(2) شهري آدمشماري
ٺٽي جي آدمشماري:
هن سلسل ۾ سڀ کان دلچسپ پهلو انهن بيانن ۽ احوالن
مان ملي ٿو. جي مختلف سيلانين، سياحن ۽ واپاري
ايلچين، سنڌ جي ان دور جو مکيه رمڪز، ٺٽي جي
خوشحالي ۽ آدمشماري جي باري ۾ قلمبند ڪيا آهن.
موڊلئنڊ ٻڌائي ٿو ته سترهين صدي جي اوائل ۾ يورپ
جا سياح ”هندستان جي وڏن شهرن کي عام طرح مغرب جي
وڏن شهرن جي درجي ۾ شمار ڪندا هئا،“ ”هندستان جا
وڏا شهر گهڻو ڪري شايد اڍائي لکن کان پنجن لکن
آدمشماري جي معيار جا هئا.“ هاڻي اسان ڏسي چڪا
آهيون ته سترهين صدي ۾ جڏهن ٺٽو پنهنجي خوشحاليءَ
۽ آسودگيءَ جي بلنديءَ تي هو، تڏهن ان کي عام طرح
هندستان جي سڀ کان وڏن شهرن مان هڪ تسليم ڪيو
ويندو هو.انهيءَ ڪري اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
ان وقت ٺٽي جي آدمشماري اڍائي ۽ پنجن لکن جي وچ ۾
ڪو انگ هوندي البت جڏهن اسين اهو خيال ڪريون ٿا ته
سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر، ڪراچي جي آدمشماري به
1931ع تائين اڍائي لکن کان مٿي ڪانه هئي. تڏهن ٺٽي
متعلق اهو اندازو شايد مبالغو معلوم ٿئي پر جيڪڏهن
ان دور جي مستند لکندڙن جي احوالن جو خبرداري سان
جائزو وٺبو ته ان مسئلي جي حقيقت ثابت ٿي ويندي.
سڀ کان اول اسان وٽ ايسٽ انڊيا ڪمپني (1607) جو
رڪارڊ موجود آهي، جنهن موجب ٺٽي کي ”هڪ عظيم شهر ۽
لنڊن جيترو وڏو شهر“ ليکيو ويو آهي. لنڊن جي ان
دور جي آدمشماري جو ڪو صحيح رڪارڊ جيتوڻيڪ موجود
نه آهي، پر جان گرانٽ، سر وليم پيٽي ۽ ڊاڪٽر ڪريٽن
جهڙن مشهور رياضيدانن جا تخمينا ڏيکارين ٿا ته
لنڊن شهر جي آدمشماري 1605ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي
مٿئين حوالي کان فقط ٻه سال اڳ ۾ 224275 ماڻهو
هئي، يعني اڍائي لکن جي نشان کان فقط ٿورا هزار
گهٽ هن منجهان اسان کي ٿلهي ليکي اهو پتو پئجي
ويندو ته سترهين صديءَ جي اوائل ۾ ٺٽي جي آدمشماري
ڪيتري هوندي. اٽڪل 25 سال پوءِ پورچوگيز ٺٽي لاءِ
هيٺئين ريت لکن ٿا: ”هيءَ هڪ وڏي آبادي آهي، جنهن
۾ اٽڪل ڏيڍ لک گهر آهن، هن وقت مغلن جي هٿ هيٺ آهي
۽ سندس بندر کيس هندستان جي سموري پيدائش مثال طور
سون، چاندي ۽ موتي وغيره، مهيا ڪري ٿو.“
قريب قريب ساڳئي وقت 1631ع، پورچوگيز حڪومت جو
سرڪاي روزنامچي، ائنٽونيوبوڪارو، لکي ٿو ته ”ٺٽي
شهر ۾ 50000 کان به مٿي گهر آهن، جن مان ڪيترا پٿر
۽ گچ مان جڙيل آهن ۽ منجهن وسيع ورانڊا آهن.“
50000 ۽ 150000 گهرن جا اهي ٻئي بيان پاڻ ۾ ٺهڪي
ڪين ٿا اچن، ۽ انهن جو مقصد فقط مجموعي طور ٺٽي جي
آدمشماري جي گهاٽائي ۽ گهڻائي تي زور ڏيڻ آهي،
جيڪڏهن اسين ائنٽونيوبوڪارو جي بيان کي وزن ڏئي
گهرن جو تعداد پنجاهه هزار ئي فرض ڪريون، تڏهن به
اسين انهي نتيجي تي پهچنداسين ته انهن ۾ رهندڙن جي
جملي آدمشماري اڍائي لکن کان ڪنهن به طرح گهٽ نه
هوندي. هڪ گهر ۾ پنجن ڀاتين جو هڪ سراسري ڪٽنب،
مڙس، زال، ٽي ٻار يا ٻيا ڪي ڀاتي ۽ نوڪر چاڪر،
اڄڪلهه جي رهائشي گهرن لاءِ به ڪو گهڻو نه آهي، ۽
ان دور ۾ ته ڪٽنب انهن کان به وڌيڪ وڏا ۽ گڏيل
هوندا هئا. ائنٽونيوبوڪارو پاڻ به اسان کي ٻڌائي
ٿو ته ”هڪ ئي گهر ۾ ڪيترائي ڪٽنب گڏ رهن ٿا ۽
جيڪڏهن هندستان ۾ ماڻهو پورچوگيزن وانگر رهن ته
شهر جي زمين کان پنجوڻي زمين به هوند پوري ڪانه
پوي!“ اسان کي ٿارنٽن کان به پتو پوي ٿو ته ٺٽي جا
ڪيترائي گهر ”ٽه- ماڙ يا چئن ماڙين سان آهن.“
انهي مان اسين انهي نتيجي تي پهچون ٿا ته ان وقت
ٺٽي جي آدمشماري اڍائي لکن کان ٽن لکن تائين جي حد
کان ڪنهن به طرح گهٽ نه هئي. پنجاهه سال پوءِ،
اليگزينڊر هئملٽن (1699ع)، جو بذات خود ٺٽي ۾ آيو
هو، لکي ٿو ته اهو ”صوبي جو واپاري مرڪز ۽ هڪ
نهايت وڏو ۽ آسودو شهر هو........ اٽڪل ٽي ميل
ڊگهو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو هو.“ اها اٽڪل ساڍا 4 چورس
ميل ايراضي ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن اسين سنڌ يا هندستان
جي ڪنهن به پراڻي شهر سان ان جي ڀيٽ ڪنداسين ته
معلوم ٿيندو ته ايتري ساريءَ پکيڙ لاءِ اڍائي لکن
کان ٽن لکن آدمشماري جو تخمينو ڪنهن به طرح مبالغو
نه آهي. انهي ڪري عجب اهو آهي ته ٿارنٽن پنهنجي
گزيٽئر (1844ع) ۾ اسان کي ٻڌائي ٿو ته جنهن دور جو
حوالو هئملٽن ڏنو آهي، ان دور ۾ ٺٽي جي آدمشماري
فقط ڏيڍ لک هئي. اهو شايد ان ڪري ٿو ڀائنجي ته
اٽڪل ڏيڍ سو سال پوءِ لکندي، هو هڪ اهڙي قديم شهر
جي پکيڙ، آسودگي ۽ آدمشماري جي گهڻائي جو پوري طرح
قدر سڃاڻي ڪين سگهيو، جو سندس وقت ۾ بنهه زبون
حالت ۾ هو. هن اهو نتيجو شايد هئملٽن جي هن بيان
جي غلط فهمي مان ڪڍيو آهي ته هن جي ٺٽي اچڻ کان
ٿورو ئي اڳ پليگ جي موتمار وبا اچي منهن ڪڍيو هو،
جنهن ”ٺٽي ۽ سندس آسپاس جي علائقي ۾ ايتري ته
تباهي آندي، جو رڳو شهر ۾ اسي هزارن کان مٿي
(ڪوري) مري ويا،“ ۽ اڌ کان مٿي شهر ويران ۽ خالي
ٿي ويو.“
هڪ ٻئي سلسلي ۾ هئملٽن اسان کي ٻڌائي ٿو ته ٺٽو
علم ۽ روشني جو هڪ وڏو مرڪز هو، هو لکي ٿو ته ”ٺٽي
جو شهر مذهبيات، علم لغات ۽ سياسيات جي علمن لاءِ
مشهور مرڪز آهي ۽ هتي جي نوجوانن کي انهن علمن
سيکارڻ لاءِ وٽن چئن سون کان به وڌيڪ ڪاليج آهن.“
ڊاڪٽر سورلي البت هئملٽن جي انهي بيان جي سچائي کي
نٿو مڃي، ان هوندي به هو اهو تسليم ڪري ٿو ته هن
جو ”ايسٽ انڊيز جو نئون احوال“
(New Account of East Indies)
ڪتاب نهايت سهڻو لکيل آهي، ۽ جيڪي پنهنجي سفر جي
دوران ۾ ڏٺائين، ان بابت گهرو، وسيع ۽ عالمانه
مطالعو ۽ مشاهدو ان ڪتاب جي خصوصيت آهي.“ ساڳئي
وقت ڊاڪٽر سورلي اهو به لکي ٿو ته ”اهو بلڪل صحيح
آهي ته ٺٽو پنهنجي خوشحالي جي ڏينهن ۾ علم ۽ فن جو
هڪ وڏو مرڪز هو..... پر اهو اعتبار جي حد کان بنهه
ٻاهر آهي ته ٺٽي جيتري پکيڙ جي شهر ۾ علم جا ايترا
ڪي مرڪز موجود هوندا، جنهن ۾ هڪ سوا اسڪول به جيڪر
گهڻا ٿين. هئملٽن جي بيان مان قابل اعتبار نتيجو
فقط اهو ڪڍي سگهجي ٿو ته ٺٽي ۾ ”مڪتبن“ ۽ ”مدرسن“
جو هڪ وڏو تعداد هو، جن ۾ ڪيترائي شاگرد هئا ۽
جيڪي اسلامي تعليم جي عالمن جي زير هدايت هوندا
هئا.“ هن سلسلي ۾ هئملٽن جيڪو مقصد ”ڪاليج“ مان
ورتو آهي سو سمجهڻ ضروري آهي. هئملٽن جي وقت جي
ڪاليج مان مراد اڄڪلهه جو ڪاليج وٺڻ نه گهرجي ۽
انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته هئملٽن جي ”ڪاليج“ مان مراد
”مڪتب“ يا ننڍو ”ملا اسڪول“ ئي هو. اهي مڪتب، جن ۾
ملا شاگردن جي هڪ ٿوري تعداد کي پڙهائيندا آهن، اڄ
به صوبي ۾ موجود آهن ۽ سندن تعداد به ڪافي آهي،
جيتوڻيڪ انهن ”ڪاليجن“ جي حيثيت جديد طرز جي منظم
اسڪولن جي ڀيٽ ۾ بيشڪ گهٽ هوندي پر هئملٽن انهن
مڪتبن جو جيڪو تعداد ڄاڻايو آهي، ان ۾ شڪ ڪرڻ ڪنهن
به طرح جائز نه آهي. هئملٽن جو احوال ڪنهن به يڪ
طرفي يا پاس خاطري کان پاڪ آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي
ڪابه ”ڳالهه “ ثابت ڪرڻي ته هئي ڪانه، هن کي انهي
ڪري ئي عام طرح هڪ اعتبار جوڳو تبصري نگار تسليم
ڪيو ويو آهي. خاص طرح، هن جي انهي بيان کي هڪ ٻئي
بيان منجهان پڻ تائيد ملي ٿي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته
هن جي ”گهري دوستي هڪ سيد سان هئي، جو مذهبيتا جو
استاد هو ۽ هڪ ڪامياب مؤرخ سمجهيو ويندو هو-“ ۽
لاشڪ هن کي اها معلومات پنهنجي انهي مقامي دوست
وٽان حاصل ٿي هوندي. ٻئي طرف اسان وٽ ساڳئي وقت هڪ
مقامي تبصري نگار، فريد بکريءَ، جي شاهدي به موجود
آهي، جو هئملٽن کان پنجويهه سال اڳي ٻڌائي ٿو ته
”ٺٽي ۾ درويشن، عالمن ۽ شاعرن جو تعداد شمار کان
ٻاهر آهي......صرف نحو، مذهبيات ۽ شعر جو گهڻو
رواج ۽ چرچو آهي. توري ۾ ٺٽو ’عراق ثاني‘ آهي“ هن
منجهان هئملٽن جي بيان جي مڪمل تصديق ٿئي ٿي ۽ ان
منجهان، لازمي طور اهو ئي نتيجو نڪري ٿو. خود
ڊاڪٽر سورلي به مڃي ٿو ته ٺٽي ۾ مشرقي طرز جي
اسڪولن جو هڪ وڏو تعداد موجود هو. هنن سڀني ڳالهين
مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٺٽو هڪ وسيع شهر هو ۽ منجهس
ڪافي آدمشماري هئي.
جيڪڏهن اسين هئملٽن جي اسڪولن بابت بيان کي صحيح
تسليم ڪريون ته پوءِ اسڪول ويندڙ ٻارڙن جي جملي
آدمشماري سان نسبت جو اندازو لڳائڻ دلچسپ ٿيندو.
هئملٽن جي ڏينهن جي ’ڪاليج‘ ۾ ’خطابين‘ يا طالب
علمن جو سراسري تعداد معلوم ڪرڻ ممڪن نه آهي پر
برٽن اسان کي ٻڌائي ٿو ته مٽياري جي هڪ اسڪول ۾،
”60 کان 80 شاگرد“ هئا. هاڻي هڪ ڪاليج ۾ فقط سٺ
شاگرد فرض ڪجن ۽ جيڪڏهن هئملٽن جي بيان کي تسليم
ڪجي ته اهي ڪاليج، چئن سون کان به وڌيڪ هئا ته
پوءِ انهن اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو
تعداد 24000 کان مٿي ٿيندو، جيڪڏهن تعليم يافته
ماڻهن جو انداز 10 سيڪڙو فرض ڪجي (۽ سترهين صدي ۾
تعليم يافته ماڻهن جو اهو سيڪڙو ڪافي وڌيڪ معلوم
ٿيندو) ته پوءِ ٺٽي جي جملي آدمشماري 250000 ماڻهن
جي لڳ ڀڳ اچي بيهندي ۽ تعليم يافته ماڻهن جو سڪڙو
جيترو گهٽ شمار ڪبو، اوترو آدمشماري وڌيڪ ٿيندي.
ان کانپوءِ اسان کي اوائلي اڻويهين صدي جي انگريز
آفيسرن جا احوال ملن ٿا. پر خود اهي مغرور ۽ مدمغ
سياسي ڪامورا، جن ٺٽي کي زبون حالت ۾ ڏٺو، اسان کي
ٻڌائين ٿا ته جڏهن شهر پنهنجي بلندين تي هو، تڏهن
هڪ وڏو بين الاقوامي مرڪز هو، منجهس تمام گهڻي
آدمشماري هئي، سندس واپار نهايت وسيع ۽ دور ديسن
مان هلندڙ هو. پاٽنجر (1816ع) ۾ لکي ٿو ته پنهنجي
ڏينهن ۾ ٺٽو ”ايشيا جي خوشحال ترين شهرن مان هڪ
هو،“ ۽ هندستان ۽ وچ ايشيا جي وچ ۾ واپار جو مکيه
مرڪز هو، جنهن جي شان شوڪت ۽ دولت جيتوڻيڪ رفته
رفته گهٽجي وئي آهي، پر نادرشاهه جي ڪاهه (1739ع)
جي ويجهي دور ۾ به ”هن شهر ۾ لونگين ٺاهڻ جا
چاليهه هزار ڪاريگر هئا ۽ صرافن، ڏيتي ليتي ڪندڙن،
دڪاندارن ۽ اناج وڪڻندڙن کانسواءِ جن جو تعداد
اٽڪل سٺ هزار هو. ٻين قسمن جي هنرن جا ڪاريگر به
اٽڪل ويهه هزار هئا.ان طرح نادر شاهه جي ڪاهه وقت
هر قسم جو پورهيو ڪندڙ ماڻهن جو تعداد اٽڪل 120000
هو، ۽ کڻي ان ۾ ڪجهه مبالغو به هجي، تڏهن به
خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته ٺٽي جي جملي آدمشماري
گهٽ ۾ گهٽ اڍائي لک هئي.
ڊاڪٽر ڪينيڊي (1840ع) پڻ ٻڌائي ٿو ته ٺٽي جو شهر
جيتوڻيڪ زبون حالت ۾ هو پر پهرين نگاهه ۾ سندس
نظارو نهايت گهڻو ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ پرڪشش هو ۽ ڪنهن
وقت ”سندس آدمشماري ٻه سئو پنجاهه هزار (اڍائي لک)
هئي.“ بدقسمتي سان هن پنهنجي انهي معلومات جو
ذريعو ڪو نه ڄاڻايوآهي پر سندس اچڻ وقت ٺٽو جنهن
زبون حالت ۾ هو، ان کي ڏسي هن کي انهي بيان تي
اعتبار ڪرڻ مشڪل ٿي لڳو. پر ساڳئي وقت هو ٻڌائي ٿو
ته ٺٽي منجهه ڇهن چورس ميلن جو هڪ قبرستان هو،
جنهن ۾ مزارون ۽ قبرون ڪنهن به طرح ڏهن لکن کان
گهٽ نه هونديون! جيتوڻيڪ اهو هڪ عجيب ڌڪو چئبو، پر
ان ايراضي ۾ هوند چاليهه لک قبرون کوٽجي سگهن ۽ هت
ته ايراضي جو ڪو حصو به بيڪار نه آهي!“ جنهن شهر
جي قبرستان ۾ ڏهه لک قبرون هجن، ان جي آدمشماري
ڪيتري هوندي، ان جو بيان ڪرڻ بدران فقط تصور ئي
ڪجي ته بهتر!
ان کانپوءِ اسان وٽ برٽن (1851ع) جي شاهدي آهي، جو
اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”ٺٽي جي آدمشماري، سندس آسودن
ڏينهن ۾ به سوا اسي هزار (ٻه لک اسي هزار) هئي.“
هاڻ اسين ڏسي چڪا آهيون ته هندستان جي وڏن شهرن جي
آدمشماري بابت جيڪي ڪجهه مورلينڊ چيو آهي تنهن جي
تصديق ٺٽي جي باري ۾ ان دور جي لکندڙن جي احوالن
مان ٿئي ٿي، ۽ انهي راءِ ۾ ڪو به مبالغو نه ٿيندو
ته مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾، جڏهن ٺٽو
آسودگي ۽ خوشحالي جي بلندي تي هو، سندس آدمشماري
هر حالت ۾ اڍائي لکن جي هيٺئين حد تائين ضرور پهتي
هوندي.
سنڌ جا ٻيا شهر
جيئن اڳئين هڪ باب ۾ اسين چئي آيا آهيون، سترهين
صدي ۾ سنڌ ۾ ٺٽي کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي شهر
موجود هئا: انهن منجهان وڌيڪ مکيه شهر، نصرپور،
سيوهڻ، لهري بندر ۽ بکر هئا. انگريزي ڪوٺين جي
احوالن مطابق، نصرپور ”ٺٽي کان وڏو نه، ته به ٺٽي
جيترو ئي وڏو شهر هو،“ ۽ جيتوڻيڪ مغلن ۽ اوائلي
ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي ٻين شهرن جي آدمشماري
معلوم ڪرڻ ممڪن نه آهي، پر اسين ايترو يقين سان
چئي سگهون ٿا ته ان دور ۾ سنڌ جا شهر مجموعي طرح
جيئن ته صنعتي ڪاروبار سان ان وقت ڀرپور هئا،
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏا ۽
آدمشماري جي لحاظ کان وڌيڪ آباد ۽ وسيل هئا.
ڪل شهري آدمشماري
هاڻي، جيڪڏهن اسين پنهنجي حساب لاءِ، ٿارنٽن جو
تخمينو ئي کڻي تسليم ڪريون- جيتوڻيڪ اهو تخمينو سڀ
کان ڪنجوسائي وارو آهي- ته ٺٽي جي آدمشماري فقط
ڏيڍ لک هئي، ته پوءِ رڳو سنڌ جي ٻن مکيه شهرن- ٺٽي
۽ نصرپور (جو ٺٽي جيڏوئي شهر هو) جي گڏيل آدمشماري
ئي ٽي لک ٿيندي، ٻئي طرف انگريزن جي سنڌ کي سلطنت
سان ملائڻ وقت شهري آدمشماري فقط 8ء1 لکن جي قريب
هئي.
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ڪيترائي پراڻا شهر موجود
هئا پر ٺٽي جي آدمشماري فقط 12000 ڏيکاري وئي آهي
۽ نصرپور ته ماڳهين ٿارنٽن جي لسٽ ۾ آهي ئي ڪو نه،
جيڪڏهن اسين کڻي اهو فرض ڪريون ته سترهين صدي جي
وچ ڌاري ٺٽي ۽ نصرپور کانسواءِ سنڌ جي باقي سمورن
شهرن جي آدمشماري، انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ واري
وقت جيتري ئي هئي، تڏهن به ان دور ۾ سنڌ جي جملي
شهري آدمشماري ڪنهن صورت ۾ چئن لکن کان گهٽ نه
هوندي. انهي بنياد تي جيڪڏهن شهري آدمشماري جي
جملي آدمشماري سان سراسري نسبت 1881ع – 1911ع واري
دور واري ساڳي فرض ڪجي ته پوءِ صوبي جي جملي
آدمشماري 44 لکن کان گهڻي گهٽ نه هوندي پر اڃا به
جيڪڏهن اين 1881ع-1941ع واري سموري دور جي سراسري
نسبت (14 سيڪڙو) وٺون، جنن لاءِ انگ اکر موجود آهن
۽ ان مڃڻ لاءِ اسان وٽ ڪو به سبب موجود ناهي ته
سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ جڏهن آمدرفت ۽ رسل و رسائل
جا ذريعا نهايت اڻپورا ۽ خراب هئا، شهري آدمشماري
جي جملي آدمشماري سان نسبت ڪا موجوده وقت جي نسبت
کان وڌيڪ هوندي ته پوءِ سنڌ جي جملي آدمشماري ٽيهن
لکن جي لڳ ڀڳ هئڻ گهرجي. جي ڪلهوڙن جي دور جي مٿين
حد لاءِ اسان جو تخمينو آهي، انهي ڪري ڊاڪٽر سورلي
جو اهو بيان گهٽ تعجب خيز نه آهي ته ”هن جي راءِ
موجب اهو ئي کٽڪي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته مغلن ۽
ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ آدمشماري ڏهن لکن کان بنهه مٿي
نه هوندي“ سڀ کان وڌيڪ تعجب ته سندس هن چوڻ تي لڳي
ٿو ته ”ائين ٿو ڀانئجي ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن
۾، آدمشماري ڪافي حد تائين ساڳي رهي هئي ۽ ان لاءِ
سبب آدمشماري ڪافي حد تائين ساڳي رهي هئي ۽ ان
لاءِ سبب هي آهي ته آبپاشي جا ذريعا ساڪن ۽ غير
متبدل هئا.“ ان سلسلي ۾ اهو ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو ته
ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ آبپاشي جا ذريعا ڪنهن به طرح بي
تحرڪ ۽ ساڪن نه هئا ۽ پوک هيٺ ايراضي به ڪافي هئي،
جيئن اڳيئي لکيو ويو آهي، ڪلهوڙن سنڌ ۾ آبپاشي کي
گهڻي ۾ گهڻي ترقي ڏياري ۽ صوبي ۾ واهن ۽ شاخن جي
هڪ ڄار وڇارائي ڇڏي هئائون، جن مان ڪي واهه اڃا
تائين وجود آهن. ڊاڪٽر سورلي خود اسان کي ٻڌائي ٿو
ته ”سنڌ، هندستان ۾ هميشه کان آبپاشي ۾ پيش رو ۽
اڳواڻ صوبو رهي آهي ۽ منجهس تاريخي دور کان وٺي
واهن ۽ واٽر ڪورسن جو هڪ پختو سرشتو جاري رهيو
آهي، جنهن کي اهڙن انسانن ٺاهيو جوڙيو آهي، جن کي
قدرت جي ان سوغات کي استعمال ڪرڻ جي چڱي پر ڄاڻ
آهي. سنڌ ۾ زباني روايتون ڪيترن ئي موجوده واهن کي
ڪلهوڙن جي ڪوششن ۽ قوت سان منسوب ڪن ٿيون.“ ٻئي
ڪنهن هنڌ اڃا به وڌيڪ زور ڏيندي لکي ٿو ته
”هندستان ۾ آبپاشي جي مجموعي حالت ڪهڙي به رهي هجي
۽ گهڻا لکندڙ چون ٿا ته آبپاشي کي بنهه نظرانداز
ڪيو ويو هو. هندستان سياحن جا اهي تنقيدي احوال
سنڌ متعلق بلڪل صحيح ته آهن..... انهي لاءِ ڪافي
اطمينان جوڳا ثبوت موجود آهن ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي
ڏينهن ۾ سنڌ اندر آبپاشي کي هوشياري ۽ ڪاريگري سان
استعمال ڪيو ويندو هو“ ۽ ”اهو فرض ڪرڻ بلڪل صحيح
ٿيندو ته (1843ع) ۾ ٽالپرن کان جيڪو واهن جو سرشتو
حاصل ڪيو ويو. سو سرڪاري تعميرات جي اهڙن ڪارنامن
جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ انهي
کان به وڌيڪ ڪامياب ۽ ڪارائتا هئا.“ ڊاڪٽر سورلي
جو هي زوردار رايو، خود سندس ئي ان بيان سان نٿو
ٺهڪي ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي آبپاشي
غير ترقي يافته يا ساڪن ۽ بي تحرڪ هئي، انهي ڪري
سندس اهو نتيجو ته انهي دور ۾ سنڌ جي آدمشماري
”ساڳي“ رهي، بلڪل غلط ۽ اجوڳ معلوم ٿئي ٿي.
حاصل مطلب:
هاڻ اسين ڏسي چڪاسين ته مغلن جي دور جي اوائل ۾
سنڌ جي آدمشماري لڳ ڀڳ ويهه لک هئي ۽ اوائلي
ڪلهوڙن جي دور ۾ اها ٽيهن لکن جي بلندي تي وڃي
پهتي هئي ۽ پوءِ ڪيترن ئي سببن جي ڪري جن سنڌ جي
معاشي حالتن ۾ هڪ مجموعي تنزل آندو، سنڌ جي
آدمشماري ٽالپرن جي دور جي پوري ٿيڻ تي 1843ع ۾
گهٽجي وڃي پندرهن لکن تي بيٺي، ان کانپوءِ وري
آدمشماري وڌڻ جو لاڙو ڏيکاريو آهي ۽ اڄ سندس
آدمشماري پنجاهه لکن کان به مٿڀري آهي.
اوڻويهين صدي جي انگريز لکندڙن جي تصديق هوندي به
ڊاڪٽر سورلي کي ”اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي ته آيا
ٺٽي جي زوال سان گڏ جو صنعتي تنزل ۽ سوٽي ڪپڙي جي
صنعت جو زوال شروع ٿيو، سنڌ جي آدمشماري به ان سان
گڏ ساڳئي ئي وقت گهٽجڻ شروع ٿي؟ ان جو سبب محض
صنعتي تنزل نه هو، بلڪه صوبي جي سموري معيشت جي
زوال پذير ٿيڻ ۽ ٽٽي پوڻ ڪري ئي گهٽجڻ لڳي. 1843ع
تي ختم ٿيندي صديءَ جو وڏو حصو، صوبي لاءِ سياسي
بي آرامي ۽ ڏڦيڙ جو دور هو. پوين ڪلهوڙن جو مسلسل
گهرو لڙائيون، دائود پوٽن، ٽالپرن ۽ ڪڇ جي حاڪمن
سان موتمار چڪريون، نادر شاهه، احمد شاهه ابدالي،
زمان شاهه، مدد خان ۽ ٻين جون ڪاهون، سنڌ جي
سمورين صنعتن ۽ واپار جو زوال، دريا جي وهڪري جون
تباهه ڪن ڦيريون گهيريون ۽ ٺٽي ۽ ٻين مکيه شهرن جو
زوال ۽ لڏپلاڻ، اٿلندڙ وبائون، ڏڪار ۽ ٻوڏون،
ٽالپرن جا ظلم ۽ سندن حڪومت جي بدانتظامي- آبپاشي
کي نظرانداز ڪرڻ ۽ زرخيز زمين کي شڪارگاهن ۾ تبديل
ڪرڻ، ٽالپرن جي ڏاڍاين جي ڪري هندن جي لڏپلاڻ
وغيره، اهي سموريون ڳالهيون جيڪڏهن آدمشماري کي
گهٽائڻ جو سبب نه بڻجن ته اهو هوند عجيب واقعو ٿي
پوي!
.
1931ع ۾ ڇانوڻي سميت ان جي آدمشماري 63ء3 لک
هئي. ۽ 1941ع جي آدمشماريءَ موجب 87ء3 لک هئي.
.
1607ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجي ڪپتانن کي
”لاري (لهري بندر) ڏانهن جهاز وٺي وڃڻ لاءِ
حڪم ڏنو، جيڪو ننگر ٺٽي کان ٻن ميلن جي مفاصلي
تي هو، اهو شهر (ننگر ٺٽو، لنڊن جيترو ئي وڏو
شهر هو.“ (حوالو- ايبٽ، ”سنڌ“، ص 68)
.
ڏسو اينسائيڪلوپيڊيا برٽئينڪا، 11 ڇاپو، جلد
16، ص 965 سترهين صدي ۽ ارڙهين صدي ۾ لنڊن جي
آدمشماري جا تخمينا هيٺ ڏجن ٿا.
1605ع – 324275
1622ع – 272207 تخمينو – ڊاڪٽر ڪريٽن
1637ع – 339824
1661ع – 460000 تخمينو – جان گرانٽ
1682ع – 670000 تخمينو – سر وليم پيٽي
1700ع – 670000 1810ع جي آدمشماري
رپورٽ.
.
پورچوگيز رڪارڊ- ”نوٽيشا ڊا انڊيا“، جلد
پهريون، 1475- 1744ع پبلڪ لئبريري جي قلمي
نسخن مان مرتب ڪيل جللد 28-2-A،
ص ص 174- 175
.
ائنٽونيو بوڪارو جي سنڌ جي احوال جو ترجمو-
ميئرس من، جي ايس ايڇ ايس جلد 2، ڀاڱو 4، ص 24
.
ٿارنٽن، ”گزيٽيئر“، جلد 2، ص 267
.
هئملٽن، ”اڪائونٽ آف دي ايسٽ انڊيز، ص 75
.
ٿارنٽن، ”گزيٽيئر“، جلد 2، ص 267
|