حيدرآباد تر جي ميراثين واري روايت
هن روايت هيٺ ٽي ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن: (1) سگهڙ علي محمد مري (تعلقو
کپرو) جي ٻڌايل ڳالهه (2) سگهڙ ماڻڪ چانڊيي (تعلقو
شهدادپور) جي کنيل ڳالهه، ۽ (3) فقير مولابخش
ميراثي جي کنيل ڳالهه. سگهڙ علي محمد مري هيءَ
ڳالهه 30- 35 سال اڳ ٺاروشاه مان آيل ميراثين کان
ٻڌي ۽ سکي، ۽ ماڻڪ چانڊيي، جمعي فقير ميراثي کان
ڳالهه سکي. فقير مولابخش ميراثي کي وري هيءَ
ڳالهه ورثي طور پنهنجي وڏن کان ملي. انهي لحاظ کان
اهي ٽيئي ڳالهيون ساڳي ميراثي فقيرن واري آڳاٽي
ڳالهه جون مختلف روايتون آهن، جيڪي اسان تائين
پهتيون آهن. البت پهريون ٻئي ڳالهيون اڻپوريون
آهن. فقط مولابخش فقير واري ڳالهه سربستي آهي. علي
محمد مري هيءَ ڳالهه ياد ڪئي پر کنيائين ڪانه، پر
ماڻڪ چانڊيو ۽ مولابخش ميراثي هيءَ ڳالهه اڄ ڏينهن
تائين کڻندا اچن ٿا.
1- سگهڙ علي محمد مري (تعلقو کپرو) جي ٻڌايل ڳالهه
[سگهڙ علي محمد ولد حاجي مير محمد بڊائي مري (عمر 58 سال) ويٺل ڳوٺ حاجي
عيسيٰ خان مري (تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ) هيءَ
ڳالهه اسان کي تاريخ 8 جولاءِ 1966ع تي حاجي عيسيٰ
خان جي اوطاق تي ڪچهري ۾ ٻڌائي. چيائين ته: هيءَ
ڳالهه 25 يا 30 سال اڳ، ٺارو شاه مان آيل ميراثين
ڇهه ست راتيون لاڳيتو کنئي، ۽ مون انهن کان سکي ۽
ياد ڪئي. هي روايت، مولابخش فقير واري کنيل ڳالهه
سان ملندڙ آهي. ن - ب[
دودو وڏو تنهن جو پٽ ڀونگر ٿيو، ان کي ڏاڏي پوٽي مان ٻاگهي نالي ڌيءَ ٿي.
ڪنهن ڳالهان گهران رسي نڪتو. سندس ترار کي ڪڪر
پيو. لوهار وٽ ويو، جنهن جي ڌوڻ سؤ ماڻهو چڪيندا
هئا. البت لوهار جي ڌيءَ يڪي سر ڇڪيندي هئي، ان جو
قول هو ته جيڪڏهن ڪنهن اڪيلي سر اچي ڇڪي ته ان سان
شادي ڪنديس. ڀونگر کي اها خبر ڪانه هئي، تنهن ڪڪر
لهرائڻ لاءِ ڌوڻ اچي ڇڪي، جنهن تي لوهار کيس
پنهنجي ڌيءَ پرڻائي، جنهن مان کيس چنيسر ڄائو. ٻي
بادشاه زادي سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس دودو
ڄائو.
ڀونگر کان گجرن ٻاگهي جو سڱ گهريو. حملو ڪيائون جنهن ۾ هارائي موٽيا. ٻيو
ڀيرو حملو ڪيائون جنهن ۾ ڀونگر زخمجي پيو ۽ هاٿي
جو مڙهه به مٿان ڪريس جنهن تي مري ويو. ٻاگهي کيس
مصالحو ڏياري ڪرسي تي ويهاريو. دودو ۽ چنيسر اڃان
ڳڀرو هئا، جيستائين وڏان ٿين تيستائين گجرن جي جنگ
جو ڊپ هو جيڪي ڀونگر کان ڊنل هئا. ڪي ٻه چار سال
سومرن ڏي منهن ڪونه ڪيائون، جو ڀونگر ڀانيائون ته
جيئرو آهي. آخر پنهنجو جاسوس موڪليائون ته جانچ
ڪري ته ڀونگر جيئرو آهي يا مري ويو. جاسوس آيو،
ڏٺائين ته ڀونگر ويٺو آهي. ترسي پيو روزانو ڏسندو
هوس. هڪ ڀيري ڏٺائين ته ڪانء اچي مٿس ويٺو تـِـڏهن
پڪ ٿيس ته مڙس مئل آهي. وري وڃي گجرن کي خبر
ڪيائين، گجر وري ٽيون ڀيرو جنگ تي چڙهيا. چنيسر ۽
دودو هاڻي جوان هئا، شڪار تي ويل هئا. ٻاگهي ماڻهو
موڪلين ته گجرن جو لشڪر چڙهي آيو آهي، انهيءَ تي
اچي پهتا. گهاڻو اندر کوڙيائون ته جئن اندر گجر
گهڙن ته کين پيڙيندا وڃن. چنيسر چيو ته آءٌ
پيڙيندس ۽ تون ڀاڪر ڀري اچين. پوءِ ائين ڪيائون ۽
گجر گهڻا مارجي ويا ۽ وري سومرن تي حملو نه
ڪيائون. ان کان پوءِ سومرا ۽ ٻيا راڄ گڏ ٿيا ته
ڀونگر جي پڳ جو فيصلو ڪن.
ستي ڀونگر راوَ کي ٻاٽي ڏينهن لڳا
مردن لاتا مامرا اچي پڳ مٿا
سمان ۽ سومرا سوڙها ٿيا امراء
امرائن پهي پاڻ ڪئي سردارن صلاح
دودو سارو سونَ جو جنهن کي ريهه رُپي جو ناهه
پڳ ٻڌايون دودل داناء کي، جنهن سر جوڙ جڳاء.
اتي دودي خاطي موڪليو چنيسر ڏانهن، جو بڪار ڏانهن شڪار تي ويو هو.
خاطيءَ خط اُٺائيو، ٻارهين پهر بڪار
ميڙ مـُـهاڙيءَ وچ ۾ هو خان ته کـُـڏڻي دار
پڙهيو پروانا ڀاء جا مرڪي مير مـُـهاء
چئي: تون ادو ٿئين، ابو ٿئين، ٻيو راڄ ڪندو ڇا!
چنيسر آيو ۽ ٻئي ڀائر گڏجي ڪچهري ۾ پڳ جي فيصلي لاءِ آيا. دودي کي چيائون ته
پڳ ٻڌ! دودي چيو ته آءٌ پڳ ڏيان ٿو چنيسر کي.
چنيسر هڪ ور ڏيئي چيو ته بيهو ته آءٌ امان کان پڇي
اچان. اتي راڄ چيو ته چنيسر جو ماءُ کان ٿو پڇي سو
راڄ ڪين هلائيندو! دودي تي زور آندائون ته پڳ ٻڌ،
پر نه مڃيائين. اتي کيس شراب پياري، نشي ۾ آڻي، پڳ
ٻڌائي ڇڏيائون ۽ ڀير تي ڏؤنڪو هنيائون. چنيسر اهو
گهر جي در تي ٻڌو ۽ ارمان مان بيهي روئڻ لڳو. اتي
دايون ٻايون ڀڄي آيون ۽ اچي پڇيائونس. چيائين ته:
نڪي دودي لوڌيو، آهي لوڌيو پاڻ خدا
پنجاهه روپئي واري پاڳ آڻي رکيائين مون اڳيان
آندائين سـِـبـِـلـِـي(1)
سؤٽ لاءِ تالا تخت مٿاء
اگهيو ڪو غور غريب جو، يا ڪنهن سين ڪـُـيم ايذاء
هاڻي اڳي اچان ته ٻڏيو مران، پويان ساڙيم باه
ضايع ٿيان زمين ۾، جي ڌرتي ڏيويم جاء.
ماءُ چيس ته:
پٽ! بابهين اڏايا بنگلا، اُچي اڏاوت جن
ٿنڀ، ڪامون چندن جون، مٿن مشڪ ته ليپَ لڳن
عطر چوپؤ هنڌ کي مٿان گلم پون
کٽون چنيسر راوَ لاءِ هنڌ فراس اچن
سمان تو وٽ سومرا ڪؤنر ڪچهريون ڪن
ڪيئن ڪنڌ مٿانهون کڻندين آڏو امراون؟
پوءِ زال چيو ته:
چاچي! منهنجو ڪانڌڙو چـُـنيء رکي ٿو چاء
سونارا وڳه ڪوٽ جا سڀئي ڪوٺائي آءُ
منڊيون گهڙن ملوڪ جون، ڳهڻا ڳچيءَ لاءِ
وَنـِـي جنهن جي ونواه ۾، وڳه گهوٽ گهڻا
انهيءَ مهڻي ٿي مران، جو پـُـڇي گهوٽ گهران.
ماءُ چنيسر کي چيو:
پٽ! ڊڊو ڊاکر وڪڻي، ڌڻ رڍن جو ڌار
تنهنجون رِڇيون سـُـکيون ريل ۾، تون ڍلڪيو ڍيري
ڍار
پيا پيٽ پـَـرندا، انهيءَ دوداڻي درٻار.
---
مريم ته ماني آندي، طعنا ٻوڙ پلاء
کاء مئيء جا وَلها ويهي ماني کاء
اڄ پڄاڻان سنڌ ۾، جيئن تان نه جڳاء
رسو ڪجان هٿ ۾، مـُـوهـَـر ڦاهو پاء
ناري چوي تنهن نر کي: آءٌ ڀيڻ چنيسر ڀاء.
انهن مهڻن تي چنيسر ڪاوڙجي جواب ڏنس ته:
وِهـُـه ته رِڪيبين ڀانيان، تنهنجي ڍاڪن ۾ وه واه
مريم! تنهنجن مهڻن کان، ڀـَـڙ ڀالين ٽنگيندس ڀاء
هاڻي ثابت ڳڙهه وڳه ۾ تو کي به ٻارڻ نه ڏيوان باه.
چنيسر ڪاوڙجي گهوڙو سنجي اٿي هليو. دودي به نشي مان سجاڳ ٿي پڇيو ته مونکي
زوري نشي ۾ ڪنهن پڳ ٻڌائي؟ چيائون ته راڄڙ راڄ هو،
پهوڙ راڄ هو، چنو راڄ هو، انهن سڀني راڄن توکي پڳ
ٻڌائي. تڏهن دودي ورندي ڏني ته:
راڄڙ روهين رُليون، رُلنئي ٻار ٻچا
چـَـنا! ڪا چـُـوڙي پـَـوَئي، هنڌ نه جهلئي جاءِ
پاهوڙي پرزا ٿئين، وڳه ڪوٽ وچاء
اوهان هڏي تي هوڏ هڻي منهنجو جانب ڪيو جدا
هاڻي خاوند کـڻنـدَو ڪينڪي، صاحب رب سبحان.
اتي ٻاگهيءَ دودي ڏانهن ماڻهو ڊوڙايو ته چنيسر ڪاوڙيو ٿو وڃي، تنهن کي ورائي
ته سندس روپهريون لهرائي سونهريون ٻڌايان. سـَـتَ
ڀائر سومرا، هولياڻي(1)
پاڙي مان، سي چوندا هئا ته هڪ دودو ۽ هڪ چنيسر
اسان کان ڏاڍا آهن، باقي ٻين کان اسان به ڏاڍا
آهيون، سي ستئي ٽپو ڏيئي اٿيا.
ست ڀائر هئا سومرا پهريائين پهلوان
پڇن ٿا دربان، ته چنيسر ڪٿان لنگهيو.
دربان کين چنيسر ڏانهن اشارو ڪيو. هي اچي پهتا. چنيسر گهوڙي تان لهي پيو ۽
پڇيائين ته ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ چيائون ته:
آندو سون نام الله جو، پاند ڳچيءَ پائي
ميڙ آندوسون مصطفيٰ، ڇڏ نه موٽائي
هاڻي جيئن تيئن توکي سومرا، وينداسون وڳه ورائي.
چنيسر چيو ته: ”چي“ اسان سومرن ۾ آهي ئي ڪانه:
اتي ساري حضرت شاه کي گهوٽ لٿو گهوڙي
سرخي يار سنجاف کي ڇڏيائين ڇڻڪي کي ڇوڙي
هٿيار ڌريا هئا سومري، ڀـِـرڻي ۾ جوڙي
بيٺو مرد ميدان ۾ سورهيه سڏ ڪري
ست ڀائر هئا سومرا، آيا صف ڪري
چنبي چـُـرن ڪينڪي، خوف چنيسر کان
ائين سٿيا هئا سومري، جئن هاري سٿي گاه
چيائين: مون مٽ دودو سومرو جو وڳه ويٺو آه.
اتي ستئي موٽيا پوئتي ۽ اچي دودي کي خبر ڪيائون. دودي چيو ته: آءٌ ٿو منٿ
ڪري ڀاءُ کي ورايان. چنيسر وٽ آيو پر هن نه مڃيو،
آخر دڙڪو ڏنائين:
دودو ديمين سان چڙهيو، فرش ڪيو ڦڙڪو
چنيسر جهليو ڪينڪي، دودي جو دڙڪو
ويٺو مير ميدان ۾ ڏانئي سو گهوڙو.
چنيسر چيو ته:
جوءِ وڏيون جاڙون ڪيون وڳه ڪوٽ وچاء
سڄڻ انهيءَ سور ۾ ڀاڱين ٿيون نه ڀاء.
دودي سمجهيو ته هن کي طعنن ڪاوڙايو آهي، تڏهن چيائين ته:
دودل چيو دروان کي: وڃ هوت حويلي ڏانه
جي لڏن هندورن ۾ ويهن کٽ مٿاء
سي پيرن پياديون پنڌ ۾، جن کي جتي پيرين ناه
نا محروم پري ٿيا، چليون چؤرنگ ڏانه
’سونڻ‘ نينگري ننڍڙي، ’ساران‘ سا ڀر ساء
’ٻاگهي‘ ورتي ٻانهن ۾، ڪيا ’پٽول‘ وس وڏا
تڏهن به پٽيل پرتو ڪينڪي، ماڳهن موٽيو ناه.
چنيسر چيو ته:
اڳ به ڏيندو هئين مهڻا، بابي ئي هوندي
ته تنهنجو پونـَـير کڻندس ڪينڪي جو پيدا پوءِ ٿئي.
تڏهن دودي چيو ته:
دودي چيو دروان کي، وڃ قاضي ڪوٺي آءُ
ننگر جو تنهن سونڻ سين، نـَـر جو پاء نڪاح
ننگر نياڻو منهنجو، سونڻ، ننهن سندياء
ڀائر مارائيندو ڀائٽيا، ته به ڪٽر ايندس ڪانه
سـُـڃون ڪندو سومريون، ڪندو ملڪن سان ماتام
ڪندو سـُـڃا ڳڙهه وڳه، مارائي دودل جهڙا ڄام.
چنيسر ڏٺو ته دڙڪي کان دودو ڊڄي ويو آهي، تڏهن چيائينس ته:
دڙڪو ڏنو مانءِ هڪڙو، تنهنجو سڪي وئڙو ساهه
پڳ رکيئي پيرن تي، لـُـڱـِـي ڳچيء ڏاءِ
ڊنين ڊاء سلطان جي، تڏهن تو آڇين وير وهانء.
اتي دودي کي به ڪاوڙ اچي وئي، سو چيائينس:
اٿي پٽ لوهارڙي جا، ٽر آڏو اکين کان
نه ته ڏيئي لت سيني تي، پٽيو سسي ڪڍانء ٿو ساهه
هاڻي ست زه تنهنجي سيڱ ۾، ڪاهڻو هجئي سو ڪاهه
ڦوڪ ته لڳي انبرين اُڌما ڏيئي آڙاه
هاڻي آهي سنڌ ترارين وچ ۾، جو کٽي سو نر کاء.
ائين چئي دودو موٽيو پوئتي ۽ چنيسر بيت ڏنو:
اُمراه ويٺو ئي ڪونه ڪو، نڪو پاڻ ٽـِـڪيو بادشاهه
انهيءَ سور ٿو مران جو اٿم لوهاري ماء.
دودي پڇيو ته ڇا ٿو چوي؟ چيائونس چوي ٿو ته دودو هڪ گهڙي ٽـِـڪي ها ته ترار
هڻي سسي لاهي وجهانس ها. پر دودي چيو ته: آءٌ پاڻ
ادي جي ڳالهه ڪـَـنين ٻڌندس، تڏهن موٽي آيو ۽ وري
اچي منٿ ڪيائينس. چنيسر تڏهن به نه مڃيو، پوءِ
چنيسر کي چيائين ته: عالادين کي سلام به نه ڪجئين،
منٿ به نه ڪجيئن، پوءِ جي توسان چڙهي نه آيو ته
پاڻ ٻئي ڀائر گڏجي هلي عالادين کان بادشاهي کسي،
توکي بادشاهي ڏيندس. ڪاڻ نه ڪڍجانس:
بورون شه زورؤن ڏيئين مـُـشڪيڻيون منجهن
سنجافون رنگ سرخيون ڏيئين منهنجون ڪميتيون نه ڪڏن
سوني رنگ سمنديون ڏيئين جن تي سونا ساڄ پوَنَ
ٻيا جا بـُـوجـِـي ڊڊا ڏيئين جاکڙي، ڀل گاهيا گاهه
به ڪن
مهري اٺ ڏيئين ميدان ۾، ڍاٽي ڍول ڍرن
محافا تو پٽ مير جا ماڻڪ سين مڙهجن
پاڻي پخالن ۾ هاٿين هـَـٽ مٿاء
ڪئين توکي ڀٽ ڀان ڏيان ڪبت هلن ڪهندا
تون ڍوليا هلج ڍَرنديءَ، توتي چونئري رکيو چاهه
منهنجو من ٿئي داد دليءَ ۾، توسين ائين چڙهي
بادشاهه
هٿيار ڇوڙج ڪينڪي، مَ ڪو ڪج سلام
ڪاڻ ڪڍجانس ڪيم ڪي، نه ٻئي راجا تون رکجان
جي توسان بادشاه چڙهي ڪينڪي ته وري اچج مون ڏانهن
پاڻ چڙهنداسون شوق شڪار جي، ساري حضرت شاهه
ڌرتي ٽامي جئن ٿيندي، وڻ ڇڏيندا واء
سج نيزي پاند نظر ايندو، انهي عالادين بادشاهه
ويٺا اُٿندس ڪينڪي، سـُـتا ڏيندا ساهه
ڏيو ڏاڪ مريو ويندا، جيڪي آڏا هوندس امراهه
آءٌ لڪڻ سين لاهي وجهان، اهو تخت مٿئون بادشاهه
پڳ ٻڌايان تو پرين، ڪريئين دليءَ جو بادشاهه.
چنيسر چيو ته: ڳالهيون، تنهنجو لکن جون، پر ويندس يڪي سر. پوءِ اٿي هليو.
ساري حضرت شاه کي گهوٽ چڙهيو گهوڙي
سرخي يار سنجاف کي ڇڏيائين ڇڻڪي کي ڇوڙي
پهريائين ’جالوراڻـِـي‘ راڄ جي، ٻي جي ’خان ته
واهه‘
ٽـِـي جا پئي ’هالار‘ ۾ جتي ابڙو هو بادشاهه.
اتي چنيسر کي ميهار مليو جو چئن مينهن سان هو. خبرون پڇيائين ته ميهار جواب
ڏنو:
آيـَـن پـُـڇجي اڳهين، ويـَـٺنِ پڇجي پوءِ
بنا صوبي ري سردار ڪيئن اچي رليون
تون ڏسجين ٿو بادشاه ملڪ جو.
چنيسر جواب ڏنو ته:
نڪي آهيان دودو سومرو، نڪي وڳهه جو وريام
ٻـِـسـَـر پٽ دودي کي ڄائو غيلاني غلام
ڏيندس مبارڪون بادشاه کي دليءَ کيندس دام.
يعني ته آءٌ ميراثي آهيان، وڃان ٿو دلي مبارڪي وٺڻ لاءِ. مهيار چيو ته هتي
شينهن رهي ٿو جنهن مينهون ماري ڇڏيون. هي چار
ڀينرون آهن، گڏجي سامهون ٿيون ٿين تڏهن بچيون آهن.
چيائين ته مونکي کير پيار. ميهار چيو ته مينهن مهل
تي مڙندي. چيائين ته وڃ من منهنجي ڀاڳين مڙي.
ميهار ڏهڻ ويو پر مينهن ڌڪا ڏيئي ڪيرايس. اتي
ميهار کي چيائين ته گهوڙو جهل ته آءٌ ٿو ڏهانس:
چنبو وڌائين چـُـوڙ ۾، چوڙيون نه چوري
چارئي بازو چور ٿيس، ٿي ٿڻن ۾ سڱوهي
چيائين: ميهر! ڪٽورو اٿئي ڪٽوردان ۾، مونکي ڏهي
آڻي ڏي
آءٌ ڏهيو ڄاڻان ڪينڪي،متان وجهانس ٿڻ پٽي.
ميهر ڏڌو ته ڏهه سير کير ڏنائين. ميهر مينهن کي چيو ته تو ۾ کير جي ڦڙي ڪانه
هئي، اڄ حجام جي پٽ زور ڏنو ته سڄي کير ٿي پئي
آهين، شال شينهن جي منهن ۾ پوين!
اتي هڻي هٿ پٺيءَ تي ڪيو چنيسر ڳالهاء
ته جان ماريان شينهن کي، يا صدقو توتان ساه
پوءِ ٻهون انهي ٻيلي ۾، پئي چرجان گجر سائو گاه.
چنيسر ميهار کي چيو ته شينهن ڏيکار. ميهار جـُـوءِ ڏسيس. چنيسر هٿين خالي
هليو. ميهار چيو ته سمجهايانس ته گهٽ ۾ گهٽ پٿر
کڻي هٿ ڪري:
متان پاهڻ سين پرزا ٿئي سـُـتو ڏئي ساه
ٿيان ڪاڻيارو متان محمد مير اڳياء
جي دِهَ ۾ سڻندو دودو سومرو ته به مجرو نه ڏيندو
ڀاء.
ستل شينهن کي وڃي جاڳايائين. شينهن ساوا وڻ پٽي پيو اڇلائي. چنيسر چيس ته:
ٻاهـَـڻ پـَـٽيو ٿو باهڻيون هڻين مونکي نه ڊڄاءِ
ڪچا ڪانهن ڪنڌين جا ساوا ڪيم سڪاءِ
آهيانءِ اڱڻ ويري آئيو، اول وارو تنهنجو آه
نـَـرڙَ ڪنڌ به نائيو، شير به شينهن اڳياء
هنيائين ڌڪ امير کي جيئن لڳو آ لوه مٿاء
هڪڙو وارو ورتائين، ٻيو وارو وريو آه
اڳيان تنهن شينهن جي ڪيو چنيسر ڳالهاء
ته ٻه رانديون مردن جون، هاڻي وارو منهنجو آه
اتي نـِـرڙ ڪنڌ به نائيو شينهن به شير اڳياء
ساري حضرت شاه کي هن ديو هنيس دستا
هن جا مـُـڪ سين ميڄالا ويا، ڪيو آهس ڌڙ ڌڪاء.
شينهن مري پيو. ڪن ۽ پڇ وڍي نشاني کنيائين. مهيار کان موڪلائي روانو ٿيو.
آڏو عالادين جو وڳ، جنهن ۾ مست اُٺ آدم خور هو.
ساري حضرت شاه کي گهوٽ چڙهيو گهوڙي
سرخي يار سنجاف کي ڇڏيائين ڇڻڪي کي ڇوڙي
اوٺر بيٺو اُٺن ۾ اُڀو سڏ ڪري
جي ٿو ڀڄي ڪنهن ڀيڻي لهين، نه ته واٽهرو ٿو مري
اتي لڪڻ لال لوهيڙل جو بيٺو ارڏو آزمائي
هنيائين ڪشي ڪام ڪرهي کي وڌائين پڙ ۾ ڪيرائي.
پوءِ اوٺار وٽان کير پي نڪتو ته دليءَ ڏانهن ٻه واٽون ٿيون. چئن سوارن ٻڌايس
ته هي واٽ ٻارهن منزل واري جا اسان ڦـِـري آيا
آهيون. هي سڌي رڻ واري واٽ ٻارنهن پهرن جي پر ان
تي آدم خور ٿو رهي. چنيسر چين ته:
اڳ نه هووَ چتائڻو، مونکي ڏيڻو تان نه پرو
آءٌ آهيان دايو دودل راوَ جو، مون ۾ زور ذرو
هاڻي ورندي انهيءَ واٽ سان، اچجؤ لاهيو خوف کرو.
ائين چئي رڻ جو رستو ورتائين.
رڻ جو ورتائين رستو، کڻي رَند ورتائين راه
اوڏاهون ٿي هليو جيڏاهون آدم خور ته آه
اک پيس آدم خور تي جڏهين ڏٺائين ٿي ڏوراه
ويو آه ايمان امير کؤن، بخت نه ڀيڙو آه
چئي: نيرا! مصريين ٿي پاڻي پيتئي، سنڌ ۾ داڻو گاه
هاڻ هلي روان ٿيون انهيءَ راه تي، جتي گڏياسون
عالادين امراه.
ائين چئي کڻي پوئتي گهوڙو ورايائين. پر ٻه - واٽي تي آيو ته ياد پيس ته مون
سوارن کي چيو هو ته ورندي وقت بنان خوف جي هن واٽ
تان اچجو، هاڻي ڪوڙو ٿي انهن کي مارايان ۽ ٻيو ته:
متان من ماندو ٿئين، سرها ٿجئين ساه
محمد ڪيائين مـُـنهن ۾ ڪيائين پيغمبر مهندا
يا علي نياڻو جنهن جو، حسن حسين ڏوهٽا
پنجن تنن جهڙو خلقيو ڪونه خدا
هي ته آهي آدم جو پٽ آدمي، ڏيئي لت ڪڍانس هوند
ساه.
اهو خيال ڪري وري گهوڙي کي آدم واري گس ڏانهن ورايائين. آدم خور پٺيرو پئي
ويو، پويان اچي گهوڙو هنيائين ته گهوڙو پوئتي
ٻاهڙجي ويو پر آدم خور ٿڙيوئي ڪونه. پوئتي نهاري
آدم خور کليو. چنيسر چيو ته: ڇو ٿو کلين؟ آدم خور
چيو ته:
اٺ ڏينهن لنگهي ويا، منهنجو ائين ٻري آڙاه
رزق رازق هٿ ۾، ڏئي خلق کي به خداء
ماڻهو جنهن تنهن ماس لاءِ، منهنجي مڙهي سڪي ٿي
ماء.
چنيسر چيس ته بيهه ته گهوڙو ٻڌان ته پوي خبر! هٿيار ڇوڙي رکيائين. تڏهن آدم
خور پڇيس ته:
اها ڪاري لٺ ڪلهي تي تنهن جو نالو ڇا؟
چئي: اهي آهن قهري ڪانَ اندر ۾ رکندا تپاچا تاء.
تڏهن آدم خور چيس ته:
هڻ تون مون کي سپرين، ڪر پنهنجا آزمودا
تنهنجا ڪانَ لنگهندا ڪينڪي، تـِـير چٻا ٿيندا.
چنيسر ڀالو کوڙيو هو. آدم خور پڇيس ته:
جيڪا ڪاٺي کوڙيئي ڀر ۾، تنهن کي سائو مٿي ۾ ڇا؟
چئي: هي جهنڊو آه عليءَ جو، ڀالو ڪري ڀڙڪاء.
تڏهن آدم خور چيو ته:
هڻ تون مون کي سپرين، ڪر پنهنجا آزمودا
ان جا ڪامل لنگهندا ڪينڪي منهن مـُـڙيو پوندا.
وري ڪٽاري چنيسر ڪڍي رکي ته آدم خور چيو ته:
ته جيڪا ڇوٽي ڇوڙي رکيئي، تنهن جو نالو ڇا؟
چئي: ڪاتي ڪٽاري اسين چئون، آهي هيڻن جو همراه
دشمن ويجهيءَ ۾ ڏسون، کڻيو ڏيونس آنڊن کانء.
تڏهن آدم خور چيس ته:
هڻ تون مون کي سپرين، ڪر پنهنجا آزمودا
تنهنجا ڪانَ لنگهندا ڪينڪي، منهن مڙيو پوندا.
چنيسر چيو ته: آءٌ اهي هٿيار توتي کڻان ئي ڪونه ٿو، هٿين ٺلهو ايندس. تڏهن
آدم خور چيو ته: هيءَ لٺ کڻندي (جيڪا ستن ماڻهن کي
سمهاري مٿان رکندو هو ته اٿي ڪين سگهندا هئا) مون
کي به شرم ٿو اچي.
پوءِ آيا مڳ ميدان تي، نڪري ٿيا نروار
وريون ڪارايون ڪـُـڙهن جون جن کي لوها ڪيل لڳا
آدمخور ته ڪڙڪيو، جنهن ڪڙڪي ڪيو ڳالهاء
ته ڊوها ڊوهي ملڪ جا، تو ڊوها ڊوه ڪياء
جان آهين دودو سومرو يا ڀڙ دودي جا ڀاء.
آدم خور کي ماڻس چوندي هئي ته دودي چنيسر کان پاسو ڪجئين، ٻيو توکي ڪونه
ماريندو. چنيسر آدم خور کي ماري اڳتي هليو، پوڙهي
ماڻس کي به ماريائين. پوءِ:
رڻ جو ورتائين رستو، رند ورتائين راه
ڪوٽ ڏٺائين ڪنگرا، ڏٺائين دلي دروازا
تنهن ۾ شرع هئي ويجهڙي، روئڻ ٻڌو راوَ.
روئڻ جو آواز ٻڌي پڇا ڪيائين. چيائونس ته ديو ايندو آهي، جنهن کي هڪڙو
ماڻهو، ديڳ دال جي ۽ مانين جو کارو ڏبو آهي. اڄ
وارو آهي پوڙهيءَ جي پٽ جو، سو اُها پئي روئي. آيو
مائي جي گهر.
مـاقـءي! نـالـي نـام حـَّدا حـّي مـون کـي پـاڻـي حـّو ڏي قــْاءُ.
مائي ورندي ڏنيس ته:
اڳيان پڪا کوه اٿئي بادشاه جا، ٻيا مـَـٽ مسيتن لاءِ
مون ڪونه پاڻي ڀريو، تو ئي مسافر لاءِ.
چنيسر جواب ڏنو:
زال ته ڏيوي سينڌڙي، واڻئي مڇ قرار
مردن جي تنهن ڳالهه تي، ڪجي ڏاڙهيءَ تي اعتبار
پـِـير ڏيائين ٿو وچ ۾، عالم جو سردار
وارو تنهنجي پٽ جو، اول ڏيندس آءٌ.
مائي خوش ٿي چنيسر کي ترسايو.
پاوند وجهي ٿي پيرڙيون، ڏئي ٿي گهوڙي داڻو گاه
ڳهڻو لاٿائين ڳچيءَ مان، هلي آهي موديءَ ڏانه
چئي: مودي مونکي ميدو ڏي، مون گهر آه امراه
دمي چاڙهيائين ديڳڙا، چاڙهيائين ٻوڙ پلاه
ست - رڇيون سوڙهيون ٿيون، نال چنيسر لاءِ
ٻيا توکي ٻيڻا ڏيان، هيءَ نيرن تنهنجي آه.
چنيسر ماني کائي سمهي پيو. مائيءَ جي پٽ کي شهر گهمائي آندائون. گهر ۾ ٻوڙ
پلاه چڙهيل ڏسي، ماءُ کي چيائين ته: اما! تنهنجي
سـُـکا باسيل هئي ڇا ته پٽ راڪاس جي منهن ۾ وڃي ته
خوشيون ڪريان؟ ماءُ چيس ته: هڪڙو متين مـُـوڙهو
تنهنجي پاران سر ڏيڻ لاءِ آيو آهي، انهي جي ماني
ڪئي اٿم. مائيءَ چنيسر کي اُٿاريو:
زال ته ڏيوي سينڌڙي، واڻئي مڇ قرار
مردن جي تنهن ڳالهه تي، ڪجي ڏاڙهيءَ تي اعتبار
پير ڏنو هوئي وچ ۾، عالم جو سردار
پرين پارج پنهنجا، ٿج سخن جو به سچار.
چنيسر ننڊ مان سجاڳ ٿيو، آرس ڀڳائين، هٿ مائيءَ کي لڳو ته ڏندڻجي ڪري پئي.
سجاڳي ٿي چنيسر کي چيائين:
پنجاه کاڌا اٿئي پڙ ۾، تو چاليهه چٽ ڪيا
اڃا گيدي هڻين پيو گهوگهرا، کايو ڏهاڪا.
چنيسر اڳئي طعنن جو تايل هو، سو ٽپ ڏيئي اُٿيو. راڪاس جي جاءِ تي آڻي لوهي
سنگهرن سان ٻڌائونس. چنيسر دل ۾ چيو:
متان من ماندو ٿئين، سـَـرها ٿجئين ساه
هتي آدم ٻڌا هئائون آدمي، اڄ ديهـَـه ٻڌا هن جاءِ
ساري حضرت شاه کي هن ڪيهر ڪلها موڙيا
هن تان لوهه سڀ لهي ويا، جيڪا جنجيرن جڙاء.
ترار هٿ ۾کڻي ويٺو. راڪاس کي ماريائين. شهر ۾ آيو ۽ هڪڙي خالي جاءِ گهوڙو
ٻڌي ويهي رهيو. بادشاه جو چوڻ هو ته جيڪو راڪاس کي
ماريندو تنهن کي ٻه پهر بادشاهي ڏيندس. صبح جو
بادشاه جو گاهي حسڻ نڪتو. راڪاس مئل ڏسي رنبا هڻي،
پاڻ کي به رت هاڻو ڪري بادشاه وٽ آيو، چيائين ته
راڪاس ماريو اٿم. بادشاه هن کي ٻه پهر بادشاهي
ڏني.
حسڻ گاهي پالڪيءَ تي چڙهي، بازار مان پئي آيو ته عالادين پيادو نظر آيس.
موچڙو لاهي عالادين کي هڻي، پٽڪو لاهي وڌائين.
بادشاه چيس ته تو راڪاس نه ماريو آهي. پڇا مان
چنيسر کي هٿ ڪيائين. چنيسر بادشاه کي راڪاس جون
نشانيون ڪن ۽ پڇ ڏنا. بادشاه چيس ته ٻه پهر
بادشاهي ڪر. چنيسر انڪار ڪيو ۽ تيل ميٽ کڻي تلاءُ
تي وهنجڻ ويو. مڪنو هاٿي ماريائين. عالادين چيو ته
آءٌ دودي تي ڪاهيان پر لشڪر ڪيترو هلايان. چنيسر
چيو ته پاڏو ڪهائي کل وڇايو مٿان لشڪر لنگهايو،
وار به نه بچي ته اهو لشڪر ماريندو. پاڏي جي کل
مٿان ماڻهو اُڪريا، ڇؤڙي جا وار کـُـٿا ۽ لشڪر جو
شمار ڪيائون ته:
نـَـوَ ڇلين ڏهه لک، جيئن چئين تيئن چڙهن
ڪي گهوٽيا گهوڙن تي، ڪي پيادا پنڌ ڪن
تنين مٿو ناهه ڪو، جتي سپر ڍرن
اڳيان وڃن پيئندا، پويان گپ چٽين
ڪارهن سؤ قرنائيون، نو سؤ نغارن
ايڏا هـُـل هلن، ته به دودو هليو ڪنيڪي.
لشڪر تي ڪـُـتـِـي ڀؤنڪي ڀؤنڪي مري وئي، لشڪر جو ڇيهه نه آيو. وڳهه جي ڪوٽ
کان ٻاهران لٿا. عالادين پنهنجو خاطي نظر محمد
پٺاڻ موڪليو. حجام سندس مٿو ڪوڙيو. نظر محمد چيو
ته:
آين ڪجن آڌرون، ڪجن نه وير وڌاءُ
گلم ٿو گندو ڪرين، تڏي رکين ٿو تاءُ
توکي مغل مڃيندا ڪينڪي، سڻي ڪچي ڪندئي بادشاه.
دودي جي ورندي:
مون ڪونه ماڻهو موڪليو ته تون ڪو مون ڏي آءُ
وير وڳهه جي ڪوٽ جو، توکي سـُـڌو نٿي دودل راءُ!
دودي، ڀاڳو ڀان کان صلاح پڇي ته سامـُـون ڪنهن وٽ ڇڏجن. ڀاڳو ڀان چيو:
ابڙاڻين جو ابڙو، سـُـجهي ڪـَـنڊ ڪلاه
سامون ڏي تنهين کي، سـِـر سـَــٽ منجهاء
تنهين جي اڳياء، بيهي سگهي ڪونڪو.
دودي چيو ته ننگر کي سڏيو ته صلاح ڪريون. ڀاڳو، ننگر جي در تي سڏ ڪيو. جواب
مليو ته ننگر ننڍڙو آهي، ڪچهري جهڙو ڪونهي، يارن
سان وهنجڻ ويو آهي. ڀاڳو ڀان موٽيو ٿي ته:
سما يار ننگر جا، جن ڏني سـُـڌ سماء
ڇوڪر رؤنشي راند جي، جن کي ڏائيءَ جي هئي ڏاه
چئي: اڱڻ آيو منگتو، موٽايو تنهنجي ماءُ.
ننگر تڪڙ ۾ ڪپڙا پائڻ لڳو. محمد چيس ته:
ترس تڪڙ ڪر ڪينڪي، تنهنجا جاسين وار سـُـڪن
اهو عالادين آهي هڪڙو، ڀلي اهڙا چڙهيا چار اچن
تو ليکي بادشاهه، مون ليکي لنب جو گاه
آءٌ لڻان بادشاهه کي، جيئن لڻجي لنب جو گاه
ڏيان داغ دليءَ کي، هوند لتاڙيان بادشاه.
ننگر چيو ته مونکي بادشاه جو خوف ڪونهي، پر ڀاڳو ڀان وريو پيو وڃي، ان کان
پڇڻو اٿم. ڀاڳو ڀان کي اچي رسيو:
ڀاڪر پائي ڀان کي، هليو پنهنجي ڏيڍيءَ ڏانه
چئي: تنهنجو ڪم مردن سين، زالن سين ڪم ناه
سڏي چيائين سئيس کي، وڃي ڪـَـنيڪٽ ڪاهي آءُ
جنهن تي سنج سڀئي سون جا، دنبچيءَ تي داڻا
لالون لٿس لغام تي، موتين جا جهـُـوڙا
آڻي ڀاڳوءَ ڀان کي، ڏي تان ويس وڳا
ائين پهرايائين ڀان کي،جيئن پهرائجي بادشاه
چيئين: سلام ڏجائين چاچي کي، ڄاڻ ته ننگر تو وٽ
آه.
ڀاڳو ڀان دودي وٽ آيو. دودي چيو ته عالادين ڏي ڪنهن کي موڪليون؟ ڀاڳو ڀان
چيو ته ننگر کي موڪليو. دودي چيو:
ننگر ته منهنجو ننڍڙو، جنهن کي وهي ٿي ٿڃ مـُـها
چنڊ ٻـُـڪيءَ چوڏهينءَ پئي ٿو ننگر جو به نڪاح
مڪي سون ڪوٺ قنڌار ڏي، ڄاڃي مـَـنـَـهـِـن ايندا
دهل دماما وڄن ٿا، جهـِـمٽ نا جهلبا
مـَـنهـَـن مانيون هلنديون، رڌا نا رهبا
رَتا ته ڙي ڏاج ننگر جا، رڱيا نا لـُـڙبا
هاڻي ٻيو چڙهي ڪونڪو، آءٌ پاڻ چڙهان بادشاه.
---
ننگر مير چڙهيو، لـُـڏندا عـَـلم طوق اچن
لارين لاه وڏا ڏنا، بس نه بندوقون ڪن
تـِـکا تپاچا ڇوڙيا، تاوَ رکيا توفن
ٽـَـهه ٽـَـهه ٽـَـڪورين جان، مزا ٻڌا مرلين
وڄن ٿا بگل بهادري، ڌڪڙ ڌمالون ڪن
ٻانهون ٻڌئين رومال ۾، اچي گوڏو ڏنائين گلمن.
دودي چيس ته مٿي ويهه کٽ تي. ننگر ورندي ڏني ته: چاچا! کٽ توکي ڏني سون،
اسان رعيت لاءِ آهي پٽ. دودي چيو ته: ننگر! تنهنجو
مـُـنهن لٿل آهي. ننگر ورندي ڏني:
ماڻهو ڏيندم مهڻا، مونکي جـُـلبا ٿا جاڳن
پون پـُـور ابل جا، جيرا ٿا به جلن
هـِـنيون هنڌ نه هڪڙي، ڦڦڙ ٿا ڦڙڪن
کائڻ نه اچن کومچا، وه ٿيو طعام پون
سمهڻ نه سيج بندن تي، آرام نه اکڙين
ڪريان هوند ويڙهه وڳهه سين، مـُـزرا راڄ ڏسن
پر ڏنئي سڱ سونڻ جو، لـُـڙهيا لـَـٽ وڃن
اُڇلي وجهان آڙاهه ۾، سوڌو ننگر نوابن.
دودي جواب ڏنو ته:
سڻ تون ننگر سومرا، جيڪا ڪئي مون پؤڻائي
چيم چنيسر راوَ کي، وات ڪڍي وائـِـي
ته ويهه ڪچهريءَ وچ ۾، تو پڳ مٿي آئي
سـَـٿ نه ويٺو سومرو، هليو ماڳ پڇڻ مائي
ڪـُـوڙي ڳالهڙي ڪري ويو، ڀاڱي نه ٿيو ڀائي.
ننگر ورندي ڏني:
جڏهن چڙهيو چنيسر سومرو، تڏهن ويٺا هئا امين
پيڙهي پڳ جهلين ها پنهنجي، هــُـن کي ڏين ها زمين
ته ويٺو وڳهه جي ڪوٽ ۾، ٻولي ٻوليائين ٻي نه.
دودي، ننگر کي چيو:
هينئر به چڙهي وڃ بابهين ڏي، اچ بابهين کي پرچائي
ٻارهن شهر ٻنگال جا، ڀلي خان ڦريو پيو کائي
پلئه نه ڏيانس پڳ جو، جيڪا ٻڌم سو نه ڏيانس لاهي.
ننگر موڪلائي روانو ٿيو گهر ڏي. ڀونگر چيو ته آءٌ به وڃان. بيت چيائين:
هيکلڙو وڻ ڪانهرو، توڻي درخت هوءِ بابا
لڳيءَ ويلي جنگ جي، ننگر ڪندو ڇا
اسين سونهون جوڙو جنگ ۾، عالادين اڳياء.
دودي چيو ته: تون ننڍو آهين، توکي موڪل نه ڏيندس. ڀونگر رڪ جون ڦڻيون
ٺهرائي، ڳلن ۾ هنيون. دودي انڪار ڪيو. ڀونگر چيو:
چاچو بابو نه ٿئي، ماسي ٿئي نه ماءُ
ڀاڄائي گهري نه ڀيڻ جيئن، سؤٽ سڳو نه ڀاءُ
آيئي لت آنڊن تي، تڏهن ڳاڙين ٿو ڳوڙها.
---
ڪلر ويري ڪوٽ جو، جر ويري ڄرڪو
ڀائرن ويري دودو سومرو، راڄ اکين ساڻ ڏسو
ڀاءُ سٺائين ڪينڪي، اڄ تڙي ڪڍيائين ڀائيٽو.
دودي ڏٺو ته ڪونه رهندو، پوءِ موڪل ڏنائينس. ٻئي سؤٽ گهوڙن تي چڙهيا. وڳهه
جي ڪوٽ ۾ ٽامي جو فرش هو. گهوڙا هڪليائون. ننگر جي
ٻـُـڪي پيل هئي، ڪنوار ونواه ۾ويٺل هئي. تنهن ڏٺو
ته جاءِ ڏڪڻ لڳي.
راڻي چيو ته ٻانهيءَ کي، دائيءَ کي داناه
ته ٿنڀ ڪامون ٿڙڪي ويون، پٽين ۾ واڪا
هيبت هندوري گهڻي، منهنجي کٽ کائي دهڪا
ڏس متان عالادين اچي پيو، وڳهه ڪوٽ وچا.
ٻانهي ٻاهر نڪري ڏٺو ته ننگر ۽ ڀونگر گهوڙا ڪڏائيندا اچن. ٻانهي ورندي ڏني:
هي آهي سون ورڻو سومرو، جنهن جي ڪنن ۾ لـُـڙڪا
ڪڏائي ٿو ڪيڪان کي، آهي پٽ چنيسر راء
ور ته تنهنجو ولهو، آهي نالي ننگر راء.
ڪنوار چيو ته آءٌ ننگر سان ڳالهائينديس. ننگر در جي ٻاهران اچي بيٺو. ڪنوار
چيس ته: سؤٽ! تون جنگ تي ٿو وڃين، اسان کي خبر
ڪيئن پوندي؟ چيائين: وڃان ٿو پرچاءُ جي لاءِ، جي
جنگ لڳي ته پوءِ هي ندي رت سان ڀريل پئي وهندي.
مـُـنڊي ٻـوڙجو، جڏهن ٻـُـڙي تي رت بيٺو، اهو رت
منهنجو هوندو.
وڃان ٿو ته وڪيل ٿيو، من بابو ڪري پرچاءُ
جي پٽيل پرتو ڪينڪي، ڪيائين جهيڙي جو به وڌاءُ
ته پوءِ اسان آهن ڪانَ قبوليا، عالادين اڳياء
سـِـر ڪنداسون صدقو، گهورون لڄن تا
مـَـلهون ميڙهون کوڙيون، ڳوڌا وهندا ڳاهه
مردن کي ميدو ڏيان، گهوڙن داڻو گاهه
سنڌ ملهائيندا سومرا، جاسين هوندن سسيءَ ۾ ساهه
پيڙيو پٺاڻن جون ڏيو لتون ڪڍندا ساهه
جتي سانـَـهه ڪندا سومرا، اُتي ٿيندا مغل پها
لـُـڙهيو هتان اچو لنگهندا، کـِـڙيو خان ته واهه
پرزا ننگر(1)
، مغل جا هتان لـُـڙهيو اچو لنگهندا
ڦولهي ڏسجئين رت ۾، هوندئي ننگر نياپا.
ڪنوار ورندي ڏني:
سؤٽ! مدد ٿيندئي مصطفيٰ، حامي حضرت شاه
هي قلعو قادر پير جو، جنهن کي لڳي نه ڪوسو واءُ
جهوليءَ پائي جهليان، تنهنجا اُچا پار مٿان
هاڻي ميڙي محمد ڪريم جي، آهي پنهنجو نڪاح.
موڪلائي هليا ته ٻاگهي سڏ ڪيو ۽ چيو ته:
ننگر! اُمراهن سين، هيڻيءَ راوَ هليج
جي مون ڏني ڏيهه ڇٽي، ته مڙس نه مارائيج.
ننگر وراڻيو:
مڙس ته ڏيندوسئين سومرو، جيڪو مٽ پنهنجو ڀانيان
نه ته مرنديئن شال وڳهه ۾، توکي سـِـر چمي چايان
نيئي رکندوسئين ماروئڙي مقام ۾، ڏيئي قبر سان
لاوان.
ٻاگهي چيو ته:
مدت ٿيندئي مصطفيٰ، حامي حضرت شاه
هي قلعو قادر پير جو، جنهن کي لڳي نه ڪوسو واءُ
اڳيان عالادين جي، جيڪي لائڻو هجئي سو لاء
ڦوڪ ته لڳي انبرين، اُڌمو ڏي آڙاهه
هاڻي سنڌ ترارين وچ ۾، جيڪو کٽي سو کاءِ.
ننگر پنهنجي ماءُ وٽ آيو. ماءُ پڇيس ته توکي دودي ڇا چيو ۽ تو ڇا چيو؟
چيائين دودي چيو ته وڃ عالادين ڏي، پر مون جواب
ڏنومانس. تنهن تي ماءُ چيس:
نـَـوَ مهينا پيٽ ۾، مون تنهنجا سور سـَـٺا
نـَـو مهينا گذريا، توکي پرور ڪيو پيدا
ري وضوءَ ري مـَـسحي، مون توکي ڏنا تان نه بـُـبا
تنجيم توکي تلوار سين، مون توکي دُڪا ڪانَ وڌا
پر الله جي درٻار ۾، شايد منهنجا ڪيئي ڪين اگهيا.
---
ڪيئي سڪندر لڏي ويا، تالا تخت مٿان
مهتر سليمان به لڏي ويو، جنهن جو تخت هلايو واء
نڪي سدا هوندين جيئرو، نڪي ثابت رهندئي ساه
مارج بابا جنگ ۾، ڪڍان اونچا پار مٿاءِ
چئي: اڄ اڄوڪي راتڙي، آهيان جيجل تنهنجي جاءِ
صبح جو ته سويرو اُٿي، روپيندس روپاه
جن کي آءٌ اڄ ماريندس، سي صبح مونکي به ماريندا
پوءِ ڪـَـڙيا ايندا ڪاڇين تؤن، مڙهه ننگر مغل جا
لائون ڏجئين تن سين، ويٺي سـِـهڙيو ساٺ ڪجانءِ.
---
آڌيءَ جا آرام ٿيا، بيٺو جيجل جاڳائي
ته ٻٽيهه تارون ورنيون، امڙ بخش بـُـبا مونکي
چئي: بخشيم تو ننگر کي، هـِـتي ۽ هـُـتي
اکين کي هئين اوڏڙو، سرهو هيڙم ساهه
اکين کان پري ٿيون، ڪيون آ ڌڙ ڌڪاء
مريم سا ماندي گهڻي،جنهن جو سڪيو وڃي ٿو ساه
جنهن جي من ۾ مانڌاڻيون گهڻيون، آهن آنڊي ولوڙا.
ماءُ کان موڪلائي ننگر نڪتو، ننگر ڀونگر ٻئي روانا ٿيا. عالادين جي ڪچهري ۾
آيا. عالادين ننگر کان پڇيو: ڪير آهين: ڪنهن جو پٽ
آهين؟ ننگر چيو ته: نالو ننگر اٿم، پٽ چنيسر جو
آهيان. چنيسر عالادين کي ڏٺو، چنيسر چيو ته:
دومـــُــون ڏســي دهــلـيـو، ســُـڪو نـيـنـگر ســـــاه.
ننگر چيو ته:
ٿـُـڪ چنيسر لعنتي، تون واتئون ڪيم وڃاء
پـُـٺ ڪريئين ٿو پڌري، آهي لوهر تنهنجي ماء.
عالادين کي چيئون ته: اسان پاڻ ۾ پرتا آهيون، چنيسر کي راڄ ڏيون ٿا. عالادين
به ٺاهه ۾ خوش هو، تنهن قبول ڪيو. ننگر ۽ ڀونگر
موٽيا. عالادين چيو ته: چنيسر! ننگر ۽ ڀونگر جهڙا
مڙس ڪي مارائجن؟ چنيسر چيو ته: بادشاه! سٺو ٿيو جو
اسين ڀائر پاڻ ۾ پرتاسين. پر هاڻي ٻاگهي جو جهڙو
دودو ڀاءُ، تهڙو آءٌ ڀاء. هاڻي ڇو نه پنهنجي به
مـِـٽي ٿئي، تنهنڪري ٻاگهي جو سڱ توکي ڏيون ته
تنهنجو به پـنڌ سجايو ٿئي. هاڻي ننگر کي سڏي،
ٻاگهيءَ جي سڱ لاءِ چئون. عالادين ننگر کي چيو:
اوهين ڀائر پرچو پاڻ ۾، ٻاگهيءَ سڱ ڏيو مون
سڀ پهرايان سومرا، ٻي جهجهي ڏيانوَ ڀـُـون
هاڻي وهلو وڃي تون، سعيو ڪجان سڱ جو.
ننگر ورندي ڏني:
ٻاگهي مـُـورهئون نه ڏيان، ٻاگهي مون مائـِـي
آءٌ ڪپيان سـِـر سلطانن جو، ڇڏيان کنن سين کائي
جيڪا وڏي هجئي وڏاندري، سا ڏيان مغل کي پرڻائي
جيڪا ڀائٽي هجئي ڀاڻيجي، سان ڏيان محمد کي پرڻائي
جي ٻيون به هجنئي گهڻيون، ته ڇڏيان پنهنجا پنجاه
نوڪر پرڻائي.
---
|