پورچوگيز ٻڌائين ٿا ته هتي کاڌي جون شيون ۽ گوشت
تمام گهڻو هو ۽ ايترو ته ڪپڙو تيار ٿيندو هو جو
واپار لاءِ جيڪي به جهاز ايندا هئا، انهن کي ڀرڻ
لاءِ ڪافي هو. انهن شين تي جيڪو محصول پوندو هو،
سو به لک رپيا هوندو هو ۽ ان وقت جي لحاظ کان اهو
لک رپيه هڪ وڏي رقم هئي:
وٿنگٽن (1613ع) به ٻڌائي ٿو ته ”ڏکڻ سنڌ جو
تختگاهه ٺٽو، بيشڪ هندستان جو عظيم ترين واپاري
مرڪز هو- ۽ سنڌ جي بندرن ۽ رستن تي راهداري جا
محصول ۽ چونگيون نه هونديون هيون. ان کانپوءِ شايد
ويهن سالن جي عرصي ۾ ڪا تبديلي آيل ٿي ڏسجي جو
انگريزي ڪوٺي (36- 1634ع جا آفيسر شڪايت لکن ٿا ته
”هتي جا واپاري، عام طرح شهر جي حاڪم کي ڪيترائي
رواجي محصول ڏين ٿا-“
سرٽامس رو به سنڌ ڏانهن وڃڻ لاءِ سنڌو درياءَ جي
ذريعي آمدرفت جي تصديق ڪري ٿو ۽ ملڪ لاءِ چوي ٿو
ته ”ملڪ صحتمند آهي- منجهس نير ۽ ٻيون ڪيتريون
شيون انگلنڊ جي ڏانوَ جون گهڻي انداز ۾ آهن. ۽
سورت جي ڪوٺي وارا بنهه ڊڄڻا هئا. هنن کي سنڌ جي
مشهور لهري بندر ۾ چڱي طرح ڄميل پورچوگيزن کان ڊپ
ٿي ورتو. پر هن کين لکي موڪليو ته:
”پورچوگيزن جو اتي ايتري انداز ۾ رهڻ ته پاڻ اسان
لاءِ هڪ مضبوط دليل آهي ته اتي واپار ڪريون، ڇو ته
اها ته پاڻ اتي جي سٺي ڪمائي واري واپار جي نشاني
آهي..... اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته انهن کي
اتان ٿڏي، ملڪ جي مکيه هنڌن تي اسان کي پنهنجو
واپار ڄمائڻ گهرجي.“
سرٽامس رو جو پادري ٽيري (19-1616ع) به سنڌ لاءِ
چوي ٿو ته: ”هي ملڪ حيرت جهڙين دستڪارين ۽ هنرن
کان مشهور آهي.“
هندستان ۾ پوروچوگيز حڪومت جو سرڪاري روزنامچو
موڪليندڙ، ائنٽونيوبوڪارو (1631ع) لکي ٿو:-
”سنڌ ملڪ بيحد شاهوڪار آهي- هن ملڪ جو واپار ايترو
ته گهڻو آهي، جو جيڪي به جهاز هت اچن ٿا، سي مال
سان ڀرجي ٿا نڪرن، پورچوگيز جهاز پڻ اچن ٿا، جن
مان هر هڪ اٽڪل 000، 200 ”پئٽڪاس“ جي موڙي جو سون
۽ چاندي هت آڻي ٿو: اهڙا جهاز تمام گهڻا ٿا
اچن.....“
انگريزي ڪوٺين وارن جا ڏنل احوال (62-1635ع): ايسٽ
انڊيا ڪمپني جا ان وقت جا بيان، جڏهن سنڌ ۾ سندن
ڪوٺي کلي ۽ ٺٽي ۾ سندن صدر دفتر قائم ٿيو. سنڌ جي
ساراهه سان ڀريا پيا آهن. اهي بيان اسان کي ٻڌائين
ٿا ته: ”هندستان جي سمورين شين مان جيتري طلب سنڌ
جي شين جي آهي، اهڙي ڪنهن جي ڪانهي ۽ اهي رنگن ۽
مال جي لحاظ کان به ايترو ته وڌيڪ سٺيون آهن، جو
ٻئي ڪنهن به هنڌ جون شيون ايترو جلد نه ٿيون
وڪامن، جيترو سنڌ جون شيون، انهن مان ٻين کان
”وڌيڪ گهڻو نفعو“ ملي ٿو.“ ”سنڌ سان سندن واپار
اهڙو قيمتي هو، جو ڪنهن به صورت ۾ ڇڏي نٿي سگهيا-
ڇو ته جيڪي شيون کين سنڌ مان ٿي مليون، سي ڄڻ ته
سڄي ڳٺڙي ۾ گلن مثل هيون ۽ ڪاريگري ۽ قيمتن جي
لحاظ کان ماڻهن انهن کي ٻين تي ترجيح ٿي ڏني.“ سنڌ
جي انگريزي ڪوٺين وارن جي بيانن جي تصديق پيا
يورپي سيلاني ۽ واپاري ڪن ٿا. مانريق (1641ع)،
جنهن 1641ع ۾ سنڌو درياءَ جي رستي لاهورکان ٺٽي
تائين سفر ڪيو، لکي ٿو ته، ”بکر ۾ تمام گهڻو واپار
هلندو،“ جو هتان، ”هر سال ايران ۽ ڪورازان
(خراسان) ڏانهن اٺن جا قافلا مال کڻي ويندا هئا.“
بکر ۾ محصول جھي ناڪن تي هن کي ٿوري تڪليف درپيش
آئي پر سيوهڻ ۾ ڪابه تڪليف ڪانه ٿيس. هن سنڌ جي
تختگاهه ٺٽي کي سڄو سرڪاري عملدارن سان ڀريل ڏٺو ۽
سٽ ۽ چمڙي جي صنعتن کي ڪافي عروج تي ڏٺائين. منجهس
ڪافي ”فرنگي“ آدمشماري هئي. سندس بندرگاهه هر قسم
جي مال سان ڀريل جهازن سان سٿيل هو.
ٿيوناٽ (1677ع) سنڌ صوبي جي ساراهه ڪندي چوي ٿو
”هي ملڪ عاليشان تجارت جو ملڪ آهي. خاص ڪري ٺٽي
شهر ۾ تمام گهڻو واپار هلي ٿو. هتان هندستان
واپاري، مقامي ماڻهن جون ٺاهيل عجيب وغريب شيون
خريد ڪن ٿا. هتي جا ماڻهو سڀني قسمن جي هنرن جا بي
انتها ماهر آهن.“
اليگزينڊر هئملٽن جو 1699ع ۾ سنڌ ۾ 1500 باربردار
جانورن جي قافلي سان اٽڪل 000، 10 پائونڊن جو مال
کڻي آيو هو، ان به سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ بهترين قسم جي
سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي جو ذڪر ڪيو آهي. اليگزينڊر برنس
ٻڌائي ٿو ته 1707ع ۾ اورنگزيب جي مرڻ وقت ملتان ۽
لاهور سان سنڌ جو ”تمام گهڻو واپار“ هلندو هو.
اورنگزيب جي موت کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ غير يقيني
حالتون پيدا ٿي پيون ۽ سنڌ به انهي اثر کان بچي
ڪين سگهي. نتيجو اهو ٿيو جو ملڪ جو واپار عارضي
طرح گهٽجي ويو. پر جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙو
1719ع ۾ پير کوڙي ويو، تڏهن سنڌ جي واپار کي وري
ساڳي اهميت ملي وئي ٿي ڀائنجي، ڇو ته برنس اسان کي
ٻڌائي ٿو ته:
”سنڌ جي مال جو دهليءَ جي شهنشاهن جي دور ۾ گهڻو
مان هوندو هو، جڏهن سنڌ ۾ نادرشاهه داخل ٿيو، ان
وقت سنڌ جو واپار عروج تي هو.“
ڊاڪٽر سورلي پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ ۾
1758ع جي هڪ خط جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته ”غلام
شاهه ڪلهوڙي ۽ سندس ڀائرن جي پاڻ ۾ خانه جنگي جي
ڪري، سنڌ جو سڄو صوبو وڳوڙن ۽ مونجهارن ۾ گرفتار
هو.“ ان کان ٽي سال پوءِ سنڌ ۾ انگريزي ڪوٺيءَ جو
منتظم رابرٽ ارڪن لکي ٿو:
”جيئن سنڌ 1757ع تائين سٺي ۽ امن پسند حڪومت هيٺ
هئي. تيئن جيڪڏهن اڄ به هجي ته هوند معزز ڪمپني
لاءِ هي ملڪ هڪ فائدي واري بيٺڪ ثابت ٿئي.“
1764ع ۾ سنڌ جي واپار تي ’هڪ عام جمود‘ ڇانيل هو.
غير يقيني سياسي حالتن جي ڪري، ٺٽو تمام گهڻو پٺتي
پئجي ويو هو ۽ سندس ڪيترائي واپاري، تاجر ۽ ڪاريگر
شهر مان لڏي ويا هئا.
انگريزي واپار ايجنٽ ڪئلينڊر ٻڌائي ٿو ته ”جڏهن ته
1875ع ۾ انگريزن پنهنجي ڪوٺي قائم ڪئي، ان وقت ٺٽي
۾ ملتان جا ٽيهه ناميارا واپاري ڪٽنب ۽ ڪجهه سورت
جا واپاري خاندان آباد هئا، پر هاڻ سورت جو هڪ به
گهر ڪونهي، البت ملتان جو هڪڙو ڪٽنب اڃا رهيو پيو
آهي.“ اڳتي لکي ٿو ته ”ٺٽي ۽ شڪارپور درميان هلندڙ
ڳچ جيترو واپار، محصول اڳاڙيندڙن جي ڪڪ ڪندڙن چٽين
۽ اجائي ديرمدار جي ڪري ڪراچي جي شهر ۾ منتقل ٿي
ويو آهي، جو اهو شهر ڪلهوڙن جي بادشاهي کان ٻاهر
آهي.“ ٺٽو هاڻ ”اڳئين جهڙو اوج تي رسيل شهر ۽
اترئين ملڪ جي واپارين جي آماجگاهه نه رهيو هو.
سنڌ ۾ به واپار ۽ تجارت به عام طرح ڊهندي ٿي وئي،
ان ڪري انگريزن 1775ع ۾ پنهنجي ڪوٺي کڻي ڇڏي.
ٽالپرن جي دور ۾ حالتون تنهان ئي وڌيڪ خراب ٿي
ويون. ٿيون ڀائنجن. 1799ع ۾ سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا
ڪمپني جو سياسي ۽ واپاري ايلچي ناٿن ڪرو لکي ٿو:
”واپاري صلاحيتون ڏيکارڻ ۽ پنهنجي دولت جو مظاهرو
ڪرڻ سان ماڻهن کي انعام اڪرام ملن سو ته ٺهيو
مورڳو انهي ڪري مٿن دٻاءُ ۽ ظلم ڪيو وڃي
ٿو.....انهي ڪري هرڪو شخص لازمي ٿو سمجهي ته
پنهنجي صلاحيتن کي وڌائڻ جي بدران انهن کي دٻائي
ڇڏي. نتيجو اهو نڪتو آهي ته ماڻهن جو دليون ڪو
ماڻيل آهن ۽ ملڪ ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندو ٿو وڃي.
ٺٽي جا ڪيترائي صنعت ڪار شهر مان لڏي هندستان هليا
ويا......“
سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ايلچيءَ جو نائب ايلس
(1809ع) به انهن ”هٻڇي ۽ جاهل اميرن جي دور ۾“ سنڌ
جي واپار ۽ تجارت ۾ تيزي سان ايندڙ زواليت جو ذڪر
ڪيو آهي ۽ لکي ٿو ته: ”اڳئين وانگر ملتان کان ڪابل
تائين قافلا به باقاعدي ڪو نه ٿا وڃن.“
پاٽنجر (1816ع) لکي ٿو ته سنڌو درياءَ رستي واپار
به ”بنهه نالي ماتر“ وڃي رهيو آهي ۽ فقط ڪي ٿوريون
ٻيڙيون اناج، شورو، لوڻ ۽ ٻارڻ جون ڪاٺيون کڻي
لنگهن ٿيون.“
ڪئپٽن مئڪمرڊو (1820ع) ٻڌائي ٿو ته:
”حڪومت، محصول جي هن ذريعي کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪابه
ڪسر نه ڇڏي آهي. تجارتيءَ ڪاروبار کي ختم ڪرڻ لاءِ
هنن نهايت وحشيانه پاليسي پئي اختيار ڪئي آهي.“
ڊيل هوسٽ (1832ع) لکي ٿو:
”ڀائنجي ٿو ته تجارت مسٽر ڪرو جي ڏينهن ۾ وڌيڪ
عروج تي هئي..... هڪ اهڙي حڪومت ۽ ملڪ ۾، جنهن جا
حاڪم پاڻ ته واپار کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن، پر
انهي شخص کي به ڌڪار ۽ نفرت جي نگاهه سان ڏسن، جو
تجارتي ڪاروبار سان تعلق رکندو هجي. اتي اها اميد
ڪيئن ٿي ڪري سگهجي ته واپار ترقي ڪندو. سنڌو
درياءَ رستي ڪو به پرڏيهي واپار ڪو نه ٿو هلي. هن
عظيم الشان درياءَ مان جو هڪڙو ئي ڪم ورتو وڃي ٿو
سو آهي، ملڪ ئي ملڪ ۾ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ اناج ۽ ڪاٺ
پهچايو وڃي ٿو.... سنڌ جا هندو، جي نظرن کان ڪريل
۽ نفرت جو شڪار ٿيل قوم آهن، سي سنڌ جو سمورو
واپار هلائين ٿا.“
ڪرنل ڊبليو، پاٽنجر (1832ع) صوبي جي صنعتن جي زوال
بابت لکي ٿو:
”سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ مال اڳين حالتن جي ڀيٽ ۾ تمام
گهٽ ۽ هلڪي قسم جو تيار ٿئي ٿو ۽ انهي جو سبب رڳو
ميرن جي هٻڇ ۽ تنگ نظري آهي. ان ڪري صوبي جي سڄي
صنعت نه رڳو دٻجي وئي آهي، بلڪه نابود ٿي وئي آهي.
لونگيون ۽ سفيد سوٽي ڪپڙو ٺٽي ۾ بي انتها مقدار ۾
ٺهندو هو پر هاڻ سوٽي ڪپڙي کان انگريزي ڪپڙو گوءِ
کڻي ويو آهي، جيڪڏهن هاڻ اهو ڪپڙو هت تيار به ٿئي
ٿو ته فقط خاص آرڊر تي تيار ڪيو وڃي ٿو.“
سر اليگزينڊر برنس (37-1835ع) انهي کان به وڌيڪ
زور ڏئي لکي ٿو ته:
”ڀائنجي ٿو ته ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌو درايءَ تي ٿيندڙ
واپار بسبت گهڻي غلط فهمي آهي....ڇو ته هاڻ واپار
سنڌو درياءَ جي ذريعي سو ٿئي ٿو. باقي سنڌو درياءَ
تي بنهه ڪو نه ٿو ٿئي. حقيقت ۾ اهو واپار فقط
الهندي ۽ وچ ايشيا جي درميان هلندڙ واپار جو هڪ
ذريعو آهي. جيڪڏهن واپاري دنيا اها اميد رکي ويٺي
آهي ته انگريزي مال جو سنڌ ۾ کاپو وڌندو، ته ان ۾
هو ناڪام ٿيندا. اهڙو وقت آئيندي ڪو ٿئي ته ٿئي.
باقي هن وقت ته ماڻهن جو ڳچ حصو انتهائي مفلس آهي
۽ هاڻ هو مال جا خريدار نه رهيا آهن.“
پوسٽنس (1843ع) به ”سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ مال جي پوئتي
پوڻ“ ۽ سندس بهترين ڪاريگرن ۽ صنعتڪارن جي بمبئي ۽
ٻين هنڌن ڏانهن لڏي وڃڻ جو ذڪر ڪيو آهي. چوي ٿو ته
”واپار ۽ صنعتون تباهه ٿي ويون ۽ ملڪ بهترين
لياقتن ۽ صلاحيتن هوندي اونڌي حڪومت جي قربانگاهه
تي ٻل چڙهي ويو.“
انهي ذڪر سان اسين سنڌ تي انگريزن جي قبضي واري
وقت تائين پهچون ٿا. مٿيان بيان واضح طرح ثابت ڪن
ٿا ته مغلن اوائلي ڪلهوڙن جي وقت ۾، ارڙهين صدي جي
وچ تائين اٽڪل ڏيڍ سو ورهين لاءِ سنڌ جي تجارت ۽
صنعت ڪماليت تي پهتل هئي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي چڱي
طرح ڄميل صنعتون قائم هيون، جهڙوڪ، ڪپڙو، کير مان
تيار ٿيندڙ شيون، نير شورو، رڱاوت ۽ چمڙي جو ڪم،
تيل ۽ مڇي. سندس ڪپڙو، سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو ويندو
هو. منجهس ملڪ اندر پاڻي رستي آمدرفت ڪرڻ جو سڄو
سرشتو قائم ٿيل هو. سمنڊ رستي ٿيندڙ واپار به ڪو
گهٽ ڪو نه هوس، ايشيا جي ڪيترن ملڪن منجهان مشهور
رستن ذريعي سنڌ جي شهرن ۾ واپاري قافلا ايندا
رهندا هئا.
جڏهن اسين ارڙهين صدي جي پوئين اڌ ۾ پهچون ٿا ته
سنڌ جي معاشي آسودگي ۾ زواليت جا آثار نظر اچن ٿا.
ان دور ۾ ڪيتريون گهرو لڙايون ۽ ٻاهريون ڪاهون
ٿيون، صنعتون ڦٽڻ لڳيون، واپار گهٽجي ويو، پراڻا
شهر ويران ٿيندا ويا؛ ۽ ڪيترائي هوشيار ڪاريگر ۽
هنرمند دستڪار ٻين ملن ڏانهن لڏي ويا. اهو سچ آهي
ته انهن جي جاين تي شڪارپور، ڪراچي، حيدرآباد،
خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جهڙا شهر اسريا، پر انهن کي ٺٽي،
نصرپور، بکر ۽ سيوهڻ جهڙو اوج نصيب نه ٿيو. 1843ع
۾ انگريزن جي قبضي واري وقت مال تمام گهٽ تيار
ٿيندو هو ۽ واپار به اڻ لکو وڃي رهيو هو.
سنڌ جي ان دور جي مکيه صنعتن جو اڀياس ڪرڻ دلچسپي
کان خالي نه ٿيندو.
ڀاڱو ٽيون
سنڌ جون صنعتون
اسين جنهن دور جو اڀياس ڪري رهيا آهيون، ان دور ۾
سنڌ جي تجارت ۽ صنعت بابت هڪ مجموعي راءِ قائم ڪري
چڪا آهيون، پر مکيه صنعتن مان هر هڪ جو جدا جدا
تجزيو ڪرڻ به فائديمند ٿيندو ۽ اها خبر پوندي ته
انهن صنعتن جي الڳ الڳ خوشحالي، مٿي ذڪر ڪيل
مجموعي حالتن جي ڪيتري قدر تائيد ڪري ٿي. مغلن ۽
اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي صنعتون
قائم هيون، جهڙوڪ: ڪپڙو ۽ ڀرت جو ڪم، چمڙو ۽
رڱاوت، عاج تي نقاضي ۽ ڪاشي جو ڪم، مڇي ۽ کير مان
تيار ٿيندڙ شيون. مختلف قسم جو ٿلهو توڙي سنهون،
خالص سوٽي، يا اُن ۽ ريشم سان گڏيل سوٽي ڪپڙو، سنڌ
جي خاص ۽ مکيه صنعت هئي ۽ ٻيون صنعتون به سنڌ جي
معاشي زندگي ۾ اهم هيون ۽ انهن ۾ سندس آدمشماري جو
چڱو حصو مشغول رهندو هو. پر ان کان هڪ صدي پوءِ
اقتصادي حالتن ۾ جمود اچي ويو ۽ سڄي صوبي ۾ واپار
۽ تجارت ڪافي ڪري پئي ۽ انهن ۾ زواليت اچي وئي.
ڪپڙي جي صنعت
سوٽي ڪپڙو
سنڌ سوٽي ڪپڙي جو گهر آهي ۽ ڪافي وقت سنڌ جي ڪپڙي
جو سڄي دنيا ۾ نالو پيو ڳائبو هو. تمام قديم وقتن
کان سنڌ جو ڪپڙو مکيه برآمد ٿيندڙ شين مان هڪ هو.
سياحن ۽ تاريخ نويسن ان جي بهترين خاصيت جو ذڪر
ڪيو آهي. خاص ڪري سترهين صدي ۾ جڏهن يورپي
واپارين، پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن، خاص ڪپڙي جو
واپار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ پنهنجون ڪوٺيون قائم ڪيون،
ان دور جي لکندڙن انهي حقيقت جا حوالا تمام گهڻا
ڏنا آهن.
مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ هندستان جي
ڪپڙي جي صنعت جي اهم ترين مرڪزن مان هڪ هو.
ايجنٽ لکن ٿا:
”سوٽي ڪپڙي جي ٻين سڀني ڪوٺين کان سنڌ جي ڪوٺي
وڌيڪ اطمينان جوڳي ۽ جاري رکڻ جهڙي آهي.“ حقيقت ۾
سنڌ جي ڪپڙي جي قسمين قسمين نمونن، سهڻي پيٺ ۽
خاصيت ۽ هلڪي قيمت جي ڪر ٻاهر ڏاڍي گهڻي طلب هئي.
ان وقت صوبي ۾ ٺهندڙ سوٽي ڪپڙي جي ڪيترن نمونن مان
قابل ذڪر هي آهن: هرک سادو ۽ ڇريل ۽ سنهو ۽ ٿلهو
بافتو انهن کان سواءِ عاليشان ڇيٽون ۽ ململيون؛
سوسيون يا گربيون، لونگيون، گيگم، حلواڻ کيس،
چنيون، تسر، سوڙيون ۽ پٿراڻيون، اجرڪون ۽ ٻيو سادو
ڪپڙو به تيار ٿيندو هو.
اسين ڏسي چڪا آهيون ته انهي دور ۾ سنڌ اندر
عاليشان قسم جي ڪپهه پيدا ٿيندي هئي ۽ جا اڄ به
پيدا ٿئي ٿي ۽ انهي ڪپهه جو وڏو حصو سنڌ پنهنجي ئي
ڪپڙي تيار ڪرڻ ۾ صرف ڪندي هئي. اسان کي پورچوگيز
حڪومت جي سرڪاري روزنامچو رکندڙ ائنٽونيوبوڪارو
(35-1631) جي بيانن مان پتو پوي ٿو ته سنڌ جي
پنهنجي مقامي ڪپهه جي پيدائش به پوري ڪانه پوندي
هئي، ان ڪري ڪافي انداز ۾ ڪپهه ڪڇ ۽ نگنا
(Nagana)
مان درآمد ڪئي ويندي هئي.
.
فاسٽر، ايمبسي آف سرٽامس رو، ص ص 75-6، ص 193.
.
فاسٽر، ارلي ٽريولس، ص 290.
.
او سي جلد 15، نمبر 1546، ليٽر مورخ
12-2-1635ع
.
اي- ايف- آءِ، ص ص 1637، ص 37
.
ميرچنداڻي جي حوالي سان جي ايس ايڇ ايس، جلد
3، ڀاڱو 4، ص 78
.
اي ايف آءِ، 1637- 41- ص 57.
.
بافتا لفظ هڪ فارسي لفظ ”بافتن“ مان نڪتو آهي،
معنى آڻڻ.
بافتو انهي ڪپڙي کي سڏيو ويندو هو، جنهنجي اوڄ
مضبوط هجي، ۽ انهي وقت سنڌ ”اوڄ“ جي ڪري ديسان
ديس مشهور هئي، انهي وقت جي تاريخن ۾ انهي
ڪپڙي جو ذڪر گهڻو آيو آهي.
|