سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي اقتصادي تاريخ

باب: --

صفحو: 12

ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ اٺ وڌيڪ مضبوط ۽ سخت جان آهي، کاڌو به جيڪو ڏبس سو بنا هٽڪ جي کائي ويندو. ڪجهه انهن سببن ڪري ۽ ڪجهه وري هتي جي زمين جي خاصيت ۽ اٺ جي وڌيڪ بار کڻڻ جي لياقت ڪري، هي ”صحرا جو جهاز“ قدرن ماضي ۾ سنڌ اندر مال آڻڻ نيڻ جو هڪ بهترين ذريعو سمجهيو ٿي ويو ۽ هونئن به اٺ کي ٻن سمورن باربردار جانورن کان بهتر وڃي ٿو، جيئن ته انگريزي راڄ کان اڳ ۾ ڦيٿن واريون گاڏيون، گهٽ استعمال ۾ هيون، انهي ڪري سنڌ ۾ خشڪي آمدرفت گهڻو ڪري اٺن جي قافلن ذريعي ٿيندي هئي. سنڌ ۾ ٿوري ڀاڱي اٺ کي نار، گهاڻي ۽ هر ڪاهڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي ماڻهو اٺن جا وڳ پاليندا آهن، سي رڍن ۽ مينهن جي کير سان گڏ ڏاچين جو کير عام طرح ڪم آڻيندا آهن.

سنڌ ۾ ماڻهن جو هڪ حصو رڍن پالڻ ۾ به مشغول هوندو هو. اڄ تائين الهندي پاسي جي جابلو علائقن ۽ اڀرندي پاسي جي ريگستاني حصي جي خانه بدوش ريڍار ماڻهن جو گذر گهڻو تڻو رڍن جي پيدائش تي آهي.

گهوڙا پالڻ تي به ڪافي ڌيان ڏنو ويندو هو. ”مهاڀارت“ ۾ به سنڌ جي گهوڙن جو ذڪر آيل آهي. باربوسا به سنڌ ۾ گهوڙن جي ججهائي جو ذڪر ڪيو آهي. انهي بابت ٻين سياحن ۽ واپارين جا ڪيترائي حوالا ملن ٿا. عرب پهريان حمله آور هئا، جن سنڌ تي باقاعدي راڄ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنن پاڻ سان ڪجهه گهوڙا به آندا هئا، سنڌ ۾ خراسان کان به گهوڙا گهرايا ويندا هئا. انهي ڪري هتي جي مقامي نسل ۾ ٻاهريون تخم به اچي ويو. سنڌي گهوڙا جيتوڻيڪ سنها ۽ هڏاوان ٿين ٿا پر ڏاڍا مضبوط، تيز رفتار ۽ غير معمولي طاقتور ٿين ٿا. سنڌ ۾ گهوڙن جا مالڪ پنهنجن گهوڙن کي کاڌو نهايت سٺو کارائيندا هئا ۽ شاهوڪار ماڻهو ڏاڍي شوق ۽ آب تاب سان پنهنجن گهوڙن کي سهڻن ۽ قيمتي سنجن سان سينگاريندا هئا.

گڏهه ۽ خچر به ڪافي انداز ۾ پاليا ويندا هئا. گڏهه ڏاڍا وڏا ۽ طاقتور هوندا هئا ۽ اٺن سان گڏ باربرداري لاءِ ڪم آندا ويندا هئا. خچرن کان به باربرداري جو ڪم ورتو ويندو هو.

مجموعي طرح، سنڌ جو چوپايو مال سموري هندستان جي بهترين چوپائي مال منجهان ليکيو ويندو هو. ۽ گهڻيءَ پيدائش ۽ عمدي قسم جي کير کان مشهور هو. ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر چوپائي مال جي ڪافي طلب هوندي هئي. کير جي پيدائش ۾ ملڪ نه رڳو خود ڪفيل هو پر ڪافي بچت ٿيندي هئي، انهي لاءِ ڪافي ثابتيون موجود آهن ته ماهيو ڪرڻ ۽ چوپايو مال ۽ ٻيا جانور، اٺ ۽ رڍون، گهوڙا، گڏهه ۽ خچر پالڻ، سنڌ جي ڪافي ماڻهن جو ڌنڌو ۽ روزگار جو ذريعو هوندو.

چمڙي جو سامان: مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ پنهنجي عمدي چمڙي جي سامان کان مشهور هئي، ملڪ ۾ رڍون ۽ ٻيو چوپايو مال جام هو، هتي جا مسلمان گوشت تمام گهڻو واپرائيندا هئا، انهي ڪري هتي کلون تمام سستيون ۽ گهڻيون دستياب ٿي سگهنديون هيون. ايتريقدر جو ”ڪيترن بندرن ڏانهن کلن جا جهازن جا جهاز ڀرجي ويندا هئا.“ وينس جو ويٺل سياح ۽ سولجر منوڪي لکي ٿو ته ٺٽي جي صوبي ۾ ”چمڙو تمام گهڻو ٿيندو هو جو عرب ۽ ايران جي ملڪن ڏانهن برآمد ڪيو ويندو هو. سنڌ چمڙي جو ڪافي برآمدي واپار حاصل ڪري چڪي هئي.“ ان عرصي جي لکندڙن مان پڻ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جو چمڙو نهايت عمدي قسم جو هو. وان ارلچ لکي ٿو ”سنڌ جو چمڙو هندستان جي بهترين قسمن مان آهي ۽ فرمائي ۽ پائداري ۾ يورپ جي چمڙي کان ڪنهن به طرح گهٽ ڪين آهي.“ سنڌ بابت هڪ جديد مستند لکندڙ ايٽڪن به انهي راءِ جي تائيد ڪري ٿو.

سنڌ مان کلون رڳو ڪچي مال جي صورت ۾ ٻاهر ڪين اماڻيون وينديون هيون پر مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ چمڙي رڱڻ جو هنر به چڱي ترقي ڪري چڪو هو ۽ چمڙي جا رنگريز پنهنجي هنر ۾ ڪافي مهارت ۽ لياقت رکندا هئا. مانريق به سنڌ جي ”خوبصورت چمڙي“ جو ذڪر ڪيو آهي، جو اونهاري ۾ ميزپوشن، ديوار پوشن ۽ بسترن جي گاديلن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. لنشوٽن به لکي ٿو ته ”سنڌ جا ماڻهو عاليشان قسم جو چمڙو تيار ڪن ٿا، جنهن تي وري سڀني رنگن جي ريشم سان ڀرت ڀريو وڃي ٿو. هندستان ۾ بسترن ۽ ميزن مٿان غاليچن جي بجاءِ انهي چمڙي جي چادرن کي وڇائڻ وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو.“ چمڙو ڪيترن ئي ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويندو هو. جهڙوڪ گهوڙن ۽ اٺن لاءِ زينون، سنج، پنج سنجي تيار ڪرڻ ۽ ڍالون، زبان، دستانا ۽ بوٽ، پخالون ۽ گيهه مکڻ لاءِ مرتبان ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. ائين ٿو ڀانئجي ته اڄ جي ڀيٽ ۾ اڳي سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ چمڙو وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو هو ۽ هيءَ صنعت چڱي طرح ڄميل ۽ آسودي حال ۾ هئي.

مڇي: سنڌ کي پنهنجو ڪافي ڪشادو سامونڊي ڪناروآهي ۽ منجهانئس سنڌو درياءَ اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه ڏانهن وهي ٿو. هندستان ۾ اهڙا تمام گهٽ هنڌ آهن، جتي انداز توڙي خاصيت جي لحاظ کان سنڌ کان وڌيڪ ۽ بهتر مڇي ملي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ مدراس يا بينگال وانگر هتي جي ماڻهن جو ڪافي حصو مڇي کائي ٿو- ۽ مڇي مارڻ جو هنر ايامن کان سنڌ ۾ ترقي ڪندو آيو آهي. سامونڊي توڙي درياءَ مان حاصل ٿيندڙ مڇيءَ ۾ ڪيتريون اهڙيون خوبيون آهن، جو ان کي ماڻهو چاهه سان واپرائين ٿا. مڇي جي قسمن ۽ نمونن جو ذڪر سنڌ جي مشهور ترين شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي. سنڌ جو ”پلو گهڻي زماني کان تمام مشهور آهي. ائين اڪبري ۾ ذڪر آهي ته لذت ۽ سواد جي لحاظ کان سنڌ جي ”پلو“ جو جواب نه آهي ۽ اها به هڪ روايت آهي ته دهلي جو عظيم المرتبت پر پورالو بادشاهه محمد تغلق، جنهن ٺٽي جي ڀرسان وفات ڪئي پلي جو بيحد شوقين هو. مانريق (1641ع) لاهور کان ٺٽي آيو هو، کيس هتي ”مڇيءَ جو بهترين قسم“ تمام سستو ملي سگهيو هو. 1699ع ۾ هئملٽن پڻ هت اچي ڏٺو ته سنڌو درياءَ ۾ مٺي پاڻي جي مڇي جا ڪيترائي قسم پيدا ٿيا ۽ انهن سڀني ۾ پلي جهڙي بهترين مڇي هن سڄي ڄمار چڱي يا ڏٺي به ڪين هئي.

مڇي تمام گهڻي انداز ۾ هوندي هئي ۽ انهي ڪري نهايت سستي هئي ۽ سڀني کي آساني سان ملي سگهندي هئي. درحقيقت مڇي جو مقدار هتي ايترو گهڻو هوندو هو جو مقامي کاپي کان پوءِ به ڪافي انداز بچي پوندو هو، جنهن کي لوڻي، دونهاٽي ۽ سڪائي ٻين ملڪن ڏانهن برآمد ڪيو ويندو هو. ڊيو آرٽ باربوسا (1516ع) به سنڌ جي عاليشان مڇي جي صنعت ۽ اتر هندستان ۽ ٻين ملڪن سان سندس هلندڙ برآمدي واپار جو ذڪر ڪيو آهي. آئين اڪبريءَ وارو لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ مڇي ايتري جام هوندي هئي جو ماڻهو گهوڙن کي سڪل مڇي کارائيندا هئا.“ وڌيڪ لکي ٿو ته هتي مڇي لوڻي ۽ سڪائي ٻين بندرن ۽ ملڪن ڏانهن برآمد ڪئي ويندي هئي ۽ ان مان ماڻهن کي ڪافي آمدني ۽ نفعو ٿيندو هو. مڇي مان تيل پڻ ڪڍيو ويندو هو، جو ٻيڙين ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. ڀانئجي ٿو ته مڇيءَ جي صنعت سنڌ ۾ سترهين ۽ ارڙهين صدي جي ٻين صنعتن جي ڀيٽ ۾ صحيح معنائن ۾ هڪ مقامي صنعت هئي، ڇو ته اهي ٻيون صنعتون رفته رفته ختم ٿي ويون پر مڇيءَ جي صنعت اڄ تائين چڱي حالت ۾ آهي، 1843ع ۾ پوسٽنس لکي ٿو ته ”ڪراچي کان ڪڇ، گجرات ۽ مسقط ڏانهن برآمد ٿيندڙ شين ۾ سڪل مڇي به هڪ مکيه شئي آهي ۽ ڄرڪن (Shark) جا هڏا ۽ ڪنهڙ بمبئيءَ ڏانهن موڪليا ويندا آهن.“ (4) سنڌ هميشه هندستان جي مڇيءَ جي مکيه مرڪزن مان هڪ رهي آهي ۽ مٺي پاڻي توڙي کاري پاڻي جي مڇي دور ديسن ۾ پهچندي رهي آهي.

ٻيون صنعتون: ٻين مکيه صنعتن مان جنڊيءَ جو ڪم، عاج تي اُڪر، ڪاشيءَ ۽ اسلح سازيءَ جي صنعتن جو ذڪر ڪرڻ گهرجي.

جنڊيءَ جو ڪم: ڪاٺ تي جنڊي جي ڪم جي صنعت قديم صنعتن مان هڪڙي آهي ۽ ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته اها صنعت پوئتي ڪانه پئي آهي، البته ان جو پيمانو ڪجهه گهٽجي ويو آهي. گهڻو ڪري هن هنر جو مکيه استعمال کٽن ۽ پينگهن کي سينگارڻ ۾ ڪيو ويندو آهي، جيڪي اڄ به هر ڪنهن خوشحال سنڌي جي گهر ۾ ملي سگهن ٿا. جنڊي جو ٻيو ڪم گهڻو ڪري ننڍين ننڍين پيتين (مخبن) تي ٿيندو آهي، جي هڪٻئي جي اندر رکيون وينديون ۽ جن کي ”گنج“ سڏيو ويندو آهي، انهن تي رنگن جو عاليشان ڪم ڪيو ويندو آهي، ڳاڙهو ۽ پيلو، نيرو ۽ سائو، عاج جهڙو ۽ ڪارو رنگ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو ڪم ايترو ته پختو ۽ جٽاءَ دار ٿئي ٿو جو اڄ به ڪيترن عجائب خانن (ميوزم) ۽ ماڻهن جي خانگي ملڪيت ۾ ڏيڍ سو ورهين جون اهڙيون پراڻيون شيون ملي سگهن ٿيون، جن جو رنگ ذرو به جهڪو نه ٿيو آهي. اڄ تائين حيدرآباد ضلعي ۾ هالا ۽ اپر سنڌ ۾ ڪشمور، هن صنعت جا مشهور مرڪز آهن: اسان وٽ هئملٽن جي شاهدي موجود آهي، جو چوي ٿو ته ”سنڌي عاليشان قسم جا ڪٻٽ ۽ ڪاٺ جون ٿالهيون ۽ جنڊي جون ميزون تيار ڪن ٿا.“جڏهن اڄ به سنڌ ۾ جنڊي جي ڪم جا بهترين نمونا تيار ٿي رهيا آهن، تڏهن اهو ته يقين ڪرڻو ئي پوندو ته سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ جڏهن سنڌ جي صنعتي ۽ واپاري دور جو اوج ۽ عروج هو، تڏهن هي صنعت به ترقي يافته ۽ خوشحال هوندي.

سن ۾ لاک گهڻي انداز ۾ تيار ٿئي ٿي ۽ اڄ تائين ٻيلن جي هڪ مکيه پيدائش آهي. انهي کي رنگن سان ملائي، ميڻ ۽ گندرف سان گڏ استعمال ڪيو ويندو آهي.

ڪاشي جا ٿانو: سنڌ ۾ ٿانوَ به بهترين قسم جا ٺهندا هئا ۽ خاص ڪري ڪاشيءَ جون سرون ته مشهور هونديون هيون، جن جو نمونو اڄ به مڪلي ٽڪريءَ تي ۽ حيدرآباد ۾ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي مقبرن تي ملي ٿو. اهي ڪاشي جون سرون جاميٽري جي اصولن تي ٺهيل شڪلين سان هلڪي ۽ گهري نيري رنگ سان چٽي ٺاهيون وينديون هيون ۽ مشهور اوليائن ۽ مرتبي وارن ماڻهن جي مقبرن جي ڀتين، فرشن، ڇتين، چانئٺن ۽ گنبذن تي هنيون وينديون هيون. اهي رڱيل سرون تمام گهڻي انداز ۾ استعمال ٿينديون هيون ۽ بناوت ۽ خاصت جي لحاظ کان، عاليشان هيون، انهي سلسلي ۾ پوسٽنس (1843ع) لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم اعلى نموني جو ٿئي ٿو. پاڻي جا سهڻا ٿانوَ، ۽ مقبرن ۾ ڪم آيل سنهين چٽيل سرن کي سندن بهترين پالش ۽ بناوت جي ڪري هر ڪنهن ساراهيو ۽ واکاڻيو آهي. سندن بناوت ايتري ته پختي ۽ مڪمل آهي جو انهن جڳهين جون ڪناريون اڄ به اهڙيون ئي سنئيون سوانٽيون ۽ سالم آهن. جهڙيون ٺهڻ وقت هيون، جيتوڻيڪ انهن مان ڪيترين جاين کي ٺهي اڄ صديون گذري چڪيون آهن.“ ڊاڪٽر ڪينيڊي به انهي ڳالهه جي تائيد ڪري ٿو. ٺٽي جي پسگردائي جي آثار قديمه جي مقبرن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”سجاوٽ جو هت نمونوئي بلڪل نئون هو. گنبذن تي ٿلهين، لسين ۽ سفيد رنگ جي سرن يا عاليشان رنگن سان رڱيل چينيءَ جي سرن کي جيڪي بلڪل چين جي ٺهيل فرشي سرن جهڙيون ئي لڳيون، سڌائي ۾ بيهاريو ويو هو ۽ انهن جي مٿان وري گلن ۽ ٻين شڪلين جا اهڙا عاليشان نقش ونگار چٽيا ويندا هئا جو انهن فنڪارن جي ذوق ۽ هنرمندي جو داد ڏيڻ کان ماڻهو رهي نٿو سگهيو. مون پنهنجي حياتي ۾ اهڙي چيز ڪانه ڏٺي آهي، جا هتي جي سرن

ٺاهڻ جي هنر ۽ ان جي عمدگي جي برابري ڪري سگهي، جيڪا هنن ڦٽل آثارن جي سرن ۾ پيش ڪئي وئي آهي.... آءُ انگلينڊ ۾ اهڙين سرن جي تيار ٿي سگهڻ جي امڪان کان انڪار ڪو نه ٿو ڪريان پر آءُ نٿو سمجهان ته ڪو ڪٿي ههڙو مڪمل ڪم ڪڏهن پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.“

خود ايٽڪن سنڌ جي تازه ترين گزيٽ جو مصنف به سنڌ جي چٽيل سرن لاءِ ساڳئي نموني لکي ٿو ته ”اهي ڌاتن جي ٺهيل شين وانگر وڄن ٿيون. (آواز ڪن ٿيون) ۽ سندن ڪناريون اهڙيون ته صاف ۽ سڌيون آهن، جهڙيون ٻارن جي پيتي جي ڪاٺ جي سرن کي هونديون آهن، سندن رنگ اهڙوئي چٽو رهي ٿو، جهڙو ٺهڻ واري ڏينهن تي هوندو اٿن.“

اها هئي سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ چٽيل سرن جي سهڻائي ۽ عاليشان بناوت، پر افسوس جو اڄ اهو هنر گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو آهي۽ اڄڪلهه اهو ڪم تمام ٿورو ٿئي ٿو. خود موهن جي دڙي ۽ حيدرآباد جي قلعي ۾ ڪم آيل کوري جون پڪل سرون ثابت ڪن ٿيون ته سنڌ ۾ ڪنڀر ڪو ڪم ڪيترو ته ترقي ڪري ويو هو ۽ اهو رڳو ڪاشي جي سرن ٺاهڻ تائين محدود نه هو.

چيڪي مٽيءَ مان ئي ڪيتريون شيون ٺهنديون هيون. جهڙوڪ پاڻي جون گهگهيون، رڌ پچاءَ جا ڪُنا ۽ ٻيا ٿانوَ، حقا (يا تماڪ ڇڪڻ لاءِ سلفيون) رانديڪا ۽ ٻيون سجاوٽ جون شيون وغيره.

عاج جو ڪم: سنڌ ۾ عاج جي ڪم جي صنعت به ننڍي پيماني تي قائم هي. والٽرپيٽن ۽ هئملٽن- ٻئي اسان کي ٻڌائين ٿا ته سنڌ ڪافي تعداد ۾ هاٿين جا ڏند درآمد ڪندي هئي ۽ هئملٽن ٻڌائي ٿو ته سنڌ ۾ عاليشان ڪٻٽ تيار ٿين ٿا، جن تي عاج جو ڪم ٿيل هوندو آهي، ان کي ٿوري ئي وقت ٿيو آهي، جو سنڌ صوبي جي زالن ۾ عاج جون ٻانهيون پائڻ جو عام رواج هوندو هو. هئملٽن (1699ع) جي وقت ۽ ان کان به اڳي اهو عام رواج هو. هئملٽن پاڻ لکي ٿو ته ”هاٿي جي ڏندن جو هت تمام گهڻو کاپو آهي. زالن ۾ ته اهو فيشن آهي ته هو ڪلهن کان ٺونٺين تائين ۽ ٺونٺين کان ڪارائين تائين، عاج جون ٻانهيون ٻنهي ٻانهن ۾ پائين ٿيون.ٻيون به ڪيتريون شيون جهڙوڪ ڇڪا (ڍارا)، لاٽون، چمچا، عطردانيون ۽ ڪاغذ ڪاٽڻ جا چاڪون ۽ ٻيون ٿلهيون سنهيون شيون عاج مان ٺهنديون هيون پر اڄ اهي سموريون شيون استعمال کان نڪري ويون آهن. ۽ اها صنعت ئي گم ٿي وئي آهي.

هٿيار: سنڌ ۾ ڪيترن قسمن جا هٿيار پڻ تيار ٿيندا هئا. خاص ڪري ٽونٽي وارين بندوقن جون ناليون سٺيون ٺاهيون وينديون هيون ۽ جن تي ڪڏهن ڪڏهن چاندي يا سون جو ڀرت جڙيو ويندو هو. پوسٽنس جي لکڻ مطابق سنڌ ۾ ٺهندڙ هٿيار، ”هندستان جي اڪثر هنڌن تي ٺهندڙ هٿيارن کان وڌيڪ عمدا هئا.“ سنڌ ۾ اعلى درجي جون تلوارون پڻ هيون. جن جا ڦر ڊگها، مڙيل (گولائي تي)، تکا ۽ سٺيءَ طرح ٺپيل هوندا هئا. ”سنڌ جا حاڪم“ خاص طور مير انهن هٿيارن جو گهڻو قدر ڪندا هئا ۽ شڪار يا جنگ جي وقت اهي ڪم آڻيندا هئا. هو انهن جي سڌاري تي گهڻو ڌيان ڏيندا هئا ۽ ان لاءِ ڪافي پئسو پڻ خرچيندا هئا. اوڻويهين صديءَ ۾ حيدرآباد انهن هٿيارن جو مکيه مرڪز هو ۽ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دورن ۾ اعلى قسمن جون تلوارون به تيار ٿينديون هيون.

ڀاڱو چوٿون

صنعتن جي تنظيم

اهي هيون جائزي ورتل دور ۾ سنڌ جون مکيه صنعتون. اڳين بابن ۾ آيل بيانن مان معلوم ٿيندو ته انهي دور کان ارڙهين صدي جي وچ واري دور تائين، سنڌ ۾ اٽڪل هڪ ڊزن اوج تي رسيل صنعتون هيون، انهي دور جي لکندڙن جو عام تاثر اهو آهي ته انهن صنعتن ۾ اهو دور هنرمندي ۽ وسعت وارو هو. ساڳئي وقت اهو به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جو تيار ٿيل مال دنيا جي مکيه مارڪيٽن ۾ پهچندو هو، جتي سنڌ جي مال لاءِ تمام گهڻي طلب هوندي هئي ۽ انهي ۾ ڪو به شڪ نٿو ٿي سگهي ته ايتري ساري بين الاقوامي طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي واپار جي وڌڻ ڪري پيدائش جي تنظيم پڻ وسيع پيماني تي ڪئي ويندي هوندي. البته پوين ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي زماني ۾ سنڌ ۾ صنعتي زوال شروع ٿيو ۽ جڏهن انگريزن 1843ع ۾ صوبي تي قبضو ڄمايو، ان کان اڳ سنڌ جي عظيم صنعتي تنظيم، جنهن ۾ ڪنهن وقت هزارين پورهيت ۽ ڪاريگر مشغول هوندا هئا. ختم ٿي وئي ۽ قديم هنر جا باقي ڪي آثار وڃي بچيا، جي اڄ به موجود آهن.

البت ايترو سو آهي ته سنڌ جي خوشحال ترين ڏينهن ۾ به سندس صنعت تنظيم نهايت پراڻي نموني جي هئي. وڏا وڏا شهر، جهڙوڪ ٺٽو، نصرپور ۽ سيوهڻ، سوٽي ڪپڙي جا مرڪز هئا ۽ ٻيون صنعتون وري ملڪ جي ٻين ننڍن شهرن يا ڳوٺن ۾ پکڙيل هيون، انهي دور جي روزنامچن لکندڙن جي احوالن مان صنعتن جي تنظيم جي نموني بابت تمام گهٽ معلومات ملي ٿي پر انهن جا آثار اڃا به موجود آهن ۽ ڇاڪاڻ ته ان دور ۽ اڄڪلهه جي وچ واري دور ۾ انهن جو سلسلو جهڙو هو، تهڙو قائم رهندو آيو آهي، انهي ڪري انهن جي موجوده صورتحال مان اسين چڱي معلوم ڪير سگهنداسين ته انهن جو ان وقت ڪهڙو حال هو. سنڌ ۾ جديد نموني جي صنعتي تنظيم خير ڪا آهي. ۽ اڄ به ننڍا شهر ۽ ڳوٺڙا ئي صنعتي ڪار گذارين جا مرڪز آهن. اسين سنڌ ۾ اڄ به هٿ جي هنر (يا دستڪاري) واري منزل تي آهيون. سترهين ۽ ارڙهين صديءَ وارو زمانو سڄي دنيا لاءِ هٿ جي هنرن يا دستڪاري جو دور هو. مغرب ۾ ۽ خود هندستان جي ڪن حصن ۾ صنعتن ۾ هڪ انقلاب پيدا ٿي چڪو آهي پر سنڌ ۾ ائين نه آهي ۽ انهي ڪري اسين انهي نتيجي تي پهچون ٿا ته جائزي هيٺ آيل دور ۾ سنڌ ۾ صنعتي صورتحال اها هئي، جيڪا يورپ ۾ عهد وسطى ۾ هئي. ڪاريگر پنهنجن هٿن سان ڪم ڪندو هو، سندس ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي کيس انهي ۾ مدد ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ پورهيت به رکندو هو ۽ انهي سڄي صنعتي تنظيم جو ايڪو (يا مرڪز) ڪٽنب ئي هوندو هو، جنهن لاءِ گهڻن ئي لکندڙن ٺٽي، نصرپور ۽ سيوهڻ جي سوٽي ڪپڙي جي صنعت جو ذڪر ڪندي حوالا ڏنا آهن. هو لکن ٿا ته ٺٽي ۽ نصرپور ۾ سوٽي ڪپڙي جي آڏاڻن تي ٽن هزارن کان به وڌيڪ ڪٽنب ڪم ڪندا هئا ۽ سيوهڻ ۾ اٽڪل هڪ هزار ڪٽنب ڪم ڪندا هئا. ڪاريگر يا ته پنهنجن گهرن ۾ ڪندا هئا يا انهن وڏين ڪشادين جاين ۾ ڪم ڪندا هئا، جيڪي آڏاڻن جا مالڪ انهي مقصد لاءِ مسواڙ تي وٺندا هئا. ڪارخانا يا وڏا صنعتي ادارا ڪين هوندا هئا، جيتوڻيڪ ”برنير“ مغلن جي دور ۾ ڪارخانن موجود هجڻ جو ذڪر ڪري ٿو پر اهي سنڌ ۾ ڪين هئا. اليگزينڊر برنس 1837ع ۾ لکي ٿو ته ”هتي ڪم وڏين فئڪٽرين يا ڪارخانن ۾ ڪو نه ٿو ٿئي- بر خانگي جڳهين تي ٿئي ٿو، جتي تمام ٿوري ايراضي جي هڪ هڪ ڪمري ۾ ٽي ٽي آڏاڻا لڳل آهن، ڪم ڪرڻ جو طريقو انگلنڊ جي طريقي کان مختلف نه آهي ۽ نڙو به بلڪل ساڳيو ئي استعمال ڪيو وڃي ٿو.“ ان مان اسين اهو ئي نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته صنعتي تنظيم هئي پر ننڍي پيماني تي هئي، ننڍن صنعتي ادارن يا شهري گهرن اندر ڪم هلندو هو. ڪاريگر يا ته پنهنجي ليکي ڪم ڪندو هو يا اڳواٽ ٿيل ”گهر“ تي مال تيار ڪري ڏيندو هو جيئن اڄڪلهه جي جديد صنعتي تنظيم ۾ مال جي پيدائش ۽ ڌنڌي جي سنڀال الڳ ٿئي ٿي، ان جي بلڪل برعڪس مال جي تياري ۽ ڌنڌي جي سنڀال ۽ تنظيم عليحده نه هوندي هئي. جهڙي طرح ڳوٺن ۾ صنعتن جا مرڪز هئا، تيئن شهرن ۾ به صنعتن جي مرڪزيت هئي. ڪيترا اهڙا شهر هئا، جي ڪنهن هڪ يا وڌيڪ صنعتن، جهڙوڪ ڪنهن خاص قسم يا ماپي جي ڪپڙي، تلوارن، چمڙي جي سامان وغيره ٺاهڻ ۾ خصوصي طرح رڌل هوندا هئا. انهي سلسلي ۾ ٺٽي، نصرپور ۽ سيوهڻ جو اڳ ئي ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ سوٽي ڪپڙي جي صنعت جا مکيه مرڪز هئا.

انهي مان اسين اهو نتيجو ڪڍي ٿا سگهون ته جيئن ته ٻه ٽي صديون اڳ جي سنڌ ۾ ”دستڪاري سرشتو“ هو ۽ پيدائش جو مرڪز ڪٽنب هو، تنهن ڪري سندس صنعتن ۾ اها خصوصي پورهئي جي ورڇ نه آهي، جا اڄڪلهه جي جديد صنعتي دور ۾ نظر اچي ٿي. ڪن خاص ڪمن لاءِ ڪي خاص ماهر ڪاريگر به هوندا، پر پورهئي جي ورڇ به اڪثري غير مڪمل ئي هوندي ۽ جهڙي اڄڪلهه ڳوٺن ۾ موجود صنعتن ۾ آهي، تيئن ساڳئي هڪ ئي ڪاريگر کي هڪ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻا پوندا هئا. اهڙي سرشتي يا تنظيم ۾ ڌنڌي جي بانيڪار لاءِ وڏي پيماني تي موڙي سيڙائڻ جو ڪو ايترو ميدان ئي ڪو نه هوندو. هن وقت به ڪي اهڙيون صنعتون آهن، جن ۾ واپاري، شاهوڪار يا واڻيو يا خود مال کائيندڙ ڳوٺاڻي ڪاريگر کي موڙي ڏئي ٿو ۽ مال جي قيمت جو ڳچ حصو هن کي اڳواٽ سوٿي طور ڏيندو آهي. اهائي صورتحال انهي جائزي هيٺ آيل دور ۾ به هوندي. جن شين جي ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر طلب گهڻي هوندي هئي، انهن لاءِ واپارين ۽ ڌنڌي جي بانيڪارن کي چڱي موڙي ملي سگهندي هئي، ان دور ۾ رپئي جو ملهه چوٽ چڙهيل هو. چاندي يا ٽامي جا سڪا تمام گهٽ هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ”سڄي شهر مان هڪ سو رپيا ملڻ به محال ٿي پو ندو هو.“خريدارن کي اڪثر شين جي قيمت نقد ڏيڻي پوندي هئي. سنڌ جا انگريز واپاري ايجنٽ لکن ٿا ته ”ڪنڊياري تائين، اسان کي جيڪي خرچ ڪرڻو آهي، اهو لازمي طرح پاڻ وٽ نقد رکڻو پوي ٿو.“۽ جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي. اڪثر ڪري قيمت اڳواٽ ئي ادا ڪرڻي پوندي هئي، (جنهن کي دادني سڏيو ويندو هو)- اهو رواج گهڻو ڪري سموري هندستان ۾ هو ته جيئن ڪاريگر پنهنجي وقتي ضرورتن کي منهن ڏيئي سگهن.


[1] . ايضا، 2، ص 143

[2] . ڪرو، جي. ايس. ايڇ. ايس، جلد 1، ڀاڱو 2. ص 44

[3] . باربوسا، ص 106

[4] . پوسٽنس، ص 110

[5] . وٿنگٽن- فاسٽرس ارلي ٽريولس، ص 218

[6] . پوسٽنس، ص 111

[7] . ايٽڪن، گزيٽيئر، جلد الف، ص 653

[8] . وان آرلچ، ٽريولس ان انڊيا، ص 101

[9] . ايٽڪن، گزيٽئر، جلد الف، ص 390

[10] . مانريق، جلد 20، ص 239

[11] . سورلي جي حوالي سان، ص 98

[12] . پوسٽنس، ص 76

[13] . هئملٽن، ص 76- هو انهن کي ”دپا“ ٿو سڏي.

[14]. 1873 ۾ ڊاڪٽر ڊي سامونڊي مڇين جي 160 قسمن ۽ درياهي مڇين جي 64 قسمن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هوندي به ٻيا ڪيترا سٺا قسم کانئس رهجي ويا. ايٽڪن، جلد الف، ص 16- 72

[15] . آئين، 2، ص 237

[16] . مناريق، 2 ص 232

[17] . هئمٽلن، ص 75

[18]. باربوسا، ص ص 106- 107

[19] . آئين، ص 237

[20] . پوسٽنس، ص 107

[21]. هئملٽن، ص 72

[22] . پوسٽنس، ص 105-106

[23] . ڪينڊي انڊس 1، ص 84

[24] . ايٽڪن، گزيٽيئر، جلد 1، ص 399

[25] . حقو

[26] . پرچاز، جلد 4، ص 206

[27] . هئملٽن، ص 77

[28] . پوسٽنس، ص 103-904

[29] . ايضا، ص 104

[30]. اليگزينڊر برنس، ڪامرس آف ٺٽا، فقرو 5

[31] . مثال طور نصرپور جو بافتوڪنڊياري جي ڪپڙي کان ٻه گز ڊگهو هو. عام طرحان جي ڊيگهه پنج اٺ 14 گز هوندي هئي پر گمبٽ جو ڪپڙو ساڍا ٻارنهن گز ڊگهو هوندو هو.

(اي ايف آءِ، 1651- 1654، ص ص 129- 137)

سکر ۾، چمڙي جا ڪاريگر ۽ ڪوري هوندا هئا، جيئن سالبنڪ اسان کي ٻڌائي ٿو (پرچاز، جلد 3، ص 85)، حيدرآباد هٿيار ٺهڻ کان مشهور هئي ۽ ٺٽو وري لونگين ۽ شالن کان.

[32] . اهو زمانو پئسي جي تنگي جو هو، انهي سلسلي ۾ انگريز واپارين جون عام جام شڪايتون آهن. نون ٺاهيل رپين جي ايتري ته تنگي آهي،“ انگريز واپاري لکن ٿا، ”جو 100 رپين هٿ ڪرڻ لاءِ واپارين کي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ڊوڙڻو پوي ٿو ۽ پوءِ به کين گهبل رقم ڪانه ٿي ملي (ايف آر ايس جلد 102 الف، ص 54) ٻئي هنڌ هو لکن ٿا، ”پئسي جي ايتري ته تنگي آهي جو هن وقت تائين اسان کي 1000 رپيا گڏ ڪين مليا آهن، ڇو ته هتي فقط هفتي ۾ هڪڙي ڏينهن تي رپين تي مهر هنئي وڃي ٿي.“ (ايضا، ص 75)

[33] . او. سي، جلد 19، نمبر 980

[34] . مڪرجي، آر. ڪي، ايڪانامڪ هسٽري آف انڊيا (1600-1900) ص 84

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org