سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 13

 

 

فقير مولابخش ميراثي (تعلقو حيدرآباد) جي کنيل ڳالهه

[هيءَ ڳالهه اسان فقير مولابخش پٽ فضل پٽ محمد علي پٽ رکيل پٽ فضل پٽ ٻيڙو فقير ميراثي، ويٺل ڳوٺ محمد علي ميراثي لڳ مسو ڀرڳڙي تعلقو حيدرآباد جي زباني، حيدرآباد ۾ اسان جي طرفان سڏايل ڪچهري ۾ تاريخ 22/23 سپٽمبر 1964ع تي قلمبند ڪئي، جنهن ۾ پنهنجي ساٿين نواز علي، دوست علي، نبي بخش، محمد يوسف عرف ڪالو ۽ قلندر بخش ميراثين سان گڏ کنيائين. ان وقت مولابخش جي عمر 42 سال هئي. يڪتاري ۽ پڪواز تي،  ”راڻي جي سـُـر“  مان ڳالهه کنيائين. ڳالهه کڻڻ ۾ فقير مولابخش اڳواڻي ڪئي ۽ ساڳئي وقت پڪواز تي وڄت پڻ پاڻ ڪيائين. ميراثين جي گهراڻي ۾ اها ڳالهه نهايت آڳاٽي وقت کان هلندڙ آهي. هن وقت (1976ع ۾) مولابخش سان محمد يوسف عرف ڪالو ۽ قلندر بخش (پٽ مولابخش) جوڙ ۾ ڳالهه کڻائين. ن - ب[

اول نام الله جو، ٻانهان! ٻيءَ نه لڳ
لڳ ڀلي جي آسري، آهي جنهن پر سارو جڳ
ري ٿنڀين ري ٿوڻئين، آگي عرش اڏايو اُڀ
تارا ڏيون تجلا، چوڏس خلقيئين چنڊ
مالڪ تنهن ملڪ تي آهي صاحب جوڙيو سج
آهي مير مديني ۾ مصطفيٰ، پانڌين تيڏانه پنڌ
پانڌين پنڌ پورا ڪري، وڃي حاجين بخشي حج
وٺجئين راه رسول جي، دين سندو اٿئي دڳ.

سالڪ چيو آهي ته: اي ٻانهان الله جا! ساراه پنهنجي رب العالمين جي ڪر، جنهن جوڙي جڳٽ جهان پيدا ڪيو آهي. محابي مٺي محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي سڄي ڪائنات ان جي محبت ۾ پيدا ڪيائين. وري ساراه انهي پيغمبر کي جنهن جي ڪري سڄي لولاڪ تيار ڪيائين. هي دنيا سڄي گذر جو مڪان اٿوَ، تنهن ۾ ڪئين بادشاهه ڪيائين، ڪئين قطب اولياءِ ڪيائين. ٻيا سورهيه، غازي، سخي ڪيائين. ڪي مرد ڪيائين، ڪي نامرد ڪيائين. سڀڪو مري هي جهان ڇڏي ويندو، مگر ڳالهه نه مرندي! چڱو هوندو چڱي ڳائبي، مدو هوندو مـَـدي ڳائبي. سالڪن چيو آهي ته دنيا گذر جو مڪان:  ”رهندي وڃي ڳالهه هاڙي ۾ هوتن جي“ .

مرد گذاري ويا، الاجي ڪهڙي سنه ۾، انهن جي ڀـِـي هينئر آهي ڳالهه، جا شاعر ڳائي آهي. سـَـمان ۽ سومرا، وڳهه جا ويٺل. دودو ۽ چنيسر ٻئي ڀائر، جن جو پيءَ  ”نـَـهرِي دودو“  گذاري ويو. ڀونگر راء جو پٽ هو نهري دودو. چنيسر وڏو هو، لوهاري جي بنياد مان هو ۽ دودو ڏاڏي پوٽيءَ منجهان هو. ٽـِـي هنن جي ڀيڻ هئي شهزادي ٻاگهي.

چنيسر اها ڳڻ ڪانه ڪئي ته اسان جو تخت غيرآباد آهي. آباد ڪجي، دودي اها ڳڻ ڪئي ته ڪيترا ڏينهن گذر ٿي ويا ته چنيسر ڪابه ڳڻ ڪانه ڪئي. راڄ ڀاڳ گهرائي تخت آباد نه ڪرايو، هاڻي آءٌ ڀائرن ۾ خط لکي پنهنجا ڀائر گهرائي تخت آباد ڪريان، راجا راڄ ڪري، رعيت سـُـک وٺي. سو دودو ڀائرن ڏي خط لکي ۽ شاعر بيت ڪري:

ٻاٽي ٻاٽي ڏينهڙا، لڳا ڀونگر راء سـُـتي
مردن آڻي مامرو، ٻڌو پڳ مٿي
خيري خط خلل جا لکيا دودي راء
ڪڇ ڀـُـڄ ڪاڇي ڏي ويا، ٻيا ماٿيلي مٿاء
هڪ ويا جيسلمير ڏي، ٻيا  ’ٻاهڙمير‘  مٿاء
آيا سي اجمير ۾، ڏيئي  ’جاڙيجا‘  جـُـلبا
 ’چـَـنـُـو‘  چڙهي آئيو،  ’ڀٽي‘  جنهن جو ڀاءُ
 ’راڄڙ‘  روڪي آئيو، بانڪو بنگلي کان
دودي ديميون آئيون، وڳهه ڪوٽ وچان
دودو مردن کي مـَـيدا ڏيوي گهوڙن داڻو گاهه
سمان مليا هئا سومرا، اچي گڏ ٿيا اُمراء.

دودي پنهنجا ڀائر گهرايا، اِهي راڄ ڀائر سڀ دودي جا سلامي هئا. جنهن امير ۽ صوبي کي جتي خط مليو، اُهو اُتئون تيار ٿي، پنهنجي اميرن ۽ وزيرن سان پهچي ويو. لاکئون لاک امير وزير، سما سومرا، جاڙيجا ڀٽي، گـُـجر، چنا، راڄڙ، خفيف ۽ هولياڻي اچي گڏ ٿيا. انهن جي خدمت ۽ رسائي ۾ اڳيان پي هزار ۽ لک اُٿي تـَـجوا ڪرڻ لڳا، ۽ جهڙا آيا مير تهڙيون ٺاهيئون مهمانيون. ٻوڙ ۽ پلاءُ، شيرا ۽ حلوا، چاشني ۽ قورما، دم پـَـساه گرم مال تيار ٿيا. اهڙي قسم جون مانيون ٺاهيئون جو غريب ڌپ تي مـَـچي وڃي، پوڙهو کائي ته جوان ٿي وڃي. اهڙي مال مان گراهه ٺاهي رک چـَـپ تي، ٽـَـپـِـي چڙهي ڄـِـڀَ تي، پـِـيلڪ ۽ نـِـهيرڻـِـي سان ٺهڪو ڪري آنڊي ۾، جيئن ننڍڙو ٻار کڻي کوهه ۾ ڀتر ڦٽو ڪري ته ٿئي  ’ٽـِـڀئون‘ . اهي کاڌا پيتا ٿيا. هلي خبر چار. ڀائرن چيو ته: دودا، اسان راڄ کي گهرايئي، ڪهڙي حقيقت آهي، اُها خبر ٻڌاءِ! دودي سوال ڏنو ته:

 ”ڀائر وڏي وَکري، جڳ جـِـيوَنتا هـُـونِ
جيهو ميلو ڀائرو، الله ڪري سو“ .

اوهان ڀائرن کي گهرايو اٿم ته اسان پاڻ ۾ ٻه ڀائر آهيون، ٽي آهي اسان جي ڀيڻ شهزادي ٻاگهي. پيءُ اسان جو گذاري ويو. پڳ اسان جي ڏاڏي جي رکيل آهي، جا گـُـجرن جي جهيڙي سببان منهنجو پيءُ به ٻڌي نه سگهيو. هاڻي اوهان ڀائرن کي گهرايو اٿم ته اوهان پنهنجو راجا ٺاهي، تخت آباد ڪريو جو غير آباد ٿيو پيو آهي ته راجا راڄ ڪري ۽ رعيت سک وٺي. اها ڳالهه ٻڌي پاڻ ۾ ڀائر پـَـهي دودي کي بيت چون، شاعر چئي ٻڌائي:

ڀائر پـَـهيو پاڻ ۾، ڪئي سردارن صلاح
دودي ڏاڏي پوٽي مان، چنيسر لـِـڇِ لوهاريءَ آه
پڳ ڏيون دودل راء کي، جنهن سـِـر جوڙ جڳاءِ.

اها راڄ ڳڻ ڪئي ته چڱا چوندا آهن ته:

پاڳ ڦڙڪو جو ٻـَـڌي، ڪٽاريءَ جـُـهوڙو
ڀڳي ڪٽڪ اُهو وڙهندو جيڪو مهمانين پورو
تنهن کي ڏجي ٻانهڙي، رَءِ رڱيس چؤڙو.

سالڪن چيو آهي اصل ۽ نقل جو تفاوت آهي. چيو اٿن ته:  ’جنهن جي ناني نڀاگي، انهيءَ جو ڏوهٽو ڏاتار نه ٿيندو‘ . پيءُ کائيندس ڪـُـني ۾، پـُـٽ ٺاهي ڍڪڻ جي ٻيڙي ٻوريندس. چنيسر لوهار جو بنياد آهي تنهنڪري پڳ دودي کي ڏينداسون جو ڏاڏي پوٽي منجهان آهي، ۽ ٻيو ته سالڪ ۽ سالم آهي. چنيسر وڏو آهي، ڏاڍو جوان به آهي ٻه ٻـَـنڌيو، پر آهي بيوقوف ۽ پر متڙيو. ان وٽ ڳـَـڻَ ناهي. دودي وٽ ڳـَـڻ آهي، تنهنڪري پڳ دودي کي ڏينداسون.

اها خبر وڃي چنيسر جي ڪنين پيئي. چنيسر دل ۾ ويچار ڪيو ته پڳ مون کي نه ملندي ۽ پڳ دودي کي ڏيندا، جو ڀائر گهرايا آهن دودي، مون نه گهرايا آهن. تنهنڪري غصو ڪاوڙ جو روح ۾ رکي، گهوڙي تي زين ڪيائين، بهانو شڪار جو ٻڌايائين. پاڻ گهوڙي تي سوار تي ٻيلي ۾ اچي پهتو. پوئتي دودي پڇا ڪئي ته: هتي چنيسر ويٺو هو سو ڪيڏانهن ويو؟ ته هن زماني ۾ يار ۽ ڀائر درجا آهن ٻه، هڪڙا جاني يار ٻيا ماني يار. جاني يار جيڪي سر جا سچا، لڳي ڀڳي مهل سر گهوري ڏين، جئين ڏوڪڙ گهوربا آهن ۽ مانـِـر يار جيڪي سـِـيري جا ڪـُـٽائو ۽ ٻوڙ جا پـِـلڪائو. اُهي ٻوڙ کائڻ وارا نه ڪـُـڇيا، باقي جيڪي جاني يار هئا، انهن ٻڌايو ته ڪاوڙجي بهانو ڪري شڪار جو، ويو آهي ٻيلي ۾. اها ڳالهه ٻڌي دودو پنهنجي ڀاءُ ڏي خط لکي، روانو ڪري، شاعر بيت چئي ٻڌائي:

خيري خـَـطُ خير جو، لکيو دودي راء
هي پيڙهي، هي پڳڙي، تو سر جوڙ جڳاء
اچي ڏي تون  پير پلنگ تي، ويهه مـَـنجي موڀي ڀاءُ
پاڻ ڀائر پرچون پاڻ ۾، راڄ ڪندا مون کي ڇا.

اهو خط لکي دودي چنيسر ڏي روانو ڪيو. خاطي خط کڻي چنيسر کي آڻي ٻيلي منجهه ڏنو. خط چنيسر کي مليو، خط کولي پڙهي خوش ٿيو ۽ گهوڙي تي سوار ٿي وڳهه ڏي هلڻ لڳو ۽ دودي کي دعا ڪرڻ لڳو:

دودا! ڀلي بابل کي ڄائيين، تنهنجي نچ ويائي ماءُ
گيلاني غم لاهي جو، توسان حامي حضرت شاهه
وڳهه قلعو قادر پير جو، جنهن کي لڳي نه ڪوسو واء
ڪونه ڏسندين ڪڏهن، قبر عاذابا
ادو به ٿيين، اَبو به ٿيين، راڄ ڪندا مونکي ڇا.

چنيسر گهوڙي تي سوار ٿي، اها دعا ڪري گهوڙي جون واڳون ڇڪيون. گهوڙو بادشاهي هو، جنهن يڪدم سٽڪو ڪيو وڳهه ڪوٽ جي دروازي تي ته اڳيان نوڪر هزارين ويٺا هئا، سڀ سڙي ويا ته چنيسر ناحق آيو. هڪڙو ڪونه اُٿي جو گهوڙو جهلي. دودي دل ۾ ويچار ڪيو ته راڄ جو رضامندو نه آهي ته چنيسر پڳ ٻڌي. اڳيان گهوڙو ڪير ڪونه ٿو وٺيس. هاڻي گهرايو آهي مون، آءٌ نه مانُ ڏيندوسانس ته ڪير ڪونه مان ڏيندو. دودو پاڻ تيار ٿيو گهوڙي جي واڳ جهلڻ لاءِ. جڏهن دودو اُٿيو ته هزارين اُٿي پيا. راڄ دل ۾ ويچار ڪيو ته هو ڀائر هڪ آهن، اسين راهه گناهه ٿا ڏٺا ٿيون. پوءِ چنيسر کي پٽ تي پير نه رکڻ ڏنائون. مٿي کڻي آڻي تخت تي وهاريائونس. جڏهن چنيسر اچي تخت تي ويٺو، تڏهن دودي حڪم ڏنو ته پڳ کڄي اچي. شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، ڀلي بيت ڀـُـڪائي:

بـِـگل وڳا بهادري، ڌڪڙ ڌمالون ڪن
ناد نفيلون وڄيون، مزا ٻڌا مـُـرلين
سٽڪا پيا هئاستار جا، ٻـَـڌي ڌان ڌان دنبورن
سوين ڀـَـٽ ڀان هئا، جي ڪـَـهندا ڪـَـبـَـت اچن
پنجاهه ورني پڳڙي، آئي سوني ٿالهه منجها
پهريون پيچ پريت جو ڏنس دانه دودي راء
عقل نه هئو امير کي، جنهن سان بخت نه ڀيڙو آ
کڻي لاٿو ابليس تخت تان، نه ته هو پيڙهي مٿي پتشاهه
پوءِ ٻڌندس پڳڙي، پهريان پـُـڇان جيجل ماءُ.

اهڙا راڳ تماشا ٿيا. پڳ کڄي آئي سوني ٿالهه ۾. دودو اُٿيو، پڳ جا ور چونڊي هٿ ۾ ڪري، چنيسر کي چيائين ته: سـُـهماڻي، سـُـهـُـه چوڙِي، ادا! ٻـَـڌ پڳ. پڳ دودي کڻي ڏني، پر چنيسر جي به قسمت ۾ ڪانه هئي، جو ساعت ڦٽي پيس، انهي ڦـِـٽي جو ارادو شيطان اچي روح ۾ رکيس. عقل جي ڳالهه ڇڏائي ويس جو بخت موڪلائي ويو، عقل هارجي ويس ۽ روح ۾ ارادو پيس ته سڀڪو ٿو چوي ته پڳ ٻڌي دودو، هڪڙو دودو ٿو چوي ته پڳ ٻڌي چنيسر هاڻي، الله کان سواءِ ۽ اَمان کان سواءِ منهنجو سڄڻ هت نه آهي، اَمان کان پڇان ته پڳ ٻڌڻ سـُـک يا ڏک. اهو ارادو آڻي، پڳ لاهي کڻي تخت تي ڦٽي ڪيائين. پڳ ڦٽي ڪري ماءُ جو نالو وٺي، دودو چنيسر کي بيت ڪري، شاعر چئي ٻڌائي:

متان آيئي عقل اڱارن جو، سيڪ سنداڻن ساهه
چڙهيو تخت تان لهي پوي، سو وري نه ٿئي پتشاهه
ٻار وڃن ٿا راند تي، سي نه پڇن ٿا ماءُ
هي ويل وڃئي ٿي هٿ منجها، پوءِ هڻندين هٿڙا.

دودي هڪل ڪري چيس ته: ٻـَـڌ پڳ، مهل اٿئي، جي نه ته هزارين حيلا ڪندين، پڳ نه ملندئي! چنيسر مڙس هو خارباز، ڏاڍو جوان، تنهن چيو ته: اَمان جي پڇڻ کان سواءِ حرام جو وَر وجهان. دودو چوڻ لڳس ته: ننڍڙا ٻار راند تي ويندا آهن سي به ماءُ کان پڇي نه ويندا آهن، تون پڳ ٿو ٻڌين ته ماءُ کان ٿو پـُـڇين! چنيسر چيو ته: اَمان کان نه پڇندس ته پڳ نه ٻڌندس. تنهن تي دودو چوڻ لڳس ته: سالڪن چيو آهي.

تـِـل جي گٿي، سؤ چوٽان کاوي
ڳـَـئي مصلحت، وَل نه هٿ آوي
اڳي دي مصلحت، پـِـيڇي آوي
ڪارِي ڪر، تان ٻئي نه کاوي.

پر چنيسر پڳ ڦٽي ڪري هليو وڳه ڪوٽ جي دروازي تي. خوشي جا وڄندڙ ساز بند ٿي ويا. اندر سومرن جي ڪوٽ ۾ لکين هزارين عورتون گڏ ٿيل هيون، جو خوشيءَ جو ڏهاڙو هو. بادشاهه ٿي ٺاهيائون. چنيسر جي ماءُ عام خلق کي گوشائتي بيٺل هئي، جنهن کي خبر پئي ته وڄندڙ ساز بند ٿي ويا، تنهن ٻانهيءَ کي سڏ ڪري چيو ته: ٻاهر نڪري ڏس ته خوشيءَ جا ساز بند ڇو ٿيا؟ سو شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

بس بگل بـِـيهي رهيا، طـَـبل ڇڏي ويو تاءُ
ٻائي چيو ٻانهي کي، اندر دائيءَ کي داناءُ
ته ڀائر ٽڪربا پڳ تا، لـَـکمان! لهي آ سـُـڌ سماءُ.

ٻانهي جو نالو  ’لکـَـمان‘  هو، انهيءَ ٻانهيءَ کي شهزادي چيو ، سا ٻاهر نڪري ڏسي ته چنيسر سومرو هڪڙو اک ٿو کڻي ته هزار هنجون ٿيون وَهنس، سو چنيسر کي ٻانهي بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

آ چنيسر سومرا! توکي کـِـلڻ ناهي مـُـهان
ڪوه ڪـُـو ماڻين گـُـل جيان، بيٺو روئـِـين رَت مـُـهان
متان تـَـڙئين ڪنهن سومري، يا دانه دودي راء!

ٻانهي چوڻ لڳيس ته: چنيسر! ڇو ٿو روئين، متان ڪنهن طعنو هنيو اٿئي، تڏهن ٿو روئين؟ سو چنيسر ٻانهيءَ کي جواب ڏئي فقير چئي ٻڌائي:

اڳيان دور درياه جا، پٺيان ٻري ٿو آڙاهه
پير وجهان پاڻيءَ ۾، مون کي ٻوڙي ٿو درياهه
پير ورايان پوئتي، مونکي ساڙي ٿو آڙاهه
هاڻي ڌرتي جي مون جاءِ ڏئي، ٿـِـيوان زمين ۾ ضايع.

چنيسر ٻانهيءَ کي چوڻ لڳو ته: رب کي سوال ڪر، پيرن کان ڌرتي ڦاٽيم، زمين ۾ گـَـؤن ٿي وڃان، نه اڳتي وڃان نه پوئتي وڃان. چنيسر جي ماءُ به يڪدم پٺيان آئي، تنهن کي به پڪي خبر پئجي ويئي ته هي پڳ ڦٽي ڪري آيو آهي. سا پنهنجي پـُـٽ چنيسر کي طعنو هڻي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

پورهيا صاب نه پيڙا، سائينءَ جي درٻار
توکي ڏهه مهينا پيٽ ۾ ناحق مون سور سـَـٺا
هاديءَ هـَـٿ هدايتون، پرور ڪـِـيـُـئي پيدا
توکي تـَـنجيو هئم ترار سين، ڀر ي دُڪا ڪانَ وڌا
جـُـوان! اوهان جي جنگ جي اصل آڏ وڏائي آه
کنو آهي کيٽ اوهان جو، سـَـمن پوک اها
ڊَڊا ڊاکر وڪڻي ڇڏ، وڃي ڌڻ رڍن جو ڌار
تنهنجون رڍون چرنديون ريل ۾، گهـِـڏيو گهيٽا چار
کڻ ڳاڙهو لڪڻ هٿ ۾، تون ڍِليو ڍيرِي ڍار
ماڻهين ماهياڙو ڪندي، دودل جي درٻار
پيا پـيٽ پـَـرنداسـُـون، ڪنداسون لسي وِڪئي جي ڪار.

ماءٌ هن کي چوڻ لڳي ته: اَبا! گهوڙا ۽ جوڙا سورهيه جنگ جا، ڇو ٿو روئين؟ تو جڏهن ڄائو هئين ته توکي مون سـَـوَڻ ۽ سـَـهـَـج ڪيا ۽ مون جبل جيڏيون پيڙون سـَـٺيون هيون. جڏهن تون ڄائو هئين ته مکڻ جا ڪانَ ڀري تنهنجي وات ۾ وڌا هئم ته ڪانَ گهڻا جهلي. توکي ترار سان تـَـنجيو هئم ته تـَـراريون گهڻيون جهلي. هاڻي اُهي تراريون جهليندا آهن  ”ڀـَـڙ“  ۽ تون ٿئين  ”ريڀڙ“ ، تنهنڪري گهوڙا ۽ جوڙا وڪڻي ڇڏ، ڦـِـري ٿي  ”ريڍار“ . سالڪن چيو آهي ته:

ڪڏهن ڳاڙها گهوٽ، ڪڏهن مڙه مقامن ۾
واريءَ سندا ڪوٽ، اَڏي اڏيندين ڪيترا.

هاڻي تون رڍون چار، ڌڻ کڻي ڌار، جوڻهين ڦـَـرَ ڦيري ايندي، آءٌ وڃي ماهياڙو ڪنديس دودي بادشاهه جي بادشاهي ۾، پيٽ پيا پـَـرنداسون، رو نه! چنيسر جي زال به مٿان اچي ويئي. ان پنهنجي چاچي سـَـسُ کي چيو ته: پـُـٽ ڄايو تو آهي، پر پار مڙيئي مون وٽ اٿس. سو شاعر بيت ڪري فقير چئي ٻڌائي:

اڳي هـُـيونسون ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽـِـلي ٿيونسون ٽي
واڍا وڳه ڪوٽ جا، آ ڪاريگر ڪوٺي
چرخا چندن عاج جا، تاڙيون تون چيراءِ
جوٽا جسيلمير جا سي اوڏاهون آڻاءِ
اڳي ڪـَـتيوسون ٿي پاءُ ساؤ، هاڻي سير به سويري
هڪڙي تاڃي گهر ۾، چئبس ڪوري! ڀيرو مَ لاهه
اهو کـَـٽيو چنيسر راوَ جو، چاچي! گهر ويٺي ويٺي کاءُ.

شهزادِي مريم جا چنيسر جي جوءِ هئي، پنهنجي چاچـِـي کي چوڻ لڳي ته: پٽ تنهنجو اهڙو بي همت اهي جنهن کان رڍون ته گدڙ کڻي ويندا، مال ٿي مارائين. هي به پاڻ جهڙي جوءِ آهي ڇو ته مرد صلاح ڪن مردن سان، زالون صلاح ڪن زالن سان هاڻي ٿڌي ڇانو جو پورهيو، گهر ويٺي جي ڪار، چرخو ٺهرائي ڏينس. ٻٽي ڏينهن هٿ مـُـنجهندس، ٽئي چوٿين ڏينهن کان پوءِ سيرن کي ڌڪ هڻندو. ڪوري جي گهر ۾ تاڃي رکي هوندي ته به سعيو ڪري ڇڏبس ته ڀيرو نه لاهج، روز ايندين ته تاڃي کنيو ايندين. ته به چنيسر ڪين ڪـُـڇيو ڏسي ته  ’هٿان مون پيئي، ڪـَـچو ڪيچين کي ڪيئن چوان‘ ؟ سو ڪونه ڪـُـڇيو. چنيسر کي سندس زال وري طعنو هنيو:

ڪانڌ ڪچهري ڪـُـوَڙو، کاوَڻ جو کـَـرو
مڻ گجرن جو گوڏ ۾، لـَـهي واڙين جو پرَو
گهر ويٺي پـُـٽ گهائبئـِـي، چاچي! پوندس ڪام وَرو.

چاچـِـي کي چوڻ لڳي ته: اهڙو آهي جو مڻ سوا گجرون پاڻ وٽ هوندس، ته به ارادو ڪندو ته واڙيءَ تان ڪي ٻٽي گدرا کائي اچان. پوءِ واڙيءَ تي ايندو، ڪاري واري کاڌ ڪندو. کاڌ ڪري اچي جاءِ جي اندر سمهندو. اَڏين ٺاهين مرد، هن کان ٺهرائي نه پڄندي، جا مائٽاڻي پراڻي جاءِ، ڪامَ بـُـٿـِـي ٿي ايندي، جڳهه مٿا وري پوندس، ائين گهٽجي مري ويندو. ته به چنيسر ڪونه ڪڇيو. تڏهن ورائي ٽيون طعنو ٿي ڪريس:

ڪانڌ ڪچهري ڪـُـوَڙو، چـَـٻي سـُـڪو اَن
ويئي مايا ملوڪ کان، جنهن کان ويو ڌُتاري ڌَن
گهر ويٺي پـُـٽ مارُون کائيندئي، مون کان جهلي ڏوين جا ڳن.

شهزادي چوڻ لڳي ته: ڪـُـرڪـُـريو ڀتار ڪندو چلهه تي چـَـڪر. ٻيو کاڌي کان سواءِ هن جي سرندي ڪانه. پيٺي ۽ پـَـڪي تائين دم نه کائيندو. چوندو جيسين پـِـيهـِـي ۽ پچايو، تيسين ڪو پـَـڻُ ٻه ان جو (1) ڏيوم ته چار ڪڻا ڦـَـڪي وندريو ويٺو هجان. جڏهن ماني پچندي تڏهن چوندو ته اها مڙيوئي مونکي ڏيو، ٻيا سڀئي سمهي رهن. پوءِ سومرن جي سنهي ڏوئي ته به ساڍا ستٽيهه سير (2) ، ڦيرائي ڪنن جي وچان ڏيندي سانس. ٻيا ڦهه چلهه جي پاسي سان. ائين ڏوين جا ڌڪ کائي مرندو، هي سورهيه ٿي نه مرندو. تان ڀـِـي چنيسر صبر ۾ رهيو. پوءِ اُهو طعنو هنيائينس جنهن جيئري جاني جدا ڪري وڌا. ديس ڇڏائي پرديس ڏيکاريئينس. سو شاعر بيت ڪري ۽ فقير چئي ٻڌائي:

مريم مينڍا ڇوڙيا، سـِـنڌُر ڳـُـترا وار
زري ۽ زربفت جا، لـُـڙ ۾ لوڙهيئين سينگار
ته هـِن ور ري وِلهيون ٿيون سـُـون، اسان جي پـِـير رکندو پن
ڏيانس نه پاس پلنگ تي، ڄاڻي هڪ اُ
نار چيو نر کي: آءٌ ڀيڻ، چنيسر ڀاءُ
هاڻي چنيسر سومرا، ادا! ويهڻ تو نه جڳاءِ.

شهزادي مريم، پنهنجي بادشاهيءَ جي فخر جا ويس وڳا ۽ هار سينگار پهريو بيٺي هئي، جنهن کي ٻانهيون ٻـِـيڙا، چـُـوئا چندن، مشڪ کٿوريون، عطر عنبير لڳل هئا. اهي پنهنجا سينگار زمين تي اُڇلائي، چنيسر کي چيائين: اڄ ڏينهن کان وٺي جيڪا توکي پاسو ڏئي، سا ڀاءُ کي پاسو ڏئي. مڙس هجين ته ملڪ ڇڏي وڃ نه ته ٻڏي مر، اسان جو ننگ الله تي آهي! اتي چنيسر کي پيرن کان وٺي چوٽيءَ تائين باهه لڳي ويئي، سو سندس شهزادي کي بيت ڪري:

مريم! ڏي نه مهڻا، منهنجو ساڙي وڌئي ساهه
دانهن ڏيندس دليءَ ۾ عالادين اڳيانء
ڀاءُ ٽنگايان ڀالن ۾، جنهن جو اکئين رت ڏسان
سنڌ سـُـڃي ڪندس سومرن جي، لايان مـُـلڪن سان ماتام.

چنيسر ڪاوڙجي جي چوڻ لڳو ته: وڌيڪ طعنا مهڻا نه ڏي. ترار مان ارڙهن ٽڪر ڪري ڇڏيندوسئين. جنهن راڄ ۽ دودي مون کان پڳ کسي آهي، اهو ڀاءَ ۽ راڄ ڀالن ۾ ٽنگائيندس. هتي نه ويهندس. وڃان ٿو دِلي، عالادين بادشاهه وٽ. اها ڳالهه ڪري، چنيسر وڃي گهوڙي تي زين ڪئي ۽ وڃڻ جي تياري ڪيائين. سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چـِـڙيو چنيسر راء
اچي بگڙيو ديهـُـه وڳهه جو، جهليو اچي نه جاء
هولَ ڪنگول ٿو وجهي، پايو زره سندا چولا
ٻـَـڌي ڪٽاريون ڪاتيون، ٻـَـڌي سونهري سـَـروپاء
ڊگهو ڀالو هٿ ۾، سانگ سـَـمي کي آه
جنهن جي دونالي دَهڪا ڪري، ٻي بغل بندوق ڀـِـي آه
سونـِـي ســِـيڱ ڪـَـمانگـِـري، بـَـٿـِـي ڪانن هٿ وچا.

---

سـَـت هٿيار سومرو، پهري بيٺو پٽ
جنهن جو آهي ننگر ننڍڙو، ٿو لـُـڏي پـَـنگهوُڙي وٽ
اچي چـُـمـِـي کنيائين چـُـوڙَ تي، روئي رت ڦڙا
ننگر! مئا سهسائي سڀڪو، جيئري جاني ٿئي نه جدا
وري وڳهه ڪوٽ ۾ اچان تو ننگر نينگر لاءِ.

چنيسر پنهنجي جان تي زرهه پائي، سڀئي هٿيار ٻڌي، سڄي وڳهه جي ڪوٽ مان ڪنهن کان ڀـِـي نه موڪلايائين. سندس پٽ نالي ننگر تيرهن ڏينهن جو معصوم پينگهي ۾ پئي لڏيو، انهي معصوم کي کڻي پنهنجي هٿن تي، بيهي رت جا لڙڪ هارڻ لڳو. چوڻ لڳو: ننگر! آنڊن ڇڪ کائي، تنهنجي لاءِ هن وڳهه ۾ وري اچان ته هڪڙي ڳالهه آهي، نه ته ساري سڀ ڄمار طلاق آهي وڳهه جي ڪوٽ کي. اها ڳالهه ڪري گهوڙو ڇڪي وڳهه جي دروازي کان ٻاهر نڪتو.

جڏهن چنيسر پڳ تخت تي ڦٽي ڪري آيو هو، پوئتي راڄ پاڻ ۾ صلاح ڪري دودي کي شراب جو نشو پياريو، جنهن ۾ دودو گرفتار ٿي سمهي رهيو. دوسـُـو نالي دودي جو سالو، پنهنجي مٿي تي پڳ ٻڌي ۽ دودي کي مٿي تي پهرايائين. مٿان بادشاهي ڇٽ جهـُـلايائينس. ڀير ڌڪاء ڪيو ته دودو بادشاهه بادشاهي ڪري، سو ڀير جو ڌڪاء چنيسر به ٻڌو. هيڪاري پڪ ٿيس ته هاڻي پڳ مون کي ڪانه ملندي، سو گهوڙي تي سوار ٿي دلي ڏي هلڻ لڳو. شهزادي ٻاگهي دل ۾ ويچار ڪيوته  ’ٻه ته ٻارهن، ٽي ته ٽيهه- هڪڙو وڻ ڪانهلو، توڙي ٿـُـڙ ٿلهو‘ . چنيسر ڪاوڙجو ٿو وڃي، دودو هڪڙو ڇا ڪندو؟ ڇو نه وڃي دودي کي ڄاڻ ڪريان! سا ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتي. سڌي ڪچهريءَ ۾ هلي آئي. اچي ڏسي ته دودو ستو پيو آهي، سا پاسي کان بيهي پنهنجي ڀاءُ کي بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي، سو ڀلي بيت ڀـُـڪائي:

ٻاگهي رُوندي آئي، اچي ڀاڪر پاتائين ڀاء
پٿراڻي پير ڊگها ڪري، سـُـتين ڪهڙي ساء
ڀاءُ وڃئي ٿو ڀر منجهان، پوئي ٿو ڪونه سماء
سنڌ سڃي ڪيو سومرو وڃي سندو راڻين راء.

شهزادي دودي کي هوشيار ڪيو ته: تون ستو پيو آهين، چنيسر ڪاوڙجي ويو. ڀاءُ کي وراءِ! دودو ڀڙڪو کائي اٿيو، ڏسي ته تاج منهنجي مٿي ۾، مٿان ڇـَـٽ ٿو جـُـهلي، دودو سڙي ويو، خار لڳس. پڇا ڪيئين پنهنجي ڀائرن کان ته: هي ڪم ڪنهن ڪيو؟ راڄ چوڻ لڳو: تنهنجو سالو دوسـُـو، انهيءَ ڪم ڪيو آهي. دودي دل ۾ ويچار ڪيو ته هڪ هٿ جي تاڙي نه لڳندي، سڄي راڄ جي حرڪت آهي. اها صلاح نه چئبي، اها حرڪت چئبي. دودو چوڻ لڳو ته: جن اسان ڀائرن کي ٽوڙيو، اُهي به ٽـُـٽي مرندا. پر اهڙو ڪو جوان آهي جو منهنجي ڀاءُ کي ورائي اچي! سو بيت چوڻ لڳو:

آهي ڪو اُٿي وڃي منهنجو ادل ورائي
سڀڪنهن کي سونيون ڏيوان، ڇڏيان لوهيون لهرائي
ديرا ۽ جاگيرون، خان کڻي ۽ کائي.

دودي چيو: اڄ ڪو منهنجي ڀاءُ چنيسر کي ورائي، سونَ جا هٿيار ڏئي، رُڪ جا هٿيار لهرايانسِ. ڪڙيا ۽ جاگيرون ڏيانسِ پر ڪو منهنجي ڀاءُ کي ورائي. هولياڻي پاڙي ۾ ست ڀائر هئا. انهن کي کوٽ دل ۾ هوندو هو. دل ۾ چوندا هئا ته دودو يا چنيسر پنهنجي منهن اڪيلا ٿي اسان ستنئي ڀائرن سان ڪا راند يا ڪا لڙائي ڪن ته هڪڙي کي ماري ٻئي کان زوري پڳ کسي وڃون. انهن ستنئي اٿي سلام ڪيو ته: اسان کي موڪل ملي ته چنيسر ورايون. دودي حڪم ڏنو: بيشڪ ورائي اچو. اُهي ستئي ڄڻا، چنيسر کي ورائڻ جي لاءِ اُُٿيا، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ست ڀائر سومرا، ستئي جـُـنگ جوان
تازي ڇوڙيئون تڪڙا، ڪڏايئون ڪيڪان
پڇن ٿا دربان کان آهي ڪٿي چنيسر راء
او اهو چنيسر سومرو، دودي سندو ڀاء
وٺي آياسين نام الله جو، پاند ڳچيءَ پائي
ميڙ آندوسون مصطفيٰ، ڇڏ نه محمد موٽائي
جيڪو ميڙ مڃي ڀائرن جو، سو خطا نٿو کائي
نه ته جـِـين تـِـين سومرا! هلنداسون ئي وڳهه ورائي.

اهي ستئي ڀائر گڏجي آيا، دربان کان پڇا ڪيئون ته: چنيسر ڪيڏانهن ويو. دربان ڏس ڏنو ته: هو وڃي ٿو. ڊوڙي اچي ميڙ منٿ ڪيئونس: الله جو اسم وٺي آيا آهيون، ميڙ کي مان ڏي، وري هل. ميڙ مڃڻ ڀائرن جي عزت آهي. هلندين ته به هلندين، نه هلندين ته به جين تين به وٺي هلنداسون. چنيسر چيو: ادا‍! اهڙي ميڙ ڪئي هئوَ، منهنجي دل پٿر هئي سان مکڻ کان به ڪونئري ٿي پئي. پر ميڙ ٺاهي ڦـِـٽائي ڇڏيو اَٿوَ. هاڻي پاڻ ۾ نبري پوءِ هلنداسون. هنن ستنئي کي بانور ئي جهيڙي جو هو، سي ستئي چوٽ ڪن چنيسر تي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

هـُـل ٿيو هولاڻين جو، آيا ستئي صف ڪري
لڳي چـَـنبي چـُـريا ڪينڪي، ڏڪـِـي ڏنئون ساهه
ستن کي سوڙهو ڪيئين، جـِـيوين هاري سٿي گاهه.

هـِـنن ستنئي چوٽ ڪئي. چنيسر پنهنجي گهوڙي تان لهي چڪر ڪري سـَـٽ سـَـٽ جو چماٽ ڪري ته ستئي پهلوان، جهڙا ٻارهن مهينن جا مئل. ٽنگ ۾ هٿ وجهندي مڙس مڙس تي ائين سٿيائين، جيئن هاري ڳاهه سٿي. اهو چنيسر جو انصاف هڪ الله ڏٺو، جو هر هنڌ حاضر آهي، ٻيو ڏٺو در جي دربان. دربان جـُـتي هٿ ۾ ڪئي ۽ وٺي ڀڳو دودي بادشاهه وٽ. اچي چوڻ لڳو ته: دودا! هو ستئي سـُـڪ آهن. هڪڙو عضوو چورينِ ته آءٌ پنهنجا ڪن ٻئي ڪپائي ڇڏيان! دودي چيو ته: اُهي ڪير آهن سـُـڪ ستئي؟ دربان چيو ته: جيڪي چنيسر کي ورائڻ ويا هئا. مڙس مڙسن کي ساريا پيا هئا، دودي کي پڪ ٿي ته هي ست ڄڻا ويا، ست هزار وڃن،ست لک وڃن، چنيسر نه مڃي. سو دودو پاڻ اٿي تيار ٿي ڊوڙي اچي ڀاءُ کي منٿ ڪرڻ لڳو. سو شاعر بيت ڪري، چئي فقير ٻڌائي.

وٺي آيس نام الله جو، ڳـَـل پاند ڳچيءَ پائي
سڱ ڏنم  ”سونيءَ“  جو ، ڄاڻي پاڪ الله
هلي ڏي تون پير پلنگ تي، ويهه منجي موڀي ڀاءُ
هي پيڙهي هي پڳ، آهي تو سـِـر جوڙ جڳاءِ
هلي ڏي تون پير پلنگ تي، ويهه منجي موڀي ڀاءُ
پاڻ ڀائر پرچون پاڻ ۾، راڄ ڪندا مون کي ڇا؟

دودي، چنيسر کي اچي ميڙ منٿ ڪئي ته: بيحرمتي ڪري تو کان پڳ اڳي ٻڌي اٿم. انهي جو عيوض ڏنڊ نالي سونـِـي منهنجي ڌيءَ، تنهنجي پٽ ننگر کي ٿو ڏيان. هي پڳ ڀي ٿو ڏيان. تون منهنجو راجا، آءٌ تنهنجي رعيت. تون ڪاوڙجي نه وڃ، راڄ کان وڌيڪ مون کي تنهنجي پرواهه آهي. چنيسر اِئين نه سـَـمڌو ته ڀاءُ مانُ ٿو ڏئيم ۽ مانَ جي پٺيان لڳان. سمجهيائين ته ڊنو آهي. خبر ٻڌي اٿس ته وڃي ٿو عالادين وٽ دانهين، تڏهن ٿو منٿ ڪري. سو ڇو نه ڀلي ڌمڪايانس ته اڃان به ڪجهه ڪونئرو رهي. سو چنيسر بيت ڪرڻ لڳو، شاعر چئي ٻڌائي:

هينئر ٿو  ”سوني“  ڏيوين، پوءِ آڇيندين  ”ساران“
خبر پوندئي تڏهن، کسبئي  ”پـَـٽـُـلَ“  پاسي کان.

چنيسر، دودي کي چوڻ لڳو ته: سونيءَ ڏني جند تنهنجي ڪانه ڇٽندي، ساران ڌيءَ به ڏيندين. پر اڃان ڀي تڏهن توکي خبر پوندي، جڏهن خود عالادين بادشاه تنهنجي پاسي منجهان پـَـٽـُـل راڻي کي اچي اٿاريندو، تڏهن پڪ پوندي ته چنيسر مڙس هو. نه ته منهنجو نالو لاهي در جي ڪـُـتي تي رکجان. دودي کي خار لڳو، جنهن جي چوٽيءَ مان دونهان نڪري ويا، سو چنيسر کي ڪاوڙجي دڙڪو ڏئي بيت ڪري:

ڌؤنرو سـُـونهي مـَـنڌئين، ڏُ ڌ سونهي منجهه لاٽ
ڪاهي پوندو ڪـَـنڊَ ۾، ڇڏي پيءُ ڏاڏي جي واٽ
تون لڙي وڃ پٽ لهاري جا، منهنجي اکين جي مهندان
متان ڏئي لت چـَـڏن تي آءٌ چيري ڪڍئين ساهه
آهي تو ۾ لــڇ لهار جي، ساري عالم کي اوگاهه
وڃي پيءُ چاڙهي آ پنهنجو، آڇي لـُـهر ماءُ
توکي ست زِهـُـون آهن سـِـيڱ تي، جيڪا ڪاهين سا وڃي ڪاهه
پورو آڻجئين پٺاڻ سان، منهنجو سندو گهوڙن گاهه.

دودو دڙڪو ڏئي چوڻ لڳو چنيسر کي ته: تنهنجي ناني آهي نڀاڳي. هاڻي منهنجي اکين جي اڳيان ٽري وڃ ته چـَـڏو چـَـڏي کان چيري جدا نه ڪري وجهئين. وڃ پنهنجي عالادين بابي کي وٺي آءُ، وڃي ماڻهين جو سڱ آڇينس، پوءِ وٺي اچينس رڻ ميدان ۾، آءٌ اوهان جو مهمان آهيان. منهنجو گاهه ۽ داڻو پورو ڪجئو، متان کـُـڻين کٽائي نه ماريانو! اها ڳالهه ڪري دود پوئتي واروُ ٿيو. چنيسر دليءَ ڏي هلڻ لڳو. دودو پنهنجي لـَـکـِـي دروازي تي ترار اُگهاڙي ڪري اچي بيهي رهيو، متان ڪا رن وڃي چنيسر کي ميڙ منٿ ڪري. ايتري ۾ ٻاگهي ڊوڙي آئي، دودي کي چوڻ لڳي: اسان کي موڪل ملي ته نياڻيون ميڙ ڪري چنيسر کي ورايون. دودي چيو ته: چنيسر جي حد پوري ٿي ويئي. دنيا دم گذر آهي، ڀلي پنهنجي بابي کي وٺي اچي ته ڪي مردن جون ڳالهيون هلن. اتي چنيسر کي عقل ڦري سامهون ٿيو ته هي ڇا ڪيم! راڄ ۽ ڀاءُ مانُ ٿي ڏنو، انهي مانَ جي پٺيان نه ٿيس، اڳيان ٿيس. پوئتي واجهائڻ لڳو ته من ڪا پـَـهر ڏسڻ ۾ اچي ۽ پاڻهي پاڻ کي بيت ڪرڻ لڳو:

کـَـر چنيسر لعنتي، تو ڪيڏا ڪم ڪيا
تو ۾ لـِـڇ لهار جي، ساري عالم کي اوگاه
پڳ وڃايئي پنهنجي پڇڻ هليو هئين ماءُ
هاڻي هـُـونهين هوند وري پوان، ڪنهن واهـِـي نينگر سان.

چنيسر پوئتي واجهائڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته  ”مڙئي آهي مون ڏي، هوتن ڏي نه هڪڙي“ . نڪي مانَ گهورو ٿيس، نڪي نانَ گهورو ٿيس، ٻئي ٽولَ مـَـٽ جا مون کان ويا. هاڻي ڪو واهـِـي جو ٻار پويان رڳو اشارا ڪري ته به وري پوان. پر دودي پٺيان ڪـُـتـِـي به رواني ڪانه ڪئي، سو جذب جؤنش ڪري چنيسر ڪاهه دليءَ ته ڪئي. چيائين  ”راتو ڏينهان ڪاهه، ناهي ويل وِهڻ جي“ . سو منزل ڪري هلي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

پهرين منزل سومرو، آيو گـُـونگي(1) تـَـڙ مٿان
ڏوجهي منزل سومرو آيو روپهڙي روپاهه
ٽيجهي منزل سومرو آيو تڙ  ’تلور‘  مٿان
چوٿين منزل سومرو آيو  ’آجهورن‘  مٿان
پنجين منزل سومرو آيو ٻهڳڻ ٻيلي کان
ڇهين  ’ڇـِـڻڪارَن‘  ۾ ستين  ’اَبل ڄام هالار‘ .

چنيسر سومري جذب جؤنش ڪري ڪاهيو. راتو ڏينهان ڪاهو ڪاهه ڪيئين. تنهن ۾ کائڻ پيئڻ پنهنجو ۽ گهوڙي جو واجبي طريقي ڪيائين. ستون سج اَڀاريئين هالار جي ملڪ، اَبل ابڙي جي بادشاهي ۾. سج اُڀرئي جو ڏسي ته ملڪ ۾ آبادي جام، پڪا تڙ، وڏا شهر، گهاٽا راڄ، نوان گهر، تازا ڀاڻ ۽ دونهان، پر نه ماڻهو نه مال. صبح کان وٺي ٻن پهرن تائين گهوڙو ڪاهيئين. ماڻهو جي وسئن هن کي ڏسڻ ۾ نه آئي. ملڪ آبادي جي ڪري آباد ۽ ماڻهن جي ڪري ڦـِـٽو. پوءِ شهرن جي دعويٰ کڻي ڦـِـٽي ڪيائين. درياء جو ڪنارو ۽ ٻيلي جي ڪـَـس سان هلڻ لڳو. گهوڙو ڪاهيندو آيو. ٻيلي ۾ اندر نڙ  جو آواز ٻڌائين. خيال ڪيائين ته نڙ ماڻهو وڄائيندا آهن، انهي نڙ جي آواز تي چنيسر گهوڙو ڪاهي اندر آيو. اچي ڏسي ته برابر مڙس ويٺو آهي. چؤبڪو گهوٻاٽو، ڪـُـلها سوڙها، ڍَڍر موڪرو، پيٽ پهرات مينهن جيترو اٿس، ڪن ڊگها، مٿو ننڍو، ڪنڌ جون ٻـَـنڌيون سـُـڪل، لـُـوطـِـي نمونو. وِيهي کٿي جي ڪانڀ ٻڌيو، ٻانهن جيڏو نڙ اٿس چپ تي،  ’سـُـرڙُو سـُـرڙُو‘  جي ڌَم پئي پويس. وٽجو سٽجو نڙ کان گـُـر پيو وٺي. چنيسر مٿان اچي سلام ورايو، ڏسي ته پنج ست مينهون به اٿس، ميهار آهي. چنيسر کي ڀليڪار ڏنائين ته: ادا‍ ڀلي آئين جي آئين! چنيسر چوڻ لڳو ميهار کي ته: تنهنجي ملڪ ۾ ڪهڙي واڪا وڻـِـي، جو ماڻهو نه مال! صبوح کان وٺي ٻنپهرن تائين توکي اچي ڏٺو اٿم. سو پنهنجي وطن جو ميهار بيان ڪري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

اُٺن ڪمي هئي ڪانڪا، ڳـَـنوَن ڪارو ڪار
رڍن ڪمي هئي ڪانه ڪا، ڪڻڪ پـَـڪـِـي ٿـِـي ڪار
ڪيهر شينهن ڪـُـڏي پيو وچ ۾، وڌئين ّڏيهن ۾ ڏهڪار
ملڪ ابل ابڙي جو جنهن جا سڻ ته سـُـڻايئين پار.

مهيار چوڻ لڳو چنيسر کي ته: ادا! منهنجي ملڪ جي ڪهڙي خبر ٻڌايئين؟ ڇا ماڻهو ۽ مال، آبادي ڏسجي، تقدير سان ڪيهر شينهن ملڪ ۾ اچي پيو، اچي مارو وڌئين. ماڻهو ۽ مال خوف کان لڏي ڀڄي ملڪ ڇڏي ويا. آهيان آءُ ڀي ڀڄڻ ۾، پر ٻيلي ۾ ڪک آهن، ڀاڳئي جو روح، سو ڇڏي نٿو سگهان. مون تاڻـِـي آيو به ناهي، ٻئي پاسي مار پيو ڪري. اڄ سڀاڻي آءٌ به ڀڄي ويندس. اسان جي ملڪ سان ته اها واڪا وڻـِـي آهي. پر سالڪن چيو آهي ته  ”بنان لشڪر خزاني جي، ٿيڻ سلطان مشڪل آهه“  سو ميهار چنيسر کي بيت ڪري، شاعر چئي ٻڌائي:

موزا تنهنجي پير ۾، لهن لک سوا
جامان تنهجي جان تي زمرد جي جڙاء
ٻڌل تنهنجي چيلهه تي سونهري سروپاه
ڪلنگي تنهنجي ڪاپار ۾، ماڻڪن مڙهاء
ڪيئن راجا رلئين راڄ جو، بنا سپاهين سردار!

ميهار چوڻ لڳو ته تو ساڻ گڏ لشڪر سپاهه ڪونه ٿو ڏسان، بادشاهه ٿو ڏسجين، بادشاهن جا روح ڏُٻل ٿيندا آهن. پنهنجي بادشاهي هوندي ٻي رٿ ڪندا ته ٻئي دنگئي بادشاه کي ماري اُنهي جي هڙ به پنهنجي هيٺان ڪريون، متان ڪنهن بادشاه تي ڪاهه ڪيئي، لشڪر مارجي ويئي، پـِـڙ ڦاڙي ڀڳو آهين، هاڻي ٻيلي ۾ پيو لڪين؟ چنيسر چيو ته: نه. ميهار چيو: ڀلا، ٻي ڳالهه، شڪار تي چڙهئين، لشڪر کان وائڙو ٿي نڪتو آهين، هاڻي اچي ٻيلي ۾ ڀاڃوڙا وڌا اٿئي؟ چنيسر چيو ته: نه. ميهار چيو: اڃا ٽـِـي ڳالهه به آهي. سڱن  تان، پڳن تان، ٻنين تان مڙس وڙهندا لڙندا اچن. جهيڙو آهي زر، زمين ۽ زال تي. متان ڪنهن ورثي تان ڪاوڙجي ڪيڏانهن دانهين ٿو وڃين؟ چنيسر دل ۾ چيو ته: واهه ميهار واهه! اڳڪٿي ڳجهارٿ ڀڃڻ. پر چنيسر دل ۾ ويچار ڪيو ته پنهنجي ذات هن کان لڪايان. اهو ارادو ڪري، ميهار کي دڙڪو ڏنئين ته: آيل کان خبر چار وٺبي آهي، يا اڳڪٿيون ڪبيون آهن! ميهار چيس ته: ادا! ڀلا مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته ڪير آهين ۽ مون وٽ ڪيئن آيو آهين؟ چنيسر چيس ته: دايو آهيان. ميهار چيس ته: ٻيلي! ڳالهه ٻڌ .... مڙس ٿو ڏسجين چيڙاڪ، چڱن ويچارن چيو آهي ته  ”ڪوڙ هڻڻ آهي ايمان جي ڪتر“ . ڇو ٿو پنهنجي ذات لڪائين. تون بادشاه ٿو ڏسجين. دايا هتي اسان وٽ به آهن، گڏهه ٿا لڏين، پير اُگهاڙا، گوڏن تي، ڪانچ، پـُـٺا اُگهاڙا، پنج هٿ پٽڪو، پري کان ڏسڻ ۾ ايندا ته جن ڪاري صدري پايو گهمن. هڪڙو هڪڙو پير کوٽبن ته ڍڪڻ ڍڪڻ  ڪنڊن جو نڪرندو، تنهنجا هٿ ۽ پير، ماڻهن جا منهن ۽ زبانون، ته به تنهنجا هٿ پير نازڪ آهن. تڏهن سمجهان ٿو ته ڪير چوي توکي دايو؟ ۽ تون ڇو ٿو پنهنجي ذات کي ٽـِـڪو لائين؟ چنيسر چيس ته: لـُـڦا! آءٌ گڏهه لاڏُو دايو ناهيان، آءُ دايو آهيان دودي بادشاه جو. قد بـُـت ڏسي ڀليو آهين. ڪم ڪار ڪونه ڪريان. ماني ٻوڙ پـُـلاهه کاوان، جنهن ۾ قد بت ٿي ويو. دودي بادشاه کي پٽ ڄايو آهي، اُنهي مبارڪ ۾ هي گهوڙو سنجن سوڌو ۽ پوشاڪ هٿيارن سميت مونکي بخشيش ڪيئين، ۽ ياراني اٿس عالادين بادشاه سان، اوڏهين مبارڪي کنيو ٿو وڃان. بـُـکارو ۽ اُڃارو آهيان، مڙس ٿو ميهار ڏسجين، ڪوکير پيارينم، تڏهن تو وٽ آيو آهيان. ميهار چيس: ادا! ڀلي آئين، جيءُ آئين، هلي ترس منهنجي ڀاڻ ۽ وٿاڻ تي. جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان. سانجهي ڏاڍا کير ۽ کٽا کارائيندوسئين. چنيسر چيو ته: آءٌ ترسڻ وارو ناهيان. هينئر کير پيارينم ته هليو وڃان. ميهار چيو ته: تڏهن حق دايو آهين. اتي چنيسر کي خار لڳو. چنيسر چيس ته: ڪيئن سمجهئي ته دايو آهيان؟ ميهار چيو: سائين! گڏه ذات دايا ٿيندا آهن، جو گڏهه ٿا لڏين. انهن کي عقل به ٿيندو آهي گڏهن وارو. ٻن پهرن جو ٿو ماهيو کير گهرين! رڍ ٻڪري آهي ڇا جو ان کي ٽنگ ۾ هٿ وجهي توکي ڏهي ڏيان! چنيسر کي خار لڳو، دڙڪو ڏيئي چوڻ لڳس: ميهار! کير پيار، نه ته ويٺي ڏاڙهي پٽجي ويندئي. ميهار دڙڪو سهي نه سگهيو، مڙس ڳري لت، بـَـبريزي ڍِيڪـَـڻ، ڀڙڪو کائي اٿيو، پير وچڙي ويس، وڃي هيٺ ڊٺو. چنيسر کي چوڻ لڳو ته: ٻيلي دايا! ڳالهه ٻڌ. منهنجي مينهن آهي اٺ پهري. سـَـنڌڻـِـيل آهي. ڀاڙو نه کنيو اٿس. اهڙي آهي جو رِيـجهـِـي ته مـِـڙي ته ڀاڳيو ڀري، ڀلا جي بـِـگڙي ته ڀاڳيو ڊاهيو وڃيو ڌڻيءَ کي دسي. چنيسر چيو: چڱو، تون ورائي اچينس، آءٌ پاڻهي ٿو کير وٺانس. ميهار مينهن ڪاهي آيو ميدان ۾. چنيسر گهوڙي تان لهي، گهوڙي کي ٻڌي، اچي مينهن جو پاسو ورتو. سو چنيسر مينهن کان کير وٺي، شاعر بيت ڪري:

ڪارِي ڪـُـنڍِي، ڪـُـڙلـِـي کي بيٺو هٿ ڦيري
اچي چنبو وڌائينس چـُـوڙ ۾، آڻي ٿڻ سائـِـي سيري
وٽو اٿئي ڪٽوري دان ۾، کڻي آءُ ميهر اوري
ڏهيو ڄاڻان ڪينڪي، متان وجهانس ٿڻ جهوري.

چنيسر سومرو مينهن جي سڱ ۾ هٿ وجهي، وٺي جو سڱ ۾ زور ڏئيس ته مينهن جو سارو ساهه آڻي پنهنجي مـُـٺ ۾ڪيائين. مينهن جو سڱ ڪـُـنڍو هو. زور سان سنئون ڪري وڌئين. مينهن ڪـَـنبـِـي اوهه کير سان ڀري بيهي رهي. چنيسر، ميهار کي چيو ته: ڏوهيو ناهيان، باقي چوين ته مينهن جو اوهه پٽي ڏيکاريئين! ميهار ڏسي ته بـَـلي، وڏي آفت آهي. چوڻ لڳس ته: اشراف جا پٽ! مينهن کان هٽي پري ٿي. چنيسر چيس ته: منهنجي گهوڙي جي ڀـِـرڻي ۾ ڪٽوردان ۾ وٽو رکيو آهي. کڻي آءُ ته مينهن ڏهي ڏيئين. ميهار وٽو کڻي مينهن ڏهڻ لڳو. کير چنيسر کي ڏيندو ويو. چنيسر کير پيئندو ويو. مينهن کير ڏئي دنگ ڪيو، چنيسر پي ڍؤ ڪيو. ستن ڏينهن جي بک لاٿـئين، اک کليس ۽ خدا جو خوف ٿيس ته جيئري جاني جدا ڪري ديس ڇڏي پرديس ٿو وڃان، ٻيو ته واٽ تي کير پيتو اٿم قهر جو. الله جي سرڪار ڏاڍي آهي، متان مون تي مينهن فريادي ٿئي. کير جو عيوض مينهن کي ڏئي، پوءِ اڳتي وڃان. سو چنيسر مينهن سان واعدو ڪري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڪاري، ڪنڍي ڪـُـڙليءَ  تي بيٺو هٿ ڦيري
ڪارا ڪانهن ڪنڌين جا وڃي چرجان سويري
آءٌ ماريندس انهي شينهن کي، نه تان شينهن مونکي ماري
لاهيان گانء گـُـجر تان، وڃي صدقو ڪريان ساهه.

اهو مينهن سان واعدو ڪري، چنيسر ميهار کي چوڻ لڳو ته: اوهان جو بادشاهه شينهن سان مقابلو ڇو نٿو ڪري؟ ميهار چيو سائين! اسان جي بادشاهه واعدو ڪيو آهي ته اڪيلو مرد جيڪو شينهن کي ماريندو، انهي کي اڌ بادشاهيءَ جو ۽ پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيندس. چنيسر چيس ته: ڀلا، شينهن ڏٺو اٿئي؟ ڏسي ميهار ته واهه واهه! هي مرد شينهن جي وڙهڻ جهڙو آهي. تنهن تي ميهار چوڻ لڳو ته: هائو سائين، نه اعتبار ٿيئي ته هل ته ڏيکاريائين، هـُـن لـَـڙَهه ۾ ستو پيو آهي. چنيسر چيس ته: ڀلا، شينهن جا پار ڏي! ميهار چيو ته: ٽـِـياس پاڏي جيترو آهي. اُٿي ويهي ڪيئن؟ ميهار چيو ته: ڪکن ۽ ڪاٺن جو مـَـڏُ ٺاهيو ويٺو آهي. ميهار چوڻ لڳو ته: ٻيلي يار دايا! گهڻا ڏينهن دائپا اُڳاڙيا اٿئي. انهي شينهن کي ٿو مارين ته آءٌ تنهنجو شاهد توڙ سوڌو نه ڦـِـرندس. چنيسر چيو ته: هلي ڏيکار. اڳيان ميهار پٺيان چنيسر، شينهن ڏي وڃڻ لڳا. واٽ تي ميهار چنيسر کان پڇيو: ڀلا، هي هٿيار کنيا اٿئي، هڻي ڄاڻندو هوندين؟ چنيسر چيو ته: سڀ هڻي ڄاڻان. ميهار هن کي هزار وک تي آڻي بيهاريو ۽ صلاح ڏنئينس ته: بندوق اٿئي جوهردار، هاڻي اِتئون باهه ڏينس، جيرا بڪيون ساڙي ويندس. پر هو به ڪيهر شينهن آهي، انهي بندوق جي ڊاهڻ جو ناهي، ست ويهون ڪانَ ڪمان تي اٿئي، جيڪي هنيا ٿينئي سي هڻجانس، سـَـنڌ سنڌ مان ڪان مٽي ويندس. ويهي  رهندو، پر هو به شينهن آهي، اِهي ڌڪ جهلي اوري اچي ته پنجن وِکن ۾ هڻينس ڀالو،زيري (جيري) مان چڙهي پوندس اڃا به زوري اچي ته اَڍائن وِکـُـن تي سـِـپر منهن ۾ ڏيئي هڻ ترار - سـِـر جدا ڌڙ جدا، مري ويندو. ڀلا هو به ڪيهر شينهن آهي اڳيان، اڃا به اچي ٻـَـکين پونئي ته ڪاتين جي کيڏ ڪجانس، آنڊا ڪڍي وجهجانسِ. مروٽي ڊاٺئيس ته ٽـَـنگ ۾ هٿ آءٌ به وجهندوسانس. چنيسر چوڻ لڳو ته يار! ڳالهه ٻڌ، هو آهي شينهن شير خدا جو، آءٌ آهيان علي جو پهلوان، هو آهي بي هٿيارو، آءٌ به بي هٿيارو ٿي وڙهندس، پوءِ ميدان موليٰ جو، جنهن کي سوڀ ڏياري. وڙهندوسانس هٿين خالي. ڏِسي ميهار ته مڙس سـِـر مان ڪڪ آهي. ميهار چيو ته: ٻيلي دايا! ڳالهه ٻڌ، تنهنجو ڏوهه ناهي. تو کير پيتو آهي ماهيو. رت ويو اٿئي ڦـِـٽي، ۽ تنهنجي بغل ڪئي آهي بـُـوءِ، هٿيارن سان ماريئي ته به تنهنجي سوڀ آهي. چنيسر چيو ته: نه، هڪڙو هٿيار هڻان ته وڳهه مهڻا کائي. چنيسر ارادو ئي اهو ٻڌو ته اڄ بنان هٿيار مقابلو ڪريان، جي شنيهن مون کي ماري وڃي ته پويان ڏک نه ڏسندا، سو هٿيار لاهي لڳو گهوڙي جي ڀـِـرڻي ۾ وجهڻ. هڪڙي جانِ تان زره ۽ مٿي تان هول نه لاتئين، جو سچي فولاد ۽ هر ڌات جو هو. ڏسي ميهار ته مڙس سر مان ڪڪ ۽ مرڻ جا پيو هنڌ ڳولي، تڏهن چيئينس ته: يار! توکي جي مرڻو هو ته ٻئي ملڪ ۾ وڃي مرين ها، هتي، شينهن کي بگيڙي پاڻ به مرين ٿو ۽ مونکي به ٿو مارائين. شينهن توکي ماري لڳندو منهنجي پٺيان ته وٺ اِنهي ميهار کي، حرڪت ئي اِنهي جي آهي. هاڻي هٿ جهل ته ڪو ڇانگيل وڻ جاچيان. اتي چنيسر کي لڳو ڀوڳ. ميهار ڏٺو ته هي هڪل ڏيندو، هاڻي جيسين ڇانگيل وڻ ڳوليان، تيسين اڻ ڇانگيل ئي ڪار، سو ٻڌي ٻوٿ جـُـتيءَ سان ائين چڙهي ويو وڻ تي، جيئن نوريئڙو ٻٻر تي چڙهي وڃي. وڻ ڇانگيل ڪونه هو، سڄي جانِ ڪنڊن ۾ سيلهجي پيس. مٿي چڙهي، وڻ جي ٻيلهنگ ۾ ويهي، پنهنجو پٽڪو لاهي، وڻ جي ڏار سان پنهنجو پاڻ ڇڪي ٻڌي، ڏاڍيون ڳنڍون ڏيئي، قانون موجب پڪو ڪم ڪري ويهي رهيو ته متان جانِ لـُـڏي ۽ ڊهي پوان. چنيسر هٿيار ڇوڙي ميدان ۾ بيهي پنهنجي موليٰ کي ياد ڪيائين: يا موليٰ! ميدان به تنهنجو، سوڀ به تنهنجي، سو شينهن کي هڪل ڏيئي اٿاري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

اُٿي پٽ ٻلي جا، توکي سمهڻ آيو ساءُ
دايو سڏئي دودل جو، تون هلي هيڏانهن آءُ
گجي اٿيو گجمير جيئن، ڌرتي ڪيئين ڌڪاء
ڪارا ڪانهه ڪنڌين جا، پٽيو اُڇلائي ٻوڙا.

چنيسر شينهن کي هڪل ڪئي: اُٿي ٻلي جا پٽ! شينهن تي ٻلي جي چيڙ آهي. تنهن سمڌو ته مونکي ٻلو ڪنهن چيو. وٺي ڀڙڪو ڏنئين ته پنج ست هٿ مٿي چڙهي پوءِ اچي پٽ تي لٿو. چوڌاري نظر ڪيائين ته ڪير ٿو ٻلو چوي. جيڏي مهل نظر ڦري چنيسر تي آيس ته شينهن جا ڪن ڇٻا ٿي ويا ۽ سمڌائين ته انهي جي اڳيان آءٌ برابر ٻلو آهيان. پر انسان آهي، ڪـَـچي ٿڃ اٿس پيٽ ۾، دل اٿس ننڍڙي، دهشت ڏيکاريانس، سست ٿئي ۽ هٽي وڃي. جهيڙو نه ٿئي ته ڏاڍو چڱو! سو شينهن سـَـر جي ٻوڙي ۾ وات ۽ ٻئي چنبا وجهي وٺي جو سٽ ڏي ته منڍ مٿي پاندُر هيٺ. سانوڻي جي مينهن واري گوڙ ڪري ۽ جيئن ٿو پڇ کي ٺڪاءُ ڏياري، تيئن ميهار جو ٻٻر تي ساه سوڙهو. چنيسر دل ۾ ويچار ڪيو ته شينهن هران ڀران ٿو سـَـر سـُـڪائي، هيڏانهن اچي ته ڪاوڙ لهي وڃيس. سو ورائي ٻي هڪل چنيسر ڪئي شينهن کي ٻـِـي هڪل شينهن به نه سـَـٺي. ٽن پيرن تي آيو، چوٿون پير وڙهڻ وارو مٿي کنيو آيو. سو چنيسر ۽ شينهن جو پاڻ ۾ مقابلو ٿئي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڪارا ڪانهه ڪنڌين جا، ساوا ڪين سڪاءِ
تنهنجو ڪم اسان سان، تون هلي هيڏانهن آءُ
گجي آيو گجمير جيئن، ڪري آگم ميگهه ملهار
نراڙ نائي ڏنو سومري، هڻ وارو تنهن جو آ
هنيئين هٿ هول تي، جنهن جي ڪڙين ڪيا ڪڙڪا
چنبو ڪيهر جو چور ٿيو، ڪيهر ڇنڊي ڪر
ٻيهر ٿو ٻيڻا هڻين، هاڻي وارو منهنجو آ.

---

ساري حضرت شاهه کي، ديهه هنيا دستا
مـُـڪ سان ميڄالو ويس، پيڙس ڪونه سماء
اڳ ڪريس اڳتي، پوئتي پول پري
عضوا ڪيهر شينهن جا، پٽيو اُڇلائي چؤڙان.

جڏهن چنيسر هڪل ڏني ته شينهن ٽن هٿن تي آيو. اڳيان چنيسر سر نمائي ڏنس ته هڻ وارو اٿئي، متان بي مراد ٿي مرين. ڪيهر ڪست مان ڌڪ هنيو. چنيسر جي مٿي کان ڪجهه به نه ٿيو، شينهن جي ڪرائي ٻچن کان نڪري پيئي. اهو ڌڪ هڻي ورائي ٻيو ڌڪ هڻڻ لڳو. اتي چنيسر چيس ته: وارو ڏئي وڙهه پوءِ هي به ڪيهر شينهن هو. تنهن سر نمائي ڏنو،. چنيسر  ’علي علي‘ ڪري ٺڪاءُ ڪرايس مـُـڪ ته ميڄالي جون پـِـتڪـُـون ناسن مان هليون ويس، اڳيون ٽنگون اڳتي وهي وييون، ۽ پويون پوئتي، پيٽ ڀر اچي ڊٺو. جيئن موالين جو مـَـنـَـهـَـن ڊهي پوي. هڪڙي عضوي تي لت رکيس ۽ ٻئي ۾ هٿ وجهيس، اهو مروٽي پاڙؤن پٽي اُڇلائي، ورائي اچي ٻئي عضوي ۾ هٿ وجهيس. شينهن پـِـڙ ۾ ڪريو ۽ ميهار وڻ تي وڏي پـِـٽ وڌي.ميهار پڻهين ماريو اٿم ڇا جو پٽين ٿو؟ ميهار چيو: اشراف جا پـُـٽ! پڇي پوءِ مارجان. چنيسر چيس ته: ڀلا ڏي خبر، تنهنجي ڪهڙي هڙ ويئي؟ ميهار چيو ته: مونکي ڪل نه رهي ته ڪو شينهن جو مٿو چـَـٽ ڪوُنئرو آهي. منهنجي لٺ کي ٽيهه ڪڙيون آهن، ڦيرائي ڪنن جي وچان هڻانس ها ته شينهن ماري وجهان ها، اڌ بادشاهي جو مليم ها ۽ شهزاديءَ جو سڱ. اها مهل مون کان وئي، هاڻي ڇڏ ته پـِـٽيان. سو ورائي ريهه ڪري ٻڏي ويو. چنيسر چيس ته: مـُـڪ هڻندي ڏسي متان ڀليو آهين، شينهن جا سـِـرَ جبل آهن، پر جبل کي به وڏاڻ پڃيو وجهن. تڏهن ميهار چوڻ لڳس: قسم اٿئي الله جو، سچي ذات ۽ سچو نالو ٻڌاءِ. چنيسر چيس ته: لهي آءُ ته ٻڌايئين. ميهار چيو ته: هاڻي ڇانگي لاهيندين. چنيسر چيس ته: سويري ڪيئن چڙهي ويو هئين؟ ميهار چيو ته: سويري خوف هو شينهن جو، هينئر شينهن مري ويو، خوف لهي ويو. هاڻي مونکي وڻ ڇانگي لاهه. تڏهن چنيسر چيس ته: لهه، نه ته وڻ ٿو پٽيان. ميهار کي پڪ ٿي ته جنهن مڪ سان شنيهن ماريو آهي، سو وڻ پٽيندي دير نه ڪندو. سو ڪجهه رهڙجي چڙهيو ۽ رهڙجي لٿو. شينهن سان وڙهيو چنيسر، ميهار راهه گناهه رت مان ڳاڙهو. سڄي جانِ پلي وانگر چيرجي پيس. چنيسر کان ٿورو پري ٿي چوڻ لڳو ته: هاڻي پنهنجو نالو ۽ ذات ٻڌاءِ، ڪير آهين جو مڪ سان ٿو شينهن مارين؟ چنيسر چيس ته: هيڏانهن آءُ ته ٻڌايئين. چنيسر کي چيئين ته: ويجهو آءٌ ڪونه ايندس،جي تنهنجي مـُـنهن جو تاب آءٌ جهلي ڪونه سگهان. چنيسر چيس ته: سويري ته گڏ بيٺو هئين. چنيسر کي چيئين ته: سويري تنهنجو ٻيو خيال هو، هينئر تو ميدان ملهايو آهي، تڏهن گهـُـور جهلي سگهان نٿو. جيڪا ذات اٿئي سا سچي ٻڌاءِ. سو چنيسر پنهنجو نالو ۽ ذات ٻڌائي، شاعر بيت ڪري:

هڪ سمان ٻيا سومرا، ننگر راڄ رهن
ڀڙ پوٽا ننگر جا، وري وڳهه ۾ ويهن
دودو چنيسر پاڻ ۾، ٻئي پٽ دودي ٻڌجن
 ڀائر ٽڪريا پڳ تان، راءَ رُٺو راڄن
مونکي وڳهه ڪوٽ ۾ ٿا چنيسر چون.

چنيسر اهو بيت ڪيو ته ميهار وٺي ريهه ڪئي. سارو ٻيلو وڄائي ڇڏيئين. پوءِ چوڻ لڳو چنيسر کي ته: هاڻي وڍ شينهن جا ڪن ۽ پڇ، کڻ پاڻ سان، آءٌ تنهنجو شاهد آهيان، توڙ سوڌو ڪونه مڙندس. چنيسر چوڻ لڳو ته: آءٌ پڳ تان ڪاوڙجي وڳهه ڇڏي دليءَ ۾ عالادين وٽ دانهين ٿو وڃان. ميهار چيو: اها حڪومت تو کان وئي. دانهن ڏيندين عالادين بادشاهه تنهنجي دانهن ٻڌندو ۽ تنهنجي پاران وڙهندو. پر ٻه وڙهندا، هڪڙو ڪرندو. اها حڪومت توکان وئي، هاڻي هل ته هيءُ انعام توکي وٺي ڏيان. چنيسر چيو ته:  ”جيڪي وڃان وڃان ڪن، سي راهه ۾ رهندا ڪيترو“  ميهار چيو: پوءِ تنهنجو هي انصاف؟ چنيسر چيو تو: مون توکي بخش ڪيو، اها موج تون وڃي ماڻ. اها ڳالهه ڪري، گهوڙي تي سوار ٿي، چنيسر دليءَ ڏي هلي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ساري حضرت شاهه کي، ٿو گهوٽ چڙهي گهوڙي
تازي تيز وڏا ڪيا، ٿو ڪيهر ڪلها موڙي
سرخي تنهن سنجاف کي، ڇڏيئين ڇڻڪي کي ڇوڙي.

---

باغ ڏٺئين بر ۾، جيڪو سارو سڪل آ
تنهن ۾ لڪڻ لوهيڙل جو سائو بيٺو آ
ڪڍي ڪات ڪـُـڻت مان هنيو چنيسر راء
لڪڻ دخل نه ٿيو، ڀڄي ڪات ٻيڻو ٿيو آ.

---

ڪات منهنجو وِڄَ سار جو، جوڙيو ڪنهن جونجهار
پهڻن کي پرزا ڪري، لوهه به ڌارو ڌار
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، آيو وڻ مٿي قهار
لڪڻ لوهيڙل جو، چيري ڪيائين ڌار
وڍي ٽڪي ڪيئين هٿ ۾، ٿيس ڏهن سيرن جو بار.


(1) پـَـڻ = ان ڀرڻ جو ماڻ.

(2) يعني ته سومرن جي ڏوئي جو وزن به ڳرو.

(1) گونگڙو واهه، بلڙي شاهه ڪريم کان اوريان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org