ضميمو (د)
ڍلن جو سرشتو
جاگيرداري نظام معيشيت
مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو انتظامي يا حڪومتي سرشتو
جاگيردارانه هو، انهي سرشتي هيٺ حاڪم پنهنجي
تابعدارن کي زمينون بخشيندا هئا جي وري جنگ جي وقت
۾ حاڪم وفادار رهندا هئا، لشڪر مهيا ڪندا هئا.
ڪلهوڙن جي طاقت ۾ اچڻ سان ڌارين جي اختياري، مقامي
ڪاموريشاهيءَ ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن کي سموري طاقت
ماتحت فوجين کان ملندي هئي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن کي ان
طرح ماڻهن جي هڪ نئين طبقي کي تسليم ڪرڻو پيو، جن
کي ڪيترائي حق جهڙوڪ انعامن ۽ جاگيرن جي بخشش،
ڪيترين ئي ڍلن کان معافي جا حق حاصل هئا ۽ حقيقتن
ان طرح منتقل ٿيل زمين جي ايراضي خاص ڪري ٽالپرن
جي ڏينهن ۾ ته نهايت گهڻي هئي.
آمدني ۽ ڍلون
جاگيرن ۽ انعامن کانسواءِ باقي سموري زمين، جنهن
مان حڪومت کي ڍل ملندي هئي، سا حاڪم جي ملڪيت هئي.
زمين جي ڍل، جنهن مان ملڪ جي آمدني جو گهڻي ۾ گهڻو
حصو گڏ ٿيندو هو، هڪ پيچيده مسئلو هو. معلوم ائين
ٿئي ٿو ته زمين جي ڍل جو سرشتو، پنهنجي خصوصيتن جي
لحاظ کان مغلن، ڪلهوڙن توڙي سندن جاءِ نشين ٽالپرن
جي دور ۾ عملي طرح بلڪل ساڳيو رهيو. پوسٽنس اسان
کي ٻڌائي ٿو ته انهي سرشتي جو خاص پهلو اهو هو ته
زمين جي ڍل مقاطعي جي اصول تي وصول ڪئي ويندي هئي،
جنهن موجب زميندار کان حاڪم کان پٽي، مقاطعي يا
معاهدي تي زمين ملندي هئي، جنهن موجب زمين جي پکيڙ
۽ مقاطعي جا شرط شروط ڄاڻايل هوندا هئا. (پٽي) ملڻ
کانپوءِ، زميندار کي پنهنجي زمين جي ڪنهن به حصي
کي ٻئي ڪنن کاتيدار (مقاطعي دار) کي ڏيڻ جي آزادي
هئي پر حڪومت کي سموري ڍل ڀري ڏيڻ لاءِ هو ئي
زميندار هو. جڏهن فصل لهندو هو تڏهن هڪ هنڌ سڄو
فصل آڻي گڏ ڪندا هئا، جنهن کي ”خرمان“ چيو ويندو
هو.
حڪومت طرفان هڪ ڪامورو ان جو مقدار ڪٿي، حڪومت جو
حصو وصول ڪري ويندو هو. زمين جو گهڻو حصو ”بٽئي“
سرشتي تي زميندارن کي ڏنو ويندو هو. جنهن موجب
سموري پيداوار جو هڪ مقرر ٿيل حصو حڪومت کي ملندو
هو. آئين اڪبري مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته زرعي
ڍل پيداوار جو ٽيون حصو هوندي هئي. ۽ ٽالپرن، ۽
شايد ڪلهوڙن جي دور ۾ به شاهي حصو زمين جي مختلف
قسمن جي لحاظ کان ٽين پتي ٻه ڀاڱي پنجين پتي يا
پنجين پتي هوندو هو- پر جيئن سنڌ جو ڪمشنر لکي ٿو،
زمين جي ڍل پيداوار جو حصو گهڻو ڪري ٽين پتي جي
حساب سان وصول ڪيو ويندو هو. انهي کان سواءِ
آبپاشي لاءِ هر هرلي تي به ڍل هوندي هئي ۽ ساڳئي
وقت هارين مان هر هڪ تي في ڪس (في ماڻهو) محصول به
هوندو هو. زمين جي ڍل وصول ڪرڻ جا ٻيا به طريقا
هوندا هئا، جهڙوڪ ”محصولي“، جا هر جريب (اٽڪل اڌ
ايڪڙ) تي نقد ناڻي جي صورت ۾ وصول ڪئي ويندي هئي.
ڍل جا اگهه البت زمين جي پيدائشي قوتن جي بنياد تي
مختلف هوندا هئا. مغلن جي ڏينهن ۾ ڍل وصول ڪرڻ جي
خيال کان، سنڌ ٻن مختلف ”سرڪارين“ ۾ ورهايل هئي.
”مٿين سرڪار“ جنهن جو صدر مقام بکر هو ۽ هيٺين
سرڪار، جنهن جو صدر مقام ٺٽو هو. اهي سرڪاريون وري
”پرڳڻن“ ۽ ”محلن“ ۾ تقسيم ٿيل هيون: ساڳي طرح
ٽالپرن جي ڏينهن ۾ به سنڌ ڪيترن ئي ”پرڳڻن“ ۾
ورهايل هئي.
ٻيا محصول
مقاطعي جو طريقو رڳو زمين جي ڍل وصول ڪرڻ لاءِ
محدود ڪين هو. در حقيقت ، گهڻي ۾ گهڻا محصول انهي
ئي سرشتي موجب وصول ڪيا ويندا هئا ۽ محصولن جي
مقاطعيدارن (يا اجاره دارن) جو تعداد- جيڪي گهڻو
ڪري هندو هوندا هئا. ڪافي گهڻو هو. جيئن محصول جي
انهن مقاطعيدارن (يا ٺيڪيدارن) جو مقصد فقط پنهنجي
مقاطعي جي مُدي ۾ - جو گهڻو ڪري هڪ سال لاءِ هوندو
هو. گهڻي ۾ گهڻو محصول گڏ ڪرڻ هو، ان ڪري اهو ڏکيو
۽ پريشان ڪن هوندو هو. برٽن جي لکڻ موجب، ٽالپرن
جي ڏينهن ۾ هيٺيان محصول هوندا هئا:
(1)
”پيش ڪش – مهاجن“ – هي محصول واڻين تي واپار ڪرڻ
جي حق حاصل هجڻ ڪري مڙهيل هو. ساليانو پنجين کان
ڏهن رپين تائين هوندو هو.
(2)
”سرشماري“ هي محصول گهڻو ڪري دستڪارن جهڙوڪ
رنگريزن، واڍن، لوهارن ۽ رازن تي ماڻهو جو حساب
سان هوندو هو ۽ سال ۾ في ماڻهو 31 رپيا هوندو هو.
(3)
”دلالي“- واپار ۾ دلالي ڪرڻ جي اجازت هئڻ ڪري سڀني
دلالن کان ماهوار وصول ڪئي ويندي هئي.
(4)
”هوائي“ جيڪو سامان، ڪنهن جهاز ٻڏڻ يا تباهه ٿيڻ ۾
بچايو ويندو هو، سو حڪومت کي ڏنو ويندو هو.
(5)
”فروعي“- اها آمدني هئي، جيڪا پوکڻ ۾ ۽ ڍل ڀرو
زميندارن جي زمين ۾ چرندڙ رولو اٺن، ٻڪرين ۽ ٻئي
چوپائي مال کي وڪڻي وصول ڪئي ويندي هئي.
(6)
”چرخي“- هرلن تي محصول هوندو هو.
(7)
”اجاره ڪولابه“- اٿل وارين زمينن يا ڍنڍن تي محصول
هوندو هو. هن محصول جو ٺيڪو يا مقاطعو سرڪاري
ڪامورن کي ملندو هو ۽ اتي پيدا ٿيندڙ سر وڍي تڏا
ٺاهڻ، جهنگلي پکي ڦاسائڻ ۽ کاڌي لائق ڦاڙن (جئن
لرڙهه، بهه وغيره) مان پيدا ٿيل آمدني جون ٽيون
حصو، حڪومت کي ڏيڻو پوندو هون.
(8)
”اجاره پٽه“ پتڻن تان لنگهندڙن ماڻهن کان وصول ڪيو
ويندو هو.
(9)
”سردرختي“- انبن، کجين ۽ ٻين وڻن جي پيدائش جو اڌ
يا ٽيون حصو محصول طور وصول ڪيو ويندو هو.
(10)
”تارازو“- بزارين ۾ وڪامندڙ ان، ميوي يا کاڌي جي
شين تي محصول هوندو هو. سراسري نرخ پنجن سيرن تي
هڪ پيسو هوندو هو.
(11)
”شڪار ماهي“- مهاڻن تي محصول هوندو هو ۽ جيڪي
مڇيون هو ڦاسائيندا هئا، انهن جي ٽين پتي يا اڌ
کين محصول طور ڏيڻو پوندو هو.
(12)
”سلامتي ڪشتي“- ٻيڙي جي صحيح سلامت ڪناري تي پهچڻ
تي محصول هوندو هو. محصول جو ٺيڪيدار چار آنا اهو
محصول وٺندو هو، ڇهه آنا لنگرانداز ٿيڻ تي وٺندو ۽
سلامتي سان پهتل هر گهوڙي تي اٺ آنا وصول ڪندو هو.
(13)
”مويشي“- وڪري ٿيڻ وقت هر گهوري اٺ، ڳئون، گڏهه يا
خچر تي هڪ آني جي حساب سان هي محصول هوندو هو.
(14)
”ريزڪي“- ريزڪي واپار تي هي محصول هوندو هو. هر
ڪنهن خريدار کي رپئي تي هڪ آنو حڪومت کي ڏيڻو
پوندو هو، جيڪڏهن خريدي سو رپئي کان مٿي هوندي ته
پنج سيڪڙو ڏيڻو پوندو هو، شاهوڪار کي البت چار
سيڪڙو ڏيڻو پوندو هو.
(15)
”پنچري“- يا چوڻ ته محصول، مهيني ۾ اٺن تي اٺ آنه،
مينهن تي چار آنه، ڳئن تي ٻه آنه ۽ ٻڪرين ۽ رڍن تي
هڪ هڪ آنو چاراڻيءَ جو محصول ورتو ويندو هو.
(16)
”گته يا اداره شراب“- شراب ٺاهڻ مان نفعي تي هي
محصول هوندو هو.
(17)
”اميني“ تڪرارن جي ٺاهه ڪرائڻ تي محصول هوندو هو.
انهن کانسواءِ پوسٽنس ۽ هيوز، درآمدي مهصول،
چنگيءَ، شهري محصولن، باغن جي پيداوار تي محصول، ۽
شراب ٺاهڻ جي ڪارخانن کولڻ جي ليسن جي فيءَ جو پڻ
ذڪر ڪيو آهي. ظاهر ٿيو ته زير تبصري دور ۾، محصولن
جو سرشتو ڪافي همه گير هو ۽ اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته
سنڌ جي حاڪمن جديد قسمن جي سمورن محصولن جهڙا
محصول هڪ نه ٻيءَ صورت ۾ رائج ڪيا هئا، جيتوڻيڪ
اهي بنيادي طرح کڻي ڪيترا به غير علمي ۽ خام صورت
۾ هئا.
ضميمو (هه)
درآمد ۽ برآمد
(1938ع)
ڪراچي
درآمد
بمبئيءَ کان
جنس مڻ في مڻ روپيا روپيا
کنڊ 4000 ساڍا
12 50000
(بنگال، چين، منيلا ۽ بٽيويا)
مصري 250
18 4500
مرچ 3250 15
48750
ناريل 200000
3350
ڪيسر 200
10 2000
سوپاريون 100 5 500
سينڌر 250 10 2500
(اڇو ۽ ڳاڙهو)
شيهو 250 20 2500
رُڪ (اُچو) 500 11
5500
رُڪ (سادو ) 50 ساڍا 9 475
لوهه 1500 6
9000
ٽامو 1000 54
54000
پارو 450 پائونڊ في پائونڊ 2 900
ڦوٽا، مصالحو وغيره 75 مڻ في مڻ
140 10500
ڪچو ريشم، رڱيل 200 600
120000
(پهريون قسم) (بنگال ۽ چين)
ڪچو ريشم رڱيل (قسم2) 800 160
128000
عمارتي ڪاٺ 500 گز في گز
20 10000
عاج 450 مڻ في مڻ 160
64000
سنا 500
6 3000
(“ميمائر“: از ڪارليس، بمبئي رڪارڊس 17، جلد ٻيو،
ص ص 198-200)
ٿلهي کنڊ 500
7 35000
(ملباري ڪناري کان)
چيني ڪاغذ 50 پيتيون في پيتي 50
2500
انگريزي سٽ 500 مڻ في مڻ 40
20000
صندل جو ڪاٺ 50 30
1500
لوهي ٿانو ۽ ڪڻڇيون 250 12
3000
ڪسون 150
25 3700
(ڳاڙهي رنگ جو قسم)
ڏونگهيون 5000
5 25000
ٽين 500
35 17500
ايريو 150
40 6000
(دوا جو هڪ قسم) گدامري 300
0-6-21 650
گزرات (گجرات؟) کان
ڪپهه 2500 مڻ، في مڻ 15 37500
جنس مڻ في مڻ رپيا
رپيا
ايراني نار کان
کجور 20000 مڻ ڏيڍ روپيو
30000
کجور سڪل 20000 ساڍا 3
70000
موتي
7500
سڪل ليما 200 4 800
سڪل گلاب 250 10 1500
ٻانها 1500 في ٻانهو 80
120000
سوٽي
ٽاٽ
1250
سڪل ميوو 75 مڻ في مڻ
4 300
بادام 100 8
800
ڏاڙهونءَ جون کلون 1000 3
3000
بمبئي کان:
ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو وغيره، جن ۾ ماداپوليم ۽ ڊگهو
ڪپڙو مکيه هو، لونگيون، ڊگهو ڪپڙو، بنگال ۽ چين جا
ريشمي رومال، رنگين سوٽي رومال، سونهاري گلدار ۽
ساديون جامدانيون، انگريزي، فرانسي ۽ چيني سادو
گلدار ريشمي ڪپرو، چيني سٽين، سفيد ريشمي ڪپڙو (
ڪئمبرڪ)، ڪئمليٽ (ريشم ۽ اٺ جي ڏاس مان ٺهندڙ
ڪپڙو)، بنگال جون ريشمي ساڙيهون، سوٽي بخمل،
ململون، جا ڪونيٽ يا جگناٿي سادو، گلدار يا ڪتاب
وانگر تهه ٿيل ڪرڙو، سورت جو ڪيمخواب: مختلف رنگن
جون ڇيٽون، چادرن جو ڪپڙو، انگريزي ٿلهو ۽ سنهو
مختلف رنگن جو سوٽي ڪپڙو، باريڪ ريشمي ڪپڙو،
معمولي انگريزي شالون: 600000
جنس مڻ في مڻ روپيا
روپيا
اتر سنڌ مان
تماڪ 200 8
1600
ٿلهو سوٽي ڪپڙو
3000
لس کان
کَڙُ 12000
0-10-1 19500
مٿينءَ درآمد جو جملي ملهه
1099625
برآمد
گيهه 10000
17 170000
اُن 3500 20
35000
گگر 5000 اڍائي
12500
پرويزو
6000
(ڳاڙهي رنگ جو هڪ قسم)
موڱي 3000 15
45000
ڪشمش 4000 8 32000
جيرو 1000 10
10000
نير 160 75
120000
تيلي ٻج 10000
70 70000
خرار في خرار
ڪڻڪ 1500 45
67500
خرار في خرار
لوڻيل مڇي، ڪاڊ مڇيءَ
30000
جي چرٻي، ۽ شارڪ مڇيءَ
جون کنڀڙاٽيون، وغيره
لونگيون
5000
مٿينءَ برآمد جو جملي ملهه
547000
آفي، نمدر تي لَٿل 500 اُٺ، هر هڪ بار ۾
8 مڻ، في مڻ 400 1600000
آفيم سوڌي مڙئي واپار جو ڪل ملهه 625، 46، 37
ضميمو (و)
ايسٽ انڊين ڪمپنيءَ جي انهن جهازن مان ڪن جا نالا،
جيڪي سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي دوران ۾ سنڌ سان
واپار ڪندا هئا:
جهاز مقدار ماڻهو توپون
(ٽنن ۾)
35-1662ع لنڊن 400 96 30
ايڪسپيڊيشن 125 --
--
وليم 350 -- --
رئگل 400 90 24
ڊسڪوري 300 -- --
هوپ ويل 240 -- --
هارٽ 220 -- --
ميري 150 -- --
لئناريٽ 160 -- --
بليسنگ 220 -- --
85-1760ع روينج شپ 470 160 20
باسمي گرئب 363 120 20
ڊريڪ ڪيچ 220 76 14
سڪسيس ڪيچ 145 42 12
ٽارٽر گرئب 200 42 12
ٽائيگر گالڪٽ 43 20 5
سؤالو گئلي 160 42 14
شڪارپور کان:
ڪابل بَٽُ 50000
قلات جو موڱي رنگ 30000
سڪل ميوو 5000
آفيم (مقامي) 5000
ملتان ۽ بهاولپور کان:
ريشم، گربيون ۽ گلبدن ڪپرو 30000
85000
ڪل 420000
برآمد
انگ اکر موجود نه آهن.
_______________________________________________________
*الينگزينڊر برنس: نمبر 3، ”حيدرآباد ۽ لاڙ جو
واپار“، مضمون نمبر 8
شڪارپور
درآمد
ڪراچيءَ کان:
انگريزي مال، ملهه 30000
کنڊ 80000
مصالحا، پسار ڪو سامان ۽ ڌاتو
100000
ڪل
210000
برآمد
انگ اکر موجود نه آهن.
حيدرآباد
درآمد
|