سنڌ جي اڳين حاڪمن، انهيءَ اصول کي چڱيءَ پر
سمجهيو هو، انڪري هنن درياءَ جي ڪنڌين کان اوڀر
طرف ۽ اولهه طرف اڀا ۽ ڏني رخ تي پنهنجا واهه
پوٽايا. اهي آهن سنڌ جا ”آب ڪلاني واهه“- ۽ انهن
جي پاڻيءَ جي مقدار ۽ سندن وهڻ جي عرصي جو
دارومدار درياءَ جي سطح تي آهي. درياءَ جي سطح
هماليه جبلن تي برف جي ڳرڻ سان وڌڻ شروع ٿي
ڪري-بهار جي مند اچڻ سان درياءَ جي سطح وڌڻ شروع
ٿي ٿئي، جڏهن اوهارن جي پڇاڙين ۾ چوماسي ٿئي ٿو،
تڏهن برفون وڌيڪ ڳرڻ شروع ٿين ٿيون ۽ مينهن پوڻ
سان درياءَ جي وهڪري ۾ پاڻي ڀرجڻ ۽ گڏ ٿيڻ شروع
ٿئي ٿو- ۽ سمورو درياءَ ڪنڌين تار ٿيو وڃي. جڏهن
درياءَ ٻوڏ واريءَ جھد تي پهچي ٿو، تڏهن واهه به
پاڻيءَ سان ڀرجيو وڃن ۽ اتان پاڻي هيٺ زمينن ڏانهن
وهڻ شروع ٿو ڪري- ۽ سڄي ملڪ ۾ زمين پوکن هيٺ آندي
وڃي ٿي. چوماسي پوري ٿيڻ تي، پاڻيءَ جي سطح لهڻ
شروع ٿئي ٿي- واهن جو وهڻ به بند ٿيو وڃي- ۽ پوکڻ
جي مند پوري ٿئي ٿي. هميشه وهندڙ ۽ بئريج سرشتي
کان اڳ ۾، سنڌ ۾ ڪن ٿورين حالتن کان سواءِ پوکڻ جو
عام دستور اهوئي پئي رهيو آهي.
آبپاشيءَ جا طريقا:
مقامي حاڪمن جا کوٽايل واهه گهڻي ڀاڱي آبڪلاڻي
واهه هوندا هئا. جهونو سنڌي طريقو اهو هو ته
درياءَ جون قدرتي شاخون به استعمال ڪيون وينديون
هيون ته نوان واهه به پوٽايا ويندا هئا- سنڌ جا
قديم واهه سڀئي ڪي هٿراڌو کوٽايل ڪينهن-، جيتوڻيڪ
قدرتي واهن ۽ هٿراڌو کوٽايل واهن ۾ فرق ڳولڻ سولو
نه آهي.
ڊيل هوسٽ جي لکڻ موجب درياءَ جون ڪي قدرتي شاخون
هي آهن: پراڻ، نارو، ارل، ڦليلي، ڦٽو، گوني،
پنڃاري، لکي ۽ بگهاڙ.درياءَ جي ساڄي ڪپ تي، سکر
کان سيوهڻ تائين- جنهن کي اڳي چندوک سڏيو ويندو
هو-، ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ دوآبي (ڊيلٽا) واري ڀاڱي ۾ زمين
جي سطح گهڻو ڪري بين هنڌن جي ڀيٽ ۾ هيٺانهين آهي،
۽ اهي ئي ايراضيون سهيون، جتي پراڻن واهن ذريعي
آبپاشي ٿي سگهندي هئي- ۽ باقي ملڪ ۾ فقط چرخي
آبپاشي ئي ممڪن هئي.
انهيءَ حقيقت جي رڪارڊ توڙي ڏند ڪٿا جئن مان گهڻي
ثابتي ملي ٿي ته اڳين وقتن ۾، سنڌ ۾ آبپاشي هيٺين
طريقن سان ٿيندي هئي- يعني چرخي، موڪي ۽ بوسي.
پهرئين طريقي ۾ مٿينءَ سطح تي پاڻي پهچائڻ لاءِ هڪ
اوزار ڪم آندو ويندو هو، جنهن کي ”هرلو“ سڏيو
ويندو هو. انهيءَ کي ”چاڙهي واري آبپاشي“ سڏيو
ويندو- ڇو ته انهيءَ ۾ هرلي ذريعي پاڻي مٿي کني،
زمين ڏانهن نينو پوندو هو: انهيءَ هرلي ۾ ٺڪر جون
ڪنگريون ٻڌيون وينديون هيون. پر جيڪڏهن زمين
هيٺاهين هوندي هئي ۽ ڪنهن ڪڙئي يا شاخ مان پاڻي،
زمين ڏانهن وهي ٿي سگهيو- ته انهيءَ قسم جي
آبپاشيءَ جي سرشتي کي ”موڪي“ يا ”وهڪري جي آبپاشي“
سڏيو ويندو هو، انهيءَ سرشتي ۾ ڪنهن به اوزار جي
ضرورت نه پوندي هئي. ڪڏهن ته وري انهن ٻنهي سرشتن
کي ملائي، ڪم ورتو ويندو هو. جڏهن واهه ۾ پاڻيءَ
جي سطح اوچي هوندي هئي، ته قدرتي طرح هيٺ ٻنين ۾
پاڻي پهچي ٿي سگهيو. آبڪلاڻيءَ جي مند جهڪي ٿيندي
ئي هاريءَ کي هرلو ڪم آڻڻو ٿي پيو. انهيءَ طريقي
کي ”چرخي-مدد- موڪي“ سڏيو ويندو هو. ٽئين طريقي کي
”بوسي“ سڏبو هو. خشڪ فصلن- ۽ خاص ڪري ڪڻڪ ۽ دالين-
جي فصلن اپائڻ لاءَ ڪم آندو ويندو هو. ٻوڏن جي وقت
۾ ٻنيون ٻارا سڀ پاڻيءَ سان تار ٿي ويندا هئا، ۽
جڏهن ٻوڏون هتي وينديون هيون، ته زمين پوريءَ طرح
نه سڪندي هئي ۽ اڃا وٽائني هوندي هئي، ته زمين کي
دستوري طرح هر ڏيئي، کيڙي پوک ڪئي ويندي هئي-
انهيءَ پوک کي زمين ۾ رچي ويل پاڻيءَ مان کاڄ
ملندو هو. درياءَ جي ٻنهي طرفن تي ڪافي ايراضيءَ
تي انهيءَ نموني زمين پوک هيٺ آندي ويندي هئي- ۽
خاص ڪري اتر سنڌ ۾، جتي چيڪي زمين هوندي هئي، اتي
اهو رواج گهڻو هو. انهيءَ طريقي سان زمين تي ٻئي
فصل خريف ۽ ربيع پوکي سگهبا هئا- ۽ واهن جي حالت ۾
ته رڳو خريف ئي پوکي سگهبو هو، ڇو ته واهه ته
آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ ئي وهندا هئا. آبپاشيءَ جو
اهو طريقو اڄ تائين هلندو اچي. 1699ع جهڙي آڳاٽي
وقت ۾ به هئملٽن اسان کي ٻڌائي ٿو ته، ”سنڌو
درياءَ، اپريل، مئي ۽ جون مهينن ۾ اٿلي هيٺاهين
زمينن کي پاڻيءَ سان ڀريو ڇڏي، ۽ جيئن ئي ٻوڏون
ختم ٿين ٿيون، ته زمين تي ريجائتي مٽيءَ جو ٿلهو
تهه ڇڏيو وڃي، جنهن کي هاري ماڻهو سڪڻ کان اڳ
ڏاڍيءَ سولائيءَ سان کيڙيو ڇڏين. انهيءَ نموني سان
کيڙي، ٻج ڇٽي ڇڏڻ سان زمين ٺاهوڪا فصل پيدا ڪري
ٿي. اهو طريقو اڳ ۾ درياءَ جي ڪنڌين وارين ايراضين
تي استعمال ڪيو ويندو هو، پر پوءِ اهو واهن جي ڀر
وارين زمينن تي به استعمال ٿيڻ لڳو. اڃا چوٿون
طريقو ”چاهي“ يعني کوهن جي ذريعي آبپاشيءَ جو
طريقو به استعمال ڪيو ويندو هو، پر اهو طريقو
ايترو وڏي پيماني تي ڪو نه آندو ويندو هو- ۽ ٻيو
ته اهو رڳو سنڌ لاءِ مشهور ڪين آهي.
اهي طريقا اڄ به استعمال ۾ اچن ٿا- ۽ بئريج
ايراضين کان سواءِ ڪيترن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ اهي طريقا
ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
آبپاشيءَ جي تاريخ:
آبپاشي، سنڌ ۾ ڪا تازي ايجاد ڪانهي. اڄ به اڪثر
ماڻهو ائين سمجهندا آهن، ته سنڌ ۾ آبپاشي 33-1932ع
۾ سکر بئريج ۽ سندس واهن جي سرشتي سان شروع ٿي
آهي. برٽن چوي ٿو، ”جڏهن کان سنڌ ۾ انسان رهڻ لڳو
آهي، تڏهن کان ملڪ ۾ ضرور ندين ۽ واهن جو هڪ ڄار
وڇايل هوندو- انهن واهن مان ڪي دائمي وهندڙ هوندا،
ڪن هنڌن تي ٿڌي موسم ۾ اهي سڪي ويندا هوندا.
پنهنجي روزانن سفرن ۾ مون کي ڪافي واهن جا آثار
پئي ملندا رهيا آهن.“
جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ کي برٽش حڪومت سن ملائي
ڇڏيو، تڏهن هنن ملڪ ۾ واهن جو هڪ اهڙو سرشتو ڏٺو،
جيڪو ڪن پيڙهين بلڪ ڪيترين صدين کان موجود هو، ۽
1932ع تائين سنڌ ۾ جيڪي به واهه وهندڙ هئا، انهن
کي جيتوڻيڪ انجنيرن ڏاڍي هوشياريءَ سان سنئين سڌي
سطح تي آڻي سندن بهتر انتظام پئي رکيو، پر ان
هوندي به فقط انهن واهن جي هڪ سڌريل صورت هئي،
جيڪي 1843ع ۾ وهندا هئا- ۽ انهن ۾ ڪو قابل قدر
انقلاب ۽ تبديلي نه آئي هئي.
انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته انگريزن کان اڳ،
ملڪ ۾ آبپاشيءَ جو سرشتو، عام ماڻهن جي اندازي کان
تمام گهڻو وڌيڪ پکڙيل هو. پوسٽنس اسان کي ٻڌائي ٿو
ته ”جتي زمينون هيٺاهيون آهن، اتي وڏا وڏا سڄي ملڪ
۾ پکڙيل آهن. سڄيءَ سنڌ ۾ زمينون وڏن واهن يا سندن
واٽر ڪورسن جي نالن سان مخصوص آهن ۽ انهيءَ ڪري
جدا جدا هنڌن تي آبپاشيءَ جي سهوليتن جو موجودگيءَ
يا غير موجودگيءَ جي بنا تي ڍلن وصول ڪرڻ جو سرشتو
ٻڌل آهي.“
سنڌ ۾ واهن ذريعي آبپاشيءَ تي پنهنجي هڪ شاندار
مضمون ۾ لکي ٿو ته ”بئريج کان اڳ ۾ واهن ذريعي
آبپاشي يقيناً تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندي هئي، نه
رڳو ايترو- پر خود انگريزي حڪومت ۾ جيڪا واهن
ذريعي آبپاشي جاري ڪئي ويئي آهي، ان جو اندازو فقط
ڪن سَوَن ميلن تائين محدود آهي- ۽ ان جي مقابلي ۾
هت انگريزي حڪومت کان اڳ جي وقت جا واهه هزارين
ميلن ۾ آهن.“
سنڌ ۾ اڳوڻي وقت ٿيندڙ آبپاشيءَ بابت رڪارڊ موجود
نه آهن ۽ سر پارٽل فريئر به ٻڌائي ٿو ته سر چارلس
نيپئر جي واهن واري کاتي جي گڏ ڪيل قيمتي معلومات
جو به ڳچ حصو ضايع ٿي ويو آهي پر پراڻين روايتن
مان، ۽ انگريزي عملدارن جي سروي ڪيل موجوده قديم
واهن مان ظاهر ٿو ٿئي، ته سنڌ ۾ تمام جهوني زماني
کان واهن ۽ شاخن جي هڪ ڄار وڇايل هو، انهيءَ مان
اهو به چڱيءَ پر صاف ٿي وڃي ٿو ته سنڌ جي مانهن
هٿرادو آبپاشيءَ جي ذريعن ۾ پنهنجي هوشياري ۽
هنرمندي ڏيکارڻ ۾ ڪين گهٽايوآهي.
سنڌ ۾ واهن جي آبپاشيءَ جي لاڳيتي تاريخ وري تيار
ڪرڻ سولو ڪم نه اهي. مغلن ۽ ڪلهوڙن کان اڳ جي
حاڪمن جي آبپاشيءَ جي ڪارنامن بابت تصديق سان ڪجهه
چئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته بدقسمتاً انهن جي بنياد ۽
واڌاري جي معلومات لاءِ ڪو به علمي ذخيرو موجود نه
آهي. پر ائين فرض ڪرڻ ۾ ڪا به غلطي نه ٿيندي، ته
ڪيترائي پراڻا واهه، جي اڄ به موجود آهن، سي
ڪلهوڙن جي محنت ۽ ڪشالي جي ڪري وجود ۾ آيا. سنڌ ۾
واهن جو پهريون عظيم معمار، ميان نور محمد ڪلهوڙو
هو، جنهن سنڌونديءَ جي ساڄي توڙي کاٻي ڪنارن تي
واهن ذريعي آبپاشيءَ کي فروغ ڏنو. هن 1719ع ۾ مغل
شهنشاهت جي هڪ صوبيدار جي حيثيت ۾ سنڌ تي حڪومت
ڪرڻ شروع ڪئي. هن جي حڪومت هيٺ، پهرين فقط ملتان
کان سيوهڻ وارو ملڪ هو-۽ نيٺ 1736ع ۾ ڏکڻ سنڌ تي
به قبضو ڪيائين. اهو ئي محدود آهن، جتي هن کي
پهرين پهرين اختياري نصيب ٿي.
نور محمد ڪلهوڙي جاکوٽايل واهه:
گهاڙ واهه جون ٽي مکيه شاخون، آبپاشيءَ جي هن عظيم
معمار جي ڪري وجود ۾ آيون. ”نورو واهه“ تي اهو
نالو به هن جي نالي پٺيان پيو- ۽ ’شاهه جي ڪڙ‘ وري
هن جي نامياري وزير شاهه بهاريءَ کوٽايو.
انهيءَ ساڳئي شاهه بهاري ” چند وک“ (هاڻوڪو
لاڙڪاڻو) واري حصي ۾ ڪيترائي واهه کوٽايا. ”ڏاتي
جي ڪڙ“، جيڪو هينئر موجود ڪونهي، ميان نورمحمد جي
ئي وقت ۾ ڏاتو کهڙو نالي هڪ شخص کوٽايو، جو پنهنجي
وقت ۾ هڪ دولتمند ماڻهو هو ۽ واهن کوٽائڻ ۾ چڱو
نالو ڪڍيو هئائين. اپر سنڌ ۾ ”بيگاري واهه“ جي
مکيه شاخ ” نور واهه“ جيڪا اڃا موجود آهي، سا به
هن ئي ڪلهوڙي حاڪم جي وقت م وجود ۾ آئي. نوشهري
ڊويزن ۾ ”نصرت واهه“ به هن جي وقت ۾ نصرت خان
چانڊئي نالي هڪ شخص کوٽايو هو. مراد، باگ ۽ فيروز
واهه، هن جي ٽن مشهور درٻارين مراد ڪلهوڙي باگي
سيال ۽ فيروز وير کوٽايا. نصرت واهه، جنهن ۾ انهن
ٽن واهن جون ڪي شاخون اچي ٿيون وڃن، هاڻي بئريج
سرشتي ۾ هاڻوڪي روهڙي ڪئنال جي هڪ مکيه شاخ بنجي
پيو آهي.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، ته ڪلهوڙن سردارن پيا به
ڪيترائي واهه کوٽايا- پر باقي واهن مان وڌيڪ مشهور
حيدرآباد ضلع جو سرفراز واهه آهي، جنهن لاءِ چيو
وڃي ٿو ته آخري ڪلهوڙي حاڪم ميان سرفراز خان
کوٽايو هو.
ٽالپرن جي وقت ۾ آبپاشي:
ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر آيا. جيڪو رڪارڊ موجود آهي،
ان مان اهو پتو ٿو پوي ته سنڌ جي واهن جو انتظام
ٽالپرن جي وقت کان ڪلهوڙن جي حڪومت م وڌيڪ سٺو هو.
ٽالپرن پنهنجي گهرو جهڳڙن جي ڪري ملڪ سڄو ورهائي
پتيون پتيون ڪري ڇڏيو- ۽ نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ جي
مجموعي حالت ڏينهون ڏين هن خراب ٿيندي ويئي، ۽ ان
سان گڏ واهن جي انتظام تي به ڪن هن ڌيان ڪو نه
ڏنو. ٽالپر، آبڪلاڻي واهن جي سالياني کاٽيءَ لاءِ
پئسي ڏيڻ ۾ خاص ڪري ڪنجوسي ڪندا هئا، انڪري واهن
جي ذريعي آبپاشيءَ کي ڌڪ لڳو. پوسٽنس، انهيءَ
سلسلي ۾ هي رمارڪ پاس ڪيو آهي- ”ههڙي ملڪ ۾ ظاهر
آهي ته پيداوار کي ڪجهه قدر وڌائڻ لاءِ پورهئي ۽
تنظيم جي ئي سخت ضرورت آهي، پر انهيءَ ڏس ۾ وسيلن
جو بنهه خيال نه ڪيو ويو آهي. نتيجو اهو ٿيو آهي
جو ڪيتريون ئي زرخيز زمينون، واهن جي انهيءَ خراب
حالت جي ڪري غيرآباد ۽ ويران بنجي ويون آهن.
حاڪمن، ڪڏهن ڪڏهن بنا اجوري ڏيڻ جي مزورن کي ڪم تي
بيگر ۾ وهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نتيجو ڪو به نه
نڪتو. حاڪمن جي لالچ جي ڪري، خود سندن ئي مقصدن کي
ڌڪ پئي لڳو“.
جيتوڻيڪ ٽالپرن جي آبپاشيءَ جا ڪارناما گهڻا ڪين
آهن، تنهن هوندي به واهن کوٽائڻ ۾ هنن ٿورڙو حصو
ضرور ورتو. لئمبرڪ اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”سنڌ ۾
ڪيترائي نصير واهه آهن- جي هر هڪ ضلع ۾ ”مير واهه“
جي نالي سان وهن ٿا-، ۽ ميرن جي زماني ۾ کوٽايل
واهن جو انداز ڪافي ميلن ۾ هوندو.“ اڻويهين صديءَ
جي گهڻو ڪري سڀني مؤرخن، ٽالپرن جي زماني ۾
آبپاشيءَ جي انتظام تي ڪافي نڪته چيني ڪئي آهي. پر
جيئن ته ٽالپرن کي سڄو ملڪ پنهنجو پاڻ ۾ ورهاست
ڪري کڻڻو هو، انهيءَ ڪري انهن اهو ئي بهتر سمجهيو
ته ملڪ ۾ پنهنجي پنهنجي نالي پويان هر ڪو جدا واهه
ٺهرائي ڇڏيون. نتيجو اهو نڪتو ته دريا مان ٻنهي
پاسن تي ڪيتريون شاخون ٺهيون، جي ميلن ۾ هڪٻئي سان
پوريءَ وڇوٽيءَ تي وهنديون هيون.
حاصل مطلب:
مٿئين بحث مان اهوئي لازمي نتيجو ٿو نڪري ته سنڌ ۾
هٿراڌو آبپاشي پراچين وقتن کان هلندي ٿي اچي، پر
انهيءَ جو سمورو دارومدار وقت جي مقامي حاڪمن جي
تجربي ۽ قدرتي قابليت تي هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي
ته انهن کي هاڻوڪي وقت جي سائنسي معلومات ته موجود
ٿي نٿي سگهي: جيتوڻيڪ ماڻهن کي اڄڪلهه واري منظم
آبپاشيءَ جي طريقن جي خبر ڪا نه هئي، ان هوندي به
واهن جو عام رخ اڪثر ڪري ڏاڍو سٺو هوندو هو. جهونا
واهه، خامين کان خالي ڪو نه هئا- پر جي اسين انهن
کي اڄوڪي معيار سان ڀيٽينداسين ته اهو ظاهر ٿيندو
ته سنڌ جي حاڪمن، نه رڳو گهڻو ڪم ڪيو، پر ساڳئي
وقت قابليت سان سرانجام ڏنائون.
ڊاڪٽر سورلي چوي ٿو ته ”سنڌ، آبپاشيءَ ۾ سڄي
هندستان ۾ هميشه برک پئي رهي آهي- ۽ تاريخي دور
شروع ٿيڻ کان وٺي منجهس واهن ۽ واٽر ڪورسن جو هڪ
ڪامياب سرشتو پئي رهيو آهي. هندستان جي ٻين صوبن ۾
آبپاشيءَ جو ڪو به خيال ڪو نه ڪيو ويندو هو، پر
سنڌ ۾ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ آبپاشيءَ جي سرشتي
کي ڏاڍي قابليت سان هلايو ويندو هو“. وڌيڪ ٻڌائي
ٿو ته ”برينر، جيڪي هي چيو آهي ته ”زمين زور ڀرڻ ۽
دٻاءَ وجهڻ کان سواءِ نٿي کيڙي وڃي- ۽ کاهين ۽
واهين جي مرمت ڪرڻ لاءِ ڪو به شخص تيار ڪونهي“- سو
سنڌ سان لاڳو ٿي نٿو سگهي.“ انهيءَ ڪري چئجي ٿو ته
سنڌ ۾ آبپاشيءَ کي اقتصادي حياتيءَ ۾ هڪ فخر ڪرڻ
جهڙي جاءِ هاصل آهي، ۽ آبپاشي هڪ بنيادي چيز آهي.
سنڌ ۾ ڪلهوڙا خاص ڪري واهن جي کوٽائيءَ، مرمت ۽
صفائيءَ جتي گهڻو ئي خرچ ڪندا ۽ ٻيون تڪليفون
وٺندا هئا. مسٽر لئمبرڪ جو اهو قول سچ کان خالي نه
آهي ته ميان نور محمد تي نادر شاهه، 1739ع ۾ جيڪو
20 لک روپيه ساليانو ڏن رکيو هو ۽ جنهن کي ڪيترن
سالن تائين احمد شاهه ابدالي وصول ڪندو رهيو، ۽
ميان غلام شاهه ۽ سندس جانشين جون زبردست لڙايون
ڏيکارين ٿيون ته سنڌ جو خزانو گهڻو ئي ڀريل هو“
انهيءَ ڪري ڪلهوڙن واهن ذريعي آبپاشيءَ تي ڌيان نه
ڏيڻ جي غلطي نه ڪئي، ڇو ته هنن محسوس ٿي ڪيو ته
ملڪ جي خوشحاليءَ ۽ سرڪاري ڍلن جي سلامتيءَ جو
دارومدار ئي ان تي آهي.
باب پنجون
کيتي جو سرشتو
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي وقت جا روزنامچا لکندڙ، اسان کي
ملڪ جي ان وقت جي گهٽ توجهه ڇڪائيندڙ پهلوءَ-
کيتيءَ ججي سرشتي ۽ ان جي پيداوار ۽ هارين جي
زندگيءَ-
متعلق ڪجهه ڪو نه ٿا ٻائين. هنن جي دلچسپي فقط ملڪ
جي دولت، صنعت، واپار ۽ ملڪ ۾ ٺهندڙ مال جي بهترين
خصوصيتن سان هئي. ملڪ جي عام حالت، ۽ ماڻهن جي
ڪارگذارين، خاص ڪري سندن کيتيءَ ايجنٽن ۽ آفيسرن
جي تحريرون مان ملي ٿي، جن، ماڻهن جي زندگيءَ جي
مختلف پهلوئن جو اڀياس ڪيو.
سنڌ ۾ کيتيءَ جو جيڪو سرشتو، هن دور ۾، رواج ۾ هو،
تنهن ۾ ساڳيءَ زمين کي وري وري پوکن جي بدران نيون
نيون زمينون پوک هيٺ آنديون وينديون هيون. پوسٽنس
اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”سنڌ جي ڪنهن به حصي ۾ زمين
کي سڌارڻ جي خيال کان ڀان ڏيڻ تي ڌيان ڪو نه ٿو
ڏنو وڃي- پوک جو طريقو نهايت اڻ
سڌريل آهي. اڪثر ڪري ڪنهن پڪي فصل جهڙوڪ جوئر يا
ڪمند جي پوک کان پوءِ، انهيءَ زمين کي هڪ سال لاءِ
غير آباد ڇڏي ڏنو ويندو آهي“ اڄ تائين کيتيءَ جو
اهو ساڳيو طريقو آهي. ايٽڪن، گذيٽئر آف سنڌ ۾ لکي
ٿو ته ”سنڌي هاري زمين کي زرخيز ڪندڙ چيزن مان ڪا
به مدد ڪو نه ٿو وٺي. هاريءَ جي سستي ۽ آرس جو
هڪڙو اهو به سبب آهي ته هتي جي زمين ٻين صوبن جي
مقابلي ۾ هن کي گهڻي پيداوار ڏئي ٿي. انهيءَ جي
لاءِ هڪڙو سبب هي آهي ته هت ماڻهن کي، سراسري زمين
جي ايراضي ايتري گهڻي آهي، جو ڪو هٿ ڦاڙ هاري به
پنهنجون ضرورتون انهيءَ زمين جي فقط ننڍن ٽڪرن کي
واري واري سان پوکڻ سان پوريون ڪري سگهي ٿو. باقي
جيڪي زمينون گهڻي پوک جي ڪري ڪو ٻوٽو ڪو نه ٻارين،
انهن جي هو پرواهه ئي ڪو نه ٿو ڪري.“ اونهاري ۾ ڳچ
زمينون آبڪلاڻي جي ڪري پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿيون ۽
انهي ۾ جو زرخيز رءُ ۽ لٽ اچي ٿو، سو زمين تي گڏ
ٿئي ٿو ته زمينون وري نئين سر ڀليون ٿيو پون ۽
انهي ڪري زمين کي ڀاڻ ڏيڻ ۽ ٻي محنت ڪرڻ جي هاري
ضرورت ئي محسوس نٿا ڪن. خانه بدوش قبيلا، جيڪي سنڌ
۾ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پيا ڦرندا هئا، تن به اهوئي
بهتر سمجهيو ته نيون نيون زمينون پوک هيٺ آهي ڪري
سنڌ سرشتو رواج ۾ اچي ويو.
فصلن جون مندون:
دنيا جي تاريخ ۾ کيتي جي معاملي ۾ سنڌ جو رڪارڊ
شايد قديم ترين آهي. موهن جي دڙي جي کوٽائي مان
معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾5000 ورهي اڳي به ڪڻڪ پوکي
ويندي هئي. انهي مان اسين اهو نتيجو ڪڍي ٿا سگهون
ته سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾ به ٻه فصل ٿيندا هئا: هڪڙو
سرءُ جي مند ۾ خريف جو فصل ۽ ٻيو ربيع، جنهن ۾
بهار جي مند ۾ ڪڻڪ پيدا ٿيندي هئي. خريف جا فصل
اونهاري جي سي جون ۽ جولاءِ مهينن ۾ جڏهن
آبڪلانيءَ جي موسم شروع ٿيندي آهي، پوکيا آهن ۽
آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر جي مهينن ۾ پوکيا آهن. ۽
لابارا بهار جي مند (مارچ ۽ اپريل) ۾ پوندا آهن.
سنڌ ۾ اهي به مکيا فصل آهن پر ٽيون به هڪڙو فصل
سنڌ جي ڪن حصن ۾، خريف کان اڳ ۾ پوکيو آهي، جنهن
کي ”پيشواس“ چوندا آهن؛ جنهن جو مطلب آهي ”اڳيون“
فصل، انهي کي ’اڌائو‘ به سڏيندا آهن ۽ انهي فصل جو
اناج، خريف ۽ ربيع جي اناجن جي اڌ جيترو ٿيندو
آهي. انهي نالي مان به معنى، اهائي ٿي نڪري، هن
فصل ۾ جوار ۽ مڪئي جو هڪ قسم پوکيو آهي ۽ اهو گهڻو
ڪري پوري طرح پچڻ کان اڳ ۾ کاڌو ويندو آهي. پهريون
فصل، خريف، سڄي سنڌ ۾ پوکيو ويندو آهي. هن فصل جو
سڄو دارومدار واهن جي آبپاشي تي آهي، جيڪي فقط
اونهاري ۾ آبڪلاڻي جي موسم (بوڏن جي موسم ۾ وهندا
آهن. هن فصل ۾ گهڻو ڪري ڏکڻ سنڌ ۾ چانور، جوئر ۽
ٻاجهري پوکي ويندي آهي ۽ اتر سنڌ ۾ انهن ساڳين
فصلن سان گڏ تر به پوکيا ويندا آهن، ڪپه فقط اتي
پوکي ويندي آهي، جتي پاڻي جي دائمي موجودگي هوندي
آهي ۽ سنڌ ۾ هاڻوڪي پيماني تي پيدا ٿيندڙ ڪپهه
بلڪل تازي ڳالهه آهي. سنڌ ۾ ڪمند جي پوک، ٻين هنڌن
جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ ٿئي ٿي.
ربيع جي فصل ۾ وري ڪڻڪ، جَوَ ۽ چڻا پوکيا ويندا
آهن. هي فصل گهڻو ڪري کوهن جي رستي (چرخي) يا دئمي
رهندڙ واهن ذريعي آبپاشي تي پوکيا آهن. ٻيو به
هڪڙو ريقو آهي، جنهن کي ”بوسي چيو ويندو آهي: انهي
طريقي موجب هاڻوڪي دائمي وهندڙ واهن جي سرشتي اچڻ
کان اڳ، ربيع فصل جو ڳچ حصو پڻ پوکيو ويندو هو.
اهو طريقو اتر سنڌ ۾ وارياسي چيڪي مٽيءَ وارين
جاين تي استعمال ڪيو يندو آهي، جڏهن آبڪلاڻي جي
موسم پوري ٿيڻ تي هوندي آهي، تڏهن انهن زمينن ۾
پاڻي ڇڏيو ويندو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ پاڻي اتي
ڪنهن ڍنڍ وانگر بيٺو هوندو آهي. تان جو اهو پاڻي
زمين چهي ويندي آهي ۽ سڄي پاڻيءَ سان رچي ويندي
آهي. ڪجهه وقت کانپوءِ ان کي هر ڏيئي کيڙيو ويندو
آهي. پوءِ اها زمين پوک لاءِ تيار ٿي پوندي آهي.
ٻن طريقن سان انهي زمين ۾ ٻج وڌو ويندو آهي: يا ته
ڪڻڪ جو ٻج هٿ سان ڇوٽڪاريو ويندو آهي يا وري آخري
هر ڏيڻ وقت ڪاٺ جي پوري تڙي سان زمين ۾ اونهو
اماڻيو ويندو آهي.
پهرئين طريقي کي چيو ويندو آهي ”ڇاٽو“ ۽ پوئين کي
”ناڙي“. (اهو لفظ نڙ مان ئي نڪتل آهي، جنهن جي
معنى آهي پورو ڪانو).
اتر سنڌ ۾ ربيع فصل واهن جي ذريعي آبپاشي ڪرڻ سان
پوکڻ سولو هو پر سڄيءَ سنڌ ۾ اهو استعمال نه پئي
ٿي سگهيو. پاڻي چڙهڻ جي موسم ۾، درياءَ ڪنڌين جي
ٻنهي پاسي ڪيترين ايراضين کي ميلن جي مفاصلي تائين
ٻوڙي ٿي ڇڏيو، انهن ٽڪرن کي ”ڪچو“ سڏيو ويندو هو،
جڏهن آبڪلاڻي جو پاڻي لهي ٿي ويو، تڏهن ئي زمين
پوک لائق ٿيو ٿي پئي. ۽ ان ۾ ربيع جو فصل پوکيو
ويندو هو. اها زمين سنڌ جي اتر ۽ وچولي ۾ درياءَ
جي ٻنهي ڪنارن جي ويجهو هئي، انهي زمين مان به
جيڪا تمام گهڻي هيٺاهين هئي. اتي ربيع جو فصل تمام
گهٽ ٿيندو هو، ڇو ته اتي ٻوڏ جو پاڻي ايترو ته اچي
ڪٺو ٿيندو هو، جو زمين فقط چانورن پوکڻ جي لائق
هوندي هئي ۽ موسم ختم ٿيڻ تي اها زمين گهڻو ڪري
ربيع جي کيتي لائق ڪانه رهندي هئي.
ڏسو هيوز جو گزيٽئر، ص 17، لئمبرڪ، جنرل آف
سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي
III
ڀاڱو
I
، ص ص 15-11 پوسٽنس، ص 84.
برٽن، ”ريسز اينڊ ٽرائيپز“، ص 26
لئمبر، جنرل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي جلد 3
ڀاڱو 1، ص ص 14-
.
لئمبرڪ جي. ايس. ايڇ. ايس. جلد 3، ڀاڱو 1، ص
17.
|