سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :26

 

 

ڌوٻيءَ جي مائٽن جو اچڻ ۽ سڱ گهرڻ سسئي جو

وڃي ملڪن ۾ پيو سسئي جو هلڪو

اچي سڱ لاءِ گاذر وٽ ٿو سڀڪو

آيا مائٽ مڙي ظاهر کٽيءَ ڏي

هليا سڀئي سلامي ٿي کٽيءَ ڏي

کٽيءَ کيڪاريو تن کي ڪئي گهڻيري

ادا! جلدي خبر ڏيو ڪا سگهيري

ڏيو احوال ملڪن پانهنجن جو

پنهنجو سڀ حال ۽ ٻارن ٻچن جو

ڏنو احوال سڀڪنهن ساڻ واري

نٿو سڱ جو قصو ڪوئي پچاري

اِهي ڳالهيون ڪندي ڳجهه ٿيو ڪي ظاهر

کٽيءَ ورندي ڏني اُت سا اُٻاهر

متان ڪوئي ڪري ڪا ڳالهه مَندي

متان ڪوئي ڏئي مون گار گندي

اها نياڻي نه لائق آهه اوهان جي

ڪيو پاسو ڪنان هن گهر اسان جي

اسان ڪنهن کي نه ڏينداسون نياڻي

مگر لائق هوندي جنهن جي سياڻي

روانا ٿيا سڀئي سان نااميدي

سوين منجهه زلف جي ٿيا مرد قيدي

لکيو تقدير جو آخر پڙي ٿو

قلم قدرت سندو سا نا ٽري ٿو

لکي هئي ڀاڳ جنهن جي ۾ قضائي

اها آخر انهيءَ کي پيش آئي.

پنهل جي احوال بابت

عجب آهي ملڪ ڪو ڪيچ مڪران

عجب رنگ واهه آهي باغ بوستان

عجب آهي ريت ۽ رسم اُتي جي

آهن ڪُوپا قرارا مرد ڪيچي

سڀئي ماڻهو سدا خوشحال آهن

رڍون ٻڪريون ڳئون سڀ مال ڌارن

هيو سردار اُت هڪ ڄام آري

ڪري پيو بادشاهي اُت چوڌاري

ٻيا جيڪي سڀئي ماڻهو سلامي

ڪري پيو حڪمران اُت مدامي

لکين سردار صوبا هوا حڪم ۾

هميشه سلطنت جي هو سو ڪم ۾

آريءَ کي هڪ پيارو پسر هو

حسن ۾ ماهه کان پڻ سو ڪثر هو

(ويٺو هو) باغ ۾ سوئي بهادر

ڪيو هو ڪرم تنهن تي پاڪ قادر

(هئو) نالو پنهون پيارو انهيءَ جو

نڪو هو مَٽ نڪو ثاني انهيءَ جو

(پنهون) کي ڄام آريءَ اُت گهرايو

سڄو احوال هن پر اُن ٻڌايو

توکي وارث ڪيان ۽ ڏيان مان شاهي

رهن هر دم امر ۾ سڀ سپاهي

(ٻڌي) پڳ شاهه، هوڪو پيو ملڪ ۾

ٿيون خوشيون اُڏانهين سڀ خلق ۾

وهي سردار سان ٿي فوج ساري

لڳن گهوڙا سڀئي هاٿي چوڌاري

(ماڻي) پيو بادشاهي سا عدالت

رسي جنهن مان ڪنهين کي نا خيانت

آهي هيءَ سڀ دنيا دلدار فاني

لڳي سڀڪنهن کي دنيا جي حيراني

هجي ڪوئي گداگر توڙي نوڪر

وري سردار توڙي آءِ چاڪر

آهي سڀئي اجايو ڊول بازي

توڙي هيڻو هجي توڙي ڪو غازي

ڇڏي هر ڪو هليو ويندو دنيائي

آهي هڪ پاڪ رب کي سا بقائي.

 

سوداگري ڪرڻ ميتي هندو جي ۽ ڀنڀور ۾ وڃڻ

 

هيو مڪران ۾ هندو سياڻو

هيو نالو اُهو ميتو سو واڻيو

ڀري عنبر سندا ڪي بار باري

ڀري مشڪن کٿورن جا (خماري)

(ڪيائون) تيار بودا ڪي اڻانگا

ڀريائون بار سان ڪي چست چانگا

(تهان پوءِ) آيو اڳيون سردار پنهل

اسان کي ڏسي سندي واپار موڪل

وڃان ڀنڀور ڏي چانگا قطاري

اچان ڏينهڙا ٻه ٽي اُتهين ڪي گهاري

ڀري چانگا وڃان سان بار باري

ڪريان واپار اُتهين سان هوشياري

ڪريان واپار سندو مشڪ عنبر

آهي واپار جو کاپو اُت اڪثر

انهيءَ کي چيو پنهل تون سمجهه سياڻا

ڪندين واپار اُتهين خوب واڻيا

(جي) ڪا سهڻي ڏسين ڀنڀور صورت

لکج مون ڏانهن واڻيا خوب ڪي خط

وٺي موڪل اُتان سو ٿيو روانو

ڀري بودن مٿي سو باردانو

پٽي طنبن سنديون ڪستئون قناتون

وتيون ڀنڀور جون بودن سي واٽون

لنگهي لڪ سخت سوڙها صاف لانگها

اچي ڀنڀور پهتا چست چانگا

آڻي لاٿا اتي تن بار عنبر

پئي سڀ لوڪ کي تن جي سا خبر

وٺن ٿا مشڪ عنبر خوب ماڻهو

کٿوري مشڪ عنبر سڀ وڪاڻو

ڪري پيو سير هندو شهر ماهين

شهر جون سڀ اُتي گهٽيون گهمائين

آيو گهندو کٽيءَ جي گهر اُتائين

دريءَ مان خوبصورت اُت ڏٺائين

هيو واڻيو سدا سهڻو گلابي

هئي صورت سندس سا ماهتابي

اکيون آهو سندس سي دل ڌتارين

ڪرن بيتاب قهري ڪان مارين

سسئي جي پئي نظر ميتي اُتي ڪا

اچي وئي جيءَ اُن جي کي ته سٽ ڪا

(لڳو) هيئين اندر ڪو ڪانُ قهري

اُمالڪ دل جهٽي ڪنهن باز بحري

ڪِري پئي کٽ اُتي سا ماهه مورت

ڪري دانهون ڪِري پئي صاف صورت

جڏهن سا هوش ۾ صورت آئي

تنهن دم اُن اُتي پورهيت سڏائي

چيائين: ٿو ٻجهي واڻيو واپاري

تنهن کي تون سڏي اچ جلد پياري

گهڻا ڪي مشڪ عنر صاف آڻي

اچي توري ڏئي سسئي سان ناڻي

اَئي ٻانهي ڀڄي سا واٽ واپاري

اَئي ڪر جلدي واڻيا تون تياري

کڻي هل مشڪ عنبر تون کٿوري

خدا تنهنجي ڪندو آس پوري

اُٿيو واڻيو کڻي سو مشڪ عنبر

هلي آيو کٽيءَ جي خان سو گهر

آيو سسئيءَ اڳيون واڻيو واپاري

ڪئي سسئي حقيقت ان کي ساري

سسئي الائيو پوءِ ساڻ اُن جي

وڌو ماري سڄڻ آءِ تير تنهنجي

ڏسج نالو مٺا مون کي تون پنهنجو

آهين جاني پيارو يار منهنجو

وڌو ماري تنهنجي نازن نوائي

ڇڏيو گهورن تنهنجي مون يار گهائي

ڏسيو نالو انهيءَ کي صاف واڻئي

آهي ميتو سندم نالو سڃاڻئي

اُتي پيو خال هندوءَ کي پنهل جو

آيس فرمان دل تي اُت پنهل جو

چيائين ٻڌ حقيقت حال جي تون

چوان توکي صفا سهڻي سڌي سون

آهي ثاني تنهين جو ڪيچ والي

پنهون نالو سدا ڪامل ڪمالي

آهي سلطان سندو ڪيچ مڪران

هلي هر هنڌ جاري اُن جو فرمان

مٺو محبوب مُهڻو خوبصورت

الله بيحد ڏني آءِ ان کي صورت

مثل مهتاب رنگ آهي گلابي

ڏسين جي تون ٿئين يڪدم بيتابي

ڪري ٿو اُو حڪومت اُت مدامي

رهن لشڪر امر ۾ سڀ سلامي

ڪرڻ تعريف اُن جي آهه اجائي

سڀئي صاحب ڏني اُن کي وڏاڻي

ٻڌي هيءَ ڳالهه سئي ٿي ديواني

پنهون سردار مون منٺار جاني

آهي سردار ۽ دلدار اُوهو

ولهيءَ جو ور وسيلو يار اُوهو

اُٿي ڪر سيگهه ۾ قاصد روانو

پنهل کي جو پڄائي داستانو

اُٿيو ميتو وري اوطاق آيو

اچي قاصد اُتان هڪڙو سنڀايو.

 

 

 

روانو ٿيڻ قاصد جو پنهل جي طرف

اچي واڻئي ڪيو قاصد روانو

ڏنائين خرچ تنهن کي خوب ناڻو

لکيو خط خوب واڻئي ڏانهن آري

پئي آفت اسان تي سخت باري

جهليو سڀ ساٿ سُنگ ۾ آءِ سمورو

نه پيو سُنگ ساٿ جو هت آءِ پورو

جهليو سڀ مال سنگ ۾ آهه سارو

ڇٽڻ جو ڪونه ٿيو ٻيو آهه چارو

گهڻائي دم دلاسا هت ڏناسي

ته بِي آجا هتان سڀ ڪين ٿياسي

اچي سردار هتڙي خان پنهل

وٺي ڏي ساٿ ساري کي سو موڪل

جڏهن سردار پنهل خان ايندو

اچي موڪل وٺي مڪران نيندو

لکيائين ٻي اسان کي آهي نڪا دقت

ٿيا مطلب مڙيئي سان پاڪ برڪت

پنيون آسون ٿيا مطلب مڙيئي

ڪيون پوريون مرادون رب سڀيئي

کٽيءَ جي گهر ڏٺي ٿم محب مورت

وڌيڪ آهي ڪنان سج ماهه صورت

مثل آءِ حور ۽ اٿس رنگ گلابي

ڪري ٿي دل کسڻ سان سا شتابي

اکيون ڪاريون ڪجل جون صاف ريخان

زلف جن کي ڪرن قتل عام مڙگان

آهي اُڪير اُن کي يار تنهنجي

هميشه وات وائي يار تنهنجي

اچو ڪامل هتي ڪرهو ڪڏائي

کٿوريءَ مشڪ جا بودا ڀرائي

ڇڏيو شاهي اچي ٿيو هت واپاري

ڀري چانگا اچو سان بار باري

چيو ميتي کڻي خط ٿيءُ روانو

وڃي ڏي تون پنهل کي داستانو

ڏجانءِ اچ جلد تون ورندي ورائي

وٺي اچ جلد تون ورندي ورائي

ٻيو خط ڏج وڃي کي ڄام آريءَ

ڪجان تون ساٿ جي سڀ ڳالهه ساري

جهليو آهه سٿ سُنگ ۾ هت اسان جو

اُتان مشڪل ڇٽڻ آهي اسان جو

اچي سردار پنهل هيڏي ڪاهي

اچي جلدي پنهل ڪرهو ڪڏائي

کڻي خط تنهن اُتان ڪرهو هلايو

صبح جي ويل ڪيچي ڪيچ آيو

ڪچهريءَ ڄام آريءَ جي سو آيو

ڪيو سلام تنهن ۽ سر نمايو

ڏنائين خط کڻي تنهن سان هوشياري

پڙهي پرزو ڏٺو سو ڄام آري

پڇي سمجهو اُتي تنهن حال سارو

نه ڄاتو ڄام آريءَ ڪوئي چارو

اُٿيو قاصد پنهل ڏي ٿيو روانو

ڏنو دردن سندو تنهن داستانو

پڙهي پرزو ٿيو خوش مرد سوئي

پڇيو احوال ان کان تنهن سڀوئي

دکيا دونهان اندر ۾ سخت باري

سڄڻ جي نيهن دمدم باهه ٻاري

عقل ۽ شرم جون ٿيون بند راهون

ڪنان دردن ڪري ٿو روز دانهون.

 

مجلس ڪرڻ آريءَ ڄام جي ۽ روانو ٿيڻ پنهونءَ جو طرف ڀنڀور جي

 

وري ساقي ڀري ڏي جام جم جم

ٿئي خوش دل وڃن سڀ مون الم غم

مٺا ساقي پيارج آب ڪوثر

هجي خوش سو سدائين روح پرور

ڀري ڏي پرت جو دلبر پيالو

لکان مان خوب خاصو هي رسالو

ڪچهري ڪئي تنهن دم ڄام آري

اچي صوبا مڙيا سوَ لک هزاري

پنهل کي ڄام آريءَ اُت اَڻايو

مڙيئي احوال ميتي جو سڻايو

آهي دشمن اسان جو مرد ڀنڀور

جنهين آهي مچايو يار هي شور

پنهونءَ کي اُت سڏايو ڄام آري

ڪريو جنگ جي صفا هاڻي تياري

وڃو دشمن اتي سڀ فوج ڪاهي

اچو سڀ ساٿ غازي هت ڇڏائي

ڪيو اُن سان عجب ڪثرت ڪمالي

وڍي سر ڪيو جدا ٿيو مڳ موالي

ٻُڌي سردار پنهل سر جهڪايو

ڏيو موڪل هجي سرڪار رايو

وڃان مان سر اُتي دشمن جي ڪاهي

ڪيان سر مان جدا ڪرهو ڪڏائي

وڍي سر مان ڪيان سو پيش سرڪار

مگر رخصت ڏيو دل ساڻ سردار

ڀري بودا وڃان سان مشڪ عنبر

ڪيان جنگ مون اُنهيءَ سان يار اِن پر

چي، وڃي ڪر تون مٺا هاڻي تياري

ڏني موڪل پنهونءَ کي ڄام آري

چيو ”نصر و من الله“ ڄام آري

آهي اصلئون اوهان جي سوڀ ساري

گهرايا خان خاصا خوب بودا

وڌا سڀ بار عنبر مشڪ سودا

اَگر سرها صفا سي صاف چندن

کٿوري مشڪ عنبر خوب ختن

کنيو عنبر ٻيو سو مرد ڪافور

گلابي آب سان ڪيا دُنگ ڀرپور

ڪري تياري ويو ڏانهه ڄام آري

ڏيو رخصت اَسان کي ٿي تياري

چنو، هوتو، اُتي سال سڏايا

هلي مجلس اندر سي مرد آيا

وڃو گڏجي پنهونءَ سان مرد غازي

ڪجو هردم سندس سهسين نيازي

هجو هردم هميشه ساڻ پياري

گهڙي هڪڙي نه وهجو دم وساري

چنونءَ ٻوليو پنهون پيارو اسان جو

سدا سردار موچارو اسان جو

چيو هوتي ڇڏيون نا دم وساري

هجون هردم سدائين ساڻ پياري

چيو اُت ڄام آريءَ وڃ عجيبا

سدا ٿي سوڀ چئو فتحءٌ قريبا

هليا موڪل وٺي سي مرد غازي

ٿيا راهي تکا اُت تُرت تازي

لنگهي لڪ سخت لانگها ويا دلاور

اچي وستيءَ سڻاوا ٿيا دلاور

اچي وستيءَ کي ويجها ٿيا اُهيئي

ڀريل سان بار بودا مست سيئي

ڪيو رايو پنهل منزل ڪرڻ جو

انهيءَ وستي اندر دلبر لهڻ جو.

 

 

ڏسڻ سهجان جو پنهل کي ۽ عاشق ٿيڻ انهيءَ جو ۽ مهماني ڪرڻ انهيءَ جي

 

اچي ويجها ٿيا وستيءَ کي سيئي

هليا هڪليون وڃن بازر سي ڏيئي

هئي سهجان اوتي هڪڙي سوناري

مثل مهتاب جي صورت موچاري

ڏٺو ٿي اُن دريءَ مان شهر سارو

ڏٺو تنهن اوچتو ڪيچي ڪوهيارو

اُمالڪ عشق ڪئي اُن تي سواري

ڦرائي دل اتي ويٺي سوناري

ڪري پيئي کٽ اُتي بيهوش صورت

سڏائي اُن تي سياڻي ڪا پورهيت

هلي وڃ تون اڳيون ڪيچي جي ڪاهي

سڏائي ذات ڇا نالو رکائي

سگهو سهجان اها پورهيت ڊڪائي

هلي پورهيت اڳيون ڪيچن جي آئي

رهو ڪاٿي وڃو ڪاڏي اي ٿا ڪاهيو

اوهان جي ذات ڇا نالو سڏايو

پنهنجي احوال جي حالت ٻڌايو

ڪريو واپار يا صوبا سڏايو؟

چي، حقيقت حال جي ٻڌ هاڻ ساري

پنهون نالو سندم اولاد آري

ڪريون واپار سندو مشڪ عنبر

تڏهن ٻانهي ٻڌي موٽي لهي ڪر

اچي احوال سارو اَن سڻايو

وري سهجان انهيءَ کي اُت ڊڪايو

وڃي چئو تون بلوچن کي پياري

حقيقت حال پنهنجي جي تون ساري

ٽڪو هڪ رات هتڙي محب جاني

اصل آهيان اوهان جي ياري ٻانهي

ڪريان مان خوب مهماني اوهان جي

آهي املاڪ سڀ ملڪيت توهان جي

وٺئون سڀ مشڪ عنبر ٿا مهانگو

ڏيون ناڻو اوهان کي ٿا سهانگو

ڪجو ناڪار دلبر ٻي نه ڪائي

لهو هتڙي مڃو نالو خدائي

ڊڪي پورهيت هلي سا پيش آئي

اچي سڀ حال جي ڪيفيت ٻڌائي

اٿيو پنهل اُتي سو مرد غازي

ڇڏيا تن باغ ۾ ڇوڙي سي تازي

هتي مجلس عجب اسرار جهڙي

جتي ڪئي هئي پنهونءَ ڪامل ڪچهري

سڏايا جلد سهجان نانوائي

ڪيائين تيار مربا ۽ مٺائي

سَجيون ۽ ڪوفتا ٻيا گوشت قيمان

هئا آچار عمدا انب ليمان

ڪُٽيون ٻيون کيرڻيون ڦلڪا ۽ چوريون

هيون گيهه سان ڀريل ڊڳڙيون سموريون

پڪا دم پخت ۽ ٻيا چست چانور

مکڻ ۽ ٻوڙا حلوا شير شڪر

پڪا سڀ کاڄ خاصا خوب ڪيئي

کنيائون ٿانو عمدا ات سڀيئي

رپي ۽ سون جا ڪي چست چيني

بلوري گلٽ ڪاسيءَ جا رنگيني

کڻي سهجان اڳيون سردار آئي

ٿا خوش خوب سي مهمان کائي

ڏنائين گهه اَٽا بودن کي داڻا

گهرن جيڪي ڪرن پيا محب ماڻا

چيو سهجان ٽڪو ڪي ڏينهن دلبر

مٺا محبوب جاني نور انور

ڪيو پيا عيش ۽ ٿيو هت آرامي

ٿيان ٻانهي ڪيان خدمت مدامي

سنجهو گذريو مٿئون اڌ رات آئي

بلوچن ڪئي هلڻ جي وات وائي

اچي اڌ رات ڪيچن پهه پچايو

ڪريو اڳتي هلڻ جو يار سعيو

هليا ڪرها ڪڏائي ۽ قطاري

ويا ڪيچي اوتي سهجان وساري

اُٿي سهجان منجهان ننڊ جي ويچاري

ڪري ويا قهر ڪيچي سان سوناري

ڊڪي ڊوڙي ڪري فرياد آهون

سڄڻ ڌاران سڻي ٻيو ڪير دانهون

پڇي پنڌ پيچرا سهجان سوناري

ڏنو ڏس ڪنهن نه ماندي ٿي ويچاري

لکيو قسمت اندر جيڪو هو رايو

تنهين کي نيٺ آخر پيش آيو.

 

ملاقات ڪرڻ پنهونءَ جي ميتي سان

 

اچو يارو ڏسو هي عشق بازي

رکو  سڪ ساهه ۾ سندي مجازي

اول آهي رکڻ واجب مجازي

حقيقت ڏي وڃن ٿا پوءِ غازي

اول جيڪو نه پڙهندو ”الف بي تي“

نه ايندو علم ٻيو آخر تنهين کي

هليو هڪلي اُتانهون ساٿ سارو

لنگهي لڪ سخت لانگها سو ڪوهيارو

هلي آيو ڀنڀور ۾ او مرد رنگي

چڙهي سر عاشقن جي فوج جنگي

اچي ڀنڀور پهتو ساٿ سارو

قرارو ٿيو اُتي ڪيچي ڪوهيارو

سڻي احوال ميتو پاڻ آيو

ادب سان سر اُتي قدمن نوايو

پنهونءَ چيو ڏي خبر ڪيچي واپاري

پرين ڪاٿي جنهين آءِ دل ڌتاري

چيو ميتي مبارڪ باد توکي

سنديم دلدار ۽ منٺار توکي

ڪندو سولي سڀيئي حق پاڪ قادر

سچو محمد نبي سردار سرور

اُٿي ڪر هاڻ واڻيا وارو

وڃي تون چئو پرين کي حال سارو

اُتي ميتي ڪئي ترنئون نيزاري

لهي ڪامل هتي ٿيو ڪجهه قراري

چوان ٿو جيئن ڪريو سردار تيئن

ملي محبوب جلدي يار جيئن

ڪڍي عنبر کٿوري مشڪ سردار

ڪريو هتڙي انهيءَ جو ترت واپار

 

وڇايو گلم غاليچا اتيئي

ڪريو واپار سندو مشڪ ويهي

وڇايا گلم غاليچا بلوچن

اُتي ويٺا کٿوري مشڪ ويچن

وٺن پيا نقد ناڻا سڀ مهانگا

کٿوري مشڪ عنبر ڏين سهانگا

ٻڌي هيءَ ڳالهه سارو شهر آيو

وٺن پيا پيا مشڪ عنبر سڀ چڪايو

ٻڌو سسئي هلي آيو ڪوهيارو

مٺو دلدار دلبر يار پيارو

تڏهن ٿي ساڻ ساهيڙين صلاحي

ڪريو ڪپڙا ڏيو بت کي صفائي

هلئون بازار ڪيو جلدي تياري

کٿوري مشڪ وٺون سان هوشياري

ڪيو سينگار سرتن سڀ وڏائي

برهه جي باهه باري تن چلائي

ڪيو سينگار سسئي اُت خوشيءَ سان

وٺڻ ئي درد دک ڌوٻڻ پنهونءَ کان

عجب پائي زيب دل آويز دلبر

اکيون آهوءَ مثل منهن ماهه منور

هلي گڏجي سهيلين سان ٽلندي

ٽلي سا مور جان خوش خوب کلندي

هلي سڀئي اڳيون ڪيچين جي آيون

وٺن پيون مشڪ عنبر سڀ چڪايون

بنان تورڻ ڏنو عنبر کٿوري

هلي آيو جڏهن دلبر حضوري

چيو سسئي پنهونءَ کي ٻڌ خبر تون

بنان تورڻ ڏئين ٿو سڀ عنر تون

ڪريو اٽڪل اُتي ڪهڙي ٿا هاڻي

لڳي ٿو مون عجب حق پاڪ ڄاڻي

ڏني ورندي پنهونءَ ٻڌ شاهزادي

ڏيان ڪيئن تور توکي ملڪزادي

ٻڌي ورندي سڀن کي ماٺ آئي

اتي ڪامڻ سسئي سا گهور گهائي

هليون گهر ڏي اُتانهون سڀ سهيليون

گهڙيون گهر ۾ سڃاڻي سڀ حويليون

هلي سسئي وٺي سا بيقراري

ڦرائي پاڻ آئي دل ويچاري

اچي کٽ تي ڪري پئي شاهزادي

مٺي محبوب ماني ملڪزادي

جڏهن ٿي هوش ۾ پيڪر پياري

ڪري دانهون اتي هردم ويچاري

ڳڻي پئي جا پلپل ستارا

اچي دل ۾ وڄايا نينهن نعرا

آزاري دل ڪري کان درد دانهون

پنهل ڌاران سڻي ٻيو ڪير آهون

سگهو مل مون مٺا محبوب جاني

زهر ڄاڻان سوا تو زندگاني

سگهو مل مون مٺا محبوب پيارا

اچي ڏک تون ڪٽج ڪيچي ڪوهيارا

رحم ڪر مون مٿي محبوب جاني

فراقن آهه ڪيو دل خوب فاني

غمن گوندر اندر گهارڻ پيو مون

لکيو تقدير جو پاڙڻ پيو مون

بنا تنهنجي مٺا اندر عالم

اچي ڪٽ تون اندر جا محب مون غم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org