انگلينڊ طرفان هندستاني مال کي ٿڏڻ جي جيڪا نيتي
اختيار ڪئي وئي، اها ٻيا يورپ جا ملڪ به اختيار
ڪرڻ لڳا- نتيجو اهو ٿيو جو ٿوري ئي عرصي ۾
هندستان جي ڪپڙي جي طلب بنهه گهٽجي وئي.
انهي طرح انگلينڊ جي سڌي طرح ۽ ڄاتل ٻجهيل مخالف
نيتي جي ڪري هندستان جي انهي مکيه گراهڪ هندستاني
درآمد کي وڏو ڌڪ هنيو ۽ ساڳئي وقت ان پنهنجي صنعتن
۽ جهاز راني کي توجهه سان هر ممڪن طريقي زور وٺائڻ
۽ مضبطو بنائڻ شروع ڪيو، مشنري جي دور اچڻ کان به
اڳ ۾ انگلينڊ، پنهنجي ”گهرو“ کاپي لاءِ مشرقي سوٽي
۽ ريشمي ڪپڙي درآمد ڪرڻ جي ضرورت کان پاڻ آزاد
ڪرائي چڪو هو ۽ 1710ع کانپوءِ مشرقي ملڪن سان
هلندڙ واپار جو گهڻو حصو رڳو ٻاهرين مارڪيٽن کي
رسد پهائڻ لاءِ مخصوص هو. انهن رنڪڊن ۽ رڪاوٽن
هوندي به اهو چوڻ هروڀرو غلط نه ٿيندو ته هندستان
اڃا به سوٽي مال جو گهر هو ۽ ٻين به ڪيترين ئي
مکيه ۽ قيمتي شين جو تنها برآمد ڪندڙ هو. هندستان
1760ع تائين ڄڻ ته سون چاندي جي هڪ وڏي ۾ وڏي
ٽجوڙي هو، جنهن ۾ بي انداز خزانو اچي ٿي گڏ ٿيو ۽
سنڌ جو ان ۾ موچارو حصو هوندو هو.
(2) صنعتي انقلاب
ايندڙ سالن ۾ (1760- 1830ع) انگلنڊ جي صنعتي
زندگيءَ ۾ هڪ نئين تجربي جي ڪري بنيادي انقلاب اچي
ويو، جنهن کي ”صنعتي انقلاب“ جي نالي سان ياد ڪيو
وڃي ٿو، انهي جي اچڻ سان هندستان جي ڪپڙي جي صنعت
کي نين نين چيزن، مشنري، سستي پاور جي استعمال،
رسل و رسائل جي سهولتن ۽ نين ايجادن جو مقابلو
ڪرڻو پيو، جن جي ڪري پيداوار ججهي، سستي ۽ سهنج
واري ٿي پئي هئي.
هندستان جي صنعت پنهنجي پراڻن اوزارن ۽ پيداوار جي
گهرو سرشتي جي ڪري مشين ۽ ڪارخانن جي پيداوار سان
مقابلو ڪري نه سگهي ۽ ترت ئي هندستاني پيداوار
ٻاهرين مارڪيٽن مان ٿڏجي وئي. درحقيقت سڄي دنيا جي
مارڪيٽ تي دسترس رکندڙ ۽ ڪپڙي جي برآمد ڪندڙ
هندستان مرڳو سوٽي ڪپڙو جي درآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي
پيو ۽ ملڪ جي ٻين حصن سان گڏ سنڌ جي بخت سان به
ساڳي حالت ٿي. هونئن جو سنڌ ملڪ جي وڏن شهرن ۾
هزارها ڪوري ۽ مزور ٻيا مال تيار ڪندا هئا سي هاڻي
گذريل زماني جي اوج جي ياد باقي رکڻ لاءِ يا نشاني
خاطر ڪي ڳاڻ ڳايا وڃي رهيا.
اندروني اسباب
پر برطانوي صنعت جي اوسرئي سنڌ جي آسودگيءَ جي
تنزل جو اڪيلو سبب نه هئي. سياسي بي آراميءَ، گهرو
لڙاين ۽ ٻاهرين حملن به سنڌ جي مقامي صنعت کي وڌيڪ
ڌڪ هنيو. آقي باقي جيڪو هنرن جي سرپرستي ڪرڻ وارو
اميرن امرائن جو طبقو هو، اهو ختم ٿي ويو ۽ ان
کانسواءِ حاڪمن جي ڪوتاه نظريءَ ۽ ڪٽرپڻي واري
نيتي ۽ سندن انهي عقيدي ته خزاني کي پُر رکڻ لاءِ
ڪفايت ۽ ڪنجوسائيءَ ئي بهترين ذريعوآهي، انهن
ڳالهين هيڪاري انهي بربادي ۽ خاتمي کي تيزي سان ۽
ترت اچڻ ۾ مدد ڏني.
سياسي بي آرامي: مقامي سردارن جي ڪوتاه نظريءَ
واري واپاري پاليسي
ارڙهين صدي جي پوين پنجاهه سالن ۾ سنڌ جي حالت رحم
جوڳي هئي. سندس حاڪمن غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ سندس
پوين ملڪ کي ڊگهين ۽ خونريز گهرو لڙاين ۾ مبتلا
ڪري ڇڏيو هو ۽ جڏهن ٽالپرن کي تخت نصيب ٿيو، تڏهن
کين پهرين انهي ڪم کي منهن ڏيڻو پيو ته ملڪ جي
وڳوڙي حالتن کي سنڀالي ڪو انتظام آڻين پر هو به
ملڪ ۾ خوشحالي آڻي نه سگهيا. هنن جو راڄ شخص راڄ
هو، سندن خاص دلچسپي زراعت، واپار ۽ صنعت کي ترقي
ڏيارڻ ۾ نه پر شڪار کيڏڻ ۾ هئي ۽ خزاني ڀرڻ لاءِ
هنن هر چيز تي ڳرا ڳرا محصول مڙهي ڇڏيا، ڪرو
(1799ع) پنهنجي سنڌ جي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته ”مال
درآمد ڪرڻ مان ڪافي فائدو آهي پر محصولن جي سختي ۽
هيسائڻ جي نيتي واپار کي تڪڙو تباهه ڪري رهي آهي،
۽ انهي ڳالهه لاءِ هتي جي حاڪمن کي جيڪي پنهنجي
وقت کان اڳتي بنهه ڪين ٿا سوچين، رتيءَ برابر به
ڳڻتي ڪانهي! ايلس 1809ع ۾ لکندي چوي ٿو ته ”ظلم ۽
جاهل حڪومت مقامي واپار جي نفعي مان ناجائز طرح هڪ
وڏو حصو غصب ڪري وحشيانه نيتي اختيار ڪري رهي آهي،
درآمدي مال تي ڳرا محصول مڙهي واپارين جي ڪوششن ۽
محنتن کي هٿ وٺي تباهه ڪري رهي آهي ۽ آئيندي جي
ڪمائي جي ذريعن کي ٻنجو ڏئي رهي آهي.“ پاٽنجر
(1832) ميرن جي ظلمن جا ڪيترائي مثال ڏيندي چوي ٿو
ته ”سنڌ جو واپار به انهن ساڳين سببن جي ڪري جن
صنعتن جو ٻيڙو ٻوڙيو، نهايت ئي پست ۽ زبون حالت کي
پهتل آهي.“ پوسٽنس ته ميرن جي مالي نيتي تي اڃا به
سختي سان نڪته چيني ڪندي لکي ٿو ته ”ڳريون ڳريون
چٽيون خاص انهي طبقي جي ماڻهن تي وڌيون وڃن ٿيون،
جن کي جيڪڏهن انهي کان معافي ڏني وڃي ته هوند نه
رڳو سياسي طرح فائديمند ٿئي. بلڪ خود حڪومت کي به
ڪافي فائدو پهچي ۽ ساڳئي وقت ماڻهن جي اهڙن اهڙن
طبقن تي ڳرا ڳرا بار وڌا ويا آهن، جن تي سياڻپ جي
تقاضا ته اها آهي ته گهٽ ۾ گهٽ بوجو هئڻ
گهرجي.“مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ جيڪي
بندرگاهي محصول اڳاڙيا ويندا هئا، انهن جو موازنو
ڪرڻ ممڪن نه آهي پر جيڪڏهن اهو فرض کڻي ڪجي جيئن
برنس چوي ٿو ته محصول اڳوڻن وقتن جهڙا ئي ڳرا هئا،
تڏهن به اڳ واپار جي تڪڙي وار ڦير جي ڪري انهن جو
اثر محسوس نه ٿيندو هو.
سترهين صدي جي سياحن جي احوالن مان اهو ظاهر ٿئي
ٿو ته جيتوڻيڪ ٺٽي ۾ محصول مقرر ٿيل نه هوندا هئا
پر تڏهن به اهي خاص طور ڄاڻايل هوندا هئا ۽ هر
بندرگاهه تي لکيل هوندا هئا. ”لهري بندر تي.....
محصول، محصول دفتر تي ڄاڻايل ۽ لکيل آهي ۽ ڪو
لالچي ۽ بي انصاف گورنر پنهنجي مرضي مطابق انهن ۾
ڪابه ڦير گهير آڻي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڪي نوان محصول
مڙهي ٿو سگهي.....“ انهي حقيقت جي تائيد انهي مان
به ٿئي ٿي ته پورچوگيز سياح مانريق کي بکر ۽ سيوهڻ
جي بندرگاهن تي محصولن ڏيڻ ۾ ڪابه اهڙي تڪليف
درپيش نه آئي هئي. ان جي برعڪس اسين ڏسون ٿا ته
ٽالپرن جي عهد ۾ بندرگاهي محصول ۽ ٻيون ڍلون وغيره
نامناسب ۽ جابرانه هونديون هيون. جيئن پوسٽنس لکي
ٿو ته ”هٻڇي ۽ ظالم، ڏنڊي شاهي حڪومت پنهنجي طلب
پوري ڪرڻ ۾ ڏاڍ مڙسي جا سڀ ليڪا لنگهي ويئي هئي ۽
سندس بي انصافين جو ڪو ليکوئي نه هو.“
(2) سنڌو درياءَ تي چونگيون
ٽالپر اميرن کي سامونڊي جهازرانيءَ سان ته ڪائي
دلچسپي ڪانه هئي پر اٽلو سنڌو درياءَ تي به ڳريون
ڳريون چونگيون مڙهي دريائي جهازراني جي همت شڪني
ڪندا هئا. معلوم ٿو ٿئي ته اهو شايد انهي ڪري ٿي
ڪيائون جو سنڌو درياءَ کي انگريزن کان بچائڻ ٿي
گهريائون، جن درياءَ جي وهڪري جي پيمائش ۽ سروي
ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ڇاڪاڻ ته کين اهو ڊپ ٿي پيو
ته انهي بهاني سان سندن راڄ به ڦرجي ويندو. ڪهڙو
به کڻي سبب هجي پر انهي قدم جو سنڌ جي واپار ۽
تجارت تي جيڪو تباهڪن اثر ٿيو، سو اندازي کان ٻاهر
آهي.
(3) هندن سان بيجا روش
هندو، سنڌ جو مکيه واپاري فرقو هئا ۽ ٽالپر حڪمران
ساڻن جيڪو سلوڪ ڪندا هئا، انهي به سنڌ جي واپارين
۽ صنعتن کي تنزل ڏانهن گهلڻ ۾ گهٽ حصو نه ورتو هو.
هنن کي ”قابل برداشت طبقو“ به خير ڪو سمجهيو ويندو
هو ۽ ڪنهن ٿورڙي ئي بهاني ملڻ تي هنن کي بي دريغ
سزائون ڏنيون وينديون هيون. مٿن ڏنڊ مڙهيا ويندا
هئا ۽ کين زوري اسلام قبول ڪرايو ويندو هو. ڊاڪٽر
برنس جو ان وقت جي لکندڙن مان زياده انصاف پسند
مصنف آهي، لکي ٿو ته : ”سنڌ جي حڪومت يا ماڻهن ۾
جي ٿورا گهڻا چڱا اخلاق آهن، انهن ۾ مذهبي رواداري
کي شمار ڪري نٿو سگهجي ۽ پنهنجي رسول محمد (صلعم)
جي مذهب ڦهلائڻ جي شوق ۾ جيڪو ظلم هو ڪن ٿا. اهڙو
ظلم ٻي ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪو نه ٿا ڪن. درحقيقت اها
ڳالهه سمجهه ۾ ئي اچڻ ڏکي آهي ته انهي هوندي به
هندو هن ملڪ ۾ اڃا ڪيئن ٿا رهندا اچن. ”برهما“ جي
بدنصيب ۽ بي ماني پوئلڳ کي پنهنجي ڌرم جي به آزادي
نه آهي.“ ۽ ٿوري گهڻي ڳالهه تي به ٻن ”مومنن“ کي
اهو اختيار آهي ته.... هڪدم هن جو ختنو ڪرائي سگهن
ٿا.“
هندو واپاري ٻين به ڪيترين ئي بيجا هلتن جو شڪار
هئا. پوسٽنس لکي ٿو ته ”جيڪڏهن رڳو اها خبر پئجي
ويندي هئي ته ڪنهن ويچاري بدنصيب هندو واپاري وٽ
دولت ججهي گڏ ٿي وئي آهي ته پوءِ شڪايت جا طرحين
طرحين سبب ڳوليا ويندا هئا ۽ هن کي ”آهستي آهستي
اهڙو نپوڙيو ويندو هو، جو هو غريب اها ڪڍي کڻي
ٻاهر ڪندو هو.“ اها هئي ان وقت جي بدامني جي حالت
۽ اهي هيون مصيبتون، جيڪي هندو واپارين کي سهڻيون
پونديون هيون!، ايتري قدر جو ڪيترن ئي هندن ملڪ
مان لڏي اهڙن هنڌن تي وڃي پناهه ورتي، جتي هو ڪنهن
نقصان يا بيعزتيءَ کانسواءِ پنهنجو ڌنڌو واپار ڪري
سگهن.
(4) اميراڻي طبقي جو ختم ٿيڻ
سنڌ جي خوشحالي جي تنزل جي سببن ۾ اسين اميراڻي
طبقي جي ختم ٿي وڃڻ جو ذڪر اڳئي ڪري آيا آهيون.
اهي امير دولت، طاقت ۽ سخا جا مالڪ هئا ۽ عيش عشرت
۽ ڏيک ويک جا ڪوڏيا هوندا هئا هو سنڌ ۾ ٺهندڙ ڳري
قيمت وارين عاليشان چيزن جو قدر ڪندا هئا، انهي
طبقي جي گم ٿي وڃڻ تي ڪيتريون ئي صنعتون نابود ٿي
ويون.
سنڌ جي اميراڻي طبقي جو زوال نادر شاهه جي ڪاهه
(1739ع) سان شروع ٿيو، جنهن دهلي تي ڪاهڻ کانپوءِ
سنڌ تي اچي حملو ڪيو هو. ڪلهوڙن جي گهرو لڙائين ته
باقي رهيل کهيل اميرن کي به ختم ڪري ڇڏيو ۽ ٽالپرن
جي وقت ۾ يا ان کانپوءِ اميراڻو طبقو خير ڪو وڃي
بچيو. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته ”اسان کي انهي حقيقت
کان غافل نه ٿيڻ گهرجي ته اسان هندستاني معاشري ۾
جيڪو انقلاب آندو آهي، انهي ٺٽي جهڙي شهر جو زوال
سگهوئي آڻي ڇڏيو. جتي تيار ٿيندڙ قيمتي مال جي همت
افزائي رڳو اهو اميراڻوطبقو ڪندو هو، جنهن تي اسين
هاڻ غالب اچي ويا آهيون ۽ کين ختم ڪري ڇڏيو
اٿئون.“ اوڻيهين صدي جي وچ ڌاري ملڪ ۽ سندس
اميراڻي طبقي جي اهڙي ته بري حالت هئي جو ميڊونالڊ
اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”روهڙي ضلعي جو سکر طبقو ڪو
شاهوڪار ڪو نه ٿو نظر اچي، نڪي منجهن پنهنجي اها
حيثيت قائم رکڻ جي طاقت ٿي ڏسجي، جنهن تي مقامي
ماڻهن کي فخر هوندوآهي.... آءُ نٿو سمجهان ته ضلعي
۾ ڪي به ٻه اهڙا زميندار ملي سگهندا جي ’در مهيني‘
ٻه هزار رپيا خرچ ڪري سگهندا هجن. ڏسڻ ۾ ائين ٿو
اچي ته هو ”غربت“ ۾ گذارين ٿا، سندن نوڪرن چاڪرن
کي تن تي ڪو سڄو ڪپڙو ئي ڪونهي.“ ڪو عجب ڪونهي جو
اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي صنعت ۽ هنر جو زوال ۽ تباهي
آئي.
زرعي تنزل
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي راڄ جي دورن ۾ زراعت جي تنزل
جو ذڪر اڳيئي ڪري آيا آهيون، زراعت جي تنزل جو ذڪر
اڳيئي ڪري آيا آهيون، زراعت جي انهي تنزل جو صنعت
۽ واپار تي نهايت تباهه ڪُن اثر ٿيو.
هڪ چيني فيلسوف جو قول آهي ته ”ڪنهن قوم جي ڀلائي
۽ بهبودي هڪ وڻ مثل آهي: زراعت انهي جي پاڙ آهي،
صنعت ۽ واپار سندس ٽاريون ۽ پن آهن، جيڪڏهن پاڙ کي
ڪو ڇيهو رسيو ته پن ڇڻي ويندا، ٽاريون ڀڄي ڪري
پونديون ۽ وڻ ناس ٿي ويندو.“ يقيني آهي ته سنڌ ۾
ارڙهين صدي جي وچ ڌاري جيڪو زرعي زوال ۽ تنزل شروع
ٿيو، واپار ۽ صنعت تي ان جو لازمي طرح نهايت خراب
رد عمل ٿيو هوندو.
اهي هئا سبب، جن سنڌ جي صنعت ۽ واپار جو زوال
آندو.
باب اٺون
آدمشماري- تعداد
جنهن دور جو اسين اڀياس ڪري آيا آهيون، ان ۾ سنڌ
جي آبادي جو ڪاٿو ڪنهن صحيح حد تائين ڪرڻ نهايت
مشڪل آهي، سنڌ جي ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي زندگي جو
اهڙو اعتبار جوڳو رڪارڊ به موجود ڪونهي، جنهن مان
اسان کي رهبري ملي. ”آدمشماري لفظ مان جيڪو مفهوم
اسين موجوده وقت ۾ وٺون ٿا، انهي قسم جي ڪابه ڳڻپ
يا آدمشماري سترهين توڙي ارڙهين صدي ۾ ڪانه ٿي
هئي. البت، ٽالپرن پنهنجي وقت ۾ ’مٿگي‘ يا ماڻهو
پٺيان محصول قائم ڪري ماڻهن جي ڳڻپ ۽ آدمشماري جو
هڪ اڻ رٿائتو
سرشتو قائم ڪيو، جنهن
کي ”خانه شماري“
يا ”سرشماري“ سڏيو ويندو هو، ۽ جنهن موجب گهرن يا
فردن جي ڳڻپ ٿيندي هئي. مردن، زالن ۽ سمجهه لائق
ٻارن، سڀني کي اهو محصول ڀرڻو پوندو هو ۽ گهر جو
هر هڪ ڀاتي ٻئي ڀاتي جو ضامن هوندو هو. انهي طرح
جيڪي به ماڻهو اهو محصول ڀريندا هئا، انهن جي
تعداد جو رڪارڊ موجود هوندو هو پر جيئن ته انهي ۾
بلوچ سردارن ۽ سپاهين جي هڪ وڏي تعداد ۽ ٻين وڏن
زميندارن، اميرن، سرڪاري ڪامورن ۽ مذهبي ماڻهن تان
اهو محصول معاف هوندو هو. انهي ڪري اهو رڪارڊ ملڪ
جي آدمشماري جو ڪو اعتار جوڳو رڪارڊ نه ٿي سگهندو.
ٽالپر حڪمران ڪوشش ڪندا هئا ته انهي محصول جي گهڻي
۾ گهڻي وصولي ٿيندي رهي ان ڪري ڪيترن اهڙن جا نالا
به دفتر تي موجود هندا هئا، جيڪي فوت ٿي ويل هوندا
هئا، انهن ڳالهين جي ڪري سندن انهي ”ماڻهوءَ-
شماريءَ“ کي ڪابه وقعت ۽ اهميت ڏيئي نٿي سگهجي پر
انهن اڻ پورين ڳڻپن جو دفتر به جيئن هو تيئن اڄ ڪو
نه ٿو ملي، انهي ڪري اڀياس ڪندڙن جي رهبري ڪرڻ
لاءِ ڪائي چيز باقي نه آهي. مقامي مؤرخ به سنڌ جي
آدمشماري جو ڪو به ذڪر ڪو نه ٿا ڪن ۽ يورپي سياحن
۽ واپارين به پنهنجي احوالن ۾ اهڙو ذڪر ڪو نه ڪيو
آهي، جنهن مان ڪا وزندار مدد ملي سگهي.
ڀاڱو پهريون
ٽالپرن جي ڏينهن ۾ آدمشماريءَ جو تعداد
جڏهن اسين اوڻيهين صدي جي اڀياس تي پهچون ٿا، فقط
تڏهن ئي اسان کي انگريز آفيسرن ۽ ايجنٽن جي بيانن
مان ڪجهه پتو پوي ٿو ته 1843ع ۾ انگريزي راڄ سان
صوبي کي ملائڻ وقت سندس آدمشماري ڪيتري هئي پر اهو
ته ظاهر آهي ته هنن جو تخمينو ڪو بلڪل صحيح ٿي نٿي
سگهيو. برٽن لکي ٿو ته ”اسان کي ڪنهن نئين فتح ڪيل
ملڪ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن جو تعداد جي
ڪنهن صحيح تخميني لڳائڻ ۾ ڪافي ڏکيائي محسوس ٿئي
ٿي. هڪ ته ماڻهو پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين جا نالا ڏيڻ
پسند ڪين ٿا ڪن ۽ هو سمجهن ٿا ته حڪومت شايد سندن
خلاف ڪا سازش سٽي رهي آهي ٻيو ته هنن ۾ هڪ عجيب
وهم هي به آهي ته ماڻهن جي ڳڻپ ڪرڻ هڪ غرور ۽
وڏائي آهي ۽ اها ڳڻپ ظاهر ڪرڻ خدا جي غضب ۽ ڪاوڙ
کي هٿ وٺي دعوت ڏيڻي آهي.“
آدمشماريءَ جا تخمينا
البت آدمشماريءَ جي مسئلي لاءِ ڪجهه جهونا حوالا
پڻ ملن ٿا: 1799ع ۾ انگريزن جو سنڌ اندر سياسي ۽
واپاري گماشتو، ناٿن ڪرو، انهي سلسلي ۾ لکي ٿو ته
”سنڌ جي آدمشماري بابت اندازو تيسين اڻپورو ۽
اڻريتائتو ٿيندو، جيسين اهو اندازو ڪن سرڪاري
دستاويزن جي روشني ۾ سموري ملڪ جي پڙتال ۽ تپاس جي
خيال سان نه ڪيو ويو آهي پر اهڙا دستاويز ملي ئي
ڪين ٿا سگهن، ملڪ جا مختلف حصا پکيڙ ۽ حالت جي
لحاظ کان هڪٻئي کان نرالا آهن ۽ ڪيترا خانه بدوش
قبيلا پنهنجي چوپائي مال سان هڪ چراگاهه کان ٻئي
چراگاهه تائين گهمندا ڦرندا، عام رهواسين سان اهڙا
گڏجيو مسجيو وڃن، جو ڳڻپ ۽ تخمينن کي ئي منجهايو
غلط ڪريو ڇڏين.“ البت هو ايترو چوي ٿو ته ”حڪومت
جي گهڻي ظلم ۽ هر قسم جي مزدورن ۽ ڪاسبين جي
دلشڪني جي ڪري گذران جي ذريعن جي نسبت سنڌ جي
آدمشماري ڇڊيري آهي.“
جڏهن اوڻهين صدي تي پهچجي ٿو ته لکندڙن جا بيان
وڌيڪ واضح ٿيندا ٿا وڃن. ڊاڪٽر برنس (1828ع) سنڌ
جي آدمشماري ڏهه لک ڪٿي هئي. پر ٿارنٽن (1844ع)
انهي تخميني کي به ”تمام وڌيڪ تصور ڪيو هو. ڊيل
هوسٽ 1832ع) اهو خيال ظاهر ڪيو ته ”سنڌ ۾ اٽڪل
850000 ماڻهو رهن ٿا، جن مان چوٿون حصو هندو آهن.“
پاٽنجر (1832ع) وري لکي ٿو ته ”ٽنهي رياستن
(حيدرآباد، خيرپور ۽ ميرپور جي آدمشماري کڻي چئجي
ته نوَ لک کن آهي پر انهي کان وڌيڪ ڪنهن به صورت ۾
نه آهي.“ پر ساڳئي وقت اهو به اعتراف ڪري ٿو ته
انهي سلسلي ۾ ”سندس معلومات ٿورڙي ۽ ناقابل
اطمينان آهي.“ پوسٽنس (1843ع) انهي خيال جو هو ته
”ڏهن لکن“ جو انگ، جو سنڌ جي آدمشماري لاءِ تخميني
طور تجويز ڪيو ويو هو سو گهڻو وڌيڪ ڪٿيو ويو هو ۽
لکي ٿو ته ”سنڌ جهڙي ملڪ ۾ جتي شهر نسبتن تمام گهٽ
آهن، ماڻهو جو هڪ حصو خانه بدوش ۽ رولو زندگي
گذاري ٿو ۽ هڪ حصو درياءَ جي اردگرد پکڙيو پيو
آهي، اتي آدشماري ڪرڻ ۾ ڪنهن صحيح نتيجي تي پهچڻ
مشڪل ڪم آهي پر سنڌ جو ملڪ گهڻي ڀاڱي آدمشماري جي
لحاظ کان نهايت ڇڊو آباد ٿيل آهي. سا ڳالهه فقط
سطحي معائني ڪرڻ سان ئي ظاهر ٿي پوندي.“
مٿين بانن جي سطحي تجزيي مان اهو خيال پيدا ٿو ٿئي
ته 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت، سنڌ جي
آدمشماري ڏهن لکن جي لڳ ڀڳ هوندي ۽ 1847ع ۾ سنڌ جي
ڪمشنر جي راءِ مان ان جي تصديق ٿئي ٿي، جنهن
آدمشماري جو تخمينو 124732 لڳايو. هن اهو به خيال
ڏيکاريو ته ”جيئن ته (صوبي جي زمين جي سطح جو گهڻو
حصو وارياسي بيابان ۽ پوسل سان والاريل هو، ان ڪري
هن جي خيال موجب اهو واجبي تخمينو به گهڻو وڌيل
هو.“ انهي خيال جي بنياد تي موجوده وقت ۾ ڊاڪٽر
سورل پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ انهي راءِ کي قبوليو آهي پر
اوڻيهين صدي جي حوالن ۽ بيانن مان هن البت هڪ بيجا
ڪليو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته مغلن ۽ ڪلهوڙن
جي وقت ۾ سنڌ جي آدمشماري ڏهن لکن جي ارد گرد ئي
بيٺي رهي يا 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ واري
وقت جيتري هئي، ڊاڪٽر سورلي چوي ٿو ته ”ان مان بي
کٽڪي اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي
ڏينهن ۾ آدمشماري ڏهن لکن کان مٿي يا اڄڪلهه جي
آدمشماري جي چوٿين حصي کان گهٽ بلڪل ڪانه هوندي.
اڄ آدمشماري جو جيڪو تفاوت آهي، ان جو سبب انگريزن
جي صوبي ملائڻ کانپوءِ آبپاشي ۾ آيل واڌاري کي ئي
ٺهرائي سگهجي ٿو. ائين ٿو ڀانئجي ته مغلن ۽ ڪلهوڙن
جي ڏينهن ۾ سنڌ جي آدمشماري ۾ ڪنهن به نمايان حد
تائين ڪابه تبديلي نه آئي. ۽ ان لاءِ سبب هو ته
آبپاشي جي ذريعن ۾ به ڪا ڦير گهير نه ٿي هئي.“
ڊاڪٽر سورلي جي انهي بيان ۾ ڪيتريون اهڙيون
ڳالهيون آهن، جي جواب طلب آهن. ڊاڪٽر سورلي جيڪي
ريا ظاهر ڪيا آهن ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾
آدمشماري ۾ ڪنهن حد تائين ڪابه تبديلي نه آئي ۽
ڇاڪاڻ ته آبپاشي ۾ ڪا تبديلي نه آئي. ان ڪري
آدمشماري ڪنهن به صورت ۾ ڏهن لکن کان مٿي نه
هوندي. اهي نهايت غلط نتيجن تي پهچائين ٿا ۽ جن تي
مقامي توڙي همعصر لکندڙن جي احوالن ۽ شاهدين جي
ڪائي تائيد حاصل نه آهي. ايندڙ صفحن ۾ اسين ثابت
ڪنداسين ته سندس رايا نهايت غير مصدقه بنيادن تي
مبني آهن.
تخمينن جي چڪاس
فهرس نمبر 1
سنڌ (خيرپور سميت) جي آدمشماري
سال ٽوٽل واڌ(+) کوٽ (- )
1856 1882502 ----------
1872 2333527 + 24 سيڪڙو
1881 2542976 + 9 سيڪڙو
1891 3003711 + 1ء18 ”
1901 3410223 + 5ء13 ”
1911 3737223 + 6ء9 ”
1921 3472508 -1ء7 ”
9131 4114253 + 5ء18 ”
9141 4840795 + 7ء17 ”
انهيءَ سوال جي وڌيڪ جاچ ۽ چڪاس ڪرڻ سان معلوم
ٿيندو ته انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت سنڌ جي
آدمشماري ڪنهن به صورت ۾ 15 لکن کان گهٽ نه هوندي.
1843ع کانپوءِ آدمشماريءَ جو سڀ کان اولين رڪارڊ،
جو باقاعدي ماڻهو ڳڻپ جي بنياد تي ٺهيل آهي. 1856ع
جي ان بيان ۾ ڄاڻايل آهي، جنهن موجب سڄي سنڌ جي
آدمشماري جو تخمينو 80ء18 لک لڳايو ويو آهي.
جيڪڏهن سنڌ جي ڪمشنر (1847ع) جو لڳايل تخمينون
صحيح هجي ته ان حالت ۾ هي تخمينو فقط نون سالن جي
مختصر عرصي ۾ جڏهن سنڌ جون حالتون اهڙيون سڌريل
خير ڪي هونديون، جهڙيون ان کانپوءِ هيون. آدمشماري
۾ ڇهن لکن يا 46 سيڪڙي کان به مٿي اضافو ڏيکاري
ٿو. ٻي باقاعدي آدمشماري 1872ع ۾ ڪئي وئي، جڏهن
آدمشماري جو تخمينون 34ء23 لک لڳايو ويو، يعني
سورهن سالن جي عرصي ۾ 52ء4 لکن جو اضافو ٿيو. هن
مان ظاهر ٿيندو ته نون سالن ۾ فقط اڍائي لکن کان
ٿورو مٿي اضافو ٿيو هوندو. هن مان ظاهر آهي ته
1847ع ۾ آدمشماري 74ء10 لکن کان ڪافي حد تائين
وڌيڪ هوندي ۽ حقيقت ۾ 1856ع تائين، پڇاڙي وارن ۽ 9
سالن ۾ 80ء2 لکن جي اضافي کي صحيح ٺهرائڻ جي مقصد
سان آدمشماري 16 لکن کان به لاشڪ مٿي هوندي، ۽
انهي ساڳئي بنا تي 1843ع ۾ جڏهن سنڌ کي انگريزي
سلطنت سان ملايو ويو. سنڌ جي آدمشماري گهٽ ۾ گهٽ
15 لک ته هوندي. 1872ع کان 1911ع جي آدمشماري جو
رڪارڊ (فهرست نمبر1) ڏيکاري ٿو ته آدمشماري ۾ هر
ڏهن سالن جي واڌ 9 کان 5ء18 سيڪڙو هئي ۽ ان عرصي ۾
هر ڏهن سالن جي سراسري واڌ اٽڪل 15 سيڪڙو هئي ۽
جيڪڏهن اهو ئي مستقل رجحان ٺهرائجي ته پوءِ
انگريزن جي فتح ڪرڻ وقت، سنڌ جي آدمشماري ڪنهن به
طرح 15 لکن کان گهٽ ٿي نٿي سگهي. 1921ع جي
آدمشماري، آبادي ۾ 6ء2 جي کوٽ ڏيکاري ٿي پر اها
کوٽ انفلوئنزا جي وبا جي ڪري آهي، جا سنڌ ۾ انهن
ڏهن سالن جي دوران ۾ وچڙي وئي هئي، ان کانپوءِ،
آدمشماري جو اضافو جيئن پوءِ تيئن گهڻو ٿيندو ويو
پر اها واڌ آبپاشي جي ذريعن وڌڻ ڪري ٿي هئي ۽ خاص
ڪري سکر براج جي ٺهڻ ڪري، جنهن جي تعمير 1923ع کان
شروع ٿي، آدمشماري ۾ گهڻو اضافو آيو ۽ ڏهن لکن
ايڪڙن کان به مٿي ايراضي پوک هيٺ آئي ۽ پنجاب،
راجپوتانا ۽ بلوچستان مان سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ جو هڪ
ڊگهو سلسلو شروع ٿيو، انهي ڪري 1847ع ۾ سنڌ جي
ڪمشنر جي انهي ڪاٿي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪري
نٿو سگهجي ته سنڌ جي آدمشماري ان وقت 74ء12 لک هئي
۽ اهو يقين ڪرڻ بلڪل ناممڪن آهي ته 1856ع تائين
نون سالن جي تمام ٿورڙي عرصي ۾ آدمشماري 46 سيڪڙو
وڌي 82ء18 لکن تي وڃي پهتي. 1847ع لاءِ 16 لکن جو
انگ حقيقتن جي بنا تي وڌيڪ مناسب ۽ موزون لڳي ٿو.
ان ڪري 1843ع ۾ انگريزن جي فتح وقت، اسين ان راءِ
۾ حق بجانب ٿينداسين ته ان وقت جي آدمشماري گهٽ ۾
گهٽ 15 لکن جي ويجهو هئي.
. ايضاً، باب ٻئي جو نوٽ نمبر 18
.
ٿارنٽن، ”گزيٽيئر“، نمبر 2، ص 225
.
ڊيل هوسٽ، ”ميمائر آن سنڌ“، ص 11
. ”سينس رپورٽس، بامبي“، جلد 9
A
(1901)، جلد 8، 1931، سنڌ، 1941ع.
.
هيوز، ”گزيٽيئر“. 1856ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ
جيڪي سنڌ جا ضلعا هئا، انهن جي آدمشماري
1772367 هئي ۽ خيرپور مقامي رياست جي آدمشماري
108135 هئي. ان طرح ڪل آدمشماري 1880502 ٿيندي
۽ نه 1842035، جيئن هيوز لکي ٿو.
. جڏهن انگريز سنڌو درياءَ رستي مٿي وڃڻ جي
ڪوشش ڪري رهيا هئا، تڏهن هڪ سنڌي جوڳي چيو هو،
”هاڻي سنڌ هٿن مان ويئي ڇو ته فرنگين ندي ڏسي
ورتي“ (لئمبرڪ موجب، ميرس اينڊ دي انڊس ٽولس،
جي ايس ايڇ ايس، جلد چوٿون نمبر 3، ص 196)
.
برنس، نئريٽو آف وزٽ ٽو دي ڪورٽ آف سنڌ، ص ص
83- 84
|