سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :23

 

 

روايت [5]

سسئي پنهون جي قصي بابت مشهور مثنويون

خليفي نبي بخش جي سرائڪي مثنويءَ تان ترتيب ڏنل ڳالهه*

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ هندو برهمڻ وٽ ڌن دولت جي ڪمي ڪانه هئي، پر پُٽ پهي ڪونه هوس. رات ڏينهن اهو ئي فڪر هئس، ته هيڏي ساري ملڪيت، مالڪ کان سواءِ بيگانا کائي ويندا!

سُڻيم هندو جنب هڪ بت پرستا

برهمڻ بي پسِر او دل شڪستا

دنيا دولت تجارت پُر خزاني

هيرا موتي هندو دي بُهت ٻاني.

گهر واريءَ کي سڏي حال اوريائين ته: اولاد کان سواءِ اوندهه آهي، حيلا وسيلا ته گهڻئي ڪياسون، هاڻي ڪي دعا جا در ڀيٽيون يا ته ”ڪاشي“ هلون يا ڪنهن پير فقير وٽ هلون. چڱن چيو ته ”دعا درويشان رحم الاهي“ متان ڪٿان ڌڻي اسان کي نوازي ۽ اولاد عطا ڪري! زال چيس ته: منهنجي مرضي آهي ته پهرين پڇي پڪ ڪريون ته پنهنجي قسمت ۾ اولاد آهي به يا نه، پوءِ جيڪا صورت بڻي، تيئن ڪنداسين. اها صلاح ڪري ناڻي جا ٿالهه ڀري هڪڙي نجومي وٽ ويا ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه وڃي اوريائونس، نجومي ڍارو وجهي تارن ستارن جو حساب معلوم ڪري کين چيو ته: ميان! مون کي تنهنجي ناڻي جو ٿالهه ڪونه گهرجي، تون اڀاڳو آهين، ڍارو ٻڌائي ٿو ته توکي هڪ ڌيءَ لکيل آهي، پر ان جو انگ ڪنهن مسلمان سان لکيل آهي.

تيري گهر ۾ پڙي ديکي علامت

تيري سَر پر جَڙي ڀاري ملامت

ديکي دختر تيري گهر بيچ آئي

نبي حضرت سچي ڪا دين لائي

اها ڳالهه ٻڌي، برهمڻ ۽ سندس زال منهن مٿو پٽيندا گهر موٽي آيا.

ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ ٻانڀڻ جي زال کي اميدواري ٿي. ٻئي زال مڙس اندر ئي اندر ۾ پيا پڄرندا هئا. نيٺ ڏينهن ڀرجي آيا ۽ ڌڻيءَ جي حڪم سان کين سدا ملوڪ ڌيءَ ڄائي. برهمڻ ڪاوڙ ۾ نوڪرياڻيءَ کي چيو ته: هن ڇوڪريءَ کي نه کير ڏي، نه پاڻي، ڀلي ته مري وڃي. اهڙي ڌيءَ کان ائين چڱا آهيون!

 

آکِيُس تاجا ڪنينرڪ ڪر شتابي

خورش بند ڪر همھ هر دود آبي

ڪَنون جيوڻ مُئي دختر ڀِليري

لَتان لَک ڏي ڪُهُون مانند ويري

مگر ٻانڀڻياڻي نيٺ ته ماءٌ هئي، تنهن جي دل ڇڪي کاڌي، سو مڙس کي منٿ ڪري چيائين ته: هي آخر اسان جو اولاد آهي، کيس ائين مارڻ مون کان ڪونه ڏٺو ٿيندو. ان کان بهتر آهي ته ڪنهن صندوق ۾ وجهي، درياهه جي حوالي ڪري ڇڏيوس، پوءِ کٽي سندس قسمت!

ڪنون مارڻ ڪَرون دريا حوالي

آپي يا رب طفل ماري جوالي

پسند ڪيتي برهمڻ زال دي ڳال

ڪُهون ا‎َپڻا ڀلا هٿ نال ڪيون ٻال

اها ڳالهه برهمڻ کي به وڻي، سو يڪدم خاطو بند گهرائي، هڪڙي سهڻي صندوق تيار ڪرايائين. پوءِ ان ۾ مخمل جون گاديون وڇائي، انهن تي مشڪ عطر هارائي، معصومڙي کي هيرن جواهرن جا هار پارائي، ٻيا هيرا موتي پاسي کان رکي صندوق ۾ بند ڪري، وڃي درياهه ۾ لوڙهيائون.

سِگهِيان آڻو صندوقان چا ٻُلندان

جَڙو محڪم لَکين سَو سيم تندان

*

سُتي مَهرو تَهين وچ ڪر وڇاڻان

ڏکي مادر ڏتا ڏک دا اولاڻان.

خدا جي قدرت سان اها صندوق لهرن ۾ لڙهندي لڙهندي اچي گهاري جي ڀرسان ڀنڀور مان نڪتي.

ڀنڀور ۾ ان وقت هڪ شاهوڪار ڌوٻي رهندو هو. هن وٽ ڪيئي نوڪر چاڪر ڪم ڪندا هئا، مال دولت جي ڪابه ڪمي ڪانه هيس، پر اولاد جو سڪايل هو.

 

پَرٽ هڪ در ڀنڀورين پُر خزاني

بيٺا ساڪن بَنا خاني دڪاني

*

دنيا دولت گهڻي گهر مفت مايا

پرٽ ڪون ڀي نَڪو اولاد ڄايا.

ان ڏينهن اسر مهل جڏهن هي نيم پٽاندر درياهه جي گهاٽ تي پهتو ته درياهه ۾ پري کان کيس هڪڙي صندوق لُڙهندي نظر آئي. هن يڪدم درياهه ۾ ٽپو ڏنو ۽ صندوق کي تاري آڻي ڪناري تي ٻاهر ڪڍيائينس. جان کڻي صندوق کولي ته ڏسي ته هيرن جواهرن سان جهنجهيل هڪ سدا ملوڪ نينگري منجهس سُتي پئي آهي.

سحر گُل پئي جڏان ٿئي روشنائي

پرٽ ڪون در نظر صندوق آئي.

هي اولاد جو سيڪڙات ته هو، وري جو ههڙي ملوڪڙي نينگري ملي ويس، سو خوش ٿي يڪدم ڇوڪريءَ کي ڇاتيءَ سان لائي، صندوق کڻي وٺي گهر ڏي ڀڳو ۽ سڌو اچي زال کي سموري حقيقت به ٻڌيائين ۽ نينگري به ڏنائينس. چيائينس ته: ڌڻي پنهنجي ٻاجهه  ڪري پاڻ کي هيءَ نياڻي عطا ڪئي آهي، هاڻي وڃي لاڏ ڪوڏ سان نپائينس. ڌوٻياڻي پڻ سدا ملوڪ ڪِڪيءَ کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ يڪدم کڻي ڇاتيءَ سان لاتائينس.

 

عجب بحرون لڌم ياقوت داڻا

رکڻ والي بچائي ڏي حياتي

نه ڪجهه تهڪون ڏکاليا مُنهن مماتي.

اها خبر سڄي راڄ ڀاڳ ۾ پکڙجي ويئي ۽ سڀئي ڀنڀور وارا زالين مڙسين ننڍي ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا. ڌوٻيءَ به شهر جون هوشيار هوشيار دايون سڏائي پگهار ٻڌي ڏنو ۽ هو به دل و جان سان نينگري جي پرورش ڪرڻ لڳيون. جيئن ته ڇوڪري چنڊ جهڙي سدا سهڻي هئي، ان ڪري مٿس نالو ئي رکيائون ”سسئي.“

پرٽ دي گهر بني شب روز شادي

ڏکاليا مُنهن پرٽ ڪون آ مُرادي

اسم سسئي سَڏيندي هر پيارون

الله آندي بَچا گهنِ آب تارون.

ڌوٻي هوشيار مالهي گهرائي سسئيءَ لاءِ نهايت سهڻو باغ به رکايو، جنهن ۾ طرحين طرحين جا گل ڦل  ۽ ميوا رکائي بهاري لڳارائي ڇڏيائين. اهڙي طرح وڏن لاڏن ڪوڏن سان سسئي، ڌوٻيءَ جي گهر پلجي ساماڻي.

سسئي ساماڻي ته سندس سونهن ۽ سوڀيا جي هاڪ هنڌين ماڳين هُلي وئي. هر ڪو ڪوشش ڪرڻ لڳو ته سسئيءَ جو سڱ کيس ملي. ڌوٻيءَ جا راڄ وارا به ڪيئي وٽس سسئي جي سڱ لاءِ آيا، پر ڌوٻي سڀني کي کُتو جواب ڏئي ڇڏيو. چئي: سسئيءَ جو سڱ انهيءَ کي ڏيندس، جيڪو سندس جوڙ جيس هوندو، اڳتي انهيءَ باري ۾ مهرباني ڪري مون وٽ ڪو به نه اچي.

 

سڀئي آئي تيڏي در تي سوالي

متان ڇوڙين اساڏا پاند خالي

مُهت منگدي برادر خويش ڀائي

نهين واجب گهَتڻ تيڪون جدائي

ڏتي ولدي جوابون جوش مندي

آکيس ڏيوي متان ڪو ويڻ گندي

*

انهيءَ زماني ۾ ڪيچ ”ڪُستان“ (1) ۾ هوتن جو سردار آري نالي بلوچ هوندو هو. سندس سرداري ۾ چوطرف سُڪار ۽ سَرهائي لڳي پئي هئي. ماڻهو به سندس سرداري مان تمام گهڻو خوش هئا.

 

سُڻيم هڪ مُلڪ رب دا ڪيچ ڪُستان

جٿان هوتين بنائِن باغ بستان

*

شهر وستي وسن خوش راڄ والي

گهمن ڪستان جَنگل هو بي خيال

رکي هوت دي سر تاج آري

مَني تِهڪون گهڻا مِل خلق ساري.

آريءَ کي پنهون نالي هڪ پٽ به هو، جيڪو نهايت بهادر سهڻو هو، جنهن ڪري پيءُ به مٿس ڏاڍو راضي هوندو هو. هڪ ڏينهن آريءَ پنهون کي پاڻ وٽ سڏائي چيو ته: هاڻي مون پنهنجي دستار توکي ڏني. آءٌ پوڙهو ٿي ويو آهيان، تنهن ڪري هاڻي هي راڄ ڀاڳ تنهنجو آهي، تون سنڀال.

 

ڪرڻ جَٿ ٻَهه ڪَنول گُل گل ڪچهري

پُنون هڪ ڏينهن سَڏايا مرد آري

جڏان ٻيٺا پُنون شهه دي ڪنِاري

تڏان ٻوليا پدر وه نال پياري

آکيُس تيڪون ڏنيم دستار مَيڏي

مَني مين ڀي مُهر تحقيق تيڏي.

پوءِ پنهون کي پڳ ٻڌائي، راڄ ڀاڳ جو مالڪ ڪري، پاڻ الله جي ياد ۾ وڃي ويهي رهيو. پنهونءَ يڪدم پنهنجي لاءِ لشڪر وغيره تيار ڪيو، راڄ ڀاڳ جي ڪمن ڪارين ۾ اُڪلاءُ ڪيو ۽ هر طرف نهايت عقلمندي سان ملڪ جو انتظام هلائڻ لڳو. هي گهڻو تڻو وقت پنهنجي راڄ ڀاڳ جي ڪمن ۾ گذاريندو هو ۽ واندڪائي وقت يارن دوستن سان گڏجي شَيل شڪار ڪرڻ ويندو هو.

جيڪي نوڪر سپاهي مال گهوڙي

ڪيتي ٻي ڀي پُنون اسباب ڏوڙي

ترنگ تازي تنبو گهوڙي طبيلي

کاَون راتب هَمھ سَهڄون سويلي

رکي مَهري قنڌاري زيبداري

گهڻي وڳ پئي گهُمن سَو بُغد باري.

*

پُنون ڏيکي تماشا چَڙهه شڪارين

گهمي غازي سدا خوش نال يارين.

ڪيچ شهر ۾، ميتو نالي هڪ هندو واپاري به رهندو هو، جنهن ساٿ سنڀرائي، ڀنڀور ۾ وڃي سودي ڪرڻ جو خيال ڪيو. دستور موجب بادشاهه کان اهڙي اجازت وٺڻ لاءِ درٻار ۾ آيو.

ڏيکو هُڻ تان هندو هڪ ساٿ چايا

عزم ڪيتُس ڀنڀوري طرف سعيا

وداع ڪيتي پُنون دي پيش آوندا

مَواجب سؤ پُنون دي مفت کَوندا

قدم بوسي ڪَريندا سر نَما ڪر

ڪيتي وه چاڪري منظور چاڪر.

پنهونءَ کيس ڀنڀور ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني، مگر ساڻس هڪ ڳجهي مام به اوريائين ته: ڪيتري وقت کان منهنجي ڪنهن شمع جي تصور ۾ پتنگ وانگر پيئي ڦٿڪي، تون در در وڃي وڻج واپار ڪندين، سو اهڙي ڪابه سهڻي عورت ڏسين ته مون کي ان جي خبر ڏج.

 

پيا دل تي ميَڪون هڪ خيال رَنگي

شمع ڍونڍي ميَڏي دل چُون پتنگي

تُسان در در ڪَريسو وڻج سارا

سَٽي من شھ حُسن سر بخت ڍارا

ڪَبڪ ڏيکين ڇَڏان جِت مھ پيشاني

لِکين تھِ وقت ٻھ ڳُجهڙي نِشاني.

ميتي واڻئي، پنهونءَ سان اهو انجام ڪيو ۽ پوءِ ساٿ ڀري ڀنڀور ڏي پنڌ پيو ۽ منزلون ماريندو اچي ڀنڀور ۾ پهتو.

بوتن تان بار لاهي، مال جنس جون هڙون ٻڌي، شهر جي گهٽين ۾ وڃي واپار جا هوڪا هلايائون ۽ واپار ڪرڻ لڳا.  ميتو گهمندي گهمندي وڃي سسئي جي گهر وٽان نڪتو.

 

ٻيٺي لهه در ڀنڀورين ٿي مقَامي

ڪَرن سَودا خوشي پَو خاص ڪامِي

گهُمن سَودا ڪَرن دل دِي تَسلي

آيا هڪ ڏينهن هندو لنگهه ڪوچه ڳَلي.

سندس هوڪو ٻڌي، ڪيتريون ئي عورتون سودي وٺڻ لاءِ اچي مڙيون. سسئي به پنهنجي سهيلين سان گڏجي، واپار جي خيال کان واڻئي وٽ آئي. واڻيو به نهايت حسين جوان هو، تنهن کي ڏسي سسئي مٿس موهت ٿي پيئي ۽ گهر پهتي ته مورڇل ٿي ڪري پيئي.

چشم چاتي پري هڪ نيم خوابي

ڏٺس پُتلا عجب وه رُو گُلابي

اکين لَڙ پيان اکين دي نال زِوري

حُسن وٺتي هندو دي ڪيچ ڏوري

*

سُکي جِند ڪُون لڳا دک دا غلولاڇ

پري رو ڪون آيا در پيش رولا.

دل ۾ آنڌ ماند هيس، سو پنهنجي هڪ دل واري ڪنيز کي سڏي، ان سان دل جو حال اوريائين. ته: واڻيو منهنجي دل هڻي ويو آهي، هاڻي حيلو ڪر، ڪنهن طرح واڻيي کي وٺي اچ ته ڪي روح رچنديون ڪريون.

 

ڪنيزڪ ڪون سُڻيندي حال سارا

ميڏا ڪر تون اُٿي اِعلاج چارا

ڏٺم مَهتا عجب روشن تجلي

مَيڏي گهِن آ شتابي ڪُوچ ڳَلي.

اهو سنيهو کڻي، ٻانهي ميتي وٽ وئي، ۽ چيائنس ته: تو وٽ جيڪو به سٺو مال هجي سو پاڻ سان کڻي هل جو سسئي توسان واپار ڪندي، مهتو به مال کڻي سسئي وٽ پهتو.

 

ڪنيزڪ سُڻ سنيها ٿي رواني

سوداگر پيش آئي دوڙ ٻاني

آکِيسُ سُڻ تون مِيان ڪيچي وپاري
شتابي ڪر شتابي ڪر تياري
جنس عمدي ڪُلي سر چا سويلي
قدم هُڻ پا اَساڏي در حويلي.

سسئي کيس پنهنجي محبت کان آگاهه ڪيو، جنهن تي واڻئي ورندي ڏني ته: مائي، تنهنجو جوڙ جيس پنهون آهي، جو ڪيچ شهر جو والي ۽ بادشاهه آهي.

 

ڪِتوني ساڌ دي صندل حوالي
ڏيکو مَهُرو اِٿان آ مُنهن ڏيکالي
آکِيسُ سُڻ تون ميان ڪيچي وپاري
ڏِتي مَيڪُون ڀلا ڪِيون بيقراري.
*

آکيسُ سُڻ تون پري گُل ناز ناري
ميڏي هُڻ گوش ڏي گفتار ساري
ڏٺا هڪ مَين تَيڏا مَت جوڙ ثاني
ڪِيتا جِنھ ڪيچ مَھ روشن ڪنعاني.
*

بلند باري بلوچيندا ستارا
سٽِئا سولا تَنيندا بخت ڍارا
اسم پڌرا پُنون اولاد آري
لَمَھ شھ عشق دِي چَکِدا لغاري.

بس، واڻئي کان واکاڻ ٻڌي سسئي، پرپٺ پنهونءَ تي عاشق ٿي پيئي ۽ واڻئي کي عرض نيزاريون ڪرڻ لڳي ته: مون کي پنهون جلدي گهرائي ڏي.

پري رو سُڻ خبر حيران هوئي

ڪريندي ٻھ نِيازون گفتگو ئي

تڏان آکيسُ ڳِڌُم استاد تَيڪون

ميان مَهتا مِلا محبوب مَيڪون.

ميتي، سسئي کي دلداري ڏئي، موٽي اچي پنهونءَ کي ٻه خط لکيا. هڪ خط ۾ سسئيءَ جي سونهن ۽ سندس سِڪ جو احوال کيائين، ۽ تاڪيد ڪيائينس ته ڪنهن به حيلي ترت ڀنڀور رس، جو هوءَ تنهنجي لاءِ واٽون پئي نهاري. اچين ته پاڻ سان کٿوري جو بار ڀرائي اچج.

 

آيا مهتا اٿي وهُ در وکارين

ڪِيتُس قاصد روانا طرف يارين

پَريرُ و دا لِکيُس ٻَھ درد نامان

عجب مارئان اِٿان عشقِ دمامان.

ڏٺيم هڪ حور وه تَڪتُور تَيڏا

ٿئي چَڪچُور سُڻ مذڪور تيڏا.

*

عطر دا ساٿ ڦِر گهِن مشڪ مِلدا

شتابي آ اِڌر گهنِ واس گُل دا

ٻئي خط ۾ لکيائين ته: اسان کي ڀنڀور جي حاڪم سُنگ ۾ کڻي جهليو آهي، هاڻي ترت پنهون اچي ته اسان تان اجارو معاف ٿئي.

 

مُتس آري ڏَهُون پيغام خاصا

ڪنَعون ڪاتب لِکايُس خط خُلاصا

*

ڪَنُون لاڳي ڪِتوني قيد قابو

الٽ دمدم ڪَرن بيتاب تابو

پُنون آوي شتابي ٿي وسيلا

جِهدي آئي ٿِيوي ڪم قال قيلا.

قاصد خط کڻي، منزلون ڪندو اچي ڪيچ پهتو. پنهون کي خط رسايائين ۽ پوءِ ميتي جو نياپو ڏنائينس ته: تنهنجي حڪم موجب ميتي ڀنڀور جي بازارن ۾ هوڪا ڏيندي هڪ سدا سهڻي حور، تنهنجي لائق ڏٺي آهي، جيڪا پڻ تنهنجي محبت ۾ مست ٿي چڪي آهي.

فجر دي وقت قاصد ڪيچ آيا

پُنون سڏ قرب ڏي ڪولُون ٻِلايا

گِرهه تون کول ڏي دل دي گواهي

تَڏان قاصد ڏِتي واتُون وڌائي.

ڏتِي قاصد ڪتابت ڪر شتابي

پَڙهي شَوفُون شتابي ماهه تابي

سُڻي پوري خبر گُل با عباسي

جَهين گُل دا اِها بلبل اُداسي.

پنهون اها ڳالهه ٻڌي ۽ خط جو احوال پڙهي ڏاڍو خوش ٿيو. قاصد کي واپس وڃڻ جو حڪم ڏنائين ۽ چيائينس ته: هلي ميتي کي دلداري ڏي ته آيس ڪي آيس!

فجر دي وقت قاصد ڪون ڊُر ڪائي

اُٿان آکِين اسان آئي ڪِ آئي.

قاصد کي روانو ڪري، پنهون ٻيو  خط کڻي آري ڄام وٽ ويو ۽ کيس سڄي ماجرا کان واقف ڪيائين ۽ ڀنڀور وڃڻ جي اجازت گهريائين، آريءَ چيس ته: پُٽ! منهنجي لاءِ جيڪي آهين سو تون آهين، تون اکين آڏو آهين ته مون لاءِ عيدون آهن، پر جي هروڀرو تنهنجو وڃڻ ضروري آهي ته سدا وڃ، ڌڻي توکي سوڀ ڏيندو.

 

ڏيوان موڪل تيڪون منٺار ميڏا

جي تون وهلا ولَين دل يار ميڏا

سدا وس تون پُنون شھ ڪول ميڏي

ميڏيان عيدان ڏٺي رخسار تيڏي

تيڪون رخصت پسر چڙهه ڪر سُواري

لِکي در بخت تيڏي فتحداري.

پوءِ نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته: پنهونءَ جي روانگي جي سنبت ڪريو ۽ انهيءَ کي خوب سزا وڃي ڏيو، جنهن منهنجو مهتو ڦُريو آهي.

 

پدر ٻولئا سڏو نوڪر سپاهي

ڪرو موجوده وه اسباب شاهي.

*

سزا ڏيوو ڪَرو تنهن ڪون سلامي

ميڏا مَهتا لُٽيا جنهن دُز حرامي.

تڏهن پنهونءَ چيو ته: ڇا به هجي، پر آءٌ ڀنڀور ۾ هڪ واپاري بنجي ويندس، ڇو ته جيڪو ڪم صلح سانت سان ٿيندو، سو جهيڙي جنگ سان ڪڏهن به ڪونه  نبرندو.

 

ڪِيتا گُفتا پنهون ول پيش آري

نه ڪر نازل تجلي تون قهاري.

 

يتيمن تي حُلهه جنگ فوج ڪيهي

هَٽڪ جهل تون تيڏي نوڪر سڀيئي.

*

وِچيسان مُشڪ مَيتي ڪون مَکيسان

صلح ڪر پوک پاڪيزي پڪسان.

اها ڳالهه آريءَ کي به پسند آئي، بس پوءِ ته يڪدم تياريون شروع ٿي ويون. مشڪ ۽ کٿوريءَ جو ساٿ ڀرجي ويو ۽ ڪيئي دٻا دٻليون، دُنگ، شيشا ۽ گهگهيون قسمين قسمين جي عطرن سان ڀرايون ويون.

 

ڪَرو موجود مَيي بُغد باري

ڏِتي رخصت سفر دي ولَد آري

شَبو شَب در سَمَل سعيا سَٽاڻان

ڀرو بغدي گهِنو ڏي مُشڪ ناڻان.

پوءِ آريءَ ڄام کان اجازت وٺي، ساٿ سنڀرائي، پنهونءَ صبح سوير ڪيچ مان ڪوچ ڪيو ۽ رات ڏينهن منزلون ماريندا، پنڌ جون پٽيون پوريون ڪندا. اچي سهان نالي هڪ شهر ۾ ڊاٻو ڪيائون.

 

 

صبح دي ڪر چَلي ڪَرهي قطاران

مقُيشي وَه سونهن مُنهن تي مُهاران.
*

ڪري منزل جِٿان لهه مرد نوري

تڏان هَر جا کُلي خوشبو کٿوري.

ويندي شب روز سخَتو سخت ڪاهي

ڏٺِياني شهر سَهجان دِي نَوائِي.

ان شهر ۾ سهجان نالي هڪ خوبصورت نوجوان عورت رهندي هئي، تنهن قافلي جو نظارو پئي ڪيو ته سندس نظر وڃي پنهون ڄام تي پيئي. پنهونءَ جي سونهن سندس دل کسي ورتي. يڪدم پنهنجي هڪ دائي کي ڊوڙايائين ته: وڃي خبر لهي اچ ته اهو قافلو ڪنهن جو آهي.

 

اسم سهجان سڏائي ناز پُر ناز

ڪيتا صياد وُه در ناز ڪون باز.

*

ڏٺا مَهُرو ئي ملائڪ مَلڪ زادا

پيشاني شمس ثاني بالڪ زيادا.

*

 

صدر جنهن دي ڪري اَشيانِ بهَري

ڪَليجا سا پَٽي گهَت نوڪ قهري.

*

 

ڪنيزڪ ڪون ڊرڪايس ڪر شتابي

شتابي ڪر شتابي ڪر شتابي

ڪٿون آندي سِگهي ڪر پڇ ساٿ والي

ڪِهي ڪم ڏَس قبولي تون ڪشالي.

دائي اچي خبر چار ورتي ته پنهونءَ چيس ته: هي ساٿ منهنجو آهي. مان ڪيچ مڪران جو ويٺل آهيان، پنهون سندم نالو آهي ۽ آريءَ جو پٽ آهيان. مشڪ کٿوري جو واپار ڪندو آهيان ۽ هينئر به واپار سانگي نڪتو آهيان.

آکِيسُ مُلڪي ميڏا وه ڪيچ مڪران
هميشه هي اَهين درگام گُذران
اسم ميڏا پنون اولاد آري
اســــان سودا ڪــــريسون ٿي وَپاري.

دائيءَ موٽي اچي سهجان کي احوال ڏنو. سهجان وري به ساڳئي دائيءَ هٿان کين چوائي موڪليو ته اڄ هتي ٽڪي پئو ۽ اسان جي مهماني کائو. اسان توهان کان مشڪ ۽ کٿوري وٺنداسين ۽ دل گهريو ملهه ڏينداسون.

 

تَسُان ڪون خواهش جي سودا ڪريندي
ڪران پالوٽ مين زيور زريندي
هيرا موتي سڀو ڏيسان سهانگا
تساڏا مشڪ مَين گهنِسان مهانگا
ڀلي آيو اساڏي بخت ڀاڳين
جهلينديان تيڪون مين پا دست پاڳين.

اهڙيءَ دعوت کي پنهون نظرانداز نه ڪري سگهيو ۽ باغ ۾ لهي پيو. سهجان جي ماني به کاڌائين. سهجان گهڻيئي حيلا ڪيا ته پنهون وڌيڪ ترسي، پر پنهونءَ کي سسئيءَ جي پچار لڳي پئي هئي، سو سنجهي گذرڻ بعد بنا موڪلائڻ جي اُٺن تي بار وجهي ڀنڀور ڏانهن روانا ٿي ويا. سهجان صبح جو ئي ڏسي ته باغ حويليون سڀ ويران پيا آهن. بس، پوءِ ته نيٺ روئي پٽي، پنهون جو درد دل ۾ سانڍي ، ماٺڙي ڪري ويهي رهي.

 

سنجها گذرئا ته ڪِيتا ساٿ سعيا
اُٺان تي بار عاشق گهَت اُٺايا
نه ڪيتي ڪا بلوچين الهه ٻيلي
سَنجهي ڪِيتي پنون ويران حويلي.
*

صبح سهجان ڪري فرياد زاري
ويندي مسڪين ڪون مهمان ماري
ابن آري وچاري ڪون ديوانا
ڳيا ڪر مست مستانا يگانا.

 پنهونءَ جو ساٿ به رات ڏينهن ڪاهيندو، منزلون ڪندو اچي ڀنڀور جي ٻاهران پهتو. ميتي کي هنن جي اچڻ جي خبر پئي ته اهو به اچي هنن جو ساٿ سلامي ٿيو.

 

ڳَئي لنگهه دم گهڙي ڏينهن واٽ والي
آخر آئي ڀنڀورين ڪر ڪشالي
شهر دي گرد آئي ساٿ سائين
خبر مَيتي سڻي دوڙيا تڏاهين
شتابي ڪر پنهون دي پيش آيا
نَما گردن قدم ڪون دست لايا.

ميتي پنهون کي چيو ته: شهر جي ڏکڻ طرف کان شهر ۾ هلجي جيئن کٿوري ۽ مشڪ جي خوشبوءِ، شهر ۾ قاصد جو ڪم ڏئي.


* هيءَ روايت ”قصو سسئي پنهون جو“ مطبوع فتح الڪريم ۽ ڇاپخانو بمبئي، سنه 1301 هه تان ترتيب ڏني ويئي آهي

خليفو نبي بخش صاحب لغاري، پير صاحب ميان محمد راشد رح عرف حضرت روضي ڌڻي (وفات 1233 هه) جو خاص خليفو ۽ اٽڪل سوا سؤ ورهيه اڳ وفات ڪيائين. بيتن ۾ پنهنجو نالو ”قاسم“ تخلص طور ڏنو اٿس. سندس شاعري ۽ فقيري جي شهرت سندس سرائڪي ۾ جوڙيل سسئي پنهون“ سبب ٿي ۽ اهو قصو تاريخ 15 ذوالقعد 1250 هه تي شهر ”رامود“ ۾ جوڙي راس ڪيائين: لکيوسي سن ڪون ٻاره سو پنجاهي- ڪتابت لک نبي بخشي بنائي اڃا آهي ڪتابن ڪجهه اڌوري- ڪيتاسي در شهر رامود پوري مهينا مين لکيا ذوالقعد والا- رهيا باقي بنهه پڇوان سيالا اڃان منگدا مهينا پنج راتين_ بنيان باتان قصي ديان ڀات ڀاتين.

خليفي صاحب جي انهيءَ مشهور مثنوي مان قصي جا مکيه اهڃاڻ ۽ واقعا هتي شامل ڪيا ويا آهن.

(1) ڪُستان= ڪوهستان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org