سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي اقتصادي تاريخ

باب: --

صفحو: 19

کاڌو، اجهو ۽ ڪپڙو

کاڌو: زير جائزه دور ۾ کاڌي ۽ زندگي جي ٻين ضرورتن جي فراواني هئي ۽ قيمتون گهٽ هيون، چوپايو مال نهايت گهڻو هو ۽ عام رواجي ماڻهوءَ وٽ به ٻه چار وهٽ هوندا ئي هوندا هئا. حيدرآباد ۾ هڪ هاريءَ وٽ ”آسائشي حالتن ۾...... اٺ جوڙا ڍڳن جا، هڪ گهوڙو، هڪ ڳئون ۽ هڪ گابو، هڪ مينهن ۽ 15-20 ٻڪريون هونديون هيون......“ ۽ شڪارپور ضلعي ۾ هڪ هڪ هاري کي ”رواجي“ حالتن ۾ ”چئن کان پنج جوڙا ڍڳن جا هوندا هئا.“ ڪراچي ضلعي ۾ هڪ هاري کي ’سراسري‘ حالتن ۾ ”ڇهه يا اٺ ڍڳا، ۽ ٻه يا ٽي هر هوندا هئا.“ مکيه زميندارن مان ڪي زرعي مال ۾ نهايت مالدار هوندا هئا ۽ چوپائي مال جا سوين وهٽ وٽن هوندا هئا. کير جي پيدائش جي فراواني هوندي هئي. غريب توڙي امير کي مکڻ، ڏڌ، لسي ۽ کير عام جام ملندو هو ۽ جيتوڻيڪ هاري جو کاڌو سادو ۽ غريباڻو هوندو هو ته به ائين ٿو ڏسجي ته کير جي پيدائش ۽ گوشت جي لحاظ کان ان دور جو عام رهواسي، اڄ جي عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ بهتر حالت ۾ هو. زراعت ريل ڇيل ۽ هڪ فصلي هئي ۽ زمين جون وڏيون ايراضيون چراگاهن طور استعمال ٿينديون هيون پر پوءِ خاص ڪري سکر بئريج کلڻ کانپوءِ زراعت باضابطه ۽ گهڻ، فصلي ٿيندي وئي ۽ چراگاهن لاءِ زمين گهٽجي وئي ۽ هاڻي ته ان دور جيتري هيڪاندي چوپائي مال جو چارڻ ئي ناممڪن آهي. هاريءَ کي انهي ڪري پنهنجي مکڻ ۽ کير جي ٻين پيدائشن کي لازمي طرح قناعت سان استعمال ڪرڻو ٿو پوي.

ڊچ مورخ، پيلزرٽ ٻڌائي ٿو ته اتر هندستان ۾ غريبي کي ”گوشت جي سواد جي خبر خير ڪا آهي. سندن سادي سودي روزاني کاڌي ۾ ٿوري کچڻي کانسواءِ ٻيو ڪي به ڪينهي، اها کچڻي ”سائي دال“ ۽ چانور گڏي، پاڻي وجهي، باهه تي ٽهڪائي تيار ڪئي ويندي آهي ۽ شام جو اها گرم ”کچڻي مکڻ سان کاڌي ويندي آهي. ڏينهن جو هو فقط ڀڳل دال يا ڪو ٻيو آن ڦڪي چٻاڙي کائيندا آهن، جنهن لاءِ هو چون ٿا ته سندن ڪمزور پيٽن لاءِ اهو ڪافي آهي.“ ٻئي طرف ٽيري ٻڌائي ٿو ته هندستان جا ماڻهو روٽي نهايت سٺي پهچائين ٿا. ”هتي (سنڌ) جا رهواسي اهڙي ته صاف ۽ لذيذ روٽي پچائين ٿا، جو آءُ هوند ان جي ساڳي تعريف ڪريان جيڪا ’برشوبرڪ آف ليچ‘ ۾ ڏني وئي آهي ته اها ”پينس پين ميلائر“ يعني آسماني روٽي (من وسلوى) آهي. عام ماڻهو مانيءَ جا ڊڳڙ ٺاهي، ننڍين دانگين يا لوهي تَون تي پچائيندا آهن. مانيءَ سان گڏ هنن وٽ ٻين شين، جهڙوڪ مکڻ، پنير (Cheese) وغيره جي نهايت فراواني آهي، جو هنن وٽ مينهون، رڍون ۽ ٻڪريون گهڻي تعداد ۾ آهن.“

مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دورن ۾ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي کاڌي بابت ڪابه سڌي سنئين معلومات ڪانه ٿي ملي. البت برٽن (1851ع) ۾ ٻڌائي ٿو ته ”سنڌين جو روزانو کاڌو، هڪ ٿلهي ٻاجهري جي اٽي جي ماني آهي، جنهن ۾ لوڻ ذرو ۽ پاڻي گڏي، چڱي طرح ڳوهي، مٽيءَ جي دانگي تي ان کي پچايو وڃي ٿو. پچائڻ کانپوءِ ان تي مکڻ جو مک به ڏنو وڃي ٿو. رنگ ۾ سائيري ۽ سواد ۾ بي مزي آهي، انهي کي ماڻهو گرمي پهچائيندڙ سمجهن ٿا، انهي ڪري سباري ۾ ماڻهن جو گهڻو گذران انهي تي آهي.“ انهي ساڳئي سلسلي ۾ پوسٽنس لکي ٿو ته ”سمورا ماڻهو جانورن جو گوشت کائين ٿا، مسلمان رڍن جي گوشت کان ٻڪري جو گوشت وڌيڪ پسند ڪن ٿا. چانور، مڇي، يا جوئر جي ماني هيٺئين ۽ پورهيت طبقي جو مکيه کاڌو آهي. ڌنار ۽ رولو قومون کير، ڏڌ ۽ ٿلهي اٽي تي گذران ڪن ٿيون.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ هر قسم جو شڪار جام آهي...... سنڌين ۾ غريب طبقي جا ماڻهو خوش قسمت آهن، جو کين گذران جا ٻه ذريعا، مڇي ۽ جهنگلي پکي عام جام حاصل آهن، جن سان درياءُ، ڍنڍون ۽ تلاءَ ڀريا پيا آهن. ملڪ ۾ جتي جتي به پاڻي گهڻو آهي، اتي انهن پکين جا ولرن جا ولر ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ماڻهو انهن پکين کي ڦاسائڻ ۾ نهايت قابل ۽ ڪاريگر آهن ۽ مختلف قسمن جي مڇي هر موسم ۾ ايتري ته گهڻي ۽ فراوان آهي، جو انهي کي شمار ڪرڻ ناممڪن آهي..... ڳوٺاڻا به پکي جام پالين ٿا ۽ انهن کي نهايت سستو خريد ڪري سگهجي ٿو، مسلمان انهن پکين کي کاڌي طور گهڻو استعمال ڪن ٿا.“ اڄ تائين سنڌ جو عام ماڻهو ويشنو (گوشت کان پرهيز ڪندڙ) نه آهي پر جيئن ته زراعت ۽ پوک انهن ايراضين تائين پهچي وئي آهي، جيڪي اڳي ٻيلن ۽ جهنگ جهر سان ڍڪيل هيون، انهي ڪري گهڻو شڪار هاڻ ختم ٿي ويو آهي. ٻهراڙين ۾ مڇي به هاڻي گهٽ ٿي ملي ۽ ملڪ ۾ غريب ماڻهو مهيني ۾ ٽن چئن ڀيرن کان وڌيڪ گوشت کائڻ جو خرچ ڀري نٿو سگهي يا وري ڳوٺاڻا پاڻ ۾ گڏجي، ڪا ٻڪري، گابو، يا رڍ ڪُهن، تڏهن وڃي کين ڪو گوشت نصيب ٿئي ٿو.

سنڌ جو هاري، هن وقت ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا ماني کائي ٿو. هن جي ”نيرن“ ۾ ڪڻڪ، جوئر يا ٻاجهر جي مکڻ سان مکيل ماني ۽ لسي جو وٽو هوندو آهي. ٻپهري يا ”منجهند“ جو اها ساڳي ماني ۽ لسي ۽ ان سان گڏ ٿوري دال يا ڀاڄي کائي ٿو. رات جي کاڌي ۾ کير سان ماني کائيندو آهي. ڪنهن عيد براد يا ٻئي ڪنهن ڏڻ ملهائڻ تي، وڏي گوشت يا ريڍي گوشت يا ڪڪڙ سان چانورن جو پلاءُ، ۽ ان سان گڏ مٺائي يا ڳڙ نصيب ٿيندو اٿس. انهي منجهان اسين اندازو لڳائي سگهنداسين ته زير جائزه دور ۾ غريب ماڻهن جو کاڌو ڇا هو. پيلزرٽ، ٽيري، پوسٽنس ۽ برٽن جا بيان ڏيکارين ٿا ته سنڌ جي هيٺئين طبقي جي ماڻهن جو کاڌو اتر هندستان وانگر، گهڻو ڪري اهو ساڳيو هو، جهڙو اڄڪلهه آهي ۽ شايد ٿوري حد تائين کير، مکڻ، مڇي ۽ پکين کانسواءِ جن جي انگريزن کان اڳي فراواني هوندي هئي، سنڌجي عام باشندن جي رڌ پچاءَ ۽ کاڌي ۾ بنهه اڻ لکي تبديلي آئي آهي. ماڻهن جي کائڻ جون عادتون ورلي بدلبيون آهن ۽ جي بدلبيون آهن تڏهن به نهايت آهستي، انهيءَ ڪري مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ به عام ماڻهن جو کاڌو گهڻو ڪري ساڳيو ئي رهيو هوندو.

ماڻهن جو مٿيون طبقو البت قيمتي کاڌو کائيندو هو، گوشت ۽ مڇي نهايت گهڻي انداز ۾ کاڌي ويندي هئي. ۽ پلائن جا ڪيترائي قسم کاڌا ويندا هئا. مٺايون ۽ ميوو به عام جام ملندو هون. برٽن لکي ٿو ته ”شاهوڪار ماڻهو لاءِ مختلف اناجن مان يا مختلف طريقن جي پچائڻ سان اٽڪل پندرهن قسمن جا ”روٽ“ (مانيون) تيار ٿيندا هئا، انهن مان ڪي مٺا به هوندا هئا ۽ مکڻ لڳل ٽوسٽ وانگر، مٿن ٿلهي ناسي رنگ جي کنڊ (سستي) ٻرڪي ويندي هئي. کير ۽ پاڻي قومي پيماني تي عام پيڻ جون شيون آهن پر انهن کي ملايو نٿو وڃي. لذيذ پلاوَن ۾ ايراني طرق سان تازي توڙي سُڪل مڇي، گوشت، ڀاڄيون، ميوا ۽ ٻيون مزيدار چيزون ملايون وينديون آهن.“ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ”سنڌين جو طعام خانو، ملڪ ۽ ملڪ جي باشندن وانگر، ايراني ۽ هندستاني نمونن کي ملائڻ واري وچ جي ڪڙي آهي. وچ ايشيا زياده تر دلنشين طرز حيات ۽ نهايت قابليت وارين ڪاريگرن جي زمين آهي. هندن ۾ طعام خاني جا لوازمات نهايت محدود آهن ۽ انهي ڪري رڳو چانورن ۽ ڀاڄين جي وارو وار ڪڪ ڪريو وجهي، ازاسنواءِ هر طعام، گيهه منجهه جهٻيو پيو هوندو آهي، مٺايون ايتريون مٺيون آهن جو جهٽ کائڻ کان دل کڄيو وڃي ۽ مرچ مصالحا به ايترا گهڻا ٿا وجهن جو تارونءَ جو سواد ئي خراب ٿيو پوي. سنڌ ۾ رڌ پچاءَ جي هنر جي سڌاري جي شروعات ٿي چڪي آهي....... ڪارو تتر ڀڳل هجي ۽ ان سان گڏ ڪجهه ڀڳل واڱڻ هجن، انهي کان بهتر طعام اوهان ڪو ورلي کاڌو هوندو.“

ڊاڪٽر برنس (1831ع) لکي ٿو ته سنڌ جي درٻار ۾، هر مانيءَ مهل نهايت فياضانه طور هن جي مهماني ڪئي ويندي هئي. ٻارهن چاندي جا ڍاڪون، قسمين قسمين طعام سان ڀرجي ايندا هئا، جن تي سونا ورق چڙهيل هوندا هئا، سندس نوڪرن کي شاهي مهمانن وانگر سمجهيو ويندو هو ۽ ”مٺاين ۽ ميون سان هنن جي فياضانه خاط ڪئي ويندي هئي:“ ايتري قدر جو هن کي پنهنجي ميزبانن کي زوردار نموني ۾ چوڻو پيو ته آئينده ايتري تڪليف نه ڪئي وڃي پاٽنجر به ٻڌائي ٿو ته 1832ع ۾ حيدرآباد جي درٻار ۾ انگريزي وفد (سفارت) جي نهايت عاليشان دعوت ڪئي وئي هئي. هو لکي ٿو ته ”اسان جي خاطري تواضع بلوچي مهمان نوازي سان ڪئي وئي ۽ ڪن ڏينهن تائين اسان جي ماڻهن ۽ خود چوپائي مال تي هر قسم جي کاڌي پيتي جي سامان جي بي انداز پالوٽ پئي هلي ۽ وفد جي رڪنن لاءِ روزانو مختلف طعامن جا 150 ڍاڪون ڀرجي ايندا هئا ۽ انهن سان گڏ ڪابل جو تازو ميوو، شربت ۽ مٺايون به گڏ اينديون هيون.“

گهر: زير تبصره دور ۾ سنڌ جي عام ماڻهن جا گهر اڄ ڪلهه جيئان نهايت سقيم قسم جا هئا. هنن جا اهي رهائشگاهه، مٽي ۽ ڪکن ڪانن منجهان ٺهيل جهوپڙا هئا ۽ سڄي ملڪ ۾ غريب ماڻهن جا گهر هڪ ئي طرز ۽ هڪ ئي نموني جا هئا.

هندستان جي عام ماڻهن جي گهرن بابت مجموعي طور لکندي پيلزرٽ چوي ٿو ته ”هنن جا گهر ڪکائين ڇت سان مٽيءَ مان جڙيل آهن. سواءِ پيڻ ۽ رڌ پچاءَ جي پاڻي رکڻ لاءِ ٻن ٽن مٽيءَ جي ٿانون ۽ ٻن بسترن جي وٽن گهرو سامان خير ڪو آهي: ٻن بسترن مان هڪ زال لاءِ، ته هڪ مڙس لاءِ هوندو آهي، بستري ۾ اوڇڻ به گهٽ اٿن، هڪ يا ٻه چادرون، جن مان هڪڙي هيٺان ته ٻي مٿان اهو آهي سندن بسترو مانريق به ساڳيو احوال لکي ٿو: ”ماڻهو گهڻو ڪري ڪکائين ڇتين سان مٽي مان ٺهيل جهوپڙن ۾ رهن ٿا. پنهنجي گهرن کي نهايت صاف سٿرو رکن ٿا ۽ هر ٿوري وقت کانپوءِ پٽ ۽ ڀتين کي ڇيڻي گڏيل مٽيءَ جو ليپو ڏيندا رهندا آهن.“ ليفٽيننٽ جيمس (1838ع) چندوڪا (هاڻوڪي لاڙڪاڻي) ضلعي جي گهرن جو جيڪو بيان ڏنو آهي. سو به ساڳيو ئي آهي. هو لکي ٿو ”هتي جا گهر، تراکڙين يا سنڌين ڀتين سان مٽيءَ جا ٺهيل آهن، غريب طبقي جا گهر آمريءَ جي ڪاٺين ۽ تڏن ۽ ٽوئن يا گاهه جا ٺهيل آهن. ڪيترن ڳوٺن ۾ ته رڳو پوئين قسم جا ئي گهر آهن ۽ چوپائي مال جي وٿاڻن ۽ سندن مالڪن جي گهرن ۾ بنهه ٿورو تفاوت نظر ايندو. ٻه سو پنجاهه ورهيه  اڳ جي ”آئين اڪبري“ ۾ به سنڌ بابت ساڳي ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي.

البت اهو وسهڻ لاءِ سبب آهي ته سترهين ۽ ارڙهين صدي جي اوائلي حصي ۾، جڏهن مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جو دور هو، جڳهين جو معيار خاص ڪري وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾، ان کان پوئين صدي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بلند هو. ائنٽونيوبوڪارو (1631ع) ٻڌائي ٿو ته ٺٽي جي گهرن منجهان ”ڪيترائي گهر پٿر ۽ ڳچ سان جڙيل آهن، ۽ نهايت ڪشادا ۽ وسيع ورانڊا اٿن. عام طرح، البت اهي گهڻو ڪري لڪڙن ۽ مٽي ۽ گاهه جي مرڪن سان ٺاهيا وڃن ٿا، جو نهايت مضبوط ٿي وڃي ٿو.“ ساڳي طرح هئملٽن (1699ع) ٻڌائي ٿو ته ٺٽي شهر ۾، نواب طرفان هن کي نهايت خوبصورت ۽ ڪشادي گهر ۾ ترسايو ويو. هو لکي ٿو ته ”اسان کي هڪ وڏي ۽ سهولت ڀرئي گهر ۾ رهايو ويو، جنهن ۾ پندرهن ڪمرا هئا ۽ ڪيترائي گدام هئس. گهٽي جي طرف کان جيڪا ڏاڪڻ هئي، اها ڏهه فوٽ ويڪري ۽ سموري چمڪندڙ پيلي رنگ ۽ شيشي جهڙي لسي سنگ مرمر جي ٺهيل هئي. انهي ۾ اٽڪل ڏهه ڏاڪا هئا، جن تان چڙهي 15 وال ڊگهي ۽ 10 وال ويڪري هڪ اڱڻ ۾ پهچبو هو.“ هو اڳتي هلي لکي ٿو ته شهر کان اٽڪل چئن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي ”اٽڪل ٻائيتاليهه خوبصورت ۽ وڏا مقبرا آهن ۽ پويان ميدان کان ائين ٿو لڳي ڄڻ ته هڪ ننڍو خوبصورت شهر آهي.اهي ڪن سنڌي بادشاهن جي دفنائڻ جون جڳهيون آهن، انهن مان سڀ کان وڏي مقبري ۾ لنگهي ويس، جو گنبذ جي شڪل ۾ ٺهيل آهي، انهي گنبذ کي پيلي سائي ۽ ڳاڙهي سنگ مرمر مان ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي نهايت چڱي پالش ٿيل آهي ۽ پٿر باقاعدگي سان جڙيل اٿس. انهن پٿرن تي مختلف رنگن سان اهڙا ته خوبصورت چورس نقش و نگار آهن، جو ڏسڻ سان اکين کي عجيب فرحت ۽ مسرت اچي ٿي..... مون کي ٻڌايو ويو ته انهي تي ٻه لک رپيا يا 25000 پائونڊ خرچ آيو هو.“

اوڻهين صدي جا مستند لکندڙ سنڌ جي قديم عمارت سازي جي خوبصوتي، نفاست ۽ خوشنمائي جي حامي ڀرين ٿا. ائلن (1843ع)، ٺٽي جي حاڪمن جي ساڳين مقبرن جو ذڪر ڪندي، جن هئملٽن به ذڪر ڪيو آهي، چوي ٿو ته ”(ٺٽي جي) پسگردائي ۾ ڪيتريون ئي دلچسپي جون چيزون آهن، انهن مان مقبرا جن ڀرسان اسين رهون پيا، خاص توجهه ڇڪائين ٿا. محض بيان ڪرڻ سان انهن جو صحيح صحيح جائزو مون کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪامي محسوس ٿئي ٿي ۽ انهن جي تصويرن چٽڻ ۾ مهينا لڳي ويندا..... اهو يقيني طرح چئي سگهجي ٿو ته انهن کي ضرور ڪن وڏي مرتبي وارن دولتمند ماڻهن ٺهرايو هوندو، جن وٽ نهايت وسيع ذريعا هوندا. هتي بي شمار قسمن جا گنبذ، محراب ۽ ستون نظر اچن ٿا، انهن مان ڪي ته نهايت وڏا آهن، ۽ ڪي نهايت عظيم عاليشان چيزون آهن، انهن جي اندرين هصن ۾ جن ۾ مزارون آهن، نهايت وسيع پر شڪوه ۽ خوبصورت محراب ۽ گنبذ آهن.“

ڊاڪٽر ڪينيڊي (1838ع) پڻ ٻڌائي ٿو ته ٺٽي جي پسگردائي ۾ هر طرف تي ٽن ميلن تائين پکڙيل ٽڪري آهي، جا ”سموري بيشمار قبن ۽ مقبرن سان سٿي پئي آهي، انهي مان ڪي تراشيل پٿر جون عاليشان عمارتون آهن، انهن مان هڪڙو ته عمارت سازي جو عاليشان نمونو آهي، جو احمد آباد جي ڀرسان ويران ٿيل مقبرن مان بهترين مقبري سان همسري ڪري ٿو.“

هينري پاٽنجر لکي ٿو ته سنڌ جي مقامي حاڪمن ”ان (ٺٽي) کي سينگارڻ ۽ سونهن بخشڻ لاءِ خوبصورت عمارتون ٺهرائڻ، ۽ عاليشان باغ رکائڻ تي محنت ۽ خرچ ڪرڻ ۾ ڪائي ڪسر ڪانه ڇڏي،“ ۽ ٻئي طرف هن جو نالي ڀائي، وليم پاٽنجر، اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”نوابن جي ڪشادن رهائش گاهن کان سواءِ جن کي مغل شهنشاهن ”کوري جي پڪل“ سرن سان ٺهرايو هو، هتي ٺٽي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي قديم عمارتون پڪين سرن جون ٺهيل آهن.“

مٿي جيڪي چيو ويو آهي، ان کي مدنظر رکندي، ڊاڪٽر سورلي جي انهي راءِ تي عجب ٿو لڳي ته جيئن سنڌ ۾ عمارت سازي جو پٿر گهٽ دستياب ٿئي ٿو، انهي ڪري عمارت سازي جي فن جو ڪو نادر مثال سنڌ ۾ ڳولڻ اجايو آهي؟ اهو صحيح آهي ته سنڌ ۾ ڪا اهڙي نادر عمارت ڪانهي، جهڙيون اتر هندستان جي شهرن کي آب تاب بخشيو بيٺيون آهن پر اسان کي ايترو ته ياد رکڻ گهرجي ته سموري ملڪ (هندستان) ۾ سنڌ بهترين قسم جون پڪل سرون پيدا ڪيون آهن، جن جا بهترين يادگار اڃا تائين موهن جي دڙي، برهمڻ آباد يا الور جي آثار قديمه ۾ ڏسي سگهجن ٿا. ڪلهوڙن جو قلعو ۽ ميرن جا قبا اسان کي هن فن جي ڪمال جي ياد ڏيارين ٿا. خود ڊاڪٽر سورلي تسليم ڪري ٿو ته ”ڀانئجي ٿو ته عمارتن جي معيار ڪري پوڻ لاءِ ڪجهه قدر بلوچ اثر جوابدار آهي ۽ ائين صحيح آهي ته ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۽ ٻين آدمشماري جي وڏن مرڪزن ۾ سرن جون ٺهيل ڪيتريون ئي عاليشان عمارتون هونديون، جيڪي وادي سنڌ جي هيٺئين حصي جي ڪلراٺي زمين ۽ لٽ سان ڀريل آبهوا جي ڪري گهڻو اڳي زبون ٿي ويون آهن.“

ڊاڪٽر سورلي انهي راءِ ۾ حق بجانب معلوم ٿئي ٿو. پر ٻئي طرف اهو ٻڌائڻ به مناسب آهي ته عمارت سازي جي معيار ڪري پوڻ جا اهڃاڻ ٽالپرن جي دور کان به اڳ واري دور ۾ ملي سگهن ٿا، ڇو ته خود پوين ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ جيڪي بلوچن (ٽالپرن) جا پيش رو حاڪم هئا، سنڌ جو آخري تختگاهه، ڪلهوڙن جو ٺهرايل حيدرآباد جو شهر، ڪرنل ڪيٿ جي لکڻ موجب، ”محض غليظ مٽيءَ جي جهوپڙين جو مجموعو هو.“ ساڳي طرح پوسٽنس جي چوڻ موجب ”سنڌ ۾ شهر جي اندرئين حصي جهڙي ٻي ڪنهن غليظ جاءِ جو تصور ڪرڻ ناممڪن آهي.“ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ته خود حاڪمن جا محل به خوشنما ڪين هئا ۽ سندن دولت، مرتبي ۽ طاقت جي منهن تي ئي ڪين ٿا پيا. پاٽنجر اسان کي ٻڌائي ٿو ته (ٽالپر) اميرن جا گهر اندرئين پاسي، نظاري توڙي تعمير جي لحاظ کان نهايت ئي حقير آهن ۽ سموري محل جو هڪ به ڪمرو اهڙو نه آهي، جنهن جي ڊيگهه ٽيهن فٽن کان مٿي هجي، دريون دروازا گهڻو ڪري عاميانه قسم جي تختن مان ٺهيل آهن، جن کي ڪڏهن ڀلجي به رنگ روغن نه هنيو ويو آهي ۽ گهرو ساز و سامان ته نهايت ئي اڍنگو آهي.“ هاڻ ظاهر ٿيو ته ارڙهين صدي جي وچ واري دور کانپوءِ سنڌ جي عمارت سازي جي معيار ۾ ڪافي انحطاط اچي ويو هو. پويان ڪلهوڙا موتمار لڙاين ۾ مشغول هئا ۽ هنن ۾ پنهنجي شهرن، ڳوٺن ۽ گهرن کي سينگارڻ سنوارڻ تي توجهه ڏيڻ جي اميد رکڻ ئي فضول ٿيندو. ٻئي طرف سندن جاءِ نشين ٽالپر، ريڍار شهزادا، پنهنجي روايت توڙي مزاج جي لحاظ کان، ڳوٺاڻا (ديهاتي) ماڻهو هئا، جن ۾ حسن، خوبصورتي ۽ رنگ روپ جو ڪو مذاق، ذوق ۽ احساس ئي موجود نه هو. ساڳئي وقت هنن کي ڪنهن ڏيکاءَ ۽ خودنمائي کان به سخت نفرت هوندي هئي ۽ سنڌ منجهان خوبصورت عمارت جي ختم ٿي وڃڻ ۾ سندن مشهور ڪم خرچ طبيعت جو به گهٽ حصو نه هو. هنن جي دور حڪومت ۾ ملڪ معاشي پستي جي حالت ۾ هو، ۽ مقامي امير طبقو به آسودي حالت ۾ ڪين هو، نتيجي طور ملڪ ۾ رازي جو فن ۽ عمارت سازي ڪنهن سرپرستي نه هئڻ ڪري پوئتي پوندا ويا.

پوشاڪ: سترهين صدي ۾ ملڪ جا ماڻهو جيڪا پوشاڪ پائيندا هئا، ان بابت ڪائي معلومات ڪانه ٿي ملي، هندستان جو ذڪر ڪندي، مورلينڊ چوي ٿو ته ان دور بابت جيڪي شاهديون موجود آهن، انهن ۾ ”ماڻهن جي مختلف پوشاڪن جي تفصيل ڏيڻ بدران، ماڻهن جي انگ، اگهاڙپ ظاهر ڪرڻ ئي وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي.“ ڇو ته ”ماڻهن وٽ گذر اوقات جي اهم ضرورتن کانسواءِ ٻين چيزن جي مهيا ڪرڻ لاءِ ذريعا بلڪ ناڪافي هئا“ هندستان ۾ مجموعي طور کڻي ڪهڙي به حالت هجي، اهو انگ- اگهاڙپ جو نظريو سنڌ سان ڪنهن به وقت قطعي لاڳو نه رهيو آهي. ماڻهن جي اڪثريت مسلمان آهي ۽ سندن مذهب کين ڪپڙن ڍڪڻ جو تاڪيد ڪري ٿو، انهي ڪري هندستان جي عام ماڻهو جي برعڪس هن سر زمين سنڌ جي هر رهواسي اڳي توڙي هاڻي پنهنجي بدن کي ننهن کان چوٽي تائين ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سنڌ جو عام ماڻهو مٿي تي اٽڪل ڏهن والن جو ’پٽڪو‘ پائي ٿو ۽ بدن تي ويڪري ’خميس‘ (قميص)، ۽ اڪثر نيري رنگ جي جهولدار ’شلوار‘ يا سٿڻ ڍڪي ٿو. پنهنجي پوشاڪ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ۽ خاص ڪري سياري ۾ هو هڪ ٿلهي رنگين چادر ڍڪي ٿو، جيڪا هن کي سردي کان بچائي ٿي ۽ سندس ڪيتريون ڪمزوريون لڪائي ٿي، غريب ماڻهو پنهنجي ئي ڳوٺ جي ٺهيل جوتي يا گهيتلي جو به ڪڏهن ڪڏهن استعمال ڪري ٿو. جو ٿلهي ۽ کهري هجڻ جي باوجود مضبوط ۽ جٽادار آهي.

هڪ سنڌي عورت جي پوشاڪ ۾ عام طرح ٽي چيزون هونديون آهن: پڙو، ڪنجري، جا ڇاتي ڍڪي، ڳچي ۽ ٻانهن هيٺان ورائي ٻڌي ڇڏبي، آهي ۽ جنهن ۾ ٿورڙي پٽ کليل رهندي آهي ۽ گندي جنهن کي مٿي تان ورائي اوڍيو ويندو آهي. پوسٽنس جي ڪتاب ”آبزرويشن“ ۽ برٽن جي ”انهئپي وئلي“ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ سنڌي، مرد توڙي عورت، جي پوشاڪ سؤ سال اڳي به اها هئي، جهڙي اڄ آهي ۽ ائين وسهڻ لاءِ سبب آهي ته مغلن جي اچڻ کان وٺي اڍائي صدين جي عرصي ۾ عام ماڻهن جي پوشاڪ ۾ ڪا گهڻي تبديلي ڪانه آئي.

اميرن جي پوشاڪ، هونئن ته عام ماڻهن جي پوشاڪ جهڙي هئي پر پوشاڪ ۾ ڪم آيل مال جي قيمت ۽ ملهه جو وڏو فرق هو. ڊاڪٽر برنس اسان کي ٻڌائي ٿو ته درٻار ۾ ننڍن شهزادن ۽ اميرن جي لباس منجهان سندن پوشاڪ جو سٺو ذوق بکي رهيو هو ۽ گهڻو ڪري سڀ نهايت خوبصورت پوشاڪن ۾ ملبوس هئا. حاڪمن ۽ سندن درٻارين جي پوشاڪ ۾ گهڻو ڪري هيٺيون چيزون هونديون هيون: هڪ سفيد ڪيمخواب جو صفائي سان ۽ سهڻو تيار ڪيل ڊگهو چوغو، هڪ ويڪري ريشمي شلوار، جنهن کي مُرن وٽ ٻڌي ڇڏيو هو ۽ گهڻو ڪري گهري آسماني رنگ جي هوندي هئي. هڪ گلابي رنگ جي يورپي ريشم جي صدري جنهن تي سونا يا چاندي جو ڪم ٿيل هوندو هو ۽ هڪ ڊگهي گول (اسطواني) ٽوپي، جا ڪجهه ڊگهي ٽوپلي جهڙي لڳندي هئي ۽ سون جي ڪم سان يا ريشمي ڀرت ڀريل ڪيمخواب جي ٺهيل هوندي هئي. هڪ ڪمربند، جنهن تي ريشم ۽ سون جو ڪم ٿيل هوندو هو ۽ هڪ ڪشميري شال جا عموما سفيد رنگ جي هوندي هئي ۽ اڇاتري ڪلهي تي ورايل هوندي هئي. سندن لباس جي تڪميل هڪ ايراني خنجر يا تلوار سان ٿيندي هئي جا ڪمربند سان ٻڌل هوندي ۽ جنهن تي هيرا جواهر جڙيل هوندا هئا.

تفريح ۽ وندرون: مغلن ۽ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي تفريحن ۽ وندرن بابت معلومات پوري نٿي ملي، البت ٽالپر جي ڏينهن ۾ انهن ڳالهين بابت اسان کي ڪرو، پوسٽنس ۽ برٽن جي ڪتابن مان تفصيلي معلومات ملي ٿي.

سنڌي مسلمان جو آدمشماري جي اڪثريت جي نمائندگي ڪري ٿو، لاابالي قسم جو ماڻهو اهي. کل خوشي جو ڪوڏيو آهي ۽ سڀاڻي جو فڪر هن کي بنهه ڪين ٿو ستائي. فراواني جي هن زمين ۾ پيداوار ٿيڻ ڪري هڪ مثالي سنڌي کي ڪڏهن به محتاج ٿيڻو ڪو نه پيو آهي ۽ پنهنجي جسم توڙي روح جي بقا لاءِ هن جو الله تي آسرو ۽ ڀروسو آهي.

سنڌ ۾ تفريح ۽ وندر جون چيزون غريب توڙي امير، شاهه توڙي هاري، ٻنهي لاءِ گهڻو ڪري ساڳيون هيون. معاشري جي مختلف درجن ۾ انهن جون صورتون مختلف هيون، شڪار ملهه، پرنگ بازي يا لغڙ اڏائڻ، ڪڪڙ ويڙهائڻ، گهوڙي ڊوڙ، شرطون، شطرنج، ڍارو، تاس ۽ ٻيون اهڙيون رانديون ۽ سڀ کان وڌيڪ راڳ ناچ ۽ شراب لاءِ پيار، اهي هيون سنڌ جي ماڻهن جون مخصوص تفريحن.

سنڌ جي ماڻهن کي ’شڪار‘ لاءِ هڪ فطري ذرق شوق آهي. مقامي شهزان، ۽ خاص ڪري ٽالپرن ڪافي خرچ ڪري شڪارگاهون قائم ڪيون هيون، اهي جڏهن اهڙي شڪار تي ويندا هئا، تڏهن آسپاس جي سمورن ڳوٺن مان ماڻهن کي مدد لاءِ گهرائيندا هئا. ٻيلن جي هڪ پاسي هو وڃي مورچو جهلي ويهندا هئا ۽ باقي پاسن کان سڄي ميدان کي ماڻهو گهيري ڇڏيندا هئا پوءِ باجن دهلن ۽ شرناين وڄائڻ ۽ ٻين طريقن سان جانورن کي هڪلي موت جي پنجوڙ ۾ اماڻيندا هئا، جتي شهزادا مٿن بندوقن جا فير ڪندا هئا ڪڏهن وري ڪُتا ساڻ آڻيندا هئا، جيڪي جانورن کي تنگ ڪري پنهنجي چُرن مان ٻاهر ڪڍندا هئا.

اميرن جو شڪار هڪ وڏي ڌوم ڌام سان ٿيندو هو پر سنڌ جا عام ماڻهو به ننڍي شڪار ڪرڻ ۾ پاڻ گهڻو وندرائيندا هئا. تير ڪمان ڪم آڻڻ ۾ نهايت تيز ۽ ماهر هئا. مڇي، جهنگلي پکين ۽ پاڻي جي پکين جهلڻ جا ڏاڍا هوشيار هئا ۽ اهي هنن جي روز مرهه جي کاڌي ۾ شامل هوندا هئا.

سنڌ ۾ باغباني جو به گهڻو شوق هوندو هو، ۽ جيئن پوسٽنس اسان کي ٻڌائي ٿو، هتي جا باغ نهايت وسيع ۽ خوشنما هوندا هئا، جن ۾ گل ۽ ميوا گهڻا اپايا ويندا هئا، انهي وندر ۾ فقط چند مخصوص ماڻهن جو شوق ڪو نه هو پر عوام جي سڀني طبقن کي باغن رکڻ ۾ خوشي ٿيندي ۽ فرصت جو وقت اتي گذاريندا هئا.

ڪرو اسان کي ٻڌائي ٿو ته سنڌ جا شهزادا غير معمولي ويڪرا ۽ ٿلها مڙس هئا، ايتري قدر جو بلوچي سردارن ۽ ڪامورن مان ڪيترا ”يورپ جي ڪنهن به ڪرسيءَ جي ماپ کان نهايت وڏا هئا“ (يعني يورپ جي ڪنهن به ڪرسي ۾ هوند ماپي ڪين سگهن). ٿولهه کي ”عظمت جي نشاني يا امتياز“ سمجهيو ويندو هو، ايتري قدر جو ان کي سونهن جي نشاني سمجهيو ويندو هو ۽ ان لاءِ هنن ۾ هڪ خاص چاهه هوندو هو. بلوچي سردارن کي اهڙين ٻاهرين مشغولين لاءِ ڪابه دلچسپي ۽ شوق نه هوندو هو، جنهن ۾ جسماني مشقت هجي، کائڻ پيئڻ جي شوق تي گهڻو ڌيان هوندو هو ۽ جيتوڻيڪ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ٽالپر حاڪم پيڻ جون نشيدار شيون هرگز ڪين واپرائيندا هئا پر درٻارين ۽ اميرن کي هر انهي نشيدار چيز جي علت هوندي هئي، جيڪا دماغ ۽ بدن کي بيحواس ۽ ڪمزور ڪري ڇڏي، ۽ راڳ، عورت ۽ شراب کان وڌيڪ هنن کي ڪائي چيز خوش نه ڪندي هئي. برٽن توڙي پوسٽنس، ٻئي اسان کي ٻڌائين ٿا ته سنڌ ۾ ناچو ڇوڪرين جي چڱي سرپرستي ٿيندي هئي ۽ گهڻو ڪري هر وڏي شهر ۾ انهن ”پيشه ور رقاصائن“ جو چڱو تعداد موجود هوندو هو انهي قسم جي تفريحن تي ڪافي ناڻو ۽ وقت صرف ڪيو ويندو هو پر ائين ٿو ڀانئجي ته انهي قسم جون تفريحون رڳو ٽالپر حاڪمن سان مخصوص ڪين هيون. مانريق پورچوگيز پادري (1641ع)، به نهايت نفت سان ٺٽي جي ”بي انصافي جي بيشرمي جي هلت“ تي غصي ۽ ناپسنديدگي جو ظهار ڪيو اٿس. پر هڪ طرف دولتمند ماڻهن جون اهي تفريحي هيون ته ٻئي طرف سنڌ جا هاري ۽ ٻيا عام ماڻهو به ساڳئي قسم جي هلڪين تفريحن ۽ پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندا هئا ۽ انهي قسم جي وندر جو موقعو خاص ڪري عام جلسن، جشنن ۽ خاص ڏڻن تي حاصل ٿيندو هو.


[1] . پارليامينٽري پيپرس، سوالن جا جواب، ص ص 80-82

[2] . پيلز رٽ

[3] . برٽن، ”انهئپي وئلي“، ص 257

[4] . ايضا

[5] . پوسٽنس، ص 72

[6] . پوسٽنس، ص ص 111- 113

[7] . جينڪنس، سنڌي هاري- ”سنس آف دي سائل“، مرتبه برنس، ص 110

[8] . سکر بئريچ کلڻ کان پوءِ، جوئر ۽ ٻاجهر بدران ڪڻڪ پوکجي ٿي.

[9] . هئملٽن اسان کي ٻڌائي ٿو ته جڏهن هو ٺٽي پهتو، تڏهن هن کي نواب وٽان تحفي طور ”هڪ ڍڳو، پنج رڍون، ايتريون ئي ٻڪريون ويهه پکي ۽ پنجاهه تتر، ججهن مٺاين ۽ ميون سان گڏ مليا.“- ص 74

[10] . برٽن، ”ان هئپي وئلي“، جلد 1، ص ص 257- 258

[11] . برٽن، انهئپي وئلي، جلد 2، ص 165

[12] . ”برنس، نئريٽو“، ص 51

[13] . پاٽنجر، ”ميمائر“، ص 5

[14] . پيلزرٽ، ”جهانگير“، ص 61

[15] . مانريق، حوالو. ڊاڪٽر مڪرجي، ”ايڪانامڪ هسٽري“، ص 60

[16] . ليفٽيننٽ جيمس، ”اڪائونٽ آف چندوڪا“ بامبي رڪارڊس 17، ص 392

[17] . آئين اڪبري، جلد 2، 328

[18] . بوڪارو، مترجم ميرسمئن، جي.ايس. ايڇ. ايڇ. ايس. جلد 4، ڀاڱو 4، ص 201

[19] . هئلمٽن، ص 72

[20]. شايد سندس اشارو مڪلي جي مقبرن ڏانهن آهي، جن مان اڃا به ڪجهه موجود آهن.

چون ٿا خسرو خان، غازي بيگ ترخان جي نائب، پنهنجي هڪ پاڙيسري جي زال کي اتفاقي وهنجندي ڏسي ورتو. ان جي ڪفاري طور هن بي انتهائي ناڻو خرچي ٺٽي ۾ 360 مسجدون ٺهرايون (ائٽڪن ص 106)

[21] . هئملٽن، ص 74

[22] . ائلن، ”ڊائري آف سنڌ ائنڊ بلوچستان“، ص ص 42-43

[23] . ڪينيڊي، ”انڊس“ جلد 1، ص ص 83-84

[24] . پاٽنجر، ”ٽرئولس“، ص ص 351-352

[25] . پاٽنجر، ”ميمائر“

[26] . سورلي، ص 92

[27] . سورلي، ص 115

[28] . ڪيٿ، ”سنڌ ان دي فارٽيز“ ص 47

[29] . پوسٽنس، ص 34

[30] . پاٽنجر، ”ميمائر“، ص 27 (ٽائيپ ٿيل)

[31] . مورلئنڊ، ”انڊيا ائٽ دي ڊيٿ آف اڪبر“، ص ص 274-275

[32] . پوسٽنس، ص ص 45-46

[33] . برٽن، جلد 1، ص ص 272-274

[34] . برنس، ”نئريٽيو“، ص 45

[35] . ايضا، ص 45، ۽ پوسٽنس، ص ص 223-224

[36] . ليفٽيننٽ ليچ ٻڌائي ٿو ته ميرن جي شڪار جي موقعن تي ڪڏهن ڪڏهن ته ڇهه ڇهه سو ماڻهو پويان هوندا هئا (رپورٽ آف سنڌين آرمين، ص 24)

[37] . برٽن، ”سنڌ ريوزٽيڊ“ جلد 2، ص ص 71- 72، ۽ وپسٽنس، ص 2

[38] . پوسٽنس، ص ص 47-113

[39] . ايضا، ص 225

[40] . ڪرو، جي ايس ايڇ ايس جلد 1، ڀاڱو 2، ص 46

[41] . برنس، ”نئريٽيو“، ص ص 88-89

[42] . پوسٽنس، ص ص 49-50، برٽن، ”ريسز ائنڊ ٽرائيبس“ باب 11

[43] . مانرق، جلد 2، ص 239

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org