خريف ۽ ربيع ٻنهي فصلن مان خريف وڌيڪ اهميت رکندڙ
هو، ڇو ته ان کي پاڻي جي پهچ يقيني هوندي هئي.
انهي فصل جي پيداوار به وڌيڪ هوندي هئي ۽ سندس
ملهه به ٻئي کان وڌيڪ هوندو هو. ربيع جو دارومدار
وري دريا جي ڪنڌين وارين زمينن کانسواءِ آبڪلاڻيءَ
جي موسم ۾ واهن جي پاڻي جي ان يقيني پهچ تي هوندو
هو، انهي ڪري هي فصل پيداوار ۽ جي لحاظ کان گهٽ
اهميت رکندڙ هو.
زرعي پيداوار:
قديم وقتن کان وٺي سنڌ ۾ خريف ۽ ربيع جي فصلن ۾
مختلف قسمن جو اناج پيدا ٿيندو هو. خريف ۾ خاص ڪري
جوئر، ٻاجهري، چانور، تر ۽ مڱ پوکيا هئا ۽ ربيع ۾
وري مکيه فصل ڪڻڪ، جوَ، نير ۽ سرنهن، چڻا ۽ مٽر
هوندا هئا، خريف ۾ ٿوري انداز ۾ تماڪ ۽ ڪمند پوکيا
ويندا هئا ۽ ربيع ۾ وري ڀنگ ۽ ڏوڏي ٿوري انداز ۾
پوکي ويندي هئي. ٿوري تعداد ۾ هيرڻ جو ٻج به پوکيو
ويندو هو. اهو فصل دائمي هوندو هو.
اڻويهين صدي جي اڀياس مان ئي اسان کي سنڌ جي زرعي
پيداوار جو رڪارڊ انگريز سياحن فوجي آفيسرن ۽
سياسي مدبرن جي تحريرن ۾ ملي ٿو. پاٽنجر ٻڌائي ٿو
ته هت پيداوار جا ڪيترائي نمونا هئا ۽ بهترين قسم
جون پيداوارون اپايون وينديون هيون. پوسٽنس، 1843ع
ڌاري لکندي ٻڌائي ٿو ته ڏکڻ سنڌ (لاڙ) ۾ چانور
ماڻهن جو خاص کاڌو آهي ۽ ايتري انداز ۾ اپائيا وڃن
ٿا، جو ان مان ڪافي بچت برآمد پڻ ڪئي ٿي وڃي. اتر
سنڌ ۾ خريف ۽ ربيع جا مکيه فصل جوار ۽ ڪڻڪ هئا-
اهي ٻئي فصل گهڻي انداز ۾ پوکيا هئا ۽ اهي اهڙي ته
اعلى درجي جا هوندا هئا جو مصر جي بهترين قسمن سان
مقابلو ڪري ٿي سگهيا“. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته
”جوئر جي ڪانن جي ڊيگهه عام طرح چوڏهن کان سورهن
فوٽن تائين هئي ۽ هڪڙو هڪڙو سنگ ٻارهن کان چوڏهن
آئونسن جو هوندو هو.“ ڪڻڪ لاءِ چوي ٿو ته ”سنڌ ۾
ڪڻڪ به بهترين قسم جي پوکي ويندي هئي ۽ جتي جتي
ڪڻڪ پوکي ويندي هئي، اتي ميلن جا ميل ملڪ اناج جي
حسين ترين ڳهن سان سينگاريل هو!“ ٻيا جيڪي فصل هن
ملڪ ۾ ڏٺا سي هئا. ٻاجهري، مڱ ۽ جَو، تر ۽ ايلسي،
سرنهن ۽ هيرڻ، تجارتي فصلن ۾ سڀ کان اهم فصل ڪپهه
جو هو، جو سڌ جي وچئين ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ وڏي
پئماني تي پوکيو ويندو هو. ان جا به قسم هئا:
”نيري“ يعني سالياني ۽ ”مندني“ يا دائمي، نير، ٻيو
نمبر مکيه فصل هو، جو سنڌ جي زمين ۽ آبهوا موافق
هو. پست، ڪمند، سڻي، ڀنگ ۽ تماڪ به ٿوري انداز ۾
اپايا ويندا هئا.
باغ ۽ باغن جي پيدائش:
تاريخي دور کان به اڳ سنڌ ۾ ڪپهه جي پوکڻ جا آثار
ملن ٿا پر ڏسجي ٿو ته سنڌ ۾ ميون، ڀاڄين يا گلن جي
پوکڻ تي ايترو ڌيان نٿي ڏنو ويو. تاريخ مان معلوم
ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ کجين جي پوک عربن ئي شروع ڪرائي.
اڄ به روهڙي ڀرسان درياءَ جي ٻنهي پاسن تي نهايت
سٺين کجين جا وڻ بيٺل نظر اچن ٿا ۽ روهڙي جا
ڇُهارا، مسقط جي بهترين قسم جي ڇُهارن سان بلاش
مقابلو ڪري ٿا سگهن. باغ، شهزادا ۽ امير پنهنجي
عيش لاءِ رکائيندا هئا، جيتوڻيڪ اهي باغ مغلن جي
عاليشان باغن جهڙا ڪونه هئا، تڏهن به انهن ۾ سونهن
۽ سوڀيا گهٽ ڪين هئي. 1696ع ۾ لکندي هئملٽن اسان
کي ٻڌائي ٿو ته ”بادشاهه جا باغ سهڻي حالت ۾ بيٺل
هئا ۽ ميون ۽ گلن سان ڀرپور هئا، خاص ڪري ڏاڙهون
ته اهڙا عاليشان ۽ لذت ڀريا هئا جو مون پنهنجي
ڄمار ۾ اهڙا ڪين کاڌا!“ ڏاڙهون به کجين وانگر سنڌ
۾ مسلمانن قنڌار ۽ خراسان جي وادين مان آندا. اهڙي
طرح کجين سان گڏ انجير به سنڌ ۾ ٻاهران آيا. سنڌ ۾
مقامي پيدا ٿيندڙ ميون جي ڪا ڪمي ڪانهي، جيئن ڊهيل
هوسٽ لکي ٿو ته سنڌ ۾ چڱي انداز ۾ پيدا ٿيندڙ ميون
مان انب، ٻير، توت ۽ ڊاک بهترين قسمن جا پيدا
ٿيندا هئا. پوسٽنس انهن ميون سان
ليما، نارنگيون، ترنجچ گدامڙي، ڄمون ۽ پستا به گڏي
ٿو. انهي کانسواءِ پاٽنجر، هنداڻن، گدرن، بادامن ۽
ڪيوڙي کي به ڄاڻايو آهي.
سنڌ جا بهترين باغ مکيه مکيه شهرن جهڙوڪ به ٺٽي،
نصرپور، حيدرآباد، شڪارپور، سيوهڻ ۽ روهڙي ۾ هوندا
هئا. روهڙي کي ”سنڌ جو چمن“ ڪري چوندا هئا ۽ سندس
اها حيثيت اڄ به قائم آهي. چوڌاري ساوڪ هئي، ساوڪ
جا نظارا نظر ايندا هئا ۽ پٽجر جي چوڻ موجب کجين
جي وڻن جا جهڳا ۽ باغ پري پري تائين هليا ٿي ويا.
پوسٽنس لکي ٿو ته ”درياءَ جي اوڀر طرف روهڙي ۽
حيدرآباد ۾ بهترين قسمن جا عاليشان باغ آهن ۽
اونهاري جي موسم شروع ٿيڻ تي سڄو ملڪ گلن، خاص ڪري
گلاب جي گلن سان ڍڪجيو وڃي. ملڪ جي هر طبقي جا
ماڻهو باغن تي ڏاڍو توجهه ڏين ٿا. تفريح جو وقت
انهن باغن ۾ گذاريو وڃي ٿو. هندو ۽ مسلمان ٺهرائڻ
۾ هڪٻئي سان مقابلو ڪندا ٿا رهن، انهن تفريحي
ميدانن ۾ فط ميوا ۽ گل پوکيا وڃن ٿا.“
ڀاڄين جي پوک ۾ سنڌ ڪا خاص مشهور ڪانه هئي. اها
حقيقت آهي ته ڀاڄين جا عام نمونا سون وانگر، ڪافي
انداز ۾ پوکيا ويندا هئا پر جيئن پاٽنجر ۽ ڊيل
هوسٽن لکن ٿا، اهي هلڪي قسم جون هونديون هيون. ڊيل
هوسٽ، سنڌ ۾ ڀاڄين مان چڻن، سرنهن، تورين ۽ ونگن
جو ذڪر ڪري ٿو- ۽ پاٽيجر، پتائي، گجرون، گوگڙو،
مٽرن ۽ پٽاٽن جو ذڪر ڪر ٿو. پوسٽنس، انهن
کانسواءِ، بصر، پالڪ، موري، ٽيم، ڪدو، پٽاٽا، مٽر
۽ پٻڻ به ڄاڻائي ٿو.
اوڀر جي ملڪن جي ٻهراڙين ۾ خاص طور زرعي سرشتي کي
اڏسي ايشيا جي اڻ تبديل ٿيندڙ حالت جو اندازو ٿئي
ٿو. تازو ڪجهه سالن کان انهي ڏس ۾ ڪيترا نوان
تجربا ڪيا ويا آهن ۽ صوبي ۾ ڪيترا تجرباتي فارم به
برپا ڪيا ويا آهن. پر اها ويهين صدي جي ڳالهه آهي.
اڻويهين صدي جي آخر تائين زرعي سرشتو ساڳيو هو،
جيڪو ٽالپرن جي وقت ۾ هو، جن کان حڪومت جون واڳون
1043ع ۾ انگريزن هٿ ڪيون. انهي مڃڻ لاءِ ڪافي سبب
موجود آهن ته ٽالپرن کيتي جو اهو ساڳيو سرشتو قائم
رکيو، جيڪو کانئن اڳين حاڪمن ڪلهوڙن جي وقت ۾ هو،
ڪلهوڙن به ائين ئي ڪيو، حقيقت ۾ جئن مورلئنڊ ٻڌائي
ٿو. ساڍن ٽن سون سالن کان به گهڻي عرصي ۾ انهي
سرشتي ۾ فقط ڪا اڻ لکي تبديلي مس آئي. هو چوي ٿو
”هندستان جي زراعت سورهين صديءَ کان زور وٺڻ شروع
ڪيو آهي. پر ايتري حد تائين نه جو سندس بنيادي
ڳالهين ۾ ڪا تبديلي آئي هجي. سموري هندستان جي
گڏيل پيدائش اڳي به ايتري ئي هئي، جيتري هاڻي
آهي.“ جيڪا حقيقت هندستان لاءِ ثابت آهي. سا سنڌ
سان به لاڳو آهي. ڊاڪٽر سورلي لکي ٿو ته ”اهڙو ڪو
به سبب ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو نظر اچي، جو اها ڳالهه
تسليم ڪجي ته مغلن ۽ ڪلهوڙن واري سنڌ، زراعت جي
نقطه نگاه کان هاڻوڪيءَ سنڌ کان مختلف هئي،“
ڪلهوڙن ۽ مغلن جي وقت جي زرعي پيداوار ۽ زرعي
زندگي بابت ڪو به معتبر بيان ڪو نه ٿو ملي. ”آئين
اڪبري“، جنهن ۾ اتر هندستان جي باري ۾ ڪافي تفصيل
ڏنل آهن، ان ۾ به سنڌ بابت گهڻو ڪجهه ڪينهي. سواءِ
انهي جي جو ڏکڻ سنڌ بابت چيل آهي ته ڏکڻ سنڌ۾ شالي
چانور تمام سٺي قسم جا ۽ گهڻي انداز ۾ پوکيا وڃن
ٿا. اهو به ڄاڻايل آيه ته سنڌ ۾ سوا، ڪيترن ئي
قسمن جا هئا ۽ خاص طور ”انب تمام سٺا“ پيدا ٿيندا
هئا انهي کان اڳ جي تحريرن ۾ به ڪٿي ڪٿي سنڌ ۾
اناج جي ججهاڻي ۽ ميون بابت ذڪر آيل آهن. ابوالفضل
کان هڪ سئو ورهيه پوءِ لکندي هئملٽن ٻڌائي ٿو ته
”سنڌ، ڪڻڪ، چانورن ۽ ڀاڄين ۽ گهوڙن ۽ چوپائي مال
جي گاهن ۾ گهڻي آسودي ۽ خوشحال هئي.“ مغلن ۽
ڪلهوڙن جي وقتن ۾ سنڌ جي اها حالت هئي.
زرعي اوزار:
کيتي جي اوزارن جي تاريخ به خود کيتي جي تاريخ
جهڙي آهي. هاڻوڪي دور تائين انهن ۾ ڪا خاص تبديلي
نه آئي آهي. اڪبر جي دور حڪومت بابت لکندي، مورلئڊ
چوي ٿو ”جڏهن اسين اڪبر جي وقت ۾ ڪم ايندڙ زرعي
اوزارن بابت اڀياس ڪريون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته
انهن ۾ فقط ڪي اڻ لکيون تبديليون آيون هونديون، ڇو
ته اڄ به هاري جا اوزار فقط ايترائي آهن، جيڪي هن
جي ڪم لاءِ ضروري آهن ۽ اهو تسليم ڪرڻ ناممڪن
ٿيندو ته ڪو ڪنهن وقت هن وٽ انهن کان گهٽ به
هوندا، ۽ انهي وسهڻ لاءِ به ڪو سبب ڪو نه ٿو نظر
اچي ته ڪي بهتر قسم جا اوزار انهي دوران گم ٿي ويا
هوندا. هر، پاهوڙا، هرلا ۽ ٻيا ننڍا ننڍا اوزار
ڏسڻ سان ثابت ٿئي ٿو ته اهي اوزار پراڻي وقتن کان
ڪم ايندا رهيا آهن ۽ ملڪ جي مختلف حصن۾ انهن جو
استعمال حالتن پٽاندڙ رفته رفته ٿيو هوندو، انهي ۾
ڪو به شڪ نٿو اٿي ته هاڻوڪا اوزار ئي اڪبر جي
زماني ۾ به استعمال ٿيندا هئا ۽ انهن جي قدامت تي
ڪو به اختلاف ٿي نٿو سگهي.“ سنڌ ۾ به بلڪل اهائي
حالت هوندي. 1843ع ۾ پوسٽنس سنڌ ۾ تمام ٿورا ۽ سي
پڻ پراڻي قسم جا اوزار ڏٺا هئا، انهن مان هو ”هر“
جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو ڍڳن جي جوڙي يا ڪڏهن ڪڏهن اٺ
جي وسيلي ڪاهيو ويندو هو. اهو هر تمام هلڪو هو ۽
فقط زمين جي سطح کي ئي کيڙي سگهندو. گڏ ڪڍڻ لاءِ
رنبو ۽ هڪ ننڍي ڳن سان ’پاهوڙو‘ استعمال ڪيو ويندو
هو. ايٽڪن پنهنجي گزيٽئر ۾ انهي کان سواءِ ’ليٿڻ‘،
’سنهرو يا سنوهر‘، ’ڪيڻ‘، ’وٽوڙ‘، ’ڏاندارن‘،
’پيانو‘، ’ناڙي‘، ’ڪهاڙي يا ڪهاڙو‘ ۽ ’ڏاٽو‘ به
اوزارن ۾ ڄاڻائي ٿو.
اهي اوزار تمام پراڻي قسم جا هئا- ۽ انهن سمورن تي
ڪل خرچ پنجن رپين کان مٿي نه هوندو هو.
ڳاهه:
ڳاهه ڳاهڻ ۽ ان کي گڏ ڪرڻ جا طريقا به تمام پراڻا
هئا. پوسٽنس چوي ٿو ته: ”تنهن کان ان جدا ڪرڻ لاءِ
ڳاهه جي پڙ ۾ ڍڳن ذريعي ڳاهيو ويندو آهي، اهو ڳاهه
جو پڙ هڪ صاف ڪيل ميدان تي مٽي ۽ گاهه جو ليپ ڏئي
ٺاهيو ويندو آهي. سنڌ جهڙي خشڪ آبهوا ۾، اَن ”جا
ذخيرا هڪ هنڌ گڏ ڪري تڏن سان ڍڪي ڇڏيندا آهن.“
جيڪي پوسٽنس هڪ سو سال اڳ لکيو آهي، اهو ساڳيو
طريقو اڄ به رواج ۾ آهي.
مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ اهوئي زراعت جو
سرشتو هو- جو اڄ ڏينهن تائين ساڳيو آهي، هاري اڄ
تائين غريب ۽ جاهل آهي، اڄ به هو پنهنجي ٻنين تي،
عارضي جهوپڙين ۾ رهي ٿو، جي ڪکن ۽ مٽيءَ جي گاري
مان ٺاهيون وڃن ٿيون- جن ۾ ڪي به دريون دروازسا
ڪين آهن-- ۽ جنهن ۾ پراڻي زماني جهڙو سامان سڙو
پيل هوندو آهي. ڳوٺن جو به ساڳيو حال آهي- منجهن
اهي ئي ڪکائيون جهوپڙيون يا ننڍا ننڍا، ڪکن ڪاٺن
جي ڇتين سان، ڪچين سرن جا ٺهيل گهر آهن. هر ڪنهن
ڳوٺ ۾ هڪ ننڍي بزار آهي- ۽ ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ مسجد
بيٺل هوندي آهي. زرعي پيداوار ۽ طريقن ۾ به ڪا خاص
تبديلي ڪا نه آئي آهي. اڄ سڄي صوبي ۾ جتي ڪٿي نار
۽ ڍڳن جي جوڙي سان هر ڏسڻ ۾ ايندا. هاريءَ جو ٻيو
سامان سڙو به قديم ماضيءَ جي ياد ڏياري ٿو: جتي
ڪٿي اڻ تبديل ٿيندڙ مشق نظر اچي ٿو.
2.
زراعت جا لاڙا:
ماڻهن جي زندگيءَ تي سياسي ۽ سماجي سرشتا ڪافي
اثر ڇڏين ٿا- ۽ انهيءَ لاءِ ڪافي ثابتيون موجود
آهن ته مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي حڪومتن ۾ سنڌ جي
زراعت پوين ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور حڪومت کان وڌيڪ
آسودي حالت ۾ هئي. ٻن سو ورهين کان اڳي جي حالتن
جو تجربو ڪرڻ، جديد علم موجب مجال آهي- ان هوندي
به، تحقيقي اڀياس لاءِ مجموعي طرح موجوده رڪارڊن
منجهان شاگرد انهن حالتن جي چڱي موچاري تصوير چٽي
سگهي ٿو. مجموعي طرح زراعت تي آبپاشيءَ جو اثر
معلوم ڪري سگهجي ٿو، ۽ انهن بابت مقامي ۽ باهرين
لکندڙن جون ٽڙيل پکڙيل تحريرون موجود آهن، انهن
مان هو ڪي نتيجا ڪڍي سگهي ٿو. پويون ڪم وڌيڪ سولو
آهي- انهيءَ ڪري اچو ته ان جو اڀياس ڪريون.
مجموعي نتيجا:
مؤرخن سنڌ جي زرعي آسودگيءَ جا ڳڻ، انهن قديم وقتن
کابن وٺي ويهي ڳايا آهن، جن جو ڪو رڪارڊ موجود
آهي. ڪئمينس لکيو آهي ته ”سنڌ زرخيز ترين علائقو
آهي.“ سڪندر اعظم جو مورخ به 426 ق- م ۾ سنڌ جي
قدرتي دولت ۽ فن جي ساراهه ڪرڻ کان رهي نه سگهبو.
الميسعودي ڏهين صديءَ جي وچ ڌاري لکندي ٻڌائي ٿو
ته ”سڄو ملڪ چڱيءَ طرح آباديءَ هيٺ آيل آهي- ۽ وڻن
۽ کيتن سان جنجهيو پيو آهي.“ ابن حوقل (1193ع) به
سنڌ جي ڪمند ۽ صوفن، ليمن، انبن ۽ ڇُهارن جو ذڪر
ڪيو آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته ملڪ ۾ اناج جا انبار
لڳا پيا هئا- ۽ قيمتون به تمام گهٽ هونديون هيون.
تاريخ فيروزشاهيءَ جو مصنف، سراج شمس ٻڌائي ٿو ته
فيروز شاهه تغلق جي ٻي ڪاهه جي وقت سنڌ جا ماڻهو
”زرعي ڪمن ۾ تمام گهڻو مشغول هئا.“
سنڌ جي زرعي آسودگي ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي- ۽
تاريخ طاهريءَ جو مصنف ته سمن جي وقت ۾ ملڪ جي
دولت ۽ شان بابت لکندي موج ۾ اچيو وڃي. هو لکي ٿو:
”جيڪي زمينون هن کان اڳ غير آباد پيون هونديون
هيون، سي به هاڻي چڱيءَ طرح پوکيون ويون هيون. اڻ
پوکيل زمين جو ڪو ٽڪر مشڪل ملندو. جڏهن هر هڪ
ماڻهوءَ پنهنجي پورهئي ۽ قابليت سان ملڪ کي اهڙي
آسودي حالت تي پهچايو، تڏهن جيڪي حصا اڳي ويران
ويران پيا هوندا هئا، اتي هاڻي اهڙي رونق لڳي وئي
هئي، ڄڻ ته اتي ڪا نئين دنيا پيدا ٿي پئي هئي...
غريب بيحد خوش هئا... ملڪ ۾ هر هنڌ امن ۽ سلامتي
هئي.“
ساڳيءَ طرح بارڊوسا چوي ٿو:
”هن ملڪ ۾ ڪڻڪ، جون ۽ گوشت جا عظيم ذخيرا موجود
آهن. هن ملڪ جي وچان هڪ درياءُ سمنڊ ڏانهن وهي ٿو-
۽ انهيءَ درياءَ جي پاسن تي ڪيترائي آسودا ۽
خوشحال شهر آهن. زمين ڀلي ۽ زرخيز آهي- منجهس کاڌ
خوراڪ ججهي آهي.“
”آئين اڪبري“ به سنڌ جي پيداوار ۽ خوشحاليءَ جي
تصديق ڪري ٿي:
”ميوا ڪيترن ئي قسمن جا آهن، جن مان انب نهايت سٺا
آهن... شالي چانور گهڻي انداز ۾ ۽ سٺي قسم جا پيدا
ٿين ٿا..... ماڻهن جو خاص کاڌو چانور ۽ مڇي به
آهي. کير منجهان بهترين قسمن جا ڏڌ ٺاهيا وڃن ٿا،
جي چئن مهينن تائين هلن ٿا.“ ”تاريخ معصومي“ لکي
ٿي ته سنڌ ۾ وونئڻ وڻن جيڏا ڊگها ٿيندا هئا.
سترهين صديءَ جو پورچوگيز سيلانين لکيو ته ”ملڪ ۾
کاڌو و خوراڪ ۽ گوشت تمام ججهو آهي.“ جوزف
سئلبئنڪ، جنهن سنڌ جي رستي هندستان کان ايران جو
سفر ڪيو، ان جو بيان به اهڙوئي آهي. هو چوي ٿو ته
”کاڌي جون شيون تمام سستيون آهن ۽ هت ڏهه ڪڪڙيون
ڏهن پئسن ۾ ملن ٿيون، ۽ هڪ سٺي رڍ جي قيمت هڪ شلنگ
آهي.“ سترهين صديءَ جي انگريزي لکندڙن به سنڌ ۾
زرعي شين جي ججهائي ۽ سستائيءَ جا حوالا ڏنا آهن.
هو لکن ٿا ته ”هو ڪنهن قسم جون کاڌي جون شيون هت
جام آهن- هندستان جي ٻئي هر حصي جي ڀيٽ ۾ گهڻو
گهڻو سستيون آهن. مڇي ۽ ميوا جام آهن- ۽ شيون
ايترو سستيون آهن، جو اعتبار ۾ ئي ڪين ٿو اچي: هڪ
ڪڪڙ چئن پاين ۾۽ هڪ رڍ رپئي ۾ ملي ٿي، چانور، مکڻ
۽ ٻيون کاڌي خوراڪ جون شيون ججهيون پيدا ٿين
ٿيون-- ۽ تمام سستيون ملن ٿيون.“
پورچوگيز سيلاني، مارنق (1641ع) به ٻڌائي ٿو ته
کاڌي پيتي جون شيون جتي ڪٿي جام آهن- بکر جي آسپاس
باغن بستانن جي موج لڳي پئي آهي. زمين زرخيز ۽
چڱيءَ طرح پوکيل آهي- فقط سيوهڻ جي ڀرسان هڪ ننڍو
ٽڪرو اهڙو آهي جو ڊاڪن ۽ ڌاڙيلن جو اڏو بنيل آهي.“
منوڪي (1659) به ساڳيءَ طرح لکي ٿو ته ”ملڪ ۾ اناج
تمام گهڻو پيدا ٿئي ٿو، ۽ مکڻ نهايت ججهو پيدا ڪيو
وڃي ٿو، جنهن مان گهڻو حصو مسقط ڏانهن برآمد ڪيو
وڃي ٿو.“ بکر لاءِ لکي ٿو- ”زمين ڏاڍي ڀلي آهي- ۽
بهترين قسم جو اناج اپايو وڃي.“
ڪئپٽن هئملٽن (1699ع) ملڪ لاءِ لکي ٿو ته ڪڻڪ ۽
چانور، گهوڙا ۽ ٻيو چوپايو مال سنڌ ۾ تمام گهڻو هو
۽ ماڻهن کي خبر ڪانه هئي ته ڏڪار ٿيندو ڇاهي، هو
چوي ٿو ته گوشت بهترين قسم جو هوندو ۽ مکڻ ڪافي
انداز ۾ ٻاهر موڪليو ويندو هو.
ملڪ ايترو ته آسودو هو جڏهن نادر شاهه 1739ع ۾
پنجن لکن ماڻهن سان سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن پاٽنجر
جي چوڻ مطابق ”ٺٽي جي حاڪم نور محمد ڪلهوڙي انهي
سڄي لشڪر ۽ ٻين ماڻهن جي برابر سورهن ڏينهن تائين
اميرن جهڙي شاندار مهماني ڪئي. پر کوٽ جو نالو
نشان به ڪو نه پيدا ٿيو.“
اها هئي مغلن ۽ ڪلهوڙن جي وقت جي سنڌ! ڪلهوڙن جي
پوين حاڪمن جي ڏينهن ۾ ٻاهرين حملن ۽ گهرو لڙاين
جي ڪري ملڪ پوئتي پوڻ لڳو ۽ مسٽر رابرٽ ارسڪن، جو
1760ع ۾ سنڌ ۾ انگريزن جي ڪوٺيءَ جو مدار المهام
هو، سو سنڌ جي انهي زوال جو ذڪر ڪندي، سنڌ جي انهي
ڪريل حالت تي سخت افسوس ظاهر ٿو ڪري، جا 1757ع
تائين چڱي ۽ امن پسند حڪومت هيٺ هئي ۽ جا اناج ۽
ٻين ضروريات زندگي ۾ بيحد خوشحال هئي. ڪئلينڊر جو
پڻ سنڌ جي هڪ انگريزي ڪوٺيءَ جو مدارالمهام هو. سو
1775ع ۾ لکندي چوي ٿو:
سنڌ جيتوڻيڪ هڪ ننڍو ملڪ آهي، پر قدرتي طرح زرخيز
ملڪ آهي. هي ملڪ نهايت آسودو ۽ آباد ملڪ هو، پر
جڏهن کان- اٽڪل 35 ورهيه اڳ- هن گهراڻي جي حڪومت
هيٺ آيو، تڏهن کان ملڪ جي حلت آهستي آهستي پوڻي
پوندي وڃي.....“
ڪلهوڙن جي جانشين، ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جي زرعي
زوال جي آکاڻي ڏاڍي درديلي ۽ دکدائڪ آهي. ٽالپر،
ڪلهوڙن جهڙا روشن دماغ ڪين هئا: ملڪ جو سڄو
ڪاروبار ۽ پنهنجا فرض وساري ڇڏيائون ۽ سڄو وقت
شڪارن ۾ ضايع ڪندا رهيا. زرخيز زمين جون وڏيون
وڏيون ايراضيون شڪارگاهن ۾ تبديل ڪري بيڪار ڪري
ڇڏيائون. سنڌ جي باري ۾ جن مصنفن اڻويهين صدي ۾
لکيو آهي، تن سمورن گهڻو ڪري انهن شڪارگاهن جو ذڪر
ڪيو آهي، جن زراعت کي وڏو ڌڪ هنيو آهي ۽ خود شاهي
خزاني کي ڪافي نقصان پهچايو. سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا
ڪمپني جو سياسي ۽ واپاري نمائندو نئٽن ڪرو (1799)
لکي ٿو:
”مير فتح عليءَ حيدرآباد جي ڀرسان زرخيز ڌرين زمين
جي ايراضين مان هڪ وڏو حصو شڪار لاءِ خالي ڪرائي
ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته منجهس هرڻ جو هڪ قسم ”ڪوتا
پاچ“ رهي ٿو، جنهن کي شڪار ڪرڻ هن جي بهترين وندر
آهي ۽ انهي ڪري خود سندس خزاني کي اٽڪل ٻن ٽن لکن
رپين جي ڍل جو نقصان پيا آهي.“
ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان 1809ع ۾ سنڌ ۾ ايلچي جو
پهريون نائب هينري ايلس به انهي سلسلي ۾ لکي ٿو:
”اميرن پنهنجي شڪار جي اجائي گهڻي شوق جي ڪري
درياءَ جي ٻنهي پاسن تي زرخيز زمين جون وڏيون
ايراضيون شڪار ڪرڻ ۽ شڪار محفوظ رکڻ لاءِ مخصوص
ڪري ڇڏيون آهن: نتيجو اهو ٿيو آهي جو زرخيز ۽
چڱيءَ طرح پوکيل علائقا به ويران ۽ سڃا ميدان ۾ ۽
بيڪار ٻيلا بڻجي پيا آهن.“ پاٽنجر اسان کي ٻڌائي
ٿو ته:
”سنڌ جي اميرن کي شڪار جو بيحد شوق آهي، هنن کي
پنهنجي ملڪ جي تباهه ٿيڻ جو ڪو به احساس ڪونهي ۽
انهي ڪري هن درياءَ جي ڪپن جي ڀرسان بهترين علائقا
شڪار لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهي جڳهيون جيڪي
گذريل ويهن سالن اندر زرعي حالت ۾ نهايت آسوديون
هيون، سي هاڻ بيڪار وڻن ۽ جهرجهوٻر سان ڀريل گهاٽا
جهنگ بنجي پيا آهن.“
ڊاڪٽر برنس (1828ع) سنڌ جي آمدنيءَ جي گهٽتائيءَ
لاءِ انهيءَ ڳالهه کي جوابدار ٺهرايو ته خود
اميرن پنهنجي مرضيءَ سان، زرخيز ترين علائقن کي
پوکن لائق بنائڻ بدران شڪار جي بيڪار ٻيلن ۾ تبديل
ڪري ڇڏيو.
ڊيل هوسٽ (1836ع) به ساڳي ڳالهه ٿو لکي:
”ملڪ جو گهڻو حصو شڪارگاهن ۾ تبديل ٿي ويو.
بدقسمتي سان ملڪ جو زرخيز ترين ڀاڱو ٻٻرن ۽ لئيءَ
جي وڻن سان ڍڪيو پيو آهي ۽ باقي ڪو چوٿون حصو زمين
جو پوک لائق وڃي رهيو آهي.“
وليم پاٽنجر (1832ع) لکي ٿو:
”سڄي زمين جي ٽئين حصي کان به گهڻو ڀاڱو شهزادن جي
شڪار لاءِ محفوظ پيل آهي....حيدرآباد ۽ ٺٽي جي وچ
۾ ئي اٽڪل ٽيهه اهڙا شڪارگاهه آهن، جيڪي درياءَ
منجهان 70 ميلن جي مفاصلي تان نظر اچي سگهن ٿا.
زمين جو اٽڪل ٽيون حصو قدرتي طرح غيرآباد پيل آهي،
يا خود ظالم حاڪن جي اڍنگي زرعي نيتيءَ ڪري
غيرآباد پيو آهي.“
1843ع ۾ انگريزن جي ڪاهه وقت پوسٽنس به اهوئي حال
ڏٺو:
”سنڌ ۾ غير آباد زمين، يا جهنگلن سان ڍڪيل زمين ۽
شڪار گاهن لاءِ مخصوص زمين جي ڀيٽ ۾ آباديءَ هيٺ
ايندڙ زمين تمام ٿوري آهي. اهڙي ملڪ ۾، جتي
سنڌونديءَ جهڙي درياءَ جي ڪري زمين جي زرخيزي ۽
آباديءَ جا عام وسيلا کليل هجن، مٿين ڳالهه عام
ماڻهن جي نظر کان ڪڏهن به ڪين گسندي.“
هاڻ اسين ڏسي چڪاسون ته اسان جو ملڪ مغلن ۽ ڪلهوڙن
جي حڪومتن جي دورن ۾ زرعي طرح آسودگيءَ جي بلند
منزلن تي پهتل هو، سو انهن جي جاءِ نشين ٽالپرن جي
دور حڪومت ۾ پوئتي پوندو ويو. زمين جو وڏو حصو
اميرن ۽ شهزادن جي شڪار جي وندر لاءِ شڪار گاهن ۾
تبديل ٿي ويو.
اها آهي دک ڀري ڪهاڻي، جا ان وقت جا مورخ، ٻاهريان
سيلاني ۽ واپاري ايلچي سنڌ بابت ٻڌائين ٿا. سنڌ جي
ان وقت جي حاڪمن جي آبپاشيءَ جي پاليسيءَ کي اڀياس
ڪرڻ سان به اهي ساڳيا نتيجا ڪڍي ٿا سگهجن.
آبپاشي ۽ زراعت:
انهيءَ کي هڪ ڪُليو ڪري سمجهڻ گهرجي ته هندستان
جهڙي زرعي ملڪ ۾ زرعي پيدائش ۽ آدمشماريءَ جي
گهاٽاڻ، بنيادي طرح مينهن ۽ دريائن جي پاڻيءَ تي
مدار رکي ٿي. سنڌ ۾ ته مينهن ايترو ڇڊو ٿو پوي، جو
ان کي بنهه خيال ۾ ئي نٿو آڻي سگهجي- ۽ انهيءَ ڪري
کيتي ۽ آدمشماريءَ جو مکيه بنياد سنڌونديءَ مان
ڦٽندڙ واهن ذريعي آبپاشي آهي. جيڪڏهن انهيءَ واهن
ذريعي آبپاشيءَ کي وڌائبو ته ظاهر آهي ته نيون
زمينون آباديءَ هيٺ آنديون وينديون، يا ته اهي
زمينون، جي اڳي ايتري توجهه سان ڪين پوکيون هيون،
تن کي وري وري پوکيو ويندو. ڪن ڳالهين ۾ ته واهن
ذريعي آبپاشي، مينهن کان به وڌيڪ سٺي آهي، ڇو ته
سڄي موسم ۾ وڌيڪ پاڻي جي هڪساري ۽ يقيني رسد پئي
ملندي. هاري کي يقين هوندو آهي ته اونهاري ۾ برفن
ڳرڻ سان جلد ئي هن جي ٻنين کي پنهنجي حصي جو پاڻي
پهچندو، انهي ڪري هو سٺن فصلن لاءِ اڳ تياريون
مڪمل ڪري ڇڏيندو ۽ وڌيڪ قيمتي فصل اپائيندو،
جيڪڏهن زمين ڀلي ۽ زرخيز هوندي ۽ پاڻي جي پهچ به
دائمي هوندي ته هو سال ۾ ٻه ٻه پاڻ ٽي ٽي فصل پيو
اپائيندو. ان جي برعڪس، جيڪڏهن آبپاشي جون سهولتون
ميسر نه هونديون ته پوکون گهٽ ٿينديون، پيداوار
گهٽجي ويندي ۽ آدمشماري به گهٽ ٿيندي. ان ڪري هن
سڄي مسئلي جو اڀياس سنڌ ۾ واهن ذريعي آبپاشي جي
سهولتن ۽ اندازي جي روشني ۾ سولائي سان ڪري سگهبو.
ڪلهوڙن جي وقت جي آبپاشي جي واڌاري بابت اڳئي ذڪر
ڪري آيا آهيون- ۽ جيڪڏهن روايتن تي اعتبار ٿو ڪجي
ته جيڪي به پراڻا واهه اڄ به موجود آهن، سي هنن
حاڪمن جي ئي محنت ۽ طاقت جي ڪري وجود ۾ آيا. ڊاڪٽر
سورلي چوي ٿو ته ”انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪلهوڙا
جيئن ته پاڻ به سنڌي هئا، ان ڪري هنن کي انهي
سرشتي کي ترقي وٺائڻ جي اهميت جو احساس هو، انهي
کان سواءِ انهي حقيقت مڃڻ لاءِ به گهڻا سبب موجود
آهن ته ڪلهوڙن جي ڏينهن جو آبپاشي سرشتو ٽالپرن جي
سرشتي کان وڌيڪ سٺو هو. ٽالپرن جي کوٽايل واهن جو
تعداد به ايترو گهڻو نه آهي. ٻيو ته آبڪلاڻيءَ
واهن ۽ واٽر ڪورسن جي ضروري سالياني کاٽي ۽ صفائي
تي پئسو خرچ ڪرڻ ۾ هو سخت ڪنجوس هئا.“ انهي حقيت
مان نتيجو هي ڪڍي سگهبو ته اوائلي ڪلهوڙن جي وقت ۾
زمين جي پيداوار ۽ آدمشماري مان گهاٽاڻ، سندن
جانشينن جي وقت کان گهڻي هئي. هن سلسلي ۾ بوسٽنس
جو حوالو دلچسپي کان خالي نه ٿيندو، هو لکي ٿو ته
”ههڙي ملڪ ۾، ظاهر آهي ته ملڪ جي پيدائشي طاقتن کي
ڪنهن چڱي حد تائين وڌائڻ جو دارومدار پورهئي ۽
جفاڪشي تي منحصر آهي، پر انهن وسيلن تي بنهه ڌيان
نه ڏنو ويو آهي. اهڙا مثال ٿيا آهن، جو واهن جي
سنڀال نه ٿيڻ جي ڪري زرخيز زمين جون وڏيون
ايراضيون مڪمل طرح ويران ۽ سڃيون بڻجي ويون آهن.“
|