سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي اقتصادي تاريخ

باب: --

صفحو: 8

نور محمد ڪلهوڙو واهن ذريعي آبپاشي جي سرشتي جو عظيم معمار هو. واهن جو هڪ چڱو تعداد هن جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو ۽ انهي مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن جي دور حڪومت ۾ زرعي پيداواري قوت پنهنجي چوٽي تي وڃي پهتي هئي. هن جي راڄ جي آخري وقت ۾ ملڪ تي نادر شاهه (1739ع) ڪاهه ڪئي، جنهن نه رڳو ملڪ ۾ جان ۽ مال جي تباهي آندي پر پاڻ سان اٽڪل هڪ ڪروڙ رپين جو خزانو پڻ کڻي ويو، انهي کانسواءِ ملڪ تي سالياني ويهه لک رپيا ڍل به مڙهي ويو. اها ڍل، نادر شاهه جا جانشين فقط ملڪ تي ڪاهڻ جو ڀئو ڏئي اڳاڙي ٿي سگهيا. اها حالت اٽڪل هڪ صدي تائين (1839- 1739) رهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪاهيندڙن سچ پچ ملڪ تي حملو ڪري ٿي ڏنو- ۽ لٽ مار مچائي ٿي ڏني ۽ انهي سموري آفت جو شڪار وري به ويچارا غريب ۽ ڏتڙيل هاري ٿي ٿيا.

ميان نور محمد جي پٽ ميان غلام شاهه ملڪ کي ڪيترين ئي خونخوار لڙائين ۾ اڙائي ڇڏيو ۽ سندس جانشين ميان سرفراز کي (1776ع) تخت تان لاهي ڦٽو ڪيو ويو پوءِ ته ملڪ سياسي مونجهارن ۾ چوکنڀو ڦاسي پيو، اٽڪل ويهن سالن تائين انڌاڌنڌ ۽ آپيشاهي لڳي پئي هئي. اهو ئي وقت هو، جڏهن سنڌ جو زرعي زوال شروع ٿيو. ڪلهوڙن جي جانشين ٽالپرن به انهي وڳوڙ کي ڪيئن ضابطي هيٺ آندو. جهڙا هئا ناقابل، تهڙا هئا سست- شڪار جي انڌي شوق ۾ ايترو ته محو هئا، جو ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي زندگي جو کين ڪو به اونو ڪو نه هو. آبپاشي تي ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو ويو. واهن جي صفائي ڪين ٿيندي هئي ۽ زرعي پيداواري قوت جي زوال سان ملڪ ويو غريبي جي پنجوڙن ۾ قابو ٿيندو.

زمين جي ڍل: هن مسئلي کي ان وقت جي ڍلن جي سرشتي جي روشني ۾ جاچڻ وڌيڪ دلچسپ ٿيندو.

’آئين اڪبريءَ‘ مطابق سنڌ جو پرڳڻو ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل هو. هيٺين ۽ مٿين سنڌ، اپر سنڌ جي گادي جو هنڌ بکر هو ۽ ٻارهن ’محلن‘ ۾ ورهايل هئي ۽ ان کي ’بکر جي سرڪار‘ سڏيو ويندو هو، انهي مان سرڪاري خزاني کي 947، 424، 18 ”دام“ (40 دام رپيه) يا چاليهه دام في رپيا جي حساب سان 61ء4 لک آمدني ٿيندي هئي. هيٺين سنڌ وري ارڙهن محلن ۽ پنجن ننڍين سرڪارين ۾ورهايل هئي، جن مان هيٺئين موجب ڍل وصول ٿيندي هئي.

ٺٽي جي سرڪار 991، 999، 25        دام

هاجڪان ”       586، 748، 11        ”

سيوستان  ”       808، 534، 15        ”

نصرپور    ”       600، 834، 7 ”

چڪر هاله ”       408، 085، 5 ”

        جمله      393، 215، 66        دام

                 يا 56ء61 لک روپيه

انهي طرح سموري سنڌ مان بکر سرڪار سميت ڪل ڍل 340، 676، دام يا چاليهه دام في رپيه جي حساب سان 17ء21 لک روپيه وصول ٿيندي هئي.

زمين جي ڍل گهڻو ڪري جنس ۾ وصول ڪئي ويندي هئي مغلن جي وقت ۾ هاريءَ کان فصل جو ٽيون حصو ورتو ويندو هو، ۽ ٽالپرن، شايد ڪلهوڙن جي پيروي ڪندي زمين جي درجيواريءَ مطابق، حڪومت جو حصو ٽين پتي ٻه ڀاڱي پنجين پتي يا فقط پنجين پتي مقرر ڪيو هو. برٽن ٻڌائي ٿو ته ڍلن جا اگهه، فصلن جي ملهه، زمين جي درجيواري، پاڻي جي سهولت ۽ ٻين اهڙين ڳالهين کي خيال ۾ رکي، پيدائش جي چوٿين پتي، ٽين پتي، پنج دوئي (ٻه ڀاڱي پنج) يا نصف نصف (اڌو اڌ) مقرر ڪيا ويندا هئا. پر هو چوي ٿو ته مجموعي طرح زميندار سڄو خرچ ڀري فصل جو ٽيون حصو پاڻ کڻندا هئا.زمين جا ٽي درجا مقرر ڪيل هئا. پهريون، ’سيلابي‘- يا اهي زمين جنهن کي آبڪلاڻيءَ مان پاڻي پهچندو هو ۽ جنهن جي آبپاشيءَ لاءِ ڪابه هٿرادو مدد ڪانه ڏني ويندي هئي، پيو، ’چرخي‘- يا اها زمين، جا دريا کان ڪجهه فاصلي تي هوندي هئي ۽ جنهن لاءِ واهن يا نار جي ضرورت هوندي هئي، ۽ ٽيون، ’باراني‘- يا اها زمين، جنهن کي برسات جي پاڻي تي پوکيو ويندو هو. ڍل جو گهڻو حصو ڏسجي ٿو ته ڪل پيدائش جي ٽئين حصي جي حساب سان ورتو ويندو هو ۽ انهي ڳالهه جي تصديق 1827ع ۾ يعني انگريزن جي سنڌ تي فتح کان فقط چئن سالن کانپوءِ جي هڪ ڪمشنر جي رپورٽ مان ٿئي ٿي. هو لکي ٿو؛ ”زمين جي ڍل جو وڏو حصو جنس جي صورت ۾ وصول ڪيو وڃي ٿو- ۽ انهيءَ جو اگهه، پيدائش جي ٽي پتي کان گهڻو مٿي نه آهي. البت آبپاشي ۽ وصوليءَ جي خرچن کي خيال ۾ رکي ان اگهه ۾ ڪجهه اضافو ڪيو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن مقامي آبپاشيءَ جي خرچن کي خيال ۾ آڻي گهٽ اگهه ۾ مقرر ڪيا ويندا آهن. ڍل جي نقد پئسن جي صورت ۾ وصولي رائج آهي، پر تمام ٿوري حد تائين. انهن جا اگهه- زمينن جي زرخيزيءَ کي ڏسي وچولا مقرر ڪيا وڃن ٿا.“ انهيءَ مان اهو اندازو لڳائڻ نامناسب نه ٿيندو ته مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ ڍلن جا اگهه ۽ طريقا ساڳيا هئا.

اسان مٿي ڏٺو ته مغلن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ڍل 21 لک رپين کان ٿوري مٿي هئي. ڪلهوڙن جي وقت ۾ ڍلن جي سرشتي جو ڪو به جدا رڪارڊ ڪو نه ٿو ملي پر اندازو اهو لڳايو ويو آهي ته سرڪار کي ڍلن مان ڪل 80 لک رپيا ملندا هئا. پوسٽنس جي چوڻ مطابق ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ڪل ڍلن ۾ گهڻي گهٽتائي اچي وئي. هو هيٺيان انگ اکر ڏيکاري ٿو:

اوڻهين صديءَ جي شروعات ۾           40 لک رپيا

   1809ع ۾            43       ”          ”

   1814ع ۾             61       ”          ”

   1824ع ۾            50       ”          ”

   1843ع ۾            35       ”          ”

   سراسري اٽڪل        46       لک      رپيا

اهو اندازو لڳائڻ ضروري آهي ته ان دور ۾ سرڪاري ڍلن جي ڪل آمدني ۾ زمين جي ڍل جو ڪهڙو حصو هو. هيوز  جي چوڻ مطابق، سنڌ ۾ انگريزي راڄ شروع ٿيڻ وقت زمين جي ڍل، ڪل ڍلن جي آمدني جو ٻه ڀاڱي ٽيون حصو هوندي هئي. اهو اندازو لڳائڻ ته مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومتن ۾ به زمين جي ڍل، ڪل ڍلن جو ڪهڙو حصو هوندي هئي. ايترو آسان نه آهي- پر گهڻو ڪري انهي دور ۾ به اهائي ساڳي نسبت هوندي. انهي حساب موجب ڪلهوڙن جي دور ۾- زمين جي ڍل 80 لک رپين جو ٻه ڀاڱي ٽيون حصو يعني 3ء53 لک رپيا هوندي ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ 46 لک رپين جو ٻه ڀاڱي ٽيون حصو يعني 7ء30 لک رپيا هوندي. انهي طرح مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وقت زمين جي ڍل هيٺئين موجب هوندي:

   مغل           7ء21  لک رپيا

   ڪلهوڙا        3ء53  ”

   ٽالپر           7ء30  ”

پوک هيٺ زمين جي ڪل ايراضي ۽ پيداوار جي مقادار موجب، انهن انگن اکرن مان ڇا ٿو معلوم ٿئي؟ جيئن ته ڍل ڪل پيداوار جي ٽين کوڙيءَ جي حساب سان جنس جي صورت ۾ ورتي ويندي هئي، انهي ڪري ضروري آهي ته ان وقت جي سراسري قيمتن ۽ رپي جي قوت خريد بابت ڄاڻ حاصل ڪجي. ڊاڪٽر راڌا ڪمل مڪرجي قيمتن جون ڪي نسبتي اگهوتريون مرتب ڪيون، جن ۾ 1600ع کان وٺي رپئي جي قوت خريد ۾ ڦيريون گهيريون ڏيکاريون ويون آهن. جيتوڻيڪ اهي انگ اکر سڄي هندستان لاءِ ڏنا ويا آهن- پر انهي ۾ سنڌ به شامل سمجهڻ گهرجي. ان وقت ۾ سنڌ جا واپاري لاڳاپا، هندستان جي مکيه واپار جي مرڪزن سان نهايت گهاٽا هوندا هئا- ۽ سنڌ جون قيمتون هندستان جي ٻين هنڌن جي قيمتن کان گهڻو مختلف ڪين هيون.

”هن وقت کاڌي جي شين جون قيمتون جيڪي هتي (ٺٽي ۾) آهن ۽ جيڪي هُت (سورت ۾) آهن، تن ۾ ڪو خاص فرق نه آهي-“ اهي آهن لفظ، جيڪي سورت جي انگريزي ڪوٺي وارن ٺٽي جي انگريزي ڪوٺيءَ جي پريزيڊنٽ فريملن کي لکيا هئا. ٻئي هنڌ به هنن ائين لکيو آهي: ”کاڌي جي شين جون قيمتون هتي (سورت ۾) به گهڻو ڪري سنڌ جيتريون ئي آهن.“

ڊاڪٽر مڪرجي 1600ع سالن کان شروع ڪندي، 100 کي بنياد ٺهرائي، ٻڌائي ٿو ته 1650ع تائين رپئي جي قوت خريد ساڳي رهي، پر اسي سالن کانپوءِ 50 سيڪڙو وڌي وئي، ان کانپوءِ وري گهٽجڻ لڳي- ۽ 1807ع ۾ اصل ملهه جي اٽڪل ٻه ڀاڱي ٽئين حصي تي وڃي بيٺي ۽ ان بعد اڍائي سالن کانپوءِ وري به اهائي ساڳي حد قائم رهي- ۽ 1750ع تائين اهائي رهي.

اناج جي شين جي سراسري قيمت 5 آنا في مڻ فرض ڪندي، ڊاڪٽر مڪرجي چوي ٿو ته مغلن جي وقت ۾ زمين جي ڍل 17ء21 لک رپيا هئي ۽ شين جي قيمت جي مٿئين حساب سان جنس جي صورت ۾ اها ڍل، پئسن جي اٽڪل ٽيڻ يعني 7ء67 لک مڻ ٿيندي- ۽ جيئن ته ڍل زمين جي ڪل پيداوار جي ٽين پتي ورتي ويندي هئي- ان حساب سان ڪل پيداوار ٿلهي ليکي 200 لک مڻ وڃي ٿيندي. اڄ ڪلهه جي انگن اکرن مان ايڪڙ جي سراسري ايڪڙ تي پيداوار 12 مڻ في ايڪڙ هوندي ۽ انهي حساب سان مغلن جي وقت ۾ پوک هيٺ ايندڙ سالياني ايراضي اٽڪل ساڍا 16 لک ايڪڙ هوندي. ليکي ۾ ڀل چوڪ کي خيال ۾ رکندي، ڇڏ ڇوٽ ڪندي، اسين يقيني طرح فرض ڪري سگهون ٿا ته ان وقت پوک هيٺ ايندڙ زمين گهٽ ۾ گهٽ 15 لک ايڪڙ هوندي.

ڊاڪٽر مڪرجي جي ڪٿ موجب، کاڌي جي مکيه شين جي سراسري قيمت اٽڪل 10 آنا في مڻ هئي. هن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن جي دور ۾ اناج جي حساب سان رپئي جي قوت خريد مغلن جي ڏينهن جي رپئي جي قوت خريد جو 50 سيڪڙو هئي.

ڪلهوڙن جي دور ۾ زمين جي ڍل 3ء53 لک رپيا ڪٿي وئي آهي، ان ڪري ڪل پيداوار جو ملهه زمين جي ڍل جي ٽيڻ- يعني اٽڪل 160 لک رپيا ٿيندي ۽ ڏهين آني في مڻ جي حساب سان ڪل پيداوار اٽڪل 256 لک مڻ ٿيندي. زمين جي سراسري پيدائش- 12 مڻ في ايڪڙ فرض ڪندي، ان مان اهو معلوم ٿيندو ته ان وقت پوک هيٺ ايندڙ زمين سالياني 21 لک ايڪڙ هوندي- ۽ ڪنهن به حالت ۾ ويهن لکن ايڪڙن کان ته گهٽ ڪين هوندي.

اسان لکي آيا آهيون ته ٽالپرن جي دور ۾ سراسري زمين جي ڍل اٽڪل 7ء30 لک سالياني هئي. جيئن ته ان وقت به ڍل جنس جي صورت ۾ ورتي ويندي هئي ۽ ٽي کوڙيءَ جي حساب سان زمين جي ڪل پيداوار جو ملهه اٽڪل 92 لک رپيا ٿيندو. ٽالپرن جي وقت ۾ رپئي جي قوت خريد، مغلن جي وقت جي قوت خريد جي 35 سيڪڙي کان به گهٽ هئي. جڏهن اناج جي قيمت پنج آنا في مڻ ڪٿي وئي آهي، انهي مان حساب لڳائبو ته ٽالپرن جي وقت ۾ اناج جي قيمت 15 آنا في مڻ هوندي ۽ ان موجب سالياني زرعي پيداوار اٽڪل 100 لک مڻ هوندي. وري به 12 مڻ في ايڪڙ جو حساب لڳائيندي معلوم ٿيندو ته ٽالپرن جي وقت ۾ پوک هيٺ ايندڙ سالياني ايراضي اٽڪل سوا 8 لک ايڪڙ ٿيندي. جيڪڏهن اسين انهي زمين ۾ انهن جاگيرن جون زمينون به جوڙ ڪنداسين، جيڪي ٽالپرن پنهنجي مٽن ۽ مائٽن ۽ لاڳاپيدارن کي بخشيون هيون ۽ جن تان ڪابه ڍل وصول ڪانه ٿيندي هئي ته پوک هيٺ ايندڙ ايراضي ڏهن لکن ايڪڙن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه ٿيندي. اهو اندازو بلڪل مناسب آهي، ڇو ته انگريزي راڄ ۾ 1875ع کان 1885ع تائين ڏهن سالن جي عرصي ۾ جاگيرن هيٺ پوکجندڙ زمين جي سراسري ايراضي ڏيڍ لک ايڪڙن کان به مٿي هئي- ۽ 1847ع ۾ يعني انگريزي راڄ شروع ٿيڻ کان فقط ٽي سال پوءِ هڪ انگريزي ڪمشنر اهو تخمينو ڪيو هو ته سنڌ ۾ سرڪاري زمينن جو اٽڪل ڏهون حصو جاگيرن ۾ منتقل ڪيو ويو هو. ان ڪري، ڪنهن به صورت ۾ ٽالپرن جي وقت ۾ پوک هيٺ ايندڙ سراسري ايراضي 10 لکن ايڪڙن جي ويجهو هوندي. هن مان اها خبر پوي ٿي ته ڪلهوڙن جي وقت جي ويهن لکن ايڪڙن ۾ ڪيڏي ڪتر ۽ گهٽتائي اچي وئي هئي.

انهي سلسلي ۾ اهو دلچسپي کان خالي نه ٿيندو ته هتي انگريزي راڄ جي شروع ٿيڻ (1843ع) کانپوءِ پوک هيٺ ايندڙ زمين ۽ زمين جي ڍل جا ڪجهه انگ اکر به ڏجن. 1849ع ۾ لئنڊ روينيو سيٽلمينٽ موجب، جڏهن ڍل نقدي جي صورت ۾ وٺڻ جو طريقو رائج ڪيو ويو، تڏهن سرڪار جو حصو هڪ نار جي پويان 0-8-24 يا في ايڪڙ اٽڪل 0-8-2 هو ٽالپرن، ڍل کانسواءِ ٻيا به ڪي محصول مڙهيا هئا. انگريزن اهي بند ڪري ڇڏيا، باقي ٻيو سرشتو ساڳيو رکيائون مجموعي ڍل 3 رپيا في ايڪڙ هوندي هئي--۽ اهو به معلوم اٿئون ته ڪل زمين جي ڍل سراسري 7ء30 لک رپيا وصول ٿيندي هئي، ته ان مان به هڪدم معلوم ٿيندو ته جاگيرن کانسواءِ جن مان ڪابه ڍل ڪانه اڳڙندي هئي، ڪل زير زراعت زمين اٽڪل ڏهه لک ايڪڙ هوندي هئي. ڪنهن به حالت ۾ اسان جو اهو اندازو ته جاگيرن سميت زير زراعت زمين ڏهه لک کن ايڪڙ هئي، ڪو گهڻو ڪو نه آهي، ڇو ته انهي جي تصديق ان حقتيقت مان ٿئي ٿي ته سنڌ کي انگريزي حڪومت ۾ ملائڻ کان اٽڪل 16 سال پوءِ 1859ع ۾ زير زراعت زمين جاگيرن کانسواءِ سراسري طرح اٽڪل 18ء13 لک ايڪڙ هئي.

انهيءَ طرح اسان کي خبر پئي ٿي ته سنڌ جي زرعي پيداوار جي قوت مغلن جي وقت ۾ چڱي عروج تي هئي. اوائلي ڪلهوڙن جي دور ۾ اها اڃا به وڌيڪ بلندي تي پهچندي وئي- ۽ ان کانپوءِ ان جو زوال شروع ٿيو، تان جو ٽالپرن جي وقت ۾ وڃي تري تي پهتي. انگريزن جي راڄ ۾ زراعت جي ايراضي وڌندي وئي-- ۽ 79- 1878ع ۾ ساڳي ڪلهوڙن واري بلندي يعني ويهن لکن ايڪڙن تائين وڃي پهتي. اهو وڌندڙ لاڙو اڃا به وڌي رهيو آهي-- ۽ 31- 1930ع ۾ زير زراعت ايراضي 3ء46 لکن ايڪڙن تائين پهتي- ۽ ان سال کانپوءِ نئين سکر براج جي تيار ٿي وڃڻ جي ڪري انهي ايراضيءَ ۾ اڃا به ٻين ڏهن لکن ايڪڙن جو اضافو ٿيو آهي.

باب ڇهون

آدمشماري، صنعت ۽ واپار جا مرڪز

هندستان جي ٻين پرڳڻن وانگر، سنڌ جا شهر به آدمشماري، صنعت ۽ واپار جا مکيه مرڪز هئا. واپار ۽ صنعت جي وڌڻ سان نوان نوان شهر ۽ قصبا پيدا ٿيا ۽ پراڻا شهر وڌيڪ وڏا ٿيندا ويا. ٻهراڙين مان آدمشماري اچي شهرن ۾ گڏ ٿيڻ لڳي، جڏهين صنعت ۽ واپار پوئتي پوڻ لڳا، تڏهن آباد ۽ آسودا شهر به ڦٽڻ لڳا.

هيٺين ٻن دورن ۾ سنڌ جي شهرن ۽ قصبن جو اڀياس ڪرڻ دلچسپ ٿيندو:

(1)        مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي دور ۾- يعني سورهين صديءَ جي آخر کان ارڙهين صدي جي وچ تائين (2) پوين ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ يعني 1843ع ۾ سنڌ جي انگريزي حڪومت ۾ گڏجي وڃڻ تائين هڪ سو سال جي عرصي ۾.

ڀاڱو پهريون

سنڌ جا شهر ۽ قصبا

(مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾)

مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ جا مکيه شهر هي هئا: ٺٽو، نصرپور ۽ سيوهڻ، لهري بندر، بکر ۽ روهڙي، سکر، ڪنڊيارو ۽ درٻيلو، گمبٽ، بوبڪ ۽ سن. وقت جي معيارن پرکڻ سان انهن مان ڪي شهر تمام وڏا ۽ آباد شهر ليکيا ويندا ۽ حقيقت ۾ اهي شهر صنعت ۽ واپار جا تمام مکيه مرڪز هئا. هر هڪ جو مختصر بيان ڏيڻ دلچسپي کان خالي نه رهندو.

ٺٽو: ٺٽي جي بنياد پوڻ جي صحيح تاريخ جي باري ۾ پوري پڪ آهي، ان هوندي به ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٺٽو، چوڏهين صدي جي وچ کان ارڙهين صدي جي وچ واري عرصي تائين سنڌ جو اهم ترين شهر هو ڊاڪٽر ٻالڪرشن جي چوڻ مطابق ٺٽو سترهين صدي ۾ پهريون پهريون ۽ گهٽي ۾ گهڻي اهميت رکندڙ شهر هو ۽ سڄي اتر هندستان ۾ ڪو به اهڙو شهر نه هو، جنهن ۾ ٺٽي کان وڌيڪ واپار هلندو هجي ڊاڪٽر مڪرجي، ڊي لئيٽ جي حوالي سان ان ڳالهه جي تصديق ٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته هندستان جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو واپاري مرڪز هو. مورلئنڊ جي چوڻ مطابق جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن جا سياح هندستان جي وڏن شهرن کي مغرب جي وڏن شهرن سان هڪ ئي درجي ۾ ليکين ٿا ته ان مقولي موجب ٺٽو شايد دنيا ۾ آدمشماري ۽ واپار جي نهايت وڏن مرڪزن مان هڪ هوندو.

ٺٽو سوٽي ڪپڙي جي مختلف قسمن جهڙوڪ پڻئه، بافتي ۾ ڇيٽن، ململ ۽ وائل جي ٺهڻ جو مکيه مرڪز هو. ريشم مان تيار ٿيل شين ۽ چمڙي جي ڪم جي غير معمولي ڪاريگري لاءِ پڻ ٺٽو بيحد مشهور هو. ٺٽو سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ شين ڪپڙي، چمڙي جو سامان، نير، شوري ۽ چانور، کنڊ، مکڻ ۽ لوڻ- جي مکيه مارڪيٽ هو، جيئن ائين اڪبري وارو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ٺٽو هڪ نهايت آباد بندر هو، جنهن ۾ ننڍيون توڙي وڏيون ٻيڙيون اٽڪل چاليهه هزار هونديون هيون. هندستان جي ٻين مکيه مارڪيٽن- ملتان ۽ لاهور، آگري ۽ احمد آباد سان ٺٽي جا گهاٽا واپاري لاڳاپا هوندا هئا ۽ سندس واپار الهندي ڪناري تي گهوئا، ڪئمبي ڊيو ۽ سورت، ۽ ڏکڻ ۾ ملبار جي مکيه بندرن سان هلندو هو. ٺٽي جو واپار رڳو هندستان تائين محدود ڪين هو، پر ايران، افغانستان، وچ ايشيا ۽ اولهه يورپ سان پڻ وڏي پيماني تي واپاري مٽاسٽا هلندي هيس.

ٺٽي جي ايڏي ته عظمت هئي جو ”تاريخ طاهريءَ“ جو مصنف سمن جي دور جي ساراهه ۾ جنسي شاعري ڪرڻ ٿو لڳي. ”حقيقت ۾ ٺٽي جو بنياد ڪنهن اهڙي سڀاڳي گهڙي تي پيو، جو هتي جي رهواسين تڪليف ۽ رنج کي ڪڏهن ڪين ڏٺو آهي. جيڪي وٽن آهي، ان تي ئي قناعت ڪريو، آرام ۽ عيش سان پنهنجا ڪم ڪاريون ڪندا رهن ٿا- جهڙو آرام ۽ خوشي هنن کي آهي، اهڙي ٻئي ڪنهن هنڌ ورلي لڀندي. هفتي ۾ هڪ ڏينهن پورهيو ڪري، باقي ڏينهن آرام ڪرڻ ۽ دل جو سڪون لاهڻ..... فقط ٺٽي جي ماڻهن کي ميسر آهي.“ سترهين صديءَ جو هڪ مقامي مورخ فرريد بکري به ساڳي طرح چوي ٿو: ”ٺٽي کي ڌرتيءَ جي جنت سڏي سگهجي ٿو. هتي جي رهواسين ڪڏهن به ڏکي گهٽيءَ ۾ پير نه رکيو آهي. هنن جي دلين تي خوشي راحت جو راڄ آهي- ٿوري ۾ جيڪر ائين چئجي ته ٺٽو ”راق ٿاني“ آهي“ ٺٽو اهڙو ته سکيو شهر هو، جو جڏهن پورچوگيز ڪمانڊر ”بئريٽو“ 1555ع ۾ شهر تي ڪاهه ڪئي، تڏهن ويهن لکن سونين مهرن جون ملڪيتون رڳو باهه ۾ سڙي ناس ٿي ويون، ٺٽي جي ڦر لٽ مان هنن کي ايترو ته مال غنيمت حاصل ٿيو، جو ايشيا ۾ شايد ئي ڪنهن کي مليو هجي.

14-1613ع ۾، نڪولس وٿنگٽن کي، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڏاڍو برو سفر ڪاٽڻو پيو، تڏهن به سنڌ ۾ ٺٽي کي ساراهيندي چوي ٿو- ”هندستان جو ڪو به شهر ٺٽي کان واپار ۾ وڌيڪ نه آهي- ۽ سنڌ جو مکيه بندر ”لهري بندر“ ٺٽي کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي آهي.“ والٽر پيٽن، جيڪو انهن ئي ڏينهن ۾ ڪئپٽن ڪرسٽا فرنيو پورٽ سان سندس سفر ۾ ساٿي هو، ٺٽي لاءِ لکي ٿو ته ”ٺٽو هڪ عظيم شهر آهي- ۽ هندستان جي مشهور ترين مارڪيٽن مان هڪ آهي.“ وڌيڪ لکي ٿو ته ”رڳو پورچوگال سان واپار ڪرڻ ۾ گرزيٽس ۽ بنبانس ڏانهن پنهنجا جهاز موڪلڻ تان کين ڪل ساليانو هڪ لک روپيا محصول ملي ٿو- جو انگريزي سڪي ۾ ڏهن هزارن پائونڊن جي برابر آهي.“ سر ٽامس رو جو پادري ايڊورڊ ٽيري 1615ع ۾ لکي ٿو ته ”ٺٽو هڪ مکيه شهر آهي. سنڌو درياهه ان ۾ ڪيترا ٻيٽ بنايو ڇڏي، جيڪي بيحد وڻندڙ ۽ ميويدار آهن.“ سترهين صدي (62-1635ع جي انگريزي ڪوٺين جي منتظمين به ٺٽي جو ڪيترن هنڌ ذڪر ڪيو آهي. هو لکن ٿا ته ”ٺٽي ۾ ڪورين جا اٽڪل 3- هزار خاندان آيا آهن- انهن جو گهڻو حصو چونڪڙيءَ تي اڄيل ڪپڙو (کيس) ٺاهي ٿو، جو ترڪي ۽ ايران ۾ گهڻو ٿو وڪامي. هتي جا واپاري انهن کي گهڻي تعداد ۾ ڪانگو (ايران جو ڪانگن بندر) ۽ بصري جي بندرن ڏانهن موڪليند آهن.“مانريق (1641ع) پورچوگيز سياح، جنهن ٺٽي ۾ مهينو کان گذاريو، سو ٺٽي کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٿو سڏي ۽ چوي ٿو ته ٺٽو هڪ وڏو صنعتي مرڪز، ۽ مکيه بندر هو، جنهن ۾ هميشه جهازن جون قطارون بيٺيون هيون. اهي جهاز هر ڪنهن قسم جو سامان ايشيا ۽ پورچوگال جي مختلف حصن ڏانهن کڻي ويندا هئا. منوڪي (1659ع) لکي ٿو ته، ”ٺٽي ۾ عاليشان سفيد ڪپڙو، ٿلهو ڪپڙو ۽ ٻن قسمن جو ڇريل ڪپڙو گهڻي انداز ۾ تيار ٿئي ٿو. منجهس چمڙو به ڪافي ٿئي ٿو، جو عربستان ۽ ايران ڏانهن بر آمد ڪيو وڃي ٿو.“ ٿوناٽ (1661ع)، جو سنڌ ۾ آيو ته ڪو نه، پر جنهن کي اعتبار جوڳو ۽ صحيح تبصره نگار تسليم ڪيو ويو آهي، لکي ٿو ته هن صوبي جو مکيه شهر ٺٽو آهي- ۽ سڀ کان هيٺ ڏکڻ ۾ ديول جو شهر آهي.... هن ملڪ ۾ واپار تمام گهڻو هلي ٿو- ۽ خاص ڪري ٺٽو انهيءَ واپار جو مرڪز آهي، جتي سموري هندستان جا واپاري اتي جي رهواسي صنعتڪارن ڪاريگرن جون ٺاهيل عجيب و غريب شيون اچي خريد ڪندا آهن- اهي ڪاريگر سڀني هنرن ۾ عجب جهڙي قابليت ۽ ماهريت جا مالڪ آهن.... سنڌو درياءُ ٺٽي جي اوسي پاسي ڪيترا ٻيٽ بنايو ڇڏي، اهي ٻيٽ ڏاڍا ميويدار ۽ وڻندڙ آهن- انهن جي ڪري ٺٽو هندستان جي عظيم ترين شهرن مان هڪ بنجي پيو آهي.“ ٽئورنيئر، جو به ٿيوناٽ واري ساڳئي سال هندستان ۾ هو، لکي ٿو ته ”ٺٽو، هندستان جي وڏي ۾ وڏن شهرن مان هڪ آهي- ۽ ”سنڊي“ کان، جو سنڌو درياءُ جي ڇوڙ وٽ ٻڌل آهي، ٿورو مٿي آهي.“ اليگزينڊر هئملٽن، جو سنڌ ۾ 1699ع ۾ هڪ وڏي جهاز سان آيو هو، ٺٽي لاءِ لکي ٿو ته ”هي شهر ملڪ جي مارڪيٽ آهي- ۽ تمام وڏو ۽ آسودو شهر آهي. اٽڪل ٽي ميل ڊگهو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو آهي. ٺٽي جو شهر مذهبيات، علم لغت ۽ علم سياسيات جي ڪري مشهور آهي- منجهس چار سؤ کان به مٿي ڪاليج آهن، جن ۾ نوجوانن کي انهن علمن جي تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي ٿي.“

اسان اهو به لکي آيا آهيون ته جڏهن نادر شاهه 1739ع ۾ ”پنجن لکن کان به وڌيڪ“ ايراني لشڪر سان ٺٽي ۾ داخل ٿيو، تڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي، ٺٽي جي حاڪم، نادرشاهه جي آڻ مڃي- ۽ سندس سموري لشڪر ۽ اٽالي جي سورهن ڏينهن تائين شاهي مهماني ڪئي، پر تنهن هوندي به اڻاٺ جو ڪو آثار ڪو نه پيدا ٿيو.“ هي هو ٺٽو- ايشيا جي عظيم ترين شهرن مان هڪڙو شهر، جنهن جي تصوير اسان کي تاريخ نويسن سپاهين ۽ سياحن جي تحريرن مان ملي ٿي، - جو هڪ اهڙو شهر هو، جنهن جي آدمشماري تمام گهڻي هئي، جنهن ۾ دولت جي فراواني هئي، زرخيز زمينون هيون، ۽ جو ملڪان ملڪ هلندڙ واپار، عاليشان صنعتن ۽ فن جو مرڪز هو، ۽ جنهن ۾ بيشمار درسگاهون ۽ عالم فاضل شخص هئا. ٺٽو، ڏکڻ سنڌ جي ڪيترن گهراڻن- سمن ۽ سومرن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن- جي حڪومت جو گاديءَ جو هنڌ هو ۽ اهو ٺٽي جو شهر ڄڻ ته سنڌ جي شهزاديءَ مثل هو، جنهن کي هٿ ڪرڻ ۽ ريجهائڻ لاءِ تغلقن ۽ منگولن، پورچوگيزن، ڊچن، ايرانين ۽ پٺاڻن پئي ڪوشش ڪئي. پر سترهين صديءَ جي ٽي چوٿائيءَ ٺٽي جو ستارو بدلجڻ لڳو- ۽ ٺٽو عرش تان اچي فرش ٿي پيو. سندس زوال شروع ٿي چڪو هو، انهيءَ زوال کي مڪمل ٿيڻ ۾ ڏيڍ سو ورهيه لڳي ويا. 1667ع ۾ ئي ٽئورنيئر اندازو لڳايو هو ته درياءَ جي پيٽ ۾ رءُ ڄمي وڃڻ ڪري ٺٽي جو دريائي واپار پوڻو پوندو پئي ويو: ”ٺٽي جو واپار، جو اڳي تمام گهڻو هوندو هو، سو هاڻي پوئتي پوڻ لڳو آهي، ڇاڪاڻ ته درياءَ جو پيٽ خطرناڪ ٿيندو وڃي، ۽ ڏينهون ڏينهن تانگهو ٿيندو وڃي، ۽ وچ ۾ واريءَ جي دڙن درياءَ کي بلڪل سڪائي ڇڏيو آهي.“

هئملٽن 1699ع ۾ جيتوڻيڪ ٺٽي جي شان شوڪت کان گهڻو متاثر ٿيو هو. تڏهن به شهر جي ڊٺل پناهه ۽ ويران مينارن جو ذڪر ڪيو اٿس. 1229ع ۾ نادرشاهه جڏهن شهر تي حملو ڪيو، تڏهن ٺٽي ۽ پسگردائي وارن حصن کي انهيءَ حملي جي ڪري گهڻو نقصان پهتو. پر ان هوندي به انگريزن جڏهن سنڌ ۾ ٻي ڪوٺي قائم ڪئي (74-1785ع)، ۽ خود ٺٽي جي مال لاءِ انگريزن جي طلب ڪافي گهٽجي ويئي، ان وقت به ٺٽو هڪ مکيه شهر هو، ڇو ته منجهس اڃا به ملتان جي ٽيهن ناميارن تاجرن ۽ ڪجهه سورت جي واپار خاندانن جو قيام هو.

جڏهن انگريزي ڪوٺي بند ٿي وئي، تڏهن کان اٽڪل 25 سالن لاءِ تاريخي رڪارڊ ۾ هڪ وڏو خال آهي. پر ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته ٺٽي جو زوال جاري رهيو- ۽ انهيءَ ڪري واپار جا نوان مرڪز- جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور اُسرڻ لڳا. جڏهن انگريز سياسي ايلچين اوڻهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ ٺٽي ۾ قدم رکيو، تڏهن شهر جي حالت رحم جوڳي ڏٺائون: اڳيون سمورو شان ۽ شوڪت مٽيءَ ۾ ملي ويو هوس، ”سندس عظمت ناس ٿي وئي هئي-“ ۽ سڄو شهر ويران ۽ اداس حالت کي پهتل هو، جنهن جو نظارو ڏاڍو دکدائڪ هو“-؛ ”فقط ٿورين مٽيءَ مان اڏيل جهوپڙين جو هڪ ميڙ هو- ۽ جنهن جي آدمشماري ٻن هزارن کان به گهٽ هئي- سندس شان مڪمل طرح ختم ٿي ويو هو“ سندس ”قديم بزرگيءَ جو اعزاز“ هميشه لاءِ کسجي چڪو هو. ان جي باوجود اوائلي اڻويهين صديءَ جا انگريز مصنف- جيڪي مقامي ماڻهن جي بيانن کي شڪر ۽ تنقيدي نظر سان ڏسندا هئا- ۽ جن ٺٽي م فقط ڦٽل آثارن ۽ يادگارن کان سواءِ ڪجهه ڪين ڏٺو- اسان کي ٻڌائين ٿا ته ٺٽو ڪنهن وقت عظيم تختگاهه هو، سندس آدمشماري تمام گهڻي هئي- ۽ دنيا جي مختلف ملڪن سان سندس تمام گهڻو واپار هلندو هو. پاٽنجر (1816ع) لکي ٿو ته ”ٺٽي کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽو وڏو شهر هو- جيڪو ٿوري وقت اندر ايشيا جي شاهوڪار ترين شهرن ۾ هڪڙو شمار ٿيڻ لڳو-۽ هندستان جي اپٻيٽ ۽ ايشيا جي حصن سان- جيڪي هندستان جي اتر- اولهه تي آهن- هلندڙ سموري واپار لاءِ وڏي ۾ وڏي مارڪيٽ هو.“ ڪينيڊي (1840ع) لکي ٿو ”ٺٽي کي پهرئين ڀيري ڏسڻ سان، ماڻهو سندس شان ۽ ڀڀڪي کان مرعوب ٿيو وڃي..... ٺٽو هڪ اهڙي شاندار شهرين نظاري جي تصوير آهي، جيڪا مون هندستان ۾ اچي ڏٺي آهي- سندس واپار چين، آمريڪا ۽ عربستان سان هلندو هو- سنڌو درياءَ ۾ ان وقت جا وڏي ۾ وڏا واپاري جهاز هلندا هئا- انهيءَ ڪري ٺٽو هندستان جي ٻين سڀني بندرن کان گوءِ کڻي ويو هو. برٽن (1851ع) به ساڳي ڳالهه ٿو ڪري: ننگر ٺٽو- جو صحيح معنائن ۾ هڪ شهر آهي- ڪيترن ئي عاليشان نظارن جو شهر آهي- ڏکڻ سنڌ جو هي تختگاهه پنهنجي ڪماليت تان ڊهي زواليت تي اچي پهتو آهي. جتي اڳي آدمشماري ٻه سو اسي هزار ماڻهن جي هوندي هئي، سا گهٽجي اچي پنجن هزارن تي پهتي آهي. اڳي سندس گهيرو ٽيهن ميلن تائين هو، پر هاڻ گهٽجي اچي ڏهن ميلن ٿي بيٽو آهي. سندس پنج هزار آڏاڻن مان- جن ۾ سڄي وچ ايشيا جون مشهور معروف شالون ۽ ٻيو ريشمي سامان تيار ٿيندو هو- باقي ڪو ڊزن کن وڃي بچيا آهن، ۽ سندس چئن سون ڪاليجن مان هڪ به باقي نه بچيو آهي.

نصرپور: سلطان فيروز شاهه تغلق، دهليءَ جي شهنشاهه جڏهن سنڌ کي 62-1361ع ۾ پوريءَ طرح فتح ڪري ورتو، تڏهن سنڌ جي حڪومت جون واڳون پنهنجي هڪ نائب نصير خان کي سونپي، پاڻ موٽي دهليءَ ويو. ڊي ائنول جي چوڻ موجب نصرپور جو شهر انهيءَ نصير خان، سنڌو درياءَ جي هڪ شاخ سانگڙا جي ڪپ تي ٻڌايو. نصرپور لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي شهر هڪ سهڻو شهر هو، جنهن جي پسگردائيءَ ۾ عاليشان باغ، وڻندڙ چمن ۽ تفريح جون ڪيتريون جايون هونديون هيون. ترخانن انهن کي سڌارڻ ۽ سينگارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، ۽ انهن جي دور ۾ ”سندس شان شوڪت ڪافي وڌيو“. سترهين صديءَ ۾ هڪ وڏو ۽ آباد شهر بنجي پيو هو، ۽ ڪپڙي جي صنعت جو هڪ وڏو مرڪز هو- خاص ڪري هرک، بافتا ۽ سوسين جا ڪپڙا سٺا تيار ٿيند هئا. صوبي جي مکيه شهر ٺٽي سان برابري ڪندڙ شهر هو- ۽ انگريزن جڏهن پهرين ڪوٺي سنڌ ۾ کولي، تڏهن ان جي هڪ زبردست آفيس نصرپور ۾ به کوليائون، ۽ اتي هڪ دائمي ريزيڊنٽ پڻ مقرر ڪيائون. انگريزي ڪوٺيءَ وارا انهيءَ باري ۾ لکن ٿا ته: ”ٺٽي کي ويجهي ۾ ويجهو ٻيو شهر نصرپور آهي، جو ڪپڙي تيار ڪرڻ جو اهم ترين مرڪز آهي. رپورٽن موجب، منجهس 3000 ڪورين جا خاندان آباد ٿيل آهن. هي شهر کان جي وڏو نه آهي ته سندس برابر جيڏو بيشڪ آهي....“ وچولي سنڌ ۾ نصرپور واپار ۽ صنعت جو وڏو مرڪز هو- ۽ درياءَ جي آمدرفت رستي ٺٽي پهچندو هو- جتان وري اهو دنيا جي وڏين مارڪيٽن ڏانهن کڄي ويندو هو.

نصرپور جي زوال جي صحيح تاريخ جو پورو پتو نه آهي پر ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته درياءَ جي وهڪري بدلائڻ ڪري هي شهر ڦٽي ويو- ۽ انگريزن جي اچڻ وقت، ڦٽي ڦٽي باقي وڃي هڪ ننڍي ڳوٺ جي شڪل ورتي هئائين.

سيوهڻ: سيوهڻ تمام قديم شهر آهي. سڪندر اعظم جي 326 ق. م سنڌ ۾ اچڻ ۽ فتح ڪرڻ کان اڳ به سيوهڻ جو شهر وجود هو. سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي کيرٿر جبل جي هڪ مٿاهين هنڌ تي، سنڌ جي هڪ زرخيز علائقي ۾ سيوهڻ جو شهر هڪ مشهور شهر هو ۽ وچ سنڌ جي لاءِ هڪ وڏي مارڪيٽ هو. ڪنهن وقت سنڌ جو تختگاهه هو، ۽ هندو راجائن جي وقت ۾ هڪ آباد ۽ وسيل شهر هو، پر تيرهين صدي ۾ سندس اهميت ختم ٿي وئي. سنڌ جي هڪ مشهور درويش لال شهباز قلندر جي اتي رهڻ ڪري ٻيهر اهو مرتبو ملي ويس. انهي درويش جي مقبري جي زيارت ڪرڻ لاءِ هندو توڙي مسلمان پري پري کان ڪهي ڪهي ايندا آهن.

ابن بطوطه جي سنڌ ۾ اچڻ وقت (1334ع) سيوهڻ هڪ ”وڏو شهر هو“- ۽ سمن، سومرن ۽ ارغونن جي وقت ۾ ترقي حاصل ڪندو ويو. مغلن جي دور ۾ ائين ٿو ڏسڻ اچي ته سيوهڻ ۾ سندن گورنر رهندو هو. ان وقت سيوهڻ هڪ مکيه شهر هو ۽ نير، ڪپڙي ۽ آفيم تيار ڪرڻ جو وڏو مرڪز هو، جو ٺٽي جي واپارين معرفت ڏيساور ڏانهن برآمد ڪيو ويندو هو.

سيوهڻ، تاريخ ۾ ٻن مشهور ڀائرن ابوالفضل ۽ فيضي جي ڄمڻ جو هنڌ هجڻ ڪري به مشهور آهي، جيڪي اڪبر جي درٻار جا رتن هئا. ابوالفضل جڏهن سنڌ ۾ آيو. تڏهن هن پاڻ کي سنڌ جي سر زمين جو سپوت ڪري سڏڻ ۾ وڏو فخر ورتو.

سترهين صدي جي انگريزي ڪوٺي وارن جا، سيوهڻ جي واپاري اهميت بابت بيان خاص دلچسپي رکن ٿا. هن شهر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هڪ زبردست آفيس هوندي هئي، جنهن تي هڪ دائمي آفيسر مقرر ڪيل هو. هو لکن ٿا ته ”سيوهڻ درياءَ جي ڪپ تي ٻڌل هڪ شهر آهي. سڀ کان مکيه شئي جا ان شهر ۽ سندس پسگردائيءَ ۾ تيار ٿئي ٿي سا آهي نير جو ڏسڻ ۾ بيانا ۾ ٺهندڙ نير جهڙوئي آهي، پر ايترو سٺو نه آهي.....اٽڪل هڪ هزار ڪٽنب ڪورين جا رهن ٿا، جي بهترين قسم جو بافتو تيار ڪن ٿا..... مکڻ ۽ تيل اتان، هت (ٺٽي ۾) گهڻي انداز ۾ وڪري لاءِ آندو وڃي ٿو. آفيم به گهڻي مقدار ۾ تيار ٿئي ٿو. انهن شين جو گهڻي ۾ گهڻو حصو هت (ٺٽي ۾) وڪامڻ لاءِ اچي ٿو.“

ڊاڪٽر ڪينيڊي چوي ٿو ته ”سيوهڻ جا ڦٽل آثار قديم زماني جا اهم ترين يادگار آهن. ميلن جي ايراضي ۾ ڀڳل بهرا، ڊٺل مسجدون ۽ مقبرا هن شهر جي قديم عظمت جي ثابتي ڏين ٿا.“ چيو وڃي ٿو ته ڪلهوڙن هن شهر کي تباهه ڪيو هو، پر ڏسجي ٿو ته سندس شان ۽ آسودگي جا تڏهن به ڪجهه نشان باقي هئا. ٽالپرن جي دور ۾ سندس زوال تڪڙو تڪڙو ٿيڻ لڳو، پر سيوهڻ جي انهي زوال ۾ درياءَ جي بدلجندڙ وهڪري جو به گهٽ اثر نه هو. جڏهن سنڌ انگريزن جي هٿن ۾ اچي وئي، تڏهن سيوهڻ فقط هڪ رواجي شهر هو، جنهن جي آدمشماري ٻه هزار مس هئي.

بکر، روهڙي ۽ سکر:- مٿي ٻڌايل شهرن وانگر هنن، اپر سنڌ ۾ درياءَ جي ڪنارن تي ٻڌل- ٽنهي شهرن جي بنياد پوڻ جي به صحيح تاريخ معلوم ڪرڻ ممڪن نه آهي. پر ايترو يقيني آهي ته ڏهين صديءَ ۾ جڏهن ’ابن دردازبا‘ پنهنجو ڪتاب ”رستن ۽ بادشاهتن جو ڪتاب“ تصنيف ڪيو، تڏهن روهڙي ۽ سکر جي وچ ۾ بکر جو شهر موجود هو. جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو، تڏهن بکر کي هڪ سهڻو شهر ڏٺائين، جنهن وچان سنڌو درياءَ جي هڪ کاري ٿي لنگهي. بکر ڪيتري وقت تائين اتر سنڌ جو تختگاهه ۽ وڏي مارڪيٽ هو، ۽ اتر هندستان ۽ وچ ايشيا سان جن رستن ذريعي واپار هلندو هو، انهن کي ڳنڍيندڙ شهر هو. سکر ۽ روهڙي سندس ثانوي ننڍڙا شهر هئا- ۽ ٻنهي شهرن کي گهڻي ڀاڱي بکر جي آسودي ۽ آباد حالت جي ڪري اهميت ملي.

سترهين صدي جي شروعات ۾ بکر، روهڙي ۽ سکر، درياءَ جي ڪناري تي هجڻ ڪري ۽ سياسي ۽ تجارتي اهميت جي ڪري ضرور مکيه شهر هوندا. جوزڪ سئلبئنڪ (1609ع) روهڙي، بکر ۽ سکر جي ’مکيه شهر‘ جو بيان ڪندي لکي ٿو: ”روهڙي شهر ۾ ڪڙمي ۽ محنتي ماڻهو رهن ٿا- ڇاڪاڻ ته انهن هنڌن تي بهترين قسم جو نير وڪامي ٿو.“ پورچوگيز سيلاني مارنڪ به ٻڌائي ٿو: اتر سنڌ جو مکيه شهر بکر، هڪ سهڻو شهر هو، جنهن جي چوڌاري چمن ۽ باغ باغيچا هئا- سندس بازار هرڪنهن قسم جي مال سان ڀرپور هئي. حقيقت ۾ بکر، سکر ۽ روهڙي واري ٽڪري کي سنڌ جو چمن ڪري ڪوٺيندا آهن.

اهي شهر اڄ تائين موجود آهن، پر ٽالپرن جي دور ۾ سندن اڳوڻي آسودگي ختم ٿي وئي هئي. بکر جي بدران اتر سنڌ جي مکيه شهر ۽ واپاري مرڪز جي حيثيت شڪارپور کي حاصل ٿي ۽ روهڙي لاءِ جيئن پوسٽنس چوي ٿو- ته ”روهڙي اڳ ۾ واپار اهميت رکندڙ وڏو شهر هو، پر خيرپور جي اميرن جي هٻڇ ۽ ظلم جي ڪري ڦٽي ويو هو. گهڻا ماڻهو شهر مان لڏي ويا ۽ سندس شاهوڪار واپاري. ٽالپرن جي ظلمن جي ڪري شهر ڇڏيندا ويا ۽ گهٽبا ويا.“ سکر جو به ساڳيو حال ٿيو ۽ جيئن ٽارنٽن ٻڌائي ٿو ته ”جيتوڻيڪ ڪنهن وقت سکيو ۽ آباد شهر هو، هاڻي ڦٽي ويو آهي ۽ باقي وڃي سندس ڦٽل منارن، مسجدن ۽ ٺلن جا نشان بچيا آهن.“

لهري بندر:- لهري بندر تاريخ نويسن لاءِ هڪ خواب بڻجي چڪو آهي. ڪنهن وقت سنڌ جو مکيه بندر هو، پر اڄ سندس نشان به باقي ڪونهي ۽ مختلف هنڌن تي ان کي ٺٽي ۽ سنڊي، يا عربن جي ڪاهه جي وقت جي مشهور بندر ديبل سان تعمير ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ لهري بندر يا ديبل جي صحيح جاءِ وقوع جي سوال جي اڀياس ڪرڻ جو ضرور ڪونهي. ايترو چوڻ ڪافي آهي ته سڀ مستند تاريخ نويس انهيءَ تي متفق آهن ته ڏکڻ سنڌ ۾ ٺٽي کانسواءِ ٻيو به هڪ بندر هو- ۽ ڀانئجي ٿو ته لهري بندر قديم ديبل کان به گوءِ کڻي ويو هو، جيتوڻيڪ ديبل جو به نالو ڪافي مشهور هو.

لهري بندر، چوڏهين صديءَ جي اوائل ۾ ابن بطوطه ڏٺو ته ”هڪ وڏو بندر هو، جتي يمن ۽ فارس (عربستان ۽ ايران) ۽ ٻين هنڌن جا ماڻهو ايندا هئا“ ۽ منجهائس ”اٽڪل سٺ لکن جو محصول“ ڪٺو ٿيندو هو. سترهين صديءَ ۾، هندستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مکيه لنگهه هو. لهري بندر هڪ مشغول بندر هو ۽ هندستان جي پرڏيهي واپار ۽ سنڌ جي سامونڊي واپار جو هڪ مکيه مرڪز هو، جنهن پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن کي ڇڪي آندو، ان جو ڪنارو ڏاڍو سڻائو هو، جتي 200 کان 300 ٽنن جا جهاز- جي ان وقت وڏي ۾ وڏا جهاز ليکيا هئا- ”مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ اچي لنگر انداز ٿيندا هئا.“

پورچوگيزن جو سرڪاري روزنامچو لکندڙ، ائنٽوينوبو ڪارو (1631ع) لکي ٿو ته ”هي بندر تمام وڏو هو ۽ آدم شماري تمام گهڻي هيس.“ انگريزي ڪوٺين وارا به انهي بيان جي پٺڀرائي ڪندي لکن ٿا ته ”سندس اڏاوت جيتوڻيڪ سٺي نه هئي، تڏهن به منجهس ڪافي آدم آباد ٿيل هو ۽ ضرورتن جون سموريون شيون چڱي طرح موجود هيون.“ خلاصه التواريخ جو مصنف، جيڪو اورنگزيب جي ڏينهن ۾ دهلي حڪومت جو هڪ آفيسر هو، سو لکي ٿو ته ديبل (لهري بندر) سنڌ جو مکيه بندر هو، ”موتين ۽ ٻين انمول قيمتي شين کان مشهور شهر آهي- ديبل جي بندر ۾ اٽڪل 4000 جهاز ۽ ٻيڙيون آهن.“

سترهين صديءَ جي آخر ۾ درياءَ جو پيٽ واري ۽ رءُ سان ڀرجي پيو ۽ لهري بندر تائين درياءَ تي آمدرفت مشڪل ٿي پئي، انهي دوران ۾ ٻيا بندر جهڙوڪ اورنگ بندر، شاهه بندر، وستا بندر، وکر، داراجا ۽ ڪراچي اسري پيا. لهري بندر جي اهميت گهٽبي وئي، تان جو سندس نشان به ڪو نه رهيو.

ٻيا شهر:- ڪنڊيارو، درٻيلو، گمبٽ، بوبڪ ۽ سن به صنعتي شهر هئا، اهي شهر يا ته درياءَ جي ڪناري تي هئا، يا درياءَ جي ويجهو ٻڌل هئا. اهي شهر جيتوڻيڪ ننڍا هئا ۽ هر هڪ جو جدا جدا بيان ضروري نه آهي، تڏهن به پرڳڻي جي معاشي زندگي ۾ چڱو حصو ورتائون: ڪنڊياري، درٻيلي ۽ گمبٽ ۾ سٺو سوٽي ڪپڙو تيار ٿيندو هو، جنهن جا ڪي نمونا نه نصرپور کان به سٺا ٺهندا هئا. بوبڪ، سن ۽ سيوهڻ نير ٺهڻ جا مکيه مرڪز هئا. اهي شهر جيتوڻيڪ ننڍا هئا، تڏهن به يورپي واپارين کي انهن تي ڌيان ڏيڻو پيو ۽ هو اڪثر انهن شهرن ۾ خريداري يا وڪرو ڪرڻ لاءِ پنهنجن گماشتن کي پيا موڪليندا هئا. جيستائين، سندن صنعتون ترقي تي هيون، تيسين شهر به وسيل ۽ آباد هئا، پر ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري سڄي سنڌ تي زوال اچي ڪڙڪيو ۽ انهي ۾ هنن شهرن جو به اهوئي حال ٿيو. اڄ تائين اهي شهر موجود آهن، پر هاڻ فقط وڏيرڙا ڳوٺ آهن، جن مان اڳوڻي دولت ۽ اهميت موڪلائي وئي آهي.


[1] . پوسٽنس، ص ص 88-90

[2] . مٿئين ڀاڱي 4 موجب

[3] . سورلي، ص 129

[4] . پوسٽنس، ص 85

[5] . هيگ، انڊس ڊيليا ڪنٽري، ص 116

[6] . آئين                  ص 339- 41

[7] . ايضا، ۽ پڻ سنڌ جو ڪمشنر، هيٺئين حوالي موجب،

[8] . آئين. 2، 238.

[9] . پوسٽنس، ص 238.

[10] . برٽن، ريسرز ائنڊ نرائيبس، ص ص 31-2.

[11] . ايضا، ص 266، نوٽ 15، پڻ پوسٽنس، ص 237.

[12] . سليڪشنس فرام پري ميوٽني رڪارڊس نمبر 1، 1847ع، ص 4.

[13] . والٽر، هئلمٽن، ايسٽ انڊيا گزيٽيئر، ۽ پڻ ڏسو اليز، جي.ايس.ايڇ.ايس؛ جلد 6، ص 3.

[14] . هيوز، گزيٽيئر، ص 41

[15]. برطانوي دور حڪومت ۾ زمينج ي ڍل جو قديم ترين رڪارڊ سال 1853-54 لاءِ آهي، جو 56ء21 لک رپيا آهي، جيئن ته ٽالپرن زراعت سان ڪي وڌيڪ محصول لاڳو ڪيا هئا، ان ڪري ائين چئي ڪين سگهبو ته ٽالپرن جي ڏينهن ۾ زمين جي ڍل 7ء30 لک رپيا هئي، جيئن مٿي تخمينو ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ ائين ٿي سگهي ٿو ته هي وڌ ۾ وڌ حد هجي.

[16] . ايف- آر- ايس، جلد 74، ڀاڱو 3، ص ص 55-6

[17] . اي- ايف- آءِ 1634- 35، ص 181.

[18] .  هن ڀاڱي جي ضميمي الف موجب.

[19] . هن ڀاڱي جي ضميمي- ب موجب.

[20] . سنڌ ۾ 1926-27 ڌاري مکيه فصلن جي سالياني پئدائش ايڪڙ تي ساڍا يارهن مڻ هئي پر اسان پنهنجي حساب ڪتاب ۾ سڄو عدد رکڻ لاءِ کڻي 12 مڻ سمجهون.

[21] .  هن ڀاڱي جي ضميمي- س موجب.

[22]. هي 1807- 50 واري عرصي ۾ عاماگهنڏانهن اشارو ڪري ٿو، انهي عرصي لاءِ انگ اکر موجود آهن ۽ انڊيڪس جنرل کي ڊاڪٽر آر ڪي مڪرجي ترتيب ڏني آهي.

[23] . هن ڀاڱي جي ضميمي – ڊ موجب.

[24] . براج جي مڪمل ٿيڻ واري رپورٽ 32-1933ع موجب، جلد 1، ص D. ان کان اڳئين عرصي لاءِ انگ اکر موجود ڪين آهن پر اهو ظاهر ڏسڻ ۾ ايندو ته اسيرن کي وڏيون جاگيرون عطا ٿيل هيون ۽ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ اهي رد ڪيون ويون.

[25] . چونڊ، ج 1874 ص 5.

[26]. ايٽڪن، جلد A، ص 408 هي اگهه لفٽ لئنڊس لاءِ هو، جو عام هيون (ص 402)

[27]. هيوز، گزيٽيئر، ص 11

[28]. بئريج سيٽلمينٽ رپورٽ، جلد 1، ص ص 4-5

[29]. موسومن ۽ فصلن بابت رپورٽ، (31-1932ع)

[30]. هن سلسلي ۾ ڏسو ”ٺٽي جي شروعات“ تي ضميمو- الف

[31] . بالڪرشنا، ”ڪمرشل رليشنس بٽوين انڊيا ائنڊ انگلنڊ“ ص 11

[32] . مڪرجي، آر ڪي ايڪن، ”هسٽري آف انڊيا“ جي يو پي ايڇ ايس جلد پندرهون، حصو پهريون، صفحو 100، ان سان گڏ ڏسو ڊي لاٽ جو ”ايمپائر آف دي گريٽ مغل“ صفحو 68

[33] . مورلئنڊ، ”انڊيا ايٽ دي ڊيٿ آف اڪبر“، صفحو 23

[34] . ”آئين“ جلد پهريون، ص 338

[35]. بالڪرشنا، ص 12، ساڻ ئي باب ستون ڏسو.

[36] . تاريخ طاهري الئٽ 1، ص ص 273-4.

[37] . فريد بخاري- (زخيره الخوانين) مسوده -1060-ترجمو ص ص 166-67

[38] . ڊينورس- دي پورچوگيزان انڊيا 1894، جلد اول ص 508).

[39] . ڏسو نڪولاس وٿنگٽن جڳو ٽريڪٽيٽ (نڪولاس وٿنگٽن کي ڪئپٽن بيسٽ منگوليا ۾ ڇڏي ويو هو. پڻ ڏسو پرچاز جو ”هز پلگرمس“ جلد 4 ص (V) پرچاز، هز پلگرمس، جلد 4، ص ص 201-205.

[40] . فاسٽر-ارلي ٽريولس آف انڊيا، ص 292.

[41] . EFL, 1934-6 P.130

[42] . سورلي ص 75.

[43] . اسٽورياڊي موگور، 2 ص 427، ٿيوناٽ ص ص 175- 176.

[44] . رئورٽي جي حوالي سان، مهراڻ آف سنڌ، ص 322.

[45] . هئملٽن- اي نيو اڪائونٽ آف دي ايسٽ انڊيز ص ص 71-79.

[46] . پاٽنجر، ٽريولس، ص40.

[47] . ٽلورنير، 1، ص 1.

[48] . ڪئليندڙ، سورلي جي حوالي سان ص ص 52-3.

[49] . پاٽنجر، ٽريولس، ص 45.

[50] . ٿارنٽن، گزيٽيئر، جلد 2، ص 267.

[51] . ڪنڊي ص 81.

[52] . پوسٽنس، ص 250.

[53] . ائبٽ، سنڌ ص 670

[54] . پاٽنجر، ٽريولس، ص 347

[55] . ڪنڊي. جلد اول، ص ص 80، 92

[56] . برٽن، ان هپئي وئلي، جلد اول ص ص 101-100

[57]. مئڪمرڊو، ميمائر آف دي انڊس، ص 25. مئڪمرڊو، هسٽري آف سنڌ، ص 27.

[58]. 132 PP 6-1634 E.F.T

[59] . 132 pp 6-1634 F.E.T

[60] . يرنس، ٽريولس ٽ بخارا، ص 254.

[61] . مئڪمرڊو، ميموئر ان دي انڊس، ص 18.

[62] . E.F.I. 1634- 6pp 129

[63] . ڪينيڊي، انڊس، 1، ص 171، ۽ پڻ ڏسو ٿارنٽن، گزيٽيئر 2، ص 173.

[64] . برنس، بخارا، ص 251.

[65] . ٿارنٽن، 2، ص 174.

[66] . ابن خلدون، الئٽ 1، ص 15.

[67] . ابن بطوطه، ٽريولس، ص 288

[68] . برنس بخارا، ص 257

[69]. پرچاز، هز پلگرمس، جلد 3، ص ص 84-5

[70]. مانريق ص، 233

[71]. پوسٽنس، ص 31

[72]. ٿارنٽن، 2، ص، 159

[73]. ايضا، ص ص 159- 253.

[74] . ائبٽ، سنڌ، ص 45

[75] . بطوطه، ص 187

[76] . مير سمين جو ترجمو ”ائنٽونيو بوڪاريو جا ڪارناما“- جلد 4. حصو 4 ص 201

[77] . ايضاً E.F.I. 1634-6 pp. 124 ائورٽي جو حوالو ص 319 رئورٽي جو حوالو ص 319.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org