] . بوسٽنس، ص ص 230، 255، ۽ رنس، ص ص 74-93

[31] . ايضا، ص 93

[32] . سورلي، ص 132

[33] . پوسٽنس، ص 334، ۽ حنيف، جي. ايس. ايڇ. ايس. جلد1، ڀاڱو 1، ص 35

[34] . برنس، ص 44

[35] . پارليامينٽري پيپرس

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23  

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org