انهيءَ کان سواءِ مورلينڊ ۽ پلي، مڪرجي ۽ ونسينٽ
سمٿ، بالڪرشن ۽ شفاعت احمد خان جون بهترين تصنيفون
به هن ڏس ۾ ڪافي مدد ڏين ٿيون. جيتوڻيڪ انهن جو
تعلق، سنڌ سان تمام گهٽ آهي، ان هوندي به انهن
مان، وقت جي اقتصادي حالتن کي سمجهڻ ۾ ڪافي مدد ۽
رهبري ملي ٿي.
سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي رڪارڊن مان به هن ڏس ۾
ڪافي قيمتي مواد ملي ٿو. انهن مان گهڻو حصو ته
خالص تاريخي اهميت رکي ٿو، تڏهن به انهن مان صوبي
جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن تي به ڪجهه روشني پوي
ٿي.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مغلن ۽ مغلن جي جاءِ
نشين ڪلهوڙن، ۽ پوءِ ٽالپرن جي وقت ۾ به ڪيترائي
مصنف هئا، پر انهن جو گهڻو ڪم گم ٿي ويل ٿو
ڀانئجي. ان هوندي به جيڪي ڪجهه مواد موجود آهي، ان
مان اهو ممڪن آهي ته انهيءَ دور جي سنڌ جي بنيادي
اقتصادي صورتحال جو گهڻي قدر اعتبار جوڳو احوال
پيش ڪري سگهجي.
باب ٻيو
سنڌ جي جاگرافي
(انسان ۽ ماحول)
تاريخ ۾ جاگرافيءَ جي اهميت:
اها ڳالهه هاڻ سڀ تسليم ٿا ڪن ته انساني تاريخ ۽
سندس سماجي ۽ اقتصادي زندگيءَ تي جاگرافيءَ جي
حقيقتن جو تمام گهڻو اثر آهي. جنهن طبعي ماحول جي
اندر انسان هلي گهمي ٿو، پنهنجا ڪم ڪاريون ڪري ٿو،
ان جو ، ملڪ جي سماجي، اقتصادي، سياسي ۽ اخلاقي
ارتقا تي ڪو گهٽ اثر نٿو ٿئي، بلڪ هاڻ ته گهڻو ڪري
اهو پيو محسوس ڪيو وڃي ته جاگرافيءَ جي پس منظر ۾،
ڪنهن قوم جي سماجي ۽ اقتصادي تاريخ پاڻ وڌيڪ جامع
لکي سگهجي ٿي. ان ڪري، ڪنهن ملڪ جي اقتصادي تاريخ
کي سمجهڻ، ۽ انهن قوتن، جن، انسان جي ڪار گذارين
تي پنهنجو اثر ڄمايو آهي، هن جي شخصيت کي ٺاهيو
آهي، ۽ هن جي تنظيمن کا ڪا صورت ڏني آهي، تن جا
اندازي لڳائڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين ان ملڪ جي
”انساني جاگرافيءَ“ جو اڀياس ڪيو وڃي.
انسان ۽ ماحول:
انسان ماحول جو ٻالڪ آهي- ۽ ڏاهن سچ چيو آهي ته
انسان جي سموري تقدير جي تشڪيل به انهيءَ خاموش،
اڻ لکي پر اڻ ٽر ۽ بي ترس ماحول جي هٿان ٿئي
ٿي.ڪنهن ملڪ جي پيداوار مان ئي، ان جي ترقيءَ ۽
واڌاري جو اندازو لڳائي سگهبو آهي ۽ اتي جي
رهواسين جي ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڄاڻ پئجي سگهندي آهي.
ٻين ملڪن سان سندس لاڳاپن ۽ انهن جي نوعيت جو
دارومدار به سندس طبعي بيهڪ تي ئي آهي.
هر ڪنهن قوم جي ماڻهوءَ جي جسماني بناوت ۽ مزاج
تي، ملڪ جي آب و هوا جو وڏو اثر آهي. نه رڳو
ايترو، پر آب هوا سندن ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽
اورچائيءَ تي به وڏو اثر ڪري ٿي. مثال طور، ٿڌن
ملڪن جا ماڻهو جانٺا ۽ اورچ ٿين ٿا ۽ گرم ملڪن جا
ماڻهو وري سانتيڪي ۽ آرام پسند زندگي گذرين ٿا.
جيتوڻيڪ ماحول جي اثر کي ريٽي نٿو سگهجي، ان هوندي
به اهو وسارڻ نه گهرجي ته انسان وٽ به ارادي ۽ عزم
جي قوت آهي، ۽ هو هميشه انهيءَ ڪوشش ۾ رڌل رهيو
آهي ته جيئن پنهنجي ماحول جي قوتن تي قابض ٿي وڃي.
جن تڪليفن ۽ رنڊڪن هن جي اڳتي وڌيل قدم کي روڪڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، انهن تي قابو پائڻ لاءِ انسان هميشه
کان اڻٿڪ ۽ اورچ ٿي قدرت سان وڙهندو رهيو آهي.
جيئن جيئن انسان ماهول تي قابو پائيندو وڃي، تيئن
تيئن زندگيءَ جي واقعن تي ٻاهرين طبعي حالتن جو
اثر گهٽبو وڃي. هندستان جا رهواسي اڃا تائين ماحول
تي ايڏي قدرت حاصل ڪري نه سگهيا آهن، جيتري مغربي
ملڪن جا ماڻهو حاصل ڪري چڪا آهن. انڪري، ٻين ملڪن
جي ڀيٽ ۾ هندستان جي تاريخ تي سندس طبعي بيهڪ ۽
بناوت جو اثر گهڻو وڌيڪ پئي رهيو آهي. هندستان جي
جبلن ۽ دريائن جو، سندس اقتصادي زندگيءَ تي ڪافي
گهرو اثر آهي. هتي جي ماڻهن جي اقتصادي زندگيءَ تي
هماليه جبل ڇانيل آهن، هتي جون زبردست نديون، سنڌو
۽ برهمپترا، گنگا ۽ جمنا، جي هندستان جي وسيع
ميدانن کي زرخيز بنائين ٿيون، انهن جبلن مان ئي
نڪرن ٿيون، ملڪ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ، زمينن جي درجيوار
زرخيزيءَ، ڍلن جي سرشتي زراعت جي نمونن،
آدمشماريءَ جي ورهاست ۽ ماڻهن جي درجيوار آسودگيءَ
تي انهن ندين جو وڏو اثر آهي.
سنڌ جي جاگرافي:
سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ تي سند ماحول جي اثر جو
اڀياس ڏاڍي دلچسپي ۽ اتساه پيدا ڪندڙ آهي. سنڌ جي
طبعي ماحول جو هتان جي حالتن تي خاص ضابطو پئي
رهيو آهي ۽ سنڌ جي سياسي توڙي اقتصادي زندگيءَ کي
ٺاهڻ ۽ ڦٽائڻ ۾ گهڻيءَ حد تائين طبعي حالتون ئي
جوابدار آهن. سنڌ جي طبعي طور مرڪزي بيهڪ، سندس
اڻٿڪ ۽ دائمي طرح گهرجائو پاڙيسري، سندس نديون،
سندس آبهوا، سندس سمنڊ، سندس رڻ پٽ، سندس ڊيلٽا ۽
سندس زرخيز ميدان- انهن سمورن جو سنڌ کي ”سنڌ“
بنائڻ ۾ وڏو هٿ آهي.
(1)
طبعي خصوصيتون:
سنڌ، بيهڪ ۾ ٽڪنڊي جي شڪل جي آهي. اولهه ۾ خشڪ ۽
ويران کيرٿر جبلن جي قطار اٿس، اوڀر ۾ هندستان جو
وڏي ۾ وڏو رڻ پٽ “ٿر“ اٿس. اتر ۾، سندس سوڙهي چوٽي
پنجن دريائن جي ديس سان وڃي ٿي ملي- ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جو
رڻ ۽ عربي سمنڊ اٿس. ساموندي ڪنارو تراکڙو ۽ اڻ
ڀڳل اٿس، ان ڪري ڪي قدرتي بندر ڪين اٿس، ان هوندي
به سمنڊ جون اهي کاريون، جتي سنڌوندي ڪيترن ئي
وهڪرن ۾ ورهائجي، ڇوڙ ٿي ڪري، اهڙي نموني جون آهن،
جو اتان، گذريل زماني ۾، دهلي شهنشاهت جي مرڪز
دهليءَ، ملبار جي اڀرندي گهاٽن ۽ ڀونوچ سمنڊ جي
ڪنارن تائين سندس پيڙا ۽ غوراب هلندا هئا. اهڙي
طرح جيتوڻيڪ، سندس مکيه ندي ”سنڌو“ ان وقت جي
آمدرفت جو هڪ مکيه ذريعو هئي، جنهن سندس طبعي
اڪيلائيءَ کي ٽوڙي، کيس ٻين ملڪن سان ٿي ڳنڍيو،
تنهن هوندي به جي قدرتي پناهن- جبلن جي قطارن،
سمنڊ ۽ رڻ پٽ- وري سياسي سرحدن جو ڪم ٿي ڏنو. انهن
قدرتي حدن ئي سنڌ کي هميشه هڪ الڳ ۽ جداگانه ملڪ
جي حيثيت ڏني آهي.
(2) مرڪزي بيهڪ:
ائين کڻي چئجي ته سنڌ، ايشيا ۽ يورپ جو مرڪز آهي،
ته به غلط نه ٿيندو. اڄ به سندس سامونڊي بندر
ڪراچي، هندستان کان مغرب ڏانهن وڃڻ لاءِ ويجهي ۾
ويجهو بندر آهي. اها ڳالهه تسليم ڪئي وڃي ٿي ته
پراچين سمي ۾ تهذيب يافته دنيا سان سنڌ جا تمدني
توڙي واپاري لاڳاپا تمام قريبي ۽ گهاٽا هئا. ويدن
جي زماني ۾ سنڌ، تهذيب جي وڏن مکيه مرڪزن مان هڙو
مرڪز هئي. اها سنڌ ئي هئي، جتان سڪندر اعظم
هندستان تي ڪاهڻ کان پوءِ وطن ورندي اچي لنگهيو
هو، ۽ اها سنڌ ئي هئي، جتي عرب پهرين پهرين واپار
سانگي آيا ۽ پوءِ جڏهن مسلمان ٿيا، تڏهين ان تي
ڪاهه ڪيائون ۽ حڪومت ڪيائون. سنڌ، هر ڪنهن حمله
آور کي حملي ڪرڻ لاءِ هرکايو آهي. يونانين، عربن،
مغلن، افغانن، ايرانين ۽ راجپوتن، سڀني ان تي قبضو
ڪرڻ ۽ ان کي آڻ مڃائڻ لاءِ پنهنجا ڪرتب ڪيا. ان تي
حملا به بي انداز ٿيا، وڏي پيماني تي ڪاهون ٿيون،
پر حمله آور ۽ ڪاهيندڙ ڪڏهن به سنڌ تي ڪو گهڻو
عرصو پنهنجو وارو ڄمائي نه سگهيا- ۽ نڪي هتي جا
ماڻهو، انهن جنگين ۽ ڪاهن کان پيسجي پيڙجي، هميشه
لاءِ ۽ مڪمل طرح ڪو نابود ئي ٿي سگهيا! برعڪس
انهيءَ جي، پاڻ اهي قومون، جي سنڌ کي فتح ڪرڻ يا
واپار سانگي هت آيون، زماني گذرڻ تي، انهن مان
ڪيتريون، سنڌ ۾ رهي، سنڌ ۾ ملي جذب ٿي ويون، ۽
سنڌنواسي ٿي ويون. انهن ڀانت ڀانت جي قومن جي
ماڻهن ۾ پنهنجي اصل نسل جا منهن مهانڊا اڃا تائين
ظاهر بيٺا آهن- ۽ اها ”رلي ملي هڪ ٿي وڃڻ“ جي
حقيقت نه رڳو هن جي ظاهري شڪل شبيهه، رسمن رواجن،
عادتن اطوارن، اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان
ظاهر ٿي ٿئي، پر سندن مکيه مذهبي تحريڪن ”تصوف“ ۽
”سک ڌرم“ ۾ به موجود آهي.
(3) آبهوا:
سنڌ جي آبهوا جو به، سنڌ جي اقتصادي زندگيءَ کي
تشڪيل ڏيڻ ۾ ڪو گهٽ هٿ نه آهي. سنڌ جي ميداني حصي
جي آبهوا اونهاري ۾ سخت گرم ۽ خشڪ آهي، ۽ سياري ۾
سخت سرد ٿئي ٿي. مينهن تمام ٿورو ۽ نالي ماتر پوي
ٿو، انهيءَ ڪري گرميءَ جو، هتي جي رهواسين جي صحت
۽ جسماني بناوت تي وڏو اثر آهي. فارسيءَ ۾ چوڻي
آهي:
”سيون“ ”سبي“ چون ساختي، دوزخ چرا پرداختي!
يعني، اي خدا، جيڪڏهن تو کي سيوهڻ ۽ سبيءَ جا شهر
خلقڻائي هئا ته پوءِ دوزخ وري ڇالاءِ ٺاهيئي!
جيڪب آباد ته اڄ تائين هندستان جي گرم ترين شهرن
مان هڪڙو آهي. انهيءَ جو اثر اهو ٿيو آهي ته هتي
جا رهواسي نستا ۽ سست آهن- جيتوڻيڪ بلوچي قبيلا
اڃا تائين پنهنجي جنگجو خصوصيتن ڪري مشهور آهن.
سنڌ جي اڪثر ماڻهن ۾ پنهنجي پاڙيسري صوبي پنجاب جي
رهواسين جي ڀيٽ ۾ ڦڙتائي ۽ اورچائي قدري گهٽ آهي.
(4) سنڌو ندي ۽ سندس اثر:
صوبي جي اقتصادي ۽ سياسي زندگيءَ تي هن نديءَ جو
تمام گهڻو اثر آهي. سچ پچ ته سنڌ، سنڌونديءَ جي
سوغات آهي. سنڌونديءَ جا زرخيز ڪنارا، هن رڻ پٽ ۾
خيابانن مثل آهن. ريگستانين ۽ جبلن مان لنگهندي،
اها ندي تقريباً ”S“
شڪل وڃي ٿي اختيار ڪري، ۽ سندس ان شڪل ۾ وهڻ سان،
پاڻ صوبي جي زياده ايراضيءَ کي پائي پهچي ٿو-
جيڪڏهن اتر کان ڏکڻ ڏي سڌوئي سڌو وهڪرو هجيس ها،
ته تمام ٿوريءَ ايراضيءَ کي پاڻي پهچي سگهي ها.
سنڌ، ٻنهي چوماسن جي اثر جي دائري کان ٻاهر آهي،
انڪري سچ پچ ته جيڪڏهن اها سنڌوندي- جا هماليه
جبلن جي برفن مان مالا مال ٿي، سڄو سال وهي ٿي،
مينهن جي اڻاٺ جو پورائو ڪندي، زمين کي پوک لائق
بنائي ٿي- نه هجي ها ته اڄ سنڌ ۾ رڳي سڃ ئي سڃ
واڪا ڪري ها ۽ ڪو بني بشر هت رهي به نه سگهي ها.
جنهن دور جو اسين اڀياس ڪري رهيا آهيون، ان دور ۾
اها سنڌوندي، پرڏيهي واپار ۽ تجارت جو ذريعو هجڻ
ڪري، سنڌ جي آسودگيءَ جو مکيه وسيلو هئي. سنڌو
نديءَ ئي ملڪ جي قدرتي اڪيلائيءَ کي ٽوڙي، کيس هڪ
اهڙي تجارتي اهميت بخشي ڇڏي، جنهن لاءِ ڪنهن وقت
سنڌ ديسان ديس مشهور هئي. انهيءَ نديءَ جي ڪناري
تي ئي، سنڌ جي مختلف تاريخي دورن ۾، الور ۽
منصوره، برهمڻ آباد ۽ بکر، ديبل ۽ لهري بندر،
سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جهڙا ناميارا شهر آباد ٿيا.
انهن شهرن مان گهڻا جيڪڏهن سنڌونديءَ جي ڪري ئي
ايڏا مشهور ٿيا، ته انهن جي اجڙڻ ۽ ڦٽي وڃڻ لاءِ
به سنڌونديءَ جو سدا ڦرندڙ گهرندڙ وهڪرو ئي
جوابدار آهي!
(5) ٻوڏون:
سنڌوندي، جيترو گهڻو پنهنجي ڪپرن کان اٿلي آهي ۽
پنهنجو وهڪرو بدلايو اٿس، - اوترو شايد هندستان جي
ڪنهن ٻيءَ نديءَ ورلي بدلايو هوندو. ائين هڪ کان
وڌيڪ ڀيرا ڪيو اٿس. درياءَ جي انهيءَ طرح وهڪري
ڦيرائڻ ۽ پائڻ جي ڪري ملڪ جي اقتصادي زندگيءَ تي
به مکيه اثر ٿيا آهن. هڪ طرف ته جبلن تان لهندي
وقت، درياءَ پاڻ سان رءُ، واري ۽ ريتي کڻيو ٿو
اچي. اهو رءُ، جتان جتان درياءَ وهي ٿو، اتي جي
زمينن کي زرخيز بنائي ٿو. انهيءَ ڪري هن رڻ پٽ ۾،
درياءَ جي انهيءَ سڀاڳي پاڻيءَ، پوک قابل زرخيز
ميدان پيدا ڪري وڌا آهن. ٻئي طرف وري، درياءَ
ڪيترن ئي آباد ۽ آسودن شهرن کي پائي، سندن بنيادن
کي ئي ٻهاري ويو.
هن جا کنڊر اڃا به انهن وارياسن ٽڪرن تي ڏسڻ ۾ اچن
ٿا، جن کي ساڳيو درياءَ پوءِ وري ڪوهن تي ڇڏي ويو!
سچ پچ ته سنڌ جو ڀاڳ اڀاڳ اها سنڌوندي ئي آهي.
(6) وبائون:
پاڻيءَ جي مند جي پڇاڙي ۾، جڏهين ٻوڏ جو پاڻي لهڻ
لڳندو آهي، تڏهن مليريا، ڪالرا ۽ ٻيون وچڙندڙ
بيماريون ڦهلجڻ لڳنديون آهن. گذريل زماني ۾،
اڄڪلهه جهڙين طبي سهوليتن جي نه هجڻ ڪري، انهن
آفتن جي لپيٽ ۾ اچي ماڻهن جي حالت رحم جوڳي هوندي
هئي. مئڪڊونالڊ 1857ع ۾ انهيءَ جو نقشو جنهن طرح
چٽيو آهي، ان مان ان زماني جي حالتن جو اندازو
چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو: ”جڏهن درياءَ سڪي ويندو
آهي ۽ سيلاب هٽندو آهي، تڏهن هڪ عجيب قياس جوڳي
حالت پيدا ٿي پوندي آهي، گهر گهر جا ماڻهو بيچاق ۽
بيمار- گهٽين ۾، ڳوٺن ۾ ۽ شهرن ۾ تپن ۽ بيمارين جا
ماريل انسان، منهن پيلا، چپ سڪل ۽ اڇا، جسم ڏٻرا ۽
ڏڪندڙ- مطلب ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته مڙدا
پيا ريڙهيون پائين. سال بسال اها حالت ٿيندي آهي ۽
ڀريا ٻه مهينا سڄو ملڪ انهيءَ نحوست ۽ آفت ۾
گهيريل هوندو آهي!“
ان دور ۾، سنڌ ڏڪرن، وبائن ۽ بيمارين ۾ جيڪي سٺو،
ان جو احوال ڏاڍو درد ڀريو آهي. صوبي جي انهن غير
صحتمند حالتن جا وستار ته گهڻائي آهن، پر انهن مان
ٽن واقعن جا احوال وڌيڪ ڌيان ٿا ڇڪائين، ڇاڪاڻ ته
انهن ۾ نه رڳو سخت وبائن ۽ ڏڪرن ملڪ جي اقتصادي
زندگيءَ جا بنياد اکيڙي ڇڏيا، پر ماڻهن جي ڳچ حصي
جي به تڏا ويڙهه ٿي ويئي! انگريز واپاري
(60-1659ع) لکن ٿا ته ”سنڌ ۾ ڏڪر ۽ پليگ ايتري ته
زور ٿي آهي، جو ماڻهن جو ڳچ حصو انهن جو بک ٿي چڪو
اهي. هنن کان به ڇڙو ڏڪر ڪنهن به هنڌ نه آيو هوندو
ــــ ايتريقدر، جو جيڪي ماڻهو اڃا جيئرا آهن، سي
مري ويلن کي دفن ڪندي پورا نٿا پون“. ساڳيءَ طرح
1699ع ۾ اليگزينڊر هئملٽن اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن
جي اچڻ کان ٽي سال اڳ ٺٽي ۾ ”هڪ اهڙي سخت پليگ پئي
هئي، جنهن ٺٽي جي شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ تي ايڏو
ته اثر ڪيو، جو رڳو ٺٽي جي شهر جا، سوٽي ۽ ريشمي
ڪپڙي جا 80000 ڪاريگر مري ويا“. 1764ع ۾ انگريز
واپاري ايجنٽ لکن ٿا ته ”سنڌ ۾ هڪ اهڙي موتمار وبا
ڦهليل آهي، جنهن هزارين جانيون ختم ڪري ڇڏيو آهن،
انهن مان ڪيترا اوني ڪپڙي جا واپاري هئا. اڃا
تائين اها وبا خطرناڪ صورت اختيار ڪريو بيٺي آهي“.
حاصل مطلب:
سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ طبعي حالتن، صوبي جي سماجي،
اقتصادي ۽ سياسي زندگي ٺاهڻ ۾ وڏو حصو ورتو آهي.
سنڌ، هندستان جي الهندي ڪناري تي هڪ خاص جڳهه تي
واقع آهي، جتان سندس ٻاهرين ملڪن سان لاڳاپو ۽ اچ
وڃ سمنڊ جي وسيلي نهايت آسان ۽ لازمي آهي: هڪ طرف
ويران جبلن جون قطارون اٿس، ٻئي پاسي نيم گرم، نيم
خشڪ ميدان اٿس ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس وچون ئي وچ،
پنهنجي هوڏ تي هلندڙ سنڌوندي آهي- سنڌ جون اهي ئي
خصوصيتون آهن، جن هاڻوڪيءَ سنڌ کي ٺاهيو آهي- اها
سنڌ، جنهن ۾ پراچين، وچئين ۽ جديد دور جي سنڌ
گڏجي، جذب ٿي هڪ ٿي ويئي آهي. هندستان ۾ اهڙا ڪي
ٿورا حصا آهن، جتي تاريخ جي هڪ شاگرد کي اڀياس جو
ايڏو وسيع ۽ روشن ميدان ملي سگهي!
باب ٽيون
تاريخي پس منظر
تمهيد:
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا ۾ جي تازيون کوجنائون ڪيون
ويون آهن، تن مان پتو پوي ٿو ته اڄ کان پنج هزار
ورهيه کان به گهڻو عرصو اڳ، سنڌ پنهنجي هنج ۾ هڪ
اهڙي قديم تهذيب کي پرورش ٿي ڏني، جا گهڻين ئي
ڳالهين ۾، پنهنجي برادريءَ وارين مصري ۽ عراقي
تهذيبن جي ڀيٽ ۾، رونق ۽ زيب زينت جي لحاظ کان، جي
وڌيڪ نه هئي، ته به انهن جهڙي ضرور هئي. انهيءَ
کان پوءِ سموري هندستان جي تاريخ وانگر سنڌ جي
تاريخ ۾ به هڪ وڏو خال نظر اچي ٿو ۽ اٽڪل ٽن هزارن
ورهين جي عرصي لاءِ تاريخ جي شاگردن جي رهبريءَ
واسطي ڪو به مواد ڪو نه ٿو ملي. البت جيڪي ايڪڙ
ٻيڪڙ حقيقتون تاريخي روزنامچن مان ملن ٿيون، سي
ايترو سو ٻڌائين ٿيون ته تاريخي دور ۾ به سنڌ
ڪيترن ئي قومي ۽ سياسي حملن جي آماجگاه پئي رهي
آهي. اتر ۽ اولهه کان حمله آور قومون درياءَ جي
لهرين جيان هڪٻئي پٺيان ڌوڪينديون سنڌ ۾ آيون.
ايڪئيمينئنس، سڪندر اعظم، سئڪاس، ڪوسنس ۽ هَن لوڪ
سنڌ ۾ داخل ٿيا، ۽ نيٺ اهي لشڪرن پٺيان لشڪر مختلف
جاتين ۽ قبيلن جا سنڌ ۾ داخل ٿيا، جن جي زبانن تي
اسلام جو نالو هو، ۽ جن جي هٿن ۾ تلوار هئي.
اٺين صديءَ جي اوائل کان وٺي پوءِ جي عرصي لاءِ
اسان وٽ سنڌ جي تاريخ جو لاڳيتو رڪارڊ موجود آهي.
712ع ۾ عربن سنڌ تي ڪاه ڪئي. سنڌ ئي پهريون صوبو
هو، جنهن تي پهريون اسلامي حملو ٿيو.ڪجهه وقت کان
پوءِ اهي حمله آور عرب رڳو ڍل وصول ڪندڙ بنجي ويا،
۽ حڪومت جون واڳون سنڌ جي مقامي حاڪمن کي سونپي
ڇڏيائون. تاريخ ۾ ان حقيقت لاءِ دليل موجود آهن ته
ان وقت ۾ ايشيا ۾ خراسان، سيستان، زابلستان،
ملبار، سلون ۽ چين سان سنڌ جو تمام گهڻو واپار
هلندو هو.
سنڌ جي سياسي تاريخ ڏاڍي منجهيل ۽ پيچدار آهي.
هندستان جي ٻئي ڪنهن صوبي جي تاريخ شايد ئي ايتري
منجهيل هوندي. هڪ طرف سنڌ جو سنڌ اندر هڪڙن گهراڻن
زور تي ورتو، ته ٻيا ڊهي پٽ پوندا ٿي رهيا- تان جو
1843ع ۾، انگريزن اچي ملڪ فتح ڪيو. 1026ع ۾ سلطان
محمود غزنويءَ سنڌ تي ڪاهيو ۽ پنهنجي بادشاهت سان
ملائي ڇڏيائينس، پر غزنوي طاقت گهڻو وقت پير کوڙي
نه سگهي، ۽ 1053ع ۾ سنڌ جي هيٺئين حصي جي هڪ
راجپوت قبيلي، سومرن، لاڙ جي اڀرندي ٽڪر تي پنهنجي
حڪومت قائم ڪئي.
ميان نور محمد ڪلهوڙي لاءِ چيو وڃي ٿو ته
وٽس مشرقي زبانن جو هڪ قيمتي ڪتب خانو هو،
جنهن کي خون جي پياسي نادرشاهه تباهه ڪري
ڇڏيو. (صديقي محمد حنيف، جي.ايس.ايڇ.ايس. ڀاڱو
پهريون).
جارج، ”دي رليشن آف جاگرافي اينڊ هسٽري“، ص
7، ۽ اي. جي. بسيڪيٽ، ”دي پرنسيپلس آف
جاگرافي“ (فزيڪل اينڊ هيومن) ص 391.
چيلي، ”ائڊمنسٽريٽو پرابليمس آف انڊيا“، ص
4.
ڪنگهام، ”ائنشنٽ جاگرافي“ –جلد 1، ص 251، ۽
پٿاوالا، ”فلڊس ان سنڌ“، ص 1.
مئڪڊونالڊ جي روهڙي ضلعي تي رپورٽ (1857ع) ص
43.
اي. ايف. آءِ. 1655ع، ص ص 207-210.
هئملٽن، ”اڪائونٽ آف ايسٽ انڊيز“، ص 57.
ميرچنداڻي، ”جنرل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“
جلد ٽيون، ڀاڱو چوٿون، ص 78.
نارمن برائون، ص 32، ۽ ونسينٽ سمٿ جي
”آڪسفورڊ هسٽري آف انڊيا“ ص ص 1327، 122.
|