سيڪشن؛ سيڪشن |
ڪتاب:دودو چنيسر -2 |
باب:
- |
صفحو :22 |
سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڏنل روايت
[”سنڌ جي ادبي تاريخ“ مصنف محمد صديق ميمڻ سنه 1937ع ڌاري شايع ٿي، جنهن ۾
”اوائلي سنڌي شعر“ جي عنوان هيٺ دودو چنيسر جو
مختصر قصو آيل آهي. انهي ڪتاب واري ڇپيل روايت هيٺ
ڏجي ٿي. ن- ب]
1051ع کان 1351ع تائين سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت هوندي هئي. 1221 ۾ سنڌ جو حاڪم
”ڀونگر“ سومرو هو. ڀونگر شڪار جي سانگي هڪ ڏينهن
روپاه نالي شهر مان ٿي لنگهيو ته ڪنهن ماڙيءَ تي
هڪ حسين جوان نينگريءَ تي نظر پيس، جنهن سان نيٺ
سندس شادي ٿي. ان مان هڪ پٽ ڄايس، جنهن جو نالو
رکيائين چنيسر. ڏاڏي پوٽي زال مان اڳئي ٻاگهي نالي
ڌيءَ هيس ۽ وري هينئر دودي نالي پٽ ڄايس. اڄ ننڍا
سڀاڻ وڏا، نيٺ دودو ۽ چنيسر سامائجي مڙس ٿيا:
هر هر هونگڙيون ڏين، پيرڙا کڻن
سڀ جڳ جا ٻارڙا، پهريان ايئن ڪن.
دودو پرڻيو سومرن مان ۽ چنيسر ڌارين مان. چنيسر جي ماءُ هئي ڌاري، تنهن کي
اچي هر کر ٿي ته متان سومرا منهنجي وياء کي ڀونگر
کان پوءِ مٿي تي ٿڙا ڏين، تنهنڪري پوتي تاڻي اونڌي
منجي ڪري، سمهي پيئي. ڀونگر بادشاه اهو حال ڏسي
راڻيءَ کان سبب پڇيو، جنهن حال اوريو. ڀونگر هن کي
دلاسو ڏنو ۽ چنيسر جي پٽ ”ننگر“ سان دودي جي
ڌيءَ ”ڪويل“ جو مڱڻو ڪرايائين. جلدئي ڀونگر
لاڏاڻو ڪيو ۽ اچي پڳ تان تڪرار ٿيو. ڪي چون ته
دودو بادشاه ٿئي ۽ ڪي چون ته چنيسر جو حق آهي.
جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ ٻارڻ نالي وزير چيو ته تخت تي
حق آهي ٻاگهيءَ جو، پوءِ جنهن کي وڻيس انهي کي ڏي.
ٻاگهيءَ چوائي موڪليو ته راڄ ڏيو چنيسر کي جو وڏو
آهي. تڏهن سومرن سردارن، چنيسر کي گهرائي چيو ته:
”ويهه پڄاڻان پيءُ جي آءُ چنيسر راء
ڀاڳ سڻائو تنهنجو توکي ڀلي ڄڻيو ماءُ“ .
تڏهن چنيسر وراڻي ڏني:
”ائين سعيو ڪريو سپاهه جو ته گهمي اچان گهران
وڏي جا ورهن جي پڇي اچان تنهن ماءُ“ .
پوءِ چنيسر هليو ماءُ کان پڇڻ، پٺيان سڀ ماڻهو ڦري ويا. چيائون ته هي زنانو
آهي ۽ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو، تخت جي لائق نه آهي.
چنيسر وڃي ماءُ کي پيرين پيو ۽ ٻڌايائينس ته تخت
ٿو ملي سو ماڻيان؟ ماڻس چيو ته وڃي راڄ ڌڻي ٿي.
ايتري ۾ دودو چونڊجي ويو ۽ بادشاه ٿيو. چنيسر وڃي
ماءُ کي حال ڏنو، جنهن تي ماڻس چيو ته:
”مون ڄڻيو مان ئي پٽ ڪري، پر ٿي پئين تون ڌيءَ
ويهي آتڻ وچ ۾، پانديون ڪتج ٽيهه“ .
چنيسر کي جوڻس به طعنو هنيو ته:
”چاچي چڱيان چيئي مڙس منهنجي کي
من ويهي آتڻ وچ ۾ پانديون ڪتي ڏي
هو گهر ۾ ڪم ڪري، ڇا ڄاڻي راڄ مان“ .
چنيسر کي مهڻن ماري ڇڏيو، تنهن قسم کنيو ته دودي کان وير ضرور وٺندس، تنهن
تي ماڻس کي پيٽ ۾ ساه پيو ۽ چيائين ته:
”ٺوڪ ته لڳي انبرين، ڦوڪ ته لڳي واءُ
متان ٻنهي ڳالهين هٿ نه اچيئي ڪا“ .
چنيسر دودي کي چوائي موڪليو ته ادا حق مون کي ڏي، نه ته دهلي جي شهنشاهه
علاوالدين کي ڪٽڪ سوڌو وٺي ايندوسانءِ ۽ ملڪ
مانڌاڻو وجهي ڏيندوسان. دودي وزيرن سان صلاح ڪئي
پر ڪنهن به راءِ نه ڏني ته تخت چنيسر کي ڏجي.
”پيءُ پڄاڻان پاڳڙي، دودا ڀانءِ مَ راند
راڄ نه ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڏاند
پائي ڳچي پاند، دودل تن مڃائيو“ .
چنيسر ويو علاوالدين وٽ دانهين ۽ ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌائي علاوالدين جا
ڪن ڀريائين. سڱن جون لالچون ڏيئي علاوالدين کي سنڌ
تي ڪاهه جا سانباها ڪرايائين.
”پيءُ مرندي ڇڏيون نـَـو سا نـَـوَ ڄڻيون
مون ته آنديون تو لئي سي دودي جهليون
مون ته اچي تو سيون، هاڻي جيڪا رضا راءِ جي“ .
علاوالدين تپي باه ٿي ويو ۽ چيائين ته دودو ڪهڙي شيءِ آهي، جو ائين ٿو ڪري.
گهوڙي کي جولان ڏيئي وڏي ڪٽڪ سان اچي سنڌ کي رسيو.
دودو ڊڄي ويو ۽ پنهنجي ناٺي چنيسر جي پٽ ننگر کي
علاوالدين وٽ ڏياري موڪليائين ته وڃي شهنشاهه کي
منٿ ميڙ ڪر ته ٽري وڃي. ننگر اچي علاوالدين جي
اڳيان پيش پيو ۽ شهنشاهه معافي ڏني، پر چنيسر
شهنشاهه کي ڦوڪ ڏني ته ٻاگهي جو سڱ گهر. علاوالدين
به چنيسر جو چيو ڪري ننگر کان ٻاگهي جو سڱ گهريو.
”ڀائر پرچو پاڻ ۾ ٻاگهي ڏيو مون
سڀ پهرايان سومرا ۽ جهجهي ڏيان ڀون
هاڻي وهلو وڃي تون، سعيو ڪر سڱ جو“ .
ننگر، سڱ جو ڏنو جواب ۽ چيائين ته سومرا ڌارين ۾ سڱ نه ڏيندا آهن ۽ جيڪو سڱ
گهري، سو ترارين هيٺ اچي. علاوالدين تپي ويو، پوءِ
اتي اچي لڳي جنگ.
”ننگر، مغل پاڻ ۾ چڙهي ڏني چوٽ
ڀڃي ڇٽ ڇيهون ڪري گهڻا ماريائون گهوٽ
بنا پر ۽ اوٽ، ننگر ماريو، ماڳ ۾“ .
ننگر جي لاش محلات ۾ کڻي آيا، جتي سندس مڱ ”ڪويل“ ساٺن سوڻن سان حق بخشيو.
آڻي ٽارو کوڙيو ٽاري ٽنور لڏن
مـِـڙي ڏاڏي پوٽيون ننگر ساٺ ڪـَـن.
علاوالدين پنهنجو سردار نادر نالي دودي ڏانهن ڏياري موڪليو ته يا اطاعت مڃ
يا جنگ جي چٽي ڀر. دودي جي وزير ”حيدر“ هولياڻي
چيو ته جنگ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو علاج ڪونهي.
”حيدر هولياڻي چوي ته اڳ نه پڇيئي پئه
پيڙا وڏي ڀاءُ جي گهر ويٺي ئي سه
چلي ڇليون آئيون جيئن راڻي ري ۾ رءُ
اسان علاوالدين پاڻ ۾ ٿيندو ترارين تئه“ .
دودي جو يار ”هاسو“ سوڍو عمر ڪوٽ مان ست ويهون سوڍن جون مدد لاءِ وٺي آيو
۽ ڏاڍي مڙسيءَ سان نادر سان وڙهيو ۽ ٻئي ميدان ۾
مارجي ويا. دودي کي نيٺ پنهنجي سر جنگ ڪرڻي پئي ۽
پنهنجون لڄون هڪ پير مرد سومري ”ڀاڳ“ نالي هٿان
”ابڙي“ ڏانهن ڏياري موڪليائين.
”ابڙائي جا ابڙا، توکي دودي ڏنا سلام
وڙهان ويرين سامهون، جي تون سرن جهلين سام“ .
ابڙي جواب ڏنو ته ”سر وڃي پر سام نه ڇڏيندس“ . تنهن تي سڀئي سومريون ڏولين
۾ چڙهي، اچي ابڙي جي سام پيون.
”ساهه ڏنم سومري، جا آئي منهنجي سام
آءٌ پڻ ڏيندس لام، تنهن کي ڏاڍي جهد مون“ .
دودي کي چوائي موڪليائين ته مڙس ٿي وڙهج، متان سنڌ کي لڄي ڪرين.
دودي پڙ گهڙايو پنج سؤ جريبن
ڪهاڙا ڪوڏاريا کامي خوب کڻن
وڃيو ائين چون، اڳيون علاؤالدين کي.
جنگ اهڙي، جهڙي سنڌ ۾ ڪانه ٿي.
واچوڙي جيئن وچڙي گيورَ گوڙ ڪيا
ڏه لک اڳرا ماري خلق وڌا
سوره سڀ ٿيا، ويري سڀ وڇوڙي ويا.
دودي جي گجگوڙ شينهن جهڙي هئي ۽ جنگ جو ميدان پي لرزيو پر آخر مغلن جو لشڪر
سنڌين تي غالب پئجي ويو ۽ دودو مارجي ويو.
علاوالدين چنيسر کان ٻاگهي جي ٻانهن گهري ۽ چنيسر
ويو روپاه شهر ۾. ڏسي ته شهر ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو
آهي. محلات اجڙيو پيو آهي. راڻيون ٺهن ئي ڪين. نيٺ
خبر پيس ته سومرن پنهنجون لڄون ڪڍي ابڙي ڏانهن
موڪليون آهن. علاوالدين، ابڙي ڏانهن لکيو ته
سومريون اسان جي حوالي ڪر ته توکي ماٿيلي ۽ ملتان
جا پرڳڻا ڏيان. تنهن تي ابڙي ناڪار ڪئي.
ماٿيلو ملتان نه نيڀائو ڀانيان
توکي ڏيندي سومري آءٌ لــڄ مران
جي جيئري آءٌ مران ته ڪر لڄايان پانهنجو.
---
”راڻي راءُ نه ڏي، وڃي چئو سلطان کي
سمون سر مٿي، جهلي بيٺو جهڳڙو“ .
ابڙي پنهنجو پٽ ”ممٽ“ نالي جنگ جي ميدان ۾ ڏياري موڪليو. ممٽ جهڙو هو سهڻو
جوان اهڙو هو جنگ جوڌو. اهڙي جوش سان وڙهيو، جو رت
جون نديون وهي هليون.
تون پاڻ ترڪ ترار هوڏانهن مانجهي ممٽ پٽ ابڙي
جيئن ڳاهجي ڳاهه ۾ ڪاني ڪڻڪون ڌار
وڃي آرون پار، خوني خنجر ان جو.
علاوالدين ڏاڍو اچي ششدر ٿيو ۽ چيائين ته آهي ڪو جوان، جو وڃي ممٽ سان
مقابلو ڪري؟ پنهنجي ترار درٻار ۾ رکيائين ته جيڪو
هي ترار کڻي ممٽ سان مقابلو ڪندو، سو مانجهي مڙس
آهي.
”تيرهن ڏينهن ترار پيئي رهي پڙ ۾
دانـَـهَ سڀ دهليا اچي ڪونه درٻار
پوءِ سيد سالار، چمي کنئي چاه مون“ .
سيد ”سالار“ ترار کڻي ميدان ۾ آيو ۽ ابڙي جي ڀائٽي سٻڙ جي سامهون ٿيو.
”سنئين سانجهي وارا چلي آيا چوگان ۾
ڏيئي منهن ماڻهن کي ڪيائون مارو مار
سٻڙ ۽ سالار، پورت ڪئي پاڻ ۾“ .
ڏاڍي سخت جنگ لڳي. نيٺ بادشاه ۽ ابڙو سر ميدان ۾ آيا.
”سج نه ڪري سوجهرو، ڌان ڌان ڌوڌو ڪار
اتي ابڙو ائين وڙهي، جيئن پاڻي ٻوڙي تار“ .
---
”اَڙ جهلي ابڙي، نـَـوَ ويهون ڏهه لک
گهوڙي ڪنڌ ورايو ماري گهڻي خلق
پوءِ ٿي ابڙي کي پڪ، ته هاڻي جيئڻ ناه ڪو“ .
قصو نيٺ اتي ختم ٿئي ٿو ته سومرن جي صاحبي پوري ٿي.
----------
الهه بخش لاشاري جي ٻڌايل ڳالهه
[ڳالهه جي هيءَ روايت الهه بخش ولد عمر خان لاشاري، ويٺل ڳوٺ ابراهيم لاشاري
لڳ ٻنو ضلعو ٺٽو، جي زباني تاريخ 21- جنوري 1951ع
تي قلمبند ڪئي ويئي. الهه بخش خان وٽ سگهڙ پائي ۽
خوصوصاً سنڌ جي نسب نامي بابت ڪچهري آهي. ن - ب]
ڀونگر پٽ ڀينء جو، تنهن کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ لوهارڻ مان چنيسر، ٻيو ڏاڏي پوٽيءَ
مان دودو ۽ ڌيءَ ٻاگهي. ٻاگهي ڏاهي هئي، تنهن چيو
ته: چنيسر وڏو آهي، پڳ ان کي ٻڌايو. چنيسر کي
چيائون، جنهن چيو ته: بيهو ماءُ کان پڇي اچان.
راڄن اتي چيو ته: هاڻي هن کي پڳ نه ٻڌايو جو سڀاڻي
حڪومت وقت به هي ويندو ماءُ کان پڇڻ. پوءِ پڳ
ٻڌرايائون دودي کي. چنيسر دودي کي چيو ته: پڳ مون
کي موٽائي ڏي. دودي راڄن کان پڇيو، تن چيو ته:
”ڏاند مڱيا ڏبا، راڄ مڱيا ڪين ڏبا“ . اتي چنيسر
چيو ته: نه ڏيندين پڳ ته آءٌ عالادين چاڙهيندس.
پيءُ پڄاڻا پاڳڙي، ڏي ڙي دودا ڏي
نه ته آڻيندس سي، جي سڌيون سڻائيندءِ خبرون.
انهي تي دودي چيو ته: انهي دڙڪي تي هاڻي پڳ ڪونه ڏيندس.
ڀاڳ فقير دودي جو، تنهن کي دودي گهرائي پڇيو ته:
سومرن جون پيڙهيون گهڻيون. ڀاڳ فقير جواب ڏنو ته:
نـَـو عمر، ڏهه ڀينء
ٻارهن راڄ ٻنگال ۾ رهيو، ٿي رهيا تيئن
هڪ ڀلي ڀونگر شينهن، سڱ نه ڏنو سومري.(1)
ڀاڳ فقير سومرياڻين سان گڏجي ويو.
سومريون سنڀري هليون، ڇڏي ڇانوَ کٽ
گهر، ماڙيون، پٽ، ساڙي هليون سومريون.
اول ويا جوڻيجي وٽ، تنهن سام نه جهلي، پوءِ ويون سمي ڏي.
هي جوڻيجاڻو جڳ، سـَـرڻين سوٺو نه کڻي
ابڙو اڙٻنگ، جنهن جهليون سامون سومريون.
---
پيرين پياديون پنڌ ۾، سمون ڄام پڇن
ساهـُـو مٿان تن، ٿو ڍالون ڏيو ڍڪئي.
ڀاڳ چيو ته:
وڏي سفر آئيون، ڍوليون ڍٽ ڍيلي
متان ڀلج ڪنهن ڀولي، سوگهيون جهلج شير تون.
ابڙي جواب ڏنو ته:
ستيون جي سومريون، تو ڀلين آنديون ڀاڳ
راڻيون جي روپاه جون، هي محل تنين جا ماڳ
جي سر سلامت ڀاڳ، سي سام نه ڏيندو ابڙو.
ابڙو، ڪنڌ هيٺ ڪري حياء وچان اٿي بيٺو. اتي ٻاگهي چيو ته:
ابڙا، مون ڀائڙا، کڻ مٿانهون ڳـِـچُ
تو ۽ اسان ۾ ناهي ڪو وِچُ
کائي ڏُٿ ۽ کـِـچُ
(1)
، پلڪ گذاريون پاڻ ۾.
---
ٻاگهي چئي مون ڀائڙا، کڻ مٿانهون ڪنڌ.
ابڙي چيو ته:
ڀلا مون ڀاڳ، جنهن وٽ اِيئين اديون آئيون
مٿي سـِـرَ سهي، آهيو سورهيه سـُـهايون
هاڻي ولاتن وايون، پوندن پنهوارن جون.
عالادين جو خط ابڙي ڏي:
توکي ماٿيلو ملتان ڏيان، ٻي گهڻي ڏيان ڀـُـون
سامون جي سومريون، سي موٽائي ڏي مون.
ابڙي جواب ڏنو ته:
ماٿيلو ملتان نه ڀائيان
توکي ڏيندي سومريون، آءٌ ٿو پاڻ پهائيان
هر گز تو ڏيان، ته ڪـُـر لڄايان پانهنجو.
---
راڻيون راء نه ڏي، تون وڃي چئو سلطان کي
سمون سـِـر مٿي، آ جهلي بيٺو جهڳڙو.
---
اهو لشڪر آ ٿورڙو، تون گهڻو اچ گهيري
ته به هرگز نه ڦيري، سامون پنهنجون ابڙو.
ابڙي جو پٽ ’ممٽ‘ تنهن اول بادشاه جي لشڪر کي منهن ڏنو. ٽي ڏينهن جنگ جهلي
بيٺو. عالادين نيٺ پنهنجي ترار زمين تي ڇڏي. تيرهن
ڏينهن اها ترار ڪنهن نه کنئي. اتي عالادين پڇيو
ته: ڇو ترار ڪنهن ڪانه کنئي؟ تڏهن سندس لشڪر وارن
جواب ڏنو ته:
تون جي ترڪ ترار، ته هوڏانهن مانجهي پٽ ممٽ
ابڙي جي ڳاهه(1)
۾ ڪانهي ڪـِـڙ ڪونڌار
وڃي آروپار، ان جو خوني خنجر نڱيو.
---
وساري ويهي رهيا، ڪونه وڃي درٻار
تيرهن ڏينهن ترار، پئي هئي پڙ ۾
اُٿيو سپڙ سالار، تنهن چمي کنئي چاه مان.
سپڙ سپه سالار لشڪر ساڻ وٺي وڃي ميدان ۾ بيٺو. هوڏانهن ابڙي جو ڀائيٽو
سـَـٻـَـڙُ سامهون ٿيو. ٻئي مقابلي ۾ مارجي ويا.
سانجهيء ويل سويل، چلي آيا چوگان ۾
ڏيئي منهن مونن ۾ ڪيائون مارو مار
سٻڙ ۽ سالار، ٻنهي ڪيون پوريون پاڻ ۾.
پوءِ ابڙو ۽ ممٽ گڏجي چڙهيا.
سج نه ڪري سوجهرو، ٿي ڌُو ڌُو ڌمڪار
اُتهين ابڙو ائين وڙهي جيئن پاڻي ٻوڙي تار
اُتهين ابڙو بيٺو لهي سڀني جي سار
ٻاگهي ڪوٽ برج مان نـَـيو ڪري نهار
اي ٻالڪ ٻار، متان مـَـن لوڏئين.
ممٽ مارجي ويو ته ٻاگهي پار کنيو:
ممٽ مون ڀائٽيا، مون نه ڀانيو ائين
جيئن ويا دودا، تون به وئين تيئن
هاڻي ڪنداسين ڪيئن، دلبر بنان ديس ۾.
ابڙي ڪاه ڪئي، ٻيو لشڪر ماري وڃي طنبوءَ واري آڙ ۾ ٽـُـٽو.
اَڙ آڏي هئي ابڙي کي، نـَـو ڇليون ڏهه لک
گهوڙي ڪنڌ ڦيريو، ماري اوءِ خلق
پوءِ ٿي ابڙي کي پڪ، ته ڪونهي جيڻ جڳ ۾.
ابڙي کي تير ڪمان جي زهر کڻي ڇڏيو، انهيءَ ڪري گهوڙو ڪاهي اچي ڪوٽ ۾ پيو ۽
سومرين کي سڏ ڪيائين.
اچو اديون سومريون، ڪريون الله تهار
پرتيون آهيو رب کي، آهيو الله جي آڌار
روئي زارو زار، ڪيائون موڪلاڻي پاڻ ۾.
پوءِ ابڙو گذاري ويو. ڪوٽ ۾ ڍَنڍ وڳي. عالادين چيو ته: ابڙي جو سر ڪپي اچو
ته انهي سورهيه کي ڏسان. سر وڍڻ آيا ته ابڙي جو پٽ
ڏونگر راءِ پنجن سالن جو هو، پينگهي ۾ پئي لڏيو،
سو ترار کڻي اُٿيو. چيائين ته: پيءُ جو سر وڍڻ نه
ڏيندس، بيهو ته بادشاه سان ڳالهايان. بادشاه جو
نالو پڇيس، چيائين ته: ڏونگر راءِ. عالادين چيس
ته: سامون ڏي. چيائين: مون کي ڪـُـهي سامون وٺي
وڃ. اتي عالادين چيو: ڇڏيوس، هاڻي اهي سامون
انهيءَ کي پرتيون. پر ايتري ۾ ابڙي جو سر وڍي اچي
عالادين جي آڏو رکيائون. تڏهن چيائين:
اُڀ سڀڪنهن اُچو، اُڀ نه اُچو ڪوء
مـُـئي به مٿي ٿيو، سورهيه سر سندوءِ
شابس توکي هوءِ، جو سام نه ڏنئي ابڙا.
---
ٻين مڙني ڏنيون، ڏئي نه ڏونگر راءِ
اڻ ڏٺين آڏو ٿئي، ڏٺيون ڏئي ڪـِـياءِ
لوڙهيون لڪ مٿاءِ، بيٺو مٿيرو موٽائي.
ابڙو ۽ جاڙيجو سرحدي حاڪم هئا ۽ هڪٻئي جا ويري. جڏهن عالادين ابڙي تي پئي
ڪاهيو، تڏهن جاڙيجو حاڪم وير وساري واهر ٿي آيو.
ابڙي پڇيو ته:
ڏوران ڏٺائين، جاڙيجاڻو ڀير
تون ويري، ڪ واهرو، جاڙيجا آهين ڪير.
جاڙيجي جواب ڏنو:
آءٌ ويري ناهيان، واهر آهيان ابڙا مٿير
کوءِ ڍلن جي مائٽي، مر ڀلن جو وير
پاهون ڦير مَ پير، ڪڏي پئو ڪٽڪ ۾.
------
سگهڙ جاڙي خان مري (تعلقو کپرو) جي ٻڌايل ڳالهه
[سگهڙ جاڙو خان مري، ويٺل ڄام نندو مري، تعلقو کپرو، وڏي خبر وارو سنڌ -
ملوڪ سگهڙ هو. ساڻس ٻين موضوعن تي ڪيتريون ئي
ڪچهريون ٿيون. سنه 1961ع ۾ هڪ ذاتي ڪچهريءَ ۾ مون
کانئس دودي - چنيسر جي ڳالهه جي بڻ بنياد بابت
پڇيو ته ڳالهه هن طرح سمجهايائين. ن - ب]
دودو ۽ چنيسر ٻئي دودي نـَـهري جا پٽ هئا، ۽ دودو نهرو پٽ هو ننگر راؤ جو ۽
ننگر راؤ پٽ هو مـُـنگر راؤ جو. منگر راو توڙي
ننگر راؤ جا ٻيا پٽ به هئا جيڪي جدا جدا پرڳڻن جا
حاڪم هئا. منگر راؤ جا ٽي پٽ هئا:
پهرئو پـُـٽ مـُـنگر راوَ جو نالي ننگر ڄام
ٻيو پٽ مـُـنگر راوَ جو جو ڪس جوڌو ڄام
ٽيو پٽ مـُـنگر راوَ جو اٿئي اونوَر اڻ ٽر ڄام
ننگر ٺاه ٺٽي ڪيو، ٻيلي ٻهڪي جو ڪس جوڌو جوان
بادشاهي ته بکر جي ڪئي اونوَر اڻ ٽر ڄام.
منگر راوَ جو وڏو پٽ ننگر راوَ هو، جنهن گجرن مان شادي ڪئي. ان گهر مان کيس
ٽي پٽ ٿيا. چون ٿا ته سندس پٽ بچل سومرو به هن گهر
مان هو.
پهرئو پٽ ننگر راوَ جو ڀونگر ڀليرو ڄام
ٻيو پٽ ننگر راوَ جو چست چنيسر ڄام
ٽيو پٽ ننگر راوَ جو، ريءَ هٿيارين هاٿين سان وڙهي
ڏونگر ڏاڍو جوان
اُهي ڪؤنر قلعي جا ڪوڏيا، آهن پـِـڙ سندس پهلوان.
ننگر راو جي وڏي پٽ ڀونگر راو کي هڪ پٽ دودو ٿيو جو وڏو پهلوان ۽ بهادر ٿي
ساماڻو، جنهنڪري کيس ’دودو نهرو‘ سڏيائون. ڀونگر
راو کي ٻي ڌي ٿي جنهن جو نالو ٻاگهي هو. ننگر راو
جي مرڻ کان پوءِ، سندس وڏي پٽ ڀونگر راوَ پنهنجن
ڀائرن جو خيال رکندي (جيڪي سندن ناناڻن گجرن ۾
هئا) گجرن ۾ ويو. اتي پنهنجي نياڻي ٻاگهي جي آڇ
ڪري ٻه سڱ ورتائين، هڪڙو پنهنجي ڀاءُ چنيسر لاءِ ۽
ٻيو پنهنجي پٽ دودي نهري لاءِ. چنيسر کي پرڻايائين
باقي ننڍي پٽ دودي جو چوڻ ڪري آيو. موٽي آيو ته
ڀاڻس ڏونگر ۽ پٽس دودو نهرو انهيءَ مائٽي کان اچي
ڪاوڙيا. جڏهن گجر سڱ لاءِ آيا ته انهن کي تڙي
ڪڍيائون. انهيءَ تي ڀونگر راو ساڻن ڪاوڙيو ۽ هي
ٻئي منهن ڪري هليا ويا.
دودو نهرو دلو راءِ جي بادشاهي ۾ ويو، ۽ اُتي راڪاس ماريائين. هو پهريائين
هڪ لوهار جي دڪان تي پنهنجي تلوار سـِـراڻ چاڙهڻ
آيو. لوهار چيس ته: سؤ مڙس سراڻ ڇڪيندا ترس ته اهي
اچن. چيائين ته: آءٌ پاڻ ٿو ڇڪيان. پوءِ اڪيلي سر
سراڻ ڇڪيائين ۽ لوهار سندس تلوار سراڻ تي چاڙهي
سهڻي ڪري ڏني. ان رات، لوهار جي پٽ جو راڪاس سان
وڙهڻ جو وارو هو. لوهار جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته
دودي چيس ته تنهنجي پٽ جي پاران اڄ آءٌ ويندس.
پوءِ دودي وڃي راڪاس ماريو. تڏهن لوهار سڱ ڏنس ۽
پڻ دلو راءِ بادشاه راڪاس مارڻ تي سڱ ڏنس.
ڳالهه ۾ آهي ته: ”کريو دودو راءِ جنهن سـِـراڻ ڇڪي ۽ لوهاري پرڻي“ . انهيءَ
نهري دودي کي لوهاري مان چنيسر ڄائو ۽ دلو راءِ جي
ڌيءَ مان دودو ڄائو. دلو راءِ کي سومرو ٿا ڪن ۽
انهيءَ ڪري دودي کي چـِـند سومري هئڻ سببان پڳ
ڏنائون. دودو جڏهن علاءالدين سان وڙهيو تڏهن دلو
راءِ جو لشڪر سندس مـُـئي کانپوءِ آيو. انهيءَ تي
پهاڪو آهي ته: ”وئيءَ وهاڻيءَ دودي ناناڻا آيا“ .
اها ڳالهه اتي، هوڏانهن گجرن کي سڱ جو ساڙ، سي وير وٺڻ لاءِ ڪاهي آيا. تڏهن
ڀونگر راو سنڀاريو دودي کي ۽ ڏونگر کي. دودي نهري
قسم کنيو هو ته جيڪو وڳهه ڪوٽ کان ايندو تنهن کي
ماريندس. ان سببان ڪوبه نياپو کڻي نه پيو اچي. نيٺ
هڪ ڀان چيو ته: آءٌ ٿو وڃان. پوءِ هو جڏهن دلو
راءِ جي شهر ۾ آيو ۽ دودي کي ڏٺائين ته پريان ئي
بيت ڏنائين ته:
جـَـر نه کـُـٽن ڪـِـنگرين، مرد نه سهن ويڻ
گولي ويندي گـُـجرين، ته به چوندا دودي ڀيڻ.
يعني ته تنهنجي ڀيڻ ٻاگهي جو سڱ ڏنل آهي. هاڻي جي گجر رڳو ڪا گولي کڻي ويا
ته به چوندا ته دودي جي ڀيڻ کڻي آيا آهيون.
اهو ٻڌي نهرو دودو چڙهيو. پنهنجي زال دلو راءِ جي ڌيءَ جنهن کي پيٽ هو، تنهن
کي چيائين ته: منهنجي مرڻ جي خبر اچيئي ته پوءِ پٽ
جو نالو ’دودو‘ رکجان. چنيسر اُن وقت ڄاول هو ۽
ٻن ٽن سالن جو هو. پوءِ دودو نهرو ۽ ڏونگر راءِ
آيا ۽ گجرن سان جنگيون ڪيون. ڏونگر راء گجرن کي
شڪستون ڏنيون پر آخر مئو. دودو نهرو پڻ گجرن واري
آخري جنگ ۾ مئو پر گجرن هارايو.
ان فتح کان پوءِ به ڀونگر راءِ ڳچ وقت جيئرو هو. دلو راء جي بادشاهي مان
پوٽا آڻايائين ۽ نـُـهرون آڻايائين. اُهي وڏا جوان
ٿيا ته به جيئرو هو. دودي ۽ چنيسر جي پڳ جو جهيڙو
سندن ڏاڏي ڀونگر راو جي مرڻ کان پوءِ سگهوئي ٿورن
ڏينهن اندر ٿيو، جيئن ته ڳالهه جي شروع وارو بيت
آهي ته:
”ٻـاقــٌي ٻـاقــٌي ڏيـنـهـڙا ٿـيـا ســُــتـي
ڀـونــگــر راءِ“ .
---------
وريام نقرج (تعلقو عمر ڪوٽ) جي کنيل ڳالهه
[وريام ۽ سندس ساٿي احمد نـُـقرج، هيءَ ڳالهه سنجر خان بنگلاڻي (لڳ صوفي
فقير، تعلقو عمر ڪوٽ) وٽ ڪيل ڪچهري ۾ سر ملهار -
سارنگ مان کنئي. سندن کنيل ڳالهه قلمبند ڪرائي وئي
پر اهي ڪاغذ هيٺ مٿي ٿي ويا. بر وقت پنهنجي قلم
سان جيڪي ڪجهه راقم لکيو سو هيٺ ڏجي ٿو. وريام جي
عمر ان وقت پنجهتر سال کن هئي. چيائين ته سنبت
1956ع ۾ مونکي ڏاڙهي هئي. چيائين ته: اسان پنهنجن
مائٽن محمد ۽ پيرو کان هي ڳالهه ٻڌي جيڪي رهندڙ
ڳوٺ وريل نقرج ديهه 14- هيرل جا هئا. محمد پنجاهه
سال ٿيا جو پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ گذاريائين. محمد
۽ پيرو ٻئي دودي جي ڳالهه جا قابل هئا. اهڙو دودو
اسان کي به ڪونه ٿو اچي. سندن استاد هڪ چاڪي هو
جيڪو صوفين جي ڳوٺ واري پاسي رهندڙ هو. وريام چيو
ته: اسان قلندر بخش صوفي ۽ روشن الدين جي آڏو پڻ
هي ڳالهه کنئي. ن - ب]
اول نانء الله جو، جنهن جو در جيڏو نه ڪو
ويهه م ٻانها وساري، گهـُـر رب راضي هوءِ.
[ان بعد سارنگ مان سـُـرائتو هونگاريو پر ان ۾ ذڪر جا لفظ يا ذڪر جي توار
ڪانه هئي]
موليٰ سندي ملڪ ۾، مـِـٺو ٻانهل ڪڄاڙو
هڪڙو چڙهڻ گهوڙي تي، ٻيو سائوءَ سـُـني ڀاڙو
---
ماءُ ڪـَـلهڙي جي نه مري، جنهن جا پينگهي لڏندا ٻار
ور چوڙيلي جو نه مري، ٻي رَنجـِـي ڪامَ ڪـِـراڙ.(1)
---
سانوڻ سوئا نه مري، نه مري هاريءَ وهندو ڏاند
نه مري ڳوڌو ڳـئـُـن جو، نه مري جوڌن جوان.
اهي چار ڳاهون ساراهه جون ڏيئي پوءِ ڳالهه شروع ڪيائون. ڳالهه جو بنياد ائين
ته سومرن جو وڏو ڏاڏو عرب مان آيو ۽ حضرت علي جي
اولاد مان هو. پوءِ سندس پيڙهي مان ڀونگر راء ٿيو،
جنهن جي بادشاهي شهر ٻنگار ۾ هئي.
واءُ اڏايو واڇـُـڙو(2)، مڪي
مديني کان
پوٽو علي شير جو، حـُـسيني وياءُ
هوندو شهر ٻنگار
(3)
۾، راڄ ڪندو ڀونگر راءِ
ڀونگر کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو. پوٿي واري نجومي چيو ته هن کي پهريائين هڪ ڌي
ٿيندي پر اها گـُـجرن ۾ پرڻبي ۽ گجر ڀونگر راء جا
نياڻا (ناٺي) ٿيندا.
ڪنئران چئي ڀونگر کي، پهرو ٿيو آ
ڌيء ڄڻيندو هڪڙي، ڀونگر پٺ منجهاء
نياڻا ٿيندس گجرا
(4) ،
پوٿي ائين ڳالهاءِ.
-------
ميان نور محمد سومري (تعلقو پنو عاقل) جي ٻڌايل
ڳالهه
[تاريخ 23- مئي 1960ع تي دوست محترم سيد شاه محمد شاه جي دعوت تي، سندس ڳوٺ
هڱورا (ويٺل ڪـَـٽا) تعلقو پنو عاقل ۾ ڪچهري ٿي،
جنهن ۾ ميان نور محمد سومري دودي چنيسر جي ڳالهه
تي روشني وڌي ۽ چيائين ته هي ڳالهه وٽس سڄي سربستي
لکيل آهي. ان بعد محترم شاه جي مهرباني سان اهو
قلمي مواد اسان کي مليو جيڪو نقل ڪرڻ لاءِ ڏنو
ويو. پر افسوس جو اهو مواد واپس ڪونه مليو، يا ڪٿي
ڪتابن ۾ هيٺ مٿي ٿي ويو. هي منڍ وارا بيت جيڪي
ميان نور محمد جي زباني ٻڌا ۽ لکيا ويا سي هيٺ ڏجن
ٿا. ن - ب]
دودو ۽ چنيسر ٻئي ڀونگر جا پٽ هئا. ڀونگر جون ٻه زالون هيون، هڪ ڏاڏي پوٽي ۽
ٻي لـُـهارِي. ڏاڏي پوٽيءَ مان هڪ پـُـٽ ”دودو“
۽ ٻي ڌيءَ ”باقيه“ (ٻاگهي“ ۽ لوهارِي مان هڪ
پـُـٽ چنيسر هوس. ڀونگر راء جي وفات کان پوءِ پڳ
تان تڪرار ٿيو. پڳ ملي ننڍي ڀاءُ دودي کي، جنهن تي
وڏو ڀاءُ چنيسر دهليءَ ۾ بادشاه وٽ دانهين ويو.
عالادين شاهي لشڪر وٺي چڙهي آيو ۽ وڏيون جنگيون
لڳيون.
اول نانءُ الله جو، تون ٻانها ٻيءَ نه لڳ
لڳ الله جي آسري، جنهن پر ڇـُـٽي جڳ
ايمان وڏي وکري جنهن جو ناهي مـُـل
مومن مسلمان ٿئي، ته جيئن گلابي گل
پپل سـِـڪي ڦر کي، گل کي سـِـڪي جاءِ
سـِـڪي ٿي سـِـپ سمنڊ ۾، تون موليٰ مينهن وساءِ.
ڀونگر راء گذاريو ۽ راڄن جا تيرهن پٿر گڏ ٿيا ته پٽن مان ڪنهن کي پڳ ٻڌائين.
چنيسر وڏو هو ۽ دودو ننڍو هو پر وڏو لائق هو تنهن
وڏي ڀاءُ چنيسر کي چيو ته: ادا تون آءُ ۽ اچي پڳ
ٻڌ.
راڄو راڄن جو ڌڻي، هو ڏڍ وڏو ڏونگر
سـُـتي ڀونگر راوَ جي، ٿيا تيرهن گڏ پٿر
وڏي ڪچهري وچ ۾ دودي چيو داناء:
ته آءُ چنيسر آءُ، ٿيءُ پيڙهيءَ تي بادشاهه
چئي: ٿورو ترسج ڀاءُ، ته مان گـُـهمي اچان گهر
ڏانه.
جڏهن چنيسر سڄي سٿ کي ويٺل ڇڏي حويلي ڏانهن هليو ويو ته راڄن دودي کي چيو ته
تون پڳ ٻڌ، جو جڏهن ڪو دشمن ڪاهي ايندو ۽ جنگ ڪرڻي
پوندي ته به چنيسر چوندو ته اول ماءُ کان پڇي
اچان.
سـَـٿ مؤن نڪتو سومرو، چڙهي چنيسر راء
مـِـڙِي راڄ مهاڄڻ چوي، ٿو دودل هيئن اڳياء:
ته لڳندِي جنگ جهان ۾ هـِـي پـُـڇڻ ويندوءِ ماءُ
تون ٿيءُ پيڙهيء پاتشاهه، ديهه تي دودا راوَ.
-------
محمد ابراهيم کٽي جي ٻڌايل ڳالهه
[هيءَ ڳالهه حافظ ابراهيم نابينا کٽي سومري جي زباني ڪچهري ڳوٺ رفيق مهيسر
تعلقي خيرپور ميرس ۾ تاريخ 30/31 ڊسمبر 1972ع ۾
قلمبند ڪئي ويئي. حافظ محمد ابراهيم يڪتارو
وڄائيندو هو. چيائين ته سندس نانو پانڌي، دودي
چنيسر جي ڳالهه کڻندو هو، ۽ ساڳئي وقت دلو ۽ ٿالهي
گڏ وڄائيندو هو. هڪڙو هٿ مٿان دلي تي هڻندو هو ۽
ٻيو ٿالهي تي. راڻي جي سـُـر مان ڳالهه کڻندو هو.
ن - ب]
راءَ ٻڌندي پڳڙي، لڳو ڀير ڌڪاء
ڪا ڪـَـل ڪچهريءَ جي وڃي رَشـَـم لهي آءُ.
دودي پڳ ٻڌي تڏهن پڇيائون. ٻانهي ڏسي آئي ۽ چيائين:
چنيسر چائٺ ۾، پيڙهي دودو راء
مـُـنهن چنيسر ڀـِـت ۾، بيٺو روئي رت ڦڙا.
چنيسر دانهن کڻي دلي ويو. پهريائين ”بيڪانير“ ، پوءِ ”ٻـُـٽي ڪوٽ“ ، ۽
پوءِ دهلي پهتو. لوهيڙي جو لڪڻ چنيسر کي هڪ ڌرار
کان مليو. ڪنهن تلاء ۾ وِڄ ڪري، اهو لڪڻ تلاء ۾
هو، تنهن ۾ وڄ جو اثر پيدا ٿيو. ڌنار ڇوڪرو هڻي
ٻڪريءَ کي ته ٻڪري به اڌ. هڻي رڍ کي ته رڍ ٻه اڌ.
چنيسر پئسا ڏيئي ڇوڪري کان لڪڻ ورتو.
چنيسر دهلي ۾ پهتو، راڪاس ماريائين. بادشاهه جي گاهي جو نالو ”حـَـسـَـڻ“
هو، تنهن چيو ته: راڪاس مون ماريو آهي. عالادين جو
ٻيو وزير ”ماندَن مـُـلڪ وزير“ هو، تنهن بادشاهه
کي چنيسر ۽ راڪاس جي مارجڻ جي خبر ٻڌائي.
سما، سومرا، ابڙا، جيڪي ننگر راڄ رهن
آيو آهي انهن مؤن، وڙهي ڪو ڀائرن.
بادشاهه پرکا لاءِ هاٿي ڇوڙايو ۽ حسڻ گاهي کي هاٿي مارڻ جو حڪم ڪيائين. حسڻ
گاهي لـِـڏ ۾ وڃي لڪو.
پر کا ڪارڻ پـَـڇـَـنڊيو، ڪڪو قهر منجهان
ڏاڙهيون ڌوڙ ڀنڀوليون، ساڻو ٿيڙن ساه.
چنيسر پيلبان کي چيو:
ڄٽ پڻهين، ڄٽ ڏاڏهين، ڄٽ ته تنهنجو راء
هاٿي هٿان جي مران، لهي سنڌ تؤن ڊاء
راڄ نه رلن سومريون، مري نه دودو ڀاءُ.
-------
آچر مڱڻهار (ناڙي، بلوچستان) جي ٻڌايل ڳالهه
[ناڙي - بلوچستان جون ٻيون روايتون هن کان اڳ 432- 464 صفحن تي آنديون ويون
آهن. هيءَ ڳالهه تازو اسان کي اُچر پٽ رمضان
مڱڻهار، عمر ٽيهه سال، ويٺل شهر ’مولوي‘ (ناڙي
ضلعو ڪڇي)، مير شاهنواز خان شاهعلياڻي جمالي جي
اوطاق تي محراب پور جمالي ۾ 7 جنوري 1977ع تي
ٻڌائي. چيائين ته: مون هي ڳالهه لهڻي ميربحر، ويٺل
ڳوٺ ’جانڊه‘ لڳ شهداد ڪوٽ کان ويهه سال اڳ سکي.
لهڻو ميربحر ۽ حسين بخش جت گڏجي ڳالهه کڻندا هئا،
ان وقت لهڻي جي عمر 65- 70 سالن کن هئي ۽ سورٺ جي
سر مان ڳالهه کڻندو هو. چيائين ته ناڙي ۾ ٽوه
گوپانگ، ويٺل ’مير پور بي بي واري‘ ، پهاڙي مان
هي ڳالهه کڻندو هو ۽ پنج ڇهه سال ٿيا جو گذاري
ويو. هن وقت آدم خان پٽ بهرام جويو، ويٺل ميرپور
بي بي واري، ڳالهه کڻي سندس عمر 65 سال کن آهي.
آچر اسان وٽ ڪچهري ۾ راڻي جي سر مان ڳالهه کنئي.
وقت جي ڪمي سببان ڳالهه جا ڪي مکيه ٽاڻا مختصر طور
قلمبند ڪيا ويا. آچر ڳالهه کڻڻ ۾ ايڏو پڪو پختو
ڪونه هو ۽ پوري سڄي ڳالهه به کيس ياد ڪانه هئي. ن
- ب]
دودو چنيسر ٻئي ڀائر، وڳهه ڪوٽ جا ستين سن ۾ ٿي گذريا. جڏهن پڳ جو سوال آيو
ته ڀونگر راء جي وزير ڀان کان صلاح پڇيائون جيڪو
وڏي عمر جو هو. هن چيو ته پڳ چنيسر کي ڏيو جيڪو
وڏو آهي. جڏهن چنيسر ماءُ کان پڇڻ ويو ته راڄن
دودي کي پڳ ٻڌائي، جنهن تي چنيسر ڪاوڙجي روانو
ٿيو. انهيءَ تي دوسو کيس منٿون ڪري موٽائي وٺي
آيو. پر پوءِ جڏهن کيس مهڻن تپائي کنيو ۽ هي دفعو
دهليءَ ڏانهن روانو ٿيو ته وري نه موٽيو.
چنيسر دهلي ۾ پهچڻ کان پوءِ پهريائين راڪاس ماريو، پوءِ مست هاٿي ماريو ۽
پوءِ شينهن ماريو. ٽـِـمڪڻ، ٽهڪڻ، مانڌل بيگ ۽ نظر
بيگ عالادين جا وزير هئا. عالادين جي شاهي فوج
جڏهن چڙهي ته:
ڳيرن اُڏرڻ ڇڏيو، کٿا بازن پر
هرڻن پٽ ڇڏي ڏنا، مڇي ڇڏيو جر.
جڏهن عالادين اچي لٿو ته دودي ڏي چنيسر جو خط آيو تڏهن دودي ننگر کي سڏيو ۽
دوسو مڱڻهار کي موڪليائين ته وڃي وٺي اَچينس:
’دودي چـيـو دوســُـو کـي مـنـهـنـحـّو نـنـگر نــهـاري ڏي‘ .
ننگر جو وڏو ڀاءُ محمد شڪار جو شوقين هو. ڇهه مهينا وڳهه ڪوٽ ۾ رهندو هو ۽
ڇهه مهينا راء کنگهار جي بادشاهي ۾ شڪار ڪندو هو.
تڏهن دودي ننگر کي سڏايو ۽ ساڻس ڳالهايائين. دودي
پنهنجي نياڻي ننگر سان مڱائي هئي. جڏهن ننگر جي
ماءُ کي خبر پئي ته دودو ننگر کي ٿو موڪلي ته
دانهن ڪري اچي چيائين:
چيو ماء ننگر جي ريهه ڪري راڻي
وني هن جي ونواه ۾ پـَـيئي نه ماڻي
دودا ادا سومرا، سـُـڃ نه ڪر هاڻي
ناٺي مارائين ننڍڙو، وِلهي ٿيندئي نياڻي.
(هر بيت پوري ڪرڻ بعد سـُـر ۾ ذڪر جي توار، جنهن جا الفاظ ته:)
الو اَ[! هادي الله! تون يا الله!
چنيسر چوڏهن سالن کان پوءِ عالادين جو لشڪر چاڙهي آيو هو. جڏهن دودي ننگر کي
سڏيو ته دل ۾ چيائين ته چوڏهن سالن کان پوءِ اڄ
چاچي مونکي پنهنجي ڪچهري ۾ سڏيو آهي. دودي خط جي
ڳالهه ٻڌايس ۽ چيائينس ته وڃي پيءُ چنيسر کي
سمجهائي پرچائي وٺي آءُ. دودي جي ڌي ونواه ۾ ويٺل
هئي. شادي واري ڏينهن ننگر لاوَن تي آيو. جڏهن ٽي
لاوان سندس ماءُ ڏنيون ته سندس هٿ جهلي چيائين ته:
باقي چار لاوان پاڻهي ابو چنيسر اچي ڏيندو. ائين
چئي اٿيو، ۽ جڏهن چڙهيو ته ٻاگهي جيڪا چنيسر جي
سـَـڪـِـي ڀيڻ ۽ دودي جي ماٽيجي ڀيڻ هئي تنهن ننگر
سان تکو ڳالهايو. تڏهن ننگر به تکو ڳالهاء ڪيو ۽
چيائينس ته:
”مڙس ڏيندوسئين سومرو، نه ته آهين ڀانڊاري ڀـُـون“ .
ننگر ۽ دودي جو پٽ منگر گڏ چڙهيا. ننگر پنجاه يارن ساڻ چڙهيو، ۽ دودي سڀني
کي هڪجهڙيون پوشاڪون پهرايون ۽ هڪجهڙيون گهوڙيون
ڏنيون. دودي جي پنهنجي گهوڙي ’نيلي سامونڊي‘
هئي- چنيسر ننگر جي ميڙ نه مڃي. پوءِ ننگر جنگ ڪئي
۽ جڏهن عالادين جو وڏو لشڪر ماريائين تڏهن عالادين
چنيسر کي گهرائي چيو ته:
اوهان ڀائر وڙهو پاڻ ۾، اسان جي الله توهار
ٻن ٻاگهي جو پرڻو، ٻن ٻاگهي جا ٻار.
امام بخش جوڻيجي (تعلقو هالا) جي ٻڌايل ڳالهه
[امام بخش پٽ جنگو پٽ کاجينو پٽ جنگو پٽ کاجينو، پاڙو ويڙهيچا، ذات جوڻيجو،
ويٺل وسين مراد شاه، تعلقو هالا، سال 1923ع ڌاري
ڄائو. دودي چنيسر جي ڳالهه جواني ۾ پنهنجي ناني
دريا خان پٽ صفر ويڙهيچي جوڻيجي کان سکيو. دريا
خان وڏي عمر ۾ بئراج وهڻ کان پوءِ گذاري ويو. دلي
۽ ٿالهي تي لوڙائو مان ڳالهه کڻندو هو. امام بخش
ٻن دلن ۽ ” يڪتاري تي سر لوڙائو مان کڻي. سدنس
جهيلي نظر محمد جوڻيجو آهي. هن وقت کيس سڄي ڳالهه
ياد نه رهي آهي، جيڪا ڳالهه ياد اٿس سا تاريخ 30-
مارچ 1977ع تي ڪچهري ڀٽ شاه ۾ لکايائين. ن - ب]
اول نام الله جو ٻانهان ٻيءَ م لڳ
لڳ ڀلي جي آسري جنهن پر ڇٽي سارو جڳ
ريءَ ٿنڀين ري ٿوڻيين ۽ عرش اڏايئين اُڀ
تارا ڏيون تجلا، چوڏس خلقيئن چنڊ
مير مديني مصطفيٰ آهي پانڌين اوڏانهين پنڌ
پانڌين جون پوريون ڪرين، پوءِ حاجين پڄائين حج
هالن ۾ مخدوم آهي سرور سوڀارو
ڀٽ ڌڻي آهي ڀٽن تي جنهن جو آهي ڪيڏارو
ڄام سدائين ڄام تي جنهن جو ڏينهڪ ڀانڊارو
روضي ڌڻي روهڙي ۾ آهي پير به پاڳارو
مٽارين ۾ پير مصطفيٰ جيڪو نر هڻي نعرو
ٽنڊي محمد خان ۾ آهي سيد سوڀارو
ڪوڇي جي ٻن وٽين تي اٿئي سوائي موچارو
انهي لاڙ واري لين سان آهي ميون ڪريم موچارو
پر سنڌ وسي سهڻي لال جي، جنهن جا ضامن پير فقير
هاڻ جوڙ برادون جهان جون، ته عالم عيدون ڪن.
---
مئي ڀونگر راء کي ٻاٽي ڏينهن گذريا
مردن ٻڌا مامرا سي آڻي پاڳ مٿان
دودو سڄو آهي سون جو جنهن کي ريهه رپي جو ناهه
چنيسر پٽ لوهاري جو آهي سڀ ڪنهن کي سڌ سماء
هاڻي پڳ ٻڌنداسون دودي کي، چنيسر لائق ئي ناه.
---
اتي راڄ ڀاڳ برادر سڀ گڏ ٿي. برادر جو خيال ته پڳ ٻڌي دودو سومرو، چنيسر
لائق ناهي. ڀاءُ جو خيال ته چنيسر پڳ ٻڌي جو وڏو
آهي. هاڻي دودو راڄ کي سمجهاڻي ڏئي:
ته ڪارڻ پنهنجي قوت لاءِ مون سڏيو ٿا دودو راء
لڳيءَ ويلي جنگ جي مون سان ڀالو کڻندو ڀاءُ
دودي جهڙا سومرا سي جـُـتي ۽ لڪڻ سان به پيا هلندا
پر ٻڌي ٻانهون رومال ۾، سي اَدي جي اڳيان بيهندا.
اها ڳالهه چنيسر جي ڪن تي پئي ته راڄ جو هي فيصلو آهي. سو رات جو مـُـهاڙين
جي شڪار تي ٻيلي ۾ هليو ويو. صبح جو دودي پڇا ڪئي
۽ چنيسر کي خط لکي موڪليائين:
لکيو مـُـنجئي ٿو لاڏڪو پڙهجئين خط پروانا ڀاءُ
خاطي خط اُٺايا آهي مير مهاڙين ڏانهن
خاطي خط اُڇليا مير چنيسر ڏانهن
پڙهيو پروانا ڀاءُ جا، بيٺو مرڪي مير منهاء
ڀلي ابي کي ڄائين، تنهنجي نچ ويائي ماءُ
ادو به آهين تون، ابو به آهين تون، پاڻ کي راڄ
ڪندو ڇا؟
راڄ پوئتي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته چنيسر اچي ته گهوڙي جهلڻ لاءِ پهر به نه اُٿي
چنيسر خط پڙهي صبح جو پڳ ٻڌڻ لاءِ آيو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو آ تارو
سج اُڀريي چڙهڻ جو ڪيو چنيسر سعيو
سڏي چيائين سئيس کي منهنجو ڪئنڪٽ ڪاهي آ ء
سونا سنج سنجاف تي ڪر موتين جي جڙاء
لالون هڻن لغام تي ٻيا دنبچيء ۾ داڻا
وڌو هئين پير رڪيب ۾ وڃي گهوٽ چڙهيو گهوڙي
سائو ڀالو هٿ ۾ جنهن کي بگل بندوق به آ
مڳ ڇڏيو ميدان ۾ هن ڇـِـڻڪي کي ڇوڙي
ڇـِـڻڪو اچي پيو ڇوه مان هو نـِـيرو ناچ ڪندو
آيو ڪؤنر ڪچهري وچ ۾ هو چريو چنيسر راء
پر راڄ مان اُٿي ڪونڪو وٺي چنيسر جو سلام.
چنيسر راڄ ۾ آيو ته ڪنهن به سندس گهوڙو نه ورتو. اهو ڏسي دودو ٽپ ڏيئي اُٿيو
ڀاءُ کان گهوڙو وٺڻ لاءِ.
اُٿيو ڪؤنر ڪچهري وچ مان دَيوُ ڏيئي ڌڌڪو
ٿنڀ ڪامون ٿڙڪن گهڻو، جنهن جي فرش ڪيو ڦڙڪو
لڙڪي ٿو لغام ۾ جنهن جي قابو ڪيس ڪڙا
قدمن تان قلبان ٿيان، صدقو ڪيانس ساه
پوءِ ولر وزيرن جا اُٿيا، لکين اُٿيا اُمراه
ڦري ويا گهوڙي کي ٻيا داناه دنبچي ڏانه
پوءِ چوي چنيسر سومرو ته مون کي ڪانهي لهڻ جي جاء.
دودي حڪم ڏنو ته پڳ اچي ته چنيسر کي ٻڌايون.
چڙهيو آهي تخت تي هن کي چاڙهيو پاڻ خدا
پنجاه ور جي پڳ آئي سوني ٿالهه مٿان
هن سان بخت به بڇڙايون ڪيون، عقل اوڏو ناه
لاهيو پاند پلاندڙو ٿو چوءِ چنيسر راء
دودا! ترس تڪڙ ڪر ڪامَ ڪا، جيسين پڇي اچان ماءُ.
چنيسر تخت تان لهي پيو. راڄ اڳئي ڪڪ ويٺو هو، تنهن دودي کي چيو ته هي جو پڳ
به ماءُ کان پڇي پوءِ ٿو ٻڌي، سو شراع ۽ عدالت به
ماءُ کان پڇي پوءِ ڪندو. تڏهن دودو ٿو سمجهاڻي
ڏئيس:
توکي چوان ڳالهڙي ڀاءُ! سڻجئين عرض اڳيان
چڙهي تخت تي جو لٿو، سو وري ڪڏهن نه چڙهيو آه
ڪئين سڪندر ويا ڇڏي هو تالا تخت مٿان
تخت حضرت سليمان جو، جيڪو اُڏايو پئي واءُ
گانڊو پوءِ هڻندين هٿڙا، جڏهن ويندئي ويل هٿان.
پڳ ٻڌي وڃي ماءُ کان پڇ. تڏهن چنيسر جواب ڏنس ته:
ڏهه مهينا پيٽ ۾ مون کي سانڍيو جيجل ماءُ
تنجئين مون کي ترار جيئن، مون کي دُڪا ڪانَ وڌا
ريءَ مسحي، ريءَ وضو، مون کي ڏنئين ڪڏهن ڪين
بـُـبا
سائينءَ جي سرڪار ۾ منهنجا پورهيا ثاب ڪين پيا
راجا ڄڻيم رُڪ مون سج نه سٺو هو تاءُ
هادي هدايتون ڏيئي مون کي پرور ڪيو پيدا
پوءِ دودا ترس تڪڙ ڪامَ ڪر، جيسين پڇي اچان جيجل
ماءُ.
چنيسر تخت تان لهي پيو. سڀڪو ماٺ ڪري ويهي رهيو. بنگلي کان ٻهر نڪتو ته اتي
عقل به اچي ويو ۽ بخت به ڀيڙو ٿيو. اتي پاڻهي پاڻ
کي ٿو نندي ۽ سـِـٺي:
راء ڪـُـٽي ٿو راتون، جنهن کان وئي آ ويل هٿان
بخت به بڇڙايون ڪيون، مون کي عقل اوڏو ناه
اڳتي وڃان ته ٻڏي مران، پوئتي ساڙي باه
هاڻي ضايع ٿيان هن زمين ۾، جان ڌرتي ڏئينم جاءَ.
سڀني کي خبر هجي ته چنيسر ٿو پڳ ٻڌي. بادشاهزادي ٻانهي کي چيو ته اڄ چنيسر
پڳ ٿو ٻڌي، وڃي مبارڪون ڏينس ته ڍئي ڇڏينئي.
هوڏانهن چنيسر به ڦري ڦري اچي ڏيڍي ۾ بيٺو. اکين
مان لڙڪ پيو وهائي، مٿو اگهاڙو. ٻانهي ٻاهر نڪتي
ته چنيسر کي ڏٺئين ته: مٿو اگهاڙو، در ۾ هٿ ۽ اکين
۾ پاڻي. ٻانهي چيس ته:
پنبڻيون پسي آيون آهن، توکي ڳل وهن ڳوڙها
جا واقعا توسان ٿي آهي، سا مون کي ڳالهه سڻاء.
---
چئي: جي اڳتي وڃان ته ٻڏي مران، پوئتي ساڙي باهه
ضايع ٿيان هن زمين ۾ هوند ڌرتي ڏئيم جاءِ.
ٻانهي! توکي ڪهڙي ڳالهه سڻايان، تون موٽ پوئتي. ٻانهي حڪم جي بندي موٽي
پوئتي. بادشاهزادي پڇيس ته، تڏهن چيائين ته: چنيسر
ٻاهر بيٺو آهي، هڪڙو نالو ورتو اٿس باهه جو، ٻيو
پاڻيء جو. الاجي سيءُ اٿس يا اُڃ. ٻانهيءَ جي اها
خبر ٻڌي، راڻيون چنيسر وٽ آيون.
جن سج نه ڏٺو هو ڪتيون، نکٽ ڪين ڏٺا
سي ڪاهجي پيون پنڌ ۾، جن کي جـُـتي پيرين ناه
نار گڏي اچي نر کي، جيڪا مڳ لاءِ روئندي ماءُ
توکي دودي لوڌيو، ڪين لوڌئين پاڻ خدا.
چنيسر ماءُ کي ورندي ٿو ڏئي:
امان! دودي مون سان چڱي ڪئي، ڀلي ڪئي هئي ڀاءُ
موزا وڌا هئم پير ۾ سي تان لهن لک سوا
جوڙا ڏنا هئينم جان تي، مون بيٺي هول ڍڪيا
پنجاه ور جي پاڳ آئي سوني ٿالهه مٿان
چـُـمي ٻڌي هيم چيلهه سان سوني سروپاه
آءٌ چڙهيو هئس وڃي تخت تي، مون کي چاڙهيو پاڻ خدا
بخت مون سان بڇڙايون ڪيون، مون کي عقل اوڏو ناه
امان! مون ۾ لـِـڇ لوهار جي، آءٌ ڪيئن ٿيان
بادشاه!
اتي ٻانهيون،دايون، بادشاهزاديون بيٺيون هيون، تن ڏٺو چنيسري جي ماءُ ڏانهن
ته اهڙو پٽ قابل ڪونه ڪيئي جو اڄ بادشاهي ماڻي ها.
تڏهن ماءُ ٿي ٻڌائي ته:
جوڙ ٻـُـڌو اوهين جيڏيون، مون هي پٽ پڙهايو آه
هندي سنڌي، ڪـُـل فارسي، جنهن کي علم توريتي آه
هي قابل ڪيم قرآن جو، جنهن کي قبر نه ڏيندي جاء.
پنهنجي هٿان ڳالهه وڃائي آيو آهي، هاڻي ڏوه ٿيو مون ڏي. جوڻس بيٺي هئي، تنهن
سس کي چيو ته: چاچي! منهنجي مڙس کي اجايو سجايو نه
چئو، منهنجي به ڳالهه ٻڌ.
توکي چوان ڳالهڙي، سڻ چاچي عرض اڳيان
چاچي! منهنجو ڪانڌڙو آهي کائڻ لاءِ کرو
ان کائي ٿو ڪينڪي، آهي گجرن جو به ڏرو
هي ڪڏهن گهر ويٺي ماربو، پئي ڪامَ وَرو.
تڏهن ماءُ به ننهن کي چيو ته: امان! منهنجي پٽ کي اجايو سجايو نه چئو،
منهنجي به ٿوري ڳالهه ٻڌ.
توکي چوان ڳالهڙي، پٽ سڻجان عرض اڳيان
ڊڊو ڊاکر وڪڻي تون ڌڻ رڍن جو ڌار
ڳاڙهو ڪر لڪڻ هٿ ۾، پوءِ گهـِـٽيو گهيٽا چار
ماءُ مٽيندي ماهـَـيڙو، دودل جي درٻار.
تڏهن وري ننهن، سس کي چيو ته: چاچي! منهنجي به ٿوري ڳالهه ٻڌ.
توکي چوان ڳالهڙي، چاچي سڻج عرض اڳيان
واڍا وڳهه شهر جا هو سڀئي ڪوٺائي
تاڙيون چندن عاج جون، ٻيون وجهج چيرائي
جوٽا جيسرمير جا اُتانهون آڻاءِ
اڳي هيونسون ٻه ڄڻيون، هاڻي ٿيونسون ٽي
اڳي ڪتينديون هيونسون پاءُ، هاڻي سير به سويلي
هڪڙيون تاڃيون گهر ۾، ٻيون ڪوريءَ ڀير مَ لاه
پنهنجي پٽ جو کٽيو، چاچي! تون گهر ويٺي ويٺي کاء.
هاڻي مٿان وري ماڻس چيو ته:
توکي چوان ڳالهڙي، پٽ سڻجان عرض اڳيان
نـَـوَ ڪـُـڙهون تو نر جون، جتي نيرا ٿا به نچن
بانڪي جـُـڙيا بنگلا، آهي اوچي اڏاوت تن
عطر ليپا هنڌ کي اچي فراش به وجهن
تو جيڏا تو سرتا اچي اتي ڪؤنر به ڪچهريون ڪن
هاڻي ڪيئن کڻنديس ڪنڌ مٿي، آڏا اُمراهن.
وري جوڻس چوڻ لڳي:
توکي چوان ڳالهڙي، چاچي سڻجان عرض اڳيان
چاچي! منهنجو ڪانڌڙو ٿو چٻي سـُـڪو ان
وئي مايا ملوڪ تان، هو ڌتاري ويا اٿس ڌن
انهي وَر ٻاجهان ولهي، اسان جو پرور رکندو پن
هي ڪڏهن گهر ويٺي ماربو، لڳي ڏوئيء ڳن.
تڏهن سس، ننهن کي چيو ته: امان! هاڻي مڙس کي ماني ته آڻي کاراءِ. تڏهن:
مريم ماني آندي، هن آندا ٻوڙ پلاه
ڏنئين چنيسر راءِ کي آڻي کٽ مٿان
ور! سي منهنجا ولها، اڄ ويهي ماني کاء
ڏيئين نه پاسو پلنگ کي، آءٌ ڀيڻ تون منهنجو ڀاءُ.
اتي چنيسر سومرو به ڪاوڙجي ڪارو ٿي ويو.
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، جنهن کي طعني رکيو ٿس تاءُ
بـِـگڙيو دِيهـُـه وڳهه جو، جيڪو جهليو اچي نه جاء
موزن جي مهميز جو پئي ڌرتي تي گوگياء
طعنن ۽ تنڪن سان به ڀالي ٽنگائيندس ڀاءُ
ڏيندس دانهن دليءَ ۾، چاڙهيندس عالادين بادشاه
ثابت هاڻ وڳهه ۾، آءٌ ٻرڻ نه ڏيندس باه.
چنيسر ڪاڙوجي وڃڻ واري ڪئي، ۽ پٽ ننگر ننڍڙو تنجڻن ۾ هئس، ان کان
موڪلايائين.
چـُـمي کنيو هئائين چـُـوڙ تي، ٿو روئي رت مـُـنهان
رضا وڙهي رحمان جي، ٻيو امر ڏانهن الله
وڙهيو ڪنهن غور غريب جو، مون ڪنهن سان نه ڪيو
ايذاء
مئا سهسائي سڀڪو، جيئري ٿيي نه جدا
هاڻي ڪريئين ٿو پارت پير کي، منهنجي الله تهار آه.
ڪاوڙجي، پٽ کان موڪلائي، گهوڙو ڇوڙيو آهيس. خرزينون خزاني جون ڀريائين، جن ۾
هيرا جواهر وڌائين. اتي ٻانهين ڊوڙي وڃي سندس ڀيڻ
ٻاگهي کي ٻڌايو، ته جي اُها ورائيس ته ورندو.
ٻاگهل ٻاڏائي گهڻو، ڀيڻ ته آئي وٽ ڀاءُ
لڙڪي ٿي لغام ۾ جنهن قابو ڪيس ڪڙا
قدمن تي قلبان ٿيان، آءٌ صدقو ڪيان ساه
جي نه تو پڳ ٻڌي ته ڇا، دودي ٻڌي ته ڇا؟
تون ڪاوڙجي نه وڃ، هل ته آءٌ ٿي توکي مڙدن ۾ هلي پڳ ٻڌايان. چنيسر چيس ته:
پڳ دودي ٻڌي ڇڏي هوندي، هاڻي هلي ڇا ڪريان. ٻاگهي
چيس ته: جي دودي پڳ ٻڌي هوندي ته پوءِ ڀلي هليو
وڃجان. ٻيو ماڻهو ڏسڻ ۾ نه آيس. ٻانهي کي حڪم
ڪيائين ته خبر وٺي آءُ ته دودي پڳ ٻڌي يا نه؟
ٻانهي حڪم جي بندي، سا آئي بنگلي تي. در تي درواڻ
بيٺا هئا. دوسو وزير کي ٻانهي ٻڌايو ته چنيسر
ڪاوڙجي ٿو وڃي، خبر ڏي ته پڳ دودي ٻڌي يا نه؟ دوسو
چيس ته: تون بيهه ته آءٌ توکي خبر آڻي ڏيان. دوسو
لنگهي ويو دودي وٽ. چيائين ته: هي سڀ امراء ويٺا
آهن، انهن کي ڪا خوشي ڪراءِ. پوءِ جي چنيسر اچي ته
ڀلي پڳ ٻڌي، نه ته تون ويٺو آهين. دودي چيس ته اهو
بندوبست ڪر. دوسو وڃي ڪلالي کي چيو ته: اهڙو شراب
ڏي جو پيڻ سان جيڪو جتي هجي، قابو ٿي وڃي.
دوسو ماڻهو موڪليو، وڃي ڪلالي ڪوٺي آءُ
ڀري دنگ دارون جا هي ڪلالي آيو آه
ڀريو پـَـٽ دارون جا نـِـئي پيو دودو ڏانهه
چئي: اول پيئندس ڪينڪي، پيئي منهنجو بادشاه
ڀريو پـَـٽ دارون جا، دوسو نئي پيو دودي ڏانهن
چاڙهي ڇڏيئين چپن تي هن پيالو پيتو آه
پيئڻ سان ڪري پيو، جنهن جي ڌڙ ڪيو ڌڪاء
زري ۽ زربفت جا دوسو آڻي ويس وڳا
پنجاه ور جي پاڳ آئي سوني ٿالهه مٿان
لاهيو پاندڙو دوسو رکيس مٿي ڏانهن.
نشي ۾ پڳ دودي کي ٻڌائي، ٻانهي کي وڃي چيائين ته: پڳ دوي ٻڌي ڇڏي. چيائين
اکين سان ڏسنديس. ٻانهي آئي، دودي کي ڏٺائين.
ٻانهي وٺي ٻانهن مان، هن دودو جاڳايو آه
هڻيو هٿ مٿي تي ڏسي پڳ به رکي آه
ڪاوڙيو ديهه وڳهه جو، جهليو اچي نه جاءِ
موزن جي مهميز جو پئي ٿو ڌرتي تي گوگياء
سٽيو تنهن ڪلاليءَ جو مٿي ڪڍي ٿو ساه
دوسو! شل دايو ٿئين، تنهنجا رلندا ٻار ٻچا
چنا! ڪا چـُـوڙي پوئي، توکي کڻندو ڪيئن خدا
پاهوڙي پرزا ٿئي، توکي هنڌ نه ملندو جاءِ
پوءِ راڄن ريب وڏا ڪيا، جو اڄ مون کان ادو ڇني
ڪيئون جدا.
ٻانهي اهو ڏسي پوئتي موٽي. ٻاگهي کي احوال ڏنائين ته پڳ دودي ٻڌي ڇڏي. تڏهن
چنيسر ڪاوڙ مان ڇڪ ڏئي هٿ ڇڏايو. اتي ٻاگهي چيس
ته: هاڻي ڀلي وڃي عالادين چاڙهي آءُ. نه چڙهي ته
منهنجو سڱ آڇي به چاڙهي اچينس. ٻانهي وڃي دودي کي
ٻڌايو ته چنيسر ڪاوڙجي ٿو وڃي، پر ٻاگهي جهليو
بيٺي آهيس. جي جهلينس ته مهل اها اٿئي. اتي راڄ
ڀاڳ گڏ ٿيو. دودي چيو ته:
آهي ڪو اُٿي وڃي منهنجو ادل ورائي
جوانن جاگيرون ڏيان، عمر سيريون سو کائي
واري ور وڳهه ۾ منهنجو چنيسر ڪو آڻي.
هولياڻي ست ڀائر هئا. پرپٺ چوندا هئا ته اسان مان هڪڙو هڪڙو دودي جو مٽ آهي.
اهي ست ئي حاضر هئا. انهن چيو ته حڪم ڪرين ته ماري
کڻي اچونس. دودي چيو ته: ٻيلي! ماريوس نه، باقي
ڌڪاڙي سڪاڙي، کنڀي کڻي اچوس، ڌڪ ڦٽ آءٌ پاڻهي
ڇٽائيندوسانس.
ستئي اُٿيا آهن سومرا، هو هولياڻي پاڙو
اول اٿئي نالو الله جو آيا آهيون پاند ڳچي پائي
ٻيو اٿئي نالو الله جو اسان کي ڇڏج نه موٽائي
جيڪر ميڙ مڃي ڀائرن جي سو خطا نه کائي
ڪين ورندين سومرا، اسين توکي جيئن تيئن وڃون
ورائي.
چنيسر چين ته: جيئن تيئن مون کي ڪيئن ورائيندئو؟ چيائون ته: هڪڙي کان ڏاڍو
ٿيندين ته ٻه وٺنداسونءِ. ٻن کان ڏاڍو ٿيندين ته
ٽي وٺنداسونءِ، جو اسان کي حڪم آهي ته توکي چؤ
کنڀو ٻڌي، ڌڪاڻي کڻي وينداسون.
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، جنهن کي طعني رکيو آهي تاءُ
بگڙيو ديهه وڳهه جو جيڪو جهليو اچي نه جاءِ
موزن جي مهميز جو پوي ڌرتي تي غوغياء
آيا مڳ ميدان ۾ اچي نر ٿيا نروار
ڀڙ پيا آهن ڀاڪرين، پئي سانـَـهن جو به سماء
عضوا اُمرائن جا هو پٽيو ڪري جدا
جيئن ڌوٻي ڌوئي ڪپڙا، ٿئي ڌرتي تي ڌڪاء
ستئي سٿي ٿو سومرو، جيئن هاري سٿي ٿو گاه.
چنيسر، هنن کي ٻڌي اتي کڻي ڇڏيو ۽ هارين کي چيائين ته: ڀائو کي نياپو ڪريو
ته هنن کي ڇوڙائي وڃي، جو لڙائي ۾ ڪم ايندس. انهن
ڌراڙن پنهوارن وڃي دودي کي ٻڌايو. تڏهن دودو اٿيو
۽ پاڻ ٿو ورائڻ وڃيس.
اُٿيو ڪؤنر ڪچهري وچ مان هو ديهه ڏيئي ڌڌڪو
ٿنڀ ڪامون ٿڙڪن گهڻو، هن جي فرش ڪيو ڦڙڪو
جهليو چنيسر ڪينڪي هن دودل جي دڙڪو
هاڻي وير اتي ويهي رهيو، ونگي سو گهوڙو.
چنيسر جو ڪنڌ هيٺ، ڌرتي پيو کوٽي، مٿان اچي دودو بيهي رهيو ۽ چيائينس:
ابو چنيسر ڀانئيان، ٻي مريم ڀانيان ماءُ
هيءَ پيڙهي، هيءَ پاڳڙي، تو سـِـر جوڙ جڳاءِ
ڏي تون پير پلنگ تي، چڙهه منهنجي موڀي ڀاءَ.
چنيسر ورندي ڏنيس ته: ادا! مون کي ڇڏي ڏي، جو نه اَڏئين، نه گڏئين. رهندو پڳ
به کسي ورتئي. تڏهن دودي چيس ته:
سڏي چيائين ڪوٽار کي، وڃي قاضي ڪوٺي آءُ
’سونڻ‘ ۽ ننگر جو پڙهي اچي نر نڪاح
ننگر نياڻو منهنجو، پـِـٽيا! سوني نـُـنهن
سندياءِ.
دودي خيال ڪيو ته ڀاءُ آهي، ڪنهن قولين نه ڇڏيانس، تڏهن پنهنجي ڌيءَ سونيءَ
جو سڱ آڇيائينس. تڏهن چنيسر چيس ته:
ڀلي عالادين ڄائو، جنهن جي نچ ويائي ماءُ
دڙڪو مليو اٿئي هڪڙو، تنهنجو سست ٿيو آهي ساه
جي نه ايندو عالادين چڙهي ته ڏيندس ٻيا ئي ٻه سڱ
پاسي کان.
اتي دودو به ڪاوڙجي پيو.
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو جنهن کي طعني رکيو اٿس تاءُ
بگڙيو ديهه وڳهه جو، جيڪو جهليو اچي نه جاءِ
موزن جي مهميز جو اچي ڌرتيءَ تي گوگياء
آءٌ به طعنن ۽ تنڪن سان هاڻي ڀالي ٽنگائيندس ڀاءُ
هاڻي لڙي وڃ پٽ لوهار جا، ٽر اکين جي اڳيانء
پيءُ چاڙهي آءُ پنهنجو، وڃي آڇي پنهنجي ماءُ
مريد آهيان محي الدين جو، مون سان حامي حضرت شاه
وڳهه قلعو آهي قادر جو، جنهن کي لڳي نه ڪوسو واءُ
حسن مير حسين هئا، ٻئي اسان کان سرسا
پنجن تنن جهڙو، ٻيو خلقيو ڪونه خدا
هاڻ ڦرندس انهن فوجن ۾، ڄاڻي هيڪ الله .
دودو موٽيو پوئتي. چنيسر هڪليو دليء ڏي. هڪڙي ٻيلي جي ڪٺار اچي ورتئين.
اڳيان هڪڙو ميهار گڏيس. وڏي ڏانگ هٿ ۾. مينهن جا
چـَـڙا ٻـُـٽيل. پاسا ڪنڊون وٺندو اچي. ميهار کي
ڇاند ڏنائين ته هن مـُـٺ ڀيڙي اشارو ڪيس. چنيسر
گهوڙي تي هو. ميهار کي خبرون ڏنائين ته: دودي جو
حجام آهيان. دودي کي پٽ ڄائو آهي، وڃان ٿو دلي
مبارڪون ڏيڻ. ميهار چيس ته: تون ڪو بادشاه ٿو
ڏسجين، حجام ڪونه آهين. پوءِ چنيسر پڇيس ته: توسان
خير؟ ور کنيا پيا اٿئي؟ هاڻي ٿو ميهار خبرون ڏي
ته:
هئڙا راڄ رڍن جا، ٻيون اُٺيون اڪيچار
ڳئونِ مٿو جهليو ڪونه ڪو، هو بيحد بيشمار
ڪـَـچو ڇڏي پڪي ويا، هو ويا ديس دَنوار
هاڻي ڪيهر ٿو ڪڏي گهڻو، هو ڊنا ڪنهن ڊهڪار.
ٻيلي ۾ شينهن هريو آهي. ڪي ڌراڙ ڪيڏانهن ويا، ڪي ڪيڏانهن ويا. چنيسر چيس ته:
کير پيار. ميهار چيو ته ڀاڻ تي هلندين ته جام،
باقي شينهن مال آهي، تنهنجيون منهنجيون ڄنگهون
ٻانهون ڀڃيندو. هروڀرو جي زوري ڪرين ته سامهون
مينهن بيٺي اٿئي، انهيءَ کي ميڙ.
ڪاري ڪـُـنڊي آهي ڪـُـڙلي، جنهن تي بيٺو هٿ ڦيري
چنبا وڌائينس چوڙ ۾، هو چوڙون نٿي چوري
چارئي پايا چـُـور ٿيا، هي آئي ٿڻ سڱوئي
آءٌ ڏهي ڄاڻان ٿو ڪينڪي، متان وجهان ٿڻ پٽي
چئي: منهنجو ڪٽورو اٿئي ڪٽوردان ۾، مون کي ڏهي ڏي.
ميهار ڊوڙي مينهن ڏڌي. ٻنهي پي ڍؤ ڪيو. ميهار مينهن کي چيو ته: ڀٽاري اڳي ته
گهڻئي چاريومئين پر اهڙو کير ڪڏهن ڪونه ڏنئي. هاڻي
چنيسر سومرو مينهن کي دلداري ڏئي:
هڻيو هٿ پٺيءَ تي ٿو چوي چنيسر راء
امڙ! پياريو اٿئي کير خوشيءَ مان، صدقو ڪندس ساه
پوءِ ٻـَـهـُـون انهن ٻيلن ۾، گـُـجر چرج سائو
گاه.
ميهار کي چيئين: ڪٿي آهي شينهن جو گوندو ۽ مڏ؟ ميهار چيس ته: رت ته ڪونه ڦٽو
اٿئي. شينهن شير خدا جو ڇني ڇڏيندءِ. چنيسر چيس:
مون کي شينهن ڏيکاري تون وڻ تي چڙهي وڃجان. ميهار
اشاري سان ڏس ڏنس. چنيسر ميهار کي وٺي شينهن جي
گـُـوندي وٽ پهتو. ميهار اَڻ سوئـِـل ٻٻر تي چڙهي
ويو. شينهن هنن جو ڳالهائڻ ٻڌي گوڙ ڪئي. چنيسر
هٿين خالي شينهن ڏانهن وڌيو، تڏهن ميهار هڪل ڪيس
ته: هٿيار کنيو وڃ. پر چنيسر چيو ته: مون کي هٿين
ٺلهو شينهن مارڻو آهي. تڏهن ميهار کي پڪ ٿي ته هي
پاڻ به مرندو پر مون کي به مارائيندو.
ماڻهن جي ڀڻڪن جو پيس ڪنن تي پڙلاء
اُمالڪ لهي پيو هـُـو ڇڏي مـَـڏ پچر
گاهـَـڻِ پٽي پيو گاهڻيون، پٽي پيو ٻـُـوڙا
ڪارا ڪانهه ڪنڌين جا، تون ساوا ڪيم سڪاء
سڏي چنيسر سومرو، تون ٻاهر نڪري آءُ
آيا مڳ ميدان ۾ اچي نر ٿيا نروار
ڀڙ اچي پيا ڀاڪرين، پئي سانن جو به سماءُ
هن جو مـُـڪ سان ميڄالو ويو، ڪيس ڌڙ ڌڪاء.
شينهن کي مـُـڪ هنيائين ته ميڄالو نڪري آيس. اهو لقاء ڏسي ميهار ٻٻر تان کڻي
پاڻ ڇڏيو. چيائين: اَلا! شنيهن مٿي جو ڪچو هو.
هيترا مال هروڀرو مارايم، اڳ ۾ خبر هجي ها ته آءٌ
گهوٻاٽن سان ئي شينهن کي ماري وجهان ها. پوءِ
چنيسر کي چيائين ته: هروڀرو دلي وڃي ٿو ڌڪا کائين،
هتي شينهن جو ڪن پڇ وڍي وڃ ته توکي ڪٿان رڍ، ڪٿان
ٻڪري، ڍؤ ملي ويندءِ. پوءِ چنيسر اُتان ميهار کان
موڪلائي ٻيلي ڪٺارو وٺي آيو. ٻيلي ۾ لوهيڙي جو وڻ
ڏٺائين. چيائين ڇهه هٿيار اڳ ۾ اٿم، ستون لوهيڙو.
ڪاتي جوهردار سان لوهيڙو وڍي هٿ ۾ ڪيائين. اڳتي
هليو ته ٻه همراه گڏيس. خبرون پڇيائونس. چيائين ته
دودي جو حجام آهيان. هنن چيو ته اسين عالادين جا
وزير آهيون. چنيسر دليء جو ڏس پڇين. چيائون هتان
ٻه رستا دليءَ وڃن ٿا. پراڻي رستي سان آدمخور وڙهي
ٿو، باقي ٻيو رستو ڦيري وارو آهي. چنيسر چيو ته:
آءٌ آدمخور واري رستي سان وڃان ٿو. بادشاهي ٻار
آهيان. هيرا جواهر ساڻ اٿم، جي مري ويس ته موٽيندي
اهو خزانو اچي کڻجو. هنن چيو ته: جي جيئرو هوندين
ته دهلي ملنداسين، پر جي مئين ته پرتين الله کي.
اسان انهي رستي سان ڪين اينداسين. هاڻي چنيسر
آدمخور وارو گس وٺي دلي ڏانهن روانو ٿيو:
رڻ جو ورتئين رستو، اهو رند ورتئين راه
اک پيس آدمخور تي، هن ڏٺو هو ڏورا
ويو ايمان امير کان، جـُـنگ ڇڏائي تنهن جاء
نالي نانء الله جي، منهنجو نيرا سـِـر بچاء
واري وڳهه ۾ هلي، ڏيندوسئين جهجها داڻا گاه.
گهوڙي کي ڊوڙائي ساڳيءَ جاءِ تي آيو. هڪ سورهيه، ٻيو ڏک ڏولاوا. گهوڙي تان
لهي هيٺ ٿيو. اتي پاڻهي پاڻ کي ٿو نندي.
ابليس لـُـٽائي مون کي لاٿئي تخت مٿان
بخت به مون سان بڇڙايون ڪيون، عقل اوڏو ناه
پهرين جٺ مون سان ڪئي، جڏهن راڻين روڄ ڪيا
ٻي جٺ مون سان ڪئي، جڏهن ميڙيون ڪيم ڀاء
حسن مير حسين هئا ٻئي اسان کان سرسا
پنجن تنن جهڙو ٻيو خلقيو ڪونه خدا
هاڻ آدم جو پٽ آدمي، چنيسر! تنهنجو زور جهليندو
ڇا؟
دل کي هنياري ڏئي، گهوڙي تي لانگ ورائي، اڳتي روانو ٿيو. آدمخور به ماڻهو
ڏسي چوٽ ڪئي. چنيسر گهوڙي تان لٿو. هٿيار پنهوار
لاهي رکيائين. آدمخور پڇيس ته:
گوڏ به جيڏا گوڏ ۾ تو آهن ڪهڙا بار کنيا؟
چئي: بڇڙي باه اندر ۾ اٿئي تکا تپاڇا
ڇوٽي ڪاٺي گوڏ ۾، تنهن جو نالو ڇا؟
چئي: انهي کي ڪاتي چئجي، ايندءِ آنڊن کان
ڊگهي ٿئي لٺ ڪلهي تي، تنهن جو نالو ڇا؟
انهي کي بندوق چئون، جا لاري ڪندئي ٺڪاء
ڏنگـِـي رنبي جي ڳن جيئن، تنهن جو نالو ڇا؟
کـَـنون اٿئي حضرت علي جو، ڀالو ڪندئي ڀڙڪا
هڻجئين مون کي سڄڻا تون ڪجئين پنهنجا آزمـُـتا
اهي ڪانَ ڪندا ڪينڪي، انهن جا مـُـنهن مڙي پوندا.
---
آيا مڳ ميدان ۾ اچي نر ٿيا نروار
اڳيان آدمخور جي ڪيو چنيسر ڳالهاء
تڏي تنهنجي تي آيو آهيان، هاڻي وارو تنهنجو آهه
هنيا هئائين دستا مير کي، ڄڻ لڳا لوهه مٿان
وري به اڳيان آدمخور جي ڪيو چنيسر ڳالهاء
مڙدن جون رانديون ٻه آهن، هاڻي وارو منهنجو آهه
ساري حضرت شاه کي هن ديهه وڌس دستا
پاسريون پرزا ٿيس، جنهن جي ڪنڊي ڪيو ٺڪاء
ڪرندي آدمخور چيو، مون سان ڊوهـِـي ڊوه ڪيا
جان آهين دودو سومرو، جا آهين دودي جو ڀاءُ.
ديو دانهن ڪري چيس ته: چيلهه ڀڃي ڇڏيئي، هاڻي جيئدان ڏي ته گهر وڃان. ديو کي
چيئين: تو ٿي چيو ته مون تي اوزار ڪين وهندا. ديو
چيس ته: هٿن سان ئي پاسريون ڀڃي ڇڏيئي، هاڻي مڏي
ترار هڻندين ته به وڍي وجهندين. چنيسر ترار هڻي
سسي لاهي ڇڏيس. آدمخور کي پورو ڪري دلي ڏي روانو
ٿيو. اڳيان عالادين جو اُٺين جو وڳ چرندو هو، ان ۾
مست اُٺ هو. چنيسر به اُتي پهتو.
اُٺيون عالادين جون ٻيو وڳ ٿو ويڙهه چري
جـَـت وڏي هئا جوڙ سان ٿو پٺيان سڏ ڪري
ڀڄ ڄٽ پاسي ٿي، تون گهوڙو ڀڄائي ڇٽندين
ڄٽ پڻهين آهي ڏاڏهين آءٌ آهيان اُٺ جو مـَـٽ
ساري حضرت شاه کي وڃي گهوٽ لٿو گهوڙي
سرخي يار سنجاف جا بيٺو زيرڳلا ڇوڙي
لڪڻ لوهيڙل جو بيٺو ارڏو هٿ ڪري
ڌڪ ٿوهي نه جهليو، وڃي زمين چـَـڪُ هڻي
اڳ وڃي پيس اورتي، پولهه وڃي پرتي.
چنيسر اُٺ ماريو. جت ڊوڙي آيو، چنيسر کي چيئين: جس توکي، هن راڄ تپائي ڇڏيا
هئا. چنيسر چيس کير پيار. جت وڳ سڄو ڏڌو ته به
چنيسر جو ڍؤ نه ٿيو. جت کان موڪلائي اڳتي هليو.
دلي شهر جي ڪنڊ تي آيو. هڪڙي گهر ۾ روئڻ ٻڌو اٿس.
ڇوڪرن بيٺي راند ڪئي تن کان روئڻ جو سبب پڇيائين.
چئي: راڪاس ايندو آهي، گهر گهر تي ماڻهو ٻڌل اٿس.
اڄ وارو انهي مائي جي پٽ جو آهي، تڏهن ٿي مائي
روئي. چنيسر اتي آيو. مائي کان پاڻي گهريائين.
ڀريا مٽ دليءَ جا، اٿئي اڳيان اوتارا
اوطاقون امرائن جون ملندئي جهجها داڻا گاه
ڀاڙيا! ڀريو ڪونه ڪو، مون کي پنهنجا سور گهڻا.
چنيسر سـُـور پي، جواب ڪيو ته:
امان! نالي نانء الله جي مون کي پيار پاڻي جو پاءُ
پاڻي پيان پيٽ ۾ ڏيان پاڻي تي به ساهه
امان ته منهنجي آهين دين جي، تو پٽ منهنجو ڀاء
سانجهي تنهنجي پٽ جو امڙ وارو ڏيندس آنءُ.
مائي خوش ٿي اچي گهوڙي جي واڳ کان ورتو. هنڌ کٽ ڏنائينس. چنيسر ڏٺو ته جي کٽ
تي وهندس ته کٽ ڀڄي پوندي، سو کٽ اُٿلائي اونڌي
ڪري ويهي رهيو. مائي نيرن ٿي ڪرائيس:
ڳچي لاٿو اٿس ڳهڻو، هلي مودي ڏانهن
مودي! مون ميدو ڏين، گهر ته ويٺو آ امراء
دَمي چاڙهيا هئائين ديڳڙا، هن کي ٻوڙ پلاه
ڏنئين چنيسر راء کي، آڻي کٽ مٿان
حال ته هي تون کاء، پوءِ اڃا ٻيڻا ڏيان.
چنيسر نيرن پاڻي ڪيو. ڇوڪرو ماءَ کي روئندو ڇڏي ويو هو سنگتين کان موڪلائڻ.
موٽيو ته ماءُ کي خوش ڏسي پڇيائين. مائي چيس ته:
تنهنجو مائيتو ڀاءُ آيو آهي، تنهنجي پاران سـِـر
ڏيندو. ڇوڪري قد ڪاٺي ڏسي چيو ته: آهي ئي اهو
آدمخور. اڳي هڪڙو ماڻهو کائيندو هو، هينئر هڙ ئي
کائيندو. مائي به ويچار ۾ پئي. چنيسر ڪوڙا گهوگهرا
هڻي هنن جون خبرون پيو ٻڌي. تڏهن مائي چيس:
ڪوڙا ڪوڙي ڏيهه جا، آهن ڪوڙا ڪم سنداءِ
پنج کاڌا اٿئي پڙيءَ تي، منهنجا چوڏهن چٽ ڪيا
گيدي هڻين ٿو گهوگهرا، منهنجا کايو ڏهاڪا.
چنيسر ٽپ ڏيئي اُٿيو، ته ماءُ پٽ ٻئي ڏندڻجي ويا. چنيسر ٻنهي کي هوش ۾ آندو.
دلداري ڏنئين ته مٿان درواڻ به آيا، چنيسر کي
ڏٺئون ته ڊڄي وٺي ڀڳا. بادشاهه کي چيئون ته: مائي
راڪس گهر ۾ ويهاريو ويٺي آهي. وري آيا ڇوڪري جي
ٻانهن وٺڻ. چنيسر گهوڙو ڇوڙي اُنهن سان گڏ هليو.
هنن چيس: گهوڙو اتي ڇڏ. چيائين: جيسين ساه سسيءَ ۾
تيسين گهوڙو ڪونه ڇڏيندس، مئس ته پوءِ گهوڙي جو
وارث هنهين ڀائو آهي. چنيسر کي وٺي راڪـس واري جاء
تي رڪ جي ٿنڀ سان ٻڌائون. چيائونس: لوڪ لقاء ٽرندو
ان مهل راڪس ايندو. خيال ڪيائين: آءٌ ٻڌل مڙس، سوڀ
ڪهڙي ڪندس. زور ڏئي زنجير ٽوڙي ڇڏيائين. ديڳ دال
جي، کارو مانين جو کائي، سپر ۽ ترار ڪڍي ويهي
رهيو.
آڌيءَ جو آيو، هو راڪس راڙ ڪري
ساري حضرت شاهه کي بيٺو ڀالو هٿ ڪري
کني سان کائي وڌئين، وڃي ڪيس ڌڙ ڌڪاء
وڍيو ڪن پڇ يار، بيٺو پاهوري پائي.
راڪس جا ڪن پڇ وڍي، توبري ۾ هڻي نڪتو ٻاهر، وڃي دهلي بازار ۾ گهڙيو. عالادين
جي وزير نظر بيگ جو بنگلو بزار جي منهن ۾ هو.
چوڪيدارن کي چيائين: مسافر آهيان، در لاهيو، رات
جا چار پهر ٽڪندس. هنن در نه لاٿو. مٿي نظر بيگ
ويٺل هو، تنهن در لاهڻ کان انڪار ڪيو. چنيسر چيو
ته: جي در نٿا لاهيو ته در ڀڃي ڇڏيندس. چنيسر جو
دڙڪو ٻڌي چوڪيدار ڀڳا. چنيسر پڙ پاڏي وارو ڪري
ڊوڙي در کي تريون هنيون ته در سوڌو ڌو وڃي ڪريو.
چنيسر گهوڙو ٻڌي، ڪچهري واري جاءِ تي آيو ۽ انهي
ڪوٺي تي ڪاهه ڪيائين، جنهن ۾ سڀئي وڃي لڪا هئا.
نظر بيگ هڪل ڪيس ته:
پنجاه ته اٿئي منهنجو گاهين جو، ڏهه اٿئي منهنجا سئيس
جيڪي وڻئي سو وڃي کاءُ، باقي هيڏانهن نه آءُ.
چنيسر اندر گهڙيو. ڀت جي ڀر وٺي اچي نظر بيگ کي ورتائين. نظر بيگ دانهن ڪئي
ته گهوڙا کاڄي ويس. چنيسر وٺي ٻاهر آيس، ۽ سچا حال
احوال ڏنائون ورتائون.
بادشاهه جو اعلان هو ته جيڪو راڪس ماريندو، تنهن کي وڏهري ڌيءُ ۽ اڌ بادشاهي
ڏيندس. حسڻ گاهي صبح جو سويل گاهين سان گڏ ويو ته
مئل راڪس تي وڃي بيٺو. راڪس کي رنبا ڪوڏاريون هڻي،
چيائون ته: حسڻ گاهي راڪس ماريو.
حسڻ ساڻ هـُـئام، پنجاهه ڄڻي گاهي
پنجاهه رنبا هٿ ۾، هو ڇـُـريءَ ڇريءَ چڀڪار
کـُـڙين ساڻ کڻي ويا هو عالادين اڳياء
ڏسي عالادين بادشاهه هو ويو وسهجي
ملڪ مانڌن مير جو وڃي حسڻ بيگ هلاءِ.
حسڻ بيگ چيو ته: حالي موڪل ڏيو ته وڃي دهلي ۾ ڦر ڪريون. گاهي گهڙي پيا شهر
۾. واڻين ۾ اچي ٻاڪر ڪٽو پيو. تن ڊوڙي وڃي بادشاهه
کي دانهن ڏني. نظر بيگ کي خبر هئي، سو سنڀري
بادشاهه ڏانهن هليو ته حسڻ گاهي گڏيس. ان جو سلام
ڪيئين. ٻئي بادشاهه وٽ آيا. پر بادشاهه نظر بيگ ڏي
ڌيان ئي ڪونه ڏنو. نظر بيگ پڇيو. بادشاهه چيو ته:
حسڻ گاهي راڪس ماريو، توهان کان اها ڪان پـُـني،
هاڻي اوهان جا پگهار بند. تڏهن بادشاهه کي چيائين
ڪن پڇ وٺوس. حسڻ گاهي چيو ته: پڇ هئس ئي ڪونه،
باقي ڪن اسان جهنگ ۾ کڻي ڇڏيا. نظر بيگ چيو ته:
مڪنو هاٿي راولو ڇوڙي پاڻي پياري اچي ته پوءِ
برابر راڪس حسڻ گاهي ماريو. بادشاهي حڪم ٿي ويو،
راولو هاٿي ڇڙيو. چنيسر تيل ميٽ کڻي ان مهل کوه تي
تڙ ٿي ڪيو. موٽيو ته هاٿي مٿس چوٽ ڪئي:
هاٿي ڇـُـٽو بادشاه جو ڪڪو قهر منجهان
نـَـو مڻ نـِـيرَ پير ۾ هئس ڪـَـڙين جو ٺڪاءُ
ڀڄي ڄٽ پاسي ٿيءُ، مرين ٿو به ڄٽ
چئي: ڄٽ پڻهين ڏاڏهين، آهيان هاٿيءَ جو مـَـٽ
هاٿي ماريان بادشاه جو، جنهن جو نئن وهايان رت
ساري حضرت شاه کي هن گهوٽ ڪئي آهي گهٽ
جنهن جو اڳ وڃي پيو اڳتي، پيس پولهه پري.
هٿ ۾ تسري هئس، اها هاٿي کي هنيائين ته آرپار نڪري وئي. هاٿي ڪريو ۽ پيلوان
ڊوڙي وڃي ٻڌايو بادشاه کي ته هاٿي چنيسر سومري
ماريو.
بادشاهه نظر بيگ کان پڇيو. تنهن چيو ته: سائين! جنهن کان مڪنو هاٿي نه مئو
تنهن رنبن سان راڪس ڪيئن ماريو! اهو ماريو آهي
چنيسر سومري، جيڪو مون وٽ ويٺو آهي. اهو ڏُرت
دليءَ تان لاٿو اٿس. ڀاءُ سان ڪاوڙجي تو وٽ دانهين
آيو آهي. عالادين چيو ته: پاڻ ۾ ڀائر ڄاڻن، منهنجو
ڪي ڪين ويو. نظر بيگ ٻڌايس ته لشڪر چاڙهه، توکي
چنيسر پنهنجي ڀيڻ ٻاگهي جو سڱ به ڏيندو. پر
عالادين نه مڃيو. پوءِ چنيسر گهنڊ وڄايو:
هـنـيئيـن ڪـُـلـهـو گـهـنـڊ کـي، ڪـيئيـن دلـيء دروازا.
بادشاه نظر بيگ کي گهرايو، جنهن چنيسر کي سمجهايو. وري صلاح ڪيائون ته شينهن
آڻي ڇڏيون بادشاهي باغ ۾، پوءِ من بادشاه قبول
ڪري. شينهن آيا باغ ۾ ته مالهين وڃي بادشاهه کي
ٻڌايو. عالادين جو پٽ شڪار تان موٽيو، تنهن چيو
ته: شينهن آءٌ ماريندس. اندر گهڙيو ته شينهن حملو
ڪيو، هي پوئتي ڀڳو. تڏهن بادشاه چيو نظر بيگ کي
ته: چنيسر شينهن ماري آءٌ ساڻس چڙهندس.
آڻ چـنـيـسـر سـومـرو، جيـڪو گـهـوٽ وهـائـي گـهـاءُ.
چنيسر کي آندائون، جنهن باغ ۾ گهڙي ٻئي شينهن ماريا.شوڪارو ڀريائين ته: هاءِ
قسمت! هيتريون آفتون پوريون ڪيم. جي ڪا آفت ماري
ڇڏيم ها ته جيڪر اڄ ڀاءُ تي نه چڙهان ها.
----------
|