مترجم جو نوٽ
انساني تاريخ، انسان جي مسلسل ۽ اڻٿڪ ۽ معاشي
جدوجهد جي تاريخ آهي. هر معاشري جي اوسر، ارتقا ۽
تنظيم، معاشي ۽ اقتصادي ڪشمڪش جي حالتن جي تابع
آهي. دنيا جي هر ٻئي ملڪ وانگر سنڌ به انهيءَ
سائنسي ڪُليي موجب سماجي، تمدني ۽ سياسي پهلوئن ۾
پنهنجي مخصوص معاشي حالتن جو انقلاب آفرين اثر
قبول ڪندي رهي آهي، ۽ اڄ جو معاشري جيڪو اسان جي
پيش نظر آهي، اهو ايامن جي معاشي اٿل پٿل ۽
تبديلين جو نتيجو آهي. سنڌ جي تاريخ جو انياس
تيسين مڪمل نه ٿيندو، جيسين انهيءَ معاشي سبب ۽
نتيجي جي سلسلي جو گهرو معالعو نه ڪيو ويو آهي،
جنهن جي طفيل سنڌي معاشري کي مختلف دورن ۾ مختلف
صورتون ۽ تشڪيلون نصيب ٿينديون آيون آهن. سنڌ جي
هڪ اهڙي دور ”مغلن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور“ جو
نهايت عالمانه معالعو ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻيءَ هن
ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن جو ترجمو پڙهندڙن جي
خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.
جنهن دور جو اڀياس هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اهو
سموري دنيا لاءِ قرون وسطى يا وچون دور سڏجي ٿو.
ان دور ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ هڪ نئون معاشي ۽
اقتصادي رجحان اڀري رهيو هو-۽ اهو رجحان هو
جاگيردارانه طاقتن ۽ نيم سرمائيدارانه قوتن جي هڪ
ٻئي تي فوقيت ۽ غلبي حاصل ڪرڻ جي ڪشمڪش ان دور ۾
يورپ ۽ ايشيا جي قريب قريب سڀني ملڪن ۾
جاگيردارانه نظام معيشت مروج هو، جنهن ۾ سردار،
جاگيردار ۽ زميندار زمين جي پيداوار جو اڪثر حصو،
عام رواجي طرح پنهنجو منصبي حق سمجهندا هئا، ۽
ڌرتيءَ جي ڇاتي چيري اُن ۽ ٻيون شيون پيدا ڪرڻ
وارن هارين کي محض گذاري ڪرڻ ۽ پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب
کي آئيندي جي پورهئي ڪرڻ لاءِ جئرو رکڻ جيتري
پيداوار نصيب ٿيندي هئي. نتيجي طور پيداوار يا ٻين
لفظن ۾ دولت چند ماڻهن وٽ مرڪوز ٿيندي رهي. ضرورت
کان بيحد زياده دولت ٿورن وٽ گڏ ٿيڻ سان، دولت جي
مصرف جا ذريعا نسبتاً محدود ٿيڻ لڳا. دولت جي مصرف
جي تلاش ۾ جاگيردار طبقو زندگيءَ جي آسائشن ۽ عيش
و عشرت جون نيون نيون راهون هٿ ڪرڻ لڳو: سندن
انهيءَ دولت جي مصرف جي پورائي لاءِ عيش عشرت جا
نوان نوان سامان، نيون نيون شيون ۽ مال ٺهڻ جو
موقعو پيدا ٿيو.دستڪاري ۽ ڪاريگر طبقو فروغ پائڻ
لڳو، نوان نوان فن ۽ هنر ترقي ڪرڻ لڳا. عشرت جو
سامان وڌڻ سان، نئين قسم جو مال وڌندڙ مقدار ۾
پيدا ٿيڻ سان، دولت جاگيردار طبقي وٽان منتقل ٿي
هڪ اهڙي گروهه وٽ پهچڻ لڳي، جنهن کي واپاري طبقو
سڏيو وڃي ٿو. وچئين دور جا شاهوڪار سوداگر انهي
طبقي جي نمائندگي ڪندا هئا. اهو واپاري طبقو اها
ڪمايل دولت وري به ساڳين عشرت ۽ آسائش جي سامانن ۽
شين جي تيار ڪرائڻ ۾ لڳو: پورهيتن ۽ ڪاريگرن کي
مال تيار ڪرڻ جو ڪم سونپي، انهن کي زندگيءَ جي
ضرورتن پوريون ڪرڻ لاءِ اڳواٽ موڙي ڏيئي، مال تيار
ڪرائي، دولتمند جاگيردارن کي وڪري لاءِ پيش ڪيو
ويندو هو. واپاري طبقي کي ان مان ٻٽو نفعو ٿيندو:
ڪاريگرن ۽ پورهيتن کي هو محض ايتري قيمت آڇيندو
هو، جنهن ۾ هو وري پورهئي ڪرڻ لاءِ جئرا رهندا
اچن، ۽ سندس دارومدار به هن جي مال جي طلب تي
رهندو اچي، ٻئي طرف جاگيردارن کي هو ڳرين قيمتن تي
اهو مال وڪڻندو هو، جيڪي پنهنجي دولت جي بي انداز
فراوانيءَ، ۽ عشرت و آسائش جي شوق کان قيمت تي
ڌيان ئي ڪين ڏيندا هئا، بلڪ معاشري ۾ پنهنجي پاڻ
کي سرخرو ۽ ناميارو بنائڻ لاءِ ڳريون قيمتون آڇڻ
پنهنجو امتياز سمجهندا هئا. ان طرح دولت واپاري
طبقي وٽ مرڪوز ٿيندي ويئي، ۽ رفتا رفتا اهو واپاري
طبقو پنهنجي چمڪندڙ واپار ۽ موڙي جي بنياد تي
صنعتي تنظيم تي چانئجي ويو، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ دولت
جي لحاظ کان ايتري قوت هٿ ڪري ويو جو هن جي مفاد ۽
جاگيردار طبقي جي مفاد ۾ ٽڪر جو امڪان پيدا ٿي
پيو. معاشري جي اندر ڪيترن ئي پهلوئن ۾ واپاريءَ
پنهنجي مفاد کي اڳتي نيڻ جي ڪوشش ۾ جاگيردار جي
مفاد کي اورانگهڻ شروع ڪيو. ٻنهي طبقن جي انهيءَ
ڪشمڪش يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ کليو کلايو ٽڪر ۽
تصادم جي صورت اختيار ڪئي.
جاگيرداريءَ جي بنسبت واپاري ۽ نيم سرمائيداري
نظام، معاشري جي هڪ بهتر ۽ ترقي يافته صورت هئي، ۽
جاگيرداري معاشرو انهيءَ ڪشمڪش ۾ پنهنجون سموريون
قوتون سلب ڪرائي چڪو هو، انڪري يورپ ۾ واپاري طبقو
زور ٿي ويو. يورپ جي ڳپل ملڪن ۾ جاگيرداري نظام
معاش فنا ٿيڻ لڳو، ۽ ان جي کنڊرن تي واپاري طبقو
نيم صنعتي ۽ نيم سرمائيداري معاشري جي اوساري ٻڌڻ
لڳو. يورپ جو صنعتي انقلاب انهيءَ ڪشمڪش ۾ واپاري
طبقي جي فتح جي هڪ واضح نشاني هئي. صنعتي انقلاب
اچڻ سان صنعتي ملڪيت به واپاري طبقي ۾ مرڪوز ٿيڻ
لڳي. اهو واپاري طبقو نون معاشي لاڙن جي ڪري ٻن
گروهن ۾ ورهائجي ويو، جن جا مفاد مشترڪه ۽ لازم
ملزوم رهيا: ان منجهان هڪڙو گروهه اهي ئي واپاري
يا سوداگري خصوصيتون رکندو آيو، يعني مال خريد
ڪري، وڪڻي نفعو ڪمائڻ سندس مشغلو بنجي پيو، ۽ ٻيو
گروهه پنهنجي گڏ ڪيل دولت کي موڙيءَ طور استعمال
ڪري صنعتي قوتن ۽ پيداوار جي ذريعن تي هڪ هٽي قائم
ڪرڻ ۾ لڳي ويو. پوئين گروهه کي موجوده دور ۾
سرمائيدار طبقو چيو وڃي ٿو. پيداوار جي ذريعن تي
هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۽ پنهنجي فاضل مال جي نيڪال ڪرڻ
جو مفاد اهڙو پختو ٿيندو ويو، جو ان کي سلامت ۽
محفوظ رکڻ لاءِ، ان کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ
سرمائيدار طبقو معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن جي معيشت
جي هر پهلوءَ کي پنهنجي گرفت ۾ آڻڻ ۽ پنهنجي گوڏي
هيٺ رکڻ جي ڪوشش ۾ ٻين طبقن کي – پوءِ اهي ڪٿي به
واقع هجن- غلام بنائڻ جا نوان نوان ڍنگ ۽ نيون
نيون راهون تجويز ڪرڻ لڳو. ان طبقي جي سعين بيٺڪي
راڄ ۽ سامراجي استحصال کي جنم ڏنو. پنهنجي مفاد کي
وڌائيندو وڃڻ لاءِ سرمائيداري سرشتي جي صنعتي نظام
کي پنهنجي مال لاءِ پيداوار جي ذريعن، تيار ٿيل
مال جي لاءِ مارڪيٽن جي تلاش ڪرڻي پيئي- انهن ئي
چيزن بيٺڪي راڄ ۽ سامراجي سرشتن جي هولناڪين کي
نون نون خوبصورت ۽ بظاهر بي ضرر لباسن ۾ دنيا جي
سامهون پيش ڪيو.
جنهن دور جي معاشي جائزو هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو
آهي، ان دور ۾ سنڌ (بلڪ-ساري هندستان) جي معيشت ۽
معاشرو بنيادي طرح جاگيردارانه هو. البت سنڌ جو
جاگيردارانه نظام معاش ان دور ۾ ٻه قدم اڳتي وڌي
آيو هو، ۽ ان کان اڳ جي دور ۾ دولت جي فراوانيءَ ۽
بي مصرف هجڻ ڪري واپاري طبقو وجود ۾ اچي، چڱا پير
کوڙي چڪو هو، ۽ سنڌ ۾ زير جائزه دور اندر
جاگيرداري معيشت سان گڏ هلڪو نيم صنعتي دور پڻ
شروع ٿي چڪو هو. واپاري ۽ سوداگر طبقو ڪافي دولت
گڏ ڪري ملڪ جي صنعتن کي ترقي ڏياري رهيو هو، ۽
صنعتي ڪاميابيءَ ۽ عروج نه رڳو ملڪي دولت وٽن پئي
مرڪوز ڪئي، بلڪ ٻاهرين ملڪن ۽ ڀروارن صوبن منجهان
دولت کي ڇڪي پئي آندو، ۽ ملڪ ڏينهون ڏينهن صنعتي ۽
واپاري لحاظ کان خوشحال ٿيندو ويو. پوين ڪلهوڙن ۽
سندن جاءِ نشين ٽالپرن جي دور ۾ واپاريءَ ۽
جاگيردار جا مفاد ٽڪرجڻ جي حد ٿي اچي پهتا. ٽالپرن
جي دور ۾ اها طبقاتي ڪشمڪش ٻنهي طبقن لاءِ موت و
حيات جي ڪشمڪش هئي: جاگيردار واپاريءَ کي ختم ڪرڻ
لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ لڳو- ۽ جاگيردار طبقي
انهيءَ موت ۽ حياتي جي جنگ ۾ ٻين هٿيار- ڍلن ۽ ڳرن
محصولن وغيره کان پوءِ مذهب جي اختلاف کي پنهنجو
آخري هٿيار ڪري ڪتب آندو. واپاري طبقو گهڻو تڻو
هندن تي مشتمل هو، ۽ جاگيردار طبقو اسلام جو پيرو
هو، ۽ اهو چوڻ غلط ڪين ٿيندو ته لاشڪ جاگيردار جي
مقابلي ۾ واپاري اڃان ايتري قوت هٿ ڪري نه سگهو
هو، جو انهيءَ نئين حملي جو تاب جهلي سگهي. ان ڪري
واپاري پوئتي پوڻ لڳو، ۽ جاگيردار سندس پير اکوڙي،
کيس نيست و نابود ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ لڳو.
هندن سان ميرن جي بيجا روش ۽ ڏاڍاين جو معاشي جواز
اهوئي آهي. حقيقت ۾ اها ڪشمڪش ڪافي عرصي کان هلندڙ
هئي، ۽ ان جي ڪري ئي سنڌ جي صنعتن تي پوين ڪلهوڙن
۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ زوال ڇانئجي ويو هو، شهر ڦٽڻ
لڳا هئا، ۽ نيم صنعتي معيشت وري زرعي معيشت ڏانهن
ورڻ لڳي هئي.
پر ائين چوڻ هرگز صحيح نه ٿيندو ته انهيءَ سموري
دور جي ڪشمڪش ۽ جدوجهد ۾ ڪو واپاري طبقو بنهه ختم
ٿي ويو: برعڪس ان جي واپاري پنهنجي موڙيءَ ۽ دولت
سميت ٿوري وقت لاءِ پس منظر ڌڪجي ويو، ۽ موقعي جي
تلاش ۾ رهڻ لڳو ته وري به سماجي ۽ معاشي قوتن سان
نئين سر هٿيار بند ٿي جاگيردار سان ٽڪر کائي، ۽
عين ممڪن هو ته انهيءَ ايندڙ مقابلي ۾ واپاري
جاگيردار کي نيچو نوائي ها، ۽ سنڌ انهيءَ واپاريءَ
جي موڙيءَ جي بنياد تي نيم صنعتي ۽ نيم سرمائيداري
نظام معاش اختيار ڪرڻ لاءِ پاڻ کي هموار ڪري ها،
يورپ جي ڪن ملڪن وانگر موڙيءَ ۽ پيداوار جي نون
نون طريقن سان ساڳين بنيادن تي صنعتي ترقي ڪري ها
پر اوچتو ٻاهرئين سامراج جي دخل اندازيءَ انهيءَ
امڪان ۽ استعمال ئي کي ختم ڪري ڇڏيو.
انگريزن کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ به اهي ساڳيا جواز
هئا، جيڪي رفته رفته هندستان کي هڙپ ڪرڻ لاءِ سندن
پيش نظر هئا. جيتوڻيڪ انگريز هندستان ۾ محض پنهنجي
واپاير طبقي جي مفاد لاءِ داخل ٿيا هئا، ۽ سندن
مکيه مقصد هندستان جو مال پنهنجي ملڪ انگلنڊ، ۽
ٻين يورپي ملڪن ۾ پهچائي دولت ڪمائڻ جو هو، پر
سندن ملڪ جي نون معاشي لاڙن- معاشي ۽ صنعتي انقلاب
ــ هن جي اڳين ارادن کي بنهه بدلائي ڇڏيو: سندن
واپاري طبقو نيم سرمائيداريءَ مان ترقي ڪندو، ملڪ
جي بدلجندڙ معاشي حالتن پٽاندر سامراجي طاقت بنجي
پيو، جنهن کي مال جي بدران پيداوار جي ذريعن جي
ضرورت هئي، جنهن کي مال خريد ڪرڻ بدران مال وڪڻڻ
لاءِ بازارين ۽ مارڪيٽن جي تلاش هئي. انهن ٻنهي
ضرورتن انگريزن کي بيٺڪون هٿ ڪرڻ تي آماده ڪيو، ۽
اهو ئي جواز هندستان کان پوءِ سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ
سندن مد نظر هو.
انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ سان سنڌ جي معاشي نطام ۾
هڪ اُبتو انقلاب آيو، ۽ سنڌ کي انگريزن ڄاڻي ٻجهي
قرون وسطى م اڇلي ڇڏيو. هنن سنڌ کي جاگيردارانه
نظام معاش وري موٽائي ڏنو، جيڪو وچئين دور ۾ وٽن
يا ٻين ملڪ ۾ هو. ان ۾ خود انگريزن جو پنهنجو مفاد
هو. اهو تاريخي تضاد انگريزن ۽ ٻين سمورين سامراجي
قوتن جي خصوصيت رهيو آهي، ته جنهن چيز کي پنهنجي
گهر ۾ غلط ۽ نقصانڪار سمجهي ختم ڪندا آهن، انهيءَ
ئي چيز کي پنهنجي مفاد کي محفوظ رکڻ لاءِ پنهنجي
بيٺڪن ۾ نئين سر پيدا ڪندا آهن، يا وري ان کي
تنهان ئي بدتر صورت ۾ زنده رهڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي اهائي رهي، جيڪا سموري
هندستان لاءِ هئي: مقامي صنعتن کي ختم ڪري پن هنجي
لنڪشاير، مئنمچسٽر، لورپول ۽ برمنگهام جي صنعتن
لاءِ ميدان ۽ مارڪيٽ پيدا ڪرڻ سندن مکيه مقصد هو.
پنهنجي ملڪ جي صنعتن لاءِ خام مال ۽ پيداوار جا
ذريعا-
ڪپهه شورو، نير، چمڙو وغيره. مهيا ڪرڻ سندن ٻيو
مقصد هو. انهيءَ لاءِ وٽن سڀ کان آسان طريقو اهو
هو ته جاگيردارانه نظام معاش کي وري جيئرو ڪن، ان
کي طاقت وٺائي پنهنجو هٿيو ڪري ڪم آڻين، ته جيئن
مقامي واپاري طبقو بنهه دٻجي وڃي، ۽ مقامي صنعتون
اڀري نه سگهن: هڪ طرف مقامي صنعتن ۾ خام مال ڪم نه
اچي، سندن پنهنجين صنعتن لاءِ ميسر ٿي ملين، ته
ٻئي طرف مقامي مال نه ٺهڻ ڪري سندن صنعتن جو مال
سنڌ ۾ کپڻ لڳي.
اوڻهين صديءَ جي ختم ٿيڻ تائين جاگيرن جي ورهاست،
زمينداري سرشتي جون تبديليون، ريلوي جو قائم ٿيڻ،
آبپاشيءَ جا سڌارا- اهي سموريون چيزون سنڌ کي ترقي
ڏيارڻ جي مقصد سان نه، پر انگريزن جي مفاد کي
مضبوط ڪرڻ ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ جي مراد سان عمل ۾
آيون.
ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ تائين سنڌ جو معاشي
استحصال انگريزن جي هٿان مڪمل ٿي ويو، پر ان دور ۾
مقامي واپاري طبقو وري ساهه کڻڻ لڳو، ۽ هوريان
هوريان ڪجهه جاگيرداري نظام جي اندران ئي اندران
کاڄي وڃڻ، ۽ ڪجهه پنهنجن نين حالتن، انگريزن کي
مجبور ڪيو ته هو واپاري طبقي کي همٿائين. انهيءَ
همٿ افزائي ملڻ سان واپاري ۽ نيم سرمائيدار طبقو
اڳتي وڌڻ لڳو، ۽ ساڳئي وقت دولت ۽ موڙيءَ کي محفوظ
ڪرڻ جي غرض سان انگريزن سان سندن نئين حڪمت عمليءَ
جي حامي ڀرڻ لڳو ۽ انگريزن کي هڪ نئون دوست ملي
ويو. انهيءَ نئين رجحان وري سنڌ ۾ ننڍي پئماني تي
جديد صنعتن جي اوسر آندي، ۽ درجي بدرجي جاگيرداري
نظام سان گڏ هڪ ڪمزور نيم صنعتي معيشت پڻ وڌڻ
ويجهڻ لڳي-۽ اڄ سنڌ ۾ جيڪي صنعتون ننڍي پئماني تي
ڏسون ٿا، سي انهيءَ ارتقا جو نتيجو آهن.
انهيءَ سموري دور جي معاشي ڪشمڪش ۾ سنڌ جو عوام
طرح طرح جي مصيبتن ۽ عقوبتن جو شڪار ٿيندو رهيو- ۽
جهڙي طرح ”سانن جي وڙهڻ سان ٻوڙا لتاڙبا آهن“،
بلڪل ائين سنڌ جو عوام-هاري، ڪمي ڪاسبي، پورهيت ۽
ڪاريگر-انهيءَ طبقاتي ڇڪتاڻ ۾ لتاڙبو پيسجندو
رهيو. هر ملڪ جي معاشي تاريخ سان اهو سبق ملي ٿو
ته جديد دور ۾ جيسين جاگيردارانه يا جاگيردرانه
نظام معاش قائم رهندو، تيسين اهو ملڪ صنعتي توڙي
سماجي ترقي ڪري ڪين سگهندو. ايشيا جي گهڻن ملڪن جي
معاشي بدحالي ۽ صنعتي انحطاط جو وڏو سبب
جاگيردارانه نظام معاش آهي. انهيءَ ڪري:
جيڪڏهن سنڌ ۾ صنعتي ترقي، ۽ جديد سماجي عروج ايندو
ته فقط تڏهن جڏهن جاگيرداري نظام معاش جا پير
اکڙندا.
دنيا جون بدلجندڙ حالتون، نوان قدر ۽ سماجي ارتقا
جو احتجاج-اهي سموريون چيزون اهائي تقاضا ڪن ٿيون
ته سنڌ کي آسودي ۽ خوشحال بنائڻ لاءِ سندس نظام
معاش کي آزاد ڪرايو وڃي-ان لاءِ عوامي قوتن کي
سجاڳ ڪري جاڳائڻ، سنڌ جي سياستدان جو پهريون فرض
آهي، پر ڪا به سياسي تحريڪ تيسين ڪامياب نه ٿيندي
جيسين اها تحريڪ عوام جي معاشي، سماجي ۽ تمدني
ضرورتن کي سياسي ضرورتن سان گڏوگڏ پنهنجي پيش نظر
نه رکندي. اهو ڪم اسان جي هن معاشي اڀياس جي دائري
کان ٻاهر آهي.
ڪراچي
12 جولاءِ 1957ع سراج
الحق
مصنف جو پيش لفظ
اسان جي ملڪ ۾ جدا جدا صوبن جي پنهنجي سر معاشي
تاريخ جي اڀياس جي اهميت کي اڃا پوريءَ طرح محسوس
ئي نه ڪيو ويو آهي، ۽ هندستان جي هر پهلوءَ کان
همه گير اقتصادي تاريخ لکڻ جي ضرورت اڃا باقي آهي.
هندستان هڪ بي انداز پکيڙ جو نهايت وڏو ملڪ آهي، ۽
ان جي مختلف علائقن جي معاشي ارتقا اهرن انفرادي
سببن جو نتيجو آهي. جيڪي هڪٻئي کان قطعي مختلف
آهن. در حقيقت ههڙي مختلف خصوصيتن جي مرڪب ۽
پيچيدي ملڪ جي معاشي زندگيءَ جي ڪهاڻي، سندس مختلف
علائقن ۽ مختلف دورن جي تفصيلي اڀياس کان سواءِ،
بيان ڪري ڪين سگهبي. انهيءَ اڀياس لاءِ ڪيترن ئي
کوجنا ڪرڻ وارن عالمن جي ضرورت آهي، ۽ هيءُ ڪتاب
انهيءَ ڏس ۾ ئي هڪ ڪوشش آهي.
معاشي تاريخ نويسن، هندستان کان به وڌيڪ سنڌ کي هن
وقت تائين نظر انداز پئي ڪيو آهي، ۽ ان ڪري هن
صوبي لاءِ ڪيتريون ئي غلط فهميون پيدا ٿيل آهن.
خود مورلينڊ جهڙو لائق ۽ مستند مصنف به ڌوڪي ۾ اچي
اهو وسهڻ لڳو ته بکرکان وٺي سمنڊ جي ڇيڙي تائين،
هيءُ سمورو ملڪ هڪ ڊگهو بيابان هو، ۽ پنهنجي مغل
شهنشاهت جي معاشي اڀياس ۾ سنڌ کي شامل ڪرڻ بنهه
ناممڪن ٿي سمجهيائين.
هن ڪتاب ۾، مون ڪنهن به سونهري دور جي تلاش ڪرڻ جي
ڪوشش نه ڪئي آهي، پر ان دور جي مستند ۽ اهم تصنيفن
کي غور ۽ خبرداريءَ سان معالعي ڪرڻ بعد آءٌ هن
نتيجي تي پهتو آهيان ته هيءُ ننڍڙو، ۽ بظاهر غير
اهم صوبو، هندستان جي هڪ ڏورانهين ڪنڊ ۾ واقع هجڻ
جي باوجود، ماضيءَ جي تجارتي دنيا ۾ وڏي مرتبي ۽
عروج تي هو، ۽ ڪنهن وقت هندستان جي ترقي يافته
واپار ۽ تجارت ۾، هڪ مکيه لنگهه هجڻ جي حيثيت سان
ڪافي اهم ڪردار ادا ڪيو اٿس. ان طرح هيءُ ڪتاب سنڌ
جي معاشي تاريخ جي هڪ نئين تصوير پيش ڪري ٿو.
هن کان اڳ، انهيءَ ڏس ۾ خير ڪو ڪم ڪيو ويو آهي ۽
سنڌ جي تاريخ جي هن نهايت فيصله ڪن دور ۾، سندس
زراعت، صنعت، واپار ۽ آدمشماريءَ جي رجحانن ۽
تحريڪن جو باهمي تعلق ۽ ڳانڍاپو ڏيکارڻ جي اڄ
تائين ڪائي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي. هيءُ ڪتاب گهڻي
ڀاڱي، انهن تصنيفن جي بنياد تي لکيو ويو آهي، جن
جو ڪتاب جي متن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ذڪر ڪيو ويو
آهي. مون ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سموري انگريزي
رڪارڊ، ۽ ان دور جي يورپي سياحن جي احوالن جو پورو
پورو اڀياس ڪيو آهي، ۽ مون کي ڪجهه اهڙي مواد ڏسڻ
جو موقعو پڻ نصيب ٿيو، جن کي اڃا تائين هن ملڪ جي
عالمن هٿ به ڪين لاٿو آهي. منهنجي سرڳواسي چاچي-
دهلي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ايل.سي. ڇٻلاڻيءَ
انڊيا آفيس ۽ پبلڪ لئبرري، لنڊن ۾ محفوظ پيل ڪيترن
ئي قيمتي دستاويزن جا نقل ۽ نسخا پاڻ وٽ گڏ ڪري
رکيا هئا. مسٽر بي.ڊي مير چنداڻي آءِ.سي.ايس. به
مون کي ڪافي قيمتي مواد مهيا ڪري ڏنو. مون ڪڇه
ريجنسي جا ڪيترائي دفتر پنهنجي نظر مان ڪڍيا آهن،
جي هن وقت ويسٽ انڊيا سٽيٽس ايجنسي. راجڪوٽ ۾
محفوظ آهن، ۽ جن کي منهنجي محترم عالم دوست ڊاڪٽر
ائڊرين ڊيو آرٽ مرتب ڪيو هو. آءٌ انهن مڙني صاحبن
جو نهايت احسانمند ۽ شڪرگذار آهيان.
آءٌ پنهنجي استاد، اسڪول آف ايڪانامڪس اينڊ
سوشيالاجي، بمبئي جي پروفيسر، ۽ هاڻي ڊائريڪٽر،
مانيٽري ريسرچ رزرو بئنڪ آف انڊيا، دهلي-پروفيسر
جي. جي. انجيريا جو پڻ نهايت ٿورائتو آهيان.
منهنجي محترم سهري، دهلي يونيورسٽيءَ جي- پرنسپال
اين. وي ٿڌاڻيءَ سڄي مسودي کي تنقيدي نظر سان ڏسي
مون کي زير بار احسان ڪيو آهي. منهنجي دوست،
پروفيسر بي. بي. آڏواڻيءَ به مون کي ڪافي مدد ڏيئي
پنهنجا ڀال ڀلايا آهن. آخر ۾، آءٌ پنهنجي شريڪ
حيات جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي هر
موقعي ۽ هر قدر تي انتهائي خلوص ۽ نيڪدليءَ سان
مدد ڪئي آهي.
5، رامڪشور روڊ
ايس. پي. ڇٻلاڻي
سول لائينس، دهلي. |