سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي اقتصادي تاريخ

باب: --

صفحو: 11

سنڌ اندر ٿلهيءَ توڙي سنهي تند وارو سٽ به ڪتبو ويندو هو. ڪپڙي لاءِ ڪم ايندڙ ڪيترائي رنگ ۽ خاص ڪري نير سنڌ ۾ ئي پيدا ڪيو ويندو هو. اهو نير سوٽي ڪپڙي جي رڱڻ ۽ ڇرائيءَ لاءِ عام طرح استعمال ڪيو ويندو هو. اهو ڪپڙو ان وقت هرهنڌ ڏاڍو مقبول هو.

خاصيت: ان دور جي سمورن سياحن ۽ سياسي ايلچين سنڌ جي سوٽي ڪپڙي جي بهتر گڻن جي ساک ڀري آهي. سترهين صدي جي واپاري ايجنٽن جا بيان اسان جي اڳيان موجود آهن، جي ٻڌائين ٿا ته سنڌ اندر ٺهندڙ سوٽي ڪپڙي ۾ ڪم ايندڙ سٽ ”هڪ ساريڪو ڪتيل“ هو ۽ ڪپڙي جو اوڄو ”گهاٽو ۽ سهڻو“ هوندو هو. ايتري قدر جو ان کي سڄي مشرق ۾ تيار ٿيندڙ مال جو ”گل“ سمجهيو ويندو هو ۽ انهي کي ٻئي هر ڪپڙي کان ترجيح ڏني ويندي هئي. سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ ڪپڙي جي خاصيت اهڙي عمدي ۽ عاليشان هوندي هئي جو ٿيوناٽ ٺٽي جي ڪارگرن کي نهايت هنرمند ڪاريگرن جو خطاب ڏنو، جنهن جا هو سچ پچ لائق به هئا. هئملٽن اسان کي ٻڌائي ٿو ته سنڌ جو سوٽي ڪپڙو هڪ سادي ڊزائينن وارو نهايت لسائيءَ سان اڻيل هوندو هو. ۽ سندس جوڙيون نه رڳو ”نرم“ ۽ ”نفيس“ هيون پر ٻين هنڌن جي جوڙين کان وڌيڪ جٽادار پڻ هيون.

طلب: سنڌ ۾ ان وقت ڪپڙي جا عاليشان نمونا تيار ٿيندا هئا ۽انهن جون قيمتون به مناسب هونديون هيون. انگريز واپار ايجنٽن سنڌ جي ڪپڙي جي سستن اگهن جا ڪيترائي حوالا ڏنا آهن ۽ سنڌ جي ڪپڙي کي خاصيت ۽ قيمت جي لحاظ تي ’وڌيڪ سستو‘ سڏيو اٿن.

انهن ڳالهين جي بنياد تي سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صدي ڌاري سنڌ جو ڪپڙن هندستان، اولهه ايشيا ۽ يورپ ۾ ڏاڍو مقبول هو ۽ اتي جي مارڪيٽن ۾ ان جي ڪاف طلب هئي، يورپي واپاري، پورچوگيز، انگريز ۽ ڊچ پنهنجي ملڪن جي مارڪيٽن لاءِ بي انداز ڪپڙو کڻي ويندا هئا ۽ انهي مان هنن جا بخت کلي پيا ۽ خزانا کڻي ميڙيائون. جيئن ته سنڌ جو مال ”ٻين هنڌن جي مال کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندو هو،“ انهي ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني جي، سنڌ وارن ايجنٽن کي حڪم مليل هو ته سڄي صوبي جي مال جي رسد کي هٿ ڪن ۽ فوري طلب جي خيال کان پاڻ وٽ مال جو ڪافي ذخيرو گڏ ڪري رکن. هنن کي پنهنجي بالا آفيسر کان اها به خاطري ملي هئي ته جيئن ته سنڌ جا بافتا ”انگلينڊ ۾ گهڻي ۾ گهڻو وڪامندا هئا“ ان ڪري هو ٻين هنڌن جي مال لاءِ آرڊرن ۾ ’ڪتر وجهي‘، سنڌ جي آرڊرن جو اندازو وڌائين. سنڌ جي ڪپڙي جي طلب ايتري ته هئي جو 1696ع جي احوالن مان پتو پوي ٿو ته انهي لاءِ ’بي انداز طلب‘ هئي ۽ جيڪڏهن مال گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿي سگهي ته هوند انهيءَ مان تمام وڏا نفعا ٿين.

ڪپڙي جي پيداوار جو مقدار: سنڌ اندر ڪپڙو نه رڳو عاليشان قسم جو تيار ٿيندو هو پر سندس پيداوار جو مقدار به ڪافي گهڻو هو. سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صدي ۾، سنڌ ۾ ڪپڙي تيار ٿيڻ جا ڪيترائي مرڪز هئا، جتي تمام گهڻو ڪپڙو تيار ڪيو ويندو هو، انهن مان مکيه مرڪز ٺٽو، نصرپور ۽ سيوهڻ هئا. ننڍا ننڍا مرڪز ته ڪئين هئا، جن ۾ مکيه هي هئا: ڪنڊيارو ۽ درٻيلو، بکر ۽ سکر، روهڙي ۽ گمبٽ، بوبڪ ۽ سن جتي پڻ چڱي تعداد ۾ ڪپڙو تيار ٿيندو هو، جو هندستاني ۽ پرڏيهي واپاري اچي خريد ڪري ويندا هئا. ائنٽونيوبوڪارو (1631ع) جي تصديق مطابق ٺٽي جي شهر ۾ ئي ٽيهه هزار آڏاڻا هئا. ٻين هنڌن تي به پوچوگيز لکن ٿا ته:

”هت ڪافي ڪپڙو تيار ٿئي ٿو. سنڌ ۾ (ٺٽي ۾) ٽي هزار ڪوري ڪاريگر آهن ۽ جيڪي جهاز هت اچن ٿا سي ڀرجيو وڃن.“ انگريز واپاري ايجنٽ لکن ٿا ته ”ٺٽي ۾ ڪورين جا ٽيهه هزار ڪٽنب آباد آهن،“ جيڪي عاليشان قسم جا ”چونڪڙي تي کيس“ ۽ ”بافتا“ تيار ڪن ٿا، ۽ جن جو ايران ۽ ترڪي ۾ گهڻو کاپوآهي.“ مانريق لکي ٿو ته هن ٺٽي ۾ ڏٺو ته ”تمام گهڻي ڪپهه اچي ٿي گڏ ٿئي، جنهن کي اٽڪل ٻن هزارن آڏاڻن تي آڻي ڪيترن ئي قسمن جو عاليشان ڪپڙو تيار ڪيو وڃي ٿو، جو ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ پورچوگال ڏانهن برآمد ڪيو وڃي ٿو.“ (4)

ٺٽي جي شهر ۾ ڪپڙي جي صنعت ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي تعداد بابت احوال ڪجهه منجهائيندڙ آهن، ۽ انهي ڪري ڪپڙي جي صنعت ۾ لڳل ڪل ماڻهن جو صحيح تعداد ٻڌائڻ ڏکيو آهي پر انهي ۾ شڪ ناهي ته رڳو ٺٽي شهر ۾ به ڪپڙي جي ڌنڌي ۾ رڌل ڪورين ۽ ٻين ماڻهن جو تعداد ڪافي گهڻو هوندو، جيئن ته بوڪارو ۽ مانريق ملڪ سان فقط اتفاقي طرح روشناس ٿيا هئا، انهي ڪري بهتر ٿيندو ته انگريز ايجنٽن جي بيان تي ڀروسو ڪجي، جو هي سنڌ ۾ اٽڪل ستاويهه سال رهيا ۽ شهر جي ڪپڙي جي صنعتڪارن سان واپار جا گهرا لاڳاپا هئن.

ائنٽونيوبوڪارو جي چوڻ موجب ٺٽي شهر ۾ ٽيهه هزار آڏاڻا هئا، هوڏانهن انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته ٽي هزار ڪوري ڪٽنب آباد هئا، انهي مان معلوم ٿو ٿئي ته ان وقت هر ڪٽنب ۾ ڏهه ماڻهو هئا. ”ڪٽنب“ جي عام لحاظ کان اها ڳالهه ڪجهه مڙئي وڌاءُ پئي معلوم ٿئي پر جيڪڏهن ائين سمجهجي ته ان وقت ڪٽنب ”گڏيل“ يا ”اجتماعي“ (يا اشتراڪي) هئا، جيئن اڄ به ڪيترين حالتن ۾ ائين آهي ۽ انهي ۾ شايد نوڪر، پگهار کڻندڙ ۽ واسطيدار به شمار ڪيا ويا آهن ته پوءِ بوڪارو جو اهو بيان ته ٺٽي ۾ ٽيهه هزار آڏاڻا هئا، يعني اوترائي ڪوري هئا ته ڪو هروڀرو سڄو خيالي وڌاءُ ڪين ٿو ڀائنجي. انهي ڪاٿي کي هئملٽن (1692) جي ست ورهيه پوءِ جي هن بيان مان تائيد ملي ٿي ته ”ٺٽي ۾ پليگ جي ڪري اسي هزار ڪوري مري ويا.“ پاٽنجر به چوي ٿو ته ”نادر شاهه جي ڪاهه وقت (1397) ۾ ٺٽي ۾ سوٽي لونگين جا اٽڪل چاليهه هزار ڪاريگر هئا.“

انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته نصرپور به ٺٽي جيترو ئي شهر هو، ۽ ”ڪپڙي جو اهم ترين مرڪز هو“ ۽ منجهس ”اٽڪل ڪورين جا ٽي هزار ڪٽنب آباد هئا.“ ان کانپوءِ سيوهڻ به ڪپڙي تيار ٿيڻ جو هڪ مکيه مرڪز هو ۽ ”منجهس اٽڪل هڪ هزار ڪورين جا ڪٽنب هئا.“ انهي طرح انهن ٽن شهرن ٺٽي، نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ ڪل اٽڪل ست هزارين ڪورين جا ڪٽنب سان حساب لڳايون ته اٽڪل ستر هزار ماڻهو گهڻي مقدار ۾ ڪيترن قسمن جي ڪپڙي تيار ڪرڻ ۾ مشغول هئا، جنهن جي دنيا جي مکيه واپاري مرڪزن ۾ ڏاڍي تيز مارڪيٽ هئي. وري جيڪڏهن اسين ٻين ننڍن مرڪزن سوڌو ڪپڙن جي صنعت ۾ رڌل ڪورين، سٽ ڪتيندڙن ۽ رنگريزن جو ڪل تعداد شمار ڪنداسين ته اهو فرض ڪرڻ غلط نه ٿيندو ته سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت ۾ مجموعي طرح اٽڪل هڪ لک پورهيت ڪم ڪندا هئا. جيڪڏهن اهو شمار وڌاءُ به کڻي لڳي ته به ان ۾ ڪو شڪ نٿو ٿي سگهي ته سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت ۾ لڳل ماڻهون جو تعداد ڪافي گهڻو هو، انهي مان سنڌ جي ناموس ۽ مقبوليت جو اندازو واضح ٿي ويندو جا کيس ڪپڙي جي خاصيت، مقدار ۽ سستن اگهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ حاصل هئي.

ريشم جي صنعت

سترهين ۽ اوائلي ارڙهين صديءَ ڌاري سنڌ ۾ ريشمي ڪپڙي جي صنعت به اوج تي هئي.، جن ڏينهن ۾ ٺٽو عروج تي هو، ان وقت سنڌ ۾ عاليشان ۽ دلڪش ريشمي لونگيون به تيار ٿينديون هيون. جن ۾ تاڃي ريشمي هوندي هئي ۽ پيٽوسٽ جو ڪتب آندو ويندو هو. سنڌ توڙي هندستان جا نواب ۽ امير ماڻهو انهن لونگين کي گلوبند، دستارن ۽ واسڪوٽن طور استعمال ڪندا هئا. سنڌ جون لونگيون پرڏيهي مارڪيٽن ۾ کڄي وينديون هيون، جتي انهن لاءِ ڪافي طلب هوندي هئي، انهي صنعت لاءِ ڪچو ريشم چين، ايران ۽ ترڪستان مان درآمد ڪيو ويندو هو.

ريشمي ڪپڙي تي سون ۽ چاندي جي ڌاڳن سان عاليشان ڀرت ڀريو ويندو هو، جنهن کي چمڪدوزي يا ڪيمخاب سڏيو ويندو هو. اهڙو به وقت هو جڏهن شالن، چوغن، ٽوپين، ٻارن جي شلوارن، زنانن لباسن ۽ وهاڻن تي سون چاندي ۽ ريشم سان ڀرت ٿيل سامان جي ڏاڍي طلب ٿيندي هئي.

سنڌ مان اهو هنر به هاڻ موڪلائي ويو آهي ۽ رڳو سينگار يا فن خاطر ڪن ڪپڙن تي ڀريو وڃي ٿو.

ڀرت جي هنر جو ٻيو هڪ دلچسپ نمونو ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٺهندڙ چينين ۾ ملي ٿو، جي اڄ به اتي تيار ٿين ٿيون، اهي چنيون سوٽي ڪپڙي کي ڳاڙهو رنگ ڏيئي مختلف رنگن جي ريشمي ڌاڳي سان مٿس ڳوڙهو ڀرت ڪري، منجهس ٽڪون هڻي تيار ڪيون وڃن ٿيون. هر قسم جي ڀرت سان ڀريل چوليون ۽ گج اڄ به زالون پهرين ٿيون ۽ خود ڪي مسلمان به شالن تي اهو ڀرت ڀرائيندا آهن ۽ اٺن ۽ گهوڙن جي تلن تي پڻ اهو ڀرت ڀرايو وڃي ٿو.

انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته چنيءَ جو هنر، سنڌ جو قديم هنر آهي، جيتوڻيڪ سترهين ۽ ارڙهين صدي جي سياحن، واپارين ۽ تجارتي ايجنٽن جي بيانن ۾ ان جو ڪو به ذڪر ڪو نه ٿو ملي پر جڏهن اسين اهو ڏسون ٿا ته پرڏيهي واپاري ۽ سياح رڳو سنڌ ۾ سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي جي واپار ڪرڻ ڪاڻ ئي آيا تڏهن انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن ”سنڌ جي چينين ۽ سنڌي هنر جي ٻين عجيب شين“ جو ڪو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي، جن جي پرڏيهي مارڪيٽن ۾ ايتري طلب نه هئي.

ڀرت جو هنر به سرپرستي نه هئڻ ڪري گهڻو ٿڌو ٿي ويو آهي. پر اڃا به ڏيساور جي مارڪيٽن ۾ ان جي طلب آهي ۽ اڃا تائين سنڌي واپاري ٻاهرين ملڪن ڏانهن وڪڻڻ لاءِ کڻي ويندا آهن.

اوني ڪپڙي جي صنعت

سنڌ کي پنهنجي اوني ڪپڙي جي صنعت به هئي، البت ٻاهرين ملڪن جي مارڪيٽ ۾ سندس اوني ڪپڙن جي ايڏي طلب نه پئي رهي آهي. مقامي طرح ٺهندڙ اوني مال ۾ گهڻو ڪري غاليچا، ڪمبل، کٿا ۽ اوني کرسڻ تيار ٿيندا هئا. سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي وانگر اوني ڪپڙي جي صنعت به سنڌ جي قديم صنعتن مان هڪ آهي، ۽ اڄ تائين حيدرآباد ضلعي جي گوني تعلقي ۾ جت ۽ بلوچ قومن جو زالون واندڪائي جو وقت ڪمبل ۽ اوني فراسيون ٺاهڻ ۾ گذارين ٿيون. ٿرپارڪر جا اڇا ڪمبل، جن کي ”کٿا“ سڏيو ٿو وڃي، سنڌ جي هڪ مکيه شئي آهي ۽ سڄي صوبي ۾ انهن جو استعمال نهايت عام ۽ وسيع ٿئي ٿو. انهي جو هڪ ٻيو قسم به سنڌ ۾ تيار ٿئي ٿو. جنهن کي ”لوئي“ سڏيو وڃي ٿو ۽ جنهن کي سندس گرمي، اوڄي ۽ پائداري جي ڪري گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.

سنڌ ۾ ان تمام گهڻي ۽ عمدي قسم جي پيدا ٿئي ٿي. صوبي ۾ جتي ڪٿي رڍون جام آهن ۽ خاص ڪري اڀرندي طرف ٿر جي رڻ ۽ الهندي طرف کيرٿر جبلن جي لاهين تي رڍون تمام گهڻي انداز ۾ ملن ٿيون.

ان کانسواءِ، ٻڪريءَ جي وارن (ڏاس) مان به ڪيتريون شيون تيار ٿين ٿيون: جهڙوڪ ٿلها ڪمبل، جن کي ”خرير“ چيو وڃي ٿو ۽ ”خرزينون“ جن کي باربردار جانورن تي اناج کڻڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، اهي خرزينون گهڻو ڪري ڪاري يا ناسي رنگ جون ٿينديون آهن ۽ نهايت پائدار ۽ مضبوط هونديون آهن.

ڪپڙي جي صنعت جو زوال

ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري سنڌ جي ڪپڙي، خاص ڪري سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي جي طلب ۾ ڪافي گهٽتائي اچي وئي، انهن جا ڪيترائي اندروني توڙي ٻاهريان سبب هئا.

انگلينڊ ۾ تجارتي پاليسي ۽ صنعتي طور طريقن ۾ انقلاب اچٻڻ ڪري ڪپڙي جي صنعت ڪافي ترقي ڪري چڪي هئي. صوبي ۾ اندروني طرح سياسي بدامني ۽ بي آرامي ۽ ٻاهريان حملا سنڌ جي حاڪمن جي حڪومت جي بدانتظامي، ماڻهن تي خواهه مخواهه جون ڳريون ڍلون ۽ محصول وجهڻ ۽ سنڌ جي مکيه واپاري طبقي جي هنرن سان سندن جابرانه نيتي، مقامي اميراڻي دور جو خاتمو زراعت جي زواليت، اهي ۽ ٻيا ڪيترائي سبب سنڌ جي ڪپڙي جي اهم صنعت جي زوال لاءِ جوابدار هئا. نتيجو اهو نڪتو، جو تيار ٿيندڙ ڪپڙو بناوت ۽ خاصيت جي لحاظ کان ڪرندو ويو. 1767ع ۾ انگريز ايجنٽن لکيو ته ”هن ملڪ جي ڪپڙي جو اوڄو ايترو ته خراب آهي، جو هندستان جي ڪنهن به ڀاڱي ۾ انهن جو ڪو به کاپو نٿو ٿئي. سواءِ سندس پاڙيسري پرڳڻن، شڪارپور ۽ ملتان، جي، جتي البت اهو ڪپڙو چڱي طرح وڪامي ٿو.“

انهي طرح سنڌ جا مشهور ڪپڙا، جن لاءِ هونئن ڪنهن وقت ٻاهرين مارڪيٽن ۾ بيحد طلب هوندي هئي، سي بنهه استعمال مان نڪري ويا ۽ خاص ڪري يورپ ۽ ٻين پرڏيهي مارڪيٽن ۾ انهن جي ڪابه طلب باقي نه رهي. انگلينڊ جي صنعتي انقلاب اچڻ کان به اڳ ۾، انهن جي بدران انگلنڊ جو تيار ٿيندڙ ڪپڙو وڪامڻ لڳو. جيئن جيئن سال گذرندا ويا، تيئن تيئن حالت بگڙندي وئي ۽ جڏهن انگريزن سنڌ کي انگريزي سلطنت سان ملائي ڇڏيو، تڏهن سنڌ ۾ سندس مشهور معروف ڪپڙن جو نالو نشان به نه هو. 1837ع ۾ اليگزينڊر برنس لکيو ته ٺٽي ۾ هزارها ڪوري هوندا هئا، جي ٻاهران درآمد ٿيل ڪچي مال مان عاليشان ۽ قيمتي ڪپڙا ٺاهيندا هئا، انهن جا خير ڪي نشان وڃي رهيا هئا برٽن به افسوس ڪندي لکي ٿو ته ٺٽي ۾ جيڪي پنج هزار آڏاڻا هئا، جن ۾ سڄي وچ ايشيا ۾ مشهور معروف شالون ۽ لونگيون ٺهنديون هيون، انهن مان فقط ڪو ڊزن کن مس وڃي بچيو آهي.

نير

سترهين صدي جي ٻي مکيه صنعت هئي نير يورپ توڙي ايشيا جي ملڪن ۾ نير جي ڏاڍي طلب هوندي هئي، انهي ڪري يورپي واپاري هندستان ۾ نير تيار ٿيڻ جو مکيه مرڪزن کي ڳولڻ ۽ جاچڻ لاءِ پوئتان لڳل هئا. نير جا مشهور قسم گجرات ۾ سرکج ۽ آگري کان پنجاهه ميلن جي مفاصلي تي بيانا ۾ تيار ٿيندو هو پر پوئين شهر ۾ تيار ٿيندڙ نير بهترين سمجهيو ويندو هو. سنڌ به زمين ۽ آبهوا جي لحاظ کان هن رنگ جي پيدائش لاءِ موزون هئي ۽ سنڌ جو پوکيل نير به عمدي قسم جو سمجهيو ويندوهو.

سترهين صدي ۾ هندستان جو هن مال ۾ ٻاهرين ملڪن سان واپار تمام گهڻو وڌي ويو، انهي برآمدي تجارت ۾ سنڌ جو به چڱو حصو هو. سنڌ ۾ نير جي پيدائش جو مکيه مرڪز سيوهڻ هو، جتي ساليانو اٽڪل ٻه سئو مڻ نير پيدا ٿيندو هو. انگريز ايجنٽن جي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي نير جي خاصيت اطمينان جوڳي هئي. هڪ اهڙي حوالي ۾ انگريز ايجنٽ پنهنجي بالادستن ڏانهن لکي موڪليو ته هنن ”سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ نير اهڙوئي ڏٺو، جهڙو بيانا ۾ تيار ٿيندو هو“ پر ڏسجي ٿو ته سنڌ جي نير جي اها خاصيت گهڻو وقت قائم نه رهي سگهي. قيمتون گهٽ هجڻ ڪري سنڌ ۾ نير پوکيندڙن انهي ۾ واري ۽ ريتي گڏي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهي ڪري هتي جي مال جي خاصيت ڪري پئي. 1640ع ۾ سنڌ مان موڪليل نير ”سر کيج جي نير کان بهتر سمجهبو ويو پر بيانا جهڙو سٺو نه هو.“ سنڌ جي انهي ملاوت جون شڪايتون جيئن پوءِ تيئن گهڻيون ٿينديون ويون، نتيجي طور بينگال جئميڪا، جاوا ۽ ويسٽ انڊيز جا ملڪ ”انهي ميدان ۾ سنڌ جا مقابل بڻجي آيا: ۽ سترهين صدي جي آخر ڌاري هن مال جون سموريون ٻاهريون مارڪيٽون سنڌ جي هٿن مان هميشه لاءِ موڪلائي ويون، انهي کانپوءِ به خراسان ڏانهن سنڌ مان نير جو ٿورو انداز برآمد ٿيندو رهيو پر اهو ڪو سندس خاصيت خالص هجڻ ڪري نه، ڇو ته خاصيت جي ڪري ته بينگال جي نير جي اڌ قيمت تي به ڪين ٿي وڪاڻو پر رڳو رنگ پڪي ۽ جٽادار هئڻ ڪري اتي پيو وڪامندو هو اڄ تائين سنڌ ۾ نير پوکيو ويندو آهي پر جيڪو ٿورو مقدار نير جو پيدا ٿئي ٿو سو هتي ئي مقامي مسلمانن جي شلوارن ۽ پٽڪن جي رڱاڻي جي ڪم اچي ٿو.

شورو: سنڌ جي زمين ۾، خاص ڪري دوآبي واري حصي ۾ شورو گهڻو ٿئي ٿو. ڪن ضلعن ۾ زمين جي سطح تي هڪ ٿلهو ڪلراٺو تهه چڙهيل آهي، انهي تهه کي کرڙي ٿوري محنت سان ان مان شورو تيار ڪيو ويندو آهي.

سترهين صدي جي ٻي چوٿائيءَ تائين انگريز ايجنٽن شوري جي پيدائش تي ڪو ڌيان نه ڏنو، هندستان مان شورو فقط جهازن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نيو ويندو هو. سنڌ جي انگريزن ڪوٺيءَ جي مهتم فريملن کي سورت جي ايجنٽن (1635ع) لکيو ته ”انهي پاسي (سنڌ ۾) شورو تمام گهڻي انداز ۾ تيار ٿئي ٿو. پر اوهان کي خبر آهي ته اسان جي حاڪمن کي ڪا ٿوري گهرج آهي ته فقط جهازن ۾ مال برداريءَ جي ضرورت لاءِ پر ان لاءِ به ان جو بهترين قسم هجڻ لازمي آهي“ جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن ان جو ڪارج وڌندو ويو، ڇو ته شورو بارود ٺاهڻ لاءِ مکيه جزو هو، انگلينڊ ۾ گهرو لڙائي وقت (35- 1642ع)، شوري جي درآمد قومي اهميت جو هڪ معاملو بڻجي پيو. 1660ع ۾ سنڌ جي انگريزي ايجنٽن کي حڪم مليو ته ”اوهان جي پرڳڻن ۾ جيترو به گهڻو شورو ملي سگهي، اهو مهيا ڪريو.“ انهي صدي جي آخر ۾ شوري لاءِ طلب ايتري وڌي وئي، جو رسد پوري ڪانه پئجي سگهي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني خلاف سنگين شڪايتون ٿيڻ لڳيون ته شوري جو گهربل مقدار مهيا ڪرڻ ۾ ناڪامياب ثابت ٿي هئي.

جڏهن شورو امن امان جي وقت جي ڌنڌن جهڙوڪ شيشي جي سامان، ڪپڙي جي رڱاوت وغيره ۾ استعمال ٿيڻ لڳو، تڏهن ته ان جي طلب تنها ئي وڌڻ لڳي، انگلنڊ ۾ ڪپڙي جي صنعت جي ترقي ڪرڻ ڪري ان جي درآمد هيڪاري وڌي وئي. ايتري قدر جو 1758ع ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ شوري جي هڪ هٽي حاصل ڪرڻ جي ”خاص مقصد“ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ ۾ ٻي ڪوٺي به جاري ڪئي ۽ شاهي فرمان حاصل ڪري هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. سنڌ ۾ انگريز ايجنٽ ڪرو، 1799ع ۾ لکي ٿو ته انگريزي ڪوٺي وارن شاهه بندر تي شوري کي صاف ڪرڻ ۽ ڪاڙهي قلمي صورت ۾ آڻڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪم شروع ڪري ڏنو، پر سنڌ جي شوري جي اها طلب گهڻو وقت قائم نه رهي سگهي، ڇو ته بينگال مان سستو مال درآمد ٿيڻ لڳو هو. 1837ع ۾ اليگزينڊر برنس لکي ٿو ته جيتوڻيڪ سنڌ گهڻي انداز ۾ شورو پيدا ڪري ٿي سگهي پر سنڌ جي مال تي ٻين هنڌن جي سستن قسمن جو شورو غائب پئجي ويو. هن صنعت جو زوال به ايترو مڪمل طرح آيو جو سنڌ کي انگريزن جي فتح ڪرڻ وقت سنڌ جي برآمدي واپار ۽ ان جو نالو به ڪو نه ٿو لڀي.

چوپايو مال ۽ کير مکڻ جي پيدائش

سنڌ اڄ به هڪ زرعي ملڪ آهي، سو انگريزن جي اچڻ کان اڳ ته پاڻ وڌيڪ زرعي ملڪ هو، زراعت ڪافي وسيع پيماني تي ڪئي ويندي هئي ۽ زمين جون وڏيون وڏيون ايراضيون چراگاهن طور استعمال ۾ اينديون هيون. خاص ڪري اتر سنڌ ۽ برپٽ وارن ٽڪرن ۾ سنڌي ماڻهو ڪافي انداز ۾ ننڍو توڙي وڏو مل (رڍون ۽ ڳئون وغيره) پاليندا هئا. هر ڳوٺ ۾ مينهون، ڳئون، رڍون ۽ ٻڪريون جام هونديون هيون. حقيقت ۾ سنڌ ۾ دولتمند ۽ عزت دار ماڻهو ان کي سمجهيو ويندو هو، جنهن کي پنهنجو ڳچ چوپايو مال هوندو هو، جنهن ماڻهوءَ وٽ چوپائي مال جو هڪ يا ٻه وهٽ نه هوندو هو ته ان کي نهايت غريب سمجهيو ويندو هو. کير، ڏڌ مکڻ ماڻهن جو عام کاڄ هو ۽ باقي جيڪو مکڻ ۽ گيهه بچندو هون، سو وڪڻي ڇڏيندا هئا.

هن دور ۾ لکندڙن جي ڪيترن بيانن مان سنڌ جي چوپائي مال جي اڻکٽ ذخيري ۽ کير مان تيار ٿيندڙ شين جي نيڪي جا ڪيترائي حوالا ملن ٿا. آئين اڪبري جو مصنف لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ ڏڌ ۽ لسيون بهترين قسم جون تيار ٿين ٿيون.“ جيڪي چئن مهينن تائين رکي سگهبيون هيون انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته نصرپور، سيوهڻ ۽ بکر مان ”هتي تمام گهڻو مکڻ ۽ گيهه کڄي اچي ٿو. مارنريق لکي ٿو: هن ملڪ ۾ چوپايو مال- خاص ڪري مينهون، تمام گهڻي انداز ۾ موجود هيون-“ ۽ منوڪي اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”هت مکڻ تمام گهڻو ٿئي ٿو، جو مسقط ڏانهن برآمد ڪيو وڃي ٿو.“ هئملٽن به لکي ٿو ته ماڻهن وٽ ”ڪارو چوپايو مال (مينهون) تمام گهڻو آهي ۽ وهٽ سٺا ۽ وڏا آهن، جن مان هر هڪ منجهان هوند 80 کان 100 پائونڊن تائين بهترين قسم جو گوشت ملي. هتي ماڻهو مکڻ گهڻي انداز ۾ برآمد ڪن ٿا، انهي مکڻ کي وٽڙائي، چوپائي مال جي کلن سان ٺهيل مرتبانن ۾، جن کي ”دپا“ (Dappas) سڏيو وڃي ٿو. ٻاهر موڪليو وڃي ٿو.“ چوپائي مال اپائڻ ۾ سنڌ کي ايتري ته اهميت حاصل هئي جو انگريزن سنڌ ۾ ٻي ڪوٺي (75-1758ع) انهي خاص مقصد سان برپا ڪئي ته سنڌ مان ”سڱن وارو چوپايو مال“ برآمد ڪيو وڃي. انگريزي ايجنٽن کي خاص هدايتون هيون ته کين صوبي جيترو چوپايو مال ملي سگهي، اوترو مهيا ڪري ڏين.

گهريلو جانورن ۾ اُٺ ٻئي نمبر تي مکيه جانور هو. ائين اڪبري جو مصنف لکي ٿو ته ”اٺن جو هڪ عاليشان نسل پيدا ٿئي ٿو.“ اڳتي هلي ڪٿي لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ اٺ گهڻي ۾ گهڻا ملن ٿا. ڪيترن باشندن کي ڏهه ڏهه هزار، پاڻ وڌيڪ اٺ آهن. اجمير جا اٺ تکي ۾ تکا آهن پر باربرداري جي ڏاو جا بهترين اٺ ٺٽي ۾ پاليا وڃن ٿا“ انهي طرح ڪرو به لکي ٿو ته ”صوبي ۾ هر هنڌ اٺ گهڻي انداز ۾ پاليا وڃن ٿا.“ اڄ به اهوئي دستور هلندو اچي ٿو. خاص ڪري درياءَ ۽ سمنڊ جي ڪنارن تي ڪچي وارن حصن ۾ لئيون لائا ۽ ٻيا گاهه پکا جام ٿين ٿا، جن مان اٺن لاءِ سٺو کاڄ حاصل ٿئي ٿو.


[1] . بوڪارو- مير سمئن جو ترجمو، جي. ايس. ايڇ. ايس، جلد 4، ص. 4، ص. 201

[2] . او. سي جلد 15، نمبر 1549

[3] . اي. ايف. آءِ، 1637-41، ص 57

[4] . ٿيوناٽ، ص 176

[5] . ٿيوناٽ، ص 176

[6] . هئلمٽن، ص 75

[7] . اي. ايف. آر. ايس، جلد 84، ڀاڱو 3، ص ص 50-1

[8] . اي. ايف. آءِ، 1637-41، ص. 57

[9] . اي. ايف. آءِ، 1637-41، ص 197-8

[10] . مسوڊو، ليٽربڪ، نمبر 10، ص، 567

[11] . جي. ايس. ايڇ. ايس، جلد 4، ڀاڱو. 527

[12] . جي. ايس. ايڇ. ايس. جلد 4، ڀاڱو 4، ص 201

[13] . پورچوگيز رڪارڊ، نوٽيسازڊا انڊيا- جلد 1، 1575-1744 ص ص 173-4

[14]. او سي جلد 15، 1547

[15]. مانريق، ص 16-7

[16]. هئملٽن، اي نيو اڪائونٽ آف دي ايسٽ انڊيز، ص ص 76

[17] . پاٽنجر، ٽيويولس. ص 352

[18] . او. سي. جلد 15، نمبر 1549

[19] . او. سي، 15، نمبر 1549

[20] . پوسٽنس، آبزرويشنس، 104

[21] . پوسٽنس، آبزرويشنس، ص 104.

[22] . ”چمڪدوزي“ معنيٰ چمڪي واري اوڄ.

[23] . هئملٽن سنڌ جي ڀرت جو ذڪر ڪيو آهي، ص 76.

[24] . ايٽڪن گزيٽيئر، جلد. الف، ڀاڱو 391

[25] . ايضا، ص. 254

[26] . بي ڊي مير چنداڻي انهي جو حوالو ڏنو آهي، دي انگلش فئڪٽري ان سنڌ، (56- 1775) جي ايس ايڇ ايس جلد 3، نمبر 4، ص، 72

[27] . برنس، ٺٽي جو واپار، ص. 1

[28] . برٽ، دي ان هئپي وئلي، جلد. 1، ص 101

[29] . پنت موجب – ”ڪامرشل پاليسي آف دي مغلس“، ص 141

[30] . اوسي جلد 15، نمبر 1549، خان لکي ٿو ته عام طور گهربل ذخيرو 100 کان 200 ٽن تائين ساليانو هو، ص، 260

[31] . اي ايف آءِ، 1637- 16431، ص ص 197- 198

[32] . ايضا، 274

[33] . خان، ص. 260

[34] . ڪارليس، بامبي رڪارڊس، 17، ڀاڱو 1، ص 202

[35] . پوسٽنس، ص. 95

[36] . بالڪرشنا، ص ص 100-101

[37] . ايف. آر. ايس، جلد 1، ص 395

[38] . خان، ص 13

[39]. ايف آر ايس، جلد 85، ص ص 137- 139 پڻ ايضا، ص 247

[40] . پ- ڊي- ڊي. نمبر 31- بي- 3785 ص. 593 ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ايراني نار جي واپارين کي نير جو واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، توڙي جو سنڌ ۾ ان خلاف اعتراض واريو ويو هو.

[41] . ڪرو، جي ايس ايڇ ايس، جلد 1، ڀاڱو 2، ص 43.

[42] . برنس، ميموئر آن دي ڪامرس آف حيدرآباد، پڻڏسو مئڪمرڊو، هسٽري آف سنڌ، ص 13.

[43]. آئين 2، ص 337.

[44]. او سي جلد 15، نمبر 549

[45]. مانريق، جلد 2، ص 339.

[46] . منوڪي، اسٽوريا ڊي موگوز، 11، ص 227.

[47] . هئملٽن، ص 76.

[48]. جارج بورچر کي مليل هدايتون، مورخ بامبي ڪئسل 18 ڊسمبر، 1758ع، ص ڊي ڊي ص 596هه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23  

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org