سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 11

Text Box:  

 

2- سگهڙ ماڻڪ خان چانڊئي (تعلقو شهدادپور) جي کنيل ڳالهه

[ماڻڪ فقير ولد جادو خان ولد ماڻڪ ولد جادو ولد هيبت خان ولد جهان خان چانڊيو بلوچ، پاڙو ميراڻي، ويٺل ڳوٺ نبي بخش چانڊيو، تعلقو شهدادپور. ماڻڪ فقير کان هيءَ ڳالهه 1965ع ۾ لکائي وئي جڏهن سندس عمر اٽڪل 65 ورهيه هئي. ان کان ٽيهارو سال اڳ ماڻڪ فقير ميراثي فقيرن کان سکيو، جن جو اڳواڻ جمعو فقير ميراثي هو. ماڻڪ فقير سان گڏ مير محمد راهو ڳالهه کڻائيندو آهي، ۽ سندس ٻالڪو آهي. مير محمد پٽ عبدالرحيم پٽ فقير محمد پٽ راڄ محمد پٽ الهه ورايو پٽ منڍو پٽ عباس ذات راهو، پاڙو آساڻي، ويٺل ڳوٺ پانڌي هڱورو، تعلقي هالا، (اترئون ڀاڱو) ضلعي حيدرآباد جو آهي. ماڻڪ فقير ايتري ڳالهه لکائي جيتري کيس ياد هئي. جيتوڻيڪ ماڻڪ فقير واري ڳالهه اهائي ساڳي ڳالهه آهي جيڪا هو ميراثي فقيرن کان سکيو، پر ٻنهي ڳاليهن ۾ ٿورو فرق آهي. تنهنڪري هن ڳالهه کي ڌار رکيو ويو آهي. ماڻڪ فقير هيءَ ڳالهه سورٺ جي سر مان کنئي. ن - ب[

اول نام الله  جو، اي ٻانها! ٻي نه لڳ
لڳ ڀلي جي آسري، جنهن پر سارو جڳ
ري ٿنڀين ري ٿوڻئين، آگي عرش اَڏايو اَڀ
جنهن ۾ تارا ڏيوَن تجلا، ٻيو چوڏس خلقيئين چنڊ
مالڪ ساري ملڪ تي، ٻيو صاحب جوڙيو سج
مير مديني مصطفيٰ، پانڌين اوڏهين پنڌ
پانڌين پنڌ پورا ڪري، حاجين بخشي حج
اڳ ۾ هلندو مصطفيٰ، پٺيان عالم سارو جڳ
تون به وٺج راهه رسول جي، جيڪو دين سندو آ دڳ.

---

لال قلندر لاڏلا! تنهنجو قبو آ قرارو
ٻڌجي ٻن ڪنڌين ۾ تنهن نر جو نغارو
عرش ۽ ڪـُـرش ۾ تنهن جو طبل طومارو
بـِـيسـِـي ڄام ڀـِـٽن ۾، جنهن جو ڏينهڪ ڀانڊارو
نوح مخدوم هالن  ۾ آ سرور سوڀارو
پنجتن پاڪ پيارا، جن اِسلام آ اُجاريو
ٻيو خاصو يار رسول جو آهي اويس سوڀارو
پڙهو ڪلمو ڪريم تي، جنهن پر ڇٽي جڳ سارو.

دودو ۽ چنيسر ٻئي ڀائر، نهري دودي جا پٽ هئا. نهري دودو ۽ ڏونگر راءِ، اهي ٻئي ڀونگر راءِ جا پٽ هئا. ڀونگر راءِ جي مرڻ کان پوءِ پڳ ملي دودي کي، جنهن جو پيءُ نهري دودو گـُـجرن واري جنگ ۾ مارجي ويو هو. نهري دودي کي ٻه زالون هيون: هڪ ڏاڏي پوٽي ۽ ٻي لـُـوهاري ذات جي هئي. نهري دودي کي ڏاڏي پوٽي مان هڪ ڌيءَ ٻاگهي هئي. گجرن جي لڙائي تي وڃڻ کان اڳ نهري دودي پنهنجي ڏاڏي پوٽي زال، جنهن کي اٺون مهينو پيٽ هو، تنهن کي چيو ته: منهنجي مرڻ کان پوءِ جي پٽ ڄمي ته مٿس منهنجو نالو رکج. جڏهن نهري دودي جي جنگ ۾ مري وڃڻ جي سڌ ملي ۽ سندس ڏاڏي پوٽي زال کي پڻ پٽ ڄائو، تڏهن هن پنهنجي مڙس جي چوڻ موجب نئين ڄاول ٻار جو نالو  ’دودو‘  رکيو. نهري دودي کي سندس حياتيءَ ۾ لـُـهاري زال مان هڪ پٽ  ’چنيسر‘  نالي اڳهين ڄاول هو.  ’دودي‘  جي ڄمڻ تائين ڏاڏس ڀونگر راءِ جيئرو هو.  ’دودو‘  جڏهن وڏو ٿيو ته ڀونگر راءِ مري ويو. ڀونگر راءِ جيستائين جيئرو هو تيستائين پڳ جو ڪوبه سوال اٿي نٿي سگهيو، پر ڀونگر راءِ جو پاسو کوڙڻ ته يڪدم پڳ جو مامرو متو.

ٻه - ٽي ڏينهن لنگهيا، مـُـئي  ’ڀونگر راءَ‘
مردن ٻڌو مامرو، آڻي پڳ مٿاءَ
تڏهن ويهي خط خيال سان لکيا دودي راءَ
هڪ ڪـَـڇ ڀـُـڄ ڪاڇي ڏي ويا، ٻيا ماٿيلي مٿاءَ
هڪڙا جيسلمير ڏي، ٻيا ٻاهڙمير مٿاءَ
جڏهن آيا ها اجمير ۾ ڏئي جاڙيجا جـُـلبا
چنون چڙهي آيو، ڀٽي جنهن جو ڀاءَ
راڄڙ روڪي آيو باڪو بنگلي ڏانهن
هوڏانهن دنگ لاهور جو، گنگا وهي درياءَ
دودن ديميون آئيون وڳهه ڪوٽ وهي وچاءَ
مڙدن کي ميدان ڏيوي ٻيا گهوڙن داڻا گاه
سما مـِـليا سومرا، ڪل گڏ ٿيا امراءَ
ڀائرن پيهي پاڻ ۾ ڪئي سردارن صلاح:
دودو سڄو آهي سون جو، جنهن کي ريهـُـه رُپي جو ناهه
هـُـن ۾ لـِـڇَ لوهار جي، ساري عالم ۾ اوگياء
پڳ ٻڌايو دودي راءَ کي، جنهن سر جوڙ جڳاء.

دودي راءِ لاءِ ڪچهريءَ ۾ پڳ ٻڌائڻ جو فيصلو پئي هليو ۽ چنيسر شڪار تي وڃڻ ڪاڻ سنڀري تيار ٿيو. کيس پڪ هئي ته وڏو آءٌ آهيان تنهنڪري پڳ مونکي ئي ملندي، پر جڏهن سڌ مليس ته دودي کي پڳ ٿا ٻڌائين، تڏهن انهيءَ خيال کان يڪدم شڪار تي هليو ويو ته متان اسان ڀائرن جي وچ ۾ ڪو ڏڦير نه پيدا ٿئي، ڀلي ته پڳ ٻڌجي وڃي ته پوءِ ايندس. دودي راڄن کي چيو ته: چنيسر منهنجو ڀاءُ آهي، اوهين جي مون کي پڳ ٿا ٻـَـڌايو ته آءٌ وري وڏي ڀاءُ کي اها پڳ ٿو ٻڌايان.

دودي ماڻهو موڪليو وڃي اَدل نهاري آءُ
خاطيءَ خط اُٺائيو ويو ٻارهين پهر بڪار
مير مهاڙي
(1) وچ ۾ هو ويٺو چنيسر راءُ
خاطيءَ خط ڏنو هو تنهن چنيسر هٿاءَ
پڙهيو پروانا ڀاءَ جا، پيو مـُـرڪي مير مـُـنهاءَ
کـِـلي تون ويهه کٽ تي چڙهي منجيءَ موڀي ڀاءَ
هيءَ پيڙهي،  هيءَ پاڳڙي آ تخت پرين تولاءِ
ڀلي بابي کي ڄائيئين، تنهنجي نـِـچ ويائي ماء
پاڻ ڀائر پرچون پاڻ ۾، ٻيا راڄ ڪندا مونکي ڇا!

---

مير مهاڙيءَ وچ مان، چڙهيو چنيسر راء
آيو وير وڳهه ۾ جتي هو دانـَـهه دودو راء
امراءُ اُٿيو ڪونڪو، خود پاڻ اُٿيو بادشاهه
تڏهن ڪي لڙڪي پيا لغام  ۾، ڪي دانـَـهه دُنبچيءَ ڏانه
چون چنيسر راوَ کي، شل لهڻ نه ٿيو ئي جاءِ.

---

وڳا بـِـگل بهادري، جتي ڌوڪڙ ڌان ڌان ڪن
ناز نـَـفيلون وڳيون، ٻـَـڌا سـَـٽڪا ستارن
چنگ اُپنگ اُتي وڳا، ٻي ڌان ڌان دنبورن
ڪئين ڀـَـٽ ڀانَ هئا جيڪي ڪهندا ڪـَـبت اچن
پنجاهه ور پاڳڙي آئي سوني منجهه ٿالهن
پهريون پيچ پريت جو ڏنو دودل پاڻ هٿن
کـِـلي تون ويهه کٽ تي، چڙهي مير مٿي منجن.

---

ادا! پوءِ ٻڌان پاڳڙي، هيڪر پڇان جيجل ماء
ڀرم رکجو ڀائرو! آءٌ اندران ٿي اچان
وڏڙي ماءُ ورهين جي، تنهن کان پڇڻ واجب آهه
پوءِ ٻڌان ٿو پاڳڙي، اول پڇان جيجل ماء.

تڏهن راڄن چيو ته:

لهيو تخت تان جو وڃي سو نه ٿئي بادشاهه
ٻار وڃن ٿا راند تي، سي نه ٿا پڇن ماء
ڀائو! وڃئي ٿي ويل هٿن مان، پوءِ هڻندين هٿڙا.

---

بس بگل بيهي ويا، جن جي تارن ڇڏيو تاءُ
راڻيءَ جي رنگ محل ۾ پيو سازن جو به سماءُ
راڻيءَ چيو ٻانهيءَ کي، در دائيءَ داناء
ته ڪهڙو ويٺو پڳ تي، ڪهڙو ٿيو بادشاهه؟
متان ڀائر وڙهيا پاڻ ۾ تن جو لهي آ سـُـڌ سماء.

---

ٻانهي ڊڪندي آئي ڏٺائين چريو چنيسر راء
سائين! ڇو ڪوماڻين گل جيئن، بيٺو روئين رت ڦڙا؟

چنيسر جواب ڏنو ته:

اڳي ٿيان ته ٻڏي مران، پوءِ ساڙي آڙاهه
دائي! داخل ٿيان ته زمين ۾، ڏي شل ڌرتي جاءِ!

ان تي ماءُ چنيسر کي طعنو هنيو:

ڏيو مبارڪون مون کي، مون پـُـٽ پڙهايو آ
هندي، سنڌي، فارسي، جنهن کي علم توريتي آ
پشتان پشت پٺاڻ جي، جنهن کي عربي ٻولي آ
قابل آهي قرآن جو، جنهن کي قبر نه ڏيندي ايذاءَ.

---

اڳ هيونسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽلي ٿيونسون ٽي
واڍا وڳهه ڪوٽ جا، آ ڪاريگر ڪوٺي
جوٽا جيسلمير جا آڻي ڪـُـلئي ڪر ڪٺي
اڳ ڪتينديون هيونسين پاء پورو هاڻي سير سويري.

---

هڪڙا تاچي گهر ۾، ٻيو ڪوري ڀيرو مَ لاهه
ڊڊا ڊاکر وڪڻي ڌڻ رڍن جو ڌار
رڍون چرن ريل ۾، تون گهـِـڏيو گهيٽا چار
وٺيو واهڙ ڪنڌيون پيو ڪـَـڪڙ کي ڪوڪار
ڳاڙهو لڪڻ هٿ ۾، پٽ! ڍِليو ڍيري ڍار
ماءُ مـَـئـِـيندي ماهيڙو وڃي دوداڻي درٻار.

زال جو جواب سس کي:

ڪانڌ ڪچهريءَ ڪـُـوَڙو، جو چـَـٻي سـُـڪو اَن
مايا ڇڏي ملوڪ کي جنهن ڌتاري ويو ڌن
تون راجا، اسين رنون آهيون، پرور رکجان پن
گهر ويٺي پـُـٽ گهائـِـبـُـئـِـي، جهلي ڏوئي ڳن.

---

ڪانڌ ڪچهريءَ ڪـُـوڙو کائڻ جو آهي کرو
جنهن کي مڻ گجرن جو گوڏ ۾ پيو نهاري واڙيءَ پـَـرو
هاڻي گهر ويٺي پـُـٽ گهائـِـبـَـئي، ڪـِـرندس ڪام ورو.

جڏهن چنيسر کي زال ۽ ماءُ گهڻا طعنا هنيا، تڏهن ڪاوڙجي اُٿيو. چيائين ته: آءٌ دهليءَ جي بادشاهه عالادين کي وٺي ٿو اچان ۽ ضرور پڳ هٿ ڪندس. ڪاوڙ ۾ ٻاهر اچي گهوڙي جا تنگ ڇڪڻ لڳو. ڪاوڙ مان جنهن گهوڙي جو تنگ ڇڪي سو اتي اُڦٽ مريو پوي. هن جي ڪاوڙجڻ جي سـُـڌ سندس وڏي ڀيڻ  ’ٻاگهيءَ‘  پئي، تنهن ڊوڙي اچي ڀاءُ کي ڀاڪر پاتو.

ٻاگهي ڊڪندي آئي اچي ڀاڪر پاتائين ڀاءَ
ٽانٽي
(1) ٽوڙ مَ تنگڙا، توکي ڪونه اچي ڪهڪاءَ
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو هـُـو چـِـڙيو چنيسر راءَ
مؤزن جي مهميز جو پيو ڌرتيءَ تي گوگياءَ
ڏيان دانهن دهليءَ ۾ چاڙهيان عالادين بادشاهه
ڀاء ٽنگايان ڀالن ۾، جنهن جو اکئين رت ڏسان
ثابت وڳهه ڪوٽ ۾ ٻرڻ نه ڇڏيندس باهه.

ٻاگهيءَ وري اچي دودي کي ٻڌايو ته چنيسر ڪاوڙجي گهوڙي تي چڙهي هليو ويو آهي. دودي کيس ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، تنهن تي ٻاگهيءَ  ’دوسو چـَـناڻيءَ‘  کي پٽيو ۽ پاراتا ڏنا، ڇاڪاڻ ته دوسو چناڻيءَ، دودي کي شراب پياري پڳ ٻڌائي هئي، دودي پاڻ رضا خوشيءَ سان پڳ نه ٿي ٻڌي.

ٻاگهي ڊُڪندي آئي دانههَ دودي ڏانهن:
پٿراڻي پير ڊگها ڪري آهين سـُـتو ڪهڙي ساءَ
ڀاءُ وڃيئي ٿو ڀـَـرمان، توکي ڪونه اچي ڪهڪاء
سنڌ سـُـڃي ڪيو وڃي سومرو، سندو راڻين راء.

---

ٻاگهيءَ جا دودي کي پيا ڪن مٿي پڙلاء
اُٿي آ اُڀو ٿيو ڪونڌر کٽ مٿان
سهڻي تاج مٿي ۾ ڏٺئين اکين سان
چـَـناڻي! ڪا چـُـوڙي پوئي، توکي نه جهليندو جاءِ
راڄڙ! رُلين روهه ۾، تنهنجا رُلن ٻار ٻچا
دوسوءَ کي ڦاهي ڏيان جنهن ڪيو جدا جانب ڀاء.

ٻاگهيءَ جا پـِـٽڻا پاراتا ٻڌي، دودي اعلادن ڪيو ته: آهي ڪو اهڙو جو چنيسر کي موٽائي اچي؟ پر ڪنهن کي به همٿ ڪانه ٿي جو چنيسر جي ورائڻ جو بار پنهنجي سر تي کڻي، ڇاڪاڻ ته چنيسر به هڪڙو بانڪو بهادر هو. اتي ڪچهريءَ ۾ هڪڙا ست ڀائر سومرا ويٺا هئا، تن هام هنئي ته اسان مان رڳو هڪ کي موڪل ملي ته اهوئي چنيسر کي ورائي ايندو، پر دودي ستنئي ڀائرن کي اجازت ڏني ته ستئي وڃو چنيسر موٽائي اچو! هيءُ به ستئي ڀائر هڪلي اچي چنيسر کي رسيا. پهريائين منٿون ايلاز ڪيائونس، جڏهن نه مڙيو تڏهن چيائونس ته: جي نٿو هلين ته اسان توکي ڪيئن به ڪري پٺتي نينداسين.  ”ڪيئن به ڪري“  جا اکر ٻڌي چنيسر کي ڏاڍو جولان چڙهي ويو. سومرن کي چيائين: لهي اچو ميدان تي ته مقابلو ڪريون! پوءِ ڀلي مون کي وٺي هلجو. هنن وٺي مٿس حملو ڪيو پر ستئي مڙس ٻڌجي پيا، مٿان دودو به گهوڙو ڊوڙائيندو اچي نڪتو. چنيسر کان ستنئي سومرن کي آجو ڪرايائين. ڀاءُ کي منٿون ڪيائين ته خدا جي واسطي پوئتي موٽي هلّ! پر چنيسر نه مڙيو سو نه مڙيو ۽ گهوڙي کي اڳتي هڪليائين.

آياسون نانءُ الله  جو وٺي، ٻيو پاند ڳچيءَ پائي
ميڙ آندوسون مصطفيٰ، تون محمد ڪين موٽائي
نه ته جيئن تيئن توکي سومرا! هلنداسون وڳهه ورائي.

---

ستئي آيا سومرا، ستئي صف ڪري
ستئي سـَـٿيا هئا سومري، جئن هاري گاهه سٿي.

اتي دودي چيس ته:

سونڻ جو ننگر سان تون ادا پڙهاءِ نڪاح
ننگر نياڻو منهنجو، سونڻ نـُـونهن سندياءِ
هڪ پرزو نه ڏيانءِ پڳ جو، ٻي سنڌ سڄي پيو کاءُ.

تڏهن چنيسر چيس ته:

دڙڪو ڏنو مـَـئين هڪڙو، ســُـڪي ويو اٿئي ساهه
ڏيئي دانهن دهليءَ ۾، چاڙهيانءِ عالادين بادشاهه
ته هينئر سڱ ڏنئي سونڻ جو، پوءِ وڃئي ها پـَـٽـُـلَ
(1) پاسي مان.

دودي ڪاوڙ مان چيس ته:

لڙي وڃ پـُـٽ لوهار جا، منهنجي اکين جي مهندا
نه ته ڏيئي لت چـَـڏن تي چيري ڪڍانء نه ساهه
تو کي عقل اڱارن جو آيو سيڪ سنداڻن ساءِ
مڙد وڙهن ميدان ۾ پوي سانن جو به سماءُ
سـَـت زِهـُـون اٿئي سـِـيڱ کي، جيڪا ڪاهين سا وڃي ڪاهه
پيءُ چاڙهي آ پانهنجو، پنهنجي آڇي لـُـهر ماءُ
هاڻي سنڌ ترارن وچ ۾، جيڪو کٽي سو نر کاءِ
آهن سوڀون وس سـَـتار جي، جن ڏياري پاڪ الله .

اهو ٻڌي چنيسر به گهوڙو ڪاهي ٿيو روانو:

پهرين منزل سومرو نڪتو هوت حويليءَ مان
ٻي جا منزل سومرو آيو گونگي ٿر مٿان
ٽي جا منزل سومرو آيو  ’جهولاڻي‘  راءِ
چوٿين منزل سومرو آيو تڙ تلوڪ ڏانهن
پنجين منزل سومرو آيو  ’ويرا واهه‘
ڇيهن منزل سومرو آيو  ’ابڙي شهر‘  ڏانه
ستين منزل سومرو آيو ٻهڳڻ ٻيلي ڏانهن.

چنيسر جڏهن ٻيلي پهتو تڏهن ڏاڍي اُڃ لڳس، ڪوشش ڪيائين پر پاڻي ويجهڙائي ۾هٿ ڪونه چڙهيس. اتي هڪڙي ميهار، مينهون پئي چاريون. ان کان پيئڻ لاءِ کير گهريائين. ميهار وٽ هڪ ويڙهاڪ مينهن هئي. چيئن ته متارو ته گهڻو ئي لڳو پيو آهين، هل هوءَ مينهن جهلارائينم ته کير ڏُهي ڏيانءِ، نه ته ڇڪ پنڌ کي! چنيسر کي ڏاڍي چڙ آئي سو ان مينهن جي ڀر ۾ وڃي، ان کي سڱن کان اهڙو قابو جهلي بيٺو جو مينهن ڪيڏانهن به چري نه سگهي، تان جو سڱوئجي پئي. ميهار ونگ وجهي کير جو ڪٽورو ڏهي چنيسر کي ڏنو، جو پي خوش ٿيو. هوڏانهن ميهار هن جي طاقت ڏسي حيراني ۾ پئجي ويو هو. کانئس پارپتا، نانءُ نشان پڇڻ لڳو. چنيسر چيو ته: آءٌ دودي جو دايو آهيان. ميهار چيس ته: تون جي دودي جو دايو آهين ۽ تو ۾ ايتري قوت آهي ته هن ٻيلي جي ڀر ۾ هڪڙو شينهن ٿو رهي، جنهن ڪئين پهلوان کائي کپائي ڇڏيا، آهن ۽ منهنجون مينهون به ڪونه ٿو ڇڏي، ان کير جي محابي هنن جو ڪو بچاءُ ڪر! چنيسر دل ۾ چيو ته ڏاڍائي ڪري کير پيتو اٿم ان جو بدلو اوس ڏبو. اهو خيال ڪري جنهن مينهن جو کير پيتو هئائين، ان ڏي منهن ڪري چيائين ته اي ڀٽاري! اڄ مون تنهنجو کير پيتو آهي، هاڻ تون منهنجي ماءُ ٿي چڪينءَ. شينهن کان تو ماءَ جو بچاء ڪرڻ پـُـٽ جو فرض آهي، هي ٻيلو پڻ توکي بخش ڪيم، پئي چـَـر ۽ کاءُ! پوءِ ميهار کان شينهن جوڏس پتو پڇي اوڏانهن رخ رکيائين. ڪجهه اڳڀرو وڌي ڏسي ته برابر شينهن گجڪارون پيو ڪري. چنيسر به ويندي شرط وڃي ڳچيءَ ۾ ٻک وڌس ۽ مڪن سان شينهن هڻي پورو ڪري ڇڏيائين.

ڪاري ڪنڍيءَ ڪـُـوڙليءَ کي هٿ بيٺو ڦيري
چنبو وڌائينس چـُـوڙ ۾ لاٿئين اوهه منجهان سيري
ڏُهيو ڄاڻان ڪينڪي متان اوهه وجهان جهوري
ڪٽورو ٿئي تو شڪدان ۾، مون کي ميهر ڏي ميڙي.

ميهار پڇيس ٿو:

ڪـيـر آهـيـن، ڪـاڏي وحـُّــيــن، ڪــهــڙي ذات حــــّوان؟

چنيسر جواب ٿو ڏي:

آهيان دودي راء جو آءٌ پاڻ حجام
آهي پسر دودي کي ڄائو، وڃان دهليءَ ڏيڻ دام
هو مون کي ڏيڻ سي ڏاڍا ڪندو اڳيان ڪي انعام.

ميهار پنهنجو بيان ٿو ٻڌائيس، ان شينهن جي به خبر ٿو ڪري:

هتي اٺ ٻڪرين جي ڪمي هئي ڪانڪا، هئي گوئزن ڪاهو ڪاهه
ڪڏهن ڪڻڪ پچندي هئي ڪيتري، ڪڏهن پٻڻ ٿيندي هئي نار
ابڙي جي طاقت ڪانه هلي، مارايائين مڙس سؤ سوا
ڪيهر ڪنڌئين ٿو ڪـُـڏي، ٻهڳڻ! ٻيلي ڏانهن.

چنيسر جو ميهار کان پڇڻ:

چنيسر چيو ميهار کي، تون ڪيئن پيو جوان جـِـئين؟
جان هٿيار آهي تنهنجي هٿ ۾ تنهن تي دل کي ڏاڍ ڏئين.

چنيسر جو مينهن کي چوڻ:

تون ته منهنجي امان ٿـِـئين، جو پياريئي کير مـُـنها
ماريان شينهن مـُـڪن سان سٽي ڪڍانس ساهه
ٻهڳڻ ساري ٻيلي جا پئي گـُـجر چرجان گاهه.

چنيسر شينهن کي للڪاريو:

اُٿي پـُـٽ ٻلي جا، توکي سمهڻ آيو ساء
گجي اٿيو گجمير جئن، ڪري آگم مينگهه ملهار
باهڻ پـَـٽِ مَ باهڻيون، ساوا ڪيم سڪاءِ
تنهنجو ڪم اسان سان، تون هلي هيڏانهن آ ء
نامئي نرڙ نوايو آهي شينهن به شير اڳيان
اول وارو تو ڏيان، وٺي پنهنجو پڄاء
سر نمايو سومري هاڻ وارو تنهنجو آ
هنيائين هٿ هول تي، پيو لڳي لوهه مٿان
چنبو ڪيهر جو چوُر ٿيو بيٺو ڪيهر ڪـَـر ساهه
ٻيهر نه ٻيڻا هڻ، هاڻي وارو منهنجو آهه
پوءِ ساري حضرت شاهه کي آهن ڌڱ هنيا دستا
مـُـڪ سان ميڄالو ڪڍيئينس، جنهن جي ڪلين ڪيا ڪڙڪا
عضوا تنهن ڪيهر جا بيٺو اُڇلائي ڀورا.

چنيسر کي بادشاهي ويس ۽ ان جي بهادري ڏسي ميهار کي شڪ پيو ته هيءُ ڪو رواجي ماڻهو ناهي، سو هٿ جوڙي چيائين ته: تون ڪو راجا ٿو ڏسجين، سچي ڪر ته ڪير مڙس آهين؟ چنيسر سچي ڪري ٻڌايس ته: اسين سومرا ٻئي ڀائر پڳ تان وڙهي پيا آهيون، هاڻ آءٌ دانهن کڻي دليءَ جي بادشاهه ڏانهن پيو وڃان. ائين ٻڌائي اُتان اٿي اڳتي هليو.

موزا تنهنجن پيرن ۾ جيڪي لهن لک سوا
ڪلنگي تنهنجي ڪاپار تي، جنهن تي موتين جي مڙها
آهي راجا رُليو ڪنهن راڄ جوسپاهين سواء.

تڏهن چنيسر چيس:

سمان ڳاڙها سومرا، ننگر راڄ رهن
پـُـٽ دودي راوَ جا پوٽا ڀونگر جا سڏجن
آهيون ڀائر وڙهيا پاڳ تان هيءُ راءُ رُٺو راڄن
مون کي وڳهه ڪوٽ ۾ ٿا چريو چنيسر چون.

چنيسر هلندو هلندو هڪڙي سڪل باغ وٽ پهتو. لهي باغ ۾ ٽهلڻ لڳو. هڪڙي وڻ جي ٽاريءَ تي نظر پيس. ڪاتي بيٺ مان ڪڍي لڪڻ واسطي ٽاريءَ کي ڪپڻ لڳو، پر ڪاٺي ڪاتي سان نه وڍي. نيٺ سٽ ڏيئي اها ٽاري ڀڃي لڪڻ ٺاهيائين.

باغ ڏٺو هئائين بر ۾، جيڪو سڪل سارو آ
تنهن ۾ لڪڻ لوهيڙي جو هڪ سڄو سائو آ
ڪاتي هنيس سومري ٿيو لڪڻ دِخل نا
ڪاتي منهنجي وِڄَ سار جي، جيڪا لهي لک سوا
پهڻ کي پرزا ڪري، لوهه به ڌارو ڌار
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو وڻ مٿي قهار
چنبن سان چيري وڌئين، ڪيائين لڪڻ ڌارو ڌار
سڪي پڄاڻان سو ٿيو سـَـتن سيرن بار.

چنيسر جو پاڻهي پاڻ کي ڇينڀڻ ۽ کيس رستي ۾ آدمخور گڏجڻ.

حيف چنيسر توکي آهي، ڪيڏا ڪم ڪياءِ
پر توکي عقل اڱارن جو، سيڪ سنداڻن ساء
پڳ وڃائيءِ پنهنجي، جڏهن پڇڻ ويو هـُـون ماء
انهيءَ جياپي جيڻ کان، توکي مرڻ چڱو ئي آ
اهو آهي آدمخور پٽ آدميءَ جو، جنهن جو سـَـٽي ڪڍان آءٌ ساهه
نه ته به سوڀون وس ستار جي، جن ڏياري خداءِ.

آدمخور جو چنيسر کي چوڻ:

روز وس الله  جي، ڏئي خلق کي خداءِ
ست ڏيهاڙا سڃ ۾ منهنجي خالي ٻري ٿي باهه
ماڻهوءَ سندي ماس لاءِ منهنجي مڙهي سڪي ٿي ماء
جيئرو ڇڏيان ڪينڪي، نيندو سانءِ آيل جي اڳيان.

آدمخور چنيسر کان پڇيو ته:

وِنگي جيڪا وَنگ جهڙي انهيءَ جو نالو ڇا؟
چئي: اهو کـَـنون آ علي شير جو، جيڪو ڪري دشمن تي دهڪاء.

وري پڇيائينس ته:

اها لاري ٿي للڪارون ڪري، انهيءَ جا نالو ڇا؟
چئي: بندوق چئون انهيءَ کي، جيڪا ماري دُشمن کي ڏُوران.

آدمخور وري چنيسر کي چيو:

اهو اُڀو آهي اوڀالي جهڙو، انهيءَ جو نالو ڇا؟
چئي: اهو ڀالو آهي بهادرن جو، جيڪو ماري دُشمن دُوران.

تڏهن آدمخور چيس ته:

اهي هڻ منهنجي بت تي، ڪر پنهنجا آزمتا
سي وير وهندا ڪينڪي ٿيندن مـُـنهن چٻا.

چنيسر ميدان تي لٿو:

ساري حضرت شاهه کي آهي گهوٽ لٿو گهوڙي
سونهري سروپاء جا ڇڏيئين زرهه ڳـَـلا ڇوڙي
وارو ڏنئين ويريءَ کي هاڻ ڪـَـرَ بيٺو موڙي
زور ڏنس ظلمات جا هن به جـُـنگ اتي جوڙي
سـَـڀ سهي ويو سومرو، جنهن جو وار نه مـُـڙيو ڪو ڙي.

---

ڀـَـڙَ پيا آهن ڀاڪرين، جن کي ٿيو پهر سوا
پاسريون لنگهيون پاسرين مان، ڪنڊ ڪيو ٺڪاءُ
اتي آدمخور ڪـُـڙڪيو، ڪـَـڙڪي ڪيائين ڳالهاءُ
ڊوها ماريئي ڊوهه سان، مون کي ڪونه ڏنئي سماءُ
جان آهين دودو سومرو، جان ڀڙ دودي جا ڀاءُ.

چنيسر آدمخور جو ڪم تمام ڪري اڳتي هليو. هڪڙي هنڌ پهچي ڏسي ته اُٺيون پيون جهنگ چرن. انهن ۾ هڪ مست اُٺ هو، جو چنيسر کي ڦري آيو. چنيسر پڇا ڪئي ته هيءُ ڪنهن جو وڳ آهي؟ اوٺار چيو ته: هيءُ عالادين جو وڳ آهي. چنيسر اوٺار کي چيو ته: پنهنجي اُٺ کي پـَـل! اوٺار چيو: اهو اٺ مست آهي، مون کان نٿو پليو ٿئي. چنيسر جوش ۾ اچي ٺڪاءُ ڪرايس لوهڙي واري ڪام ته اٺ اتي جو اتي مري پيو.

اُٺيون عالادين جون ويڙهه ۾ وڳ چري
 جـَـت بيٺو آ جوءِ  اُڀو سڏ ڪري
ڀڄ، پري ٿيءُ پانڌئيڙا، ٿو مسافر مرين!

---

جوان اڳيان تنهن جوءِ جـُـو جـَـت بيٺو ڳالهائي
ته آهي موت مسافرن تي، ڪي اُٺ به مرڻو آهي!
جيڪو ماري هن اُٺ کي، سو بيشڪ مـُـنهن مرڪائي.

---

پوءِ ته مـَـيو آيو مستانو ڪـَـرهو ڪـُـڏ ڪاهي
تڏهن لڪڻ لوهيڙي جو هنيس اَرڏي اڇلائي
اُٺ کي اڌو اڌ ڪري وڌئين ليڙو ليٽائي.

چنيسر اُٺ ماري، منزلون پٽيندو هڪ شهر ۾ اچي پهتو. اتي شهر جي هڪڙي گهر مان روئڻ پٽڻ جو آواز پئي آيو، ٻاهر ٻارن جو گوڙ ٿيل هو. چنيسر ٻارن کان پڇيو ته: هيءُ ڪهڙو روئڻ آهي؟ ٻارن ٻڌايس ته شهر جي ٻاهران هڪڙو راڪاس رهندو آهي، جو هر رات هڪڙو ٻار کڻي وڃي کائيندو آهي. اڄ رات هن عورت جي پـُـٽ جو وارو آهي، جا روئي رڙي پٽ کان موڪلائي رهي آهي ۽ ڇوڪرو به ماءُ کي ڳـُـر لڳي هنجون پيو هاري.

ڪوٽ ڏٺائين ڪـُـنگرا، ٻيا دِليءَ دروازا
ٻار رهيا ٿي راندڙي، جن جو چـِـڌي سان هو چاهه
اتي تن ٻارن کان پيو پڇي چنيسر راءُ
ڪهڙو روئڻ انهيءَ رن جو، اُن سان ڪهڙو ماتم آ؟
چئي: راڪاس هريو هن شهر ۾، جنهن کاڌا لک سوا
ماءُ روئي ٿي پـُـٽ لئي، جنهن جو سانجهيءَ وارو آ.

چنيسر کي جڏهن ٻارن کان اهڙي سـُـڌ ملي ته سڌو ان مائي وٽ لنگهي آيو. ان کي آٿت ڏنائين ته تون رو رڙ ڪيم، اڄ رات آءٌ تنهنجي پٽ پاران صدقو ٿيندس، اٿي مون کي پاڻي پيار، ماني کاراءِ، سانجهيءَ مون پـَـئـِـي راڪاس پـَـئـِـي. مائي غريب زال هئي ته به چڱا چوکا مال مليدا رڌي ٺاهي چنيسر کي کارايائين، جي کائي خوش ٿي سمهي رهيو.

مائي نانءُ الله  جي، مون کي پاڻيءَ جو ڏي پاءُ
ڏوڪڙ جئن گهورجي وڃان تنهنجي پـُـٽ مٿان
تڏهن ڳوريءَ ڳهڻا لاٿا، ويئي کڻي موديءَ ڏانه
چئي: مودي! ميدو ڏي، مون گهر آ اُمراء
پوءِ خاصا ٺاهيائين کومچا، ٻيا ڪي ٻوڙ پلاء.

جڏهن سج لٿو ته سرڪاري سپاهي ڊنبلو ڪري ان مائي جي در تي آيا ته اُٿي، ڇوڪر تيار ڪري راڪاس جي کائڻ لاءِ ڏي! مائي جهٽ پٽ چنيسر کي اُٿاريو ته راڪاس جي بڀ ڀرڻ لاءِ حاڪم جي حڪم موجب سپاهي اچي ويا آهن، هاڻ تنهنجي ڇا مرضي آهي، پنهنجو وچن پاريندين يا اهي مفت جا مال کايو ڍانڍريو پيو کونگهرا هڻندين؟ مائي جي ڇينڀ تي چنيسر اٿي کڙو ٿيو، جنهن کي سپاهين آڻي ان وڻ سان ٻڌو جتي، ٻين گهڻن جا هڏا پيا هئا ۽ راڪاس ماڻهو اتي کائي هڏيون ڪـُـرٽي، اوگرايون ڏيئي وڃي پنهنجيءَ غار ۾ وهندو هو. ٿوري مهل کان پوءِ ڏسي ته راڪاس مـِـينهن واچ ڪندو  ’آدم بـُـو آدم بـُـو‘  ڪندو ڀڳو اچي. چنيسر به وٺي جا سـَـٽ ڏني ته جيڪي رسيون ۽ جنجيرون جڪڙيل هئس، سي ٽڙ ٽڙ ڪري ڇڄي وڃي پري پيون. هيءُ سورهيه سئين لڱين سنڀري بيٺو.

اٿي صوبا سنڌ جا، جيڪي ڪـِـيـَـڙئي سخن سچا
گـِـگها ٿو گهوگهرا هڻين کايو ٻوڙ پلاء
پنجاهه کاڌئي پـِـڙيءَ تي، ٻيا چاليهه چٽ ڪيا
اُٿي منهن ڏي مڙدن کي آيئيءَ عالادين اُمرا.

---

دانهه کي دل تي پيا ڪـَـنن مٿي پڙ لاءِ
شير اُٿيو آ شورجي ڪونڌر کٽ مٿان
چـُـوڙون مـُـنا چـَـٽ ٿيا، ڪـُـل ڪاٺ ڀڄي پيا
سڀ ڀـَـوَ کان ڀڄي ويا، جيڪي آيا عالادين امرا.

---

آڌيءَ جا آگام ٿيا، آيو راڪس راڙ ڪري
ساري حضرت شاهه کي ٿو ڪيهر پير ڀري
لوهه لڱن تان لهي وڃي پرزا پيا پري.

---

سوڀون ڏج سچا ڌڻي، پرور پاڪ خدا
ڪري دودل دل ۾ گهوٽ وهايس گهاء
پهرين سان پورو ٿيو، جنهن جو سٽي ڪڍيائين ساهه.

چنيسر ديو کي مارڻ کان پوءِ اچي ڪوٽ جو در کڙڪايو. ڪوٽ اندر ماڻهن سمجهيو ته راڪاس کي جيڪو مسافر کائڻ لاءِ ٻڌي ڏنو سون سو شايد نه وڻيو آهيس، هاڻ ڪوٽ تي ڪاهه ڪئي اٿس، تن اندران جواب ڏنو ته در ڪونه لاهينداسون، تون ٻاهران غريب آباد ما اڄ رات گذران ڪري هليو وڃ، صبوح جون ڳالهيون صبوح سان. اهي اکر ٻڌي چنيسر ڪوٽ جي در کي اهڙي عزم مان تري هنئي جو دروازو ڪـَـڙ ڪـَـڙ ڪري وڃي پري پيو.

هيءُ لکي دروازو آهي لکن جو، جنهن کاڌو لک سوا
لوهه جنهن جو هر ڌات جو اٿس ڀـِـتل بير ڪڙا
اٿئي گهر غريب آباد سي تون وڃي کاءُ.

---

لاٿائين لاک لکيءَ جي، جيڪو لهندو لک سوا
ڪاهي پيو ڪوٽ ۾ جتي عالادين به آ.

---

هڪڙا گهڙي ويا گاهن ۾، ٻيا گهوڙن اولڙ ڏانهن
کنگهن کـُـڙڪن ٿا ڪينڪي نڪي گـَـهرو کڻن ساهه
ڪاهي پيو ڪاڪوس ۾ عالادين جو همراهه
چئي: اٿئي ٻاهر گهر غريبن جا جن کي ڪرڙن جا لوڙها.
مون کي آهي مرضن ماريو تون عالادين وڃي کاءُ

چنيسر ان همراه کي چيو:

سمان ڳاڙها سومرا، ننگر راڄ رهن
پٽ دودي راءَ جا پوٽا ڀونگر جا ٻـُـڌجن
مون کي وڳهه ڪوٽ ۾ ٿا چريو چنيسر چون.

ٻئي ڏينهن سويل صبوح جو بادشاهه جا گاهي گهوڙن جي گاهه ڪرڻ لاءِ ڪوٽ کان ٻاهر نڪتا. جڏهن غريبن جا جهڳا ڇڏي اڳڀرا ٿيا ته ديو پليت مئل ڏٺائون. گاهين جي جمعدار حسڻ بيگ اچي بادشاهه کي ديو مارڻ جي سـُـڌ سڻائي.

گاهي نڪتا گاهه تي، سان عالادين اَمرا
راڪس ڏٺئون رت سين پوءِ سڀني ڪئي صلاح
هڪلون حسڻ بيگ جون پاڻ ٻڌيون پاتشاهه
جي ڀري رَنبا رت سان آيا عالادين اڳيان.

چنيسر ڪوٽ ۾ رهڻ لڳو. چنيسر جي بهادري جي خبر بادشاهه کي ملي ته هن راڪاس ماري شهر تان آفت ٽاري آهي، تنهن هن جي وڌيڪ آزمودي لهڻ لاءِ پنهنجو مست مڪنو هاٿي ڇوڙائي هن جي گهر واري گهٽيءَ ۾ ڇڏرايو. سج اُڀرئي سان جئن چنيسر تڙ پاڻي ڪرڻ لاءِ تيل ميٽ کڻيو پئي ويو ته اوچتو هاٿيءَ مٿس جـُـلهه ڪئي. چنيسر وٽ هٿ ۾ جيڪا تاسري ٿالهي هئي، جنهن ۾ تيل ميٽ پيل هو، سا ڪـَـشي هاٿي کي هنيائين ته تاسري هاٿيءَ جي سـُـونڊ ڪپي وڃي پول کان نڪتي ۽ هاٿي ڦٿڪي مري ويو.

مڪنو هاٿي مست ٿيو، جنهن جا دور سـُـڄن ڌڌڪا
نـَـوَ مڻو نـِـيرَ پير ۾ جنهن جي ڪڙين ڪيو ڪڙڪا
ٻڌي ڌڌڪو ديوَ جو گاهي ڪـُـل ڀڳا.

---

آيو پئي بهادر بازار مان، جنهن کي هٿ ۾ هو پـَـٽ
هٽيو ڪين هاٿيءَ کان، هو جنهن جو پاڻ مـَـٽ
هنيئينس تاسرو تارونءَ ۾، جو ڪري پيو پٽ.

ڪوهستان جي نـَـئن مان ٻه شينهن لڙهي بادشاهه جي باغ ۾ ٽپي پيا، سڄو باغ هڻي اُجڙ ڪري وڌائون. مالهين ڊوڙي وڃي بادشاهه کي خبر ڏني. بادشاهه حڪم ڪيوته لشڪر تيار ٿي وڃي شينهن سان مقابلو ڪري. اوڏي مهل چنيسر به بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو، جنهن چيو ته: اي عالادين بادشاهه! اسان وٽ شينهن سان هڪ هڪ همراهه ٿي لڙندو آهي، شينهن تي لشڪر نه چڙهندو آهي. تون شنيهن لاءِ فوج ٿو موڪلين، سو انهيءَ ڪري ته لشڪر گهڻو اٿئي ڇا؟ اهو تـُـنڪو بادشاهه کي ڏکيو لڳو، چيائينس ته: جي اهڙو بهادر آهين ته تون اڪيلو مقابلو ڪري ڏيکار. چنيسر سنڀري هٿيار ٻڌي باغ ۾ آيو. ڏسي ته برابر شينهن پيا ڀڄن. چنيسر ويندي شرط ٽپ ڏيئي هڪڙي شينهن کي هڪ ڪن ۾ هٿ ۽ ٻئي کي ٻئي ڪن ۾ هٿ وجهي، هنن جا مٿا ٽڪرائي کين ماري ڇڏيو.

ڪـَـرڙِي نئن ڪوهستان جي، جنهن مان شينهن لڙهي آيا
بادشاهه جي باغ ۾ اچي جـُـنگن ڏيرا ٺاهيا
ساري حضرت شاهه کي چڙهيو چنيسر راء
شينهن بيٺا آهن، شوريا، اُڇلائين پيا ٻوڙا.

چنيسر هڪل ڪئي ته:

اچو پـُـٽ ٻليءَ جا، پوي سانن جو به سماءُ
ڪيهر ٻئي قابو ڪيا وجهي ڪنن هٿ وچان.

اتي عالادين کيس انعام جي آڇ ڪئي:

رانول وٺ تون روڪڙا اوچا انعاما
آءُ صوبا سنڌ جا تون عالادين اڳيان.

چنيسر عالادين کي چيو:

ناهي درڪار دنيا جي، نه کپي مون ڌن اٿاهه
ڀائر وڙهيا آهيون پڳ تان، مون کي چون چريو چنسير راءِ
جي پڳ وٺي ڏين مون کي، توکي ٻاگهيءَ ٻانهن ڏيان.

چنيسر جي شرطن تي عالادين لشڪر ڪٺو ڪري، وڳهه ڪوٽ تي حملي لاءِ هليو. لشڪر سان هلندو اچي روپاهه جي ميدان تي ديرو دمايائين. اتي هڪڙو خط لکي نالي محمد خان پٺاڻ کي ڏنائين ته قاصد ٿي دودي جي درٻار ۾ وڃ ۽ اسان جي اچڻ جي سـُـڌ ڏينس.

عالادين اُٿاريو پهرينءَ رات پڙهو
راجا پنهنجي رعيت تي ڪيو خان کڙو
ته هلي ويڙهه ڏيو وڳهه کي روڪي دودي دڳ دڙو.

---

تيڏي مهل تيار ٿيا عالادين اُمراء
بارود کڻي سڀئي سامان ڪيئون سوڙها
حاڪمن کي هاٿي هئا، غريبن اُٺ گهوڙا
آيا وير وڳهه ڪوٽ ڏي سڀئي سنڀوڙا
ٻيو ملڪ سڀئي ماپيئون، اچي لنگهيا لاهوران.

محمد خان پٺاڻ جو قاصد ٿي وڳهه ڪوٽ ۾ اچي عالادين جي لشڪر جي واکاڻ ڪرڻ ۽ دودي کي دٻائڻ:

آيو عالادين بادشاهه، جنهن وٽ آلا ڪاٺ ٻرن
اڳين پاڻي پيٽ ۾، پويان چـِـڪ چٽـِـن
اڳين گهوڙن گاهه وات ۾، پويان لـِـڏ چـَـرن
کارا کوهه کـُـٽيو وڃن، مـِـٺن پاڻي نه لهن
سابرمتي سڪي ويئي، جيڪي کنڀاتئون اچن
دادلي درياء جو ڪڏهن پتڻ ڪونه پڇن
جتي رهي ٿو راتڙي تان لڏيو شهر وڃن
عالادين بادشاهه کي آهي پـِـٽيو پکيڙن.

---

آيو عالادين بادشاهه، جنهن سان اُڙد اچن
ڪڪا، ڪارا، ڪاغذي اَنقت نه امرائن
ديمن وائي وات ۾ بيٺا  ’دودو دودو‘  ڪن
سڱ اوهان کان سومرا! هو ٿا ٻاگهل ٻائي گهـُـرن
جي ڏي ٻانهن ٻاگهيءَ جي ته اوهان جي رچيو راڄ رهن
نه ته نـَـوَ لک ڏهه ڇليون، اَهان جي سنڌ روڪي آ تن.

دودي خط پڙهي ۽ محمد خان پٺاڻ جي لٻاڙ ٻڌي هڪدم حجام کي گهرايو. محمد خان جون ڏاڙهي مڇون مٿو ڪوڙائي، سندس ڪارو منهن ڪرائي، موچڙن جي ڪنڍي ڳچي ۾ وجهي عالادين ڏي روانو ڪيائينس.

دودي ماڻهو موڪليو وڃي نائي نهاري آءُ
ڪڍيئين ڪـِـسبت ڪـُـلهي مان ٻيا ڀانيون ۽ ڀالا
رڪ راسيون آهن کوڙيون، ڏس پاڪي جا پورهيا
جنهن جي پنبڻن پيا نچڪڻا، ٻيا ڀرن ۾ ڀالا
ڊگها شهپر تنهن جا کڻي ڪاٽيئين ڪلهن کان.

محمد خان چيو:

آين ڪجن آڌرون، تون دودا ڪرين ٿو ڪم ڪچا
پنهنجو گـُـن ٿو گهٽ ڪرين، تڏي رکين ٿو تاء
سما نه ڳڻيندءِ سومرا، توکي چڱو نا چوندا.

تڏهن دودي چيو:

مون نه ماڻهو موڪليو، هلي تون ڪي مون ڏي آءُ
خاطن کـَـٿا هيٺ ٻـُـڌن، ٻيا ڪلهن بڊوڪا
جا پـَـرِ  مون کي وڻندي سا پـَـرِ ڪندوسانءِ.
پوءِ ماڻهو موڪليائين موچيءَ ڏي، آڻ پراڻا پادر پويو
ماڻهو موڪليائين دائي ڏي، آءُ ڪارو گڏهه ڪاهيو
ڪارو روغن زُلفـِـي جنهنکي لڙ لڱن لايو
گهٽيون وڳهه ڪوٽ جون چاڙهي گهوٽ ڪري گهمايو.

جڏهن محمد خان، دودي وٽان بي آبرو ٿي بڇڙي حالت ۾ عالادين ڏي واپس پئي ويو ته هن کي اوڍر ڌرار ايندي ويندي ڏٺو هو. اوڍر دل ۾ چيو ته هي ماڻهو ڪالهه سنئون سپانو دٻدٻي سان پئي هتان ويو. اڄ هن حال سان پيو وڃي، شايد ڪو ملڪ ۾ مانڌاڻ پـَـوڻو آهي!

مهارون مهريءَ جون ڇڏيون هئائين ڍاٽيءَ کي ڍاري
اوڍر بيٺو آهي اڳتي، جيڪو ڦـِـريو ڦـَـرَ چاري
سنوارت تنهن سلطان جي بيٺو نوڙيو نهاري.

اوڍر ڌرار ان قاصد کي نياپو ڏنو ته: عالادين کي چئج ته پهريائين هت مون سان مقابلو ڪري کٽي وڃي ته پوءِ دودي سان مـُـنهن ڏجانءِ.

منهنجا عالادين کي، مغل! ساري ڏيج سلام
هيءُ اوڍر وڙهندءِ اڳتئون، جيڪو لائيندءِ ماتام
منهنجي به آهي نـَـوَ لک فوج ڪهاڙين واري، جا لهي ڏيهاڙي لام
منهنجا قادر ڪم پورا ڪندو، آءٌ ڪريان ٿو ڪلام.

جڏهن محمد خان عالادين جي ڪچهريءَ ۾ پهتو ته ماڻهن کان کل نڪري وئي، جن بادشاهه کي چيو ته: سائين! اهو محمد خان الاجي ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي، جنهن هت چيو هو ته مون کي قاصد ڪري موڪليو ته سومريون ڏسي پسند ڪري اچان، اتي ٻاگهيءَ جي حـُـسن جي به مون کي خبر پئجي ويندي، ان کي واهه جو مور ڪري موڪليو اٿن. جڏهن محمد خان ڀري ڪچهري ۾ سومرين جي ڏسڻ جا اکر چيا هئا، تڏهن چنيسر نـُـهن چوٽيءَ باهه ٿي ويو هو، پر پڳ جي معاملي لاءِ عالادين کي جو اچي دانهن ڏني هئائين، تنهن لالـچ سببان سـُـن کائي ويو. هاڻ جو محمد خان باندر بنجي آيو هو، تنهن تي ڏاڍو خوش ٿيو ته ڀل مغلن کي به خبر پوي ته اڳيان دودو ڪهڙي شيءِ آهي. چنيسر عالادين کي دانهن ته ڏيئي ويٺو پر پوءِ ڏاڍو پڇتاءُ ٿيس ته موڀي ڀاءُ تي بڇ ڪري ڌارين فوج ٿو چاڙهيان، جنهن کي رتيءَ جيترو به عالادين جو ڀؤ ڪونهي، جو انهيءَ قاصد کي جوڳي سيکت ڏئي روانو ڪيو اٿس. پاڻ چنيسر ڪري به ڇا ٿي سگهيو، ڏڌو کير ڪيئن ٿڻين پوي! تنهن ڪري عالادين کي وڌيڪ هر کائڻ لاءِ چوڻ لڳو:

ڀلي بابل کي ڄائين، تنهنجي نچ ويائي ماءُ
گيلاني گمراهيءَ ۾ ٿيندءِ حامي حضرت شاهه
اهو آهي وڳهه قلعو قادر جو، جنهن کي لڳي نه ڪوسو واء
مغل مڃيندا ڪينڪي هاڻ اکين سان ڏسندا.

پوءِ دودي کي دعائون ڪري چنيسر عالادين وٽ آيو ۽ محمد خان ڏانهن اشارو ڪري بادشاهه کي چوڻ لڳو:

ڳهه ڏس ڳوريءَ جا ڪي پوتل چندن هار
جهامڪين
(1) جهانءِ ڇڏي، جنهن جا ڪـِـريا ڪن ڪپار
اڳ چوٽو پوندو هوس چيلهه تي، جنهن جا نزلي نـِـيا وار
اها ٻانهن اٿئي ٻاگهيءَ جي، ڪر مون تي اعتبار.

محمد خان درٻار ۾ پهتو ته ماڻهو وٺي کليا. عالادين هن کي نه سڃاتو ۽ کانئس خبرون پڇيون.

ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
رهين ڪهڙي راڄ ۾، اٿئي ڪهڙو ملڪ مڪان؟

جواب محمد خان جو:

دهلي ديس اسان جو، ملڪ چون ڪـُـستان
پاڙو حاجي زئيءَ جو، منهنجو نالو محمد خان
يارهن لکن اُمرائن جو آهيان سر صوبو سلطان
آءُ برادر تو بادشاهه جي، اوچي ذات پٺاڻ.

جڏهن محمد خان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ته امير وزير کل بند ڪري ماٺ ٿي ويا ۽ بگڙي چيائون ته: اهو ڪهڙو دودو آهي جنهن اسان جي ڀاءُ کي بي مانو ڪري ڪڍيو آهي! اسين سومرن جو جڻ ٻچو پيڙهينداسون. مغلن کي طيش ۾ ڏسي عالادين چنيسر کي گهرائي چيو:

عالادين آڻايس، چلي چنيسر آءُ
بگڙيا ڀائر پٺاڻ جا، سي جهليا نه اچن جاء
ڀڄ ته ڪا ڀـِـيڻي لهين، نه ته ڀڄڻ نه ڏينئي ڀاءَ.

تڏهن چنيسر سينو تاڻي عالادين کي چيو:

اوڏو ٿي عالادين کي چيو چنيسر راءُ
تو ليکي لشڪر آ، آءٌ ڀانيان لـَـنب جو گاهه
لڪڻ کڻي هڪڙو تن جو سـَـٽي ڪڍان ساهه.

هن جي ايتري چوڻ تي چنيسر ۽ اميرن جي جنگ شروع ٿي ويئي.

چوطرف چؤرنگ کي ڦري ويا امراءَ
هيڏانهن ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چڙي چنيسر راء
بگڙيو دايوُ وڳهه جو، سو جهليو اچي نه جاء
پائي جامان جانِ تي، ٻيا زرهه سندا چولا
ٻڌي ڪٽاريون ڪاتيون، سر سونهري سروپاءِ
سوني سـِـيڱ ڪمانگري، بـَـٿـِـي ڪانن هٿ وچاء
ڊگهو ڀالو هٿ ۾ اهو سانگ سومري کي آ
موزن جي مهميز جا پيا ڌرتيءَ تي دهڪا
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾ جيئن، واچ ڪري واڪا
ڪڏي ڪيهر شينهن جيئن، جيوين ڏي هرڻ لاهه
پورب جئن پلٽيو پوي، واچوڙي واءَ کان
آيا لک لـُـڙهي ويا، ڊڄي خوف چنيسر ڊاءُ
لک ماريا، لک لـُـٽيا، ويا اُلٽي اوهيرا.

محمد خان کي جٽ ڪري ڪڍڻ بعد دودي هڪڙي ڀان کي گهرائي چيو: تون وڃي ننگر کي رضامند ڪري مون وٽ وٺي آءُ. اڳي دستور هوندو هو ته ڪنهن بادشاهه سجاده نشين کي يا ڪو ٻيو راجا يا بادشاهه پاڻ سان شامل ڪرڻ گهرندو هو ته ڀٽ ڀان گهرائي، انهن کي حقيقت ٻڌائي، پوءِ ان کي راڳ ۽ واکاڻ سان خوش ڪري، پاڻ سان ٻـَـڌي ايڪي ۾ آڻيندو هو. تنهنڪري ننگر ڏانهن به ڀان راڳيندڙ موڪليو. ننگر جي ماءُ جو نالو  ’مريم‘  ۽ ان جي دَر جي دائـِـي جو نالو  ’لکمان‘  هو.

دودي ڀان اماڻيو، وڃي  ’ننگر‘  نهاري آءُ
بنگلي آڻج ڪينڪي، نڪي ريءَ موڪلائي ماء.

ڀان سرندو کڻي ٿو نڪري، ننگر جي وڏن جي ۽ بنگلن محلاتن جي ساراهه ٿو ڪري. واکاڻ هلندي ڪيترا امير نواب  ’ننگر‘  وٽ اچن ٿا، جن کان ننگر خبرون چارون ٿو پڇي:

سرندو کنيائين سوز مان، جنهن جي تارن رکيو تاء
راڻيءَ جي رنگ محل ۾ پيو سرندي جو به سماع
راڻيءَ چيو ٻانهيءَ کي، در دائيءَ کي داناهه
 ’لکمان‘  ڀاڳـُـو آئيو، تنهن جو لهي آ سـُـڌ سماع.

ڀان، دائي کي هيءَ سڌ ڏني:

دودي مون کي موڪليو، ماڳهين  ’مريم‘  ڏانهن
ننگر جي چڙهڻ جي رکي ساري راڄ صلاح
مائي! ڏي پـُـٽ پنهنجو، ڪري چاچي سان پرچاءُ.

ننگر جي ماءُ مريم جواب ڏنو:

ننگر منهنجو ننڍڙو، لڏي وچ پينگهوڙي لاءَ
جنهن کي مـَـسڙي ناهي منهن تي، چـُـوڻن سان آ چاهه
ننگر وڙهندو ننگن لئي، هـُـنن ولهن جي پاران.

ننڍڙن سنگتين ننگر سان وڃي اها خبر ڪئي.

بس بگل بيهي ويا، جن جي تارن ڇڏيو تاء
ننڍڙا يار ننگر جا، آيا سرندي ساز مٿان
ويا ٿي رونشي راند تي، جن کي ڏائـِـي جوهو ڏانءُ
وڃي ڪيئون حال ننگر سان، سارو ساز سماع
ته ڏيڍيءَ آيو منگتو، تنهنجي مـُـهت نه ڏنو ماء
تڏهن وير وهنجڻ ڇڏيو، نڪتو ساري حضرت شاهه
ڪـُـڏي ڪيهر شينهن جئن، واڪا ڪري واءُ
ڀـَـڙَ! ورايو  ’ڀانَ‘  کي، ٿو پاند ڳچيءَ ڳل پاء
تنهنجو ڪم اسان سان، تون اسان سان ڳالهاءِ
رنن راڄ رُلايا، سي رُليا نه اچن ڪنهن جاءِ.

جڏهن ڀان کي ننگر پرچايو ته ڀان پلٿي ماري ننگر جي محلاتن جي واکاڻ ڪئي:

باغ چڙهيا بنگال، اُچي اڏاوت تن
ٿنڀ، ڪامون چندن جون، جن کي مشڪ ته لـِـنڀ لڳن
کٽون شيشم عاج جون، جن تي هنڌ فراش وِڇن
گـِـلـِـم ته دوداڻين جا ٿا جواهرن سان جڙجن
نـَـوَ ڪـُـڙهون تو نـَـرَ جون، جتي نيرا ناز ڪرن
هڪڙا زور ٻيا شهزور ٽيان ڪـُـميت ٿا ڪهن
هڪ سرخا ٻيا سمنڊ تن تي سونا سنج پون
مـَـهري تنهن ميدان ۾ اچيو ڍاٽي ڍول ڍرن
سنڌ جا سورهيه سومرا! تو وٽ ڪؤنر ڪچهريون ڪن
خان پڇي پيو خبرون، ننگر ڪنان نوابن.

---

چئي: عالادين بادشاهه، جنهن سان اُڙد ٿا اچن
ڪڪا ڪارا ڪاغذي آهي اَونت نه امرائن
ديمين وائي وات ۾ بيٺا  ’دودو دودو‘  ڪن
سڱ اوهان کان سومرا! ٿا ٻاگهيءَ ٻانهن گهرن
جي ڏيو ٻانهن ٻاگهيءَ جي ته اوهان جا رچو راڄ رهن
نه ته نـَـوَ لک ڏهه ڇليون، اَن جي سنڌ روڪي آ تن.

تڏهن ننگر چيو ته:

انهيءَ عالادين کي هتي آندو آهي الله
مرد نه مرد جو پاڻهي سڀاڻ پوندو سماع
بادل وسن رڪ جا، ڀلي ڪان به ڪن ڪڙڪا
ننگر تنهن جا ڀلي ڳوڌا وهن ڳاهه.


(1) مهاڙي = شڪار جو کڏڻو.

(1) ٽانٽي = ڇڪي.

(1) پٽل = دودي جي راڻي.

(1) جهامڪيون = ڪنن جا ڳهه جهومڪ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org