اهي مون انصاف ڪيا ته به عالادين توتي چڙهائي نٿو
ڪري، تنهن جو سبب ڪهڙو؟ دودي لکي موڪليو ته:
بادشاه عالادين جي باغ ۾ شينهن شينهڻ ويٺا آهن،
اُهي مار ته پوءِ عالادين چڙهائي ڪري. باغ جي راکن
کي شراب خراب پيار. چنيسر نوڪر کي چيو ته: توسان
شينهن نٿا ٺهن؟ نوڪر چيو ته نه. چيائين ته شراب جي
بوتل ۽ خراب جي بوتل ٻئي گڏي پيار. شينهنِ شراب
خراب پيتو. ڪلاڪ کن گذريو ته نشي ۾ پڃرا ڀڃي باغ ۾
ڪاهي پيا. نوڪر ڀڳو عالادين ڏي، چيائين ته: شينهن
جا دماغ خراب ٿي پيا آهن، تنهنجو لکي باغ سڃ ڪري
ڇڏيو اٿن. عالادين پڙهو گهمايو ته: جنهن پٽڪي جو
ور ڏنو هجي، سو اچي. جيڪو ماڻهو باغ ڏي وڃي، شنيهن
تنهن ڏي رومڙ ڪن. هر ڪنهن کي ساه پيارو آهي، سو سڀ
ڀڄي پري ٿيا. اتي عالادين چنيسر ڏي ماڻهو اماڻيو
ته: مونکي شينهن ماري ڏي. چنيسر چيو ته: هيڏي
بادشاهي پئي اٿئي. آءٌ ڇو ماري ڏيان! مون هيترا
انصاف ڪيا، تو دودن تي چڙهائي ڪانه ڪئي، هاڻي تون
وڃي مار! عالادين چيو ته: آءٌ چڙهائي ڪريان ٿو،
اهو بادشاهي اقرار آهي. شينهن شهر ۾ ڪاهي پيا ته
ڪئين نقصان ڪندا. چنيسر سڌو ويو شينهن تي، اُنهن
جا مٿا جهلي، پاڻ ۾ ويڙهائي ٻئي شينهن ماري آيو.
چنيسر دل ۾ خيال ڪيو ته بادشاهي اقرار ڏنو اٿس
پاڻهي چڙهائي ڪندو، پر عالادين کي اها ڳالهه وسري
وئي هئي. چنيسر پڇيس ته: ڇو تون دودن تي چڙهائي
ڪانه ڪئي، جي چڙهائي نه ڪندين ته آءٌ سڄي بادشاهي
اونڌي ڪري ڏيندوسئين. تڏهن عالادين جنگ جي تياري
ڪئي. چنيسر به هن کي واعدو ڏنو ته: آءٌ پڇاڙي سوڌو
به توکان ڪونه ڦرندس. اتي عالادين فوج گڏ ڪرڻ لاءِ
خط لکيا:
عالادين خط لکيا، چئين ڏِسين چوڌار
اُتر کان آدمي وريا مغل سڀ پٺاڻ
اچو لهن ٿا پٽ تي زرين وارا جوان.
عالادين چيو ته: هاڻ ڏس. چنيسر چيو ته: اها منهنجي
نيرن ئي ڪانهي دودن تي ٿو چڙهائي ڪرين، اڃا ڪٽڪ گڏ
ڪر!
عالادين خط لکيا، چئينِ ڏسين چوڌار
هڪڙيون بندوقون بڇڙيون، ٻيا ڏڦا ڏور هڻن
اچو لهن ٿا پٽ تي، زرين وارا جوان.
چئين ته: هاڻي ڏس! چنيسر چيو ته: هاڻي تياري ڪريو.
گهوڙا گهوٽ پلاڻيا، سنڀري ٿيا ساڄا
پائي پير رڪيب ۾ گهوڙن گهوٽ چڙهن
اڳيان گهوڙا گاه کائين، پويان لڏ چٽين
ٿوري گهڻي ڏينهڙي اچي ’گونگڙي تڙ‘ لهن.
’ڍوليو‘ ۽ ’ڍڪڻ‘ ٻئي ڀائر هئا پاتڻي، تن کي
چنيسر چيو ته: لشڪر اُڪاري پار ڪر! پڇيؤن ته: وڃو
ڪيڏانهن ٿا؟ چنيسر چيو ته: دودن تي. ڍوليي ۽ ڍڪڻ
چيو ته: مون دودن جي پرپٺ ياري مڃي آهي. پهرين
اسان سان جنگ ڏيو پوءِ اڳتي وڃو. ڍوليو ۽ ڍڪڻ به
ٻئي پهلوان هئا. چنيسر خيال ڪيو ته منهنجو ته ڪوبه
ماڻهو هـُـن پاسي ڪونهي. ڍوليو ۽ ڍڪڻ ٻئي پهلوان
آهن، آءٌ نه ويس ته اِهي منهنجو سڄو ڪٽڪ درياء ۾
لوڙهي ڇڏيندا. ڍوليو ۽ ڍڪڻ پـُـور ڀرڻ آيا ته
چنيسر حڪم ڪيو:
وٺ وٺ ٿي ڍوليي ڍڪڻ تي، جيئن مڪڙ روهه وريا
ڪڪر ڪارونڀار جا، سج نه پئي سماء
ڍوليي چيو ڍڪڻ کي، هڻ دودل جا يار
ڌڙ تني جا ڌوڙ ۾، گڏهه وانگر ليٽن
وڌئون اُت ڍوليي ۽ ڍڪڻ کي به ماري.
ڍوليي ۽ ڍڪڻ به هنن جا ڪي لک ماريا هئا، پر نيٺ
انهن کي ماري ٻيڙا پنهنجا ڪيائون. ڪٽڪ اُڪاري
درياء مان هن پاسي ڪيائون. واٽ تي آيا پئي ته هڪڙو
ٻڪرار ٻٻر ڪلهي تي کنيو آيو، ٻڪريون پويان چرنديون
اچن. ٻڪرار چيو ته: ڏيو خبر، ڪيڏانهن ٿا وڃو؟
چيئون: وڃون ٿا دودن تي. چيئين ته: مون کان خبرون
وٺي پوءِ اڳتي وڃو. ٻڪرار، ٽارِي رکي، ٺهي جڙي چيو
ته: پهرين لڙائي آهي منهنجي، پوءِ اڳتي وڃو.
وٺ وٺ ٿي ٻڪرار تي، جيئن مڪڙ روهه وريا
ڪڪر ڪارونڀار ڏي، سج نه پئي سماء
مغل مريو ٿين ماندڙا، جيڪي پاڻي پاڻي ڪن
وڙهندي اُت ويرين کي ويڙو ڏينهن لنگهي
ڌڙ تني جا ڌوڙ ۾ گڏهه وانگر ليٽن
ڍونڍن ڍير لڳي ويو، وڌئون ٻڪرار کي ماري.
عالادين چيو ته: جيسين دودن وٽ پهچون تنهن کان اڳي
ڪو مون کي ئي ماري ڇڏيندو. چنيسر چيو ته: هاڻي رات
جو هلنداسون. رات جو چڙهائي ڪري اچي بڪار شهر وٽ
طنبو ڪلا هنيائون. هنن دودن ڏي خاطي اُماڻيو،دودو
وري ڀيٽون ٿو اُماڻي بادشاه عالادين ڏانهن. دودي
تياري ڪئي. ’مم ڳاهو‘ ڀڙ سالو دودي جو، سو ڀيٽون
ٿو ني. دودي چيو ته: مڙس هوندو ته موٽي ويندو.
گهوڙيون دودي گهرايون، بگڙيون ٻولاهيون
ڪن پڇ ته گهوڙين جا بيٺو جنهور سان جڙائي
ماڻهو ٺاهيو سان جا، بيٺو ٻانهون ٻڌائي
وڃ ممڳاها ڀيٽون کڻي اڳيان عالادين ڏي
گهوڙو گهوٽ پلاڻيو،سنبري ٿيو ساڄو
پائي پير رڪيب ۾، گهوڙي گهوٽ چڙهيو
ٿوري گهڻي ڏينهڙي اچي عالادين وٽ لٿو.
اتي عالادين دل ۾ خيال ڪيو ته: ههڙي مڙس سان وڙهڻ
واجب ناهي. عالادين جو طنبو جدا هو چنيسر جو طنبو
جدا. هاڻي چنيسر ڏانهن ٿو لکي:
گهوڙيون آهن بگڙيون، تيز منجهان تکيون
ڪن پڇ ته گهوڙين جا، جنهور سان جڙيل
ماڻهو ٺاهيو سون جا بيٺو دودو ٻانهون ٻڌائي
ههڙي مڙس سان چنيسر، وڙهڻ واجب ناهي!
چنيسر، عالادين وٽ آيو. چيئين: تو کي خبر آهي ته
اسين دودا سومرا ڀيٽون ڪنهن کي ڏيندا آهيون؟
عالادين چيو ته نه. چنيسر چيو ته: اسين ڀيٽون
ڏيندا آهيون لنگهي کي، توکي لنگهو ڪري سمجهيو اٿس.
چنيسر خيال ڪيو ته ڪاوڙ ڏياريانس، من وڙهي.
عالادين ڪاوڙجي پنهنجي ڪٽڪ کي چيو:
ڪن پڇ گهوڙين جا، ڇڏيو مرد سڀئي لاهي
وٺ وٺ ٿي ممڳاهي تي، جيئن ماڪڙ روهه وري
اهو مرد ڏيو ڦاهي، وڌئون ممڳائي کي به ماري.
ممڳاهو ماري، گهوڙين جا ڪن پڇ وڍي، لاش پيتين ۾
ڪـَـڙي، راتو واهه دودي ڏي روانو ڪيائون. چنيسر
رات پيٽ ۾ وڳهه وٽ ڇڏي ويو. صبح جو دودو اُٿي ته
اُٺ پيو چري. دودي اُٺ کي ويهاري، پيتي کولائي،
لاش ڏٺائين، دودي خيال ڪيو ته: خاطي ڪنهن ڪونه
ماريا، پر عالادين خاطي ۽ منهنجا ماڻهو ماريا. اتي
جوش چڙهيس. ننگر، ڀونگر سان گڏ راند تي ويو هو.
ٻئي ننڍڙا هئا. ڀاڳو ڀان، دودن جو مڱڻهار هو، ڀاڳو
ڀان کي دودي چيو ته:
ڪونڌر ڪنڌ کڻي، مٿي دودي ڳالهايو
وڃ ڀاڳو ڀان، مونکي ننگر نهاري آڻي ڏي
سـُـرندا ساز کنيائين، بيٺو ڪپر يار پڪاري
چل بابا ننگر ننڍڙا! توکي دودل پڪاري
سڻيو سڏ ڀاڳو ڀان جا، ننگر ڏائـِـي راند ڇڏي
تڙ تڪڙ ڪر ڪامَ ڪا، مونکي وار سڪائڻ ڏي.
ڀاڳو ڀان چيو ته:
وار سڪايون واٽ تي، متان عالادين اچي
چئي: عالادين اچي هڪڙو، ڀلي چاليهه چاڙهي
آءٌ به ڏيندو سئين مـُـڪن سان مغل سڀ ماري.
----
جـُـوتو يار ننگر جو، سؤ سوا به چون
جوتو يار ڀونگر جو، پنجاه جو به چون
لـُـنگهي يار ننگر جي، جنهن ۾ ٽؤنر يار ٽلن
پنجاهي ويس هڪڙو، زريءَ پاند زرڪن.
جڏهن ڪپڙا پائي بيٺا، تڏهن عالادين جو خاطي خط کڻي
اتان اچي لنگهيو، تنهن کان خبرون ٿا پڇن. ننگر
پڇيو ته:
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: ماڻهو عالادين جو، آهيان مغل پٺاڻ.
تڏهن ننگر چيو:
ڪر خبر خاطي، تنهنجا خط اِتي پڙهبا
چئي: خط ڏيندو سئين ڪينڪي، منهنجو اُجورو ڀڄي
ڪڍيو ننگر ڪاتي بيٺ مان، خاطي ڏي به وري
کوليو بڊوڪيون باکريون، خاطي خط بيٺو اُڇلي
پڙهيو پروانا پيءَ جا، پـُـٽ خط بيٺو اڇلي
وڃ خاطي! اٿئي ڏينهن گهڻا، ڏج سلام ابي کي.
ننگر کي خبر ڪانه هئي ته ڪو ممڳاهو مارجي آيو آهي،
سو چاچي جو سلام ٿو ڪري:
وار سڪائيندي واٽ تي، ڪيئين چاچي جو به سلام
اُٿي دانـَـهه دودي سومري، جهليو ننگر جو به سلام
دودي اُٿئي کان پوءِ اُٿي ساري خلق.
دودي کان سواءِ ٻئي کي حشمت ڪانه هئي جو ننگر جو
سلام جهلي. دودي چيو ته:
ابا! وڏن وڏاندري، آئي به تو مٿي
چئي: ڏنئي ڪانه ابل کي، مون کي ڏيندين ڪيئن
ڀاءُ ويو هـُـئي ڀر مان، جنهن کي وتئي نه واري
هاڻ هڻين ٿو هٿڙا، جڏهن آيو اُڙد چاڙهي.
دودو سڄو هارجي ويو ته ننگر پيءُ جو پاسو ورتو،
منهنجو طرف نه کنيئين. دودي چيو ته: منهنجو ٿيندين
يا پنهنجي پيءُ جو ٿيندين؟
ڪونڌر ڪنڌ مٿي کڻي، اُت دودي ڳالهايو:
ته مـِـٺو رت اَبل جو، ويندين يار ڦري
چئي: ڦـِـران ته ڦـُـرجي مران، وڃي ماڳهين مري
پوءِ به گڏ مرنداسون گدار ۾، سؤٽ به سؤٽن تي.
دودي چيس ته: پڳ آءٌ توکي ٿو ڏيان. ننگر چيو ته:
چاچا! پڳ ته آءٌ تنهنجي ڦاڙي ڪريان پرزا
تخت چاچا آءٌ تنهنجو، ڀڃي ڪريان تالان
ڪريان جنگ وڳهه ۾، منهنجا ماڻهو مجرا ڏسن
ڏنئي سڱ سونل جو، هاڻي لهيو لـُـڙ وڃن.
چاچي کان ٿي پنهنجي مڱ کان موڪلائڻ ويو ته جنگ جو
مـُـنهن آهي، اَلاجي وران يا نه وران! ننگر ڀونگر
ٻئي سؤٽ وڳهه گهمڻ جو بهانو ڪري ٿا وڃن.
چنبو چنبي ۾ ڏئي، هليا ٻيليئڙا ٻيئي
ٿوڻيون ٿنڀ ٿڙڪڻ لڳا، پيا پٽين ۾ واڪا
منجا نه جهلين بار، هندورن کاڌا لوڏا
سونل اُماڻي ٻانهي ته متان عالادين آهي
دانـَـهه آئي در تي، جنهن کان نڪري ٽهڪ ويو
نڪي عالادين بادشاه، ڪيڙو خير خدا
ننگر اٿئي ننڍڙو، جنهن کي لڏن ٿا لـُـڙڪا
ننگر اٿئي ننڍڙو، جڪيو وٽڙي کير پئي
سون ورايو سومرو، سونل! ور تنهنجو آهي.
سونل چيو ته: آءٌ ٻڌان ٿي ته منهنجو سؤٽ وڃي ٿو
جنگ تي، تنهن کي اورتي وٺي اچو ته آءٌ موڪلايان.
ٻانهين ننگر کي آندو. سونل چيو ته:
سؤٽ! وڃين ٿو ابل ڏي، تنهنجو پير ڪندو پرچاءُ
پاڻ مريد محي الدين جا، توکي ڪوسو نه لڳي واءُ
چئي: دانـَـهه ڌيءَ دودل جي، ادب ڪري ڳالهاءِ.
تڏهن سونل چيو ته:
سؤٽ! مون کي ڏج سنيهڙا سمورا ساري.
ننگر چيس ته: جنگ جي ميدان ۾ ٻي ته ڪا سوکڙي تو ڏي
ڪونه اُماڻيندس، باقي.
چوڏهين رات جو ڏسجئين، ترارين جا تجلا.
ننگر مڱ کان موڪلائي هليو، پر دل ۾ خيال ڪيئين ته
جيجل ماءُ کان به موڪلائي وڃان. سو آڌيءَ رات جو
چاچي کان چوري ماءُ کان موڪلائڻ ويو.
ڏيو آڌي اڌ رات جو، جيجل ننگر جاڳائي
ٻٽيهه ڌارون ٿڃ جون، جيجل بخش ڪجان.
ماءُ چيو ته:
پني ورتو مئين پيرن کان، توکي ڏاتر هٿ ڏنا
تنجيو هئم ترارين لاءِ، توکي دُڪا ڪين وڌا
وڃين ٿو ميڙ ابل ڏي، تنهنجو پير ڪندو پرچاءُ
وڍجئين واڳ طنبوءَ جي، مڙس ٿي مرجان.
دودو ۽ ننگر چنبو چنبي ۾ڏيو ٻاگهل وٽ آيا. هاڻي
ٻاگهل ٿي دودي کي چئي:
ڪانئر ٻاريندي ڪينڪي، ڇو وڌي اٿئي ڇوڪر؟
تڏهن ننگر ڪاوڙ مان چيس:
رن! ڄمندي مري وڃين ها، راڄ رُلايو تو
مڙس ڏيندوسئين سومرو، جيڪو ماري ڀڃندئي ڀون.
پوءِ به قبر سان لائون ڏياريندوسئين، متان سمجهين
ته مغل کي سڱ ڏئي ايندس. اتي ٻاگهل چيو ته: ڇا
ڪالهوڪو ڇوڪرو ۽ ڇا مونکي مهڻو ۽ طعنو هنيو آهيس.
تڏهن ٻاگهل ٿي چئيس:
ڪاريءَ تي پير پوئي، مونکي اهڙا ويڻ هنيئي
ويندين ميڙ ابل ڏي، تون جيئرو ورندين ڪيئن
ايندين کهنبن ۾ کڄي، آءٌ اکين سان به ڏسئين
ننگر جوش ۾ آيو، چاچي کي چيائين ته: آءٌ ڪيئن به
لڙائيءَ تي ويندس، مونکي موڪل ڏي، پر ٻڌاءِ ته
ڪهڙي ڏينهن لڙائي شروع ڪريون! دودي چيو ته:
ڇنڇر ڏينهن چڱو ناهي، آچر نه چڙهجا
آچر ڏينهن چڱو ناهي، سومر نه چڙهجا
سومر ڏينهن چڱو ناهي، اڱاري نه چڙهجا
اڱاري ڏينهن چڱو ناهي، اربعا نه چڙهجا
اربعا ڏينهن چڱو ناهي، خميس نه چڙهجا
خميس ڏينهن چڱو ناهي، جمعي تي چڙهجا.
دودي چيو ته: جمعي ڏينهن پهر جو ٽاري پوءِ ڀلي جنگ
تي چڙهجانءِ. اتي ننگر جي ماءُ ڊوڙي آئي آهي، سا
دودي کي ٿي چوي:
اندر آرام مونکي نه اچي، آنڊن ولوڙا
گاهه پاڻي تنهنجن گهوڙن ڏيان، ماڻهن ميدا ڏيان
ننگر مارائيندين ننڍڙو، ولهي ڪندين نياڻي
دودا وڳهه ڪوٽ ۾، سـُـڃ سـِـٽي ٿئي هاڻي.
ننگر چيو ته: دودا! اول لڙائي تي آءٌ چڙهندس، آءٌ
مارجي ويس ته پوءِ تون چڙهندين. دودي پٽ جي پارت
ننگر کي ڪئي ته:
سؤٽ هلئي ٿو ننڍڙو، جنهن جي پارت اٿئي گهڻي
دعا ڪندو سانوَ دل ۾، ٻي عمر ڏيندو رب گهڻي.
ننگر چيو ته:
گڏ مرنداسون گدار ۾، سؤٽ به سؤٽن سان.
انهيءَ ڳالهه جو ڪوبه فڪر نه ڪر، آءٌ سؤٽ اڪيلو
ڪونه مارائيندس. ننگر لڙائي جي تياري ڪئي، پنجاهه
يارن سان.
ڀورو هاٿي راورو، نر ڀونگر جو ڇوڙي اچو
زير گاديون گلم، جن جي مٿان پوش وجهو
چـِـمڪي گهوڙي منهنجي، اوهين ڇوڙي يار اچو
پنجاه کنيئين ٿي پاڻ سان، نر هڻيو نعرو
ننڍي وڏي وائي وات ۾، بيٺا ’علي علي‘ ڪن
پائي پير رڪيب ۾ اُتي گهوڙن گهوٽ چڙهن
آيل پرتي الله کي، متان، جيجل ٿئي جوڳياڻي
سکيون ڏکيون ڳالهڙيون، مڙئي روح ۾ رهيم
پهرين ميزل مير جي ٿا ’جويا‘ شهر چون
ٻي ته ميزل مير جي ٿا ’مـُـهراڻو‘ به مـَـٽين
ٽي ته ميزل مير جي ’گونگڙي تڙ‘ لهن
چوٿين ميزل مير جي، ٿا ’ويرا واهه‘ لهن
اچو لهن شهر ’بڪار‘ ۾، دوست وجهيو ديرو.
شهر بڪار ۾ آيا ته بڪار جي مـُـکي ڊوڙي اچي ننگر
کي دانهن ڏني ته: عالادين جي لشڪر اسان جي سڃ وجهي
ڇڏي آهي. لولي لـُـوڻ ڪونه ٿا ڇڏين، ماڪڙ وانگر
سڄو شهر ڦريو وڃن. ننگر چيو ته: هاڻي جڏهن اچن
تڏهن مون کي ڄاڻ ڪجئين، پر ڪٽڪ جو شمار ڪيو اٿئي؟
چئي: سائين! لشڪر جو شمار ڪونه ڪيو اٿم، باقي جيڪي
ڪم ڪار وارا تن جو شمار بنديءَ تي لکي ڇڏيو اٿم.
ننگر چيو ته: ٻڌاءِ! تڏهن مکيءَ چيو ته:
نو لک لوهارن جا، جيڪي تراريون جوڙين
اٺ لک واڍن جا، ڪاٺ ڪـِـلو کوڙين
ست لک ڪنڀارن جا، ماٽيون مٽ جوڙين
چار لک پخالين جا، پاڻي ڀريو پهچائين.
مکي وڃي وري اڌ مان موٽيو ۽ ننگر کي چيائين ته:
آيا آهن، نيڻو وارو هٽ ڦري، اچي ٺاڪو واري تي بيٺا
اٿئي. ننگر يارن کي چيو: مارجونِ نه، متان منهنجو
پيءُ ڪاوڙجي پوي ۽ نه پرچي. سو لانگها شهر جو جهلي
بيٺا ته مغلن کي ’ها ها‘ ڪري ڇڏجي، جيئن وري نه
اچن. ننگر جي يارن هنن کي شهر مان تڙي ڪڍيو. ننگر
بيٺو هو دروازي تي، سو هنن کان پڇندو اچي:
ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، اوهين ڪهڙي ذات جوان؟
چئي ماڻهو عالادين جا، ڦريون شهر بڪار.
تڏهن ننگر چيو ته:
ڀلي ڦريو شهر بڪار جو، نر نبيريو پوءِ
پوءِ مـَـٽ گڏيا مـَـٽن کي، جن جون کڙيون پٺيءَ
لڳن.
ننگر، ماڻهن کان پڇيو ته: آءٌ بابي ڏي گهڻن ڏينهن
۾ پڄندس. ماڻهن چيس ته: جي ڏاڍي گهوڙيون ڪاهيندي
ته گهوڙيون ويندئي مري، پوءِ جي هري هري ڪاهيندين
ته ستين ڏينهن وڃي رسندين.
ننگر چيو ته يارن کي، اوهين پلاڻيو گهوڙا
گهوڙا گهوٽ پلاڻيا، سنڀري ٿيا ساڄا
پائي پير رڪيب ۾ گهوڙن گهوٽ چڙهن
تيزن پير تکا ڪيا، جهليئون لال لغام
السلام عليڪم سپرين، وعليڪم سلام.
عالادين جي پٽ ڀڙ سالار ننگر کان پڇيو ته:
سـَـل سچي ڪر ڇوڪرا، تون پرڻيل ڪي ڪنوارو؟
ننگر چيو ته:
ڇوڪرا ڇڏيا اٿئي دليءَ ۾، ٻيا ڇوڪرا اٿئي ساڻ
اچ ٿورو اورتي، کارايئين ڏيهه سندا پڪوان.
ڀڙ سالار جي ايتري حشمت ڪانه ٿي جو اُٿي ننگر جي
سلامي جهلي يا هٿ ڏئي. ننگر سلام به پاڻ ورايو هو
۽ جهليو به پاڻ هو. اتي ماڻهن ڊوڙي وڃي عالادين کي
چيو ته: آهي دودو پاڻ، جو اسان کي ايتري حشمت ڪانه
ٿي جي اُٿي سلام جهليون. اتي عالادين چنيسر کي
لکيو ته: تو چيو ٿي ته هڪڙو دودو آيو آهي، پر هي
ته سڄي ڪٽڪ سان آيو آهي، منهنجي لشڪر جي حشمت ئي
ڪانه ٿي جو رڳو سلام اُٿي جهلي. هاڻي منهنجي الله
واهي اٿئي دليءَ ڏي. اتي چنيسر آيو عالادين وٽ، ان
کي چيائين ته: جيڪي آيا آهن، سي آهن دودن جا دايا.
اتي عالادين چيو ته:
پنج سؤ ماڻهن جا ڏيئين، مونکي دايا داڳائي ڏي
چئي: پنج سؤ ماڻهن جا رڳو ٿڦڙن سان مارين
دايا داڳبا ڪينڪي، هي دليءَ کي داڳين
چئي: ڏهه سؤ ماڻهو ماڻهو ڏيئين، مونکي ڇوڪر داڳائي
ڏي
ڏهه سؤ ماڻهن جا رڳو مڪن سان مارين
ڇوڪر داڳايا ٿيندا ڪينڪي، هي دليءَ کي داڳين
اهي ڀڃي در دليءَ جا، ڪـُـرف ڪڙا لاهين.
چنيسر چيس ته: اهو ننگر اٿئي ننڍڙو جيڪو وٽئين کير
پئي، جنهن جي دڙڪي کان تو کڻي دليءَ ڏانهن
اڳياڙيون ۽ وڳهه ڏانهن پڇاڙيون ڪيون آهن.
پائي پير رڪيب ۾، اُتي گهوڙن گهوٽ چڙهن
السلام عليڪم سپرين، وعليڪم سلام.
چنيسر جو يار گوهرو پٺاڻ، تنهن ننگر جو سلام
جهليو، ٻئي ڪنهن کي حشمت ڪانه ٿي. گوهرو پٺاڻ،
ننگر کي چيو ته:
سل سچي ڪر ڇوڪرا، تون پرڻيل ڪي ڪنوارو؟
چئي: ڇوڪر ڇڏيئي دليءَ ۾، ٻيا ڇوڪر اٿئي ساڻ.
ڏٺئين ائين ننگر سچي نه ڪندو، سو چيائينس ته:
سل سچي ڪر سومرا، تون پرڻيل ڪي ڪنوارو؟
چئي: چاچا! اهو هڪڙو سور اٿم، منهنجا ساز سڙن
ٻيو سور اهو اٿم وني منهنجي ونواه ۾، پئي نٿي
پاڻي.
ٽيون سور اهو اٿم منهنجا دعوتو خان رهيا
چوٿون سور اهو اٿم منهنجا ڳاڙها دهل بيٺا
پنجون سور اهو اٿم منهنجا ڇنا يار ڊٺا
وڃان ٿو ميڙ ابل ڏي، منهنجو پير ڪندو پرچاءُ.
گوهرو پٺاڻ چيو ته:
ابا! پڻهين ڪونه پرچندو، جنهن ڏاڙهي قول ڏنا
ماٺ ڪري وڃي ونڙي ماڻ جنهن جا ميندي هٿ رتا.
ننگر چيو ته: چاچا! مون کي پار بابي جا ڏي، ڇو ته
آءٌ ننڍڙو هئس تڏهن بابو ڪاوڙجي ويو هو. هاڻي
الاجي سڃاڻان يا نه سڃاڻان. چئي: ابا!
سائو ڀالو هٿ ۾، ميناڪاري پيچ
ڪارو طنبو نـِـر جو، جيڪو سڀني کان نروار.
انهن پارن ۾ پڻهين هوندو، وڃي ڏسي اچينس. اتي ڀاڳو
ڀان کي چيئين ته: تون هلي ڏس ته بابو ڪهڙن پارن ۾
ويٺو آهي، آءٌ اچان ٿو پٺيان. جڏهن ڀاڳو ڀان طنبو
۾ ويو، چنيسر ستو پيو هو. ڀاڳو ڀان سلام ورايو ته
چنيسر ٽپ ڏيئي اٿي ويهي رهيو. اتي چنيسر ڏاڍو خوش
ٿيو ته هتي ڀاڳو ڀان آيو ڪيئن، سو خبرون ٿو پڇي:
چڱيون ڀليون منهنجون راڻيون، چڱو ڀلو دودل ڀاءُ
ڪر خبر ڀاڳو ڀان، چڱو ڀلو منهنجو ننگر راءُ.
ڀاڳو ڀان چيو ته:
چڱيون ڀليون تنهنجون راڻيون، چڱو ڀلو دودو ڀاءُ
ڇوڪر ڇڏيو هئئي ننڍڙو، چڱو ڀلو ننگر راءُ
سو پائي پير رڪيب ۾ گهوڙي گهوٽ چڙهيو
ڪاهي پيو اٿئي ڪٽڪ ۾، جتي ڪيهر ڪلها موڙي.
چنيسر کي ڪاوڙ اچي وئي ته پنهنجي ڪٽڪ ۾ وڃي ڪلها
موڙي، منهجي ڪٽڪ ۾ ڇو ٿو ڪلها موڙي. ڪاوڙ مان ٻه
ٽي موچڙا ڀاڳو ڀان کي هڻي ڪڍيائين. تيسين مٿان
ننگر به پنجاه يارن سان اچي ٺڪاءُ ڪيو. ننگر
پنهنجي پيءُ چنيسر کي چيو ته: بابا! منهنجو وناهه
ٻڌو پيو، مڱ وناهه ۾ ويٺي آهي. تون ڪاوڙ ڇڏي هلي
پرچ. چنيسر چيو ته: ميڙ وٺي آيو آهين، منهنجي تو
سان ڪاوڙ ڪانهي. هلون ٿا عالادين وٽ، اهو توسان
پرتو ته آءٌ اڳي پرتو پيو آهيان. چنيسر ڦيرو ڏئي
عالادين کي چيو ته اهي اٿئي دودن جا اڳواڻ. انهن
ٻاگهي جو سڱ قبول ڪيو ته دودو ٻي ڪانه ڪندو. خيال
ڪيائين ته عالادين سڱ گهرندو، هي ڏيندا ڪين. جنگ
ائين ئي لڳندي، هونئن لڳندي ڪانه.
نماز پڙهي فارغ ٿيا، تڏهن عالادين ٿو مسجد ۾ ننگر
۽ ڀونگر کان سڱ گهري.
ڀائر پرچو پاڻ ۾، مونکي ٻاگهيءَ سڱ ڏيو
پـَـٽ پهرايان سومرن، ٻي جهجهي ڏيانوَ ڀـُـون.
پيا وليو ۽ کائو. ننگر دل ۾ خيال ڪيو ته هي ته
اسان کي گار ڏئي ويو. تڏهن ڀونگر کي چيائين: ادا!
تون جواب ڏينس. مسجد ۾ ننگر ۽ ڀونگر ٻه ڄڻا هئا،
ٻيا پنجاهي ڄڻا لوهيڙي واهه تي طنبو هنيو ويٺا
هئا. مسجد ۾ ٻيو رڳو ڪٽڪ عالادين جو هو. اتي ڀونگر
وري ننگر کي چيو ته: ادا! تون جواب ڏينس، وڏو
آهين. آءٌ ننڍڙو آهيان متان مون کان غلط جواب اچي
وڃي. تڏهن ننگر جواب ڏنو ته:
مکڻ سـُـونهي منڌيءَ ۾، ڌونرو سونهي لاٽ
تون ترڪ اسين سومرا، اها جوڙ به ڪين جڳاءِ
وڏاندري تنهنجي ڌيءَ دادلي، منهنجي ڀونگر موڙ
ٻڌاءِ
وڏاندري تنهنجي ڀيڻ دادلي، منهنجي محمد موڙ ٻڌاءِ
چاچي ماسي تنهنجي، منهنجي پنجاه يار پرڻاءِ
سڳي تنهنجي ماءُ، منهنجي ڀاڳو ڀان پرڻاءِ
تون گهرين هڪڙي، آءٌ گهران سؤ سوا.
اتي عالادين بادشاه کي ڏاڍي ڪاوڙ چڙهي وئي. يڪدم
ماڻهو موڪليائين هنبل پٺاڻ کي.
عالادين ماڻهو موڪليو، هنبل پٺاڻ مٿي
سٺ ڇـَـلـِـي پاڻ سان، جيڪو چغدي ساڻ چڙهي
اچي بيٺو موهر تي بيٺو ’ننگر ننگر‘ ڪري
ساريو حضرت شاه کي، ننگر پهرين چوٽ چڙهي
وٺ وٺ ٿي ننگر تي، جيئن ماڪڙ روهه وري
ڪڪر ڪارونڀار ڏي، سج نه پئي سماء
سنڀالي پنهجي پير کي، ننگر ڀڙ اُڇلايو ڀالو
مغل ماري ماندڙا، جيڪي پاڻي پاڻي ڪن
وڙهندي اتي ويرين کي، ويڙو ڏينهن لنگهي
ڪاهيو پوي اُڙدن ۾، جيئن پورب واءُ لڳي
ننگر هٽي ٿو ڪينڪي، ڄڻ درياه دؤر ڪري
اُڪاريو وڃي مـُـهاڙا، ڪري پڙ واندو
سسيون تن صوبن جون لوهيڙي منجهه لڳن
کڻيو ننگر پنهنجي هٿن سان نيزي پاند رکي
ڌڙ تني جا ڌوڙ ۾ گڏهه وانگي ليٽن
نديون نير پلوٽيون، وڳهه ڏي ڪڙڪن
چوٿين ڏينهن واندو ٿيو، ڇڏيئين اُڙد ماري
ساريو حضرت شاه کي بيٺو ڀالي ڏور ٻڌي.
----
3- علي محمد لغاري (تعلقو گوني) جي کنيل ڳالهه
[اسان هيءَ ڳالهه مرحوم شاعر سوني خان لغاري جي پٽ
علي محمد لغاري جي زباني 7- ڊسمبر 1958ع تي قلمبند
ڪئي. علي محمد ۽ سندس ڀاءُ عيسي هيءَ ڳالهه يڪتاري
۽ دلي تي کنئي. چيائون ته سندس پيءُ سونو خان وڏو
سگهڙ ۽ شاعر هو، سو پاڻ هيءَ ڳالهه کڻندو هو. هيءَ
ڳالهه اڻپوري آهي ۽ ننگر جي جنگ تي چڙهڻ واري
واقعي کان شروع ٿئي ٿي. ڪٿي ڪٿي بيت به اڻپورا آهن
۽ ڄڻ جدا جدا بيتن جون سٽون ملائي بيت پورا ڪيا
ويا آهن.
ن - ب[
اول نام الله جو، ٻانها ٻيء نه لڳ
لڳ انهي جي آسري، جنهن جو سارو جڳ.
ري ٿنڀين، ري ٿوڻيين، جنهن عرش اڏايو اُڀ.
---
ڪلر ويري ڪوٽ جو، مڇيءَ وپرياڻي ڄار
مڙس ويرياڻي نـِـنڊ چون، زال ويري سينگار
کوءِ قراري(1)
ڪامڻي، کوءِ لـَـلـهاڪو ٻار.
---
سانوڻ سـُـوئا نه مري، مري نه هاري ڏاند
ڳوٺ وڏيرو نه مري، مٿي جنهن مدار
هاٿي هرهياڙو نه ٿئي، سڃو نه ٿئي سردار
اهي پنجئي ئي ٽول ٻن پيا، توڙي حاصل ٿين هزار.
---
اول نام الله جو، جنهن نه جيڏو ڪو
پاڪ ڌڻي پيدا ڪيو، محمد مير مٺو
چارئي يار رسول جا، ڪيائون صدقا ساه پساه
پارس پنجتن پاڪ پيارا، اعليٰ نور هئا
حسن حسين حمايت ٿيندا، والي قيامت جا
پـِـير پيرن جو پادشاه، جنهن جو قدم ولين تا
ماڻهو، مـَـلڪ، جـِـن، ديو، پريون پرور پيدا ڪيا
هاڻي هوندا سي ايمان سا، ڪلمون جي ڪهندا.
دودي ڏي عالادين بادشاه جي جنگ جو ڪاغذ چنيسر وٽان
آيو:
رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو ئي تارو
خوني خط خلل جو، کڄي در وِڳـَـه آيو
دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻولايو
راڄ رنيون ٿي سومريون، جڏهن دودل ڪيو سعيو
ڀائر مڙي ڀيڙا ٿيو، مون تي عالادِي(1)
آيو.
اهو لڙائي جو اطلاع ٻڌي دودي ننگر کي گهرايو:
اٿم لک لشڪر جا، هـَـنباري ڌاري
ننگر آهيم ننڍڙو، مير مـُـنجهان چاڙهي
دودي دوسـُـو موڪليو، اَچ ننگر نهاري
دوسو ڀڳو تڪڙو، بيٺو ڪـَـپر ڪـُـوڪاري
ننگر ساڻ پنجاهه جي، بيٺو ڏائـِـي راند رهي
ڇڏ ننگر ننڍڙيان(1)
کي، توکي چاچل ڪوٺائي
وِير ته وهنجڻ ڇڏيو، بيٺو ڏائي راند ڇني
ڪـُـڏيو ڪري ٿو ڪپڙا، پنهنجي يارن کي چوي:
يار! ته پرتؤ رب کي، مونکي اڄ چاچل ڪوٺائي.
ننگر آيو ۽ اچي پيءَ جو خط پڙهيائين:
تـَـرس، تڪڙ ڪر ڪامَ ڪا، مونکي وار سـُـڪاوڻ ڏي
وار سڪائيندي آيو، ڪيائين دودل جو به سلام
اٿي دودي سومري، جهليو سڄي هٿ سلام
چاچا! ڪر حقيقت حال جي، ڇا لکيا چنيسر ڄام
لکيا چنيسر مير جا، ننگر کي ٿو ڏي
پڙهيو پروانا پيءُ جا، ننگر ڦاڙيو خط ڇڏي.
چنيسر کي ٻه پٽ هئا: محمد وڏو ۽ ننگر ننڍو،
پهريائين پيءَ چنيسر جو پاسو کڻي دودي وٽ ايندا
ويندا ڪين هئا، پر دودي پوءِ پنهنجي ڌيءَ سونل جو
سڱ ننگر کي ڏنو، تڏهن چاچي کي خير خواه سمجهي وٽس
اچڻ لڳا. اهو خيال ڪري، دودي ننگر کي چيو ته: ابا!
جنگ چڙهندين پر متان پيءَ جو پاسو وٺي ڦري وڃين!
تنهن تي ننگر کيس خاطري ڏني:
مـِـٺا رَت اَبن جا، متان ننگر پئيم ڦـِـري
چئي: ڦـِـران ته ڦـُـرجي وڃان، چاچا! ويندس ماڳ
مري
سڱ ڏنو اٿئي سونل جو، ويا لـُـڙ لـُـهي
سـُـوڙهه نه ڏجئين سومري، متان ڪچي سـِـيل ڪرين
چاچا! لاهج ننگر تؤ آسرو، ايندءِ وڳه ڪين وري.
ننگر جي جنگ تي چڙهڻ جو ٻڌي سندس ماءُ دودي وٽ
دانهون ڪندي آئي.
آئي ماءُ ننگر جي، ريهون ڪري راڻي:
سهجئون ڏاج ننگر جا، مون رڱايا هاڻي
دودل! مان سان ڪيئن ڪندين، سـُـڃ هيڏي هاڻي!
وَني جنهن جي وناهه ۾، پيئي نٿي پاڻي
ناٺي مارائي ننڍڙو، پنهنجي وِلهي ڪندين نياڻي.
تڏهن ننگر ماءُ کي جواب ڏنو ته:
آءٌ ته مران قربان ٿيان، منهنجو چاچل نا به مري
چاچي مـُـئي کان پوءِ اوهان سڃيون ڪندؤ سـَـڀي.
اهو ٻڌي دودو سرهو ٿيو، ۽ ننگر کي گهوڙو ڏنائين ۽
پنهنجي سروپاء پهرايائين، ۽ چيائينس ته وڃي پنهنجي
پيءُ کي پرچائي وٺي اچ ته جنگ ٽري، ۽ تون اچي پڳ
ٻڌ.
اتي ننگر چوڻ ڪيو، تڏهن ريڌو مٿس راء
گهوڙو گهوٽ کي بخش ڪيائين، ٻي سونهري سروپاءِ
ابا! پيءُ پرچائي اچ پانهنجو، هيءَ پاڳ به تنهنجي
آهه.
ننگر جو جواب دودي کي:
چئي: چاچا! مصلحت مورکن جئن تو کان وئي ڪچيءَ
ڇڏائي
نه ته ڀاءُ رُٺو هـُـئئي ڀـَـر مان، تنهن کي ورتئي
نه پرچائي
هان هڻين ٿو هٿڙا، جڏهن آيو عالادي ڪاهي!
آءٌ هڻان ته عالادين کي چؤرنگ منجهه ڇڙهي
پر سـُـوڙهه نه ڏجان سومري، متان ڪچي سيل ڪرين
چاچا! لاهج ننگر تؤن آسرو، ايندءِ وڳه ڪين وري!
اتي دودي جو پٽ ڀونگر جو ٻاهر هو، سو اچي پهتو ۽
پيءُ کان پڇيائين ته:
ابا! سؤٽ ننگر کي، مـُـنجين ٿو ڪاڏي
چئي: سؤٽ وڃئي ٿو جنگ تي، سو وريو ڪين وري
چئي: آءٌ پڻ ويندس اوڏهين، جيڏنهن سؤٽ وڃي
هڏ ڏوکي اٿس ڪونڪو، جي آئـِـي مهل لـُـڏي
(1)
اسين گڏجي مرون گـَـدار(2)
۾، ٻئي سؤٽ به سوٽن تي.
ڀونگر ننڍو هو، تنهن کي ننگر سمجهايو، پر ڀونگر
چيو ته آءٌ به گڏجي جنگ تي هلندس:
ڀونگر! آهيين ننڍڙو، اڳيان ديوَن دَز پوي
چئي: ادا! ننڍا وڏن جي آسري، هلن ڳاٽ ڳـچـين لائي
هڏ ڏوکي اٿوَ ڪونڪو، جو آئيءَ مهل لڏي
پاڻ گڏجي مرون گدار ۾، ٻئي سؤٽ به سؤٽن تي.
پوءِ ننگر ڀونگر ٻئي هٿ ۾ هٿ ڏيئي اُٿيا ۽ تياري
ڪرڻ لڳا ته آڏو ٻاگهي ساڻن ڳالهيو:
ننگر ڀونگر پاڻ ۾، هليا چنبو چنبي ڏيئي
امر ساڻ الله جي، تن کي ٻاگهي مـُـنهن پيئي
ٻاگهي ڏنن مهڻو، اهو طعنو تپائي
ته: دودا! ڇوڪيئي ڇوڪرن سان، تو ڪانئر ٻاري ڪانه!
تڏهن ننگر کيس وري ورندي ڏني:
ڪـُـونهـَـر(1)
ڪنڌ مٿي کڻي، ڳوڌي ڳالهايو
ڄمندي، ڇو نه مـُـئين، ڙِي رن! راڄ رلايو تو
مڙس ڏيندوسئين سومرو، نه ته ”ماروئڙي“
(2)
جي ڀون.
تڏهن ٻاگهي به ڪاوڙ مان چيس ته:
ننگر! پاراتو ڏيئين، ٻيئي تان هٿ کڻي
وڃين ٿو مـُـنهن مغل جي، تون وريو ڪونه ورين!
تڏهن ننگر آڏو جواب ۾ چيس ته:
وڃان ٿو منهن مغل جي، رن! مٿي مون هي مون
اسان مـُـئي کان پوءِ جنڊ ڇڪيندينءَ تون
سچيون ڪندينءَ سلطان سان، جيڪو ڀري ڏيندءِ ڇٻيون.
تڏهن دودي ڪـُـڙهه مان ڀليون گهوڙيون گهرايون ۽
انهن کي جنگ لاءِ تيار ڪرايو:
ٻاٻـِـيهيون، ٻولاهيون، ٿو دودو گهوڙيون گهرائي
ڪن پڇ تن گهوڙين جا، دودو ميندي رڱائي
لعلون لغامن ۾، دودو موتي مڙهائي
پٽ پٽيهر بافتا، دودو جـَـنهور جـَـڙائي
ساز سڀن گهوڙين جا، دودو هيرو هارائي
ڀيٽِ(3)
مـُـنجي ڀڙ ڀاءُ ڏي، ننگر سانباهي.
ننگر جي جنگ تي چڙهڻ جو ٻڌي، سندس مڱ سونل جا
وناهه ۾ ويٺل هئي، تنهن دائي کي موڪليو ته سڏي
اچوس:
سونل ماڙهو موڪليو، منهنجو ننگر آءُ سڏي
وٺي آئي پاڻ سان، گولي ساڻ گڏي
ست ورهيه سومري کي، ڏٺو نه هـُـئين ڪـَـڏي
ايندي ڏٺائين اوڏڙو، جانب کي به جڏهي
تڏهن ڪري پئي پٽ مٿي، جنهن کي ويئي سار ڇڏي.
---
حور آئي جڏهن هوش ۾، تڏهن نيڻين نهاري
پاڻي پاڪ اکين مان، ڍاٽـِـي لئي ڍاري
مري وينديس مينڌرا سوڍل! تو ساري
پوءِ وڃج تون جنگ تي، پهرين وجهـُـه مـُـٺيءَ کي
ماري.
تڏهن ننگر چيس ته:
جنگ کي وڃان ڪينڪي، ٿو اچان بابل کي پرچائي
ميندي جا محبت جي، مون کي لعل اچي لائي
سڀيئي سميون سومريون، ڳيچ چڱا ڳائي
اچي پاڻ هٿن سان، مون کي بابل پرڻائي.
تڏهن سونل وري چيس ته:
ننگر! نام الله جو، مون سان ساري سچي ڪر
ٻيو اٿئي سـُـنهن رسول جو، جيڪو پاڪ پيغمبر
ٽيون اٿئي قسم قرآن جو، جيڪو اعليٰ آهي اپر
چوٿون چئن يارن جو، توکي سـُـنهن ڏيان ساجهر
پنجون پنجن تنن جو، جيڪي ڪـُـڏايا قادر
ڇهون ڇـُـڳيرنِ جو،جيڪي چاچا پيغمبر
ستون صحابين جو، جيڪي اعليٰ نور اپر
هاڻي سـُـل سچي ڪر سومرا، جيڪا اٿئي منجهه اندر.
---
هاڻي وڃين ٿو جنگ تي، جانب منهنجا جت
ڳجها پالها پانهنجا، مان ڏي لکجو خط
ته پڙهي پروڙيان، ڳالهڙي، اچي هنئين فرحت
چئي: واهه نـِـي وَهندءِ واهڙيون، جڏهن روپاه
وهندءِ رت
تڏهن ڀانئج مير ننگر جا، اڄ مان ڏي آيا خط
پڙهي پروڙج ڳالهڙي، اچئي هنئين فرحت.
جڏهن ننگر کيس پنهنجي مرڻ جو اهڃاڻ ڏنو ته سونل
چيو ته: آءٌ به مردانا ڪپڙا ڪري توسان گڏ جنگ تي
چڙهنديس.
ننگر! نام الله جو، هڪ منهنجو سڻ تون ڪم
ڪري مردانا ڪپڙا، تن کي ڪارو ڏيان رڱ
ترار ڪريان هٿ ۾، تازي ڇڪيان ٿي تنگ
مردن جي ميدان ۾، هلي ڪريان راماڻا رنگ
دشمن ماريان تو سندا، ويرين پائي ونگ
آءٌ مران، قربان ٿيان، تو جـِـئين منجهه جڳ.
---
ٻانهي! ڀڃي ڪڍ مون سندا، هي ڪنگڻ ۽ ڪڙيون
سڄڻ سفر هليا، جنهن سان هـُـئم جيءَ جـَـڙيون
ٻيا ته ڀڃي ڪڍ مون سندا، هـُـو جي وينڊا ۽ واليون
سڄڻ سفر هليا، جنهن سان ڳجهيون هيون ڳالهيون.
---
ٻانهي! ڀڃي ڪڍ مون سندا، هي جي ٻيڙا ۽ ٻانهي
سڄڻ سفر هليا، هن وِلهي جا واهـِـي.
---
ٻانهي! ڀڃي ڪڍ مون سندا، چندن ۽ چوڙا
سڄڻ سفر هليا، آءٌ ويٺي رت رُئان.
---
ٻانهي! ڀڃي ڪڍ مون سندا، پنڙا منجهؤن ڪـَـن
ماڻهو شهر وڳه جا، سڀ سڏيندم رن.
پوءِ ننگر پنهنجي ماءُ کان ٿڃ بخشائڻ ويو:
امڙ! توکي ٿو چوان، مون کي بخش ٽيهه ٿڃن
چئي: ابا، مائرن ٿڃيون بخشيون، پنهنجي کي به پٽن
پٽن حق بخشيا، پنهنجي کي مائن
زالن حق بخشيا، پنهنجي کي مڙسن
مڙسن حق بخشيا، پنهنجي کي زالن
هڪ خبر انهن کي، جنهن جي وَلر کان به وڃن
ٻي خبر انهن کي، جن جي ڇانگن مان به ڇڄن
ٽي خبر انهن کي، جن جا وڇڙيا يار وڃن.
پوءِ ننگر، ڀونگر ۽ امراء ۽ لشڪر سان گڏجي چڙهيو:
وجهي پير رڪيب ۾، گهوڙي گهوٽ چڙهيا:
پهرين منزل ڪري اچي ’وڏڙي واهه‘ لٿا
ٻي منزل ڪري اچي ’وڏي ڍنڍ‘ لٿا
ٽي منزل ڪري اچي ’موراڙي‘ به لٿا
’موراڙي‘ تنهن وچ ۾، آڻي خان طنبو کوڙيا.
موراڙو مـَـٽي اچي لٿا ته ڪو قاصد ويندو ڏٺائون،
جنهن کان خبرون پڇيائون:
چون يار ننگر جا، ڪو رهبر پيو وڃي
اُٿيا يار ننگر جا، آيا خاطي کـَـنڀاٽي:
ڪر خاطي خبرون، ڪنهن جا خط کنيئي
چئي: خط چنيسر مير جا، ويندا وڳه ڏي.
ننگر خاطيءَ کان چنيسر جو لکيل خط ورتو ۽ پڙهيو:
خط ته ڏئيم اَبل جا، هـِـت پروانا پڙهبا
خط ڏيندوسئين ڪينڪي، منهنجا اَزُورا(1)
ڀڄندا
خان وجهيو هٿ کيسي ۾، مـُـهرن مـُـٺ ڀري
چٺيون چپاٽيون چـَـم جون، ساريو بـَـڊوکا(2)
ڏئي
پڙهيو پروانا پيءَ جا، ننگر ڦاڙيو خط ڇڏي
وڃ خاطي! اٿئي ڏينهڙا، نه ته ڇڏيانءِ مارائي.
پوءِ ننگر خاطي کي خط ڏنو ته وڃي چنيسر کي پهچائي.
خاطي يار! ابل کي، منهنجا جوان! ڀرج جانا:
سهڻو اچئي ٿو سومرو، ٻانهن ٻڌيو ڳانا
تنهن کي دوست سڃاڻج دل سان، لاهي تـِـرهـِـه سندا
طعنا
(3)
خاطي خط اُٺائيا، تهدل پروانا
---
لکيا ننگر مير جا، ٿو چنيسر کي به ڏئي
پڙهيو پروانا پـُـٽ جا، ويٺو گوڏي هيٺ ڌري
ڏٺو عالادي بادشاهه، پڇيائين ڪنهن جا خط وَر
يـَـئي
(1)
چئي: خط ته دودل مير جا، جنهن دايا(2)
ميڙ مـُـڪي.
اهو ٻڌي عالادين بادشاهه ڪاوڙيو ته دودو اهڙو ٿيو
آهي جو داين کي ٿو اسان ڏي ميڙ ڪري موڪلي. حڪم
ڪيائين ته دودي ڏي بادشاهي پروانو لکو:
عالاديءَ خط لکيو، ڪاغذ ڪهڙيءَ ڪار:
’پڳ ڏي چنيسر کي دودا! دام وڏي دهڪار
توکي عالادين بادشاهه جي ڪانه سجهي سرڪار
تون ويهج ڪيم وڳه ۾، وڃي پـُـر چتاءِ ٻيو پار.‘
چنيسر دودي تي دڙڪو سهي نه سگهيو، سو بادشاهه کي
چيائين ته:
توکي عالادِي! ٿو چوان، اِهين ڪيمَ ڳالهاءِ
منهنجو ڀاءُ وِڳهه ۾، اٿئي دودو نر نواب
ڪـُـٽي ڪـَـتبن سان، ڪـندُءِ قيمون منجهه ڪباب
هڻندءِ هنباريءَ ۾، دودو پير نه پانهون پاءِ.
ائين چئي چنيسر ڪچهري مان اٿي ويو. عالادين
بادشاهه ڳالهه ڳڻي چنيسر کي گهرايو ۽ سمجهايو.
عالادي ماڙهو موڪليو، تون چلي چنيسر آءُ
ڀائر ٻـُـڏي مرو وڃي پاڻ ۾، منهنجي الله واهي
آهـِـه.
چنيسر چيو ته:
سيري آندومـِـئن سنڌ ۾، هاڻ هتان ڪيئن وڃين
جيڪي ڳالهايئي ادل کي، سو اڄ ساري سور ڪـَـڍئـِـين
پر ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، مون وڍي هٿ ڏنا
ويهي شهر دليءَ ۾ مون ڏاڙهيءَ قول ڏنا
نه ته ڪو اَدن تي اِئين چڙهي، آءٌ انگ انهيءَ
ساڙيان
ٻاگهي راڻين وچ ۾، آءٌ هتي گهرايان!
ڀاءُ ٽنگيو ڀالن ۾، تنهن جي اکئين رت ڏسان
ڀاءُ مئي کان پوءِ تو کي جيئرو ڪونه ڇڏيان
ڪـَـن ڪـَـجئين تون بادشاهه! تو کي ڪـَـچـِـيءَ
ٻولايان.
عالادين چنيسر کان پڇيو ته: تنهنجي ڪهڙي نيت آهي؟
چيائين ته: ڳالهيون ڪر ۽ پڳ مون کي وٺي ڏي ته توکي
ٻاگهيءَ جو سڱ ڏيان. عالادين چيو ته: ڀلا ڇا ڪجي،
بڪار شهر ڦـُـرجي؟ چيائين ته: نه، دودي ڏي لکي
موڪل ته ٻاگهي جو سڱ ڏي. سڱ ڏنائين ته پڳ به
ڏيندو. پوءِ عالادين پڙهو ڏياريو ته:
وڪيل وزير اوهين، سڀيئي سڻو ٿا
اهڙو ڪو اَن ۾ آ، وڃي سو چڙهي وڳه ڏانه
سڱ تنهن سومري ڪنان، آڻي ٻاگهي ٻانهه
انعام تنهن کي آءٌ ڏيان، جيڪي گهـُـري سو ڏيان.
جڏهن اميرن جواب ڪونه ڏنو تڏهن ’مانڌان ملڪ‘
وزير عرض ڪيو ته:
وڳه وينداسون ڪينڪي، اسين وڃون دِليءَ ڏانهن
هـَـل ته پرڻايون توکي، تنهنجي ڏاڏي - پوٽي ٻانهن
تنهنجا انعام پون اوڙاهه ۾، تنهنجي نوڪريءَ ڏيون
باهه
اسين وڃون شال وطن تي، من ڪري خير خداءِ.
تڏهن محمد مغل جو عالادين جو سالو ۽ چنيسر جو دوست
هو سو اٿيو ۽ چيائين ته آءٌ دودي ڏي ويندس.
محمد مـُـرڪي آئيو، عالادين اڳيان
وڃان ٿو آءٌ وڳه ڏي، چڙهي دودل ڏانهن
سڱ تنهين سومري ڪـَـنا، اجها آڻيان ٻاگهي ٻانهن
آڻيو ڏِيـَـئين ٿو اِتـَـهـِـين، ان چنيسر اڳيان.
محمد چيو ته: آءٌ وڃان ٿو، پر مونکي لشڪر ساڻ ڏيو.
تڏهن چنيسر منع ڪيس ته: نه وڃ، پر مون کي پنج لک
لشڪر جا ڏي. لشڪر روانو ڪري هاڻي محمد پاڻ ٿو چڙهي
ته چنيسر منع ٿو ڪريس ته:
محمد! توکي ٿو چوان، وڃ مَ وِڳهه ڏانهن
سڱ نه ڏيندُءِ سومرو، جنهن جو دودو آهي نانء
ڪندو تعدي ٿوسان، هيڏانهن سڻي ٿو بادشاهه.
محمد مغل ڪونه مڙيو، چڙهي روانو ٿيو ۽ اچي وڳه ڪوٽ
پهتو:
محمد اُٺ اٿاريو، هڻي ڪست منجهارئون ڪام
ٻيلي ٻانهان پاڻ سان، کنيائين طنبو ۽ طولان
اچي جهيڪيو اُٺ کي، وڳه ۾ به وريام
اچي دودل مير جو، جهليئين سڄي هٿ سلام.
دودي جي درٻار ۾ آيو ته ادب سان سڄي هٿ سان سندس
سلام جهليائين.
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، آ ڇا تنهنجو نام؟
چئي: آهيان مغل دليءَ جو، آهي محمد منهنجو نام
اوهان ڏانهن سلام آهن مڪا چنيسر ڄام.
---
4- حاميد خاصخيلي (تعلقو ماتلي) جي ٻڌايل ڳالهه
[هيءَ ڳالهه سگهڙ حاميد خاصخيلي، ويٺل ڳوٺ ملهڻ
تعلقو ماتلي جي زباني 7- ڊسمبر 1958ع تي قلمبند
ڪئي وئي. ان وقت سندس عمر 60 سال هئي. هيءَ ڳالهه
اڻپوري آهي ۽ ان ۾ فقط ننگر جي جنگ تي چڙهڻ وارو
واقعو بيان ٿيل آهي. هر هڪ بيت کان پوءِ ”ڀلو الو
الو، هادي الله، تون يا الله“ وراڻي طور چيائين
ٿي. ن - ب[
اول نام الله جو، ٻانهان ٻيءَ نه لڳ
لڳ ڀلي جي آسري، جنهن پر سارو جڳ
وهج ساٿ رسول جي، جنهن پر ڇٽندو جڳ.
ڀاڳو ڀان کي دوسـُـو چيو ته: وڃي ننگر کي وٺي آءُ،
پر سڌو ٻاهران ڪٿان نه وٺي اچجانس، پر سندس ماءُ
مريم کي حال ڏيئي، موڪل وٺي، پوءِ ننگر کي آڻجان.
دوسـُـو ڀانُ هلائيو، وڃي ننگر ڪوٺي آءُ
جهنگ مان آڻج ڪينڪي، تون مريم کان موڪلاءِ
ساز کڻي سـُـرندو هليو، وڃي ڏيڍيءَ در وڄاءِ
اُٿي ماءُ ننگر جي، سا بيٺي مريم ڳالهاءِ:
تنهنجو ڪم مردن سان، ڀاڳو! زالن سان ڪم ناهه
هاڻ سڻاءِ خبر خير جي، ته ڪم ڪهڙو آهه!
ڀاڳو سڄي خبر ڪري ٻڌائي ته عالادين سان جنگ آهي ۽
ننگر جنگ تي چڙهندو. تڏهن مريم چيو ته: اڃان ننگر
ننڍڙو آهي، ڏاڙهيءَ جو ريهه به ڪونه آيو اٿس ۽ رڳو
پاسن وارا چـُـوڻاچڙهيا اٿس تڏنهن ٿو وڏو لڳي.
جڏنهن عالادين وڳهه
|