ٻئي طرف، جيڪڏهن اهو دليل ڏنو وڃي ته انگريزن جي
سياسي نمائندن جو رايو صحيح آهي ته سنڌ فتح ڪرڻ
وقت سنڌ جي آدمشماري 10 لکن کان گهٽ هئي ته پوءِ
ان مان اهو ثابت ٿيندو ته 1891ع تائين پنجاهه سالن
جي عرصي ۾ سنڌ جي آدمشماري ۾ 20 لکن کان مٿي اضافو
ٿيو يعني آدمشماري ”ٽيڻي“ ٿي پئي. ايتري واڌ ته
بنهه بيمثل ثابت ٿيندي ۽ حقيقتون انهي واڌ جي
تائيد اصل ڪين ٿيون ڪن.
خود يورپ ۾ به اوڻهين صدي ۾ جنهن عرصي ۾ آدمشماري
عجيب ۽ حيرت انگيز اڇلن سان وڌندي رهي. اهڙي قسم
جي واڌ نه ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو تسليم ٿي ويل آهي ته
يورپ جي آدمشماري کي ٻيڻو ٿيڻ ۾ اوڻيهين صدي جا لڳ
ڀڳ 100 ئي سال لڳي ويا. هيءَ حققت به وسارڻ نه
گهرجي ته يورپي ملڪن جي آدمشماري اوڻيهين صدي ۾ ڪن
خاص حالتن جي ڪري وڌي، جيڪي آدمشماري جي وڌائڻ
لاءِ موزون ۽ فائديمند هيون. سائنس جي ترقي، صنعتي
ڪارنامن جو واڌارو، صحتِ عامه ۾ سڌارو، جنهن جي
ڪري موتن جي رفتار گهٽجي وئي. يورپي ملڪن جي وڌندڙ
پيداوار، جنهن جي ڪري اهي ملڪ وڌندڙ ۽ گهڻي
آدمشماري کي کارائي سنڀالي سگهيا ٿي. ٻاهرين ملڪن
۾ بيٺڪون ۽ واپاري لاڳاپن جون سهولتون، زمينن مان
سستيون کاڌي خوراڪ جون شيون ۽ صنعتن لاءِ ڪچو مال
آساني سان ملي سگهين ٿي، آمدرفت جي مشيني ذريعي ۽
ڏڪارن کي روڪي سگهڻ جي طاقت، انهن سمورن سببن جي
ڪري يورپ جي آدمشماري ۾ حيرت انگيز اضافو آيو.
اوڻيهين صدي جي پوئين اڌ ۾ انهن حالتن منجهان سنڌ
۾ هڪ به موجود ڪانه هئي. پاڻ ان جي برعڪس 1843ع ۾
جڏهن انگريزن سنڌ کي پنهنجي سلطنت سان ملايو، تڏهن
هنن ملڪ کي مسلسل لڙاين، ٻاهرين حملن، ڪرندڙ
صنعتن، گهٽجندڙ واپار ۽ تنزل پذير زراعت جي ڪري
بنهه زبون حالت ۾ ڏٺو. انگريزي راڄ جي پهرين
پنجاهه سالن ۾ سنڌ پنهنجي زبون حال معاشي حالتن جي
اثرن کان مس ڪا چڱي ڀلي ٿي هئي ۽ انهي ۾ ڪو شڪ
ناهي ته صحتِ عامه جي ڪريل معيار ۽ زندگي جي غير
صحت بخش حالتن، وري وري ايندڙ متعدي مرضن، پليگ،
ڪالرا، انفلوئنزا ۽ مليريا (موسمي تپ)، ۽ آمدرفت ۽
رسل و رسائل جي اڻپورن ذريعن جي ڪري، انگريزي راڄ
جي پهرين پنجاهه سالن ۾ آدمشماري جي واڌ لازمي طرح
رنڊجي ۽ روڪجي پئي هوندي انهي عرصي ۾ آبپاشي جي
ذريعن ۾ به ڪو قابل توجهه واڌارو يا سڌارو ڪو نه
آيو هو. انهن سمورين ڳالهين کي خيال ۾ رکندي، فقط
هڪڙوئي مناسب نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته اوڻيهين صدي
جي ”سياسي ڪامورن وٽ سنڌ جي آدمشماري جو صحيح ڪاٿو
۽ تخمينو لڳائڻ لاءِ ڪي به ذريعا ڪين هئا، ان ڪري
هن سنڌ جي آدمشماري جي تعداد کي نهايت گهڻو گهٽائي
لکيو آهي ۽ سندن تخمينا ايترا ته قدامت پسندانه
آهن جو آدمشماري جي اڀياس ۽ کوجنا جو ڪو به طالب
علم ان کي قبول نه ڪري سگهندو.
ٽالپرن جي دور لاءِ آدمشماري جي انگن اکرن جو ڪو
قابل اعتبار رڪارڊ بنهه موجود ڪونهي ۽ واپاري
گماشتن ۽ ٻاهرين ايلچين جي آدمشماري بابت راين تي
به ڪو ڀروسو ڪري ٿو سگهجي ڇو ته جيئن برٽن به اسان
کي ٻڌايو آهي ته انهن وٽ صوبي جي آدمشماري جي صحيح
ڪاٿي ڪرڻ جا پورا ذريعا موجود نه هئا، انهي ڪري
اسان کي تخميني لڳائڻ جي ٻين وسيلن تي ڀاڙڻو
پوندو، جهڙوڪ (1) زراعت جي گهاٽائي، (2) فوج جو
تعداد ۽ (3) شهرن ۽ ڳوٺن جي آدمشماري.
(1)
شهري آدمشماري
سڀ کان اول شهرن ۽ ڳوٺن جي آدمشماري جي سوال کي هٿ
۾ کڻڻ سهولت ڀريو ٿيندو جو انهن بابت ڪي انگ اکر
ملي سگهن ٿا.
ٿارنٽن پنهنجي گزيٽئر ۾، انگريزن جي فتح وقت سنڌ
جي مکيه شهرن جي آدمشماري جا هيٺيان انگ اکر
ڄاڻايا آهن ۽ جن جو ٽوٽل 151000 ٿئي ٿو:
فهرست نمبر 2
شڪارپور .....................
30000
حيدرآباد .....................
20000
ڪراچي .....................
15000
خيرپور .....................
15000
ٺٽو .....................
12000
ميرپور خاص .....................
10000
لاڙڪاڻو .....................
10000
هالا .....................
10000
روهڙي .....................
8000
مٽياري .....................
5000
ٽنڊو الهيار .....................
5000
سکر .....................
4000
گمبٽ .....................
3000
سيوهڻ .....................
2000
مانجهند .....................
2000
ٽوٽل 000، 51، 1
انهن کانسواءِ، ٻيا به ڪيترا مکيه شهر هئا، -
جهڙوڪ سبزل ڪوٽ
(Subzul Kote)،
راڻيپور، مغلڀين
(Maghilbheen)-
هرهڪ جي آدمشماري 5000 هئي ، دريجي
(Darajee)،
ڪوڏا
Koda،
خير گائون(Khyrgaon)
، سن، ڀيون(Bheyun)
، چوٽڪي(Chotki)
، هر هڪ جي آدمشماري 2000 هئي-- ۽ جملي ٽوٽل
178000 ٿي ٿيو، انهن کانسواءِ پنج ٻيا به مکيه شهر
هئا. ٽنڊو محمد خان، قمبر، ٽنڊو مستي خان، نوشهرو
۽ خيرپور ڏهرڪي، پر انهن جي آدمشماري ڄاڻايل نه
آهي. اسين پڻ ڪنهن قسم جي مونجهاري کان بچڻ لاءِ
انهن شهرن جي آدمشماري کي پنهنجي حساب ۾ ڪين
آڻينداسين. هاڻ اسين ائين چوڻ ۾ حق بجانب رهنداسين
ته اوڻيهين صدي جي پهرئين اڌپوري ٿيڻ ڌاري،
انگريزن جي فتح وقت، سنڌ جي شهري آدمشماري ۾ گهٽ ۾
گهٽ 180000 هئي ۽ اسان جو هي حساب ٿلهي ليکي
اليگزينڊر برنس جي ڪاٿي سان لڳي ٿو اچي، جنهن جي
چوڻ موجب سنڌ جي شهري آدمشماري 200000 ماڻهن جي لڳ
ڀڳ هئي.
1881ع واري آدمشماريءَ کان اڳ ۾ سنڌ جي شهري ۽
ڳوٺاڻي آدمشماريءَ جي ورڇ جو ڪو رڪارڊ موجود
ڪونهي. البت ان کان پوءِ جا انگ هيٺينءَ ريت آهن:
فهرست نمبر 3
سنڌ جي شهري، ڳوٺاڻي ۽ جملي آدمشماري
سال شهري ڳوٺاڻي ٽوٽل
شهري آدمشماري ٽوٽل جو سيڪڙو
1881 260842 2282134
2542976 3ء 10
1891 345544 2685976
3003711 5ء 11
1901 408563 3001660
3410223 9ء 1
1911 466895 3270328 3737223
5ء12
1921 561419 2911089 3472508 2ء 16
1931 717175 3397078
4114253 4ء 17
1941 914106 3926689
4840795 9ء 18
1911ع تائين مٿيان انگ ڏيکارين ٿا ته سنڌ جي شهري
آدمشماري 3ء10 سيڪڙي کان 5ء12 سيڪڙي تائين ڦرندي
گهرندي رهي، ۽ اهو غير يقيني آهي ته شهري
آدمشماريءَ هجي انهيءَ نسبت ۾ اڳين چاليهن سالن جي
دوران ۾ ڪا گهڻيءَ حد تائين بدل سدل ٿي هوندي.
جيڪڏهن سنڌ جي جملي آدمشماريءَ منجهان شهري
آدمشماريءَ جي نسبت 5ء11 سيڪڙو سراسري ٺهرائجي، ته
اسان مٿي جيڪو شهري آدمشماريءَ جو تخمينو 8ء1 لک
لڳايو هو، ان حساب جي بنياد تي، 1843ع ۾ انگريزن
جي فتح وقت، سنڌ جي جملي آدمشماري 15 لکن کان به
مٿي اچي بيهندي، انهيءَ طرح اسان جي اڳئين تخميني
کي انهن حقيقتن جي تائيد به ملي ٿي وڃي.
زراعت ۽ آدمشماريءَ جي گهاٽائي
کاڌو انسان جي بنيادي ضرورت آهي، ۽ ظاهر آهي ته
کاڌي جو سهنج (۽ رس) ئي آدمشماريءَ جي واڌ جو
بنيادي محرڪ آهي. هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي زراعت کي
پهرين اهميت حاصل آهي، پوک هيٺ ايندڙ ايراضي ۽
آدمشماري ساڳئي وقت گڏوگڏ وڌنديون رهن ٿيون. زرخيز
زمين جي ٻني في ايڪڙ پيدائش نسبتاً وڌيڪ ڏئي ٿي- ۽
اهو فطري آهي ته انسان ان زمين جي حصي تي وڃي ڳاهٽ
ٿيندو، جنهن تي پوک سٺي ٿيندي، ڇو ته هو پنهنجي
ضرورت جو کاڌو ان زمين مان وڌيڪ سهوليت سان پيدا
ڪري سگهندو. زرخيز رءَ واريون زمينون، جن کي قدرتي
مينهن يا هٿراڌو آبپاشيءَ جي ڪري پاڻي گهڻو ميسر
هجي، اونهارن ۾ گرميءَ جو بلند درجو ۽ تيز اس وارا
ڊگها ڏينهن- اهي چيزون پوک لاءِ بهترين مددگار
آهن. ۽ جتي جتي زراعت جي واڌاري لاءِ اهي حالتون
موجود هونديون، اتي پوک آخري حدن تائين وڌندي
رهندي، ۽ اتي آدمشماريءَ جي گهاٽائيءَ به درجي
بدرجي اضافو ٿيندو رهندو. ان جر برعڪس، جڏهن
حالتون زراعت لاءِ نقصانڪار هونديون، تڏهن پوک هيٺ
ايراضي گهٽجندي ويندي، ۽ نتيجي طور زراعت پوئتي
پوندي ويندي، ۽ ڳوٺاڻي آدمشماري ڇڊي ٿيندي ويندي.
جديد اڀياس مٿئين بيان جي سچائيءَ کي گهڻيءَ حد
تائين ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. مورلئنڊ لکي ٿو ته
”جيتري ايراضي پوک لاءِ سنڀالي سگهبي، پوکيل
ايراضي ان حد کان گهڻو مٿي وڌي ڪين سگهندي، ڏکين
سالن ۾ ممڪن آهي ته پوک هيٺ ايندڙ ايراضي ان حد
کان گهٽجي وڃي، پر جيستائين پوکڻ جو غرض ۽ ارادو
موجود هوندو، تيسين رجحان اهو رهندو ته جيتري به
گهڻي زمين پوک لائق ٿي سگهندي، اوتري وڌيڪ پوکي
ويندي، پر ان کان وڌي به نه سگهندي. جيڪڏهن ٻيون
سمورين حالتون گهڻيءَ حد تائين ساڳيون رهن، ۽
ڳوٺاڻي آدمشماري گهٽجي وڃي، ته پوءِ پوکيل ايراضي
به گهٽجي ويندي. جيڪڏهن آدمشماري وڌندي ته ايراضي
به وڌندي، تان جو پهچ اندر سهج لائق ڪا ايراضي
باقي نه رهندي: ان حالت ڪري جو ڳاهٽ ۽ تنگي پيدا
ٿيندي، سا اصلوڪيءَ حالت کي وري واپس موٽائيندي-
پوءِ يا ته ان حالت سبب ماڻهن جي لڏپلاڻ شروع
ٿيندي يا موتن جي رفتار وڌي ويندي. پر ڳاهٽ ۽ تنگي
کان سواءِ، آدمشماري ۽ پوکي جي نسبت پاڻ ۾ گهڻو
ڪري قريباً ساڳي ئي رهندي“ جڏهن به فطرت طرفان
مقرر ٿيل حدون اورانگهيون وينديون، ۽ ماڻهن جو
تعداد ايتريءَ حد تائين وڌندو، جو ”آدمشماريءَ جي
حد کان ٻاهر واڌ“ تي پوي، تڏهن فطرت وري تخريبي
طاقتن سان پاڻ کي نروار ڪري ٿي: ٻيلا ناس ٿيڻ لڳن
ٿا، زمين جي کاڌ ۽ سم پنهنجي سمورن نقصانن سان
ظاهر ٿين ٿيون، ۽ نتيجي طور ڳوٺاڻي آدمشماري گهٽجڻ
لڳي ٿي.
انهيءَ طرح سنڌ جهڙي بنيادي طور زرعي ملڪ ۾ پوک جي
انداز ۽ آدمشماريءَ جي گهاٽاڻٻ ۾ هڪ پڪي پختي ۽
نمان نسبت آهي. ٻيون چيزون-زمين، آبهوا، آبپاشيءَ
جو سرشتو ۽ پوک جا طريقا- ساڳيون رهن ته پوءِ پوک
جي گهاٽائي، آدمشماريءَ جي گهاٽائي ظاهر ڪندي ۽
آدمشماريءَ جي گهاٽائي، پوک جي گهاٽائيءَ کي ظاهر
ڪندي.
پوک جي انگن اکرن مان طاهر ٿئي ٿو ته 60-1859ع کان
اڳ جو ڪو به رڪارڊ موجود نه آهي ۽ انهيءَ سال ۾
پوک هيٺ ايراضي اٽڪل 69ء12 لک ايڪڙ هئي. ۽ اسان
جي تخمينن موجب 1843ع ۾ انگريزن جي فتح وقت، پوک
هيٺ زمين اٽڪل 10 لک ايڪڙ هئي. 1873ع کان وٺي، پوک
جي انگن اکرن جو مڪمل رڪارڊ موجود آهي، ۽ انهن
انگن اکرن کي ان دور جي آدمشماريءَ جي انگن سان
ڀيٽڻ دلچسپيءَ کان خالي نه آهي.
فهرست نمبر 4
جملي آدمشماريءَ سان پوک هيٺ آيل ايراضيءَ جي نسبت
سال جملي آدمشماري پوک هيٺ آيل سراسري پوکيل في
ايڪڙ (لکن ۾) ايراضي (لکن ايڪڙن ۾) ماڻهن جو
تعداد
1856ع 82ء 18 اٽڪل 00ء
12 6 ء 1
1872ع 34ءُ 23
00ء 14 7ء 1
1881ع 42ء 25
78ء 14 7ء 1
1891ع 03ء 30
70ء 18 6ء 1
1901ع 10ء 34 87ء 24 4ء 1
1911ع 37ء 37 50ء
31 2ء 1
جملي سراسري –آدمشماري
__________
=
5ء 1
ايڪڙ
(2)
فوج ۽ آدمشماري
هاڻ اچو ته فوجي طاقت ۽ جملي آدمشماري سان فوج جي
نسبت ڏسون، جنهن دور جو اسين اڀياس ڪري رهيا
آهيون. اهو سمورو دور جنگين ۽ فسادن جو دور هو. ان
ڪري امن امان قائم رکڻ لاءِ گهڻي لشڪر رکڻ جي
ضرورت هئي، ۽ ڇاڪاڻ ته فوج آدمشماري منجهان ئي
چونڊي ويندي آهي، انهي ڪري لشڪر جي تعداد منجهان
ٿلهي ليکي آدمشماري جو ڪجهه اندازو لڳائي سگهجي
ٿو.
سنڌ ۾ لشڪر جي تعداد لاءِ ڪيترائي تخمينا لڳايا
ويا آهن. سڀ کان پهريون تخمينون شايد ناٿن ڪرو جو
آهي، جو 1796ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان سياسي ۽
واپاري نمائندو هو. هن اندازو لڳايو ته ٽالپرن جي
فوجي طاقت اٽڪل 40000 ماڻهو هئي پر اڳتي هلي چوي
ٿو ته ”عام شوق ۽ جوش جذبي وارن ڏينهن ۾ انگ ان
کان گهڻو هوندو هو.....“ مسٽر مئڪمرڊو جو نتيجو
(1820) 50000 ماڻهن جو آهي. (پوسٽنس جو تخمينو به
لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. ٻئي طرف ليفٽيننٽ آر ليچ، جنهن
انهي سوال جو تفصيلي اڀياس ڪيو هو. سنڌ جي لشڪر جو
تعداد هڪ لک کان به مٿي ڪٿيو هو. (ڏسو ضميمو ج)
سنڌ جي ميرن، مياڻي جي جنگ (1843ع) ۾ فقط 17000
لشڪر ميدان ۾ آندو هو پر سرچارلس نيپيئر، انگريزي
فوجن جي ڪمانڊر، سر جئسفرنڪلس کي هڪ خط ۾ لکيو هو
ته ”وڌيڪ 27000 فوج، جنگ جي ميدان کان ڇهن يا اٺن
ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي،“ ۽ ”اهو لشڪر مياڻي ۾ گڏ ٿيل
فوج سان اچي گڏجي ها.“ ان مان ظاهر ٿيو ته ٽالپرن
جو جنگ ۾ سچ پچ آندل فوج جو تعداد 44000 هو، ۽
لاشڪ ڪجهه هزار فوجون ته ضرورت پئي ڪم آڻڻ لاءِ
صوبي ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ ”مخصوص“ به رکيل هونديون،
انهي کانسواءِ ميرن مان هڪڙي مير (خيرپور جي)
غداري ڪري وڃي انگريزن سان ساٿ ڏنو هو ۽ انگريزن
خلاف لڙائي ۾ شامل نه ٿيو هو، انهي ڪري اهو بي
کٽڪي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌ جي فوجي طاقت ڪنهن
به صورت ۾ پنجاهه هزار کان گهٽ نه هوندي.
اهو اهو اندازو لڳائڻ سولو ناهي ته ٽالپرن
آدمشماري جو ڪيترو حصو فوج ۾ ڀرتي ڪيو هو. البت
مورلئنڊ، هندستان ۾ فوجي ڀرتي جي سوال تي روشني هن
طرح وجهي ٿو ته ”جيتري قدر مون کي خبر آهي،
هندستان ۾ جيڪي حالتون ان وقت هيون، انهن هيٺ
آدمشماري جي هڪ ڏنل تعداد مان ڪيترو لشڪر ڀرتي ڪري
سگهجي ها. ان بابت ڪي به انگ اکر موجود نه
آهن......۽ ان سلسلي ۾ يورپ جا مثال به ڪافي
خبرداري سان ڪم آڻڻ گهرجن. البت اسان کي ايترو ته
ضرور ڪرڻو آهي ته يورپ جي بنهه تازن آزمودن ۽
تجربن کي خيال ۾ نه آڻڻو آهي، دنيا کي هاڻ معلم ٿي
چڪو آهي ته ضرورت وقت آدمشماري جي ڇهين حصي کي جو
هڪ نهايت وڏو حصو آهي. هٿياربند ڪري سگهجي ٿو، پر
انهي لاءِ سالها سالن جي درجي بدرجي تنظيم جي
ضرورت آهي ۽ اهو بلڪل ناممڪن آهي ته هندستان جي
ننڍين ۽ اوچتين لڙاين جي حالتن ۾ ڪو ايترو سارو
حصو فوج ۾ ڀرتي ٿي سگهيو هوندو. انهي لاءِ ويجهو
مثال هي وٺي سگهجي ٿو ته ڪي يورپي رياستون جنگ
شروع ٿيڻ وقت ڪيترن ماڻهن کي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ
تيار هيون. ڇپيل انگن اکرن موجب فرانس 1914ع کان
اڳ هر ايڪٽيهين ماڻهن مان هڪڙو ماڻهو ڀرتي ڪرڻ جو
انتظام ڪيو هو ۽ جرمني ٻٽيهن مان هڪڙو.“
پر انهن ملڪن خطرناڪ حالتن ۾ زوري ڀرتي جو بندوبست
ڪيو ۽ انهي ڪري جنگ لاءِ ڳريون ۽ زبردست فوجون
ڪٺيون ڪرڻ ۽ ميدان ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اهو
قياس بخوبي ڪري سگهجي ٿو ته ٽالپر انهي نسبت کان
وڌيڪ فوج ڪٺي ڪين ڪري سگهيا هوندا ۽ پنجاهه هزار
فوج ڪنهن به صورت ۾ 15 کان 16 لکن تائين آدمشماري
کان گهٽ آدمشماري مان ڀرتي ڪري نٿي سگهجي.
هاڻي، اسين يقيني حد تائين اهو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا
ته انگريزن جي فتح وقت سنڌ جي جملي آدمشماري
پندرهن سورهن لکن جي لڳ ڀڳ هئي ۽ نه ڏهه لک يا ان
کان به گهٽ، جيئن ڊاڪٽر سورلي ۽ ٻيا اسان کي يقين
ڏيارڻ گهرن ٿا.
ڀاڱو ٻيو
مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي آدمشماري
جيئن جيئن اسين سترهين ۽ ارڙهين صدي جي پهرئين اڌ
جي اڀياس ڏانهن لڙون ٿا، تيئن سنڌ جي آدمشماري جي
تخميني لڳائڻ ۾ تڪليفون به وڌي ٿيون وڃن. آدمشماري
جي ڪنهن به صورت جو رڪارڊ موجود نه هو. ٽالپرن جي
ڏينهن واري ”خانه شماري“ يا ”سر شماري“ به ڪانه
هئي، ۽ فوجي طاقت جو به ڪو تخمينو موجود نه آهي،
جنهن مان اسان جي رهنمائي ٿئي.
پر تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته هي صوبو گهڻي قديم
زماني کان زرعي توڙي آدمشماري جي لحاظ کان نهايت
آباد ۽ وسيل هو. ڏهين صدي جي وچ ڌاري، عرب جاگرافي
جو ماهر، المسعودي لکي ٿو ته منصوري جي پرڳڻي ۾
جنهن جون حدون الور کان وٺي سمنڊ تائين هيون (يعني
لڳ ڀڳ موجوده سنڌ)، ”ٽي لک“ زمينداريون ۽ ڳوٺ هئا
۽ سموري ملڪ ۾ ”چڱي طرح پوک ٿيندي هئي ۽ ملڪ ٻين ۽
وٽن سان ڍڪيو پيو هو.“ ايليٽ البت هن بيان تي
اعتبار نٿو آئي ۽ ان کي ”گل جهڙو مبالغو“ تصور ڪري
ٿو. پر اهو مبالغو هجي يا نه، انهي ۾ ذرو به شڪ
نٿو ٿي سگهي ته سنڌ ۾ ان وقت آدمشماري ڪافي گهاٽي
۽ ڳتيل هوندي. تاريخ فيروزشاهي جي مصنف شمس سراج
کان به اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته چوڏهين صديءَ ۾
”ٺٽي جو علائقو ٻن حصن ۾ ورهايل هو،.... ۽ ٻئي حصا
بي شمار ۽ لڙاڪو ماڻهن سان وسيل هئا.“ ۽ ”هن پاسي
(اڀرندي پاسي) بي اندار ڳوٺ وسيل هئا.“ هيگ، جنهن
هن بيان جو حوالو ڏنو آهي، سو به انهيءَ جي تائيد
ڪري ٿو ته سنڌ جو هيٺيون حصو (لاڙ)“ ان وقت چڱي
آدمشماريءَ سان آباد هو.“ ”تحفة الڪرام“ جو مصنف
به اسان کي ٻڌائي ٿو ته چوڏهين صديءَ ۾ هيٺئينءَ
سنڌ (لاڙا) ۾ ايتري ته گهاٽي آدمشماري هئي، جو
”جڳهه ناڪافي هجڻ ڪري (سمن جي پهرين گادي ساموئيءَ
۾)، ٺٽي جو پايو وجهي ان کي تختگاهه بنايو ويو.“
ساڳيءَ طرح ”تاريخ طاهري) وارو لکي ٿو ته سنڌ جي
ٽن ناميارن شهرن- ساموئي، تغرآباد (جنهن کي ڪلان
ڪوٽ به سڏيندا هئا) ۽ ٺٽي- کان سواءِ، ان وقت ٻيا
به ڪيترائي وسندڙ شهر ۽ ڳوٺ آباد ٿيڻ لڳا. انهيءَ
بيان جي تائيد ڊيوئارٽ باربوسا به ڪري ٿو، جو
سورهين صديءَ جي شروع ۾ لکندي ٻڌائي ٿو ته ”دريا
(سنڌو) جي ڪناري تي ڪيترائي شاهوڪار ۽ آباد
لنگرگاه وسيل آهن.“ مانريق (1641ع) ۾ ٻڌائي ٿو ته
سيوهڻ کان مٿي، ملڪ جي ٿوري حصر (ڏيڍ ڏينهن جي
مسافريءَ جي فاصلي کان سواءِ سمورو ملڪ زرعي طرح
نهايت آباد ۽ آدمشماريءَ جي لحاظ کان نهايت وسيل
هو.
هو لکي ٿو ته ”بکر کان اسان سفر شروع ڪيو ۽ جتان
جتان ٿي لنگهياسين، اتي وسيل ڳوٺ ۽ پوکيل ڪنارا
نظر ٿي آيا.“ اڳتي هلي چوي ٿو ته ”(سيوهڻ وٽ)
محصول گهر کان بنا ڪنهن تڪليف جي لنگهي، اسان وري
پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ هر وقت اسان کي ماڻهن ۽
پوکن اسان وسيلي ۽ آباد زمينون نظر آيون، تان جو
چوٿين ڏينهن اسين ٺٽي شهر ۾ پهتاسين.... ٺٽي شهر
کان نڪري، مسلسل نئين ۽ وسيل ملڪ مان منزلون
هڻندي، ستين ڏهين اسين ”مارون“ شهر (شايد عمرڪوٽ)
پهتاسين.“
مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي زرعي،
شهري، صنعتي ۽ واپاري خوشحالي جي عام حالتن لاءِ
به اسان کي ڪيترائي بيان ۽ حوالا ملن ٿا، جن جو
ذڪر اڳي ئي ڪري آيا آهيون. اسان ڏسي چڪا آهيون ته
سنڌ ان وقت هڪ خوشحال ملڪ هو: منجهس وڏا ۽ وسندڙ
شهر هئا. وڌندڙ ۽ وسندڙ زراعت هئي ۽ ترقي يافته
صنعتن سان گڏ ديسان ديس پکڙيل واپار هو. ساڳئي وقت
اسان کي سنڌ جي مالي پيدائش جا حوالا به ملن ٿا، ۽
ان حقيقت جو به بيان موجود آهي ته نادر شاهه جي
حملي کانپوءِ سنڌ کي ساليانو ويهه لک ڍل ڀرڻي
پوندي هئي، جا ان وقت جي لحاظ کان هڪ ڳري رقم هئي.
اهي سموريون حقيقتون انهي نتيجي تي پهچائين ٿيون
ته مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي
آدمشماري ڪافي گهڻي هوندي ۽ آخري ڪلهوڙن، ۽ سندن
جاءِ نشين ٽالپرن جي ڏينهن جي آدمشماري کان به
گهڻي وڌيڪ هوندي. البت ان ڳالهه جي سچ کي وڌيڪ
پرکڻ لاءِ اسان کي ٻين ٻن ڳالهين جو پڻ اڀياس ڪرڻو
پوندو- (1) پوک هيٺ ايراضي، ۽ (2) شهري آدمشماري،
ٽئين ڳالهه يعني فوجي طاقت جا ڪي به انگ اکر موجود
ئي ڪونه آهن.
(1) پوک هيٺ ايراضي
ان دور جي زرعي حالتن جو جائزو وٺندي اسين ڏسي چڪا
آهيون ته مغلن جي حڪومت جي شروعات ۾ پوک هيٺ آيل
ايراضي ڪنهن به طرح پندرهن لکن ايڪڙن کان گهٽ نه
هوندي ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ اها حد وڌي ويهن
لکن ايڪڙن جي چوٽي تي پهتي هوندي. جيڪڏهن پوک هيٺ
آيل ايراضي سان آدمشماري جي نسبت 3: 2 هن دور سان
به لاڳو ٿئي ٿو ته پوءِ پهرئين دور ۾ سنڌ جي
آدمشماري ويهن لکن کان به مٿي هوندي ۽ وپئين دور ۾
ٽيهن لکن جي لڳ ڀڳ وڃي بيهندي، آدمشماري جي انهن
تخمينن کي، سترهين صدي جي ڳچ سالن جي دوران ۾ جڏهن
سنڌ پنهنجي خوشحالي ۽ آسودگي جي چوٽيءَ تي هئي.
سنڌ جي شهري آدمشماري جي جائزي مان به تائيد ملي
ٿي.
.
1843-1853ع وارن ڏهن سالن جا انگ اکر ڪو نه ٿا
ملن. 1883ع تي پورن ٿيندڙ ٽيهن سالن ۾ پوک هيٺ
ايراضي في سال 20000 ايڪڙ وڌندي رهي، پر 1883-
1893ع جي عرصي ۾ پوک هيٺ ايراضي في سال 60000
ايڪڙ وڌي وئي. ”ايشياٽڪ رويو“، جلد 17،
(1921ع)
. اڪبر جي موت واري دور ۾ هندستان جي آدمشماري
جو تخمينو لڳائڻ لاءِ مورلنڊ اهي پهريان ٻه
طريقا استعمال ڪيا آهن (”انڊيا ائڊي دي ڊيٿ آف
اڪبر“، ص ص 18-22) ٽيون طريقو سرڳواسي پروفيسر
ايڇ ايل ڇٻلاڻي تجويز ڪيو آهي- ڏسو هن جو ڪتاب
”ايڪنامڪ ڪنڊيشن آف انڊيا ان دي سڪسٽينٿ
سينچري“.
. برنس، ”ٽرئولس ٽو بخارا“، ص 23
.
رڊموزبرائون، ”پرنسيپلس آف ايڪانامڪ جاگرافي“
ص ص 78-88
.
ڊاڪٽر بي اين. گنگولي- ”ٽرينڊس آف ائگريڪلچر
ائنڊ پاپيوليشن ان دي گئنجز وئلي.“ مهاڳ، ص 9
.
مورلئنڊ- ”انڊيا ائٽ دي ڊيٿ آف اڪبر، ص ص 9-
18
|