سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي اقتصادي تاريخ

باب: --

صفحو: 20

مسلمانن لاءِ ٻه وڏا ڏڻ رمضان جي ۽ ٻاڪري عيد جا هوندا هئا ۽ هندن لاءِ هولي ۽ ڏياري. انهن کان سواءِ مهيني جو پهريون جمعو ۽ سومر به ڀلارا ڏينهن سمجهيا ويندا هئا ۽ ”تاريخ طاهري“ موجب ماڻهو اهي ڏينهن به تفريح ۽ درگاهن جي زيارت ڪرڻ ۾ گذاريندا هئا. مسلمان پنهنجي خوشي جي ڏينهن ملهائڻ وقت پڄندي آهر پنهنجا بهترين ڪپڙا پائيندا هئا ۽ کاڌي پيتي، شراب، راڳ ۽ ناچ ۾ پاڻ وندرائيندا هئا. هندو پنهنجو هولي جو ڏڻ رنگ ۽ دعوتن سان ملهائيندا هئا. هو هڪ ٻئي کي رنگن سان رنگين ڪري هر قسم جي کاڌي پيتي جون محفلون ۽ دعوتون ڪندا هئا. ڏياري به خاص خوشي جو ڏڻ هون. هر هنڌ ڏيا ٻاريا ويندا هئا ۽ ماڻهو سڄو ڏينهن کل خوشي ۽ واڌاين ۽ سوکڙين ڏيڻ وٺڻ ۾ گذاريندا هئا.

سنڌ ۾ ميلا (ميڙا)- جيڪي وڏي تعداد ۾ هر هنڌ لڳندا هئا. سماجي لڙهه وچڙ ۽ تفريح جو هڪ وڌيڪ موقعو ميسر ڪندا هئا. هاري، ميڙي ۾ گهڻو ڪري مال خريد ڪرڻ ۽ وڪڻن جي غرضن سان ويندو هو پر ڏينهن جي ڪم ڪار ختم ڪرڻ کانپوءِ حياتي جي ڪجهه لطف وٺڻ ڪاڻ تيار ٿيندو هو ۽ ڀنگ جي گلاس يا بي ڪنهن نشيدار شئي جو وزم هڻي پاڻ وندرائيندو هو. ان بعد يا ته تاس جي راند، ڍاري يا ٻئي ڪنهن قسم جي شرط، ڪڪڙن، جي ويڙهه وغيره ۾ وڃي حصو وٺندو هو يا ته وري ملاکڙي ۾ وڃي ملهون ڏسي پاڻ وندرائيندو هو.

انهن ميلن ۾ راڳ ۽ ناچ به هوند هئا ۽ ٻارڙن جي وندر جو سامان به هوندو هو، اڻ سڌريل، چيچاٽ ڪندڙ هٿ سان هلندڙ چوڏولن ۾ ٻارن لاءِ ڏاڍو مزو مچندو هو ۽ خود وڏا به ڪڏهن دل پئي انهن ۾ چڙهي چڪر هڻندا هئا.

تماڪ ڇڪڻ ۽ دارون پڻ زالن توڙي مردن ۾ عام هو. دولتمند ماڻهن پنهنجي پسند جا شراب پيئندا هئا، جن جا ٻه مکيه قسم هئا: هڪڙو ”ڳڙ جو دارون“، جو ڳڙ جي وَت ۽ ٻٻر جي ڇوڏن مان ٺهندو هو ۽ ٻيو ”ڪَتل جو دارون“جيڪو کجور مان چڪايو ويندو هو، انهن کان سواءِ برٽن شراب جا ٻيا به ست قسم ڄاڻايا آهن، ’انگوري‘، جو انگورن مان چڪايو ويندو هو. ’سونفي‘، جيڪو سونف ۽ ڳڙ مان ٺهندو هو. ’مشڪي‘ جنهن ۾ مُشڪ وڌو ويندو هو. ’ترنجي‘، جو ترنج جي کلن مان ٺاهيو ويندو هو. ’مصري‘، جنهن کي مصري جي ملاوت سان ٺاهيو ويندو هو. ’گلابي‘ جنهن کي گلاب جي پاڻي جي سڳنڌ ڏني ويندي هئي ۽ ’ڪيسري‘ جنهن کي ڪيسر جو رنگ ڏنو ويندو هو. برئنڊي جي بوتل کان وڌيڪ ملڪ ۾ قابل قبول سوغات ٻي ڪانه هئي. غريب ماڻهو، ڀنگ، گانجي، چرش ۽ ٻين سستين نشيدار شين تي ئي قناعت ڪندا هئا.

ڪرو اسان کي ٻڌائي ٿو ته سنڌي ”راڳ جا نهايت ئي شوقين هئا ۽ ساز توڙي آواز جي موسيقي ۾ وٽن سٺا فنڪار هئا.“ ساڳي طرح هو قصن ڪهاڻين جا به شوقين هئا. ايتري قدر جو اچين ڏاڙهين وارا ماڻهو به اهي قصا ڪهاڻيون نهايت ڌيان سان بيخود ٿي ٻڌندا هئا. سنڌ جي ٽالپر حاڪمن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي شام جو وقت ”قصه گوين، شاعرن ۽ رقاصائن (ناچو ڇوڪرين) جي صحت ۾ گذاريندا هئا.“

ٻارڙا پنهنجون دلپسند رانديون، ٻارين، ٿلهه به ٿلهي، لڪ لڪوٽي، چور پوليس، اٽي ڏڪر ۽ کينهون- رانديون کيڏندا هئا ۽ زالون پان کي ”ڀرت ۽ سيبي، هار سينگار، ساهيڙپ  جي ملاقاتن ۽ چرچي گهٻي ۽ لاءِ چائيءَ“ سان وندرائينديون هيون. ماضي ۾ اهي هيون سنڌ جي ماڻهن جون وندرون ۽ تفريحون، ۽ اڄ تائين اهي ڪنهن خاص ڦير ڦار کانسواءِ سندن رنگين ۽ دلچسپين جا سامان ساڳي طرح مهيا ڪنديون اچن ٿيون.

باب ڏهون

حرف آخر

سرٿامس برائون ٻڌائي ٿو ته ”جڏهن ٻن قديم قومن مصرين ۽ سٿين، قدامت جي دعوى ڪئي، تڏهن مصرين پنهنجي قدامت جو دليل پنهنجي زمين جي زرخيزي جي بنياد تي ڏنو، جنهن مان هنن اها مراد ورتي ته انسانن پهريون انهي هنڌ کي وسايو، جتي هو نهايت سهنج ۽ سولائي سان پنهنجو گذران ڪري سگهيا.“ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته زراعت ئي سڀني ترقي پذير تهذيبن جو بنياد رهي آهي ۽ تهذيب جي پرهه ڦٽڻ وقت اهو گذران جي سڀني ڌنڌن کان وڌيڪ يقيني ۽ قابل اعتماد ڌنڌو هو. اهو هڪ اهڙو ڌنڌو هو، جنهن ۾ وسيع ترين قوتون پوشيده هيون ۽ جنهن انسانذات جي ترقي ۽ تهذيب جي عروج لاءِ وسيع ترين ميدان مهيا ڪيو. فطري طرح ماڻهو گهڻي تعداد ۾ اتي وڃي گڏ ٿيو، جتي زمين نهايت زرخيز هئي، ڇو ته اتي هو پنهنجي گهربل کاڌي کي نهايت آساني سان پيدا ڪري ٿي سگهيو. ۽ زرعي پيداوار ان هنڌ نهايت سهنجي سولي هئي، جتي زمين سنئي سنواٽي ۽ زرخيز هئي ۽ جهنگ جهر کان آزاد هئي ۽ جنهن کي قدرتي مينهن يا اٿل ۽ آبپاشي سان پاڻي ڪافي انداز ۾ مهيا هو، جتي آبهوا گرم ۽ اونهارا ڊگها ۽ روشن هئا، انهي ڪري ئي ائين ٿيو ته تهذيب جا قديم ترين مرڪز، نيل ۽ فرات، دجله ۽ سنڌو توڙي پيرو ۽ ميڪسيڪو جي ڪن دريائن جي ميدانن ۽ وادين ۾ ئي اُسريا.

ان طرح سنڌ طبعي طرح هڪ ترقي يافته تهذيب لاءِ نهايت موزون هئي ۽ اها حقيقت آهي ته سنڌ تهذيب جي قديم ترين گهوارن مان هڪ آهي، موهن جي دڙي جي جديد کوجنائن ثابت ڪيو آهي ته سنڌ هڪ نهايت قديم ملڪ آهي، ان جي تمدن ۾ اتهاس جو رڪارڊ اسان کي عيسوي سن کان پنج هزار ورهيه اڳتي وٺي ٿو وڃي. سندس زرخيز زمين سندس عظيم درياهه سندس سامونڊي ساحل، يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ جاگرافيائي طرح سندس مرڪزي بيهڪ ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس ذهين ۽ محنتي رهواسي انهن سمورن ڳالهين گڏجي قديم ترين زماني کان وڏي کيس هڪ قابل رشڪ سرزمين بنائي وڌو هو، جا سياح ۽ واپاري، قزاق ۽ جان تي کيڏندڙ سپاهي لاءِ برابر هڪجهڙي قابل حرص هئي. اها آرين جي اولين بيٺڪن مان هڪ هئي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ايرانين ۽ بئڪٽريا جي يونانين، سفيد رنگ وارن ”هن“ لوڪن ۽ عربن، افغانن ۽ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن ۽ بلوچن ۽ انگريزن جاکوڙون ڪيون.

سترهين صدي ۽ ارحين صدي جي پهرئين اڌ ۾ جو مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جو دور هو، سنڌ کي واپاري دنيا ۾ هڪ اهم مقام حاصل هو. سنڌ هڪ ترقي يافته زراعت ۽ اٽڪل ٻارهين عروج يافته صنعتن کي سنڀالي رهي آهي. ۽ اها نه رڳو پنهنجي اناج ۽ کير جي پيدائش جي فراواني کان مشهور هئي پر سندس ڪپڙي، نير، شوري، چمڙي جي سامان ۽ ٻين نادر چيزن جي نفاست ۽ سهڻائي جي چڱي ناموس هئي، سندس محنتي ۽ جفاڪش ماڻهو نه رڳو هندستان جي مکيه واپاري مرڪزن، ملتان ۽ لاهور، آگري ۽ احمد آباد، سان ججهو واپار هلائيندا هئا بلڪ عربستان افغانستان ۽ خراسان، ايران ۽ ترڪي، ميسوپوٽيميا ۽ ايشيا مائنر، الهندي يورپ ۽ چين سان پڻ سندن واپار هلندو هو. ايراني نار ۽ ملبار ساحل جي بندرن سان سندن ساحلي واپار ڪافي هوندو هو ۽ هي اهو وقت هو جڏهن يورپي قومن پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن هن صوبي ۾ پنهنجون ”ڪوٺيون“ کوليون هيون. ان مان ظاهر ٿيندو ته ان وقت سنڌ کي پنهنجي هڪ متوازن معيشت هئي. ۽ صنعت ۽ واپار ۾ مشغول ماڻهن جو تعداد ڪافي هو. ساڳئي وقت سنڌ پنهنجي ضروريات کان وڌيڪ مال پيدا ڪندي هئي ۽ پنهنجي زرعي ۽ صنعتي مال جي پيداوار خشڪي درياءَ ۽ سمنڊ رستي ڏورانهن ديسن ڏانهن برآمد ڪندي هئي، جتي انهن چيزن جي برمحل مارڪيٽ هوندي هئي. انهي طرح سنڌ جو واپاري توازن هميشه نفعي بخش رهيو، جنهن ڪري ملڪ ۾ سون ۽ چاندي جي مسلسل درآمد ٿيندي رهي.

مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جو دور سنڌ جي تاريخ جي خوشحال ترين دورن مان هڪ هو ۽ جيئن ته زراعت، واپار ۽ تجارت عروج تي هئا، ان ڪري منجهس ڪيترائي وڏا ۽ ننڍا شهر اڀريا، هئا. هيٺئين سنڌ (لاڙ) جي گادي جو هنڌ، ٺٽو، بين الاقوامي تجارت جو هڪ مرڪز بڻجي پيو ۽ دنيا جي عظيم شهرن مان هڪ ليکجڻ لڳو ۽ جيئن ائبٽ اسان کي ٻڌائي ٿو: انهي سنڌ کي ٻين قومن منجهه هڪ امتيازي مقام هٿ ڪري ڏنو.“ سندس لاهري بندر تي جنهن کي وسيع ساحل هو، اورانهن ۽ پرانهن ديسن جا جهاز ايندا هئا. نصرپور سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر، ٺٽي جيتروئي وڏو هو ۽ ڪپي جي صنعت جو سڀ کان مکيه مرڪز هو. سيوهڻ به ڪپڙي جي صنعت جو هڪ مکيه مرڪز هو ۽ نير جي رسد جو مکيه ذريعو به سيوهڻ جو ئي شهر هو. ساڳئي طرح اتر سنڌ جي گادي جو هنڌ بکر، اتر هندستان وچ ايشيا جي واپار جي مکيه واپاري بازار بڻجي پيو ۽ ان کي انهن ملڪن جي واپار جي شاهي رستن تي هڪ مرڪزي حيثيت حاصل هئي.

مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن، اٽڪل ڏيڍ صدي تائين سنڌ کي نسبتن پرامن معاشي ۽ سياسي زندگي عطا ڪئي هئي ۽ ان ڪري زراعت، صنعت ۽ واپار کي ڪافي همت افزائي ملي پر 1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ کي شديد ڌڪ هنيو. هن ڪلهوڙن جي اسرندڙ طاقت کي ڀڳو، پاڻ هڪ ڪروڙ رپين جي ماليت جو مال غنيمت کڻي ويو ۽ صوبي تي سالياني ويهه لک رپيا ڍل مڙهي ويو، جا هن جا پويان مختلف مقدار ۾ صوبي کان باقاعدي وصول ڪندا رهيا. غلام شاهه ڪلهوڙي جي تخت نشيني 58-1757ع) سان پوين ڪلهوڙن جو دور شروع ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ ملڪ آپيشاهي جي ڏڦيڙ ۾ گرفتار ٿي ويو. ڪيتريون خونخوار جنگيون لڳيون، ٻاهريان حملا ٿيا ۽ سنڌ سياسي هيجان ۽ هنگامن ۾ مبتلا ٿي وئي. سنڌ جي حاڪمن تي هميشه (نادر شاهي) ڍل جي بقايا رهجي ويندي هئي، جنهن ڪري انهي بقايا جي وصولي لاءِ ٻاهرين ڪاهن جو هڪ سلسلو جاري رهندو يو، ان طرح، نادر شاهه جي ڪاهه کان 1843ع ۾ ٽالپرن جي راڄ جي خاتمي تائين ڪو هڪ به اهڙو ڏهن سالن جو لاڳيتو عرصو نه گذريو، جنهن کي خود هندستان ۾ منتظم يا مستقل حڪومت چئي سگهجي“ انگريزن جي کان اڳ وارن سمورن هڪ سو سالن جي دوران ۾ سنڌ جي اها حالت رهي هئي، جڏهن ارڙهين صدي جي آخر ڌاري، ٽالپر طاقت ۾ آيا، تڏهن سنڌ زبون ۽ خون چڪان حالت ۾ هئي، ان کي هڪ اهڙي حاڪم جي ان وقت ضرورت هئي، جو استحڪام ۽ سڌاري جي طاقتور حڪمت عملي سان حڪومت هلائي پر ٽالپرن سنڌ جي زراعت، صنعت يا واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪجهه ڪين ڪيو. هنن سڄي صوبي کي پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين ۾ ورهائي ڇڏيو. زراعت ۽ آبپاشي کي نظرانداز ڪري ڇڏيائون ۽ پنهنجي تفريح لاءِ زرخيز زمين جون بي پناهه ايراضيون شڪارگاهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيائون، صنعت ۽ واپار تي ڳاٽي ڀڳا محصول ۽ ڍلون مڙهيائن ۽ مکيه واپاري فرقي، هندن تي ايترا ظلم ڪيائين جو انهن مان ڪيترائي ٻين اهڙن صوبن ڏي لڏي ويا، جتي هو ڪجهه بهتر ۽ قابل برداشت حالتن هيٺ حياتي گهاري سگهيا.

هڪ طرف سنڌ پنهنجي داخلي مصيبتن سان دوچار هئي ته ٻئي طرف کيس ٻاهرين اهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جي سندس طاقت کان ٻاهر هيون، انگلينڊ ۾ عود شاهي (1660) واري زماني کانپوءِ درآمدي محصولنامي جي حڪمت عمليءَ، انگلنڊ جي صنعتي ترقي لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيو ۽ نتيجي طور جيڪو صنعتي انقلاب آيو، تنهن سندس اقتصادي تنظيم ۾ هڪ مڪمل تبديلي آڻي ڇڏي ۽ خاص ڪري اها تبديلي سوٽي ڪپڙي جي صنعت ۾ آئي، جنهن کي ايشيا ۽ خود سنڌ ۾ هڪ برمحل مارڪيٽ ملڻ لڳو، نتيجو اهو ٿيو جو سنڌ ڪپڙي جي برآمد ڪندڙ ملڪ مان ڦري، خود سوٽي ڪپڙي جو هڪ درآمدي ملڪ بڻجي پيئي.

ان طرح صوبي جي سموري اقتصادي زندگي الٽ پلٽ ٿي وئي ۽ سنڌ اهو ڪجهه بڻجي پئي، جنهن کي اڪثر ”لڙڪن جي ڏکويل وادي“ سڏيو ويو آهي. زراعت پوئتي پئجي وئي، صنعتن ۾ زوال اچي ويو. واپار گهٽجڻ لڳو، اميراڻو طبقو ختم ٿي ويو ۽ ملڪ جي آدمشماري ۽ آبادي گهٽجي وئي: اسان کي هاڻي ٺٽي جي نفيس ڇيٽ، ململين، هرکن ۽ بافتن جو نالو به ٻڌڻ ۾ ڪين ٿو اچي، خود ٺٽي جو نالو به سواءِ افسوس جي اظهار طور ڪين ٿو ٻڌجي ۽ انهي عام زوال ۾ ٺٽو اڪيلو نه هو، سنڌ جا اڳيان ناميارا شهر، نصرپور ۽ سيوهڻ، بکر ۽ لهري بندر به تاريخ جي پردي تان گم ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ نون، شهرن، شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي، ورتي پر اهي صنعت واپار، دولت، سونهن ۽ آبادي جي لحاظ کان اڳين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه نه هئا.

اها هئي سنڌ جي حالت پر رڳو سنڌ ان حالت ۾ ڪانه هئي: هندستان، جيڪو سترهين صدي ۾ نه رڳو ”ايشيا جي نپائيندڙ ماءُ هئي، جنهن سندس مختلف ملڪن کي پنهنجي چانورن ۽ خام ڪپهه سان تانيو نپايو هو، بلڪ سموري دنيا جو هڪ صنعتي ڪارخانو هو” ان جي معيشت ۾ به هڪ انقلاب اچي ويو ۽ ان کي هڪ هڙي نئين راهه تي هلڻو پيو، جتي صنعتون ختم ٿينديون ويون ۽ کيس زراعت جو وڌيڪ سهارو وٺڻو پيو: ۽ ان لاءِ پڻ اهي ساڳيا سبب جوابدار هئا، جيڪي سنڌ سان لاڳو هئا، انهي ڪري سنڌ جي اقتصادي زوال جو مسئلو، هڪ عام ۽ مجموعي زوال جو حصو هو، جيڪو سموري ملڪ تي اچي ڪڙڪيو هو. انگريزن جي راڄ سان، سنڌ هڪ نئين دور ۾ پير پاتو، پر اهو دور اسان جي اڀياس جي دور کان ٻاهر آهي.

ضميمو الف

تارخي واقعن جو اختصار

سنڌ جي تاريخ جا واقعا

1592ع ۾ اڪبر سنڌ کي پنهنجي سلطنت سان ملايو.

1600ع ۾ بکر جي محمد معصوم ”تواريخ سنڌ“ لکي.

1605ع ۾ شڪارپور ــ ۽ اتر سنڌ ۾ داودپوٽا گهراڻي جو عروج.

13-1614ع ۾ نڪولس وٿنگٽن جو سنڌ ۾ اچڻ.

1621ع ۾ مير طاهر محمد نسياني ”تواريخ طاهري“ لکي.

1625ع ۾ امير سيد قاسم بيگلر ”بيگلرنامو“ لکيو.

1631ع ۾ ڊچن سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

1635ع ۾ ٺٽي ۾ انگريزن ڪوٺي قائم ڪئي.

1614ع ۾ مارنق سنڌ ۾ آيو.

48-1651ع ۾ اورنگزيب ملتان ۽ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو.

1652ع ۾ ڊچ واپار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ موٽي آيا.

54-1655ع سيد جمال ”ترخان نامو“ لکيو.

1658ع ۾ مغل بادشاهت جي تخت جي سوال تي گهرو لڙائي شروع ٿي. دارا کي شڪست آئي، ۽ هو سنڌ ۾ ڀڄي آيو. ڪلهوڙن جي مغل لشڪر سان جنگ ٿي.

1659ع ۾ وينس جو سياح نڪولس مارڪوني سنڌ ۾ آيو.

1662ع ۾ انگريزن سنڌ ۾ پنهنجي ڪوٺي بند ڪري ڇڏي.

1699ع ۾ ڪئپٽن هئملٽن سنڌ ۾ آيو.

1701ع ۾ يار محمد ڪلهوڙي اورنگزيب کان پروانو حاصل ڪيو. اتر سنڌ ۾ دائودپوٽن کي شڪست آئي.

1711ع ۾ يار محمد ڪلهوڙي اتر سنڌ ۾ پنهنجي طاقت وڌائي.

1719ع ۾ يار محمد ڪلهوڙي وفات ڪئي. نور محمد ڪلهوڙي ”خدا يار خان“ جو لقب اختيار ڪيو.

1736ع ۾ نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو صوبيدار ٿيو.

1739ع ۾ سنڌ تي نادر شاهه جي ڪاهه ۾ سنڌ ايران جي ماتحت ٿي ويئي.

1750ع ۾ سنڌ، احمد شاهه درانيءَ جي افغان بادشاهت ۾ شامل ڪئي ويئي.

1754ع ۾ احمد شاهه دراني سنڌ تي ڪاهه ڪئي. نور محمد ڀڄي ويو ۽ وفات ڪيائين.

57-1758ع سنڌ ۾ گهرو لڙائي شروع ٿي، جنهن ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي کي فتح نصيب ٿي.

1758ع ۾ ٺٽي ۾ انگريزن جي ٻي ڪوٺي برپا ٿي.

1768ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي حيدرآباد جو بنياد وڌو.

28-1767ع / 1773ع علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ لکيو.

1771ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي وفات ڪئي.

1775ع ۾ سنڌ ۾ بدانتظامي شروع ٿي. ٺٽي ۾ انگريزن جي ڪوٺي بند ڪئي ويئي.

1776ع ۾ سرفراز ڪلهوڙي کي بدانتظاميءَ جي ڪري تخت تان لاٿو ويو.

1778ع ۾ غلام نبي ڪلهوڙي سنڌ جي حڪومت جون واڳون ورتيون. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي گهرو لڙائي شروع ٿي.

1781ع ۾ افغان لشڪر سنڌ مان ڍل اڳاڙڻ لاءِ ڪاهه ڪري آيو.

1782ع ۾ عبدالنبيءَ کي تخت وٺي ڏيڻ لاءِ مدد خان سنڌ تي ڪاهي آيو.

1783ع ۾ آخرين طرح ٽالپر طاقت ۾ اچي ويا ۽ مير فتح علي سنڌ جو ”حاڪم“ بنيو.

1792ع ۾ قلات جي خان کان ڪراچي واپس ورتي ويئي.

1801ع ۾ مير فتح عليءَ وفات ڪئي.

1809ع ۾ انگريزن سان سنڌ جي دوستيءَ جو عهدنامو ٿيو.

1813ع ۾ جوڌپور جي راجا کان عمرڪوٽ ورتو ويو.

1820ع ۾ انگريزن سان دوستيءَ ٻيو عهدنامو ڪيو ويو.

1828ع ۾ ڪرم عليءَ وفات ڪئي.

1836ع ۾ رنجيت سنگهه اتر سنڌ تي ڪاهه ڪئي.

1838ع ۾ انگريزي فوجن جو هڪ دستو زبردستيءَ دريا ٽپي آيو.

1841ع ۾ مير نور محمد وفات ڪئي.

1843ع ۾ سنڌ کي انگريزي راڄ سان ملايو ويو.

هند وغيره جي تاريخ جا واقعا

1592ع ۾ اوڙيسا اڪبر جي سلطنت سان ملايو ويو.

1600ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو بنياد پيو.

1605ع ۾ اڪبر جي وفات ۽ جهانگير جي تاجپوشي.

13-1615ع سورت ۾ پهرين انگريزي ڪوٺي برپا ٿي ۽ سر ٽامس رو ايلچي ٿي آيو.

1622ع ۾ قنڌار تي ايرانين جو قبضو ــ ۽ شهزادي خرم (شاهه جهان) جي بغاوت.

1625ع ۾ شاهه جهان پي جي پيش پيو.

1636ع ۾ شاهه جهان گولڪنڊي ۽ بيجاپور سان عهدناما ڪيا. اورنگزيب دکن جو حاڪم مقرر ٿيو.

1641ع ۾ شاهه جهان مسٽر ڊي (انگريز واپاري) کي مدراس جو پروانو ڏنو.

48-1651ع ۾ مغلن جو تختگاهه آگري مان تبديل ٿي دهلي ٿيو. ايرانين قنڌار تي قبضو ڪيو. انگلنڊ ۾ جهازرانيءَ جا قانون پاس ٿيا.

54-1655ع ۾ اورنگزيب گولڪنڊي کي گهيرو ڪيو. چتور جون ديوارون تباهه ڪيون ويون.

1958ع ۾ بهادرپور جي تاريخي جنگ لڳي ـــ ۽ شجاع کي شڪست ملي.

1659ع ۾ اورنگزيب تخت تي ويٺو.

1664ع ۾ شيواجيءَ پهريون ڀيرو سورت تي قبضو ڪيو. فرينچ انڊيا ڪمپنيءَ جو بنياد پيو.

1668ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ بمبئي قبضي ۾ آندي.

1674ع ۾ شيواجيءَ جي تاجپوسِ ۽ پانڊيچريءَ جو بنياد پيو.

1690ع ۾ انگريز بنگال ۾ موٽي آيا، ۽ ڪلڪتي جو بنياد پيو.

1694ع ۾ بئنڪ آف انگلنڊ جو بنياد پيو.

1702ع ۾ هڪ ٻئي جي مخالف ايسٽ انڊيا ڪمپنين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو.

1707ع ۾ اورنگزيب وفات ڪئي.

1710ع ۾ سکن بهادرشاهه جي خلاف بغاوت ڪئي.

1719ع ۾ فرح سير قتل ٿيو ـــ ۽ ان بعد محمد شاهه تخت تي ويٺو.

1737ع ۾ دهليءَ جي آسپاس مرهٽن جي فوج پهتي.

1739ع ۾ نادر شاهه دهليءَ کي تباهه و تاراج ڪيو.

1741ع ۾ حيدرآباد جي باني آصف جاه وفات ڪئي. ايڪسلا چئپيل جو عهدنامو ٿيو ـــ ۽ آسٽريا جي وراثت جي جنگ ختم ٿي. احمد شاهه هندستان تي حملو ڪيو.

1749ع ۾ انگريزن کي مدراس واپس مليو.

1754ع ۾ ڊيوپلي کي واپس گهرايو ويو ـــ ۽ ٻي انگريز __ فرينچ لڙائي پوري ٿي.

1756ع ۾ يورپ ۾ ستن سالن واري لڙائي شروع ٿي. پنجاب ۾ سکن جي بغاوت.

1757ع ۾ پلاسيءَ جي لڙائي لڳي ـــ ۽ انگريزن بينگال تي قبضو ڄمايو.

1758ع ۾ مرهٽن پنجاب تي قبضو ڪيو.

1761ع ۾ مرهٽن ۽ افغانن جي وچ ۾ پاڻيپٽ واري ٽي لڙائي لڳي.

1767ع ۾ حيدر عليءَ ۽ نظام کي ٽرچناپلي وٽ ڪرنل جوزف سمٿ شڪست ڏني.

1729ع ۾ مدراس جو عهدنامو ٿيو ۽ پهرين ميسور واري لڙائي پوري ٿي.

1770ع ۾ بنگال ۾ خطرناڪ ڏڪار پيو.

1771ع ۾ وارن هيسٽنگس بنگال جو گورنر مقرر ٿيو.

1774ع ۾ روهيلا جنگ لڳي.

1775ع ۾ نند ڪمار وارن هيسٽنگس تي تهمتون هنيون جنهن تي مقدمو هليو. پهرين مرهٽا لڙائي لڳي. بنارس پرڳڻو انگريزن جي قبضي ۾ آيو.

1776ع ۾ تيرهن امريڪي ڪالونين خودمختيار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. مرهٽن سان پورنڌر جو عهدنامو ٿيو.

1778ع ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي لڙائي لڳڻ ڪري هندستان ۾ فرينچ ڪالونيون ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي قبضي ۾ آيون.

1779ع ۾ فرانس ۾ انقلاب آيو.

1780ع ۾ ڪمپنيءَ جي فوجن گواليار تي قبضو ڪيو. حيدر عليءَ ڪرناٽڪ تي حملو ڪيو. انگلنڊ ۾ واپار جي آئرلئنڊ تان بندش لٿي.

1782ع ۾ سلابيءَ جو تاريخي عهدنامو ٿيو، جنهن ۾ هندستان ۾ انگريزي راڄ جو بنياد پيو.

1792ع ۾ بنگال دائمي بيٺڪ بنيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي نئون اجازت نامو مليو. فرانس انقلابي لڙاين جي دور ۾ داخل ٿيو.

1799ع ۾ ٽين ميسور جي جنگ لڳي. ۽ ٽيپوءَ کي آخري شڪست ملي.

1801ع ۾ ڪرناٽڪ کي انگريزي سلطنت سان ملايو ويو.

1803ع ۾ ٻي مرهٽي لڙائي شروع ٿي.

1805ع ۾ ڀرتپور جو گهيرو ناڪامياب ٿيو. لارڊ ويلزلي کي واپس گهرايو ويو.

1809ع ۾ راجا رنجيت سنگهه سان امرتسر جو عهدنامو ٿيو.

1831ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو چارٽر (اجازت نامو) نئون ٿيو. لارڊ منٽو رٽائر ڪيو.

1871ع ۾ ٽي مرهٽا لڙائي لڳي.

1823ع ۾ رنجيت سنگهه ملتان، ڪشمير ۽ پشاور جو حاڪم بنيو.

1828ع ۾ لارڊ وليم بينٽڪ هند جو گورنر جنرل مقرر ٿيو.

1835ع ۾ بينٽڪ رٽائر ڪيو.

1837ع ۾ راڻي وڪٽوريا تخت تي ويٺي.

1841ع ۾ برنس قتل ٿيو.

1844ع ۾ لارڊ ايلنبرو کي واپس گهرايو ويو.


[1] . ورتل ونسٽنٽ سمٿ جي ”آڪسفورڊ هسٽري آف انڊيا”، ڪننگهام جي ”آئوٽ لائينس آف انگلش انڊسٽريل هسٽري“، ۽ سورلي جي ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ تان.


[1] . ايليٽ، جلد 1، ص ص 273-274

[2] . هئملٽن ان کي ”وولي“ جو ڏڻ سڏي ٿو، ص 73

[3] . برٽن، ”ريسز ائنڊ ٽرائبس“ ، ص ص 202-205

[4] . ايضا، ص 11

[5] . ايضا، ص 11

[6] . برنس، ص 89

[7] . برٽن، ص ص 112-113

[8] . ڪرو، جي. ايس. ايڇ. ايس، جلد 1، ڀاڱو 2، ص 50.

[9] . بوسٽنس، ص 225

[10] . ”کينهو“، سٽ جو وٽيل بال هوندو هو (برٿن، ص 208)

[11] . برٿن، ص 209

[12] . حوالو ايلٿ سمٿ- ”ان دي بگننگ“، ص 30

[13] . رد موز برائون، ”برنسيپلس آف ايڪانامڪ جياگرافي“، ص 87

[14] . ويرا پينرسن، ”گروٿ ائنڊ ڊسٽويبيرشن آف پاپيوليشن“ ص 17

[15] . ايضا، ص ص 17-18، ۽ رڊ موزبرائون، ص 87

[16] . ائبٽ، ”سنڌ“، ص 70

[17] . بامبي گورنمينٽ رڪارڊس جو انتخاب، ص 4

[18] . مڪرجي، ايڪانامڪ هسٽري آف انڊيا

[19] . ايضا، ص 183

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org