سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :30

 

وڃڻ ديوان جو سنڌ ڏانهن واسطي واپار اَنّ جي ۽ موٽي ورڻ تنهن جو واسطي نِيڻ پُنونھ ڄام جي:

 

ڏنو خان خانن بورائو جڏهن

هليا سنڌ ڏانھ سي سگهيا ئي تڏهن

ڪڍي قافلو سي قطاري چڙهي

ڇِپُن، چوٽين، ڏونگرن تان لَڙي

رسيا سي اچي سنڌ جي ۾ ڀنڀور

مليو ٿي جتي اَن گهڻو ۽ اَنور

رهيا جان تتي تان ٻُڌي تن توار

هُئي جا سسئي جي حُسن جي پچار

ته سونھ ساڻ سسئي َسڄيائي پري

ڪنا ديد دل جنھ ٿئي ٿي چَري

پَسي جو ساراهي سدا سو الله

ٿئي مَحو صورت اندر تنھ پساهه

 

ٿئي محو سو جو ڪري ديد دم

چُري ڪين تنھ ماڳ کان ڪو قدم

نڪو روم دلبر، نڪو ڪو عراق

وڌئين چين ماچين ۾ سونهن هاڪ

نه توران ايران ۾ اصفهان

سسئي جي مثل ڪنھ سُڄن ٿا نشان

مثل تنھ نه ڪرِمان ۾، ۽ ارِم

نِيا نينهن سسئي سندي سؤ اِسم

ٻُڌي ڳالهه ديوان جاسوس ٿي

هنر ساڻ ڪنھ جان وڃي سا ڏٺي

ڪنن ساڻ تان جو ٻُڌائين حسن

تِهان پڻ زياده ڏٺائين حسن

ڀانيائين تڏهن دل اندر پانهنجي

ته پَرمل پُنونھ هِت هُتان آڻجي

اچڻ جي پنونھ جي ڪجي ڪا صلاح

سبب جنھ سَسُوئي ڪري ۾ نڪاح

ڪري ڳالهه سا سڀ هئين ۾ هجي

سِبائي ٻورا پڻ  اَننّ جا اِتي

ڀري ساٿ سو سڀ وريو ڏيھ پار

ٿيا واٽ ۾ ڪي ڏهاڙا گُذار

رسيو سو جڏهن خان مهَندا اچي

نيازان تڏهن پيش هٿڙا ٻڌي

 

ادب سين گهڻي ۽ نِمائي مٿو

سندو سندڌ ديوان گفتو اُتو

ته اي خان خانن جا والي وڏا

اسان مُلڪ ماڻهن جا عالي اَجها

سَڀت سنڌ سبزي سدائين سُڪار

پئي ڪونه ڪو تنھ اندر ٿو ڏڪار

اَنن جا قِسم سڀ سدائين ملن

وکارون ڀريون ۽ لِتا ۾ کرن

هنڌان هنڌ گلزار ڪشمير آ

مينهون مال، مِڙ ماڳ، کنڊ کير آ

ماڻهو تنھ سندا سڀ سدائين مٺا

حُسن خُلق ۾ مون چڱا سي ڏٺا

سدائين سچي تن سندي دوستي

سدا وير گفتار تن جي مٺي

ٿئي ڪين ماڻهو تني کان پري

جيڪو وير مجلس اُني سين ڪري

پنونھ ڄام پَرمل هلي جي چڙهي

لڪن ڏونگرن چوٽين تان لَڙي

ته ڪي روز قسمت سندا ئي لنگهاءَ

ڪري سَير موٽي اچئون ڪيچ ڪاهه

پَسن شان پڻ ڄام جو سي تمام

چڙهي ڄام جن کان لنگهي نيڪنام

 

ڏنو خان تنهن دم تهين کي جواب

اکين جو اسان کي پُنونھ آهه آب

سوا تنھ سَري ڪين ڪا هيڪ وير

اسان جي پنونھ ساڻ سڀ وير هير

اِتي پڻ سندو ڄام سَوَ ڪن سلام

تابع ڪيچ مڪران تنهن جو تمام

ته پڻ ڪين ديوان دعوى ڇڏي

ڪيائين وري پڻ نيازي وڏي

چيائين ته ڏونگر سڄي جا ڌڻي

اينداسون سگها جي گهري ٿو ڌڻي

پهرين ڳالهه پَر سا ڀنڀوران اچي

پنونھ ساڻ ديوان ڪي هئي ڳجهي

ته اي ڄام ڄامن وڏيرا پنونھ

ٿئي شال تو عيش دائم سمؤنھ

رهي سنڌ دلبر سَسؤئي حسين

مثل گل گلزار جي نازنين

سسئي گل، گل سين تُري بار بار

سونهي، بلبلن کان سندو تنھ تنوار

مثل چنڊ جحري سندو تنھ جمالي

ڪيو هوش پَرين سندو جنھ زوال

ڪرين جي پنونھ ڄام ديدار تنھ

پسين جي حسن سونهن سينگار تنھ

 

ته ڀلبي نه توکي وري سا ڄمار

هوندي تنھ سندي تو سدائين اتنوار

سبب تنھ سندي سنڌ لاءِ پُنونھ

ڪري ياد دل ۾ ڳجهو ٿي رنو

ڏٺي خان آخر جڏهن سا صلاح

ڪيائين تڏهن ڳالهه تن جي صباح

ڏنائين رضا ڄام ڄامن ڀنڀور

قضاسين هلن ڪنھ سندا ڪين زور

قضا تي رضا جي سندي سو پسند

بي راضي گهڻو ٿو ٿئي ناپسند

قضا جي ڪڏهن ڪونه اڳتان اچي

رضا ساڻ توڻي هئين ۾ پڇي

ٿئي تئن جنھ پر ڪري رب پاڪ

ٽري ڪين جي تون ڪرين پاڪ خاڪ

ٿئي ٿو جڏهن جو گهريائين اڳي

تڏهن دل نه صابر شڪر سين ٿئي

خزانا گهڻا ۽ لکين ڪيميا

صبر سين برابر نڪي سي ٿيا

صبر جو ثمر سو کُٽي ڪين مُور

ٻڌيم ڳالهه اِي عارفن کان اسوُر.

بيان منجهه تياري قافلي پنونھ جي، طرف سنڌ جي:

رضا خان خانن سنديائي ٻُڌي

سرهائي هئين ۾ پنونھ جي وڌي

پنونھ ڄام ڄامن سندو خوش ٿيو

سانباهو سفر جو تڏهن تنھ ڪيو

سانڀاهي سفر جي تڏهن تن ٿيي

قضا وير وارو جنبي ٿي بهي

قضا ڪَل نڪي ڪنھ ڪري مهند دم

وجهي وير ويسر مٿي تي قدم

مارک ۽ ٻٻر جي وڏيرا هئا

پنونھ ساڻ سانباهه اندر سي يٿا

غُلاماڙ، بُرفت، بِروئي، مَري

مِڙدوئي، ميراجي، سَهپا تي سڀي

اچي پيش حاضر پنونھ جي ُاڀا

سپاهي سڀئي ميگلا ڄام جا

باري ۽ مَهري سڀ قَلاتي مَيا

چونڊي ڪيچ مڪران کان تن ڪڍيا

ڪَڪا اُٺ ڪاري ڪپارن ڪئي

هلڻ سين ڏٺي ٿي جني جي رئي

ڳاڙهي رنگ پڻ رنگ سونهڻا ٻيا

سفر لئي سينگاريا هيڪاندا ٿيا

جهڙي جوڙ جبلن جي هرڻن سندي

تهڙي سونھ ٿي صاف توڏن سندي

ناڪيليون نڪن تن سندي سونيون

مهارون موتين ساڻ ريشم سنديون

سيليون ۽ مُڇيون گور ڳانا زري

هئي تن سڀن ۾ ڳُتا جوهري

تليون، ٽؤنر، زانوبندن زور صفا

هيرا لعل موتي تني ۾ جڙا

پاکيڙا مين تن مهارون اُتي

جي بُختي هئا جيئن هلن ڀون مٿي

ڪَتب ڪن سندا پڻ چڱا ۽ نوان

رنگا رنگ گل پڻ، جني ۾ چڱا

رپي، سون، جوهر جڙا تن سندي

سوناري نقاشي چٽي تن سندي

غاليچن مثل پڻ ٻورا ڪن اُٺن

جهاٻا ۽ جهوڙا تن سچن موتين

چڱي خاص خرزين سڀڪا هئي

زري ساڻ يڪجا هيڪاندي هئي

غاليچا فراشيون ڪني تي هيون

ڪني خاص ڪمخواب جون گاديون

ڪشا قرمزي تنگ ريشم سندا

عجب چال ڪيچين هئا سي ڳُتيا

ڄاريون سڀ ڪٽورن سنديون ئي زري

مٿن گلّ جهڙا ڪري گل پري

 

پلاڻي ميا پن ٻَڌي اوهيُون

سٽائون سفر جون تني جوڙيون

سمر سڀ سفر جو ڪيائون تيار

ٻڌائون کٿوري سندو ساڻ بار

ٻڌي چيلهه مردن تياري ڪئي

هلڻ جي خوشي تن سڀن ۾ ٿئي

سفر جو ڪري ويس سيئي اُڀا

کنيائون نظر ڪيچ مڪران تا

کڻن سي نظر جن سسئوئي سڏي

وڃي ڪيچ سڀڪو هتيئي ڇڏي

ڇڏي ڪيچ سڀڪو وڃي هيڪلو

سسئيءَ ري نه وڃ ۾ تني جوجهلو.

نصيحت خان جي ديوان کي وقت چڙهڻ سين حُسن سسئي جي:

جڏهن ڄام ڄامن تياري ڪئي

ڪنا ڪيچ بلڪل بيزاري ڪئي

چيو خان تان خاص ديوان کي

نِيين ڄام ٿو ڪيچ کان سنڌ ڏي

سسوئي سُڄي جا تتي ٿي حسين

پڌر نازنين اندر نازنين

حسن جو وڌو تنھ هُلاچو سڀت

پَسن جي ملي ڏيج تن روڄ رت

ٻڌي ڳالهه سڀ مون سندي تنھ جمال

وڌو جنھ پَرين کي وڏي ۾ خيال

بخارا اندر تنھ سندي گفتگو

شيرازي ڀريا شوق سين مُو به مُو

چتون ڀونر بستان جا قمريون

سنڀ منجهه سسئي سنديون ڳالهيون

چيو ٿي گلن تي مڙي بلبلن

ڇڏي باغ ڪيچي ڇڏي کي ٿَڏن

ڇڏي ڪيچ ڀينر هلو سڀ تتي

سسوئي گذاري چمن ۾ جِتي

مثل جنھ نڪا روم ايران ۾

نڪا چين، ماچين توران ۾.

پريون پُدمڻيون تنھ مٿان ئي فدا

لڄن پيش تنھ گل بستان جا

رکن گل پڻ تنھ سندي سِڪّ سڌ

مهندا تنھ جي مرون سندا ردقد

مثل گل نازڪ مثل گلّ  ڦلّ

تنھ جي هار ۾ سئو سدائين املّ

پيشاني مثل چنڊ چوڏهين سنديس

رهيو سيجّ سيني سندو تنھ هوس

اکيون مست آهو مثل سا رکي

کڻي نيڻ ڪو ڪونه جنھ ڏانهن سگهي

 

ڪماني ڀرون تن سندا تير پلڪ

هنئين ۾ لڳن ديد سين ساڻ پلڪ

ڪارا وار مشڪي نڇا پيچ پيچ

مثل جن ارم ڪين مڪران ڪيچ

عجب رنگ ڳاڙهي سندي ئي ڳلن

وڌو عشق ۾ باغ جي کي گلن

سندي باغ بلبل مٿي تن چري

وڃي ڪين گلزار ڏانھ سا وري

مثل گل لالا، مٿن خاص خال

پريون پدمڻيون جن وڌيون ۾ جنجال

پسي نڪاّ نازڪ سندو ڪي خموش

پريزاد پنهنجو ڇڏي ڄاڻ هوش

ننڍو وات غنچي مثل تنھ سندو

پسڻ ساڻ حيران جنھ جي بندو

سنهان لال لب ۽ قطارون ڏندن

کٽڻهار ڪلين ڪنا سي سونهن

سنهي سُرخ ساري سندي تنھ زبان

سدا صاف بلبل مثل تنھ بيان

نڪا باغ بلبل، نڪا ڪا پري

سسئي جي مثل جنھ کي ٻولي سري

نڪا کڏّ کاڏي سندي تنھ مثال

پرين پدمڻين جي رکي ٿي جمال

 

منجهان ناز مرڪي جڏهن سا کِلي

پري حور تنھ دم پَسڻ لئي مِڙي

ڳچي ناز پرور سندي مور هنج

سُونهي هار هيري سندو جنھ جي منجهه

سينو صاف، ڪينو تني جو ڀڳو

نقارو حسن جو جني جو لڳو

پگهر مان تنھ عنبر سندي بُو اچي

خَتن جي کٿوري منجهان جنھ رچي

ڪَرايون ڪُنگو ۽ قلم آڱريون

لکن سي عشاقن سنديون ڳالهيون

سنهان مُوءَ پاڙُن ڪنا تن سندا

نرم زور ريشم مثل جي صفا

نرم زور ڳاڙها سنهان قرمزي

عقل جن ۾ عاجز ٿئي هُرمزي

سنهي چيلهه مُٺ ۾ سندي تنھ اچي

جَنهين ڪاڻ دل عاشقن جي سِڪي

صبح شام بُستان ۾ لئي هوا

اچي ساڻ سرتين سسئي دلربا

منجهان ناز نازڪ نظر جي کڻي

پَسڻ سان پَري تان ڪليجو هڻي

ڀري ڀؤنر، بلبل، گُلن مان ڪِرن

ٿَڏا باغ ۾ سڀ خوشي کان ٽِڙن

 

سدا نيڪ نيتّ، سدا خوش طبع

جيڏيون محل ۾ تنھ اڳيان ئي جمع

اهڙو عَهد ۾ ڪونه دلبر سُڄي

پَرين پدمڻين ۾ نه پرور سُڄي

متان ڄام ڄامن اَڙائين وڃي

وفا ٻول پنهنجي سنديائي ڀَڃي

ٻڌي ڳالهه سا ڄام ڄامن پُنون

ڪري ياد سسئي ڳجهو ٿي رُنون

زبر عشق جي آشنائي زبر

ڪري مرد مشتاق زيرو زبر

پهريائين سندو حَبّ رستو رکي

مثل نانگ مشتاق پوءِ ڪَکي

ڏاڍي ذات ٿا تنھ سنديائي چون

اَلعشق نار جنهين کي لکن

پهريائين کِلي هيڪ آڱر وٺي

اَرن منجهه جِي سِر وري سو وٺي

مري ڪيِ جياري، سَٽي ڪي ڦَٽي

اچي اوچتو ٿو جِني کي جَٽي

ڄاڻي ڪين ڪو عشق اسرار کي

ڪري ياد ڪو مرد اقرار کي

ڄاڻي راز عشقي سدائين عليم

لنگهي جنھ منجهان ٿو وڃي ڪو سَليم

 

ڪريان ڳالهه سا جا، ڇڏي مون مٿي

اچي عشق جو پَھ پيو مون اُتي.

 

بيان جواب ديوان جو ۽ ماٺ ڪرڻ خان جو ۽ رضا ملڻ پنونھ کي، طرف ڀنڀور:

جڏهن ڳالهه  سا سڀ اچي ٿي تمام

چيو تِهرَ ديوان ٿي هي ڪلام

ته اي خان خانن جا عالي حضور

نوازيا وڃن تو وٽان سئو ملُور

اينداسون سِگها سَير سنڌ جو ڪري

سڄو قافلو پڻ اَناجن ڀري

پنونھ پڻ نام سنڌ ۾ ڪڍي

ايندو ڪيچ مڪران وَهلو وڌي

ٻڌي ڳالهه سا خان خاموش ڪي

ڏکويوس تنھ وير پر جانِ جي

ڪري ماٺ پڻ ٿي چيائين وري

جدائي پنونھ سين جيڪس مون سَري

نِئي ڄام ديوان جنھ ماڳ ٿو

تِتان مُور موٽي وري  ٿو نه ڪو

موهيا مرد سهسين لکين ئي ڪنوار

رهيا سي تتي جن ڪيو تنھ نظار

گدا بادشاهه سڀ نظر سين ٻڌا

ننڍن ۽ وڏن ڪين لاٿيِ سَڌا

ويا جي ورڻ تن ٿئي مس مس

اچي ڪونه اوٺِي تني واٽ گس

سسئي جي وڃي جي نظر ۾ چڙهيا

وري گهوٽ گهر سي نڪي ڪي وريا

سينگاري بدن پڻ ڍڪي نئون لباس

وٺي مَشڪ عنبير سندو ڌوپ واس

چڙهي زين تازي مٿي جي ويا

وطن ڏي وري ڪينڪي سي وريا

وريا ڪين پُڻ ڪو سنيهو نه تن

مُڪو وير ڪنھ ۾ مِٽن مائٽن

رُوندا رت تن جا سدا مون ڏٺا

چپر ۾ ويڳاڻا وڇوڙيا ڦِٽا

وڃو هاڻ وَهلو، اُڀو قافلو

ڇڏج ڪين پرمل پنونھ هيڪلو

ڇڏج ڪين منهنجو پنونھ نيڻ ٺار

ڇڏج ڪين منهنجو پنونھ جيءَ جيار

ڇڏج ڪين منهنجي هيين جي وندر

آسانبو اکين ۽ ٿڌائي جگر

پنونھ ڄام منهنجي بدن جو پساهه

ڇڏيان ساڻ تو ۽ پَرن سين الله

پيشاني پنونھ جي چمي ٻانھ وجهي

رضا خان رُوندي تني کي ڏني.

 

هلڻ قافلي پنونھ ڄام جي طرف ڀنڀور جي:

 

سفر جو ڪيو ڄام ڄامن لباس

رسيو سو سڀن کي وڏو ٿي وماس

ڪري ڪيچ مڪران خالي ويو

پنونھ جي مثل ڪونه ڪو هو ٻيو

پنونھ ڄام ڪيچي پنونھ ڪيچ سونهن

مثل تنھ نڪو خلق ۾ ڪونه مُونهن

هَوَس ٿي ٿيو تن ڏٺو جن پنون

پَسي ڄام سَرون سدا ٿي رُنون

پيشاني مثل چنڊ ۽ مرگهه نين

خماريا سدا جي هئا روز رَين

لڄايو گلن کي پنونھ جي ڳِلن

ڏٺا ٿي جِني نيھ لڳو ٿي اُانهن

ڪارا زلف پڻ تن مٿي ئي هئا

ڪاڪل وير ڪا پُڻ تتي ئِي هئا

ڪُٺا زلف ڪاڪل سندا جي سرير

ڪفن ڪونه تن جي هئا تن حرير

نازڪ نڪّ پَرين مثل ڄام جو

پرين پدمڻين ٿي اچي جو ڏٺو

موتي ڏند، لب لعل، غنچھ دَهَن

سخن ۾ چَتُون هو پنهون سونهن سڀن

 

ڊگهي ڳاٽ، سيني ڪشادي، دلير

ريشم هٿ پڻ ڄام سين چيلهه شير

چِٽي چيلهه ڏانھ ٿي نهاريو نڪي

مٿي جنھ سونيري جڙا سين ٻڌي

سونيري ٻڌي جھام ڄامن سندي

رنو راز ۾ خان خانن سندي

رنو خان پَرمل، پنهون ڪي وداع

اُٿي ڄام پرمل پنهون ڪي وداع

پنهون ڄام جنھ دم ڪيو موڪلاڻِ

آري خان خانن سندي ساڻِ پاڻِ

چمي پير تنھ دم دعائون گهري

پنهون ڄام وِک قافلي ڏي وڌي

وري ساٿ ساٿين سَراهي تڏهن

آيو ڄام ڄامن سندو ئي جڏهن

چڙهيو ڄام ڄامن مٿي جنھ مِي

سندي سون ڪلنگي، مٿي تنھ ميي

ننڍا پير تنھ پڻ ننڍو هو ڪپار

ڏنگو ڳاٽ، اکيون وڏيون آبدار

ڄنگهون پيٽ آهُو، دَمشڪي هئا

هلڻ سين نه پهتي ٿي تنهن سين هوا

پاکيڙو سڄو سون، گاديون زري

جهاٻا ۽ جهُڙا جن سندا جوهري

 

مهارون، ڪَشا، تنگ، ڳانا ڳُتيا

مُڇين منجهه سيليَن ۾ موتي سچا

ڇڏي ڪيچ ڪيچي هليو قافلو

سسئي جو وطن جنھ طرف ڏي ٿيو

لَڪن ۾ پيو پير تن جو جتي

ڏينهان سونهن، راتيان سهائو تتي

جِتي سُڃّ بستي لڳي تن پَٽن

اچڻ سان ڪيچان پنهون جَتن

آيو ڄام ڄامن هلي سو جبل

نه آيو ڪڏهن ڪو سندو جنھ مثل

اچڻ سان وڻڪار سُرهي ٿِئي

پنهون ڄام سڀ سنڌ سَرهي ڪئي

ڏٺي ٿي جني قافلي جي قطار

نه لاٿي تني ٿي منجهان تنھ نهار

مَرُن مُونهن پڻ ڄام جو ٿي ڏٺو

ڏٺو ٿي جني سُک تَن جو ڦِٽو

ڏٺو ڄام ڄامن جني ئي سَمُهون

ڪنان عشق، رَت آب تن ٿي رنو

حُسن خُلق ۾ ڪي صفت ۾ پيا

ڪي گفتي پنهونءَ جي نهوڙي نيا

پتنگ پيش ڪي پڻ ٿيا سِر وڃاءِ

جؤنري ۾ جلي ڪن سندي عشق باهه

 

جؤنري منجهه آتش، اکين ۾ ڪڪر

وسايو تني مينهن سدا ٿي اَپر

کِيَڻ ۽ پِيڻ پڻ سمهڻ ڪن حرام

وظيفو ڪني وات ۾ ڄام نام

نه ڏينهن رات آرام تنِ ٿي ٿيو

جني دِيد لحظو پنهونءَ جو ڪيو

جني ڳالهه پرپٺ پنهونءَ جي سئي

طلب تان تن پڻ هيئين ۾ هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org