2- جمعي مهاڻي (تعلقي بدين) جي ٻڌايل ڳالهه
[هيءَ اڻ پوري ڳالهه جمعي پٽ سومار ملاح جي زباني، يارهين واري ميلي جي
موقعي تي، پير ملوڪ شاه جي اوطاق ۾ تاريخ 18-
ڊسمبر 1964ع تي قلمبند ڪئي وئي. جمعو پٽ سومار
ملاح ڳوٽ محمود ملاح تعلقي بدين ضلعي جو ويٺل آهي.
اندازا سن 1924ع ڌاري ڄائو. ڳالهه کڻڻ ۾ سندس
جوڙيوال پيرو پٽ جمعو ملاح ٿئي. يڪتاري ۽ دلي تي
’سورٺ‘ مان ڳالهه کڻن. ن - ب[
اول نام الله جو ڏوجها محمد مصطفيٰ
ري ٿنڀين ري ٿوڻئين هو آگي بنايو آسمان
ساراهه ڪريان ٿو سيد جي، سا ساراهه سڻيجاه.
---
ڪلر ويري ڪوٽ جو، زال ويري سينگار
مڙد ويري ننڊڙي، مڇيءَ ويري ڄار
سانوڻ سواري نه مري، مري نه هاري ڏاند.
---
دودو چنيسر پاڻ ۾ هو ڀيڙا هئا ڀاء
ڪريو ويس وچينءَ جو، هو وانڍين تي وڙڪن
ڪريو ويس وچينَ جو، هو وڳهه تي وڙڪن.
هڪڙي ڏينهن چنيسر چيو ته: دودا، رات ستي مون خواب لڌو آهي ته:
ته مون ڪبوتر ڏٺو هيڪڙو، وڳهه تي ويٺل
جنهن جا پک هئا رت سان ڳاڙها، چهنب هئي پسيل
چيو ڪبوتر ته آهيان ابن جو، آيس وڳهه ڪوٽ تاڻـِـي
هاڻي ٿوري گهڻي ڏينهڙي، وڳهه جنگ لڳندي
وهنديون نديون رت جون، هـِـت واهڙ وهي ويندي.
دودي کي چنيسر چيو ته: ٿوري گهڻي ڏينهن وڳهه ۾ جنگ لڳندي. تون پنهنجي پـُـٽ
جي شادي ڪرين ته اُميدون جيئري ڏسون. تڏهن دودي
چيو ته: منهنجي توکي اختياري آهي. خط لکي خاشا ڪر،
ڪڇ، ڀڄ، ڪڪراڙو، احمد آباد ڏانهن ڀائرن کي روانو
ڪر.
ٻارهن تڙ ٻنگار جا ڀائر ڪر ڀيڙا
خط لکيو خاشا ڪريو، پيو خاطيءَ سڏ ڪري
خاطي آيو جلدي، هو تر تئون پير ڀري
خط کڻي وڃ خاطي، وڃي پالهڻپور پڄاء
ته ٿوري گهڻي ڏينهڙي اچي ڀائر ٿيا ڀيڙا
ڀلي ڪري، جيءُ ڪري، منهنجا ڀائر ڀلي آيا
هاڻي ويهي ڪوٽ وڳهه اَئين سڱ ڪريو پڌرا
تڏهن ساران ڌيءَ دودي جي ڏنئون محمد کي
سونل ڌي دودي جي ڏنئون ننگر کي
مـَـهناز ڌي چنيسر جي ڏنئون ڀونگر کي
پوءِ پڙها ڏنئون ملڪن ۾ آهي شادي ننگر راءِ.
جنهن ٽاڻي سڱاوتيون چٽيون ڪيئون، تنهن ٽاڻي ٻاگهيءَ چيو ته: هڪڙي کي پڳ
ٻڌايو، سو ڪريو تخت جو مالڪ. ٻاگهي، دودي چنيسر جي
ڀيڻ ۽ کانئن وڏي هئي. ڀائرن جي مرضي ته:
پڳ ٻڌو دودي کي پيڙهيءَ ڪريو دودو راءِ.
پر دودي ڀائرن کي چيو ته:
پـڳ قـُڌو حـْنيسر کـي، نه ته ٿـيـنـدا وير وڌاء.
اتي ڀائرن صلاح ڪئي ته دودي کي نشو پياري پڳ ٻڌايو:
شيشا گهرائي شراف جا پـَـٽ پـَـٽ پياريو
نر نشو پياري، وڃي دودي پڳ ٻڌو
نر نشو پياريو پيا دودو دودو ڪن
ته چڙهي ويهه منبر تي توکي ور به ورايون.
پر دودي نه مڃيو. جڏهن چنيسر کي پڳ ٻڌائڻ آيا، تڏهن چيائين:
ڀرم رکو ڀائرو، آءُ پڇي اچان امان
هي بنهن مڙيو ڪينڪي ويو سورهيه يار سٽي.
چنيسر ويو ماءُ کان پڇڻ ته پڳ ٻڌان يا نه؟ پٺيان ڀائرن دودي کي پڳ ٻڌائي
ڇڏي.
چنـيـسـر رهـيـو وچ قـِي، تـيـسـيـن ڀيرين ٿيا ڀـڀـڪا.
چنيسر جي ماءُ ۽ دودي جي ماءُ سچن موتين جا ٿالهه ڀريو، لکـِـي در تي بيٺيون
هيون ته جيڪو تخت تي وِهي اُن تان گهوريون. ڀيرين
جا ڌڌڪا ٿيا ته پڇيائون:
ڪنهن ٻڌي پڳ، ڪنهن تان گهورون گهوٽ ڪريون
چئي: شڪر الحمدالله ٿيو پيڙهيءَ دودو راء.
تڏهن ماءُ چنيسر کي چيو ته:
پـُـٽ! مڪڙي گهوڙي وڪڻي، وڃي ڌڻ رڍن جو ڌار
ويهي شڪارين وچ ۾ تون ڪـَـڪڙ کي ڪـُوڪار
پوءِ ماڻهين ڪري ماهيڙو، تون گـِـهٽڪي گهيٽا چار.
اتي چنيسر جي زال آئي ۽ سس کي چيائين:
ماسي! منهنجي ڪانڌ کي، ولها ويڻ نه ڏي
اڳي هنيونسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽلي ٿيونسين ٽي
اڳي گـَـنديون آڻين ٻه، هاڻ ٽلي آڻ ٽي
اڳي ڪـَـتيندي هيئين پاوَڙو، هاڻ سير سويرو لاهه.
پوءِ اوير سوير جي تؤڻ آهي، من چـُـلهه جون ڪاٺيون پيو سيري. تڏهن چنيسر چين
ته:
رنون رهيون ڪينڪي، جيسين وير ڪيا وڌاء
جيرا بـُـڪيون ڦـِـڦڙ، منهنجا جوش جلائي ڇڏيا
آءٌ چاڙهي عالادين اچي هاڻي دودو داڳايان
سسي دودي سـُـومري اچي سـُـوريءَ ٽنگايان
هاڻ بنهه مڙيو ڪينڪي ويو سـُـورهيه يار سٽي
ته دودي پاڻ هٿن سين، بيٺي خان ڇنڊي کٽ
چيئين: دودا! السلام عليڪم، چئي: وعليڪم السلام
دودا، منهنجي ڳالهڙي تون ڪن ڏيئي سڻجئين
ته پڳ منهنجي پيءُ جي، واري ڏي مونکي
نه ته چاڙهي عالادين اچي تو دودا داڳايان
تنهنجي سـِـسي سومرا! اچي سوريءَ ٽنگايان.
دودي چيو ته:
ڀائر وٺي ڀيڙا ڪر ته پڳ به واري ڏيان
نه ته ست ٽارا آهن توکي، وڃي پڻهين چاڙهي آءُ
اسان عالادين جون هاڻي ڳالهيون راڄ ڪندا.
دودي چيو چنيسر کي ته:
اِها سـِـنهرَ اٿئي وچ تي، هاڻ کٽندا سي کـِـيندا
پوءِ ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چـِـڙيو چنيسر راء
ڪاهي آيو ڪـُـڙهه ۾، ڪيئن چوڏهن گهوڙيون چٽ
تنگ وجهيو تڻڪ ڏي ته ڪا نه جهليس ٿي سٽ
سـُـرخو بيٺو هئو محمد جو، تنهن هن جي تڻڪ جهلي
پوءِ پائي پير رڪيب ۾
هو گهوٽ چڙهيو گهوڙي.
چنيسر گهوڙي تي چڙهي روانو ٿيو ته ننگر ڀرسان بيٺو هوس، تنهن چيو:
گهوڙي وارا گهوٽيا، تون گهوڙو پاهون وار
ته پڳ پيڙهي تنهنجي پيءَ جي وٺي چاچا کان ڏيئين
چئي: دودو پڳ ڏيندو ڪينڪي عالادين سواءِ
ننگر! چاڙهي عالادين اچي هاڻي دودل داڳايان.
ننگر چيو ته دودي کي داڳي ڪير، دودو هر ڪنهن کي داڳيندل آهي. چنيسر نه وريو.
سو ڏيئي راتا رات ۾، ڀيڙي يار رهيو
رات جٽيندي ڪيترو جا پهرن تي پيئي
پرهه ڦٽي پرڀات ٿي، جت ٻانگي ڏني ٻانگ
سج اُڀري سـَـيلي ڪڍي، گڏيو ميهار مـُـنهن منجهه
ته آءٌ اُڃايو آهيان، مونکي پاڻي يار پيار.
تڏهن ميهار چيس ته:
هــريــن هــريــن ڳالهاءِ، هـو شـيـنـهـن سقـِـو قـُـيــلـــي.
پوءِ ميهار چيس ته: جي وڏو ڳالهائين ته پهرين مونکي هن وڻ تي چاڙهه، پوءِ
ڀلي تون وڏو ڳالهاءُ ڪر ته شينهن اچي ته توکي
ماري. تنهن تي چنيسر وٺي وڏو ڳالهاءُ ڪيو. شينهن
گجگاه ٻيلي ۾ ستو پيو هو، سو مٿس ڪاهي آيو، جنهن
کي چنيسر مڪ سان ماري ڇڏيو.
هـنــيــس مـُــٺ مــٿـي تـه مٿو پــيـس ڦـســـي.
اتي ميهار لهي آيو. چنيسر چيس ته: يار، هاڻي پاڻي پيار! تڏهن ميهار چيو ته:
مـون وٽ نــڪــو اٿـئي پـــاڻــي، نـڪـو دلاســو.
مونکي خبر ڪانه هئي ته شينهن مٿي جو ڪچو آهي، نه ته آءٌ مهند ماري ڇڏيان ها.
اهو ڳالهاءُ سڻيو شينهڻ پئي آئي، تڏهن چنيسر چيس
ته: هاڻي هڻ مـُـٺ انهيءَ شينهڻ کي، جو انهي جو به
مٿو ڪچو اٿئي. اتي شينهڻ اچي ڀاڪر وجهي ميهر کي
کنيو. تڏهن چنيسر کي چيئين ته:
شينهڻ ٿي ماريو وڃينم، اچي جند ڇڏائينم
جهجها توکي پاڻي پياريان، جهجها مـَـهيا کير.
تڏهن چنيسر چيو ته:
اسـيـن ماديـون مـاريـون ڪـيـنڪـي، حـْونـڊي نـر ماريـون.
اتي ميهار منٿ ڪيس ته:
وجهئين نام الله جو، جند ڇڏائينم
هن جو مٿو ڪچو آهي ڪونڪو، ماريو ئي وڃينم.
پوءِ چنيسر شينهڻ کي ماري، ميهار کان پاڻي پي، اُتان روانو ٿيو.
تڏهن چنيسر ڀاءُ کي مـُـنهان ورندي ٿو ڏئي ته:
اُتان مـَـٽي پراهون ٿيو، گڏيس کرد جال
ڪي ڏهاڙا ٿي ويا، مونکي ماڻهو ماه کيندي
هـِـت مران ٿو آءٌ، هـُـت مري ٿي پوڙهي ماء
هيءَ انگونگڙي پاسن سوڙهي، تنهن جو نالو ڇا؟
چئي: هي ترار آهي تڪڙي، جو گڏجندي ڪري ٿي گهاء
هي ڊگهه به ڊگهڙي، تنهن جو نالو ڇا؟
چئي: هيءَ بندوق اهي بڇڙي، جا پري کان ڪري گهاءِ
هي ڊگهه به ڊگها لوهڙا، تن جو نالو ڇا؟
چئي: اهي ڀالا بڻڇيون بڇڙيون، جيڪي قهري ڪان سجهن
ڪل رهي ڪانڪا، تيسين ڀاڪرين پئجي ويو
وجهي ڀاڪر کرد جال کي، چنيسر مٿي کنيو.
چنيسر کرد جال کي کنڀي کڻي کنيو ۽ زور ڏنائينس. تنهن تي کرد جال چيس ته:
ادا! مونکي زور ٿورو ڏي.
مونکي ماءُ منع ڪئي هئي ته ذات پڇي وڙهجئين
جيڪو سڏائي سومرو، تنهن کان پاسو ڏيئي ڀڄجئين
چنيسر هنيس مـُـٺ مٿي ۾، ته ميڄالو پيو ڦسي
پوءِ ڏيئي راتا رات ۾ هو ڀيڙي يار رهيو
چنيسر بنهه مڙيو ڪينڪي، هو آيو يار سٽي.
چنيسر دليءَ جي دروازي تي آيو، ڏسي ته هڪڙي مائي آهي جا بيٺي روئي. تڏهن
مائي کان پڇيائين ته: مائي! تون ڇو پئي روئين؟
جواب ڏنائين ته: اسان جي شهر ۾ راڪاس هريل آهي: سو
اڄ منهنجي پٽ جو وارو آهي، تڏهن پئي روئان. چنيسر
چيس ته: وٺي هلي ترساءِ مونکي ته سانجهي تنهنجي پٽ
جي واري ۾ آءٌ وڃي ويهان.
مائي چنيسر کي وٺي اچي ترسايو، ماني کارائي سمهاري ڇڏيائينس. رات جو بادشاه
جا هلڪاريا آيا، جن کيس رنڙيءَ جو پٽ ڪري وٺي وڃي
ميدان تي ڇڏيو جتي راڪاس ايندو هو. ٿوري دير گذري
ته حسڻ گاهي سؤ گاهين سان روانو ٿيو، جنهن اچي
راڪاس کي ڏٺو، سندرا ٻڌي راڪاس کي ڦري ويا. حسڻ
گاهي مهند ڊوڙي اچي راڪاس کي رنبو هنيو ۽ گاهين کي
چيئين ته: مونکي ڏوليءَ ۾ کڻي بادشاه وٽ وٺي هلو ۽
چئو ته راڪاس حسڻ گاهيي ماريو آهي. گاهي حسڻ گاهيي
جي ڏولي کڻي بادشاه وٽ آيا. حسڻ گاهيي چيو ته:
بادشاه! راڪاس مون ماريو. بادشاه چيو ته: راڪاس تو
ماريو هوندو ته اسان جو مڪنو هاٿي ماري ڏيکار.
چيئين ته: سائين! راڪاس به مون ماريو آهي، مڪنو
هاٿي به آءٌ ماري ڏيندس، پر رنبا رنبن جيڏا، رڳو
ڳن وڏا جهلي وجهائي ڏيو جو پري کان ڌڪ هڻؤنس.
بادشاه جا پيلبان، شراف ۽ خراف هاٿيءَ کي پياري
ميدان ۾ وٺي آيا. حسڻ به سؤ گاهيي سان اچي ميدان ۾
بيٺو. هاٿي گجگاه ڪيو ته حسڻ ڀڄي ويو. بادشاه
’دَرُو‘ پيلواڻ کي چيو ته: هاٿي کي وٺي درياء تي
وڃ، پاڻي پياري، پگهر ٺاري وٺي اچينس، متان ڪو شهر
۾ خرابو ڪري. انهيءَ وقت تي چنيسر به تيل ميٽ کڻي
درياء تي ويو هو مٿو ڌوئڻ، تڏهن دروءَ پيلواڻ
چنيسر کي چيو ته:
ڄٽ ڄٽ جا پٽ، مـَـر تون پيرئين پـَـٽ
هاٿي ڇـُـٽو راء جو، اِن ساعت ماري ڪندئي مـَـٽ.
چنيسر چيو ته:
انهي هاٿي جي مٿان مران ته لهان جـُـنگ ثواب
ته نه مرنم سون ورنيون سومريون، نه رليم دودو
ڀاءُ.
چنيسر ائين چيو ته درو پيلواڻ مڪني مان کڻي هٿ ڪڍيا، ۽ هڪل ڪيائين: هاڻي
پوندئي خبر!
اِتي ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چـِـڙيو چنيسر راءِ
هنيائينس مـُـٺ مٿي ۾، جنهن جو ميڄالو پيو ڦـِـسي
پيلواڻ بنهه مڙيو ڪنيڪي، آيو تخت مٿي ڪاهي.
عالادين کي پيلواڻ ڊوڙي اچي چيو ته: سائين! ماڻهو هڪڙو درياء تي بيٺو آهي،
جنهن هاٿي ماري ڇڏيو. اتي حڪم ٿيو مغلن کي ته ٻڌي
وٺي اچوس!
بنهه مـُـڙيا مغل ڪينڪي، آيا سورهيه يار سـَـٽي
تڏهن ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چڙيو چنيسر راءِ
گهڙي پل گذري ته ٿي وٺ وٺ جي ٻولي
مغل هڻيو هڪٻين تي ٿو ڪري ڍير وڏا
مغل ماري مـُـڙيو ڪينڪي، آيو تخت مٿي ڪاهي
چيئين: سنڌي آهيان سومرو، وڳهه جو وريام
دودي پڳ آهيم ڦـُـري، سا وٺي هلي ڏي.
عالادين چيس ته: گهڙي پل ترس ته آءٌ توکي پڳ هلي ٿو وٺي ڏيان. تڏهن عالادين
کي چيائين ته: ايترا مغل مون ساڻ گڏي ڇڏجو، جو
مونکي دودي کان هلي پڳ وٺي ڏين. هاڻي چنيسر،
عالادين کي چاڙهيو، دودي تي ڪاهيو وڃي.
ڏيئي راتا رات ڀيڙي يار رهيا
رات جٽيندي ڪيترو جا پهرن تي پيئي
سج اُڀري سـَـيلي ڪڍي، اچي ’ٻنگار‘ تي لٿا
هاڻ خوني خط خلل جا پيو چنيسر لکي
خط لکيو خاشا ڪريو، پيو خاطي سڏ ڪري
خط کڻي وڃ خاطي، وڃي وير وڳهه پڄاءِ
خبرون وڳهه ڪوٽ جون مون کي جلد آڻي ڏي
خط کڻي خاطي هليو، هو سنڀري ٿيو ساڄو
چيئين: پار ڏيئين دودي جا، خاطي سڻيو وڃ
پري ڪنان توکي ڏسڻ ۾ڪڪر ايندو ڪارو
مڙس اٿئي مـَـنهـَـن جيڏو، جنهن جو مٿو مـَـٽ
سينو دودي مير جو اٿئي ڳاڙهي کٽ
ٻانهون دودي مير جون اٿئي ٻيڙين سندا ٻـَـر
شهپر دودي مير جا اٿئي ماهيا پـُـور
دودو سالن سڱ سنوان ڪري وِنگن لاهي ور
پوءِ لڪي ڇپي وڃي سـُـوڌا ڪـِـج سلام.
---
خط کڻي خاطي هليو، سنڀري ٿيو ساڄو
ڏيئي راتا رات ۾ هو ڀـِـيڙي يار رهيو
رات جٽيندي ڪيترو، جا پهرن تي پيئي
پرهه ڦٽي پرڀات ٿي، جت ٻانگي ڏني ٻانگ
بـِـنهه مڙيو ڪينڪي، ويو سورهيه يار سٽي
پري ڪنان هن کي هو ڏسڻ ۾ آيو ڪڪر ڪارو
مون کي چنيسر پار پورا ڏنا، هو دودو راءِ
دودو هو فجر ۾، تيسين خاطي خط ڏنا
دودي لؤڻو ڦيريو هن دهشت ڪانه جهلي
چئي: هي موڙي وٺ پنهنجي، منهنجي الله توهار اٿئي.
---
گهڙي پل گذري، دودي نمي خط کنيا
پڙهيو پروانا ڀاءُ جا، دودو روئي رت ڦڙا
عالادين چڙهي آيو، تڏهن ڪهڙا خير ٿيندا
پڙهيو پروانا ڀاءُ جا، پيو دوسوءَ سڏ ڪري
دوسـُـو آيو جلدي، هو ترتؤن پير ڀري
چئي: عالادين چڙهي آيو، اچي ’ٿار ٻنگار لٿو‘ .
---
اُڙد عالادين جا اچي پـَـٽ ڀري ويٺا
اُڙد عالادين جا، جنهن ۾ مرون منهنجيو مرن
اُڙد عالادين جا، جنهن ۾ آلا ڪاٺ ٻرن
پکي پٽين عالادين کي، جن کي ڇڏايئين واهيرا.
---
ننگر ويو آ راند تي، تنهن کي ڳولي يار اچو
دوسـُـو ڀاڳو پاڻ ۾ هـُـو ڳوليندا اچن
پڙها ڏيو ملڪن ۾ هو ڳوليندا يار گهمن
ڳوليندي ڦوليندي وڃي ارڙهين ڏينهن ڏٺئون
ننگر ڀانيو ماڻهو شهر جا، آيا ڏائيء راند ڏسڻ
دوسو چيو ڀاڳو کي وجهه تندن منجهه تنوار
من ساڄ سڃاڻي سومرن جو، پڇي وڳهه جا اهڃاڻ
تندن وائي وات ۾، هئي ڪلمي جي به پچار
ساڄ سڃاتئين سومرن جو، ساڳئين دوسو ڀاڳو ڀانَ
ڀڙ ڀڄي ڀاڪر وڌا، خوشيءَ منجهارا خان
چئي: اوير ڏسجو اوٺيا، مونکي خيري خبر ڏيو
مون ڪـُـوڙين ڪنين آهي خبر ٻڌي، چڙهي عالادين آيو
ڪهڙا ڪٽڪ عالادين سين، ڪهڙا ديمين مـُـنهن؟
---
ننگر ٿو نالا ڀري، دوسـُـو جي مهندا
ته وجهان نام الله جو، مون سان سـُـوڌا ڪر سچي
ڪهڙا ڪٽڪ عالادين سين، ڪهڙا ڪٽڪن مـُـنهن؟
---
چئي: پنجاه لک ترڪن جـِـي آهن هيڪاندا همراه
پنجاه لک پٺاڻن جي، آهن ڀائر سي ڀيڙا
پنجاه لک ايلچين جي، جيڪي زرهين ساڻ جوان
پنجاه لک پڙهلين جي، جيڪي ٻانگا ٻوليون ڪن
سـِـر سـِـر ڪريو توبري ۾ هو گهمندا يار گهمن
نوَ سؤ نوَ مسيتون، هـُـت ڏينهان ڏينهن اڏجن
پنجاه لک چرين جي، جيڪي ماڻهوءَ ماه گهرن
پنجاه لک اٿئي گازڙين جي جيڪي گز ڪمان هڻن
پنجاه لک شڪارين جي، جيڪي ڏڦا کڻيو گهمن
پنجاه لک راڌارن جي، ته به ماڻهو بک مرن
پنجاه لک پخالين جي، ته به ماڻهو اُڃ مرن
مهندين گهوڙن پاڻي آ، پويان گپ چٽن
پنجاه لک واڻين جي، جيڪي بازو جوڙ ٻڌن
ايڏا اُڙد عالادين جا، جنهن ۾ آلا ڪاٺ ٻرن
اُڙد عالادين جا، جنهن ۾ مرون منجهيو مرن
ننگر! مونکي خبر اٿئي ايتري، پر اڃان سرس چون.
---------
3- دودي مهاڻي (تعلقي بدين) جي ٻڌايل ڳالهه
[ڳالهه جا هي شروعاتي بيت دودي مهاڻي جي زباني ڪچهري ڳوٺ محمود ملاح تعلقي
بدين ۾ تاريخ 14- فيبروري 1959ع تي قلمبند ڪيا
ويا. دودو مهاڻو اندازا سنه 1924ع ڌاري ڄائو. هن
اها ڳالهه پنهنجي چاچي ٻانهي مهاڻي کان سکي، جنهن
وري مجني ماڇي کان سکي، جيڪو لاڙ ۾ گهمندو ڳائيندو
وتندو هو ۽ وڏو قابل شخص هو. ن - ب[
اول نام الله جو، جنهن نه جيڏو ڪو
ري ٿنڀين ري ٿوڻئين، آگي عرش بنايو
تارا قطب ڪتيون، هيءُ جوڙ بنائي جنسار
ڪلر ويري ڪوٽ جو، زال ويري سينگار
مرد ويري ننڊڙي، ۽ مڇيء ويري ڄار
سانوڻ سواري نه مري، مري نه هاريءَ ڏاند
آس ڪندي ڪو مَ وڃي، شل ڪنواريءَ سندو ڪانڌ.
---
جهڙيون جني جي من ۾، ڪندو پوريون حضرت شاه
اسين شاعر آهيون ڪينڪي، آهيون سگهڙ وير سـُـيا
جيڪا رضا رب جي، تنهن تي راضي رهڻ جڳاءِ.
---
دودو چنيسر پاڻ ۾ ڀيڙا هئا ڀاء
ڪريو ويس وچينءَ جو، وِڳهڙي وڙڪن پيا.
چنيسر دودي کي چيو ته: مون خواب لڌو آهي ته وڳه تي جنگ لڳندي:
وهـنـديـون نـديـون رت حـــّون، واهـــڙ وهـي ويـــنـدا.
محمد ۽ ننگر ٻئي چنيسر جا پٽ هئا ۽ دودي جو پٽ ڀونگر هو. چنيسر چيو ته ننگر
۽ ڀونگر جون شاديون ڪريون: تڏهن دودي خط لکئا:
ڪـَـڇ ڀـُـڄ ڪڪراڙو، احمدآباد چون
ٻارهن تڙ ٻنگار جا، ڀائر ڪريو ڀيڙا
خط لکيو خاشا پيو خاطي سڏ ڪري
ته خاطي آيو جلدي وهلو پير ڀري
خط کڻي خاطي وڃي تون پالهڻپور پڄاءِ
خط کڻي خاطي هليو، سنڀري ٿيو ساڄو
ڏيئي راتا رات ۾، هو ڀـِـيڙي يار رهيو
تنهن کي ڪيئن راتيون رڻ، لکين سڄ لٿا
ٿوري گهڻي ڏينهڙي وڃي پالهڻپور پڳو
ڀائر پالهڻپور جا، اچي ڀيڙا ٿيا
ڏيئي راتا رات ۾، ڀيڙي رات رهيا
رات جٽيندي ڪيترو، جا پهرن تي پيئي.
-------
4-
احمد خان نظاماڻي (تعلقو ماتلي) جي ٻڌايل ڳالهه
[ڳالهه جـا هــي بيت احمد خان نظاماڻي ويٺل ٺــري، تعلقي ماتلي جـي زباني
سنه 1958ع ۾ قلمبند ڪيا ويا. ان وقت سندس عمر نوي
سال هئي. احمد خان نظاماڻي جواني ۾ دودي چنيسر جي
ڳالهه کڻندو هو هنيئر وڏي عمر هئڻ ڪري کيس بيت
وسري ويا آهن. هيءَ ڳالهه اصل ۾ وريام ماڇي کان
سکيائين، جو ’ديري محبت‘ (تعلقو ماتلي) جو ويٺل
هو. وريام، ٿالهي ۽ دلي تي ڳالهه کڻندو هو ۽ چوندو
هو ته: ’لٺيون ڌُڪا پاسي ڪريو، متان آءٌ ڳالهه
کڻان ۽ هڻي هڪٻئي کي ڦٽي وجهو‘ . ن - ب
[
سـَـمان گڏ ٿيا سومرا، تن جا سوڙها ٿيا اُمراء
راڄن ٿي به صلاح ڪئي: اڄ پڳ ٻڌين دودا راءِ!
چيو ته دودل سومري، منهنجو وڏو آهي سو ڀاءُ
آهي چنيسر سومرو، اڄ چڙهيو تي شوق شڪار
خان هوند به کڏڻي ڏانهي، اڄ مير مـُـهاڙي مٿا.
---
خاطي خط کڻي هليو، ٻهڳڻ ٻيلي ڏانه
مير مـُـهاڙيءَ مٿي ويٺو، خان به کڏڻي ڏانه
خاطي خط به اُڇـِـليو، وڃي چنيسر اڳيان
سو پڙهيو پروانا ڀاءُ جا، ويٺو مـُـرڪي مير
مـُـنهان
ته: ادو ابو ڀانئيان، مونکي راڄ ڪندا پوءِ ڇا.
---
اتي سڏ ڪري ٿو سئيس کي، منهنجو ڪـُـنهـِـڪـَـٽ ڪاهي آ
سونا سنج سنجاف تي، ڪري موتي جي به جڙاءُ
چڙهيو چنيسر سومرو، اڄ وڳه مٿي وريام
آيو چنيسر سومرو، جڏهن دودي جي درٻار
اُٿيو دودل سومرو، جنهن جهلي ڳلي گهوڙي آ
چئي: ادا! پڳ اٿئي به پنجاهه جي، اڄ سوني ٿالهه
وچا
ٻـَـڌين چنيسر سومرا! تنهنجو آهي نه جوڙ جڳاءِ.
تڏهن چنيسر دودي کي چيو ته: پڳ ٻڌندس، پر اول امان کان وڃي ٿو پڇي اچان:
چئي: پهرئين پڇئين ٿو ماءُ کان، پوءِ ٻڌئين ٿو پاڳ
سـَـٿ وهاري سومرا، تو لوهر لڄائي ماءُ
آيـُـئي سيڪ سنداڻ جو، ڪـِـ آيـُـئي اڱارن ساءُ
پـَـک ڪـَـيئه پنهنجا پڌرا، تو لوهر لڄائي ماءُ.
جڏهن چنيسر ماءُ کان پڇڻ آيو ته پويان ڀير تي ڏونڪو لڳو ۽ دودي پڳ ٻڌي. اها
خبر جڏهن حويلي ۾ پهتي ته ماءُ چنيسر کي چيو:
نـِـيري گهوڙي وڪڻي، تون ڌڻ رڍن جو ڌار
سائو چابـُـڪ ڄڃ ۾، تون گهـِـڏيو گهيٽا چار
ٻيلي ٻنهي ڪنڌيين، تون ڪَـڪـَـڙ(1)
کي ڪوڪار
ماڻهين ڪندي ماهيڙو، دودل جي درٻار.
پوءِ وري چنيسر جي زال چيو ته:
اڳي هيونسون ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽلي ٿيونسون ٽي
اڳي ڪتيون پاءُ، هاڻي سير به سويري.
-------
(ب) تاج محمد (تعلقو بدين) جي ٻڌايل ڳالهه
[اسان کي هيءَ ڳالهه تاج محمد پٽ ابراهيم پٽ بچل پٽ ابراهيم پٽ حبيب الله
پٽ سالار پٽ چڀڙ پٽ ڪالي خان، اصل ويٺل ڳوٺ هٿونگو
لڳ راڄ واهه
سنه 1958ع ڌاري ٻڌائي. جيئن ته کيس سربستي ڳالهه
ياد نه هئي، ازنسواءِ بيتن جو سلسلو به اڻپورو هو،
تنهنڪري فقط بيت قلمبند ڪيا ويا، جيڪي شامل ڪيا
ويا آهن. ن - ب [
رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
گاهي هليا گاه تي هڻي هاڪارو
رکج رب راڪاس کان گهمون جهنگ سارو.
---
عالادين اچي پيو، جنهن سان آلا ڪاٺ ٻرن
جتان عالادين اچي پيو لڏيو راڄ وڃن
واهڙ آڏا واهڙيون، تنهن جو پتڻ ڪين پڇن
ڏهه سؤ ڏڦيرن جا بيٺا ’دودو دودو‘ ڪن
نوَ لکيون ڏهه ڇليون، سي ٿيون چڳدي سان چڙهن
’باکر واهه‘ بيهي رهيو اچي ’روپاهه‘ روڪيو جن
’سابران‘ ندي سـُـڪي ويئي، لنگهه ’کنڀات ٿا ڪن
اڄ سڀان اچن ٿا ويٺي ڳڙهه وٺن.
---
خوني خط خلل جا در وڳهه آيا
ڪاتب شهر وڳهه جا دودي عامل ڪوٺايا
پڙهيو پروانا ڀاءَ جا بيٺو مـُـرڪي مير مـُـهان
لاتي لـُـنءُ لڱن کي خط ادل جا آيا
وڇڙيا آهيون ورهين کي، ڪندو هادي هيڪاندا
وري ته وڳهه ڪوٽ ۾، ادا آڻيندا به الله .
---
خاطيءَ کان خبرون بيٺي پاڻ پڇيون بادشاهه
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، تون آهين ڪير جوان؟
رهين ڪهڙي راڄ ۾، تنهنجو ڪهڙو ملڪ مڪان؟
---
چئي: دکن ديس اسان جو، ملڪ چون ڪـُـستان
رهان دليءَ جي راڄ ۾، منهنجو نالو محمد خان
نوين لکين امراءُ آهيان، اُچي ذات پٺاڻ.
---
ڪڍيائين ڪــِـسبت ڪـُـلهي ما، ڪڍيئين ڀانيءَ مان ڀالا
رڪ ٿي راهون مـَـنڊيون، ڏس پاڪيءَ جا پورهيا
مـُـنهن واريءَ ملوڪ جي جنهن جي تـِـڏيءَ ڇڏيو
تاءُ
سهڻا شهپر شير جا، جيڪي لاٿئين لؤڻن کان
نائيين نرڙ پٺاڻ جو، ڪـَـنَ ڪـُـلهن ڏي ڪـِـريا
پوءِ پنبڻن پيا هئا نچڪڻا، ڀـِـرُن ڏي ڀالا.
---
ماڻهو مـُـڪو هئائين داين ڏي، اچو ڪارو گڏهه ڪاهيو
ماڻهو ويو هو چمار ڏي، اچي پادر سي پــُـويو
ڪارو روغن رئنفلي هن کي لـُـڙ لڱن لايو
بازريون شهر وڳهه جون هن کي گهٽيون گهمايو.
---
آين ڪجن آڌرون، تون ڪرين ٿو ويڻ وڏا
گلم ٿو گلارو ڪرين تڏي رکين ٿو تاءُ
سڀاڻي راڄ نه ڳڻيندءِ سومرا، ڪچي ڪندءِ بادشاهه.
---
مون ڪو ماڻهو موڪليو، تون ڪو مون ڏي آءُ
خاطي خطائن هيٺ هئا جن ڪـُـلهي بڊوڪا
ڪارڻ پنهنجي قوت لاءِ اچن پيرن اگهاڙا
دانـَـهه دودي راءَ جو شايد پين ٿي پڙلاءُ
والي وڳهه جو سومرو توکي سـُـجهيو نٿي دودو راء
جا پر وڻندي راءَ کي سا پر ڪندس آنءَ.
---
ريڍار بيٺو اڳتان جيڪو ڦر چاري
ڏسيو صورت سوار جي، جو ٿو نـِـوِڙيو نهاري.
---
ادا منهنجا عالادين کي وڃي ساري ڏج سلام
ريڍار وڙهندءِ اڳتان جيڪو لائي ڏيندءِ ماتام
نـَـوَ سؤ ڪهاڙي سنڌ ۾منهنجي لڳي ڏهاڙي لام
قادر ڪم پورا ڪندو جيڪي ڪـَـهان ٿو به ڪلام.
---
وڳهه قلعو قادر جو، جنهن کي لڳي نه ڪوسو واءُ
ڀلي ته دودا ڄايئين، تنهنجي نچ ويائي ماءُ
اڳيان عالادين جي منهنجا ڪيا اٿئي ڪوڙ سچا
مونکي مغل مڃيندا هئا ڪينڪي هاڻي اکين سان ڏسندا.
---
خط پـَـٽ ڪاڇي ڏي ويا، ڪي ويا ٻنگالي ڏانه
ڪي ته مـُـڪائين قنڌار ڏي، ڪي ٻاهڙ مير مٿان
ڪي ويا اجمير ڏي، ڪي روم ولايت ڏانه
راڄڙ روڪي چڙهيو دودي جو اُمراءُ
پيل ’پاهوڙي‘ جي پوي، دودا! چڙهه ته ڏسون
بادشاهه
ننگر چاڙهينءِ سومرو ڪري خير خدا.
---
چنڊ ٻـُـڪي چوڏهينءَ پيو آ ننگر کي به نڪاح
ننگر ڳانو ٻانهن ۾، جنهن جي ونـِـي ويهي وَنواهه
دهل دمامان پيا سي جهٽ نا جهليا
مـُـڪي اٿس ڪوٺ قنڌار ڏي، جنهن جا ڄاڃي مـَـنـَـهه
آيا
مـَـنـَـهين مانيون هلن جنهن طعام رڌا رهبا
سما کـُـٽا نڪي سومرا، نڪي ٻيا ته کـُـٽا اُمراءَ
تن مان چڙهندو ڪونڪو، آءٌ پاڻ چڙهندس بادشاهه.
---
سو دودي داناءَ سان اچي ڪيو ’دوسوءَ‘ مير ڳالهاءُ
ننگر جي چڙهڻ جو ٻـَـڌو اٿئي راڄ رياءُ
اهو ننگر چاڙهين سومرو سڀاڻي ڪندو خير خدا.
---
ساز کڻي سرندڙو آيو ڀاڳو ڏيڍيءَ ڏانه
طرح چاڙهيـَـئين تندن کي، جنهن جي تندن رکيو هو
تاءُ
اندر حويليءَ ۾ وڃي پيو سندي ساز سماءُ
راڻيءَ ٻانهيءَ کي چيو چيو دائي کي داناء:
ٻانهي! در آيو اٿئي منگتو، لهي آءُ سندي ساز
سماءَ.
---
آءُ اسان جا منگتا، ويهي سرندو ساز وڄاءِ
خوش هو دودو سومرو، خوش دودي جا دايا
موچي اسان جي ملڪ جا، خوش پـَـرٽَ، پڃارا
تون ڪيئن خوش هئين، خوش دودي جا دايا
بادشاهه ٻـُـڌان ٿي بڪار ۾ جنهن روڪيو تڙ روپاهه
وَرَ تان منهنجي وَلـَـهي وڃي برحال ٻاري باهه.
---
بي مـُـهتو ٿي موٽيو جيڪو ماڳهين مريم کان
بـِـگل اُت بيهي رهيا، جنهن جي سرندي ڇڏيو ساء
وُڙهو ٿو واهو وهي جيڪو ڪڙيو خان به واهه
ڇوڪر روشني راند جي جن کي ڏائـِـي جي آهه ڏاهه
سما هئا يار ننگر جا، جن ڏني هيس سڌ سماءُ
در آيو اٿئي منگتو، جيڪو موٽايو تنهنجي ماءُ.
---
ترس تڪڙ ڪر ڪام ڪا، جيتر تنهنجا وارَ سـُـڪن
اهو عالادين هڪڙو، پر چڙهيا چار اچن
تو لکي بادشاهه، اسان ليکي لنب جو گاهه
ائين لـُـڻون بادشاهه کي جيئن لڻجي لنب جو گاهه
سڀاڻ ڦـُـريون عالادين کي، هلي لتاڙيون بادشاهه.
---
زِرهـُـن جا چولا ڍڪي جنهن بيٺي هول ڍڪيا
موزا وڌائين پير ۾ جي لهندا هئا لک سوا
وڌي هئائين پاڳ مٿي ۾، مٿان چؤنري ڏاڍو چاهه
پاڻيءَ جيئن پلٽيو اچي جيئن دور ڪري درياء
پورب جئن پلٽيو اچي جئن واڪا ڪري واءُ
ڪـُـڏي ٿو ڪيهر شينهن، جئن ٿو هرڻ ڏي لاهه
ڀاڪر پاتائين ڀانَ کي، ادا مونکي ڳالهه ٻڌاءِ
تنهنجو ڪم آهه مردن سان، زالن سان ڪم ناهه.
---
سڏي چيائين سئيس کي، منهنجو ڪئينٽ ڪاهي آءُ
لعلون هئن لغام ۾، ۽ دُمچيءَ تي داڻا
سنج سڄو هوئيس سونَ جو، ڪمي ڪـُـميتن ناهه
گل سهڻا گادي تي، ٻيا موتين جا جـُـهوڙا
آڻي ڀاڳوءَ ڀان کي ڏيو تان ويس وڳا
اِئين پهرايئين ڀان کي، جيئن پهرائجي بادشاهه
آڻي ڀاڳو ڀان کي ڏيو تان سونهري سروپاء
اهو اسان توکي ڏنو، ٻيو ڏيندءِ پاڻ خدا
سلام منهنجا ڏج چاچي کي، ڄاڻ ته پهتا تو وٽ يار.
---
چڙهيا مير ننگر سان ڀلا عالم لوڪ اچن
لارين لاهه وڏا ڏنا، جنهن سان بس نه بندقون ڪن
تکا تماچا ڇـُـڙيا، جنهن سان تاءُ رکيو توبن
مزا هئا ’مـُـگرن‘ جا، جنهن سان مـُـگربان وڄن
ڪارابـِـين به ڪـَـهڪيا، جنهن سان قرنايون ڪرڪن
سٽڪو پيو ستارن تي، ڪئي ڌان ڌان دنبورن
وڄيا ٿي بگل بهادري، جنهن سان ڌڪڙ ڌمالون ڪن
ڍوليا هلي توتي ڍرندي، مٿان چؤنري رکيو چاهن
ٻـَـڌي ٻانهون رومال ۾ ڏنائين گوڏو اچي گلمن.
---
پونم پـُـورا اَبل جا، مونکي جذبا ٿا جاڳن
هـِـينئون ڦاٽيو اڌ ٿئي، منهنجا ڦڦڙ ٿا ڦڙڪن
کـِـئڻ نه اچنم کومچا، مونکي وِهـِـه ٿيو طعام پون
ماڻهو ڏينم مهڻا مونکي جذبا ٿا جاڳن
ڪريـَـئين هوند ويڙهه وڳهه سان، منهنجا مجرا راڄ
ڏسن
تختا تختن تي ڪريـَـئين آڏو اُمرائن
ڏنو اٿئي سڱ ’سونڻ‘ جو، منهنجا لـُـڙهيا لـَـٽ
وڃن
اڇلائي وجهه آڙاهه ۾ ننگر سوڌو نوابن.
---
سڻ تون ننگر سومرا، جيڪا ڪئي هـُـيـَـم پوڻائي
چيم چنيسر راءَ کي وات ڪڍيو وائي
ويهه ڪچهريءَ وچ ۾ پڳ مـَـٿهـُـون آئي
سٿ نه ويٺو سومرو، هليو ماڳ پڇڻ مائي
ڪوڙي ڳالهه ڪري ويو، مون سان ڀاڱي نه ٿيو ڀائي.
---
جڏهن چڙيو هو چنيسر سومرو، تڏهن ويٺا هئا ته امين
پيڙهي پڳ جهل پانهنجي کڻي ٻـِـي سان ڏينس زمين
هوند ويهي وڳهه ۾ رهيو، ٻولي ٻوليئين ٻـِـي نه.
---
ننگر! پنهنجي پيءَ کي اچج ورائي
ٻارهن شهر ٻنگار جا ڀلي خان کڻي کائي
نوين لکين جي سنڌڙي اچي هٿ سان هلائي
پلئو نه ڏيندس پڳ جو ٻيا راڄ به ڀائن کي
سر منهنجي تي سـُـهڻي سا ٻـَـڌِي نه ڏيان لاهي.
---
پيڙهيءَ ويٺين پانهنجي، چاچا! ويٺين ڌيان ڌري
ڀڙ تنهنجي موڀيءَ ڀاءَ کي ڪڍيو هـُـوَءِ پاڻ پري
پوءِ توکي دنيا ديوانو ڪيو، هـُـو ويـِـهي ڪيئن
ڪري.
---
ننگر! پنهنجي پيءُ کي ابا! ساري ڏج سلام
ڀائر مارائيندين ڀائٽيا ڪسر پوندءِ ڪانه
سڃيون ڪندين سومريون، ڪندين مـُـلڪن ۾ ماتام
ڪڏهن وَلهو وڳهه ۾ مارائيندين دودي جهڙو ڄام.
---
ڪارو طنبو آهي پڻهين جو، ڪارو پڻهين جو ويس
سائو ڀالو هٿ ۾، جنهن کي نيرو گهوڙو هيٺ
پيچ سڃاڻج پڳ جو، جيڪو ميناڪاري ڀير.
---
چاچا! ميناڪاري مولهيا هـُـت لکين لاک ٻڌن
پڪا ڏنيم پار اَبل جا، جيڪي صحي سڃاپن.
---
’ادو‘ ڪيائين وات ۾ وڃي ڪيو اٿس ڌڙ ڌڪاءُ
اُٿليو ۽ ڪريو پوي ڪـُـونهٽ کٽ مٿانءُ
اڄ پـُـڄاڻا ڪهڙو، جنهن ڏٺا هوندا ڏولاوا
قد قوت مون جهڙو ٻي طرح طبعيت ناهه
مـُـنهن ماهة کڙئي جئن، جنهن جو بت ٻري ٿو باهه
سونَ پڻهين جي سر تي سونَ به شرمندو آهه
سنئون هوندو سـِـرهـَـل وڻ جئن، ڪابـُـولي ڪٽڪ
مٿان
ٻيو جهڙس هوندو ئي ڪونڪو عالادين امراءُ.
---
ڇنڇر ڇيهه نه وڃڻو، اُلهندي آچار
آڱارو اَوَلو اٿئي، پـُـٽ! سومرو سولو وار
اربعا ڏينهن اُتم اٿئي نالو مٿس نار
خاصو ڏينهن خميس جو، جنهن کي جهان چوي ٿو جوءِ
ڪجئين جذبو ڏينهن جمعي جي، پهر ڏينهن کان پوءِ.
---
صاحب لائي سانوڻي، جئن دُرس وهي درياءُ
ٻيلا ٻـُـڏن ٻوڏ ۾، اُتي وهن واهڙ واهه
هاري چاڙهين نار کي ساريو حضرت شاهه
وجهن ٻج ٻنيءَ ۾ ڪن الاهي توهار
ائين نپائين سلڙا، جن تان هـُـڙ هيا هڪلين ٻار
چؤنڪ ڍڍي گلڦاڙ ۾ تن کي والي لاءِ مَ واءُ
ابو ڇڏي ويم تنجڻن ۾، مون کي مريم نپايو ماءُ
آءٌ ماريندس جن کي سي سڀاڻي مون کي ماريندا
ههڙو ڪونڌر ڪسندو هلي عالادين اڳياء
سا جيجل جوڳياڻي ٿيندي جيڪا مـِـٺي مريم ماءُ
آيل اوٺـيڙا ڪندي وڳهه ڪوٽ وچان
ساسام پرتي اٿئي سومرا، جنهن جو پٽ نڪو اٿئي ڀاءُ.
---
ابو چنيسر ڀانئيان، مريم ڀانئيان ماءُ
پـَـٽَ راڻي پورهيت ڏيان، ڏيانءِ ساران ڌيءَ اڳياء
ڏيانءِ سونڻ ڌي هاج ۾ جيڪا لوڏي هندورا.
---
ساري حضرت شاهه کي هـُـو گهوٽ چڙهيو گهوڙي
سونهري سروپاءَ کي ڇڏيئين ڇڻڪيءَ کي ڇوڙي
تازيءَ تـَـوَ ڏاڍا ڪيا متان ڪيهر ڪـُـلها موڙي.
---
راڻيءَ ٻانهيءَ کي چيو، چيو دائيءَ کي داناء
ٿنڀ ڪامون ٿڙڪي ويا، جنهن جي پٽين ۾ واڪا
هيبت هندوري گهڻي، منهنجي کٽ کائي دهڪا
ٻانهي! ڏس متان عالادين اچي پيو وڳهه ڪوٽ وچان.
---
مـُـنهن تي ناهيس مسـَـڙي، اڃا چؤڻن اٿس چاهه
سونا ڪنگڻ سومري، جنهن جي ڪنن ۾لـُـڙڪا
ڪڏائي ٿو ڪيڪان کي پـُـٽ چون چنيسر راءُ
اهو ور آهي تنهنجو وَلهو، جيڪو نالي ننگر راءُ.
---
وِلٽي اُٿي آ وڄ جيئن، ناز ڀـري نينگر
سج سورج جيئن سهڻي جيڪا مـَـلڪن برابر
کانئي ٿي کنوڻ، جيئن دودي ڌيءَ اَپڇر.
---
سونڻ سور پرايا جڏهن ننگر ڏٺائين
آڻي آب اکين مان رت ٿي رُنائين
مدد ٿيندءِ مصطفيٰ سؤٽ! حامي حضرت شاهه
اڳيان عالادين جي جيڪا لڳئي سا ڀلي لاءِ
ڦوڪ ته لڳي اَنبرين، تنهنجو اُڌمان ڏي آڙاهه
سر ڪجانءِ صدقو اسان گهوريون لڄن تان
جهوليءَ پايو جهليان ڪڍان اوچا پار مٿانءِ
سر تنهنجي سهرا هوند ٻڌاءِ جـُـڙيا
هاڻي ميڙي منجهه محمد جي اسان تو به نڪاح.
---
وڃان ٿو وڪيل ٿيو، من بابو ڪري پرچاءُ
جي پـِـٽيل پـَـرتو ڪينڪي، ڪيائين جهيڙي جو وڌاءُ
پوءِ مون آهن ڪاٺ قبوليا عالادين اڳيان
هيڏانهن سانَ ڪرندا سومرا، هوڏانهن مغل ٿيندا
پـَـها
ڏِيو ڏاڪ مريو ويندا، آڏو هوندس اُمراءَ
ڪـَـڙيا ايندءِ ڪاڇن ۾ مڙهه ننگر مـُـنگر جا
ڦولهي ڏسجو رت ۾ هوندَو ننگر جا نياپا.
---
ننگر پـُـٽ! بادشاهن سان هيڻـِـي راهه هليج
جي مون ڏني ڏيهه ڇـُـٽي ته مڙس نه مارائيج.
---
جئن ڪو سـُـوڌو سومرو، تئن توکي ڀانيان
مڙس ڏيندوسانءِ سومرو، جيڪو مٽ پنهنجو ڀانيان
مرندينءِ شال وڳهه ۾ توکي سر چمي چائيان
رکئين ’ماروڙي مقام‘ ۾ ڏيئين ساميءَ سان لاوان.
---
کنون کيٽ اسان جو، جيڪا وڏن پوکي آهه
طبل ڪريون تختن تي، کائون ٻوڙ پلاء
رائر وٺون ٿا روڪڙ، ٻيو لاڳو سنڌ مٿان
سما کـُـٽا نڪي سومرا، نڪي ٻيا ته کٽا امراء
تن مان چڙهندءِ ڪونڪو اسان جي ته پـُـئان.
---
ڳوريءَ لاٿا ڳهڻا، هوريءَ لاٿا هار
ڌوڙ پاتائين منهن ۾، رڄ پاتائين ڇار
وَرَ وڃايم پانهنجو، پيم پـُـٽ جا پار.
---
ڏهه مهينا پيٽ ۾ مون تنهنجا سور سـَـٺا
ڏهه مهينا گذريا تڏهن پرور ڪيئي پيدا
روزا ٽيهه رسول جا، پنجئي وقت پڙهيا
ري وضوءَ ري مسحي مون ڏنا توکي ڪين بـُـبا
تـَـنجيم توکي تلوار سان، دُڪا توکي ڪانَ وڌا
مون ته ڄائو هئم رُڪ جو، شايد سـِـجَ سـَـٺو اٿئي
تاءَ
خدا جي درٻار ۾ڪئين پورهيا ڪين اَگهيا
ڪئين آهن سڪندر اُٿي ويا هن ڌرتيءَ مٿان بادشاهه
مـِـهتر سليمان لڏي ويو، جنهن جو تخت هلايو واءَ
نڪي هوندين هميشه جيئرو، نڪي هلندين سلامت سان
مارج بابا جنگ ۾ ڪڍان اوچا پار مٿان
آڏو پنهنجيءَ ماءَ سان ڪيو ننگر ٿي ڳالهاءُ:
اڄ اڄوڪي راتڙي آهيان جيجل تنهنجي جاءِ
سڀاڻي ته صبوح جو چڙهي روڪيان تڙ روپاهه
چڙهندس وڳهه ڪوٽ مان ساري حضرت شاهه
ڌرتي ٽامي جي ٿيندي، جتي وڻ ڇڏيندا واء
اُڀ رَئيءَ سان لـَـٽبو، پوندو سج جو ڪونه سماءُ
سج نيزي پاند ايندو تنهن عالادين بادشاهه
لاهه ننگر تان آسرو ايندءِ کهنبن منجهه کڄي.
---
آڌي جا آغاز ٿيا، بيٺو جيجل جاڳائي
ٻٽيهه ناريون ورڻيون بخش بـُـبا مون کي
چئي: بخشيم تو ننگر کي هتي ۽ هـُـتي
اکين کي هـُـئس اوڏڙو، تسين سـُـرهو هـُـيـَـڙس
ماءُ
اکين کان ته پري ٿيو وڃي ڪيو اٿس ڌڙ ڌڪاءُ.
---
دايون درمانديون گهڻيون ٻايون حويليءَ ڏانهن
مريم سا ماندي گهڻو تنهن جو سڙيو وڃي ٿو ساهه
جنهن جي مـَـنَ ۾ مانڌاڻيون پيون ۽ آنڊن ولوڙا.
---
مريم ماءُ ننگر جي آئي ريهون ڪندي راڻي
ادا ڙي دودا سومرا! توکي هيءَ نه وڻي هاڻي
رڱيا ڏاج ننگر جا جيڪي هي ته رنا هاڻي
ونـِـي جنهن جي ونواهه ۾ پئي نٿي پاڻي
ناٺي مارائين ٿو ننڍڙو، ڪرين ٿو وِلهي نياڻي.
---
حمال حيران هئا جيڪي ڏوليواڻ چون
چار سؤ ڪوٺيدار هئا جيڪي دارون ٿا جوڙين
پنج سؤ پلٿي باز هئا جيڪي ڀڳي ٽـُـٽي جوڙين
ست سؤ هئا واڍن جا جيڪي ڪـِـلا ڪوٽ جوڙين
چار سؤ هئا چمارن جا جيڪي ويٺا دُوال ڳنڍين
پنج سؤ پخالين جا جيڪي پخالون ته مـَـکين
گـُـل ميخون گاڏين کي بيٺا جوان جنجير جوڙين
سوا سؤ ڇيڙو هليو، هلي مڳ ميدان گهـَـڙين.
---
هيڪلڙو وڻ ڪانهرو، توڙي درخت هئي بابا
لڳيءَ ويلي جنگ جي ننگر هڪڙو ڪندو ڇا
اسين جوڙو سونهون جنگ ۾ عالادين اڳيان.
---
چاچو بابو نه ٿئي، ماسي ٿئي نه ماءُ
ڀاڄائي نه گهـُـري ڀيڻ جيئن، نڪي سؤٽ سڳو ٿئي ڀاءُ
سونڻ نينگر ننڍڙي رُليا رن ڪياءِ
آئي اٿئي لت آنڊن تي ڳاڙين ٿو ڳوڙها.
---
پکين ويري باز ٿيو، مڇين ويري ڄرڪو
ڀائرن ويري دودو سومرو، راڄ! اکين ساڻ ڏسو
جنهن ڀاءُ سـَـٺو هو ڪينڪي، تڙي ڪڍيائين ڀائٽيو.
---
ٻارهن ڀيرُون وڳيون، ڪيو ٿي ڀير ڌڪاءُ
چڙهيو آهي ننگر سومرو، وڳهه ڪوٽ وچن
پخالون ته پاڻيءَ جون ڪري هليون قطار
ڇوهه ٻڌا اٿن ڇڪڙا، آيا خچرن کي کوپا
گوڙيون گاڏين جون پون، ٻيا ٻگين جا ٻهڪا
ارڙهن سؤ اُٺن جي کنيو شهي دارونءَ بار
نوَ لک گهوڙو ننگر سان، چڙهيا ننگر جا يار
لٿا آهن تڙ روپاهه تي، سنڌ سندا سردار.
---
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، آهين ڪير جوان؟
رهين ڪهڙي راڄ ۾، تنهنجو ڪهڙو ملڪ مڪان؟
---
وڳهه مـُـلڪ اسان جو، وڳهه ملڪ مڪان
دودو چنيسر راءَ جو آهيان ڀاڳوءَ نالي ڀان
ڏَس ڏي مون ڏاتار جو، ڪٿي چنيسر ڄام؟
---
چئي: چونڪيءَ چنيسر ڄام جي ڀڙڪن ٿا ڀالا
ڀڙڪي آيا ڀانَ تي اچي تکو رکيائون تاءُ
ڪڍيو کيسي مان ڏئي ڀاڳوءَ مهرون مال متاع
لـَـب ڊَهيو اٿن لعنتي، جنهن طمع ڇڏاين تاءُ
وات چون ويهه ڪنيڪي، هٿ چون هـُـوءَ جاء.
---
آءُ اسان جا منگتا، ويهي سرندو ساز وڄاءِ
خوش هو دودو سومرو، خوش دودي جا دايا
موچي اسان جي ملڪ جا، خوش پرٽ پـِـڃارا
تون ڪـِـي خوش آهين، خوش تنهنجا قبيلا
ننگر ڇڏيو هوم ننڍڙو، وير وڏو ٿيو آهه؟
---
چئي: ننگر ڇڏيو هـُـوَءِ ننڍڙو، گهوٽ چڙهي گهوڙي
دودي جي درٻار ۾ ڀـُـڻون چچلو چاڳ ڪري
سون ورڻو سومرو جئن ٿو مور ٽلي
دودي مـُـڪو اٿئي تو ڳـَـر ننگر ميڙ ڪري.
---
مهٽ پئي آهي ملڪ ۾ ڪونه بچيو امراءُ
دودي آهن دايا چاڙهيا، ڪن اسان جو پرچاءُ
قدر سڃاتئين ڪونڪو، تنهن دانهه دودي راءَ.
---
ست ڀـِـينءَ، ست ڀونگر، ست سنڀران دودا راءَ
ٽي ستا ايڪيهه ٿيا، لنگهيا وڳهه جا بادشاهه
اهڙو کريو ڪونڪو، جئن کريو نـَـهري دودو راء
مائٽن کان رسي وڃي هو ٽـِـڪيو ٻانڀڻ واهه
سئو مڻن جي سراڻ هئي، سا ڇـِـڪي دودي راء
تڏهن پـُـنو عدت لوهارِ جو، سا پرڻي دودي راء
تنهن مان تون پيدا ٿيئن، مائٽن جيءُ وِڻاهه
تون سائين، آءٌ منگتو، نڪري ٻاهر آءُ
نه ته پـُـريون ڪندوسئين پڌريون، عالادين اڳياء.
---
اسين دايا سي چئون، جيڪي ٿڃ ٿا گڏ پين
ڀاءَ اسان جا سومرا ٿا ماڻهن ماس گهرن
ماڪڙ وانگي مينهن جي دَهڪو دوداڻين
ڏيندءِ دايا داغ دليءَ کي، سڀاڻي ڪـَـن تنهنجا
ڪپجن.
---
اتر آگم ٿو ڏسان، مونکي پئي ٿو ڪونه سماءُ
مـُـند ناهي مينهن جي، نڪي سانوڻ جو ئي واءُ
سومرا! پنهنجي سنڌ جو لهي ڏي سـُـڌ سماءُ.
---
ڪـَـنين ٻـُـڌا هـُـئائي سومرا، جن جا ڏيل اکيين ڏسجن
واسوڙا وڳهه جا اوهيرا ته انهن
ڀائر اسان جا سومرا ٿا ماڻهوءَ ماس گهرن.
---
بادل جئن برسيو اچي، ڪريو مينگهه ملار
کنوڻ تجلو جـُـهڙ ۾ جامڪين جنسار
اهي اٿئي ڏاڏاڻي ڏيهه جون جيڪي بجليون بس نه ڪن.
---
منگر چيو ننگر کي: ادا! اُٿي ننڊ مان، بابو آيو آهه
سمي چيو منگر، کي: بابو اوهان جو ڪوٽ ۾، اهو چريو
چنيسر راءُ
پاڳ نه پائي مٿي ۾، جنهن کي جـُـتي پيرن ۾ ناهه
ڀڙ اچي پيا ڀاڪرين، اتي ڪنهن جي ناهي جاءِ
ڪنهن کان ڇٽن ڪينڪي، جـُـنگن ناهي جاءِ
اُٿيو اُمرائن جا عضوا ڇني ڪيائين جدا
اتي ننگر ويو هو نڪري، منگر قابو آهه.
---
پايو پاند ڳچيءَ ۾ بيٺو پيءُ کي پرچائي
آندو اٿم نام الله جو، پاند ڳچيءَ پائي
ميڙ آندو اٿم مصطفيٰ، ڇڏ نه محمد موٽائي
جيڪو ميڙ مڃي ڀائرن جي، تنهن سان راضي رب آهي.
---
ڀلي آئين، جيءُ آئين، نچ آئين تون يار
تن ۾ طلب هيم تنهنجي ساري سڀ ڄمار
سي رب ميڙينم سپرين، سباجها ستار
ننگر پٽ! بادشاهه ڏي هلين جي هيڪار
سورهيه تنهنجي سر تي ڏيان سونهري سنيگار.
---
چئي: سون ته منهنجي سر تي اڳيئي آهي
چاچي مونکي چاڙهيو چئي سو چتائي
ڪڍ دغائي دل مان، ڇڏ مغل موٽائي.
---
هاٿي ماريم راءَ جو ڪڪو ته قهر منجهان
شينهن شينهڻ وراڌيا باغ ۾ جي پٽ تي ڪيم پرزا
وڌا هئم اکر قرآن تي، مون ڏاڙهيءَ قول ڏنا
تڏهن سڱ آڇيو هو سومري ٻاگهيءَ جو ته وهانءُ.
---
ننگر ٻاريئي ڪانڪا، پٽ! ڄمي ڪيو تو ڇا
ڪيهر ڄڻي هوم ڇڏيو وڳهه ڪوٽ وچان
دلي هئي پنڌ ڪانڪا، تون چڙهي اچين ها مون پـُـئان
قومون چڙهن ٿيون ڪينڪي، نڪي دلي هارائجان
هاڻي مغل موٽيو نه ٿئي، بنا ٻاگهيءَ ٻانهن.
---
واٽ اڳين کان نه رهـِـي، پويان، ڪيئن سي ڪن
وڃي دودل راء جي ڪا جي پوندي ڪن
ڪؤنر ڪچهري وچ ۾ مون کي وٽ نه ڏين.
---
هڪڙا ڏک ڏاڏهـِـينءَ جا، ٻيو ماريس تنهنجي ماءُ
جـُـٺ مون سان جيڏِي ڪئي دودي ڀاءُ
لڏي هليو هوس راڄ مان، جڏهن لاهي لاڳاپا
آئين مانجهي ميڙ ٿي تون پڻ تن منجهان
ويس ترسندو ٿي تڏهن من ڪا اچي ميڙ پـُـئان
چوڏهن ورهيه لنگهي ويا، رکيو ڪنهن نه ڌيان
پاڳ موٽائي مون ڏيو، سڱ ڏيو کي سلطان
صحي سانڍيندس سومرا، جنهن سان رکيو راڄ رياءُ.
---
ٿڪ چنيسر لعنتي، واتئون ڪين وڃاءِ
پـُـکو نه سارين پنهنجو، اٿئي لوهر ناناڻا!
---
اچي يار ننگر جا، مڙي مانجهين ڪئي مصلحت
اسين آهيون تابع تنهنجا، جي راوَ ڏين رخصت
ڪـُـهون چنيسر راءَ کي ڏيئي سسيءَ تي لت
ڦـُـريون عالادين جي هلي مڏي ۽ ماليت
---
ننگر تنهن يارن اڳيان، اچو ڪري آزي
چنيسر کي پرچائـِـڻ جي بابي بنائي بازي
اوهين ڪريو دل قاضي، ته پيءُ ڪنهن ماريو پانهنجو!
---
اچي تمر بيگ کي ڏنو ننگر نر سلام
ورتو ڪين ننگر جو تمر بيگ سلام
تو جيڏا مون نينگرا ڪـُـٺا ڪونڌر جوان
آءٌ آرس مـَـرندي نه اُٿيان سر اڳيان سلطان.
---
چئي: تـُـندي ۽ تڪبر جو ٿورو ڏينهن ٿيندو
بانور ڪيو اٿئي بڇڙو، تنهنجو واءُ لهي ويندو
ديهوڙي ديمن سان ننگر تو مٿي ايندو
سسي تو تمر بيگ جي ڪڏهن نيزي منجهه نيندو.
---
ماڳـِـهين ناهيان مڱيو، مون کي ڪاڏنهن ٿيو ته وياءُ
ڪنين ٻـُـڌو اٿم ڪونڪو ڪنهن مـُـلي جو ته نڪاح
مڙسن کي ٿئي مڙسي، سا ماڳهين مون کي ناهه
هي ديميون ڏسي آهي دهڪيو، ڇوڪر سـُـڪو ساهه.
---
آرڻ اُپت انهن جو، آهي کنون کيٽ سندون
مصرين منهن ڪڍيو اسان فصل موڪ پڪون.
---
ڀائر پرچو پاڻ ۾، آهي ٻاگهي منهنجو مـَـٽ
سڀ پهرايان سومرا جهجهو ڏيئي پـَـٽ.
---
ٻاگهي سوڙهه ئي نه ڏيان، آهي ٻاگهي مون مائي
ٻاگهل جو جيڪو نانءُ وٺي، تنهن جي وات وڍيان وائي
ڪپيان سر سلطان جو، ڇڏيان کـَـنن سان کائي.
---
اوهين ڀائر پرچو پاڻ ۾، ٻاگهي ڏيو مون
سڀ پهرايان سومرا جهجهي ڏيئي ڀـُـون.
---
اوڇا اوڇـِـي ذات جا، تون اوڇو نه ڳالهاءِ
ڍولي آنداءِ ڍٽ مان، مون کي مرڪي موڙ ٻڌاءِ
ڀائٽي هجيئي ڀاڻيجي، کڻي محمد کي ته مڱاءِ
وڏي هجئي ڌيءَ وڏاندري، کڻي منگر کي پرڻاء
سڀ چوڙيليون ڦريئين، کڻي پرڻايان پنجاهه
تون سالو، دودو ڀيڻويو، ٿو اهڙو جوڙ جڳاءِ
گولا! بادشاهن سان تو ڪيو ويڻ وڌاءُ
خبر پوندءِ ڪانڪا جڏهن ڦري ويندوسين ساءِ
هاڻي سنڌ ترارين وچ ۾، جيڪو کٽي سو کاءِ.
---
منگر ڳوڙها ڳاڙيا، سي ننگر پاڻ ڏٺا
وَهي ٿي سـِـير سمونڊ جي، پنهنجو پنجاهه ڪندو ڇا
چئي: متان منگر ماندو ٿئين، پاڻ سان حامي شاهه
اَبو ويٺو اَٿن آگم سان، جيڪو سوسي ڪڍندن ساهه
وِڳڙيو ديهه وڳهه جو، جيڪو جهليو اچي نه جاءِ.
---
موزون جي مهميز جون پيو گلم مٿي غوغاءُ
هنيائين لت منجيءَ کي، وڃي باهڙيو بادشاه
چوڌاري چؤرنگ کي ڪيائين دريون دروازا
سرخ پـَـٽو هو سومري، چؤرنگ لاتئين چاهه
ڀاڪر پاتائين ننگر کي، ڪيائين منگر ڪوڙي ڏانهن
گهوٽ چاڙهيائين گهوڙن تي، آيا اُڙدن مان هليا
هـُـو تان چؤرنگ اَهنجو تان اَهنجي لهڻ جاءِ.
---
ماريم شينهن هالار ۾، جنهن جي ٻيلي هر وهيا
اُٺ ٿي ماريم وڳ جو، کير عالم ٿي پيتا
ماريم آدمخور کي جتان روان ڪيم رستا
روڪيم راڪاس کي جنهن کان ماري ملڪ ڇٽا
ڀڳم در دليءَ جو، جنهن تي لڳو هو لک سوا.
---
ساريون ويڙهي سومرو، آيو هو ڍارا ڍول ڍڪي
وڏا وير وزير هئا، منهنجا لڏڻ ويا لڏي
اُڙد به انڌوڪار هئا، مون کي ڇانگون ويو ڇڏي
هينئڙو دودل راءِ هو، جيڪو لهرين منجهه لڏي
ڪيئن وڙهان سر ويرين، مون کي مانجهي مصلحت ڏي.
---
رنبن تي راهون مـُـنڊيون، ڏس کيڏ کڙين جي آهه
هڪلون حسڻ بيگ جون ويٺي پاڻ ٻڌيون بادشاهه
سـَـرسـِـي سليمان جي، جيڪو اڳ ۾ رسيو آهه
پنگلي ٿي پرواز ڪيا، مـَـٽي راڪاس مٿان
رڱ رڱيائون ڪپڙا، رڱيئون مولاهاٽا
ڏينهن ته ٿيندو هڪڙو، ٻيون مڙئي راتا
ڇٽندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.
------
|