درآمد برآمد
سنڌ ۾ ان دور ۾ ڪهڙي درآمد ۽ برآمد ٿيندي هئي، ان
جي واضح معلومات سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارين
ڪوٺين جي ٻيجڪن، ۽ ان دور جي ڪن لکندڙن ۽ سياحن جي
احوالن مان ملي ٿي. اسان جي اڀياس واري دور جي
شروع کان ارڙهين صديءَ جي وچ واري عرصي ۾ سنڌ مان
ڪافي انداز ۾ ۽ ڪيترن ئي قسمن جو ڪپڙو، ريشمي
شيون، نير،شورو،کلون ۽ چمڙي جو سامان، مڱن وارو
(کير ڏيندڙ) چوپايو مال ۽ کير مان ٺهندڙ شيون،
آفيم، اناج، مڇي ۽ کنڀ وغيره برآمد ڪيا ويندا هئا.
موٽ ۾ سنڌ ٻاهران ڌاتو-شيهو ۽ ٽين، لوهه ۽ رڪ، سون
۽ چاندي، آسائشي سامان- وڏي بر وارو ويڪرو ڪپڙو،
اوني سامان، ريشمي ڪپڙو ۽ بخمل، موتي ۽ قيمتي پٿر،
مصالحا- ڪارا مرچ، لونگ، دالچيني ۽ جافر، ۽
دستڪاريءَ لاءِ گهربل سامان، ميوا ۽ ڇهارا (کجيون)
درآمد ڪندي هئي.
پر ارڙهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ سنڌ جي ڪپڙي جي
برآمد گهٽجڻ لڳي- تان جو ارڙهين صديءَ جو پهرين اڌ
اڃا مس ختم ٿي ٿيو، ته برآمد ۾ شوري، ڪپڙي جي جاءِ
والاري، ۽ جلد ئي سنڌ جي ڪپڙي تي انگلنڊ ۾ مشينن
جو ٺهيل ڪپڙو غالب پئجي ويو. ايندڙ سالن ۾ نه رڳو
سنڌ جي ڪپڙي جي برآمد بنهه گهٽجي ويئي، پر اٽلندو
ڪپڙو ٻاهران اچڻ لڳو ۽ درآمد ٿيندڙ شين مان ڪپڙو
به هڪ مکيه چيز شمار ٿيڻ لڳو. درآمدي ۽ برآمدي شين
جي تفصيلي جائزي (ڏسو ضميمو ”هه“) مان معلوم ٿئي
ٿو ته 1838ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪيل درآمدي واپار سورنهن
لکن روپين جو ٿيو، جنهن مان سٽ جي درآمد کي ڇڏيندي
رڳو انگريزي سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو اٽڪل ڇهن لکن روپين
جو هو، ۽ حيدرآباد جي 420000 روپين جي ڪل درآمدي
واپار مان اهي شيون اٽڪل 180000 روپين جون گهرايون
ويون هيون. البت شڪارپور ۾ ٻاهران گهرايل ڪپڙي جو
کاپو ايترو ڪين هو. شڪارپور جو ڪل درآمدي واپار
210000 روپين جو هو، جنهن ۾ انگلنڊ کان گهرايل
سموري مال جو ملهه 30000 روپيه مس هو- ۽ ان ۾ به
ڪيترن ئي وڙن منجهان ڪپڙو به هڪ وڙ هو.
سنڌ جي ڪپڙي جي برآمد گهٽجي وڃڻ جو ذڪر ڪندي
اليگزينڊر برنس لکي ٿوته ٺٽي ۾ ٺهندڙ شين مان
”گهڻو ۾ گهڻو حصو سنڌ ۾ ئي کپي ٿو-“ هتي ٺهندڙ
سفيد سوٽي ڪپڙي کان انگريزي ٺهيل ڪپڙو سستو هجڻ
ڪري گوءِ کڻي ويو هو. هن کي عجب انهيءَ ڳالهه تي
هو ته انگريزن سنڌ سان شروعاتي لاڳاپا انهيءَ ڪري
پيدا ڪرڻ گهريا ته سندن اوني ڪپڙي لاءِ مارڪيٽ
ملي...... پر موجوده واپار نه رڳو سوٽي ڪپڙي جو ئي
ٿو هلي.“
ارڙهين صديءَ جي ٽين چوپائي واري دور ۾ انگريزن جي
ٻيو نمبر ڪوٺيءَ جي وقت برآمد ٿيندڙ شين مان شورو
به هڪ مکيه شي هو، سو به هاڻي سنڌ جي برآمدي واپار
منجهان نڪري ويو. ساڳيءَ طرح برآمدي واپار ۾ نير
جي اهميت به ختم ٿيندي ويئي.
انهيءَ طرح سنڌ جي بيروني واپار ۽ تجارت جي صورت ۽
جوڙجڪ ۾ هڪ نمايان انقلاب اچي ويو. ارڙهين صديءَ
جي وچ واري دور کان پوءِ سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ شين جي
ٻاهرين طلب بنهه ختم ٿي ويئي، ۽ سنڌ جي برآمدي شين
۾ گهڻو ڪري رڳو ڪچو مال ۽ کاڌي جون شيون وڃي
رهيون. ساڳئي وقت سنڌ، تيار ٿيل مال جو درآمد ڪندڙ
ملڪ ٿي پئي، درآمد ۽ برآمد جي واپار جا ٻيا وڙ
گهڻو ڪري ساڳيائي رهيا- البت انهن جو انداز ۽
مقدار گهڻو گهٽجي ويو.
واپار جي تنظيم:
اسان ڏسي چڪا آهيون ته سنڌ ملڪ پنهنجي آسودگيءَ
وارن ڏينهن ۾ واپار جو هڪ وڏو مرڪز هو ۽ ڊاڪٽر
سورلي جي اها راءِ بلڪل درست آهي ته ”پنهنجي ڏينهن
۾ سنڌو ڊيلٽا واپار جي لحاظ کان نهايت مشغول منظر
پيش ڪندي هوندي. جنهن جي برعڪس اڄ ڪجهه به نظر نٿو
اچي.“ جيڪڏهن سنڌ ۾ مناسب واپاري تنظيم نه هجي ها
ته هوءَ سڄيءَ دنيا جي ملڪن سان ايترو سارو واپار
هلائي ڪين سگهي ٿا. سنڌ جي واپار جو وڏو حصو هندن
جي هٿن ۾ هوندو هو، جيئن اڄڪلهه به ڏسڻ ۾ اچي ٿو-
۽ انهيءَ ۾ ملبار، ايران، عربستان، ترڪي ۽ مغربي
ملڪن جي واپارين به ڪجهه اضافو ڪيو هو. انهيءَ ڪري
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي واپارين جو پکڙجي وڃڻ ڪو
محض اتفاقي امر نه آهي- ۽ ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ
نه آهي ته اڄ دنيا جو شايد ڪوبه اهڙو وڏو شهر يا
مکيه سامونڊي بندر نه هوندو، جتي ڪو سنڌي واپاري
جواهرن، هنري چيزن ۽ ريشمي سامان جو واپار ڪندو
نظر نه اچي. اهي ماڻهو ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور
کان آيل آهن- جهڙيءَ طرح اڳي ٺٽي، نصرپور، سيوهڻ،
بکر ۽ لهري بندر جا واپاري يورپ ۽ ايشيا جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ پنهنجي ملڪ سنڌ جو نالو وڃي چمڪائيندا هئا.
اڄ جي سنڌي واپارين جتي ڪٿي پنهنجون ڪوٺيون قائم
ڪيون آهن- ۽ سندن مرڪزي آفيسون پرڳڻي اندر قائم
ٿيل آهن- ۽ هو پنهنجي مرڪزي آفيسن جي هدايتن ماتحت
دنيا جي مختلف حصن سان واپار ڪندا رهن ٿا. انهن
واپارين ۾ گهڻو حصو شڪارپور جي واپارين جو آهي، ۽
انهن جومکيه ڌنڌو هنڊين تي هلندو اچي. انهيءَ ڪري
اهو قياس غلط نه ٿيندو ته سترهين ۽ ارڙهين صديءَ
جي اوائل ۾ به انهيءَ ڌنڌي جي اهائي صورت هئي. ان
وقت جي ڪيترن واپارين جي احوالن ۽ انگريزي ڪوٺين
وارن جي بيانن مان انهيءَ ڳالهه جي تصديق نٿي ٿي.
اسين ڏسي آيا آهيون ته سنڌ جي واپارين جون آفيسون
۽ ايجنسون نه رڳو هندستان جي مکيه واپاري مرڪزن ۾
هيون، بلڪ دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙيل هيون.
سنڌجي اندروني واپار جي تنظيم ۽ جوڙجڪ تي گهٽ
معلوم ملي ٿي، پر هتي پڻ ماضيءَ کي سمجهڻ لاءِ حال
اسان جي رهبري ڪري سگهي ٿو. قرون وسطى يعني وچئين
دور جي معيشت مغرب توڙي مشرق ۾ گهڻو ڪري هڪ جهڙي
نظر اچي ٿي، ۽
يورپ ۾ به ”ميلن“ جي تاريخ چڱي پراڻي آهي. مقرر
ٿيل وقفن تي انگلنڊ ۽ يورپ جي ٻين مکيه ملڪن-
فرانس، اسپين، اٽلي، ناروي، روس ۽ جرمنيءَ ۾
باقاعدي ميلا لڳندا رهندا هئا- ۽ تازو ڪجهه سال اڳ
تائين وڏا وڏا ميلا لڳندا رهندا هئا- ميلن ۾ مختلف
ملڪن جا
ماڻهو اچي هڪٻئي سان ملندا هئا- انهيءَ کان سواءِ
انهن ميلن ۾ ٻيون به ڪيتريون وندر ۽ دلچسپيءَ جون
چيزون ميسر ٿينديون هيون. بروقت جي دوران ۾ جڏهن
آمدرفت ۽ رسل و رسائل جا آسان ذريعا ڳولي ڪڍيائون،
تڏهن ميلن جي اهميت گهٽجي ويئي، ۽ هاڻ دنيا جي
ڪيترن مکيه حصن ۾ ميلا ڪين لڳندا آهن. هندستان ۾ ۽
ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ البت اڃا ميلن مان اهو ساڳيو
ڪارج حاصل ٿئي ٿو ۽ ميلا لڳندا رهن ٿا.
سنڌ ۾ اڃا به ڪيترن ئي هنڌن تي مقرر وقتن تي سال ۾
ميلا لڳندا رهن ٿا، جتي ماڻهو وڏي تعداد ۾ اچي
خريد و فروخت ڪندا آهن. انهن ميلن ۾، جتي خاص ڪري
شرطون لڳن ٿيون، اتي چوپائي مال جو چڱو واپار ٿئي
ٿو، ۽ واپاري، گهوڙا، اٺ ۽ ڳئون گهڻو ڪري انهن
ميلن مان ئي خريد ڪندا اهن. انهيءَ ڪري اهو قياس
لڳائي سگهجي ٿو ته سترهين ۽ ارڙهين صدين ۾ سنڌ جي
واپاري معيشت ۾ ”ميلن“ جو مکيه حصو هو. اڄڪلهه
وانگر اهي ميلا گهڻو ڪري درياءَ جي بندرن، واپاري
مرڪزن يا صوفي فقيرن ۽ سنتن ساڌن جي مقبرن ۽ مزارن
تي لڳندا هئا- ۽ واپار سان گڏ ماڻهن جي سماجي ۽
مذهبي لاڳاپن کي به وڌڻ جو موقعو ملندو هو.
يورپ ۾ جديد قسم جي مارڪيٽن جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ
ڳوٺن ۾ هفتيوار بازين لڳڻ جا ڏينهن مقرر ٿيل هوندا
هئا، جتي پسگردائيءَ جا ماڻهو اچي پنهنجي ضروريات
جون شيون خريد ڪندا هئا، پر ڪن خاص ضرورتن جي
سامان سڙي لاءِ هنن کي پسگردائيءَ جي ڪنهن وڏي ڳوٺ
يا شهر ڏانهن وڃڻو پوندو هو. انهي ڳالهه کان انڪار
ٿي نٿو سگهي ته ٺٽي نصرپور، حيدرآباد يا ڪراچي
جهڙن وڏن شهرن ۾ باقاعدي مارڪيٽون هونديون هيون.
البت ننڍا ننڍا ڳوٺ گهڻو ڪري خود ڪفيل هوندا هئا
ڳوٺاڻا پنهنجون ئي پيدا ڪيل چيزون استعمال ڪندا
هئا ۽ روزمره جي استعمال جون ٻيون عام شيون اڪثر
پاڙي جي واڻئيي جي هٽ تان خريد ڪيون وينديون هيون.
ڀاڄيون ۽ گوشت خير ڪي وڪامندا هئا ۽ واڻئيي جي هٽ
جو سودو گهڻو تڻو جنسن ۾ ئي ٿيندو هو، ناڻي جو
استعمال گهڻو ڪري وڏن شهرن ۾ هوندو هو پر اتي به
ناڻي جو مقدار ايترو گهٽ هوندو هو، جو واري ڦيري ۾
نهايت گهٽ ڪم ايندو هو. وڏن واپارين کي پنهنجا
گماشتا، آڙهتي ۽ دلال هوندا هئا، جيڪي واپار جي
تنظيم، وڪرو ۽ ڏيتي ليتي جو ڪم ڪندا هئا.
انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان وقت ماڻهن ۾ واپاري ساک ۽
ديانتداري نهايت بلند درجي جي هوندي هئي. ان وقت
جي مؤرخن ۽ سياحن سنڌي واپارين کي نهايت گهڻو
ساراهيو آهي ۽ مورلنڊ سورهين صدي جي هندستاني
واپارين کي بلند ترين مرتبي جي ماڻهن ۾ شمار ڪيو
آهي. هندستان جي واپارين جي قابليت کي داد ڏيندي
ٽئورنيئر لکي ٿو: ”ترڪي شهنشاهت ۾ يهودين کي ڏيتي
ليتي ۾ نهايت قابل سمجهيو وڃي ٿو پر اهي هندستان
جي ڏيتي ليتي ڪندڙ ماڻهن جا شاگرد به ڪين سونهن!“
شڪارپور جي صرافن (بئنڪرن يا ڏيتي ليتي ڪندڙن) جي
ساک ۽ هاڪ اڄ به قائم آهي ۽ انهي مڃڻ لاءِ ڪو سبب
نه آهي ته ٽئورنيئر جي وقت ۾ سنڌي بئنڪر ڪي گهٽ
قابل هوندا.
صنعتي ۽ واپاري تنزل جا سبب
سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صدي جي دور کان پوءِ اسان
کي ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌ جي صنعت ۽ واپار رفته رفته
تنزل ڏانهن مائل ٿيندو پوڻو پوندو ويو ۽ نيٺ ختم
ٿي ويو، انهي جا ڪيترائي اندروني توڙي خارجي سبب
هئا.
خارجي اسباب
انگريزن جي واپاري نيتيءَ جو انقلاب
سترهين ۽ ارڙهين صدي جي انگريزن جي واپاري نيتيءَ
۽ پاليسي ۾ جو زبردست انقلاب آيو. اهو مکيه خارجي
سببن مان هڪ سبب هو. نشات ثاني جي زماني
(Renaissance)
۽ دور اصلاح
(Reformation)
جي ڪري هنن ۾ دولت ۽ طاقت هٿ ڪرڻ لاءِ هڪ نئين
سجاڳي ۽ بيداري پيدا ٿي. ٽيوڊر ۽ اسٽوئرٽ گهراڻن
جي حڪومتن جي دوارن ۾ انگلينڊ ۾ جهاز راني بحد
ترقي ڪئي. سال 1600ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو پايو
پيو ۽ ٿوري ئي وقت اندر سموري هندستان ۾ سنڌ سميت
انگريزي ڪوٺيون قائم ڪيون ويون. هن پرڳڻي (سنڌ)
مان مشرق جو بهترين سوٽي ڪپڙو ۽ بهترين قسمن جو
نير ۽ شورو ورتو ويندو هو ۽ ان جي عيوض انگلينڊ
جيتوڻيڪ گرم ڪپڙو ۽ آسائشي سامان مٽاسٽا ۾ ڏيندي
هئي پر تڏهن به کين سنڌ جي مال جي قيمت جو ڪافي
حصو سون ۽ چاندي جي صورت ۾ ڏيڻو پوندو هو. جيئن ته
ان وقت قيمتي ڌاتو (سون) جو مقدار محدود هوندو هو
۽ اهو نه رڳو واپار بلڪ جنگ جي ضرورتن لاءِ پڻ ڪم
ايندو هو، ان ڪري انگلنڊ ۾ ان جي هڪ طرفي وهڪ ۽
کوٽ کي بري طرح محسوس ڪيو ويو، ان جو خاص سبب هي
هو ته ان وقت اقتصاديات جو ”واپاري نظريو“
(Mercantilism
ئي وقت جو تسليم شده نظريو هو، جنهن موجب صنعت کي
قومي اپت جو ذريعو مڃيو ٿي ويو ۽ بچت واري واپاري
توازن
(Favourable balance of trade)
کي ئي صنعتي آسودگي جا سند ۽ ضامن سمجهيو ٿي ويو ۽
جنهن مطابق ملڪ جي طاقت وڌائڻ ۽ جنگ جي وسيلن مهيا
ڪرڻ لاءِ ”خزاني“ جي درآمد ۽ ڪٺي ڪرڻ کي هڪ مکيه
ذريعو سمجهيو ويندو هو. پر جيڪڏهن انگلنڊ کي
پنهنجي ماڻهن جي استعمال لاءِ مشرق جو ڪپڙو اڃا به
گهربل هو ته ان لاءِ وٽس ٻه رستا هئا: هڪ ته هو
پاڻ اهو تيار ڪري يا ته ان جو ملهه ادا ڪرڻ لاءِ
تيار رهي. پر ڇاڪاڻ ته سون ۽ چاندي ئي ملهه ادا
ڪرڻ جو مکيه ذريعو هو ۽ انهن جي برآمد هڪ قومي
زيان سمجهيو ويندو هو، انهي ڪري کين انهي ڪپڙي جو
گهربل مقدار پنهنجي ملڪ اندر ئي لازمي طرح تيار
ڪرڻو پيو. ائين ڪرڻ سان پنهنجي ملڪي صنعتن جي
بچاءَ ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي. انهي ڪري صنعتن کي
محفوظ ۽ مضبوط ڪرڻ جي خيال کان سڄي ملڪ ۾ ”صنعتي
بچاءَ“
(Protection)
جي نيتيءَ کي زور وٺائڻ لڳا. اها نيتيءَ راڻي
ايلزبيٿ جي آخري دور ۾ شروع ڪئي وئي هئي. پر 1660ع
۾ تجديد
(Restoration)
واري دور کان پوءِ ڄاڻي واڻي انهي نيتيءَ کي وڌيڪ
تيزي ۽ سختي سان عمل ۾ آندو ويو ۽ اوڻيهين صدي جي
وچ ڌاري ان وقت تائين ان تي انهي ئي جوش و خروش
سان عمل ڪيو ويو، جيسين انگلينڊ ۾ مکيه صنعتون
نهايت مضبوطي سان قائم ٿي ويون، تان جو انگلنڊ.
آزاد واپار جي نيتيءَ
(Free trade policy)
تي ڪاربند ٿيڻ جي لائق بنجي پيو.صنعتي بچاءَ
(Protection)
جا ڪيترائي قانون پاس ڪيا ويا ۽ انهن مان ڪي ته
خاص طرح هندستان جي ڪپڙي جي خلاف پاس ڪيل هئا.
چارلس ٻئي جي ”ٽنيج ۽ پائونڊيج ايڪٽ“ (1660ع) ۽
ٻين پارليامينٽ جي ايڪٽن موجب، مشرق کان ايندڙ
سامان تي ۽ خاص ڪري ”گهرو“ کاٻي لاءِ ريشمي ۽ سوٽي
ڪپڙي تي محصول گهر
(Custom House)
منجهه ”خاص محصول وڌا ويا.“ پر انهي هوندي به
هندستاني سوٽي توڙي ريشمي ڪپڙن جي طلب ايتري تيز
هئي جو باوجود متعدد اهڙن سخت قانونن ۽ ڳرن ڳرن
محصولن جي، انگلينڊ ڪافي انداز ۾ اهي گهرائيندو
رهيو ۽ انهي واپار ۾ سنڌ جو به چڱو چوکو حصو هو.
پر انگلينڊ ۾ گهرو پيداوار کي زور وٺائڻ لاءِ همت
افزائي جاري رهي ۽ 1685ع ۾ هندستان ۽ مشرق کان
درآمد ٿيندڙ هرکن ۽ ريشمي ڪپڙي تي 10 سيڪڙو وڌيڪ
محصول وڌو ويو: پنجن سالن کانپوءِ انهي محصول کي
وڌائي ٻيڻو ڪيو ويو. سترهين صدي جي آخر ۾ انگلينڊ
۾ اٽڪل پنجاهه هزار ريشمي ڪپڙي جا فرينچ ڪوري لڏي
آيا: انهي آباديءَ انگلينڊ جي ريشمي ڪپڙي جي صنعت
کي وڏي مدد ڏني ۽ ان جي پيداوار تيز ٿي وئي ۽ ٿوري
ئي وقت ۾ ريشمي ڪپڙي جي درآمد نهايت گهٽجي وئي.
پر ان سڀ ڪجهه هوندي به ”انگلينڊ جي ماڻهن جي خاص
پوشاڪ“ هندستاني هرکن ۽ ريشمي ڪپڙن جي هوندي هئي.
هندستاني مال جون شڪايتون جيئن پوءِ تيئن وڌنديون
ويون ۽ انگلينڊ جي ريشمي ڪپڙي جي ڪورين انهي خلاف
آواز اٿاريو ۽ نيٺ بغاوت ڪيائون. نتيجو اهو ٿيو جو
1700ع ۾ هڪ قانون پاس ڪيو ويو، جنهن جي فقرن موجب
ايران، هندستان يا چين مان آيل سمورو ريشمي، خالص
يا گڏيل مال، سمورو سوٽي، ڇريل، رکيل يا لسو، ڪپڙو
گڏ ڪري گدامن ۾ بند ڪيائون ته جيئن ان کي وري ٻين
ملڪن ڏانهن برآمد ڪيو وڃي ۽ انگلينڊ ۾ انهن جي
استعمال کي بنهه ممنوع ڪري ڇڏيائون. انحرافي ڪرڻ
لاءِ ڳرا ڳرا ڏنڊ ۽ سزائون مقرر ڪري ڇڏيائون.
ساڳئي وقت هندستان مان ايندڙ ململين تي به ڳرا
محصول عائد ڪيا ويا پر انهن قانونن هوندي به
هندستاني مال جي طلب پنهنجي سونهن، پائداري ۽
سستائي جي ڪري اوچي رهندي آئي. ملڪ ۾ لسو مال
گهرايو ويندو هو ۽ ان کي ملڪ اندر ئي ڇريو يا رڱيو
ويندو هو. قانون جي رد کان بچڻ لاءِ ممنوع مال جا
ٻيا نقلي قسم درآمد ڪيا ويندا هئا ۽ ٻيو ڪيترو ئي
مال يورپ جي ملڪن جي رستي ملڪ ۾ بي قاعدي چوري پيو
درآمد ٿيندو هو. انهي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ 1720ع ۾
پارليامينٽ هڪ قانون پاس ڪيو، جنهن موجب هر ڪنهن
قسم يا رنگ وغيره جي هندستاني ريشمي ڪپڙي يا هرک
جي استعمال ۽ پهرڻ تي بنهه بندش وڌيو ئي، ان جي
انحرافي تي ڳريون سزائون مقرر ڪيون ويون. انهن
سڀني قانونن جي مدد سبب انگلينڊ جي ڪپڙي جي صنعت
ايتري ته ترقي ڪئي، جو 1740ع ڌاري انگلينڊ ۾ نه
رڳو گهرو ضرورتن لاءِ ڪپڙو پيدا ٿيڻ لڳو پر ڪيترو
ئي مال بيٺڪن ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ نيڪال ٿيڻ لڳو.
.
ڪارليس،ميموئر آن دي ٽريڊ آف ڪراچي، بامبي
رڪارڊس ڀاڱو 1، ص ص 200-201
.
برنس، ڪامرس آف حيدرآباد فقرو 8
.
سائوٿگيٽ (نالو) انگلش ايڪانامڪ هسٽري، ص 73
.
ڪننگهام- آئوٽ لائينس آف انگلش انڊسٽريل
هسٽري، ص 259
.
ڪنگهام، ص ص 100، 126- 130، پڻ برني، ص ص
66-77
.
هي 1685ع ۾ ائنٽيز جي معاهدي جي منسوخ ٿي وڃڻ
ڪري ٿيو. اهو معاهدو 1598ع ۾ هگناٽناواري ۽
ڪئٿولڪ ليگ جي وچ ۾ ٿيو هو، جنهن موجب ناواري
ڪئٿولڪ ٿيڻ قبول ڪو هو ۽ هگناٽس کي مقرر
ايراضي ۾ آزادي ملي هئي. (بحواله سرويل- اي
ڪنسائيز هسٽري آف گريٽ برٽن، ص 218، 294)
|