ڪڇ جي شاعر دليراءِ ڪاراڻي جي بيتن جي جوڙيل ڳالهه
1- سنڌ ملڪ سـُـهاوَڻو، سـَـرجيو سـَـرجڻهار
دودو چنيسر سومرا، سنڌو جا سردار
پوءِ ٻـِـين ٻانڌڙان
(1)
مان لڳي اچي تخت مٿان تڪرار
وڃي چنيسر دانهن ڏني، دِليءَ جي درٻار
پوءِ ترت ٿيو تيار، علاؤالدين آيو چڙهي.
2- علاؤالدين آيو چڙهي، ڏيئي ڏَنڪي کي چوٽ
سومرين جي سوس
(2)
۾ آيو عمر ڪوٽ
جـُـڌ مـَـنڊاڻو
(3)
، جهـِـينڪ
(4)
ٿي ڪـَـنپـِـي هليا ڪوٽ
سڀي سمر ۽ سومرا کپي ويا ڪي کوٽ
پوءِ هليون هڪڙي اوٽ، سنڌ نـُـون ست ويهون
سومريون.
3- سنڌ نـُـون ست ويهون سومريون، آيون ڪـَـڇ وڍَس(5)
ابڙو ابڙاڻي جتي نـَـر ويرين ۽ نر
ڏَنڪا جنهن جا ڏيس ۾، وَنڪا وِڪٽ ڀـَـڙ
پوءِ اڄ پڻ آهي امر، اهو ڪاڇي جو نر ڪيسرِي.
4- ڪاڇي جو نر ڪيسرِي، ابڙو چئي ٿو ايئن
ڀلي آيون ڀينرون، اَئين فڪر مَ رکجو ڪيئن
واء مارِي ڪوئل
(1)
اچي، اَئين پڻ اچو ٿيون اِيئن
اڻ ڏٺي آڏو ڦران، سو ڏٺي ڏيان ڪيئن
منهنجي سر تي مـِـينهن ڀالين جا وَرسي ڀـَـلـِـين.
5- ڀالين مـِـينهن ورسي ڀلين، ايڏو ڪيائين اقرار
ايتري مان تان آ پڙي
(2) ،
علاؤالدين جي وار
تنهن کي واٽ وَتائجو، ابڙي ڪيو اظهار
مـَـسال کي ٻاري ڪري ڪپہ ٻارو ڀار
او تنهن جي آڌار، علاؤالدين آيو پـُـڄـِـي.
6- علاؤالدين آيو پـُـڄي، طنبو ڪيائين تيار
وَڍسر ۾ هو وِيرلو
(3) ،
اورِسيو مينگهواڙ
اُن چالاڪي عجب ڪـِـيـَـئين، حڪمت ڪـِـيئين حد پار
ڀڳو بـَـنـِـي سنڌي ڪـُـتو، سـُـتو جـِـتي سردار
ڪڍي آيو ڪٽار، رکي ڪري رانپڙي.
7- رکي ڪري رانپڙي، ڪڇ جي وَتائي ڪـَـلا
(4)
ڌرم يـُـڌ ۾ دغا جو چئي ٿا ناهي چلا
سـَـوار ۾ سلطان چئي، بچائي ورتو الله
چئي ٿو ابڙي ڄام کي، سـُـڻ تون منهنجي صلاح
ڀـَـلو ٿئين ڀـَـلا! سونپي ڏي تون سومريون.
8- سومريون ڪيئن سؤنپيان، ابڙو چئي اڙٻنگ
مهانگي اِني جي موجڙي
(1)
، سهانگو مَ سمجهه سنگ
سومرين جي سڱ جو رِڻ ۾ ڏسندين رنگ
پـَـتي نٿو پڻ پاتشاه، نـَـمي نٿو اڙٻنگ
جوڌا چڙهيا جنگ، ڏَنڪي تي ڏانڊِي لڳي.
9- ڏنڪي تي ڏانڊي لڳي، نڪري پيا نر وير
هڪڙو دِلي جو ڌڻ، ٻيو وَڍسر جو وير
ڌِگا ڌِڱاڻين چڙهيا، رَڻ وَنڪا رَڻ ڀـِـير
اُٿليا تـَـتا تـِـير، اُونچا اُڏي آڪاش ۾.
10- اُونچا اُڏي آڪاش ۾ سـَـڻ سـَـڻ سـَـڻ سڻراٽ
ڪـَـريين
(2)
ٿا رَڻ گهوڙلا، هڻ هڻ هڻ هڻراٽ
جهالر جي جهڻڪار جا جهڻ جهڻ جهڻ جهڻراٽ
پوءِ کانڊين جا کڻراٽ، رَڻڪي رَڻ ميدان ۾.
11- رَڻڪي رَڻ ميدان ۾، رڻ کيلاري نر
سـُـورهيين جا رت ٿا تـَـپي، ڪـَـنپين ٿا ڪانيـَـر
رَڻ ڌِينگا(3)
رَجپوت چئي: ’هر هر سـَـنڀوهر‘
پوءِ سـِـينـَـڪ چئي سلطان جا، الله اڪبر
پوءِ مانـَـوَ مـَـهاساگر، جهـُـڪي پيو رَڻ سنگرام
۾.
12- جهڪي پيا رڻ سنگرام ۾، ڪئين راڻا رجپوت
ڌِينگـِـي ڪڇ - ڌار، جتي ڪانيـَـر ڪونه ڪپوت
رنگيا لال گلال ۾، ڪر جوڳيڙا اَبڌُوت
پوءِ جوراتا
(1)
جـَـمدُوت، ڪـُـڏندا آيا ڪيسري.
-------
ڀاڳو مهر (رحيم يار خان) جسواڻي جو جوڙيل
ڳالهه بيت
[ڀاڳو مهر، پاڙو جسواڻي، رحيم يار خان کان ٻه - ٽي ڪوه اوڀر ويٺل هو. 1948ع
ڌاري وفات ڪيائين. سگهڙ عبدالستار فقير مهر هي بيت
اسان کي ٻڌايو، ۽ چيائين ته ڀاڳو اسان جو ڏٺل هو.
ن - ب]
ڀائر لڙيا هئا پاڻ ۾، ارڏا افلاطر
پـِـيڙهي وڏو پير ۾، چائي چنيسر
لڳي هـِـي دانهه داناء جي، جڏهن مور(1)
ته مرڪيو مر
ڪٽڪ عالادين سان هو وڏو دَفر تر
ٿيو سڏو سنڌ ساري کي، ڇـَـليون مـِـڙيون ڇـَـر
لاکي سـِـر لوڙِي گڏيا، ٿيا لانبا لشڪر
وڃي ٿيو واڪو وڳهه ڪوٽ ۾، اڳيان نام ڪٺيا نوڪر
دودو ٻـُـجهي دوداڻي، سو کـَـني ڌڻي کنگهـَـرُ
هـُـنيون دُنگ دماڪ ۾، سو ڏاريو ڏئي
(2)
ڏونگر
سڱ نه ڏيندا سومرا، ڪنهن ڏاڍي زور زبر
ڪاهـيـُـون
(3)
لنگهي ڪٽڪن وچ ۾ نعرا ڪيو ننگر
ابڙو اتي راند رمي گيو، جـَـکريا جوراوَر
ڪئي آ ڀاڄ، ڀاڳو چئي، خان کڻندا خچر
دلي کولي در، مغلن ماڻي ڪانه ڪا.
--------
لعلڻ خان لغاري (تعلقو شهداد پور) جي بيتن ۾
جوڙيل ڳالهه
[لعلڻ خان ولد علي بخش پاڙو سنجراڻي لغاري، ويٺل ڳوٺ گل محمد لغاري، تعلقو
شهدادپور. سنه 1895ع ڌاري ڄائو ۽ 1972ع ۾ وفات
ڪيائين. سندس گهڻو ڪلام سرائڪي زبان ۾ آهي. هن قصي
کان سواءِ يوسف زليخان ۽ هير رانجهي جا قصا پڻ
ٺاهيائين. گفتي جو ملوڪ ۽ سڄاڻ سگهڙ هو. ’دودي -
چنيسر‘ جي هيءَ ڳالهه 1960ع ۾ سندس زباني قلمبند
ڪئي وئي. سندس چوڻ موجب ننگر جي نظر بيگ سان لڙائي
واري واقعي تائين بيت ڪنهن آڳاٽي هلندڙ ڳالهه وارا
ساڳيا بيت آهن، جن ۾ پڻ قافين جي گهڻي ڦير گهير
ڪيائين ۽ ڪي وڌيڪ تـُـڪون ۽ مصراعون شامل ڪيائين.
ان بعد سمورا بيت سندس جوڙيل آهن. هر بيت جي آخر
۾ ”الو الو هادي الله، تون يا الله“ وراڻي طور
تي چيائين. ن - ب]
آئي ماءُ ننگر جي، سا رِيهه ڪري راڻي
گفتا گوهر ڪي ڪيا، اچي سوڍل سياڻي
ڪهڙا خط خلل جا، مونکي حوال ڏيو هاڻي
جيئري هن جهان ۾ آهيان سورن ڪئي ساڻي
جيرا سڀ جلي رهيا، ناهي پـِـنبڻين ۾ پاڻي
ناٺي مارايئي ننڍڙو، وِلهي ڪيئي نياڻي
وو اَلو اَلو هادي الله، يا الله!
ننگر جي ماءُ کي جڏهن دودي سومري روئيندو پٽيندو ڏٺو، تڏهن کيس دلداري
ڏنائين ته: مائي! پنهنجا ٻئي پٽ ننگر ۽ منگر سلامت
آهن ۽ لشڪر سان جنگ ڏين. هاڻي آءٌ خود لشڪر وٺي
انهن جي مدد لاءِ ٿو وڃان.
ڪـَـلهـِـي ٿيء نه ڪانهري، مائي! رات وهامڻ ڏي
منهنجون ۽ عالادين جون ڳالهيون ڪندا ڪي
ڪندس پـِـيل پٺاڻ ڏي هوندو عالادين اُتي
مــُـور نه ويهڻ ڏيان مغل کي، وڃي دلي دام
جـَـهٽي.
جڏهن ڏينهن ٿيو تڏهن دودو شڪار جو بهانو ڪري، لشڪر وٺي، جنگ جي ميدان ڏانهن
ويو. شڪار جو بهانو اُنهي ڪري ڪيائين ته متان پوين
کي اڪيلائي سبب ڊپ محسوس ٿئي:
گهوٽ چڙهيا گهوڙن تي، ساري حضرت شاه
پائيندڙ جيئن پائيندا وڃن، جيئن دؤر ڪري درياه
ڪـُـڏن ڪيهر شينهن، جيئن هرڻ ڏي ويلا
پـُـورب کان پلٽيا وڃن، جيئن واءُ ڪري واڪا
لٿو ته ’وِيران واه‘ تي، دانـَـهه دودو راءُ.
جڏهن دودو وِيران واه تي اچي پهتو، اُن وقت دودي جي نگاه چنيسر جي نيري
گهوڙي تي وڃي پيئي ۽ چنيسر به دودي جي گهوڙيءَ کي
يڪدم سڃاتو. ٻنهي کي هڪٻئي جي ڏسڻ جي سـِـڪ ٿي ۽
گهڻي اُڪير مان ويجهو اچي، ڀالا هڪٻئي سان
مـِـلائي، خوش خير عافيت ڪيائون ۽ اکين مان گهڻو
آب هاريائون.
دودي تنهن داناه جي وڃي نـَـر تي پئي ته نگاه
ڪئنڪٽ منهنجي ڪـُـڙهه جو ۽ سوار ته ڪهڙو آه
چريي چنيسر چاه مان، ڏٺو دودو سو داناه
ترسيو ڪونه طنبو ۾، جاڳي جوش پيا
پورب کان پلٽيو اچي، جيئن واءُ ڪري واڪا
اَصلي تنهن اِسلام جو اچي سلام ورايو آه
ڀائر مليا پاڻ ۾ ڏيئي ڀالـَـن ۾ ڀالا
آندائون آب اکين مان، جيئن ساوڻ مينهن وٺا
وڇڙيل هئا ورهين جا، ڪيا هادي هيڪاندا
آهن مليا پاڻ ۾، ڏيئي ته ڏوراپا
آئي مهل پڳ جي، مون سان ڀيڙو ٿـِـيـُـون نه ڀاءُ
راڄ محابو ڇڏيو، منهنجا دشمن اصل ٿيا
جوئـِـن مون سان جاڙُون ڪيون، ويري ٿيون توڙا
تيرهن سال دلي ۾، منهنجو تو لئي ويو ٿئي ساه.
جڏهن ٻنهي ڀائرن روئي هڪٻئي کي ڏوراپا ڏنا، تڏهن ننگر چنيسر کي چيو ته:
سمورو ڏوهه تنهنجو آهي. جڏهن ڪنهن به طرح سان توکي
اسان پڳ ٿي ٻڌائي، تڏهن توکي ڪنهن چيو ته ماءُ کان
وڃي پڇ. راڄ به تڏهن ته بگڙي ويو.
ڏک ڏوراپا ٿا ڏيو، ويجهڙ ٻئي ويهي
چاچي چنيسر جي هٿان، آ ڪانه وسان پيئي
پڳ مـِـٺي ڪئي پانهنجي، وَر ٻـِـٽا ڏيئي
قصا ڪندو ڪيترا، جا ڳالهه هٿان ويئي.
جڏهن هڪٻئي کي ڏوراپا ڏيئي ڇيهه ڪيائون، تڏهن چنيسر چيو ته: هاڻي آءٌ پنهنجي
لشڪر ڏانهن ٿو وڃان. جنهن وقت جنگ شروع ٿيندي، ان
وقت اٽڪل سان لڙائي اوهان جي طرفان ڪندس، ڇو ته
مونکي ننگر جو ڪـَـهڪاءُ اچي ٿو.
تڏهن چيو چنيسر چاه مان، وڃان ٿو هاڻي
جوڌا جنگ ميدان ۾، سي ايندا سڀاڻي
وڙهندس يار ويرين سان، جيئن اٺ چـَـري لاڻي
ڪارنهنَ لايان ڪينڪي، ڏيهه ته ڏاڏاڻي
مونکي مرم ننگر جو، پـَـرور ٿو ڄاڻي.
انهي مهل ته چنيسر موڪلائي هليو ويو، پر وري اوچتو اڌ رات جو ڪـُـمهلي وقت ۾
واپس موٽي دودي جي لشڪر ۾ آيو ۽ ننگر کي اچي
چيائين ته: مغل تمام گهڻا جوڌا جوان آيل آهن،
ڏينهن جو تن سان پڄڻ ڀيڻي ڪانه اٿئي، باقي سوڀ
کٽڻي هجيئي ته هن مهل هلي حملو ڪر.
آيو آڌي رات جو، اچي چنيسر چـَـيـُـن
ماريا شڪاري شاه جا، جيڪي شوق شڪار به ڪن
ٻيا شيدي ماريا شاه جا، جيڪي ڄاڻن ملهه منجهن
هي پلٿي باز پٺاڻ اٿئي، هڪ ويهن ته ٻيا اٿن
گهوڙا پاريل تن جا، جيڪي ڊوڙيو ڌڪ هڻن
هـَـنان، زِينـُـون، سـِـپرُون ڪيو ٿا گهوڙي پيٽ
لڪن
راتاهو ڏي رات جو، من ويري زور وٺن.
تنهن تي ننگر پنهنجي پيءُ چنيسر کي چيو ته: بابا! رات جو چورن وانگر حملو
ڪرڻ ڪنهن مڙس جو ڪم نه آهي. ميدان ۾ مردن وانگر
لڙڻ منهنجو مـَـرڪ آهي. تون موٽي وڃ ۽ اهڙي صلاح
مونکي نه ڏي.
اچي آڌي رات جو، تون سـُـتا نه جاڳاءِ
توکي عقل اڱار جو، آهي سيڪ سـَـنداڻي ساءُ
مرد وڙهن ميدان ۾، پوي سانن جو ته سماءُ
لـَـڪڻ کڻان هوند هڪڙو، تان لوڏيان لک سوا
چـِـڙي وڙهي ٿي باز سان، جنهن جو حامي حضرت شاه
سوڀـُـون وس ستار جي، جن ڏياري پاڻ خداء.
هاڻي صبح سويرو ٻنهي لشڪرن جنگ جو سعيو ڪيو. مغلن جي لشڪر جي ڪمان ’گهرام
خان‘ سنڀالي ۽ سومرن جو سپه سالار ’ننگر‘ ٿيو.
ٻئي لشڪر وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا لڙائي شروع ٿي.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، ۽ اُڀريو ٿي تارو
غوث بهاؤالحق جو بيٺا نر هڻن نعرو
علي علي وات ۾، پڙهن حسيني ڪيڏارو
ڀڀڪي ڀير دِليءَ جي، وڳو گـُـهرام نغارو
ڌَچر ٿو ڌان ڌان ڪري، اُٿي ننگر ڏي وارو
ڪان، بندوقون ڪيتريون، ٿيو سـَـيفـَـن سڌارو
هاري کـَـٽي جيڪو هتي، جنهن کي واحد ڏي وارو.
جنگ شروع ٿي ويئي ۽ جوڌا پنهنجي پهلواني ڏيکارڻ لڳا.
ساري حضرت شاه کي اڄ مرد ميدان اچن
ڀـَـڙ پوٽا ڀونگر جا، ٿا رؤنشي راند رهن
سـَـٿريـُـون وجهن پيا سومرا، جيئن لـَـنب جو گاه
لڻن
رُڪ جا ٻيانا هٿن ۾، بيٺا جهانگي جهنگ هڻن
ساوا پـِـيلا گلاب جا تن ٻڌا ته جهـُـوڙ جهنڊن
شاهي شيشا شراب جا، اڄ ڪڍيا ڪـَـلالن
ننڍڙا يار ننگر جا، سي پـِـيئندا پاڻ اَچن
هـَـڻ وَٺ وائي وات ۾ هئي ننگر ٻيليئڙن
جوٽ جنگيون منهنجا پرين، اهڙيون مهلون ڪين اَچن
پلٿيباز پٺاڻ هئا، هڪ ويهن ته ٻيا اُٿن
گهوڙا پاريل اُنهن جا، جيڪي ڊوڙيو ڌڪ هڻن
هـَـنان، زِينون سـِـپرون ڪيو، سي گهوڙي پيٽ لڪن
ڪارابـِـين ته ڪڙڪيا، اَڄ بس نه بندوقون ڪن
لارين لاءُ وڏا ڏنا، ٻيون دُناليون ڌڌڪن
سنڌ جا سورهيه سومرا، پيا ويريءَ ساڻ وڙهن
ماڪڙ وانگر مينهن جيئن، ڪڙڪيو ڪان ڪرن
رات رهي پيا رڻ ۾، ته به کاڻا ڪين کـُـٽن.
جنگ ڪندي رات ٿي ۽ لڙائي بند ڪيائون. مغلن جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ ڪيترائي
پهلوان مارجي ويا. صبح وري جنگ شروع ٿي.
رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
وڙهن ڪٽارِين ڪاتيين، بيٺا ڀالا هڻن
نر نشي نوازيا، بيٺا ’عـَـيلـِـي عـَـيـلـِـي‘ ڪن
هڻ وٺ وائي وات ۾، پيا ڪڪا ڪـِـيهـُـون ڪن
هيٺان جـَـنگ ننگر جي، مٿان ڳجهون ته ڳاه ٻـَـڌن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، للنگهه پيا ليٽن
مر سي مائن ڄائيا، اڄ اورانگهيو اچن
عضوا اُمرائن جا پيا لوهـو منجهه لڙهن
پرزا پوشيدن جا، اُڏريو عرش وڃن
سسيون آهن سلطانن جون، ڪلر منجهه ڪرن
پـِـيڻـِـينِ پٽ وسائيا، ٻيون ٻولهايون ٻهڪن
تيرهن ڏينهن ترار سان ڪيو مقابلو مردن
چوڏهين ڏينهن چوغان ۾ هو رڻ ڀيليو راوَن
پنڌرهين ڏينهن پـَـٽن تي ديميون پيو دَؤنڪن
سورهين ڏينهن ميدان ۾ هو سج ڏٺو راوَن
هڪ ڌَريائون ڌوڙ ۾، ٻيا ناري ڏَس پـُـڇن.
هاڻي سومرن، مغلن جي لشڪر ۾ هاهاڪار مچائي ڇڏي. گهرام سپهه سالار به مارجي
ويو ۽ دودو به جنگ جي ميدان مان موٽي واپس وڳهه
ڪوٽ ڏي آيو. باقي ننگر ۽ منگر ميدان ۾ رهيا. هاڻي
هـَـنبس پٺاڻ مغلن جي لشڪر جو سالار ٿيو. جنگ تي
چڙهڻ مهل هنبس کي سندس ماءُ چيو ته:
ٻيا ٻـَـڌن ٿا هيڪڙي، تون هـَـنبس ٻڌين ٿو ڏُون
مغل هزارين ماريا، ڇو تڪڙ ڪرين ٿو تون
اڳيان به مرد مٿير ٿئي ڀيري هڻندءِ ڀـُـون
ڏسي تيز ترار جو، موٽي اچي نه مون!
ماءُ هـَـنبس کي گهڻو ئي سمجهايو پر هنبس ڪنهن به طرح جنگ ڪرڻ کان نه
مـُـڙيو، ۽ پنهنجي ماءُ کي چيائين ته: اَمان!
مونکي اِها دعا نه ڪر. آءٌ يا ته سوڀ جي خبر کڻي
تو وٽ ايندس، يا ته منهنجو لاش تو وٽ پهچندو.
آيل! ڏي نه مـِـهڻا، منهنجو ساڙيو وجهين ٿي ساه
مانجهي مـُـڙندا ڪينڪي، پتنگ ٿيندا سي پاه
پئسن جيئن مان گهورجان عالادين مٿان
مرد وڙهن ميدان ۾، ٻي حاجت ڪنهن جي ناه
يا سوڀ کٽيان ميدان ۾، يا مڙه ملندءِ ماءُ!
هاڻي جنگ جي تياري ٿي ۽ هـَـنبس پٺاڻ مغلن جي لشڪر جي ڪمان سنڀالي، ننگر
سومري جي مقابلي لاءِ آيو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو ٿي تارو
غوث بهاؤالحق جو، بيٺا نر هڻن نعرو
’عـَـيلـِـي عـَـيلـِـي‘ وات ۾ پڙهن حـَـسنـِـي
ڪيڏارو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، وڳو هـَـنبس نغارو
هلي آ مرد ميدان ۾، اٿي ننگر ڏي وارو!
جنگ شروع ٿي. سومرن پاران ”هاسو سوڍو“ به وڙهيو ۽ ڏاڍي بهادري ڏيکاريائين.
ساري حضرت شاه کي، اڄ مور آيا ميدان
مانجهي مرد مچي ويا، جيئن پتنگ اَچن پروان
وِير وڙهي پيا پاڻ ۾، ٿيو طرف ٻنهي طوفان
ننگر ٿي نعرا هنيا، سو جوش ڪري جولان
هنبس ٿي حملا ڪيا، جوش ڏيکاري جوان
هاسي ٿي هڪلون ڏنيون، جيئن گوڙ ڪري گهمسان
منگر ٿي مارا ڪيا، اچي مغل ٿيا حيران
مغل اچي ماندا ٿيا، جيڪي ننگر ڪيا نادان
رات لهي ويا رڻ ۾، سڀئي وٽ سامان.
رات گذري ۽ وري ڏينهن جو جنگ جي تياري ٿي. ٻئي لشڪر آمهون سامهون لڙڻ لڳا.
هنبس پٺاڻ، سـَـوائي پهلوان سان مقابلو ڪيو، جنهن
۾ سوائي ڌڪ جهلي ميدان مان ڀڄي ويو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، ڪيو آ شمس شعاع
’سوائي‘ گهوڙو ڪاهيو، اڄ ساري حضرت شاه
تڏهن هنبس چيو هسوار کي هاٿي جهـَـٽ جهـُـڪاء
ٻيلائي اچي ٿو ٻهڪندو، ڪري ٿو ڪونه سماءُ
پنج ڌڪ پٺاڻ جا لڳا تنهن سوائي ڏانهن
سوائي هٽيو پوئتي، آيو نـِـيري ڏانهن
هنبس چيو هسوار کي، تون ترسي گهوڙو ڪاه
چئي: ڀڳي پٺيان آءٌ پوان، لولي ڏني نه ماءُ!
جڏهن سوائي هارائي ميدان مان ڀڄي ويو، تڏهن منگر، هنبس جي مقابلي لاءِ ميدان
۾ آيو، ۽ ٻئي پهلوان لڙڻ لڳا.
’منگر‘ آيو ميدان ۾، ساري حضرت شاه
تڏهن هـَـنبـَـس چيو هـَـسوار کي، هاٿي جهٽ
جـُـهڪاءِ
ٻيلائـِـي اچي ٿو ٻـَـهڪندو، ڪري ٿو ڪونه سماءُ
وير وڙهي پيا پاڻ ۾، جاڳي جوش پيا
ويرين وڙهندي پاڻ ۾ لنگهيو پهر سوا
ڪانٽو لڳو ڪاپار ۾، منگر سو مٿانءُ
ته به منگر مـُـڙي ٿو ڪونه ڪو، جوان بيٺا جوٽيا
سؤٽ نه ڏٺائين ڀر ۾، جنهن جو سڙيو وڃي ٿو ساه
هنبس منگر ٻئي پاڻ ۾، مٿان آيو ننگر راءُ.
جڏهن ننگر هنبس جي ڀر ۾ آيو، تڏهن هنبس فخر ۾ ڀرجي چيو ته: تون منهنجو
مقابلو ڇا ڪري سگهندين، خوامخواه وقت وڃائيندين،
موٽي وڃ! تنهن تي ننگر نه مڙيو ۽ لڙائي ٿي.
هڪ جيڏو، هڪ سـَـرتو، مونکي ته ماري ڪير
سـَـٽي ڇڏيندس سومرا، ڍُونڍ ڪندس ڍير
ڪندس پاهه پـَـٽن تي، وٺان اڳين جا وير
ڊاهيان ڪـُـنگرا وڳهه جا، ٻـَـڌان چنيسر ڀير.
هـَـنبس جڏهن تڪبر مان ننگر کي اهڙا اکر چيا، تڏهن ننگر ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي
ويو، ۽ هنبس کي چيائين ته: اي پٺاڻ جا پٽ! تون
الائي ڇا تي ٿو بانور ڪرين، اچ ته خبر پوئي!
ننگر آيو ٿئي ناز مان، جنهن کي جاڳي جوش پيا
اولهه کان جنگ جوٽيو، اوڀر تي آيو آه
اوڀر کان جنگ جوٽيو، وري آيو ڏکڻ ڏانهه
ڏکڻ ڏوڙِهيو ننگر جو، وري اُتر آيو آه
هاڻي وڙهي ٿو هـَـنبس سان، جنهن تڪبر ڪيو توڙان.
منگر کان پوءِ ننگر هٿيار ڦٽا ڪري، هنبس سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ پٺاڻ کي
هڪل ڪيائين:
ساري حضرت شاه کي، آ گهوٽ چڙهيو گهوڙي
سونهري سـِـرپاه سان بيٺو زره ڳـَـلا ٽوڙي
هنبس هٿيارن کنيو جانِ بيٺو جوڙي
هلي آ پٽ پٺاڻ جا، ڪيو تڪبر ٿئي توڙي
لڳو آ جوش جگر کي پيو ڊُڪي ۽ ڊوڙي.
جڏهن ننگر هٿيار ڇوڙي هـَـنبس سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو، تڏهن مـُـنگر چيس ته:
ادا! اڳيان به پهلوان مـَـٽيو بيٺو آهي، ائين بي
هٿيارو دشمن تي نه وڃ، هٿيار کڻي پوءِ وڃ، انهيءَ
۾ چڱائي آهي.
تڏهن منگر چيا ننگر کي گوهر هي گفتا
مون وڏائي وس ڪيا، وڃي بانشو بغل منجها
کڻي هٿيار هنبس تي، وڃي ڀاءُ منهنجا ڀالا
بي هٿيارو دشمن تي وڃڻ نه واجب آه.
مـُـنگر جي چوڻ تي ننگر هٿيار ڪري ۽ هنبس سان لڙڻ لاءِ ميدان ۾ آيو.
مرد آيو ميدان ۾، اڄ ساري حضرت شاه
هڪل ڏني آ سومري، تـِـکا ڏيکاري تاءُ
هلي آ مرد ميدان ۾، پوي سانـَـن جوته سماءُ
تڏهن هنبس چيو هسوار کي، هاٿي جهٽ جهـُـڪاءُ
ٻيلائـِـي اچي ٿو ٻهڪندو، اڄ ڪري ٿو ڪونه سماءُ
هنبس ڪيا هسوار تي، ترار جا تجلا
بچي ويو بحر مان، جنهن سان حامي حضرت شاه
گـُـسي ويا گيدي کان، جنهن جي ڦڦڙ ۾ ڦڙڪاءُ
ذرو زره کي ڪونه ٿيو، هئي جـَـڙيل جان مٿاء
هڪل ڏني آ سومري، جنهن کي جاڳي جوش پيا
چنبو وڌائين چـُـوڙ ۾، ڪيائين هنبس کي هيٺا
اِئين پڇاڙيئين پيرن ۾، جيئن ڌوٻي سٽي ڪپڙا
پرزا ڪيائين پٺاڻ کي، جنهن جو سوسي ڪڍيائين ساه
وٺ نظر ڀاڻيجو پانهنجو، کڻي وڃ کٽ مٿان.
جڏهن نظر بيگ پٺاڻ جو ڀاڻيجو هنبس مارجي ويو، تڏهن ڏاڍي ڪاوڙ لڳس، سو ننگر
سان لڙڻ لاءِ تيار ٿيو.
سج اوڀارُو لـَـڏيا نظر بيگ جا سامان
هنيو سنگينيون سي جـَـڙِين بيٺا جوان
ٻاويهه سؤ ٻـَـگهين جا، ٻيا گاڏين جا گهمسان
شيهي ۽ دارُن سندي ٻي ڪمي هئي ڪان
بادل جيئن برسي چڙهيا، جيئن آگم ٿئي آسمان
کنوڻ کـِـنوي آسمان ۾، تيئن جوش ڪيائون جولان
لٿا وِيران واه تي، پـِـڙ مٿي پهلوان.
هاڻي ننگر ۽ نظر بيگ لڙائي لاءِ تيار ٿي ميدان ۾ آيا.
ساري حضرت شاه کي اڄ مرد ميدان اچن
ڀـَـڙ پوٽا ڀونگر جا، ٿا رؤنشي راند رهن
سـَـٿريون وجهن پيا سومرا، جيئن لـَـنب جو گاه لڻن
ساوا شيشا شراب جا، ڪڍيا ڪـَـلالن
ننڍڙا يار ننگر جا، سي پـِـيئندا پاڻ اَچن
نر نشي نوازيا، بيٺا ’عـَـيلـِـي عـَـيلـِـي‘ ڪن
جوٽ جنگيون منهنجا پرين، اهڙيون مهلون ڪين اَچن
ڪارابين ڪڙڪيا، بس نه بندوقون ڪن
ماڪڙ وانگي مينهن جيئن، ڪڙڪيو ڪانَ ڪرن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾ سي للنگهه پيا ليٽن
مـَـر سي ماءُ نه ڄائيا، اڄ اورانگهيو ته اَچن
هيٺان جنگ ننگر جي، مٿان ڳجهون ڳاه ٻـَـڌن
ننگر سندي جنگ کان بيٺا توبه زاري ڪن
ڪي ته ڌَريائون ڌُوڙ ۾ ڪي لـَـونَ پاس لڪن.
(1)
جڏهن تمام گهڻي اِينگهه ڪئي ۽ ڪنهن به طرح هار جيت جو فيصلو نه پيو ٿئي،
تڏهن پٺاڻن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته پهلوان سومرا ائين
نه ماري سگهنداسين، باقي جيڪڏهن سيني جي بدران
اکين ۾ تير هڻجن ته پوءِ ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو.
ويهي وزيرن پاڻ ۾ ڪئي سردارن صلاح
مـُـور نه مرندا سومرا، سـِـڱـَـر سانَ ڏٺاءِ
اَٽڪل ساڻ اکين ۾ هڻو تازا تير تـِـکا
نه ته ڏيندا داغ دلي کي دوداڻي داناء.
هاڻي نذر بيگ لشڪر کي وڙهڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ هو سومرن کي اکين ۾ تير هڻڻ لڳا.
آخر ۾ جنگ هلندي پاڻ به مري ويو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، مرد ميدان اَچن
پلٿيباز پٺاڻ هئا، هڪ ويهن ته ٻيا اُٿن
سنڌ جا سورهيه سومرا، جوان آيا جوشن
ڪيئون ته پـِـيل پٺاڻ تي، جيئن بحري باز ڇـُـٽن
اَچن يار عقاب جيئن، لـُـوهون ڏيئي لغڙن
جوٽيا يار جـَـنگـُـون وري، جيئن ڳوڌا ڳاهه وهن
ڀؤ ڀڳائون ڀـُـورن جا، پيا ڪـَـڪا ڪـِـيهون ڪن
مغل اَچي ماندا ٿيا، ۽ هؤل ڀڳا هاٿين
عضوا اُمرائن جا وڍيو وِير وجهن
پرزا پوشيدن جا، اُڏريو عرش وڃن
سـِـسيون سلطانن جون، پيون ڪلر منجهه ڪرن
لاشا لاکـِـيڻن جا پيا لوهـُـو منجهه لڙهن
تيرهن ڏينهن ترار سان ڪيو مقابلو مردن
چوڏهين ڏينهن ميدان ۾ ديميون پيا داڳـِـن
پنڌرهين ڏينهن پٺاڻ ٿا ڊوها ڊوهه به ڪن
لـِـڪيو ته پاس لـَـوَن جي، پيا ٿـُـڙن ۾ ٿـَـڙڪن
ڪڍي ته ڪانَ ڪمان مان ٿا تـُـڪا تيز هڻن
ننگر مور نواب کي لڳا تازا تـِـير اکين
ويهي رهيو ويچار ۾، آيو انڌ اکين.
جڏهن ننگر کي پٺاڻن جي تيرن اکين ۾ گهاءُ ڪري وڌا، ۽ ڏسڻ کان لاچار ٿي پيو،
تڏهن دل ۾ خيال ڪيائين ته مري ته ضرور ويندس. جي
جيئرو رهيس ته به مـُـئلن جهڙو هوندس، تنهن سان ڇو
نه ڪا اٽڪل ڪري پٺاڻن کان وير وٺان. اهو خيال ڪري
نظر بيگ ڏانهن نياپو ڏياري موڪليائين ته: واهه ڙي
واهه نظر بيگ! ماريو تو مون کي آهي، باقي ٻئي ڪنهن
جي مون سان جاءِ وڙهڻ جي نه هئي. هاڻي ماريو به تو
آهي ۽ آخرين سڪرات جي مهل پاڻي چـُـڪو به تون اچي
هٿ سان پيار، ۽ جلدي اچ، متان اهڙي سختي ۾ ڪنهن کي
پاڻي پيارڻ جي ثواب کان محروم نه رهجي وڃين!
نظر نام الله جي، هڪ پاڻي جو ڏي پاءُ
لڳي آ اُڃ اُساٽ جي، منهنجو سڙيو وڃي ٿو ساه
اَن نه پاڻي پيٽ ۾، اٿم سورهن ڏينهن لنگهيا
نـِـيري ناز ڦٽا ڪيا، سو جـُـنگ نه جڙي ٿو جاء
ويئي وِهاڻي ويل ٿي، تون منهنجو عرض آگهاء
وڃي ٿو ساه سرير مان، اڄ ته جلدي آءُ!
نظر بيگ کي ننگر جو جڏهن نياپو پهتو، تڏهن خوشي مان پاڻي کڻي اچڻ لڳو ۽ دل ۾
فخر ڪري چوڻ لڳو ته: واهه واهه! جنگ سو بيشڪ
پهلواني سان فتح ڪئي اٿم جو ننگر سومري جهڙا ڳڀرو
پهلوان به مـُـزرا پيا ڏين.
وَٽو ته ويري ويو کڻي، جنهن پاڻي پاتو آ
کنيو اچي ٿو خيال ۾، سو آڪڙ ساڻ ادا
سـَـٽي ڇڏيا اٿم سومرا، ڪل والي وڳهه جا
آڻي آب اڳيان رکيئين، پاڻي جو سو پاءَ
تڏهن ننگر چيو نظر کي، تون ادا اوري آ
آهي انڌ اکين ۾، مونکي پئي ٿو ڪونه سماء
ويري ٿي سو ويجهڙو جڏهن اڳيان ته آيو آ
تڏهن سـَـٽ ڏني آ سومري، ڀڙ کائي ڀڙڪا
چنبو وڌائين چـُـوڙ ۾، ٿيو ڌڙ مٿي دهڪا
هيٺان پيو هئي هئي ڪري، سو وڏا ڪري واڪا
مـُـئل ٿو ماري مون کي، هتي آهي ڪو اُمرا!
اُمراءُ آيو ڪونڪو، سي وانگـِـي ڪين وريا
اِئين پـَـڇاڙيئين پيرن ۾، جيئن ڌوٻي سـَـٽي ڪپڙا
ورتائين وير هٿن سان، پوءِ پورا ٿيس پساهه.
جڏهن دشمنن سان اکين ۾ تير هڻي، مـُـنگر ۽ ننگر کي ماري وڌو، تڏهن اُمرائن
ٻنهي پهلوانن جا لاشا چادرن ۾ ويڙهي، سينگاري،
ڪاڇـِـي اُٺن تي ڪـَـڙي، وڳهه روانا ڪيا. اُنهن جو
خيال هو ته ٻنهي گهوٽن جا لاش ڏسي دودي کي ضرور
غصو ايندو ۽ پاڻ اچي جنگ ۾ شريڪ ٿيندو.
قلم قضا جي قوس ڪيو، اڄ گهاءُ لڳا گهوٽن
مرد مسافر ماريا جيڪي سورهيه ٿا سڏجن
دلبر ٻئي هئا دادلا، جيڪي جهولي چنڊ جهـُـلن
ڪونڌر گهوٽ ڪسي ويا، اڄ پير لٿا پلنگن
ماري موت فنا ڪيا، نه ته اهڙا جوان جـِـيـَـن
مـُـرسل جهڙا مير ويا، جنهن تي ڪلمون پاڪ پڙهن
پـُـرزا ننگر جا اڄ لوهـُـو سان لکجن
لاشا لاکيڻن جا، پيا ڪاڇين تي ڪڙجن
واريئون واڳ وڳهه ڏي، موڙ ٻڌي مـَـردن.
جڏهن ننگر ۽ منگر جا لاش وڳهه ڪوٽ پهتا، ۽ سڀني کي ٻنهي جي مرڻ جي خبر پيئي،
تڏهن وڳهه ۾ ماتم مچي ويو.
لاشا لاکيڻن جا، تن چمي ته سـِـر چايا
مينديون مشڪ عطر سين، تن لاڳ سڀني لاهيا
پنڌ پڇائي پيچرا، هو آڌي ڏيئي آيا
واري وڳهه ڪوٽ تي تن لاش اچي لاهيا
دانهن ڪري در تي چيئون هي ڪنهن جا وِير ويا!
جنهن مهل ڪانڌين لاش رکي، در تي سڏ ڪيو، تڏهن اُهو سڏ مائي مريم جي ڪن تي
پيو، ۽ دل ۾ سمجهي ويئي ته اِهي لاش پڪ ننگر ۽
منگر جا آهن، جيڪي جنگ ڪندي مارجي ويا. پوءِ
دانهون ڪوڪون ڪندي، در تي آئي ۽ پـُـٽن جا لاش ڏسي
وٺي ماتم ڪيائين.
تڏهن آيل کي آواز جا پيا ڪن مٿي پڙلاءُ
لاشڪ لاکيڻن جا اڄ موٽي مڙهه مليا
ريهون ڪندي روئندي اچي، آيل اڳيان سا
ماءُ ڏٺو مـُـڙدن کي جنهن جو سڙيو وڃي ٿو ساه
مـُـڪـِـي هيم ڪوٺ قنڌار ڏي، تنهنجا ڄاڃي
مـَـنـَـهن آيا
مـَـنـَـهن تن جي ماني هلي، سي طعام رڌا رهيا
ڇـَـنان مـَـنـَـهن ويا ڇار ٿي، اڄ ڪوٺيا ڪانڌي
ٿيا
محل سڃا منگهه ماڙيون، ٿيا تخت طنبو تالا
دودي کي دل هؤل ٿيو، جنهن جا ڪونڌر گهوٽ ڪٺا
قدم کنيو ڪريو پوي، اڄ جاڳي جوش پيا
واقعو وڳهه ڪوٽ ۾ جيئن ڪربلا قضيا
دايون درمانديون ٿيون، پيو راڻين منجهه رُئا
پلنگ، پينگها، پالڪيون، ٿيا باغ سڃا بنگلا
”لعلڻ“ يار لڏي ويا، جـُـنگ ڇڏي هي جا.
ننگر جنگ ڪندي مارجي ويو ۽ پويان سندس مڱيندي وَنواهه ۾ ويٺل هئي، جا گهوٽ
جي مارجڻ جو ٻڌي اُڇنگارون ڏيئي، هيئن چوڻ لڳي:
وَني اُٿي وَنواه مان، ويا ويس خوشيون وايان
لکيي ته لوح قلم جي، آءٌ ڀينر ٿي ڀانيان
سرما، سينڌ، ڦڻيون ويون، اڄ ڪجل ڪين پايان
بئينسر بـُـولا باه ۾، هي سون سڀئي ساڙيان
چـُـوڙا چندن عاج جا، ڪـُـل کوري ۾ کايان
وڻن ڪين وجود کي، اڄ جانب رِيءَ جايان
ميندي مور ننگر جي، سا لٽن تان لاهيان
ڪارا ويس ڪري ڏيو، مان پار ڪڍي پايان
ڪونج مٿان ڪريو پوي، ٿيو اچن اوٻاهيان
ميڙي محمد ڄام جي، لهان ننگر سان لاوان.
جڏهن ٻئي پهلوان مارجي ويا هئا، اُن وقت محمد جي زال مائٽن ۾ ملڻ آئي هئي،
تنهن کي جيڏين وٺي مهڻا ميارون ۽ طعنا تنڪا هنيا
ته: اهڙا ڪـُـونڌر گهوٽ ڪـُـسي رهيا آهن ته به
تنهنجي مڙس کي ڪو ڪـَـهڪاءُ ڪونه ٿو اچي!
ساهيڙيون ساران کي، ٿيون طعنا ترت هڻن
بار بردار جا ڏُکيا، ٿا کاهوڙي ته کڻن
کڻندا بار کـُـهين جا، سي مانجهي مرد مـَـڻن
وٺندا وير وڳهه جا، جيڪي سالڪ ڳالهه سـُـڻن
پنهنجن ناه پريتڻو، اُهي وارث ڪين وڻن
محمد مـُـورِهن ڪانڪا، ڳـَـڻـِـي ڳالهه ڳـُـڻن!
ساهيڙين جڏهن طعنا تـُـنڪا هنيا، تڏهن مائي ساران ارمان ۾ ڀرجي انهن کي جواب
ڏنو ته: محمد مـُـڄو ڪونهي جو گهر ۾ لـِـڪي ويهي
تماشا ڏسي، مـَـرد آهي، جنگ ۾ اهڙيون ته بهادريون
ڏيکاريندو جو دشمن حيران ٿي ويندو.
محمد مارا جن ۾، مون ٽريـُـون ڀڄي ٿو نر
سانـَـن سـِـڱ سنوان ڪيو ٿو ونگين لاهي ور
جڏهن محمد ايندو ميدان ۾، ايندا دِلي کي در
ڦـِـرندو فوجن وچ ۾، سـُـگهڙ ساران وَر.
(1)
مائي ساران جي چوڻ موجب دودي، محمد ڏانهن لکيو ته ههڙي طرح ڊوهـَـن ڊوهه ڪري
ننگر ۽ منگر کي ماري وڌو آهي، جيڪڏهن تو ۾ ڪا مڙسي
آهي ته جلدي اچ، جو وقت اٿئي!
خوني خط خلل جا لکي دردن جي ته دَرِي
ننگر منگر ٻئي ماريا، ويا مانجهي مور مـَـري
مريم سان ماتام ٿيو، وئي ٻاڦن منجهه ٻري
اَٺئي پـَـهر الوٽ، سا چارئي پهر چري
مـُـٺي ته ماءُ ننگر جي ويئي ڳڻتين منجهه ڳري
”پـَـٽـُـل“ پرديسين جا، پئي ڪڍي پار پـَـرِي
ڏکڻ ڏار نـَـوان ڪيا، ڀوڳڻ پئي ته ڀري
هلي آ مرد ميدان ۾، وٺون وير وري.
جڏهن دودي جو لکيل خط محمد کي مليو، تڏهن ننگر منگر جو سخت ارمان ٿيس ۽ دشمن
تي ڪاوڙ ڪري وڳهه ڪوٽ روانو ٿي ويو.
محمد کي تنهن ماڳ تي پئي آ خون خبر
مون سڄڻ ويا مارجي، منهنجا لاهوتي لشڪر
هاڻي هن جهان ۾ جيان ڙي نه جيڪر
کائڻ طعام کٽا ٿيا، وهه ڀانيان ويتر
دونهان درد اُٿيا، منهنجا وڇڙيا يار وَڳر
وٺان ته وير ننگر جا، ساه گهوري هي سر.
جنهن وقت ننگر ۽ منگر جي مارجڻ جو خط محمد کي مليو، انهي مهل سندس پڳ مـَـٽ
يار ’هاسي سوڍي‘ جي شادي جي ڪوٺ به اچي مليس.
ٻئي وڏا بار اچي ڪنڌ تي پيس. هوڏانهن پنهنجا
ماريا، هيڏانهن يار ٿو پرڻجي، ڇا ڪري ڪيڏانهن وڃي!
ويچار ۾ پئجي ويو. آخرڪار خيال ڪيائين ته ميدان ۾
وڃي پوئتي موٽڻ مرد جو ڪم ڪونهي، تنهن کان پوءِ ڇو
نه پهريائين يار جي ڪوٺ ڀري پوءِ جنگ تي وڃان. اهو
خيال ڪري هاسي سوڍي وٽ آيو. جنهن مهل هاسي سوڍي جي
سرگس دهلن دمامن سان نڪتي، ان مهل محمد کي اکين
مان آب اچي ويو ۽ زارو قطار روئڻ لڳو.
هاسي جي هن مور کي، ڪوٺ ملي ڪا جا
آيو مير منهن ۾ اڄ راڄ سندو راجا
خلقن خوب خوشيون ڪيون، جيڪي عالم هئا آجا
سرندا ساز شروع ٿيا، ٻيا بگل وڳا باجا
سرگس سوڍي جي هلي هئي ساعت ڀلي سا جا
هاسي حال حبيب جو، ڏٺو ڏکن جا ڏاجا
”لعلڻ“ لڙڪ اکين مان، ڇـَـپرن مان ڇا جا؟
هاسي سوڍي پڇيس ته: ادا آءٌ ٿو خوشي ڪريان ۽ تون پيو روئين! تنهن تي محمد
جواب ڏنس ته: ادا! ڇا ٻڌايانءِ؟ هن طرح منهنجا
گهوٽ ننگر ۽ منگر مارجي ويا آهن. اڄ جيڪڏهن اهي
حياتي هجن ها ته انهن جي خوشي به هن طرح اکين سان
ڏسان ها! اهو ياد ڪري ٿو روئان.
تڏهن محمد سا ماتام جي آ وات ڪڍي وائي
سوڍا! سڄڻن جي آهي عام خبر آئي
مور سڄڻ ويا مارجي، جيڪي ڀيڙا هئا ڀائي
وسريا دؤر دنيا جا، نٿي ڪار وڻي ڪائي
وڃان ته وِيرا واهه تي، شل سوڀ ڏسان سائي!
جڏهن محمد، هاسي سوڍي کي ننگر ۽ منگر جي مارجڻ جي خبر ٻڌائي، تڏهن هاسي کي
سخت ارمان ۽ غصو ٿيو. محمد کي چيائين ته: ادا!
توکي ۽ مونکي يارن جو پلاند ضرور وٺڻ گهرجي. آءٌ
شادي ڪري ڪنوار وٽ ويهي ڪونه رهندس، پر اُن کي
پنهنجي ڪانَ سان لائون ڏيئي هليو ٿو هلان، پوءِ جي
جيئرو موٽيس ته اچي ڪنوار سان ڪچهريون ڪندس، نه ته
مـَـردن جو ميدان ۾ مارجڻ مـَـرڪ آهي.
ٻڌي ڳالهه، ٻروچ چئي، ڪيون سوڍي سنڀرائون
ويهندس ڪونه وَنيءَ سان، عاجز ٿي آئون
هلندس حبيبن ڏي، هي محل ڇڏي مائون
ڪنوار پنهنجي کي ڪانَ سان، ”لعلڻ“ ڏيئي لائون
گهوٽ هـَـلـِـي جـِـند گهوريان، اڄ مڙني مٿائون
پرور سي پوريون ڪندو، رانجهن رِٿائون.
آخر ڪار مڪمل تياري ڪري، محمد ۽ هاسو سوڍو ميدان جنگ ڏانهن هلڻ لڳا. جڏهن
ويجهڙا آيا تڏهن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته اَڳو پوءِ
يارن جي قبرن تي فاتحه خواني ڪندا پوءِ هليا هلون.
اِها رٿ رٿي ننگر ۽ منگر جي قبرن تي آيا.
ساري حضرت شاه کي، گهوٽ چڙهيا گهوڙي
ڪينڪٽ ڪاهي ڪست مان، ٿي جوان هليا جوشن
هليا مير مـُـقام ڏي، جتي لاشا لاکيڻن
ڏسـِـي ڏيل ڏري پيا، سي ڪـِـريا مٿي قبرن
دلبر ٻئي ها دادلا، اڄ مـِـٽي ته ماڳ سندن
روئي روئي رت گاڏئون، ٿي آندو آب اکين
”لعلڻ“ لڙڪ وهي پيا، ڪيو واديون نيڻ وَهن
اهڙا داغ دلين تان، ”لعلڻ“ ڪين لهن.
محمد ۽ هاسو سوڍو اُتان موٽي دودي وٽ آيا ۽ ان کان حال احوال وٺي، پوءِ لشڪر
ساڻ ڪري ميدان ڏانهن هليا. نظر بيگ جي مارجڻ کان
پوءِ هاڻي پٺاڻن جو سالار مانڌن مـُـلڪ وزير ميدان
۾ لڙڻ لاءِ آيو.
گهوٽ چڙهيا گهوڙن تي، اڄ رند پڇي سي راه
هليا مانڌن ملڪ وزير ڏي، ساري حضرت شاه
موٽ مديني جا ڌڻي، ٿي هيڻن سان همراه
لٿا ته ويرا واه تي ڪست ڪري سي ڪاه.
هاڻي محمد لشڪر وٺي اچي جنگ جي ميدان ۾ لٿو ۽ لڙائي جي تياري ڪيائون. مانڌن
ملڪ وزير جنگ جو نغارو وڄايو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو ئي تارو
غوث بهاؤالحق جو بيٺا نر هڻن نعرو
’علي علي‘ وات ۾ پڙهن حـَـسيني ڪيڏارو
ڀڀڪي ڀير دِلي جي، وڳو مانڌن نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، اُٿي محمد ڏي وارو!
هاڻي مغل لڙڻ لاءِ تيار ٿيا ۽ محمد به لشڪر جون صفون ٻڌي وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو
۽ پهلوان لڙڻ لڳا.
مغل آيا ميدان ۾، پيا نر هڻن نعرا
پلٿي باز پٺاڻ ها، هڪ ڪـَـڪا ٻيا ڪارا
گهوڙا پاريل اُنهن جا، ڪن هلندي هڻڪارا
تڏهن ساري حضرت شاه کي، آيا مانجهي مڻيارا
وير وڙهي پيا پاڻ ۾، ڪيئون چؤرنگ ۾ چارا
هاسي ٿي هڪلون ڏنيون، جيئن وڄ ڪري وارا
’ڇـُـٽو‘ ڇـِـري پيو ڇوه مان، جيئن باز وڙهن
بارا
’ساجن‘ ٿي سوڀون ڪيون، جيئن خان کـِـڙن تارا
محمد کي مستي چڙهي، ڪري مغل تي مارا
ڏاڍا تيز ترار جا ٿيا چوڏس چمڪارا
لاشا لوهـُـو لـُـڙهيا، جيئن گـَـهڙڪن پيا گهارا
مغل اچي ماندا ٿيا، پيا لڙهن لهوارا
ڪيئي ڪٺائون ڪيترا، ڪن عاشق الغارا
ستر رهـِـي وڃي سومري، پنجاه پٺاڻا.
مانڌن ملڪ وزير ڏٺو ته هاڻي اسان کان سومرا فتح ڪري ويندا. سو ويچار ڪرڻ لڳو
ته ڇا ڪريان جو سومرن جي هار ٿئي! آخرڪار رات
گذري، ڏينهن ٿيو. مانڌن ملڪ وزير لشڪر کي چيو ته:
جيڪو پهلوان جيترا سومرا ماريندو، ان کي اوتريون
سونيون سروپاهيون ۽ ٻيو انعام ڏنو ويندو. ائين
لشڪر کي لالچون ڏيئي، نشا پياري تيار ڪيائين.
مانڌن ماڻهو ميليا، جيڪي صوبا هئا سلطان
پڙهو ڏيئي پٺاڻن ۾ اُتي ڪيو اعلان
جيڪو وڙهندو جوش مان، مرد مٿي ميدان
ڏيندس ڏان اُنهي کي هڪ موتي ٻيو مرجان
سٽي وجهو ڪل سومرا، ڪيو وڳهه کي ويران
شيشا پياري شراب جا، آڻي مغل ڪيا مستان
ملندو مانُ انهن کي، شاهي تن جو شان.
مانڌن ملڪ وزير جو لشڪر انعام جي لالـچ تي هيڪاري اچي مـَـٽيو، ٻاڪـَـر
ڪـُـٽو لائي ڏنائون، پر اڳيان به سومرا پهلوان
هئا، جي موٽڻ کان مرڻ وڌيڪ پيا ڄاڻن.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، آڻي نيزا کوڙيئون نيشان
ٻڌي ڳالهه ٻروچ چئي، آڻي جوش ڪيئون جولان
مغل مٽيا ميدان ۾، آڻي نشي ڪيا نادان
هلي آ مرد ميدان ۾، اڄ خبر پوي ڪا خان!
تڏهن ساري حضرت شاه کي آيا پڙ مٿي پهلوان
”لعلڻ“ چئي، لـَـڙِي پيا، ٿيو طرف ٻنهين طوفان
ڏاڍا تيز ترار جا، ڪيئون چارن ۾ چؤغان
’ڇـُـٽو‘ ڇـِـري پيو ڇوه مان، جيئن قهري گهرن
ڪان
’هاسي‘ ٿي هڪلون ڏنيون، جيئن گوڙ ڪري گهمسان
محمد آيو موج مان، جيئن پتنگ اچي پروان
ڪيئي ته گهوٽ ڪـُـسي ويا، هرڪو آ حيران
ارڙهن عالادين جا، ست بچا سلطان.
هاڻي ٻنهي لشڪرن ۾ جوش اچي ويو. ماريندي ڪٽيندي هڪ ٻئي جي لشڪرن جون صـِـفن
جون صفون ختم ڪري ڇڏيائون. ڪيئي پهلوان پهلواني
ڏيکاريندي مري ويا، پر جنگ جو ڪوبه فيصلو نه پيو
ٿئي. مغلن جو ته بيشمار لشڪر اچي ويو، انهن کي ته
ڪابه ڪمي ڪانه هئي. هوڏانهن سومرن مان باقي ست
پهلوان وڃي بچيا. تڏهن محمد مغلن کان ستن ڏينهن جي
محلت گهري ۽ دودي ڏانهن خط لکيو ته: يا ته لشڪر
موڪل، يا تون پاڻ اچ ته جنگ جو فيصلو ڪريون.
ڪڍي قلم ڪاغذ تي، پيو لوهـُـو سان لـِـکي
ستن سان صوبو آهيان، پيو منهنجو جيءُ جکي
ڪونڌر گهوٽ ڪـُـسي رهيا، ٻيو دل ۾ درد دکي
آهي الله ۾ آسرو، موليٰ منجهه مونکي
پلڪ ۾ پرزو پڙهي، آ تڪڙو يار تـِـکي
سـُـڌ اُنهن کي سومرا! جيڪو چڻگي آڳ چـَـکي
تار منهنجا تانگو ڪري، شل رانجهن پاڻ رَکي
آڙهه يار اندر ۾ پئي بيرنگ باه بکي
مام رکي آ مير تون، ٻيو نه لوڪ لـَـکي
عارف بازي اُڙد سان، ڪو سالڪ يار سکي
دير ڪجانءِ نه دم جي، پيهي آءُ پـَـکي.
دودي سومري کي جڏهن محمد جو لکيل خط مليو، تڏهن هڪدم لشڪر تيار ڪري، جوش
جولان ڏيئي محمد ڏانهن روانو ڪيائين. پاڻ اهو خيال
ڪرڻ لڳو ته مرد ته سڀيئي ماربا ٿا وڃن، باقي وڃي
ٻه ٽي بچيا آهن، هاڻي هي سوا لک سومريون ڪاڏي
ڪيان! جيڪو لشڪر موڪليائين سو محمد وٽ پهچي ويو، ۽
لڙائي زور شور سان شروع ٿي. هن ڀيري لشڪر جي ڪمان
علاؤالدين جي پٽ سالار وٽ هئي. جنگ ڪندي محمد جي
گهوڙِي ٿاٻو کائي ڪري ۽ محمد به ان سان گڏ وڃي هيٺ
ڪريو. محمد جنهن وقت هيٺ ڪريو، ان وقت هاسي سوڍي
ڏسي ورتو ۽ ڊوڙي اچي هنج ۾ کنيائينس. دشمنن مهل
موچاري ڏسي، ٻنهي کي نيزا هڻي ماري وڌو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، آيو سنڀري سالار
پلٿي باز پٺاڻ ها، هڪ ڪڪا ٻيا ڪارا
هلي آءُ مرد ميدان ۾، تون وريام ڏي وارا
تڏهن ساري حضرت شاه کي آيا مانجهي مٽيارا
وير وڙهي پيا پاڻ ۾، ڪري تابش تلوارا
”لعلڻ“ چئي لڙي پيا، ڪيئون مغل تي مارا
محمد مينهن وسائيا، جيئن گهڙڪن پيا گهارا
’ڇـُـٽو‘ ڇـِـري پيو ڇوه مان، جيئن خان کـِـڙن
تارا
مغل ماريائون ميدان ۾، آڻي ڳجهن ڪيا ڳارا
گهوڙِي محمد گهوٽ جي ڪيا چؤرنگ ۾ چارا
قسمت ڪنهن جي نا ڦـِـٽي، سا توڙان تقديرا
بور وڃي سا باهـُـڙي، وڃي ڪـِـريو ڪاپارا
هاسي ٿي هنج ۾ کنيو، هاتـِـڪ هوشيارا
ويرين واه جو وجهه ڏسي، هنيو ڪانٽو ڪاپارا
مانجهي پيا اڄ مارجي، جانـِـب جـِـنسارا.
جڏهن جنگ ڪندي هاسو سوڍو ۽ محمد سومرو مري ويا، تڏهن اُنهن جا لاش کڻي
سينگاري سنواري، وڳهه ڪوٽ ڏانهن کڻي اُٿي هليا.
جڏهن اُتي پهتا تڏهن ڪوٽ ۾ حشر مچي ويو. دودي کي
سخت صدمو رسيو ۽ زار زار روئي ڏنائين. محمد جي زال
ساران، پنهنجي مڙس لاءِ ۽ هاسي جي ڪنوار پنهنجي
گهوٽ لاءِ پـِـٽڻ ڪـُـٽڻ ۽ زر زيور لاهي اوسارڻ
لڳيون.
موڙ ٻڌي مردن کي، ڇڏيائون وڳهه ڏي واري
لاشا لاکيڻن جا هليا سهجان سينگاري
لکيو ته لوح قلم جو نٿو ٽائو اُو ٽاري
دودي کي دل هؤل ٿيو، پيو آب اکيئن هاري
ساران پنهنجي سور ۾، پئي ٻـُـڏيو ٻاڪاري
چوڙا لاهيو چاه ۾، پئي مـِـينَ منڊيون ٻاري
هاسي جي هــُـت ڪنوار جا پئي اُڀي اوساري
جيئري هن جهان ۾، ويو خان عمر کاري
رهيو نه مون وٽ راتڙي، ٿي مام اِها ماري
ميڙي محمد مير جي، من ڏاتر ڏيکاري.
جڏهن محمد ۽ هاسو سوڍو به مارجي ويا، تڏهن باقي فقط دودو وڃي رهيو، جو جنگ
تي اڃان ڪونه آيو هو. هيڏانهن سومرين جي سنڀال
لاءِ ڪا پهر سواءِ دودي جي ڪانه هئي، هوڏانهن لشڪر
بنان اڳواڻ جي هو، تنهنڪري دودي کي ضرور وڃڻو پيو.
آخرڪار ويچار ڪري سوا لک سومرين کي پنهنجي هڪ پڳ
مٽ يار ابڙي وٽ سامـُـون ڪري وٺي ويو.
سج لٿي سانجهي ڪيا تن سنبت جا سعيا
کائڻ خوشيون وسري ويون، سي طعام رڌا رهيا
دايون درمانديون رهيون، پيو راڻين منجهه رُئا
سوا لک وري سومرِي، جن ڪارا ويس ڪيا
بئينسر بولا باهه ۾، تن سونَ سڀئي ساڙيا
چـُـوڙا چندن عاج جا، سي لاڳ سڀئي لاهيا
محل سڃا مـَـنگهه ماڙيون، ٻيا باغ ڦٽا بنگلا
رنون جويون رڻ ۾ رليون، ٻيا رنا ٻار ٻچا
ڪاهي ڪاري رات جو اَبڙي ڏي آيا
سوا لک هي سومري، سام پـَـرتئي سا.
جڏهن دودو سوا لک سومريون سلڻ ڪري ابڙي وٽ آيو، تڏهن ابڙو سندن اها حالت ڏسي
حيران ٿي ويو. هڪدم دودي جو آڌرڀاءُ ڪري خبرون پڇڻ
لڳو. دودي جنگ جو احوال ٻڌايس ۽ چيائينس ته: ادا!
پويان ڪير ڪونهي جو سنڀال ڪري، آءٌ هاڻي ميدان ۾
وڃان ٿو، هي سومريون سام ڪري تو وٽ آنديون اٿم.
تڏهن ابڙي چيو ته:
اَبڙي اڳيان ٿي چيو: آءٌ گولو يار غلام
ڪندس ڏينهن قيام تائين سوگهي تنهنجي سام
پارت پيو دودو ڪري وڳهه جو وريام
مـَـن مـِـلـُـون موٽي وري، نه ته ميڙي محمد ڄام.
ابڙي وٽ سامون ڇڏي، دودو سڌو جنگ ۾ آيو ۽ لشڪر کي گهڻا جوش جولان ڏيئي لڙڻ
لاءِ تيار ڪيائين ۽ جنگ وري شروع ٿي.
گهوٽ چڙهيا گهوڙن تي، الله جي آڌر
موٽ مديني جا ڌڻي، ٿي وِلهين سان واهر
ڪئينڪٽ ڪاهيئون ڪست مان، جيئن باز اڏامي بـَـر
پورب کان پلٽيا وڃن، جيئن اچي مينهن اتر
لٿا ويرا واهه تي، بانڪا جهاڳي بـَـر.
دودو جڏهن ميدان ۾ آيو، تڏهن لڙائي وقت خط چنيسر ڏانهن لکيائين.
خوني خط خلل جا ويٺو لکي دودو راءُ
ٿـُـڪ چنيسر لعنتي، توکي آيو ڪونه حياءُ
نينگر ماريا ننڍڙا، توکي ڪونه آيو ڪهڪاءُ
ڪونڌر گهوٽ ڪسي رهيا، سي وير اسان جو وياءُ
پـِـيڙهي وڃايئي پانهنجي، تو لـُـهر لڄائي ماءُ
توکي عقل اڱارن جو، آهي سيڪ سـَـنداڻي ساءُ
لـُـک ته ناناڻن جي، جن جو آهين تون وِياءُ
هلي آ مرد ميدان ۾، پوي سانـَـن جو ته سماءُ
وٺان وير ننگر جا، جيسين آه سسيءَ ۾ ساهه.
دودي جي ميدان ۾ اچڻ جي خبر ٻڌي عالادين جو پٽ سالار پاڻ ميدان ۾ لشڪر وٺي
آيو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، اڀريو ئي تارو
غوث بهاؤالحق جو ٿا نر هڻن نعرو
ڀـَـڀڪي ڀير دِليءَ جي، وڳو سالار نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، اٿي دودل ڏي وارو!
هاڻي ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آيا ۽ لڙائي زور شور سان هلڻ لڳي.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، ڪيو شمس شعاع
پلٿي باز پٺاڻ ها، آيا عالادين اُمراءُ
هلي آ مرد ميدان ۾، پوي سانن جو ته سماءُ
تڏهن گهوٽ چڙهيا گهوڙن تي، ساري حضرت شاه
هڪل ڏني آ سومري، تکا ڏيکاري تاءُ
وير وڙهي پيا پاڻ ۾، جاڳي جوش پيا
ڪيئون ته پـِـيل پٺاڻ ڏي، مغل ٿيا ماندا
دهشت دودي جي ڏسي، مغل ٿيا ماندا
رت وهي ريلا ٿيو، اتي لاشا پئي لـُـڙهيا
ٻولهايون ٻيٽن تي، آڻي ڳجهن ڪيا ڳارا
رات رهي پيا رڻ ۾، ته به کاڻا ڪين کـُـٽا.
جڏهن دودي پهلوان جي دهشت سڄي لشڪر تي ڇانئجي ويئي، ۽ مغل پوئتي هٽڻ لڳا،
تڏهن سالار وڌيڪ لشڪر آڻڻ لاءِ قاصد کي موڪليو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، آيا مغل مٿي ميدان
هلي آ مرد ميدان ۾ متان پوءِ ٿيئي اَرمان
خـِـيمان يار کپي ويا، آڻي نيزا کوڙيائون نيشان
تڏهن ساري حضرت شاه کي آيا پڙ مٿي پهلوان
دودو ديمين ٿي چڙهيو، جيئن آگم ٿئي آسمان
هڪل ڏني آ سومري، جيئن گوڙ ڪري گهمسان
”لعلڻ“ چئي، لکن کي، آڻي وِير ڪيو ويران
لک لـَـڙيا، لک ماريا، لک نـِـرهه ٿيا نادان
سـِـرِي وڍي سالار جي، دودي جي دربان
رات رهي پيا رڻ ۾، سوڀ کٽي سلطان.
مغلن جي لشڪر ۾ دودي لابارو وجهي ڏنو. ڪيئين ڪونڌر ڪسجي ويا. دودي سومري جي
پهلواني جي هاڪ مغلن اڳ پرپٺ ٻڌي هئي، مگر جڏهن
روبرو ڏٺائون تڏهن ته هيڪاري حوصلا خطا ٿي وين.
رهندو جو سالار به مارجي ويو سو هيڪاري دل شڪستا
ٿي پيا ۽ وڌيڪ لشڪر گهرايائون، جو ٽن ڏينهن ۾ پهچي
ويو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، آيا ڀـَـڙ ڏئي ڀڙڪا
پلٿي باز پٺاڻ ها، وڌائون ڪـَـلن ۾ ڪڙڪا
هڪل ڏني آ سومري، جيئن کنوڻ ڪري کڙڪا
وِڄ وَڄي آسمان ۾، تيئن دودي جا دڙڪا
جوٽ جنگيون منهنجا پرين، جيئن آتش ڏي جهڙڪا
چارا چؤرنگ ۾ ڪيئون، پيا گهوٽ وجهن گهڙڪا
مغل اچي ماندا ٿيا، پئي ٿـَـرن ۾ ٿـَـڙڪيا
پـُـرزا پوشيدن جا پئي لامـَـن ۾ لڙڪيا
ڀؤ کان ڪئين ڀڄي ويا، ڏئي ڪـِـرڙن جي اَڙ ڪا
مغل جي ميدان ۾ نه مـُـنڍي لڀي مـَـڙهه ڪا.
دودي جي بهادري مغلن کي ماندو ڪري ڇڏيو، لشڪر جا ڇيهه ڇني ڇڏيائين، لشڪر
وڙهڻ جي نه پيو ڪري ۽ بي دليو ٿي پيو. بهانا ڪيو
بهادر جي ويهي پيا رهن. آخر ڪار پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ
لڳا ته ڪيئن ڪجي جو دودي جهڙي پهلوان مان جند
ڇـُـٽي ۽ ڪنهن طرح مارجي وڃي، نه ته کٽيل جنگ
هارجي ويندي. تنهن تي چنيسر سومري صلاح ڏني ته:
دودو زبردست پهلوان آهي، ائين ڪنهن جي پـُـڄڻ ڀيڻي
ڪانهي جو دودي کي شڪست ڏيئي سگهي. باقي هڪ ڳالهه
آهي، سو جيڪڏهن اُها اٽڪل ڪامياب ٿي ته پوءِ سڄو
ڪم سولو ٿي پوندو. جنهن تي مغلن پڇيس ته: اُها
ڪهڙي تجويز ڳولي اٿئي، جنهن سان دودو مات ٿي
سگهندو. چنيسر چيو ته: راتو رات هڪ ڳجهو کوهه
کوٽيو، ۽ ان ۾ اندر تـِـکا نيزا ۽ ڀالا اُڀا کوڙي
ڇڏيو. پوءِ اُن ڳجهي کوه کي مٿان ڪپڙي سان ڍڪي،
اُن جي مٿان سوني ٿالهه ۾ پاڻي ڀري رکي ڇڏيو، ڇو
ته دودي جي گهوڙِي سوني ٿانءُ کان سواءِ ٻي ڪنهن
ٿانءُ ۾ پاڻي نه پيئندي آهي. پوءِ دودي جي گهوڙِي
جڏهن ڳجهي کوه جي مٿان سوني ٿانءُ ۾ پاڻي ڏسندي ته
اُڃ سببان هڪدم اچي پاڻي پيڻ لاءِ اُن ٿالهه تي
بيهندي ۽ هيٺ وڃي ڪرندي. اهڙي اٽڪل سان دودو
مرندو، باقي ٻي ڪنهن به اٽڪل سان دودو مارجڻ کان
زور آهي.
ويهي وزيرن پاڻ ۾ ڪئي سردارن صلاح
مـُـور نه مرندو سومرو، هي دودو آ داناه
گهوڙِي دودي گهوٽ جـِـي، سا بانشو بحري آه
ٿانءُ ڪري ٿي ٿالهه تي، ٻئي جي واقف ناه
ادا! اڄوڪي رات ۾ تون ڳجهو کوه کڻاءِ
کڻي رکائج کوه تي، هڻ ڀتين ۾ ڀالا
اچي ته پوندي اوچتي، ويندس واڳ هٿا
نه ته ڏيندو داغ دِلي کي، تخت ڪندو تالا.
چنيسر جي صلاح تي مغلن رات جي پيٽ ۾ ڳجهو کوهه کڻائي، اُن جي مٿان سوني
ٿالهه ۾ پاڻي ڀرائي رکي ڇڏيو. صبح ٿيو ۽ جنگ جو
نغارو وڳو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، آڻي نيزا کوڙيائون نيشان
پلٿي باز پٺاڻ ها، اچي مغل مٽيا مستان
شيشا پيتئون شراب جا، نشي ڪيا نادان
هلي آ مرد ميدان ۾، متان پوءِ ٿيئي ارمان
تڏهن ساري حضرت شاه کي آيا پڙ مٿي پهلوان
وِير وڙهي پيا پاڻ ۾، سي جوش ڪري جولان
دودو ديمين تي چڙهيو، جيئن آگم ٿئي آسمان
هڪل ڏني آ سومري، جيئن گوڙ ڪري گهمسان
ڪئي ته پـِـيل پٺاڻ تي آ دودي جي دربان
ڇـِـرا ڇـُـٽي پيا ڇوه مان جيئن قهري ڇـُـٽن ڪي
ڪانَ
ڪـَـڪا ڪسي ويا ڪيترا دودي جا دونان
رات رهي پيارڻ ۾، جن جي ڪمي ته هئي ڪان.
جنگ ڪندي ڪندي رات ٿي ويئي. ٻئي صبح جو وري لڙائي شروع ٿي. دودي جي هڪلن
مغلن ۾ مانڌاڻ وجهي ڏنو. اوچتو دودي جي گهوڙِي
ٿالهه ڏٺو ۽ اُڃ مان ڀـَـڄي جيئن ويجهو آئي، تيئن
دودي سوڌي اُمالڪ کوه ۾ وڃي ڪري ۽ ٻئي مري ويا.
ستين ته ڏينهن صبح جو مرد آيا ميدان
وِير وڙهي پيا پاڻ ۾، ٿيو طرف ٻنهي طوفان
هڻ وٺ وائي وات ۾، ٻي ڪنڌي ته هئي ڪان
هڪلون هيبتناڪ ٿيون، ويو ڪـَـنبـِـي سڄو ڪوهستان
گوڙ وَڄي گـِـرنار ۾، تيئن دودي جا دهمان
دهشت دودي جي ڏسي، اچي مغل ڀڳا ميدان
هڪڙا هاٿين جي پٺيان، ٻين طنبو پٽيا سامان
هڪڙا جيسلمير ڏي، ٻيا اَچيو پڇن اِيران
اُڀريو علاوالدين تي، سڄي دلي ڪيئين دوفان
گهوڙِي دودي گهوٽ جي، نازڪ هئي نيشان
بور بـُـکاري ٿي هلي، جنهن ٿالهه ڏٺو ڪو ٿانَ
اَچي ته پيئي اوڙاهه ۾، هئي ڪل تهين کي ڪان
ويئي ته واڳ هٿن مان، وڃي هيٺ ڪري حيوان
قسمت ڪيريو کوه ۾، هو پرور جو پهلوان
لکيت ”لعلڻ“ لوح جي، ڪنهن تان ٽري ٿي ڪان
دلبر هن دنيا مان، ماڳ مـَـٽيو ته مڪان.
جڏهن دودو پهلوان ڊوهه سان مارجي ويو ۽ جنگ ختم ٿي، تڏهن مغلن موٽي اچي دودي
سومري جو لاشو کوه مان ٻاهر ڪڍيو. اتي عالادين
جوٽمر وزير بيٺو هو، جنهن دودي جي لاش کي ڏسي وٺي
غصي مان لـَـت هنئي. چئي: مار پوئي دودا! اسان جا
ڪئين ڪـُـونڌر گهوٽ ڪهي ڇڏيئي، توکي به هاڻي ڀلي
ته ڪانوَ ڪتا کائي وڃن. ٽـِـمر جا اهي لفظ ٻڌي،
چنيسر کي پنهنجي ڀاءُ جو سيڪ اچي ويو. سو ڪاوڙ ۾
ڳاڙهو ٿي، ٽـِـمر کي چوڻ لڳو ته: تون منهنجي مئل
ڀاءُ کي ڏسي هاڻي ائين پيو چوين! دودي جي جيئري ته
سامهون اچي ائين چوين ها، ۽ اُن سان مقابلو ڪرين
ها! هاڻي پنهنجي لفظن جو ڪيتو لوڙ! ائين چئي اچي
ٽـِـمر وزير کي مـُـڪون هنيائين. چنيسر جي مـُـڪن
تي ٽـِـمر وزير ته بروقت مري پيو، ته به چنيسر جو
غصو اڃان گهٽ نه ٿيو ۽ ٻين کي مارڻ لڳو، پر مغل
اُمراءُ اچي وچ ۾ پيا، تن ميڙون منٿون ڪري چنيسر
کي پرچائي وڌو.
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چـِـڙيو چنيسر راءُ
جيئري هن جهان ۾ وڙهڻ واجب آه
مقابلو مئل سان ڪرين، توکي ٿيو ڪونه حياءُ
سـَـٽ ڏني آ سومري، سو تـِـکا ڏيکاري تاءُ
ڏيئي لـَـت چـَـڏن تي، ڪيائين پيرن ۾ پرزا
لشڪر ساڻ لڙي پيو، وري جاڳي جوش پيا
پـَـڳ رکيائون پيرن تي، ٻين هٿ ٻڌا
معاف ڪري مـُـڙي وڃ، اٿئي نام الله!
نيٺ گهڻيون آزيون نيازيون ڪري ۽ اوڀاريون ڳالهيون ڪري چنيسر کي مس مس وڃي
ٺاريائون. پوءِ چنيسر کي چيائون ته: اسان پنهنجو
ڪم ختم ڪيو، توکي جنگ فتح ڪري ڏني، هاڻي تون به
پنهنجي زبان پار ۽ ٻاگهل جي ٻانهن اسان جي حوالي
ڪر! تڏهن هائو ڪري، چنيسر عالادين کي ابڙي ڏانهن
وٺي هليو ۽ ابڙي کان سومريون گهرڻ لڳو.
رات وهامي ڏينهن ٿيو، تڏهن آيا ابڙي ڏانهن
سوا لک مان سومرِي، هڪ ٻاگهل ڏيو ٻانهن
ڪيئي ته گهوٽ ڪسي ويا، جيئن ڪچا ڪپجن ڪانهن
پوري پوندين ڪونڪو، ديري پوندئي دانهن.
جڏهن ابڙي وٽ اچي، سوا لک سومرين مان فقط هڪڙي ٻاگهل جي ٻانهن گهريائون،
تڏهن ابڙي وراڻي ڏني ته: ادا! سومريون مون وٽ قسمت
سانگي اڄ سامـُـون ٿي آيون آهن. ڪنهن به چڱي ماڻهو
پرايون امانتون ڌارين جي حوالي ڪونه ڪيون آهن.
اوهان انهي ڳالهه کان مـُـڙي وڃو ۽ ٻانهن نه وٺو.
جنهن تي عالادين ضد ڪري بيهي رهيو ۽ چئي ته: ٻاگهل
جي ٻانهن کانسواءِ ٻي ڳالهه ئي ڪانه ٿي سگهندي.
جنهن تي ابڙو نصيحتون ڪرڻ لڳن:
اَبڙي اڳيان ٿي چيو، ڇڏ خلل تون خفقان
زر، زمين ۽ زال تي هرڪو آ حيران
ڪنهن کي ڦٻندي ڪانڪا، ٿي وير ويا ويران
ملڪ ڇڏي ويو مينڌرو، ڪٿ مومل جا ته مڪان
سـُـحبان ۽ سالار ويا، ڪٿي مـِـرزو آ مستان
ڀورِي ناه ڀتار سان، ڪيئي ڀـَـٽ هليا ويا ڀان
راجا راءُ ڏياچ ويو، ڪٿي سورٺ جا سامان
رانجهن راوِي کي ڇڏيو، جيڪو هـِـير مٿي حيران
سـُـهڻي ٻڏي وئي سير ۾، ڪٿي درياء جا دوفان
ليلهان ويئي ته لهور مان، ناهي چاه چنيسر خان
سسئي ناهي ساٿ ۾، پئي ڪيچ پڇي مڪران
ليليٰ ناهي لاڏلي، ڪٿي مجنون جا ميخان
شيرين ۽ فرهاد ويا، ڪٿ بانڪو آ بيران
سڪندر ساٿ ڇڏي ويو، ڪٿي نادر جا ته نيشان
موکي متارا مري ويا، ڪٿ پـَـلنگر جا پهلوان
تـَـرسا جي تصوير تي ٿيو سوگهو ئي صـُـنيان
ڄام تماچي ڄار ويا، ناهي ساڳيو سليمان
سيفل سعد لـُـڙهي ويا، ڪٿ بديعل جا ته بيان
ذوق زليخان زور هو، ٿي مومن مسلمان
حسن مير حسين جو آهي موليٰ ڪيو مان
شوقئون شير شهيد ٿيا، سي ڪربلا ميدان
هـُـنن هنڌ حضور ۾، جت حورون ڀي حيران
تڪبر تڙي ڇڏيا هڪ شمر ٻيو شيطان
قهري ڏينهن قيام جو ڌَر ڪو پنهنجو ڌيان
پوندءِ ڪم ڪريم سان جتي محمد مير زمان
تـُـرندا يار ترازي ۾، جيڪي عمل ڪيا اِنسان
نبي ته نفسي ويا ڪندا، انهي خوف خطر ۾ خان
’ڪل نفس ذائقته الموت‘ ائين فرمايو فـُـرقان
معاف ڪري مـُـڙي وڃو، اِهو ڪري احسان.
جڏهن عالادين ڪنهن به طرح نه مـُـڙيو ۽ اَبڙو به آزيون نيازيون ڪري ٿڪجي
پيو، تڏهن عالادين کي چيائين ته: توکي گهڻيون ئي
منٿون ڪيم مگر نه ڄاتئي، هاڻي سومرين مان ته هڪ
چـِـيڙهه به ڪونه ڏيندوسانءِ، باقي منهنجو سـِـر
حاضر اٿيئي، کپيئي ته کڻ، سامن تان سـِـر ويو ته
گهوريو! اهو جواب ٻڌي عالادين غصي مان ڳاڙهو ٿي
ويو ۽ چيائين ته: جيڪڏهن ٻاگهل جي ٻانهن اسان جي
حوالي نه ڪندين ته تنهنجي ڪوٽ ۾ ڪاهي پونداسين ۽
تنهنجو به سـِـر قلم ڪنداسون. انهي تان ابڙي کي به
جوش آيو، سو لڙڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
آيا اَبڙا ڪوٽ مان، ڪيئون جهيڙي تي جهٽڪا
وِير وڙهي پيا پاڻ ۾ سي ناز ڪري نٽڪا
جيئن وڃي ڪانُ ڪمان مان، تيئن ڇوه منجهان ڇٽڪا
ٿانَ مٿي ها ٿورڙا، اچي اُڙدن سان اٽڪيا
هـَـڻ وَٺ وائي وات ۾، ڪيئون سوجهر تي سٽڪا
لکن جا لاهي وِڌئون، پٺاڻ جا پٽڪا
سامـُـن تان سـِـر ڏيئي چڪا، گهور نه ڪيئون گهٽ ڪا
لاشا لاکيڻن جا پئي ڀـِـٽـَـن ۾ ڀٽڪيا
بيوس بانڪا بـَـر ۾، وڃي مغل سان مـَـٽ پيا.
جڏهن پهلوان اَبڙا سامن تي سر ڏيندي سڀئي مارجي ويا ۽ مـَـردن مان ڪابه پهر
نه بچي، تڏهن عالادين چنيسر سومري کي چيو ته: هاڻي
بي خطر ٿي مونکي پنهنجي ڀيڻ ٻاگهل هلي ڪوٽ مان ڪڍي
ڏي. تنهن تي چـَـريو چنيسر پنڌرهن سورهن پهلوان
ساڻ ڪري، ڪوٽ اندر گهڙي ويو ته جيڪڏهن ٻاگهل
اَڪيلي مون سان نه اچي ته ٻيا زوري ٻڌي ٻاهر ڪڍي
اَچنس. جنهن مهل ڪوٽ جي دروازي کان اندر گهڙيا ته
سڀني کان اڳيان مائي سـونـَـڻ ڪارو ويس ڪيو بيٺي
هئي. عالادين سمجهيو ته شايد اها ئي ٻاگهل آهي، جا
مونکي چنيسر ڏيڻي ڪئي آهي، سو نڪا ڪيائين هـَـم
نڪا تـَـم، هڪدم وڃي مائي سونڻ جي ٻانهن ۾ هٿ
وڌائين. تنهن تي مائي سونڻ دانهن ڪري پـَـٽ تي ڪري
پيئي. مرد مارجڻ جو اَرمان ته اڳيئي هوس، ويتر
بيعزتي کان چنيسرکي هيئن چيائين:
ڪاهي آيا ڪوٽ تي، اڳيان ڪونج ته ڪـُـماڻي
ورتائين ٻانهن، ٻروچ چئي، تڏهن رِيهه ڪئي راڻي
هچارا حياءُ ڪر، آهيان راڻي جي راڻي
اصل ٻج اوهان جو آهي ماءُ ته مـُـهاڻي
ننگر مور نواب جي آهيان نالي ته نـِـماڻي
دونهان درد اُٿاريا، ٻيو سـُـورن ڪئي ساڻي
اڄ وارث ويا ڪل مارجي، ٿيس گوهر گيباڻي
چاچا! ڪا چـُـوڙِي پوئي، حياءُ ڪر هاڻي
ننگؤن نانگو ٿي رهـيـُـون، ٿو نـُـنهن ڏئين نياڻي
چـِـڙي چنيسر راءُ پيو، ويئي ته وِهاڻي.
جڏهن عالادين، ننگر جي زال مائي سونـَـڻ جي ٻانهن مان وڃي ورتو ۽ مائي سونڻ
روئي چاچي کي اهي لفظ چيا، تڏهن:
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، آهي چـِـڙيو چنيسر خان
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، سو جوش ڪري جولان
وٺي ته ٻانهن، ٻروچ چئي، سـِـري وڍيئين سلطان
هڪل ڏني آ سومري، جيئن گوڙ ڪري گهمسان
هڪڙا هاٿين جي پٺيان، ٻيا مغل ڀڳا ميدان
اُڀريو عالادين تي، سڄي دلي ڪيائين دوفان
سـَـتن سان سلطان سو، مري پيو مستان.
هاڻي عالادين ۽ چنيسر سومرو ڪئين ڪونڌر ڪـُـهائي پاڻ به آخر مري ويا. چنيسر
پنهنجي سڄي پـِـيڙهي چـَــٽ ڪرائي ۽ حاصل به ڪجهه
ڪونه ٿيس. جيئن چنيسر جو خانو خراب ٿيو، الله شال
دشمن جو به ائين نه ڪري. پنهنجي برادر ۾ وڙهڻ
پنهنجي پـِـيڙه کوٽڻي آهي.
پورو قصو پهلوان جو، مون سچو سڻايو آه
ڪوڙ اُنهن جو ڪنڌ تي، جن اڳي ٺاهيو آه
ٻڌي ته ڳالهه، ٻروچ چئي، تون دانـَـه دل سان لاءِ
جيڪي وڙهندا پاڻ ۾ تن جا حال اِهي ٿيندا
موٽ مديني جا ڌڻي، ٿي هيڻن تي همراه
ويندا سي ايمان سين ڪلمون جي پڙهندا.
لا اِلــٰہ اِلا الله محمد رسول الله.
--------
ضميمو
”گلزار سنڌ نادرات هند“ ۾ ڏنل روايت
[”گلزار سنڌ نادرات هند“ سومرن جي پوئين دور ۾ مولوي عبدالرحيم سومري زنگي
پور (تعلقي ٺل)، پنهنجي ٻـُـڌ سڌ موجب پهريائين
فارسي مثنوي ۾ منظوم ڪئي، ۽ پوءِ مرحوم صوفي قلندر
بخش، مرحوم محمد عثمان سومري ۽ ٻين صاحبن جي ترغيب
تي سال 1340 هه - 1922ع ۾ اصل فارسي متن جو سنڌي
ترجمو ڪيائين. مولوي عبيدالله شائق سومري پوءِ
انهيءَ ترجمي کي سوڌي سنواري سنه 1929ع ۾ ’دولت
علويه‘ جي نالي سان ڇاپايو. اسان مصنف جي اصل
سنڌي ترجمي تان هن ڳالهه کي کنيو آهي. ن - ب]
ڄام چنيسر چاليهن سالن لاءِ سومرن جي تخت تي ويٺو، پر عياشي ۽ بي همتي سبب
کيس اوڻيهن سالن جي بادشاهي کان پوءِ اميرن وزيرن
تخت تان لاهي اسدالدين الدينا ڄام ڀونگر ثاني
سومري کي تخت تي ويهاريو. سندس تخت ٺٽي ۾ هو. دودو
نهايت سخي، عادل ۽ پهلوان هو. بکر جو تعلقو، جيڪو
ڄام چنيسر جي وقت ۾ سومرن جي قبضي مان نڪري ويو
هو، ۽ دهلي جي بادشاهن جي قبضي ۾ هو، ان تي ڪاهي
ويو، ۽ قلعو فتح ڪيائين. ان بعد قنڌار، سبي ۽ ڍاڍر
پڻ فتح ڪيائين.
چنيسر، بادشاهي کي وري هٿ ڪرڻ خاطر هندستان ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ٽئين سال
وڃي ’پتورا‘ ۾ پهتو، جتي سلطان بهرام شاهه ترڪ
جو تختگاهه هو اُن کي دودي جي خلاف دانهن ڏنائين.
بهرام شاه کيس چيو ته دودي جهڙي پهلوان سان يڪدم
مقابلو ڪرڻ رواجي ڳالهه ناهي، تنهنڪري ٽي سال صبر
ڪر، پوءِ تنهنجي مدد ڪري، توکي دودي کان بادشاهي
وٺي ڏيندس.
چنيسر، سلطان بهرام شاهه وٽ خاص مهمان ٿي ترسي پيو. ڇهه ڏينهن شڪار ڪندو ۽
ستين ڏينهن بادشاهه جو سلام ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن
بادشاه جي گـَـلفاڻُ (؟ گله بان ً ڌنار) اچي چنيسر
کي دانهن ڏني ته ٻه شينهن درياء جي ڪناري سان
هـِـريا آهن، جن بادشاهي گهوڙا ماري ڇڏيا آهن، ٻي
رعيت پڻ خوف ۾ آهي، تون هلي اهي شينهن ماري ڏي.
چنيسر هٿيار کڻي شينهن تي ڪاهي آيو، جيڪي نر ماد
هئا، ۽ انهن کي ترار سان ماريائين. اها خبر سلطان
کي وڃي ٻڌايائون. ان وقت علاوالدين به درٻار ۾
ويٺو هو. سلطان، چنيسر کي ڪچهري ۾ گهرائي خلعت
ڏني.
ڄام چنيسر کي دهلي ۾ ٻه سال گذريا ته سلطان بهرام شاه مري ويو، ۽ سندس جاءِ
تي علاوالدين تخت تي ويٺو. ٽن سالن گذرڻ بعد
چنيسر، علاوالدين کي سلطان بهرام جو وعدو ياد
ڏياريو، ۽ پڻ سڱ ڏيڻ جي آڇ ڪيائين. پوءِ سلطان
علاوالدين ٽيهه هزار فوج گهرائي سالار خان جي
اڳواڻي هيٺ چنيسر کي ڏني ۽ ڇهن مهينن جي جنگ جو
خرچ به ڏنائين. موٽ ۾ ڄام چنيسر هڪ عهدنامو پڻ لکي
علاوالدين کي ڏنو، جنهن موجب تخت ملڻ کان پوءِ ڄام
چنيسر دهلي ڏن - ڀرو ٿي رهندو ۽ ڀيڻ جو سڱ به
سلطان علاوالدين کي ڏيندو.
علاوالدين جو لشڪر ٻن مهينن کان پوءِ اچي وڳهه ڪوٽ ۾ لٿو. وڳهه ڪوٽ سومرن جو
ٺهرايل هو. سالار خان، دودي ڏانهن قاصد موڪليو،
جنهن ۾ دودي کي پيغام ڏنو ته بادشاهي چنيسر کي ملي
۽ وعدي موجب تنهنجي ڀيڻ ملڪه زينب جو سڱ علاوالدين
بادشاهه کي ملي. دودي جواب ۾ چوائي موڪليو ته
چنيسر جي ماءُ ڌاري قوم مان آهي، تنهنڪري کيس
بادشاهي ڪانه ملندي. ٻيو ته سومرن ۾ رواج آهي ته
ڌارين کي سڱ ڪين ڏيندا آهن، تنهنڪري بادشاه کي سڱ
نه ملندو. باقي جيڪڏهن سومرن جي بادشاهي کي نقصان
نه پهچڻ جي ضمانت ملي ته دستوري ڏن هر سال ڏيندا
رهنداسين. قاصد اهو جواب کڻي سالار خان وٽ آيو،
جنهن چنيسر کان صلاح پڇي. چنيسر چيس ته: توکي
علاوالدين بادشاهه حڪومت وٺي ڏيڻ جو حڪم ڪيو هو،
تنهنڪري جنگ ڪبي.
هوڏانهن قاصد جي وڃڻ کان پوءِ دودي پنهنجي اميرن وزيرن کي گهرائي صلاح پڇي.
جن چيو ته: دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ لشڪر گڏ ڪجي.
پوءِ شهزادي ننگر کي موڪلجي ته اهو وڃي پيءُ چنيسر
کي پرچائي وٺي اچي، پڻ سالار خان کي خزانو موڪلجي
ته اهو موٽي وڃي.
دودي پنهنجي اميرن جي صلاح موجب آسپاس جي علائقن مان لشڪر گهرائڻ شروع ڪيو.
هٿيار پنهوار ۽ سيڌو سامان گڏ ٿي ويو. جڏهن لشڪر
شمار ڪيائون ته ٻٽيهه هزار لشڪر ٿيو. پوءِ ننگر کي
پنج هزار لشڪر ۾ مال ملڪيت ڏيئي سالار خان ۽ چنيسر
ڏانهن موڪليائين ته: سالار خان کي خزانو ڏيئي،
چنيسر کي منٿ ميڙ سان موٽائي وڳهه وٺي اچي. پر جي
ٻئي ڳالهيون نه ٿين ته جنگ ڪري.
ننگر پنهنجي چاچي دودي جو حڪم ٻڌي وڃڻ جي تياري ڪئي، پر وڃڻ واري رات کيس
دودي پنهنجي نياڻي ملڪه صفيه سان شادي ڪرائي. صبح
جو ننگر لشڪر سميت ٺٽي مان روانو ٿيو. مهراڻ درياء
اُڪري، ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي وڳهه ڪوٽ ۾ پهتو.
ننگر ڏهن سوارن سان گڏجي سالار خان جي لشڪر ۾ آيو.
سالار خان هن کي حشمت سان ايندو ڏسي چنيسر کان
پڇيو ته: ڄام دودو اهو آهي؟ تڏهن چنيسر وراڻيو:
اهو دودو ناهي. دودو جنگ تي چڙهندو ته لشڪر ۾
واويلا پئجي ويندي. ننگر پهرين سالار خان سان ملي،
ان کي دودي جو پيغام ڏيئي، پوءِ پيءُ چنيسر سان
مليو ۽ کيس پرچاءُ لاءِ چيائين. تڏهن چنيسر چيس
ته: پرچاءُ تڏهن ٿيندو جڏهن باقي ايڪيهه سال مون
کي بادشاهي ملندي، ٻيو ته ملڪه زينب جو سڱ
علاوالدين کي ملندو، حّو اهڙو وعدو ڪري آيو آهيان.
ننگر پنهنجي پيءُ جا اهي سخت لفظ ٻڌي ڪاوڙجي
پنهنجي لشڪر ۾ موٽي آيو.
رات جو ننگر پنهنجي اميرن کان صلاح پڇي. اُنهن چيو ته: جنگ ڏجي. صبح جو ننگر
جو لشڪر جنگ جو نغارو وڄايو. هوڏانهن سالار خان به
لشڪر سنڀرائي ميدان ۾ آيو. ٻنهي طرفن جنگ اهڙي لڳي
جو اُنهن جو رت وهي وڃي مهراڻ درياء ۾ پيو، جنهن
جو سڄو پاڻي ڳاڙهو ٿي ويو. ٻه ڏينهن جنگ هلي. ننگر
ڏاڍي بهادري سان وڙهيو ۽ دشمن جا سوين پهلوان ماري
ڇڏيائين. ٽئين ڏينهن جنگ هلندي ننگر جي نظر وڃي
سالار خان تي پئي، سو اڪيلي سر وٺي حملو ڪيائين.
دشمن کي ماريندو وڍيندو لشڪر تائين پهتو. اتي
هزارين دشمن ويڙهي ويس. آخرڪار زخمي ٿي ڪري پيو ۽
شهيد ٿي ويو.
چوٿين ڏينهن ڏٺائون ته ٻنهي طرفن گهڻو لشڪر مارجي ويو هو. سومرن مان باقي
وڃي ڪي ٿورا بچيا هئا، تن ننگر جو لاش دودي ڏانهن
اُماڻي، پوءِ اچي دشمن ۾ مارو وڌو. تان جو سڀئي
وڙهندي وڙهندي مارجي ويا. شمار ڪيائون ته سومرا
پنج هزار ماريا ۽ دشمن جو ڇهه هزار لشڪر چٽ ٿيو.
جڏهن ننگر جو لاش ٺٽي ۾ پهتو، تڏهن دودي پنهنجي صلاحڪارن کي سڏايو، ۽ انهن
کي چيائين ته: عاقبت جي خبر خاوند کي، الاجي ڇا
ٿئي. تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته پنهنجي پٽ منگر
کي لشڪر ڏئي دشمن سان مقابلي لاءِ موڪليان ۽ چنيسر
جي پٽ شهزادي محمد کي اهل عيال سان گڏ ڀونگر سميت
اَبڙي ڏانهن موڪلي ڏيان، جيئن اهل و عيال حفاظت ۾
رهي! جڏهن اها خبر شهزادي محمد کي پئي تڏهن دودي
وٽ آيو ۽ چيائين ته: مون کي اجازت ملي ته وڃي دشمن
کان پنهنجي ڀاءُ ننگر جو وير وٺان. آخر کيس اجازت
ملي، سو ڇهه هزار لشڪر وٺي وڳهه ڏي روانو ٿيو.
ٽن ڏينهن کانپوءِ شهزادي محمد اچي وڳهه ڪوٽ تي منزل ڪئي. صبح صفون ٻڌي اچي
ميدان ۾ بيٺا. سالار خان جو لشڪر به جنگ جو نغارو
وڄائي ميدان ۾ آيو. لڙائي شروع ٿي. ٻنهي طرفن جا
لشڪر ڏاڍي پهلواني سان وڙهيا. ٻن ڏينهن جي جنگ کان
پوءِ ٽئين ڏينهن شهزادو محمد به پنهنجن ڇهن هزارن
لشڪر سميت شهيد ٿي ويو.
هوڏانهن شهزادي محمد جي وڃڻ کان پوءِ، دودي پنهنجي پٽ ڀونگر کي سڏائي، سمورو
اهل و عيال سندس حوالي ڪري ابڙي ڏانهن روانو ڪيو ۽
انهن جي حفاظت لاءِ ٽي سؤ سوار گڏي ڇڏيائين. امير
ابڙي جو ڪوٽ به سومرن جو ٺهرايل هو. سڄو پاهڻ سان
ٽيهن سالن ۾ جڙي راس ٿيو هو. شهزادين ۽ راڻين جو
استقبال ڪري، ابڙي ڪوٽ تي پهرو بيهاري ڇڏيو.
شهزادو منگر، دودي جي هدايت موجب شهزادين ۽ راڻين کي ابڙي وٽ ڇڏي، پنجن
سوارن سميت پوئتي موٽيو. اڃان دودي وٽ پهتو مس ته
مٿان شهزادي محمد جي شهادت جي خبر ملي. شهزادي
منگر کي اها خبر ٻڌي جوش چڙهي ويو. تنهن يڪدم
پنهنجي پيءُ کان دشمن تي چڙهائي ڪرڻ ۽ ڀائرن جي
وير وٺڻ جي اجازت گهري. تڏهن دودي کيس ڇهه هزار
لشڪر ڏئي روانو ڪيو.
ٽئين ڏينهن منگر جو لشڪر به اچي وڳهه وٽ پهتو. صبح سان جنگ جو نغارو وڄائي،
دشمن تي حملو ڪيائون. انهي ڏينهن اڪيلي منگر سوا
ٽي سؤ دشمن ماريا. ٽن ڏينهن جي جنگ کان پوءِ چوٿين
ڏينهن شهزادو منگر نعرو هڻي دشمن جي لشڪر ۾ڪاهي
پيو، ۽ سڌو رخ رکيائين سالار خان ۽ چنيسر تي. تڏهن
سالار خان لشڪر کي هڪل ڪئي. پوءِ ته دشمن ماڪڙ
وانگر منگر تي وري پيا. شهزادو منگر زخمن سان چور
ٿي ڪري پيو ۽ ساه ڏيئي سرهو ٿيو. سج لٿي تائين
سومرا به سڀ وڙهندي شهيد ٿي ويا. باقي جيڪي بچيا،
سي منگر جو لاش کڻي واپس وريا.
شهزادي منگر جي شهادت کان پوءِ دودو پاڻ جنگ تي چڙهيو. ساڻس باقي پنڌرهن
هزار لشڪر هو. جوش مان رات ڏينهن پنڌ ڪندي ٻئي
ڏينهن اچي وڳهه ۾ پهتو. سالار خان جڏهن ٻڌو ته
دودو پاڻ جنگ تي آيو آهي، تڏهن سندس ساه سڪي ويو.
خيال ڪيائين ته رات هجي ها ته ڀڄي جان ڇڏايان ها،
پر ڏينهن ٿي پيو آهي. لاچار جنگ جون صفون
ٻڌايائين.
ڄام دودي به پنهنجي لشڪر جون صفون ٻڌيون. پهرين صف ۾ پنهنجا خاص غلام ابڙا
بيهاريائين. سڄي پاسي عمر ڪوٽي، اَروڙي ۽ ڪوٽڙي
وارا بيهاريائين ۽ کٻي پاسي سمان، سيوهاڻي ۽ نيرن
ڪوٽي بيهاريائين. وچ ۾ پاڻ بيٺو ۽ ٻيو سمورو لشڪر
پويان. جنگ جو نغارو وڳو ته ٻئي لشڪر ڳنڍجي ويا.
زمين اهڙي ڳاڙهي ٿي وئي، جو رت جي ڇـَـر وهي وڃي
مهراڻ ۾ پئي. جنگ جي باهه کان ٽڪرن ۽ درياء مان به
ڄڻ ته چڻنگون ٿي نڪتيون. نغارن ۽ ڀيرن جي ڌڌڪن کان
پکي پرندا وڻ ڇڏي وڃي رڻ ۾ لـِـڪا ۽ جانور جهنگ
ڇڏي ڀڄي ويا. مـُـڙدن جا دڙا ٿي ويا. جيئري ۽
مـُـئي جي خبر ڪانه ٿي پئي. سموري لشڪر ۾ ”دودو
دودو“ پئجي ويو. دودي جنهن هاٿي کي گرز ٿي هنيو
ته هاٿي جو گردن ۽ سـِـرُ چـُـورو ٿـِـي ٿي ويو.
ترار جي هڪ ڌڪ سان ڏهه ڄڻا ٿي وڍيا. هڪڙي تير سان
پنج ڄڻا پائمال ٿي ڪيائين. دودي جي جنگ کان سالار
خان جو ساه سـُـڪي ويو. هاٿيءَ کي به هڪل ڪانه ٿي
ڏنائين.
آخر رات ٿي، ٻئي لشڪر موٽي پنهنجي آستاني تي آيا. ٽي ڏينهن اهڙي جنگ هلي.
چوٿين ڏينهن ڀير وڳي. دودي خيال ڪيو ته جيستائين
سالار سلامت آهي، تيستائين جنگ پئي هلندي. ڇو نه
سالار خان کي مارجي ته فيصلو ٿي وڃي. اهو خيال ڪري
حملو ڪيائين سالار خان تي.
سالار خان ان مهل وچ لشڪر ۾ هاٿي تي چڙهيو ويٺو هو. چنيسر ساڻس گڏ ويٺل هو.
چار پهلوان هٿيارن سان سندس حفاظت لاءِ ويٺا. دودو
شينهن وانگر دشمن کي ڪـُـٽيندو سٽيندو اچي هاٿي کي
اوڏو ٿيو. اتي سالار خان جي به مٿس نظر پئجي وئي،
تنهن لشڪر کي دانهن ڪئي ته ’بچايو‘ . پر دودي جي
دهشت کان ڪوبه سپاهي ويجهو نه آيو. دودي هڪل ڪيس
ته: اجل اچي رسيو اٿئي، هوشيار ٿيءُ! سالار خان
موت اکين سان ڏسي، اکيون کڻي پوريون ۽ همراهن کي
چيئين ته: ڍالون آڏيون ڏيئي مون کي انهي ديو جي ڌڪ
کان بچايو. پر تيسين دودو اچي رسيو. ٽپ ڏيئي تلوار
جو ڌڪ هڻي سالار خان کي زخمي ڪري وڌائين. ان مهل
دودي جو گهوڙو باهڙجي وڃي ڪريو ته دودو به زمين تي
ڪري پيو. اتي دشمن جي لشڪر مٿس تلوارن جو وسڪارو
لائي ڏنو. تان جو ڪلمون پڙهي شهادت کي رسيو.
چنيسر جڏهن ڀاءُ کي شهيد ٿيندي ڏٺو، تڏهن افسوس ۾ مـُـنهن مٿو پٽي، هاٿي تان
لهي آيو ۽ اچي ڀاءُ کي ڀاڪر ۾ ورتائين. پوءِ جوش ۾
اچي تلوار کڻي سالار جي لشڪر ۾ ڪاهي پيو. سڄو
ڏينهن جنگ ڪندو رهيو. وري ٻئي ڏينهن سومرن جو باقي
بچيل لشڪر وٺي جنگ جي ميدان ۾ آيو ۽ سڀني سومرن
سميت دشمن سان وڙهندي ساه ڏنائين.
چنيسر جي مرڻ کان پوءِ صالح ناهي سومري پهلوان، باقي بچيل سومرا ساڻ ڪري
دشمن سان جنگ ڏني ۽ سوين دشمن ماريائين. اتي سالار
خان ڏٺو ته سندس لشڪر سڀ مارجي ويو آهي، باقي اَٺ
ڄڻا وڃي بچيا آهن، تڏهن خيال ڪيائين ته چنيسر جي
چوڻ تي سمورو لشڪر مارايم، هوڏانهن سومرن جا
بادشاه به بيگناه مئا، صـُـلح ڇو نه ڪيم! اهو خيال
اينديئي ”الصـُـلح خيرُ“ چئي هاٿي تان لهي پيو.
ٻنهي طرفن جنگ بند ٿي وئي. ساڻس ٽيهه هزار لشڪر
هو، جنهن مان ڇهه هزار ننگر جي جنگ ۾ مئا، پنج
هزار شهزادي محمد جي جنگ ۾، ڇهه هزار شهزادي منگر
جي جنگ ۾ تيرهن هزار دودي، چنيسر ۽ محمد صالح جي
جنگين ۾ مئا، باقي سپه سالار ۽ اٺ سپاهي وڃي رهيا،
جو سومرن کان پناهي ٿيا.
هوڏانهن سومرا به سڀ ختم ٿي ويا. هئا. سومرن جو لشڪر ڪـُـل ٻٽيهه هزار هو،
جنهن مان پنج هزار شهزادي ننگر جي جنگ ۾، ڇهه هزار
شهزادي محمد سان مئا، ۽ تيرهن هزار دودي، چنيسر ۽
محمد صالح جي جنگين ۾ مئا هئا. باقي پنج هزار
سلامت رهيا، مگر بادشاه سڀ شهيد ٿيا.
جڏهن سالار خان صلح واريو ۽ جنگ بند ٿي، تڏهن محمد صالح سومري کي چيائين ته:
جيڪڏهن صلح نه ڪندؤ ته پوءِ علاوالدين جي چاليهه
هزار فوج چڙهي ايندي ۽ اوهين ساڻس پڄي نه سگهندئو.
باقي آءٌ توهان کي سنڌ جي بادشاهي لکي ٿو ڏيان.
اوهان کان نڪا ڍل وٺبي، نڪي سڱ وٺبو. آءٌ اوهان کي
علاوالدين بادشاه کان اهڙو عهدنامو لکائي ٿو ڏيان.
تڏهن محمد صالح کيس چيو ته: اسان جو بادشاه، دودي
جو پـُـٽ اڃان سلامت آهي، جيڪو ستن ورهين جو آهي،
بلاشڪ ان جي نالي عهدنامو لکي ڏيو.
سالار خان عهدنامون لکي ڏيئي، باقي بچيل اَٺن سپاهين سميت پوئتي موٽيو، ۽
پتورا ۾ علاوالدين بادشاه کي سموري احوال کان واقف
ڪيائين. جنهن تي علاوالدين ڪاوڙجي چيو ته: پهرين
تون دودي سان صلح مڃين ها ته بيگناه هيڏو خون
خرابو نه ٿئي ها. هينئر حاصل به ڪجهه ڪونه ٿيو.
انهي ظلم جي ڪري منهنجي مٿان الائي ڪهڙي مصيبت
ايندي!
چون ٿا ته سومرن واري جنگ کان پوءِ علاوالدين بادشاه کي سندس اميرن تخت تان
لاهي قيد ۾ رکيو ۽ ان جي جاءِ تي سلطان ناصر الدين
محمود شاه کي تخت تي ويهاريائون. ٻيءَ هڪ روايت
موجب سومرن جي جنگ تي علاوالدين پاڻ ويو هو.
سالار خان جي موٽي وڃڻ کان پوءِ سومريون بيبيون ۽ شهزادو ڀونگر، ابڙي سان گڏ
ٺٽي ۾ موٽي آيا. هڪ ٽولو ڪنڀارن جو اُن ڏينهن کان
وٺي اڄ تائين، انهي افسوسناڪ واقعي جي ڪري پنهنجي
زالن کي نٿ نه پارائيندا آهن، ۽ ٻئي ٽولي وارن جون
زالون اُن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سٿڻ نه
پائينديون آهن. اها سومرن بادشاهن جي سـُـوءَ جي
نشاني آهي.
-------------
|