سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 16

 

ننگر بادشاه پنهنجي چاچي کي چوڻ لڳو: انهي حقيقت جي لاءِ پنهنجي پيءُ جا مونکي اهڙا پور پوندا آهن جو هينئون ڦاٽڻ کي اچيو وڃي. وري ماڻهن جا مهڻا طعنا ۽ خبرون ٿو ٻڌان ته ٻنهي ڦڦڙن ۾ ڦڙڪار ٿيندا آهن. اُنهي سور کان توتي اکيون رت ٿيون ڇڏينِ. اِنهن لکن ۽ هزارن جي اڳيان ائين سـِـر کڻي وٺئين، جيئن تکو ڪنڀار چڪ ٿا ٿانءُ لاهي وٺي ته منهنجو نالو ننگر آهي، نه ته لاهي در جي ڪتي تي رکج. پر آءٌ ڇا ڪريان، منهنجو وس ناهي. هڪ ته بابي جهيڙو وڃي جوڙيو آهي اُبتو، مردانو جهيڙو ناهي. ٻي ڳالهه ته تو پنهنجو ننگ ڏيئي رت ڳنڍي وڌو آهي. سالڪن چيو آهي ته:

 ”ننگ نهورڙي سسئي، لـُـوٺـِـي لاڳاپن
ڪوڙن آ سانگن، ساٿئون گـُـسائي سسئي“ .

آءٌ ڇا ڪريان، تو ننگ جي ننگاوت ۾ سـِـر خريد ڪري ورتو آهي. هاڻي هي سـِـر حاضر آهي، هو تلوار - حڪم ڪر، آءٌ حاضر آهيان. دودو چوڻ لڳو: ابا ننگر! اِهي ڳالهيون ٿو ڪرين، سـَـڱ سڱن جهڙا نه آهن. سو دودو، ننگر کي بيت ڪري، شاعر چئي ٻڌائي:

چاچو بابل نا ٿـِـيوي، ماسـِـي نه ماءُ
ڀاڄائي نه ڀيڻ جيئن، سؤٽ نه سڳو ڀاءُ
مـِـٺا آهن رت اَبن جا، ڏسي ڪندين پرچاءُ
پاسي ويهندين پيءَ جي، پوءِ ٿيندءِ ڳالهه ڳري.

دودو، ننگر کي چوڻ لڳو ته: ننگر! چاچو بابو نه ٿيندو، ماسي ماءُ نه ٿيندي، ڀاڄائي ڀيڻ نه ٿيندي، ڏِٺا مـِـٺا آهن، تون وڃي پنهنجي پيءَ جو پاسو وٺندين، پوءِ مون هڪڙي جو حال ڪهڙو ٿيندو؟ ننگر چوڻ لڳو ته: چاچا!  ”ڪـَـهـِـي سا رهي، ٻولي ٻاروچل سان“ . هـِـت واعدو ڪري نه ڦـِـرندس. دودي چيو ته: ڦـِـري ويندين. سو نه ڦـِـرڻ جي پڪ ننگر ڏئي، شاعر بيت ڪري:

ڦـِـري سو ڦـُـرجي وڃي، ننگر ويندئي ماڳ مري
لاهه ننگر تان آسرو، ايندو کهنبن منجهه کڄي.

ننگر چوڻ لڳو ته: چاچا! تون خاطري ڪر. پرچاءُ ٿيو، حياتي وري ايندس، پرچاءُ نه ٿيو ته پوءِ منهنجو مڙهه کڄي ايندءِ، سو ڏسي خوش ٿجانءِ. دودي چيو: ابا! تو سڀڪا ڪئي. سو ننگر کي دودو بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ننگر! پنهنجي پيءَ کي، آءُ بابل پرچائي
ٻارهن شهر بڪار جا، اچي خان کڻي کائي
پرزو نه ڏيندوسانس پڳ جو، ٻيا سڀ راڄ چنيسر کي.

دودو، ننگر کي چوڻ لڳو ته: الله سوڀ ڏيندئي، وڃي پيءَ کي پرچائي آءُ، جهيڙي نبيري، عدالت، راڄ، چنيسر کي ڏنم مگر پڳ ۽ تخت نه ڏيندس. متان چوي ته عالادين جي خوف کان ڏنئين. ننگر چيو ته: جا پڳ تو ٻڌي آهي، سا توکان ڪانه ورائبي، مگر آءٌ ننڍو هئس، بابو ڪاوڙجي ويو، شڪل مثل الائي ڪهڙي آهي. آءٌ ڪيئن سڄاڻندس ته منهنجو پيءُ چنيسر اهو آهي؟ سو دودو پنهنجي ڀاءَ جا پار ننگر کي ٻڌائي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

جڏهن هو وڳهه ڪوٽ ۾، ڀڙ منهنجو ڀاءُ
ماري شينهن مـُـڪن سان سٽي ڪڍندو هو ساه
سانـَـهن سڱ سنوان ڪري، وِنگين لاهي ور
سامهون ڏسي ڪونه ڪو جيڏانهن ڪري نر نظر
اڄ نه ڄاڻان ڪهڙو، مـَـٽي ويا چوڏهن ورهيه وچان.

دودو چوڻ لڳو ته: جڏهن چنيسر هتي هو، مـُـڪن سان شينهن ماريئين، سانـَـهن جا سڱ سنوان ڪري، وِنگن جا ور لاٿئين، جنهن ڪچهريءَ ۾ اچي ويهندو هو اُها ڪچهري ڪم قوت ٿي ويندي هئي. جنهن مرد ڏي سامهون ڏسندو هو، اُهو مرد هـِـن ڏي ڏسي ڪونه سگهندو هو. تاب نه جهلي سگهندو هو. هـُـن جي اک ۾ اهڙي گهـُـور رکيل آهي، چوڏهن سال گذري ويا آهن. خبر ناهي ته اَهڙي طاقت اٿس يا ڇڏي ويس. سـِـر ڪـَـنڍَ سوڍو، دودي جو يار ويٺو هو، اُنهي چيو ته ابا ننگر! پڻهين جا پار آءٌ توکي ٻڌايان ٿو. سو شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڪارو طنبو پڻهين جو، هوندس نـِـيرو گهوڙو هيٺ
پيچ سڃاڻج پڳ جو، اُڙدن ٿج سچيت.

سوڍو چوڻ لڳو ننگرکي ته: ڪاري گهوڙي کان سواءِ سواري ڪانه ڪيئين. طنبو ڪارو اٿس. جيئري جاني جدا ڪري ويو آهي، پاڻ به ڪاري ويس ۾ هوندو. ٻيو ته هـِـت دودو ڏِسيو ٿو وڃين، اُتي به وڃي دودو ڏسندين. اِهو پيچ پڳ جو سڃاڻيو وڃ، وري به اِهو پيچ وڃي ڏسندين. ننگر چيو: هاڻي مون سڃاتو. پر دودي کي چوڻ لڳو: چاچا! هڪڙي پارت ٿو توکي ڪريان، سا منهنجي تــَـن سان ٻڌجانءِ. سو شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

صاحب لاوي سانوڻـِـي، دُرس چڙهي درياء
ٻيلا ٻڏن ٻوڏ ۾، ٻيا واهڙ وهن واهه
ساري حضرت شاه کي، هاري چاڙهينِ نار
ٻج ڇٽنِ ٻنيءَ ۾، ڪري الله تـُـهار
سلا نپائين ننڍڙا، ٻيا هـُـڙهيا هڪلين جهار
ڪڏهن چؤنڪ، ڍِڍي، ڳل ڦاڙ، سنگ نڪري ٿين نروار
اچي پيڙن ڳاهه فراق جو، ٿي ويا ڪڻو ڪڻي کان ڌار
جنهن جو ڪونڌر هي ڪـُـسندو وڃي عالادين اڳيان
تنهن جي جيجل جوڳياڻي ٿيندي، جنهن جو پـُـٽ نڪو ٻيو ڀاءُ
سا پرتي اٿئي سومرا، ٿيندي وِلهي وڳهه ڪوٽ وچانء.

ننگر بادشاهه، پنهنجي چاچي کي، انسان جي پيدا ٿيڻ جو نمونو ٻڌائي چوڻ لڳو ته: جنهن جو مڙس اڳي ويو، پـُـٽ هاڻ ٿو وڃي، اُها سڄي وڳهه ڪوٽ منجهان وِلهي ۽ وائڙي ٿيندي، اُنهي جي پارت ٿو ڪريئين. سو دودو ورندو جواب ڏئي ننگر کي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

اَبل توکي ڀانئيان، مريم ڀانيان ماء
سونـِـي ڏيان خذمت ۾، ساران ڌيءَ مهنداء
پـَـٽـُـل راڻي پينگهو لوڏيندي، مريم جي مهنداء.

دودو ريهه ڪري چوڻ لڳو: ننگر! تون نه سمجهه ته هيکلي آهي. منهنجون ٻئي نياڻيون، منهنجي راڻي، آءٌ سڀئي ماڻهو تنهنجي ماءُ جا غلام ٿي گذارينداسون. ننگر چوڻ لڳو: چاچا! تو سڀڪا ڪئي، هاڻي منهنجي الله واهي. دودي دل ۾ ويچار ڪيو ته:

 ”هي ٿا وڃن هڱلور، سي ڪرمين ملن ڪاپڙي
جوڳي سندي ذات، ٻئي ڀيري ڀاڳ ملي“ .

سو دودو پنهنجي روح ۾ چوڻ لڳو ته ڪا گهڙي ننگر کي پاڻ وٽ رهائي، ڏسي ڍؤ ڪريان. سو ننگر کي وار ڳڻي ٻڌائي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڇنڇر ڇيهه نه وڃجي، نڪي اُڀري آچار
منگل مٿي ۾ مامرو، سوَلو سومر وار
اتم ڏينهن اربعا جو، آهي نالو جنهن جو نار
خاصو ڏينهن خميس جو، عالم چون جوءِ
ڏجان جـُـلبو ڏينهن جمعي جي، پهر پڄاڻا پوءِ
قادر تنهنجي ڪار، خالق خالي نه ڪندو.

جڏهن دودي مٿيون بيت ڏيئي بس ڪيو، تڏهن ننگر دودي کي جواب ۾ چيو ته: چاچا! اهي ستئي ڏينهن رهي پوندس، پر پنهنجي بنگلي تي، ڇو ته  ”لوڪ آهي منهن موڪ“ ، ڪو ڪيئن چوندو ڪو ڪيئن چوندو. وڌيڪ دودو ڪڇي نه سگهيو، ماٺ ۾ اچي ويو. ننگر تياري ڪري هلڻ لڳو. ننگر پنهنجي دوستن کي چيو ته: اوهين ٻاهران هلو، آءٌ اندران ڪوٽ منجهان ٿي ايندس. اها ڳالهه ڪري ننگر کڻي اندر ڪوٽ ۾ گهوڙو ڦٽو ڪيو. اندر ڪوٽ ۾ ننگر جي مڱ جا دودي جي ڌيءَ هئي. سا وناهه ۾ ويٺل هئي. انهيءَ جي ڪنن تي جڏهن گهوڙي جي سنبن جا ڪڙڪا پيا، تڏهن چيائين:

ٿنڀ ڪامون ٿڙڪي ويون، پيا پٽين ۾ واڪا
کٽ ٻانهيون لڏي ويون. آيا هندوري جهوٽا
متان صحي عالادين آئيو، لـَـکـِـي در مٿان.

شهزادي دانهن ڪري ٻانهي کي چوڻ لڳي ته: سڄي محلات گهوڙن جي سنبن جي آوازن ڪنبائي وڌي، ڏس ته متان دشمن جا گهوڙا اچي ڪوٽ ۾ پيا آهن؟ ٻانهي ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتي، ڏسي ته سبحان الله! هوڏانهن آهي مرد جو حسن، هوڏانهن آهن سج جون راسون، پاڻ ۾ هڪ ٿي ويون. سو درد مان دانهن ڪري ۽ شهزادي کي هن ريت فرياد مان ٻڌائڻ لڳي آهي ته:

 سونا ڪنگڻ ٻانهن ۾، اٿس ڪنن ۾ لـُـڙڪا
پٽ چنيسر راءُ جو، ڀائٽيو دودي راءُ
مير مڱيندو تنهنجو، ور تو ونيءَ جو آ.

اهو بيت ٻڌائي، شهزادي کي ٻانهي چوڻ لڳي ته:

هئي هئي هڻندينءَ هٿڙا، نت نه ايندئي ناز
ناهي نيبه ڪنهين سان، ساري عمر سهاڳ.

ڏسي وٺين ته مهل اها اٿئي، متان پوءِ مون کي ميارون ڏين! ٻڌي اٿم خبر ته ننگر جنگ تي چڙهيو ٿو وڃي. اها ڳالهه ٻڌي شهزادي، ٻانهي کي الله جو اسم وجهڻ لڳي ته: خدا ڪارڻ هن دريءَ تائين وٺي اچينس ته ڪا ننگ جي نوڙي وجهانس. جنهن مهل اها ڳالهه ٻڌائين ته ٻانهي ڀڙڪو کائي محلات کان هيٺ لٿي ۽ ڪهڙا ڪهڙا پنڌ ننگر جي گهوڙي ڏي هلڻ لڳي، وِک، قدم، رلو، ٽـِـشڪو، ٻـَـٽـِـيڪو وڃي پـُـورزو ۾ پئي. اڳين پوين کان جواب. ننگر جي گهوڙي کان اڳي اچي انهي رستي ۾ بيٺي. جتان ننگر جو گهوڙو ٿي آيو. گهوڙو آيو، ٻانهي ٺڪا هٿ ڳلي ۾ ڪرايو، گهوڙو روڪجي پيو. ننگر اک کولي ته سڃاتائين ته منهنجي محبوب جي ٻانهي آهي. ٻانهيءَ کان پڇا ڪيائين ته: ڇو گهوڙو روڪيو اٿئي؟ ٻانهيءَ چيو ته: سائين! مهرباني ڪري، هـُـن مـحلات جي دريءَ تائين هلو. ننگر چيو ته: اسان بادشاهن جو اهو وصف ناهي جو ڪـُـنوارين مـُـنهن لڳون. اِنهيءَ محلات ۾ جڏهن الله آڻيندو تڏهن پاڻهي ايندس. پر ٻانهي به مـُـڪل واڌڻ هئي، جي سـَـر ڦٽايا هئائين سي ڦٽي ويا، جي وسايائين  سي پئي وُٺا. ريهي ريبي ننگر جي دل کسي ورتائين. اتي ننگر چيو ته: تون ٿي چوين يا ماڙيءَ جا مالڪ ٿا گهـُـرن! ٻانهون ٻڌي عرض ڪيائين ته: آءٌ ڪهڙي شيءِ آهيان، اها مهرباني ڌڻين فرمائي آهي. ننگر بادشاه کي وٺي آڻي دريءَ کان بيهاريائين. پاڻ ڀڙڪو ڏيئي محلات تي چڙهي ۽ شهزادي کي چيائين ته: سائڻ! شهزادو دريءَ کان بيٺو آهي، ديدار ڪيو ته مهل اها اَٿان. شهزادي  ”سونل“  تي وناه جو گونگهٽ هو، اُهو سالـُـر تنهن تان کڻي، کـُـلئي مـُـنهن ديدار ڪرائڻ جو ارادو ڪري، دري کوليائين. هاڻي شاعر ٿو چوي:

وِلٽي اُٿي وِڄ جيئن، هڪ ناز ڀري نينگر
کانئي ٿي کـِـوڻن جيئن، ڌيءَ دودي دختر.

پنهنجي عاشقن جو سلام ڪري، فرياد ڪري، بيت ٻڌائي، پر ڪهڙي درد جي دانهن ٻڌائي:

ڪـَـڇ ڀـُـڄ ڪاڇو اسان جو، ٻاهڙمير مٿا
آهي اجمير اَبل جو، ڏي جاڙيجا جـُـلبا
هيڏانهن لنگهه لاهور جو، هوڏانهن گنگا وهي درياه
تنهن مان ٻيو صوبو چڙهي ئي ڪونه ڪو عالادين اڳيا!

شهزادي اهو بيت ڪري چوڻ لڳي ته: هيترا صوبا ۽ سردار ۽ ايترا ملڪ منهنجي بابي جا سلامي آهن، سي سڀ پيٽ جي سور ۾ شايد مري ويا جو تون ڳانن ٻڌو جنگ تي چڙهيو ٿو وڃين! اها ڳالهه ٻڌي ننگر شهزادو، پنهنجي حق جي اڳيان بيت ڪرڻ لڳو:

گهوڙو ڀڄي هسوار سان، باز اُڏامي مـُـٺ
اسان راول وٺون ٿا روڪڙو، نئون لاپو سنڌ مٿان
وڃي گهورون گهوريان تنهنجي ڪوٽ تان، صدقو ڪريان ساه.

اهو بيت ڪري ننگر بادشاهه چوڻ لڳو ته: اي شهزادي! توکي خبر آهي ته راجا کان سواءِ لشڪر وائڙو آهي، سوار کان سواءِ گهوڙو پنڌ نٿو ڪري، مـُـٺ کان سواءِ باز ڀي نٿو مار ڪري، سو يا ته آءٌ وڃان يا تنهنجو بابو وڃي. منهنجي حياتيءَ ۾ تنهنجو بابو ۽ تنهنجو سـِـر سلامت رهي، آءٌ تنهنجي ڪوٽ تان وڃي ٿو قربان ٿيان. شهزادي ڏسي ته ننگر بادشاه ويندو رهندو، هاڻي ڪا ننگ جي نوڙي وجهانس. سو درد مان دانهن ڪري، پنهنجي مائٽن کي فرياد ٻڌائڻ لڳي. سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڪيئن بيت ٻڌائي:

توکي ننگر ڳانو ٻانهن ۾، تنهنجي وني ويٺي وناهه
چنڊ ٻڪي، چوڏهين ويهان، پوندو تو ننگر جو نڪاح
تنهنجا مانيون ۽ مـَـنـَـهه ٿا هلن، سي رڌڙا ڪيئن رهبا
تنهنجا دهل دماما، نقرا، جهمٽ ڪيئن جهلبا
آهن سر تنهنجي تي سهرا، سي ٻڌڙا ڪيئن ڇـُـڙندا
منهنجي چاچـِـي ڳهه گهڙائيا، سي گهڙيا ڪيئن رهبا
متان ڪارا ايندا ڪپڙا، ائين ڪندو ڪيئن خدا.

اهو بيان ڪري اکين مان لڙڪ هارڻ لڳي. تنهن تي ننگر بادشاهه چوڻ لڳو ته: اي منهنجي سر جي سائڻ! تون مونکي روئي مايوس نه ڪر. توکي خبر آهي ته  ”جي وڃان وڃان ڪن، سي راهه رهندا ڪيترو“ . شهزادي کي پڪ ٿي ويئي ته هيءُ نه وِهندو، سا به فرمائڻ لڳي ته: ڀلا، وِئي پڄاڻا ڪو خط، ڪو سلام، ڪا روح کي دلداري ملندي؟ سو ننگر بادشاهه فرياد ڪري پنهنجي محبوب کي هن ريت پيغام ٻڌائڻ لڳو: شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

وڃان ٿو وڪيل ٿيو، من اَبل ڪري پرچاءُ
جي پـِـٽيل پرتو ڪينڪي، ڪيائين جهيڙي جو وڌاءُ
ته جنگ جا نيزا کوڙيان، ڳوڌا وهايان ڳاهه
سڀ سانَ ويڙهايان، سومرا، پٽي ڪندس مغل پها
نديون نير پلوٽيان، وِڳهه وهايان واهه
تنهن ۾ پرزا يار ننگر جا، ايندا وڳهه ڏي لڙهندا.

اهو بيت ڪري ننگر چوڻ لڳو: اميد جي ڀاڱي تي ميڙ ڪيو ٿو وڃان بابي کي پرچائڻ، جي پرتو ته پرچائي ايندس، نه پرتو، جهيڙو لڳو ته وڃي جنگ ڪندس. پوءِ هي واهه رت سان ڀرجي وڳهه ڪوٽ جي ڀرسان اچي لنگهندو، رت سلام منهنجو. ننگر ڳالهه ڪئي، شهزادي دانهن ڪئي، جو ماڙيءَ مان سوز جا ڌؤن ٿي پيا. پوءِ الله ۾ توڪل رکي ۽ پنهنجي ور کي دعا ڪرڻ لڳي، سو شاعر بيت شروع ڪري ۽ فقير چئي ٻڌائي، سو ڪيئن ٿو بيت ڀـُـڪائي:

ڦوڪ ته لڳي انبرين، تنهن عالادين اڳيان
وڃي پـَـٽ قناطون مغل جون، دلي کاوي داءُ
پرين توکي پرديس مان، رب آڻيندو الله
اچي ور گڏبين مون وني کي، چڙهي سـُـرهي سيج مٿان
نه ته مران وِڳه ڪوٽ ۾، منهنجيون سامي سان لاوان
ميلي محمد مير جي، پنهنجي نبي پڙهندو نڪاح.

اهو بيت ڪري، ۽ پنهنجي ور کي دعا ڪرڻ لڳي: الله ڪندو فتح ڪري وري ايندين ۽ پنهنجي وني اچي ماڻيندين. ڀلا جي تقدير، اَمـُـر رباني ائين ٿيڻُ هوندو، تون مارجي ويندين ته تنهنجي مئي کان پوءِ منهنجون لائون قبر سان آهن. پوءِ جڏهن ڏيهاڙو محمد جو ٿيندو، ٻين عاشقن ۽ معشوقن جا ميلا ٿيندا، تڏهن پنهنجو به نبي پاڪ ٻين عاشقن وانگر نڪاح پڙهندو. اها ڳالهه ڪري دري بند ڪيائين ۽ ننگر بادشاه گهوڙو ڪاهي اڳتي هلڻ لڳو ته اڳيان پنهنجي ڦڦي شهزادي ٻاگهي مليس. سا بيت ڪري ۽ پنهنجي ڀائٽئي ننگر کي چوڻ لڳي:

ڀائيٽا تون ٻاگهي جا، ڪاڪل نه ڪر هيج
جا ڌُر ڀاوين ڏُکڻي، کڻي تيڏانه مونکي ئي ڏيج
مون ڏني جڳ ڇـُـٽي ته مڙس نه مارائيج.

شهزاديءَ جنهن مهل اهو بيت ڪيو، ته ننگر بادشاه هڪل ڏيئي چوڻ لڳس:

مڙس ڏيندوسئين سومرو جيڪو پنهنجو مـَـٽ ڀايان
نه ته مري ويندئين وڳه ڪوٽ ۾ تنهنجي مـَـٽ چايان
مارُوڙي مقام ۾، ڏيندوسئين سامي سان لاوان.

اهو بيت ڪري ننگر چوڻ لڳو ته: تنهنجو ڏوه ناهي، توکي چاچي ۽ بابي ڪنڌ تي چاڙهي ڇڏيو، تڏهين ٿي اهڙا جواب ڪرين. اميد آهي ته فتح ڪري وري ايندس، جيڪو پنهنجو ماٽي ثاني سمجهندس، انهي سان شادي ڪندوسئين، نه ته ويهي مري ويندئين،لائون قبر سان اٿئي. تڏهن شهزادي ٻاگهي پـُـٺـي تي هٿ هڻي چيس ته: ابا! مون تنهنجو امتحان ورتو. الله ڪندو فتح پائي ايندين. ننگر بادشاه پنهنجي محلي ڏي هلڻ لڳو. جڏهن پهتو ته اڳيان ماءُ ڦـِـري آيس، سا پڇڻ لڳي ته: ابا! ڇا ڪري آئين؟ تڏهن ماءُ کي زبر ڏيئي چوڻ لڳو ته: مائي! پڳ به اسان جي ويئي، وري جنگ تي به اسان چڙهي وڃون! اها ڳالهه ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي؟ ڏسي شهزادي ته هـَـئي گهوڙا! آءٌ هـُـيس عورت، مونکي جهڙو به جواب پسندي آيو تهڙو ئي ڏنم، هي مرد هو، سو پنهنجي سوڀيا ڏيکاري ها! سا مٿي تي هٿ هڻي، ۽ ننگر کي فرياد ڪري، هن ريت طعنو هڻڻ لڳي، سو شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

پـُـهريا ساب نه ڀيڙا، منهنجا سائين جي درٻار
توکي ڏهه مهينا پيٽ ۾ مون ناحق سور سٺا
بر هادي هٿ هدايتون، پرور ڪيئين پيدا
توکي تنجيو هئم ترار سان، ڀري دُڪا ڪانَ وڌا
جوان اوهان جي جنگ جي، اصل آڏ وڏائي اء
کنو آهي کيٽ اوهان جو، آهي سمن پوک اها
پڻهين اڳي ئي ايهين ٿيو، پـُـٽ ڀي پار کنيا.

اهو بيت ڪيائين ته: ابا ننگر! تون ڄائو هئين ته هڪڙي هڪڙي پـِـيڙهه مون جبل جيڏي سـَـٺي جان تي، پر قدرت جي طرفان تون ڄائين. پوءِ مون توسان سـَـهـَـجَ ۽ سوڻ ڪيا، ترار سان ڪانَ مکڻ جا ڀري، تنهنجي وات ۾ وڌم ته بهادر ٿئي، تراريون ۽ ڪانَ پنهنجي جان تي گهڻا جهلي، ڇو ته سمن ۽ سومرن جي کنو آبادي آهي، پر تنهنجو ڏوهه ناهي. پڻهين اڳئي ايهين هو، پر تون به اُونهين ٿي پئين. اهي گفتا ٻڌي ننگر کي پڪ ٿي ته ماڻهو سچا آهن ته ابو وڃڻو هو پر طعنن ڀي تپائي کنيو، سو ننگر پنهنجي ماءُ کي فرياد ڪري، ۽ بيت ٻڌائڻ لڳو ته:

مادر ڏِينم نه مهڻا، منهنجو ساڙي وڌئي ساهه
مون تان ڪانَ قبوليا، تنهن عالادين اڳيا
وڃي پـَـٽـِـيان قناطون مغل جون، دلي کاوي داء.

ننگر هڪل ڪري پنهنجي ماءُ کي چوڻ لڳو ته: اهي طعنا منهنجي بابي سـَـٺا هئا، آءٌ نه سهندس، وڌيڪ ويڻ ڪندينءَ ته ترار مان ارڙهن ٽڪر ڪري ڇڏيندوسيئن. اهي لفظ سندس ماءُ ٻڌي، پنهنجي پٽ ننگر کي دعا ڪري ۽ بيت چوڻ لڳي:

منهن ۾ پـَـسئين مصريون، پـُـٺيءَ پسئين گاهه
پرين توکي پرديس مان، رب آڻيندو الله
اچي ور گڏبين ونيءَ کي، چڙهي سرهي سيج مٿاء.

ماءُ سندس چوڻ لڳي ته: ابا! الله ڪندو فتح ڪري، سوڀ پائي پنهنجي وني پاڻ اچي ماڻيندين. چڙهي وڃ جنگ تي، فتح اٿئي. ننگر کي نـَـوَ لک ڀرتي ۾ فوج ملي. انهي فوج جو صوبو ٿي وڳهه ڪوٽ مان منزل کڻي هليو ويو.

نالي منگر پٽ دودي جي يارهن ورهن جي ڄمار هو. استاد وٽ پڙهندو هو. انهي خبر ٻڌي ته منهنجو سؤٽ چڙهي ويو جنگ تي، سو پنهنجي استاد کان موڪل وٺي، پنهنجي پيءَ جي درٻار ۾ آيو. اچي ڏسي ته ڀائر امير، صوبا سردار، جاڙيجا، ڀٽي، ٽونئر، گـُـجر، هولياڻي، سڀ ويٺا آهن. منگر جوش ۾ ڀرجي پنهنجي پيءَ کي هن طرح بيت ڪرڻ لڳو، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڇا چئي ٻڌائي:

ڪلر ويري ڪوٽ جو، مڇيءَ ويري ڄار
جـَـر ويري ڄرڪو آهي، پکين ويري باز
ڀائرن ويري دودو، اسان اکين سان ڏٺو
ڀاءُ نه سـَـٺئين ڀر ۾، نڪي ڀاءُ جو پـُـٽ ڀائٽيو.

مـُـنگر بيهي ميدان ۾ چوڻ لڳو ته: ڏسو، مـِـٽي مڙئي مـِـٽي، پر ڪلر ڪوٽ کي ڪيرائي وجهي. مڇي مڙئي مڇي، پر ڄرڪو هڙ کائي پکي مڙئي پکي پر باز سڀني پکين کي کائي . ڀائرن لاءِ دودو به ائين اٿوَ. منگر جيڏيءَ مهل ائين چيو ته دودو ڌڌڪو ڏئي اُٿيو. پنهنجي سئيس کي هڪل ڏئي، بيت ڪرڻ لڳو، سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڪوٺي چيائين سئيس کي، منهنجي بورڻ ڪاهي آءُ
لالون هجنس لغام تي، ڪـَـمـِـي ڪمند تي ناهه
گل سهڻا هجن گاديءَ تي، هـُـونِ جهڳمڳ جا جهـُـوڙا
آءٌ روڪي چڙهان رڪيب ۾ ساري حضرت شاه
وڃي پٽيان قناطون مغل جون، دلي کاوي داء.

پنهنجي سئيس کي چوڻ لڳو: يڪدم منهنجي گهوڙي تيار ڪر. آءٌ پاڻ چڙهندس. وڃي عالادين کي هڪڙي لت هڻان، پهرين لت سان دلي ختم ڪيانسِ. اها حقيقت سندس ڀيڻ ٻاگهي کي پئي ته دودو جنگ تي چڙهيو ٿو وڃي. سا پاڻ سـِـر اچي پنهنجي ڀاءُ کي منٿ ڪرڻ لڳي. سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ٻاگهي رُوندي آئي، اچي ڀاڪر پاتئين ڀاء
سـِـنڌ نه سـُـڃي ڪر سومرا، وڃ نه سندو راڻين جو راءُ
سـِـر تنهنجي تي سـِـهرا، اهي ڪڏهن موڙ اچي ٻڌبا.

اهي اکر ٻڌي دودو ترسي پيو، ۽ سندس پٽ مـُـنگر ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو ته: بابا! تنهنجو ڪم آهي تخت تي ويهڻ، مونکي موڪل ملي، آءٌ پنهنجي سؤٽ سان گڏجي وڃان لڙائي تي. دودو گهـُـور وجهي چوڻ لڳس ته: ڏاڙهي کي ڦڻي ڏني اٿئي؟ جنگ جا نالا پيو وٺين! اتي منگر کي خار لڳو. پيءَ سان ڪڇي نه سگهيو ۽ يڪدم لوهار وٽ پهچي ويو. لوهار کي چيائين ته: يار! مونکي رڪ جي ڦڻي ٺاهي ڏي. لوهار يڪدم هن کي ڦڻي تيار ڪري ڏني. اها ڦڻي پنهنجي هٿ ۾ منگر جهلي  ’علي علي‘  ڪري پنهنجي مـِـٽ مان ٻـِـسـَـٽ چاڙهي ڏني. پوءِ رت سـِـمندو اچيس، پاڻ کـِـلندو، پنهنجي شهپر تي هٿ هڻندو، پنهنجي پيءُ آڏو اچي بيٺو. پيءُ کي چوڻ لڳو ته: بابا! ڏس، ڏاڙهيءَ کي ڦڻي ڏنل آهي يا نه؟ دودي هڪل ڪري چيس ته: برابر، شينهن آهين، ڀلي چڙهي وڃ جنگ تي! پوءِ ٻي منزل ۾ مـُـنگر اچي ننگر سان ڀيڙو ٿيو.

منگر جڏهن ننگر سان مليو، تڏهن ننگر چوڻ لڳس ته: ادا! تون پنهنجي بابي جي خذمت ۾ هجين ها، هن ڪم جي غلامي هي سـِـر به ڏئي اچي ها. منگر چوڻ لڳو ته: ادا! برابر. مرد هڪڙو ئي ڪافي آهي پر سالڪن چيو آهي  ”هڪڙو وڻ ڪانهلو توڙي ٿڙ ٿلهو“ . هڪڙو ته هوندو اڪيلو ڇا ڪندو؟ تنهنڪري چيو اٿن  ”ٻه ته ٻارهن، ٽي ته ٽيهه“ . سو اها ڳالهه ڪري منگر پنهنجي سؤٽ کي وري بيت ٻڌائڻ لڳو:

جوڙو هجي پانجاري ۾، لوڏي ڪڍي لاهه
گڏجي پونداسون گدار ۾، سڳا سؤٽ به سؤٽن سان.

منگر چوڻ لڳو: ادا! ٻه ڄڻا پاڻ ۾ هڏ ڏوکي هونداسون ته هڪٻئي جي قرباني آساني سمجهنداسون. توسان نو لک آهن، پر هڏ ڏوکي ڪونه اٿئي. اها حقيقت پاڻ ۾ ڳالهائي، منزل کنيائون. ننگر پنهنجي پيءُ ڏي ڳجهان ڳـُـجهه هڪڙو خط روانو ڪيو ته: بابا! آءٌ ننگر پـُـٽ تو چنيسر جو. منگر پٽ دودي جو، نو لک لشڪر ۽ ٻيا دل وارا دوست، اهي سڀ وٺي تو ڏي ميڙ ڪيو ٿو اچان پرچاءُ جي لاءِ. اها منهنجي خبر توکي هجي. اهو خط چنيسر کي پهتو، جو چنيسر کي حقيقت معلوم ٿي ته سومرا ايترو لشڪر وٺي منهنجو پٽ ۽ ڀائٽيو اچن پيا. اها ڳالهه دل ۾ رکي ڇڏيائين. ننگر ڀي لشڪر سوڌو نزديڪ اچي ٿيو آهي.

عالادين بادشاه پنهنجي طنبو جي اڳيان شام جو ٽاڻي تي پسار ڪرڻ لڳو ته اتر پاسي جـُـهڙ، ڪڪر ۽ طوفان نظر آيس، جنهن ۾ گوڙين جا ڌڌڪا ٻڌئين ۽ کنوڻين جا چمڪا ڏٺئين. دل ۾ سمجهئين ته موسم مينهن جي ناهي، بي مندائتو مينهن اچي ٿو. اڳ به وسندو آهي ڪـِـي اڄ ٿو اچي؟ هاڻي چنيسر کي گهرائي اُنهي کان پڇان ته تنهنجي ملڪ ۾ اڳ به بي مندائتو مينهن وسندو آهي يا اڄ ٿو اچي؟ سو عالادين چنيسر کي گهرائي، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر هيئن ٿو ٻڌائي:

عالادين گهرايو، هلي آءُ چنيسر آءُ
ته ناهي مند مينهنِ جي، نڪو سانوڻ واءُ
اُڀ رَئي سان لٽجي ويو، پوي سج جو ڪونه سماءُ
اڄ ته اُتر پار ڏي ٿي ويا ڪڪر ڪارونڀار.

سو چنيسر سومرو اچي عالادين کي رُوبرا ملي ۽ خبر ٻڌائڻ لڳو ته. اهو جهڙ واءُ جهڪ مينهن ناهي، جـِـن سومرن جون آءٌ توسان خبرون دليءَ ۾ ڪندو هوس، اهي پار انهن جا ڏسڻ ۾ ٿا اچن. سو هڪل ڏيئي، چنيسر عالادين کي بيت ڀـُـڪائي، پر ڪيـِـن ٿو ڀـُـڪائي.

ته جيڪي ڪـَـنين ٻـُـڌا هئئي سومرا، اُنهن جا ڏيل اکئين ڏسجن
اهي اٿئي والي وڳهه ڪوٽ جا، دوداڻي دَنوَڪن
تجلا اٿئي انهن جي توفن جا، ٻيا اٿئي گوڙون غبارن
اڄ ڏاڏاڻي ڏيهه جون، سڀئي بجليون پيون ڀڙڪن.

چنيسر عالادين کي چيو ته: اهي سومرا آهن، جيڪي ڪنين ٻـُـڌا هئئي. عالادين چيو ته: سومرا آهن! ڀلا، ڏي خبر، اهو جهڙ واءُ جهڪ طوفان ڪهڙو آهي؟ چنيسر چيو ته: سومرن جا اُٺ گهوڙا، هاٿي ۽ خچر انهن جي پيرن جي لـَـٽ اُڏاڻي آهي، جو زمين کان آسمان تائين وڃي پهتي آهي. توکي هـِـت جهـُـڙ ۽ طوفان پيو نظر اچي. عالادين چيو ته: اهي چمڪا ۽ کنوڻون ڇا جون آهن؟ چنيسر چيو ته: اهي سومرن جا هٿيار آهن، جن تي هيري ۽ جواهرات جي پالوٽ ٿيل آهي. سج جون نـَـوَ ڪـُـنڊون هيري ۾ ٿيون لڳن، هيرو چمڪي ٿو، اهي توکي هت کنوڻون پيون نظر اچن. عالادين چيو: گوڙون ڪهڙون آهن؟ چنيسر چيو ته: گوڙون ناهن، اهي اٿئي مردن جو ڳالهاء. ڪيهر شينهن وانگي گجندا ۽ گـُـڙندا اچن. ڳالهه ٻڌڻ سان عالادين بادشاه جا بم ڍرا ٿي ويا. کـِـسڪـَـت ڦـِـري ويئي. سڄي جان مان پگهر وهڻ لڳس ۽ ذرا اُٿ ويهه جو سبب ڏيکاري پيو. اٿ ويهه مان گرمي زور وٺي ته مڙس بچي ئي نه. سو چنيسر کان وري پڇا ڪرڻ لڳو ته: ڀلا ڏي خبر، ڪهڙا ڪهڙا سومرا ٿا اچن؟ چنيسر ڳالهايو ته: آءٌ اوڏانهن ويو ناهيان. باقي سمجهان ٿو ته شايد دودو ناهي. هي ڪو ٻيو سومرو صوبو ٿيو ٿو اچي. تڏهن عالادين چيو ته: ڀلا دودي جا پار ڪي اڃان ٻيا ٿيندا آهن ڇا؟ سو چنيسر چوڻ لڳو: اهي پار پورا نه آهن عالادين چيس: ڀلا انهي جا پار ٻڌائي. شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

جڏهن چڙهندو وڳهه ڪوٽ مان، ڀڙ منهنجو ڀاءُ
تڏهن ڌرتي ڌان ڌان ڪندي، وڻ ڇڏيندا واء
انهي ڏينهن ڪٽڪ جو سـُـڪـِـي ويندئي ساه
ويٺل وڙهندا ڪينڪي، ڏڪي ڏيندا ساه
سـُـتل اٿندا ڪينڪي، جن کاڌا ٻوڙ پـُـلاه
اهي اهڃاڻ دودي راوَ جا، ڪڏهن اکين سان ڏسبا.

چنيسر چيو ته: هن مرد ۾ موليٰ جي اها مڻ آهي، جو جنهن ڏينهن دشمن تي چڙهائي ڪري، انهي ڏينهن زمين اِئين وڄندي آهي، جيئن نغاري جي چوٽ وڄي. جنهن وڻ هيٺان مـَـٽي، بنان واء جي وڻ جا پن ڪريو پون. اها حقيقت عالادين ٻڌي پڇا ڪرڻ لڳو ته: مـُـڙس مڙسن جيڏو آهي يا گهٽ وڌ؟ سو چنيسر پنهنجي ڀاءُ جا عالادين کي پار ٻڌائڻ لڳو. سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

مـُـڙس ته مــُـني جيترو، مٿو جنهن جو مـَـٽُ
ٻانهون ٻيڙيء اولا، چيلهه چوپائي کٽ
دوداڻي دودل جي، هـِـت ڪونه جهليندو سـَـٽ.

عالادين کي چيئين: تو لشڪر گهڻو آندو آهي، پر هن جي مـَـٽ هڪڙو به ڪونهي. سڀ آهن پيتلي لڏو، ماني جا مارا، کاڌي جي آفت. پرائي ڀـَـت ۾ جهيڙو ڪن ته تون اڳي مون کان يارهن ڦيلهيون وڌيڪ کائي ويو آهين. جنهن مهل دودو ايندو، جيڪي ويٺا آهن، ويٺي سـُـڪـِـي ويندا. جيڪي سـُـتا پيا هوندا، ٻوڙ ۽ پـُـلاهه مانيون کايو، اُهي اُتي سڪي ويندا. هڪڙو ڪونه اُٿندو جو دودي سان سامهون ٿئي. تون يـَـڪي ماربين. آءٌ پري وڃي دڙي تي چڙهي وٺي دانهون ڪندس: ڏسو ته عالادين کي راه گناه ٿا مارين! انهي ڳالهه ٻڌڻ سان عالادين بادشاه سڄو وائڙو ٿي ويو. ويچارو ٿي، چنيسر کي ٻانهون ٻڌي عرض ڪرڻ لڳو. سو شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڪـُـڙهو ڪـَـنبيو ڪـُـستان جو، روئي رت ڦـُـڙا
ٻاگهي سندي ٻانهن جي اسان دلئون ڇڏي دعويٰ
اوهين پرچو پاڻ ۾، اوهان جو ڪندو خير خداء
اوهين وڃو وڳهه ڏي، آءٌ وريو ديس وڃان.

اهو بيت ٻڌي هـِـن کي چنيسر دڙڪو ڏنو: متان ڀڳو آهين. هتان ڀڄندين ته آءٌ نه ڇڏيندوسئين. مون کان ڏاڍو ٿيندين ته جيڪي آيا آهن سي نه ڇڏيندئي. انهن کان ڏاڍو ٿيندين ته دليءَ سوڌو دودو نه ڇڏيندئي. الله ڏياريو آهين بـُـل ۾، مار مارينداسـُـئين لـُـڦا! تڏهن عالادين چيو ته: نه ڀڄان؟ چنيسر چيس ته: نه، ويهي رهه. عالادين چيو: ويهان ٿو پر اهي جيڪي اچن ٿا، انهن کي جهلجانءِ، جيسين اسين تيار ٿيون. متان ويٺلن تي نه چڙهي وڃن. چنيسر چيو ته: اِيهين اڳرائي ڪونه ڪندا.

اها خبر اِتي رهي. هـُـتان ننگر بادشاه نـَـوَ لک فوج سان اچي رڻِ ميدان ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو. ننگر پنهنجي فقير ڀاڳو ڀان کي چيو ته: فقير! تون وڃ، منهنجي بابي کي ڳولي مون وٽ وٺي آءُ ته پاڻ ۾ پرچاء جون ڳالهيون ڪريون. پرچي ته پرچائي هلون، جي نه پرچي ته ويريءَ کي هلي بـُـل نه ڏيون. اهو ڀاڳو ڀان فقير سـُـرندي جو ساز کڻي، گهوڙي تي چڙهي، عالادين جي لشڪر ڏي، چنيسر کي ڳولڻ هليو. ديمين مان ڳوليندي ڳوليندي پهر سج جي چنيسر کي لڌائين. چنيسر پنهنجي طنبو جي اڳيان صندل تي چڙهيو ويٺو هو. پنج ست نوڪر اڳيان بيٺا هئا. نوڪرن کي چيئين ته: اهو فقير آهي منهنجو. آءٌ چوڏنهن سال راتين جا دليءَ ۾ ويٺو هوس، مون وٽ نه آيو. جڏهن ڏکي پئي اٿن، تڏهن ٿو اچي. هاڻي  ”جت مڙئي پنهون جا ڀائر“ . منهنجي دشمن جي طرف جو ماڻهو آهي. آءٌ وڃي ٿو اندر طنبوءَ ۾ ويهان، اوهين وڃي اهو سـُـرندي جو ساز ڀڃي ڀورا ڪريوس، گهوڙو کسي وٺوس، دانهون آءٌ پاڻ ڪنن سان ٻڌان. اها ڳالهه ڪري اندر طنبوءَ ۾ گهڙي ويو. اُهي نوڪر جهيڙي ڪاڻ تيار ٿي، فقير سان وڙهڻ لاءِ آيا. شاعر ان جي بيان ۾ هي بيت ٿو ڪري:

ڀڙڪي آيا ڀانَ تي، تکو رکيائون تاءُ
هـِـن رَتا ڏنا روڪڙا، ڏنئين مال متاع
نر ناڻي نوازي وڌا، هنن جا لهي لـُـڙ ويا
وات چوي ويهه ڪينڪي، هٿ چوي هـُـو جاءِ.

جنهن مهل فقير تي گهيرو ڪيئون، سومرن جو فقير هو، سمجهئين ته مارجي ويندس. نوڪر آهن وڍي خور، ڪجهه لالـچ ڏيانِ. من چنيسر سان ڳالهائڻ ڏينِ. سو پنهنجي کيسي ۾ هٿ هڻي، سون جون مـُـهرون ڪڍي اڳيان اڇلايائين ۽ چوڻ لڳو: خزانو وٺو، ڳالهيون چار چنيسر سان ڪرڻ ڏيو. پوءِ اُهو گهوڙو، اِهي هٿيار لٽا سڀ اوهان جا. مونکي ماري ڇڏجو. نوڪر خزانو ڏسي مـُـنهان ڪين ڪـُـڇيا، باقي هٿ جو اشارو ڏيڻ لڳا. چنيسر جي گهوڙي جي لـِـڏ ۽ چڪري جو هڪڙو دڙو هو، انهي ڏي اشارو ڪيئونس ته اِتي ويهه. فقير امر برجاء ڪري انهي جاءِ تي ويهي، پنهنجي سـُـرندي جو ساز ملائي، بيت چوڻ لڳو:

کر چنيسر لعنتي، تو ڪيڏا ڪم ڪيا
پڳ وڃايئي پنهنجي، پڇڻ هليو هئين ماء
تو ۾ آهي لـِـڇ لهار جي، ساري عالم کي اوغاء
مون چاڙهي ڄٽ کي ڄام ڪيو، ڇا ڄاڻين ڀانِ منجهان!

سالڪن چيو آهي  ”ڪهاڙا ۽ ڪات، ڍاڍي ۽ ڀاٽ، مـُـڙي ته مـَـر جاوي“ . فقير چوڻ لڳو ته: اهي تو ۾ صف نه هجن ته مون ڏي ميار آهي. چنيسر دل ۾ ويچار ڪيو، جو فقير چيو سو سڀ سچ آهي.  ”مڙئي آهي مون ڏي هوتن ڏي نه هڪڙي“ . اهو خيال ڪري فقير جي ملڻ لئي ڀڙڪو ڏئي ٻهر نڪتو. فقير سان ملي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

آءُ اسان جا منگتا، ڀاڳـُـو ڀلي ڪري آئين ڀانِ
خوش هو دودو سومرو، خوش هئا راڄ سندان
مون ننگر ڇڏيو هو ننڍڙو، اڄ ڪـِـي مير مٿانهون آهه؟

جنهن مهل اهو بيت ڪيئين، فقير ڏٺو ته واهه، بـُـل ڏنو اٿس،  ”بـُـل مان گـُـسي سو به بـُـل جو پٽ“ . هاڻي هڻينس ڌڪ، هونديس ڪا سائي رڪ ته روح وري پوندس، نه ته اهڙو ته اُهينئي آهي. سو فقير بيت ڪري، فرياد ڪري، چنيسر کي ٻڌائي:

اڄ ننگر ڳانو ٻانهن ۾، جنهن جي وني ويٺي ونواهه
چنڊ ٻـُـڪـِـي، چوڏهين وهانءُ، پيو ٿئي ننگر جو نڪاح
جنهن جا مانيون مـَـنـَـهن ٿي هليا، رڌا ڪاڄ رهيا
دهل دماما نقرا، جهـَـمـَـٽ اُت جهليا
سـِـر جنهن جي تي سـِـهرا، اُهي ٻڌي موڙ ڇـُـڙيا
اڄ نـَـون لکن جو اُمراه ٿي، اچي اٿس ويڙهيو ويرا واهه.

چنيسر کي فقير چوڻ لڳو: جي ننگر جو ٿو پڇين ته پنهنجي وَنـِـي وناهه ۾ ڦـِـٽي ڪئي اٿس. ڪاڄ جو ڀت هلي پيو، اُهو اُتي ڦٽو ڪيو اٿس. پنهنجي سـِـر تي سـِـهرا سـَـوَڻ، سي به لاهي ڦـِـٽا ڪيا اٿس. ٻانهن ۾ ڳانو ٻڌو پيو اٿس. تو وٽ ميڙ کڻي آيو آهي. هن چنڊ جي چوڏهين وهانءُ ٿيندو. چڱو پڄئي ته هٿ سان هلي پٽ جي سيج سـُـرهي ڪر. اها ڳالهه ٻڌي چنيسر چوڻ لڳو: فقير! مونکي خبر ٻڌاءِ ته دودي منهنجي پـُـٽ کي ڪهڙي راڄ مان مڱايو آهي؟ سو فقير هن کي بيت ڪري هيئن چوڻ لڳو:

هو سمون سڄو آهي سون جو، جنهن کي ريهه رُپي جو ناهه
ڪيئين ننگر نياڻو پنهنجو،  ’سونڻ‘  نـُـنهن سندياس

هڪل ڪئي فقير ته: چنيسر! تون ٻيا تڙ پيو تانگهين. هن پنهنجي نياڻي  ”سونـَـڻ“  ڏئي، پنهنجو رت ڳنڍيو اٿس. تون وري ڀاءُ جي مارائڻ لاءِ ايترو لشڪر وٺي آيو آهين. چڱي پڄئي ته هلي هٿ سان پٽ جي سيج سـُـرهي ڪر. اهي ڳالهيون ٻڌي چنيسر بيت ڪري فقير کي ٻڌايو:

سونيءَ سندي سڱ جو مون کي مـُـورهن ناهه سماء
ته مـُـور نه مغل چاڙهيان، دليءَ کان داناء
اڄ مغل موٽيو نا ٿيوي، بنا ٻاگهيءَ ٻانهن.

جڏهن چنيسر اهو بيت ڪيو، فقير دل ۾ ويچار ڪيو ته سبحان الله، لـُـنڊي وارو پـُـڇ نٿو ڇڏي. هاڻي من اکين جو شرم پويس. ننگر سان مـِـلي، من پوءِ اِهو دليل لاهي. فقير چوڻ لڳو چنيسر کي ته: اُها اوهان جي مرضي، مگر پـُـٽ سان مل، جو توکي گهرايو اٿس. چنيسر چوڻ لڳو: چڱو، تون هل آءٌ سڀاڻي اچي ملندس. اها ڳالهه ٻڌي فقير گهوڙي تي چڙهي هلڻ لڳو. اچي ننگر جي طنبوءَ تي لٿو. ننگر سان ملي احوال ٻڌائڻ لڳو ته چنيسر مونکي مليو، ڏک ڏوراپا ڪڍيا اٿس، پر جي پرچائيندئوس ته پرچي پوندو. فقير ايترو ڳالهايو، وڌيڪ چنيسر جيڪي سڱ جا لفظ ڪم ۾ آندا هئا، فقير اهي نه ٻڌايا ته متان هنن جي پرچاء ۾ تفاوت ٿي پوي. اها ڳالهه دل ۾ رکي ڇڏيائين.

پوئتي چنيسر ويچار ڪيو ته  ”دنيا دم گذر آهي“ ، پٽ کان وڇڙئي مونکي چوڏهن سال ٿي ويا آهن، معصوم ڇڏي آيو هوس پينگهي ۾. اڄ لائق ٿيو آهي. ڇو نه اڄ جو اڄ وڃي ڏسان. متان منهنجو رات جي پيٽ ۾ سؤ ورهيه  ڄمار جو پورو ٿي وڃي، ۽ ملاقات رهجي وڃي! اهو ارادو ڪري نظر بيگ وزير وٽ آيو، چيئين ته: منهنجو پٽ ۽ منهنجو ڀائٽيو آيا آهن. هل ته حياتيءَ ۾ ڏيکاري اچئين. ڇو ته جنگين جا لـَـوَند پوندا آهن متان سڀاڻي مارجي ويندا هجن. سو هل ته جيئري ڏيکاري اچئين. نظر بيگ چيو ته: يار، خبر ٻڌي اٿم ته سومرا آهن قهار ۽ ڏاڍا جوان. وڙهندا پاڻ ۾ آهن ته ڌڪ گسائي ٻين کي هڻندا آهن. چنيسر چيو: جڏهن مون جهڙي سـِـپر توسان گڏ آهي، پوءِ ڇو ٿو گهٻرائين؟ اها ڳالهه ڪري تيار ٿي، هاٿي تي سوار ٿي، ننگر جي طنبوءَ ڏي هلڻ لڳا. هلندي راه ۾ چنيسر الله کي ستايو، سو شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

رب تون ڏينهن وڏو ڪـِـجان، صاحب سج نه لاهه
متان ڏسڻ يار ننگر کان اڳي منهنجا پورا ٿين پساهه.

پنهنجي الله کي ستايئين ته: منهنجا رب! سج کي اتي بيهار، پنهنجي پٽ کي ڏسان، متان منهنجا دم پورا ٿي ويا هجن. اها ڳالهه ڪري هاٿي کي ڊوڙائڻ لڳو. هڪدم ننگر جي طنبوءَ کي پهچي ويو. هاٿي تان لهي ننگر جي طنبو ڏي هلڻ لڳو. ننگر پنهنجي طنبوءَ ۾ نـِـنڊ سـُـتو پيو هو. سندس سؤٽ ۽ يار چؤپڙ ڍاري جي راند پئي رهيا. ائين نٿي ڄاتئون ته ڪو عالادين بادشاه آهي. سمڌئون ته هـَـٽيءَ جو واڻيو آهي، اسان کي ڇا ڪندو. اتي پاڻ ۾ هنن جون رانديون لڳيون پيون هيون. هي راند ۾ ئي ويٺا هئا ته طنبوءَ جي در کان چنيسر جي مـُـنهن تي منگر جي نظر پئي. چنيسر ۽ دودو ٻئي شڪل مثل هڪجهڙي هئا. منگر ڀلجي پنهنجي يارن کي بيت چوڻ لڳو، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

اجهو ولهن جو واهـُـرو، منهنجو بابل آيو آ
چئي: اَبل تنهنجو ڳڙهه ۾، اهو ٿئي چريو چنيسر راء
ستا اٿي جاڳ، تنهنجو ابل آيو آ
ستو اُٿيو ننڊ مان، ساري حضرت شاهه
اچي ڪرايون وريون ڪـُـڙهن جون، جيوين لوها ڪير کـُـتا
وِيرن کي روئندي پاڻ ۾، مٽي ويو پهر سوا
ابا! لڳي مهل جنگ جي، مون سان ڀيڙو ٿيو نه ڀاءُ
راڄ محابو ڇڏي ڏنو، ويري ٿيا توڙان
مونکي مريم مهڻا ٿي ڏنا، جنهن ساڙي وڌو ساهه
نار چيو مون نر کي، آءٌ ڀيڻ چنيسر ڀاءُ
پوءِ چوڏهن ورهيه دلي ۾، منهنجو ٽـولـُـو ٿيڙو ساهه
اڄ مغل موٽيو نا ٿـِـيوي، بنان ٻاگهي ٻانهن.

مـُـنگر چنيسر کي ڏسي پنهنجي يارن کي چيو: بابو آيو آهي. يارن چيس: پيءَ تنهنجو ڳڙهه ڪوٽ ۾، اهو چنيسر آهي. ننگر ستو پيو هو ننڊ ۾. انهيءَ کي اٿاريئون ته تنهنجو پيءُ آيو آهي. ننگر ڀڙڪو کائي اٿيو. هي پاڻ ۾ وڇڙيل هئا. ننگر  ’ابا ابا‘  ڪري اچي چنيسر کي ڀاڪر وڌو ۽ درد جون دانهون ڪرڻ لڳو. ملڻ شرط چنيسر پنهنجي پٽ سان اهو ذڪر ڳالهايو ته: ابا! مون سان راڄ ۽ ڀاءُ چڱي ڪانه ڪئي. مون کان اڳ پڳ کسي ويا، سڀڪنهن منهنجو پاسو ڦٽو ڪيو، جيڪا منهنجي لـڄ، تنهن به مونکي ڀاءُ ڪري ڪوٺيو. اهڙا صدما کائي دليءَ جي شهر ۾ چوڏهن سال راتين جا ويٺو هوس، ته به مون وٽ ڪا پهر ڪانه آئي. هاڻي جڏهن ڏکي پئي اٿو، تڏهن مون وٽ آيا آهيو! اهي حقيقتون چنيسر پئي ڳالهايون. جيڪي ننگر جا ٻيا يار هئا، اهي پهلوان هنن جي ڪاراين ۾ چهٽا پيا هئا ته هنن جا هٿ ٽوڙايون. پر جيئن جبل ۾ لوهه جا ڪير کـُـپي ڀچي وڃن، تيئن هنن جا ڀاڪر پيل هئا. هنن کان ٽـُـٽي سگهيا نٿي. چنيسر چوڻ لڳو ته: عالادين بادشاهه کي ٻاگهي جو سڱ باسي آيو آهيان، سڱ ڏيندؤ ته پرچاءُ به ٿيندو، نه ته پوئتي وري وڃو! جنهن مهل اهي اکر پيءُ جا ننگر ٻڌا، ته پيءَ مان ڀاڪر ڪڍي اُرهه واريون تريون هنيائينس جو پنج ست وکون پوئتي هٽي ويو. پوءِ ننگر هيئن بيت ڪرڻ لڳو، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

ڌؤنرو سونهين منڌئين، ڏڌ سونهين منجهه لاٽ
ڪاهي پوندو ڪنڊ ۾، ڇڏي ڏيندو پـِـيـُـو ڏاڏي جي واٽ
تون لڙي وڃ پٽ لوهاريءَ جا، منهنجي اکين جي مهندا
متان ڏيئي لت چڏن تي، چيري ڪڍئين ساهه
پـِـيـُـو چاڙهي آيو آهين پنهنجو، آڇي لـُـهر ماءُ
توکي ست زِهون آهن سيڱ تي، جيڪا ڪاهين سا ڪاهه
پورو آڻجئين پٺاڻ سان، منهنجي سندو گهوڙن گاهه.

ننگر بادشاهه پنهنجي پيءَ کي اهو طعنو هڻي، بيت ڪري ۽ اک جي گهـُـور نظر بيگ پٺاڻ ۾ وڌي ته وٺ انهين کي، حرڪت ئي انهين جي آهي. ڏسي پٺاڻ ته هئي گهوڙا! مون اڳي پئي دانهون ڪيو ته سومرا آهن قهار، وڙهن ٿا پاڻ ۾، ڌڪ گسائي ٻين کي هڻندا آهن. سو پنهنجي بچاءُ ۾ ننگر جي طرف چنيسر کي هدايت ڪرڻ لڳو ۽ بيت ڪرڻ لڳو:

کـَـر چنيسر لعنتي، ڏس تو ڪيڏا ڪم ڪيا
پٽ ڀائٽيو ڏسيو تنهنجو، سڙي منهنجو ساهه
ڪندين ولهو ڳڙهه وڳهه جو، مارائي دودي جهڙو ڀاءُ.

نظر بيگ جڏهن اها ڳالهه ڪرڻ لڳو ته چنيسر دل ۾ ويچار ڪيو ته پنهنجي يار جي ڳالهه نه وٺندس ته يار مارائيندس. ڇو ته نظر بيگ چيو ته اهڙا به ڪي ڪونڌر ڪائجن؟ اها ڳالهه ٻڌي چنيسر دل مان کوٽ ۽ ڊوهه نه ڪڍيو، باقي پـُـٽ سان چپن جي آمين رکي چيائين ته: ابا ننگر! تو آئي مون سڀڪا ڇڏي، تنهنجو منهنجو پرچاءُ ٿيندو عالادين جي اڳيان، هـِـت نه. ننگر چيس ته: هـِـت نٿو پرچاءُ ڪرين؟ چنيسر چيو ته: عالادين چوندو، مونکي دليء مان آڻي جهنگل ۾ ڦٽو ڪيائين، پنهنجا ڇوڪرا آيس، جهنگو جهنگ انهن سان ٺهي هليو ويو. انهيءَ ۾ بيعزتي آهي. هي نـَـوَ لک لشڪر اُتي ويهاري، پنجاهه جوان پاڻ سان وٺي، تراريون هٿن ۾ کڻي اچجو، ٻيو هٿيار ڪوبه نه آڻجو. اچجؤ عالادين جي طنبوءَ تي، پوءِ سڀاڻي پاڻ اتي راڄ ٿينداسون. اها ڳالهه ڪيو چنيسر هليو ويو. پوئتي عالادين خبر ٻڌي هئي ته چنيسر کي سومرن گهرايو آهي. سو چنيسر کي گهرائي پڇيائين ته: ڪر خبر، ڪهڙا سومرا آيا؟ چنيسر سڄي سچي ڳالهه ڪانه ڪئي ته ڪو منهنجو پٽ ۽ ڀائٽيو آيا آهن، پر سومرن جي ڳالهه چيائين ته: دايا آيا آهن. عالادين چيو ته: دايا ڪيئن؟ چنيسر چيو سائين! اسان جي محلي ۾ دايون ٻار نپائينديون آهن، انهن کي ٻه ڇوڪرا ٿيا آهن، دودي اهي تو ڏي روانا ڪيا آهن. تنهنجي عزت دودي ڪابه ڪانه ڪئي. سمڌئين ته هن لاءِ دايا کوڙ آهن. عالادين جو سومرن جي خوف کان ڊنو پيو هو، سو وري سڌير ٿي ويو، چوڻ لڳو ته: اسان جون ۽ داين جون ڳالهيون راڄ ڪندا. چنيسر وري پنهنجي طنبوءَ تي هليو آيو.

مٿان رات پئجي ويئي. سج اڀري سنئون ٿيو، ننگر اٿيو ۽ پنهنجي لشڪر ۾ چونڊ وِڌَئين. پنجاهه جوان ڳولي ڪڍيئين. هڪڙو هڪڙو جوان پنجاهيو پهلوان. وَڏ - کـُـٿا مڙس، ڇيلو ڇيلو وقت تي کائين، سوا نـَـرِي پير، وس لڳندي مينگهواڙ به سندن جتي نه ٺاهي. اهي وڏا ڪـُـوپا پهلوان چونڊي، سر جا غازي ۽ سورهيه پاڻ سان کنيائين. ڇڙيون تراريون هٿن ۾، پنجاهه پهلوان، ننگر ۽ منگر گهوڙن تي سوار ٿي عالادين جي طنبوءَ ڏي هلڻ لڳا ته واٽ تي هڪڙو عالادين جو صوبو نالي  ’تـِـمر‘  سپاهين سان گڏ ويندي ڏٺائون، جنهن کي سورهن لک سلام ڪندا هئا، جيڪو هزار گهوڙي سان چڙهيو بڪار جو شهر ڦرڻ ٿي ويو. ننگر سومرو پڇا ڪرڻ لڳو ته: هي ڪير آهي؟ هن جي فوج مان خبر ملي ته: عالادين بادشاهه جو صوبو آهي. ننگر دل ۾ ويچار ڪيو ته عالادين جو صوبو آهي، سلام ڪيانس من منهنجي پاران آچار ۽ ويچار ۾ ڪا خير جي ورندي ڏئي. سو ننگر بادشاهه بيهي، سلام ڪري، هو سلام نه وٺي ۽ تڪبر ڪري. تنهن جو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

تالا تـِـمر وزير جو، ڪيو ننگر نر سلام
سلام ورتئين ڪينڪي، آڏا ڪيئين ڪلام
تو جهڙا مون ڳڀرو، ڪٺڙا لال جوان
آرس مرندي نه ڪريان آءٌ سلطاني سلام.

جڏهن ننگر سلام ڪيو، هن سلام نه ورتو ۽ تڪبر ڪرڻ لڳو، چوڻ لڳو ته: تو جهڙا ڇوڪرا هر روز ڪهي، مڇون رت سان رڱي وڃي پلنگ تي ويهندو آهيان. عالادين جو سلام نه ڪريان ته به مون تي ٻانڌا نه آهي. تو ڇوڪري جو سلام ڪيئن وٺان؟ تڏهن ننگر دل ۾ ويچار ڪيو ته  ”مون ڀانيو درويش، پر هيءَ بازن کا بڇڙو“ . پر ويريءَ کي هڪل سنئين هڪل نه ڏبي ته سمجهندو ته مون کان ڊنو آهي. يا ويڻ ڪندو يا ڌڪ هڻندو. سو ننگر پهلوان پٺاڻ کي دڙڪو ڪري، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، سو ڪيئن بيت ڀـُـڪائي:

نـُـندي ۽ تڪبر جا، تـِـمر ڏينهن ٿيا ٿئي ٿورا
تو بانور ڪيو بڇڙو، آءٌ لاهي ڇڏئين واءُ
پر وڃان ٿو وڪيل ٿيو، من ابل ڪري پرچاءُ
جي پٽيل پرتو ڪينڪي، ڪيائين جهيڙي جو وڌاءُ
ته جنگ جا نيزا کوڙيان، ڳوڌا واهيان ڳاهه
سڀ سانَ ويڙهايان سومرا، پٽي ڪندس مغل پاهه
ننديون نير پلوٽيان، رت سان وڳهه واهيان واهه
داهوڙي دِيمن مان، تمر تو مٿي ايندوس
سسي تنهنجي ڪاٽي، آءٌ نيزي ٽنگيندوس.

ته مون کي مڙس ڪري مڃجانءِ، نه ته منهنجو نالو لاهي ڇڏجانءِ. ڇا ڪريان، آءٌ پنهنجي پيءُ ڏي ميڙ کنيو ٿو وڃان. توکي ماري وجهندس ته مون سان پيءُ پرچاءُ نه ڪندو. اها ڳالهه ڪري پٺاڻ ۾ اک جي گهور وڌئين. پٺاڻ هڪل ڪئي پنهنجي لشڪر کي ته: ڀڄو! نالو ننگر جو، دودو اهو اٿوَ. دودي جو نالو ٻڌي اچي پٺاڻ ڀاڄ ۾ پيا. ٻنڊڻن سان کڙيون، سـَـٽوڙَٽ ٻـَـٽوڙٽ، ٺا ڦا ڪري، اُڏامي ڀڄي ويا. ٻيلي ۾ وڻ مـُـنهن ۾ ڏيئي اڳتي به ڀڄن، پوئتي به نهارن ته متان سومرا پويان ڪانَ هڻندا هجن. ننگر بادشاهه پنجاهه پهلوان سان اچي سٽڪو ڪيو عالادين جي طنبوءَ تي. ڏسي ته عالادين جي طنبوءَ جي دروازي تي هڪڙو نوڪر ويٺو آهي. در جو دربان، ائين ويٺو آهي ڄڻ ته مينهن پاڻي ۾ ويٺي آهي. ڇو ته مڙس هو ڳرو ۽ ٿلهو. ننگر چيس ته: اي دربان! عالادين کي ڄاڻ ڏي ته نالي ننگر پٽ چنيسر جو، نالي منگر پٽ دودي جو، پوٽا ڀونگر راء جا، طنبوءَ جي ٻاهران بيٺا آهن. بادشاهي حڪم ٿئي ته اندر اچن! سومرن جو نالو ٻڌي دربان ڀڙڪو کائي اٿيو. مڙس هو ڳري لت، بـَـبـَـريزي ڍِيڪـَـڻ، پير وچڙي ويس، ٻـُـوٿ ڀر وڃي ڊٺو ته چوڳي ٻـِـڙاندي وارا چارئي ڏند ڀڄي پيس. طنبوءَ جي قنات کولي اندر گهڙي ويو. عالادين پڇا ڪيس: آهي توسان خير؟ عالادين کي چيائين: سائين! خير ڪونهي، جو سومرا در کان ٻاهران بيٺا آهن. ڇا ٿا چون؟ نوڪر چيو ته: چنيسر چئي ويو آهي ته دايا آهن، هي ٿا سومرا ڪوٺائين، متان پنهنجن سان پرچاءُ ڪري منهنجي ٿو هڙ سڃ ڪرائي! اِنهن کي اتي جهليو، چنيسر کي گهرايو ته سچي ذات ۽ نالو اچي پڌرو ڪري، سو چنيسر اچي ته خبر پوي.

عالادين گهرائيين، هلي آءُ چنيسر آءُ
ڇوڪر آيا ٻه ڄڻا، پيا ڪوٺائين تنهنجو وياءُ
اهي پـُـرس اچي ڪر پڌرا، تنهن عالادين اڳياء.

جڏهن چنيسر کي وٺي آيا، تڏهن اچڻ شرط هڪڙو ڪوڙ جو بـُـنڊ ٺاهي، عالادين کي بيت ڪرڻ لڳو:

هلي چنيسر آئيو، عالادين اڳيانءُ
آءٌ مورهين مڱيس ڪونڪو، ڪاٿان ٿيڙو وياءُ
ڪونه ٻڌو هوم ڪنن سان، مـُـلين پڙهيو نڪاح
اهي اُڃ مرندي آئيا، اٿئي ڇوڪرن سڪو ساهه
ڏسي ديمون دهلجي ويا، تڏهن ڪوٺائين منهنجو وياء.

چنيسر چوڻ لڳو: سائين! ڪوڙا آهن، سرڪار جو لشڪر ڏٺو اٿن باري، سمجهن ٿا ته دايا چوائينداسون ته مارجي وينداسون، سومرا چوائنيداسون ته بچي وينداسون. مون تي اعتبار ڪرين ته دايا اٿئي. اها ڳالهه ٻڌي عالادين دربان کي چيو ته: ڏس ته گهڻا دايا آهن. دربان چيو: سائين! پنجاهي کن آهي. اها ڳالهه ٻڌي داين تي فوج تيار ڪري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

پنج سؤ پٺاڻن جا، سنباهيا سلطان
تازي ڇوڙيو تڪڙا، ڪڏايو ڪيڪان
ڏجؤ داغ داين کي، ڀلي چيٺي دودو ڄام.

عالادين حڪم ڏنو ته: پنج سؤ پٺاڻن وڃن دورانـِـي، جو انهن داين کي دلي جو داغ ڏيئي، دودي ڏي روانا ڪري ڇڏين. ڀلي ته دودو به ڏسي ته عالادين به اهڙي شيء آهي. ڇو ته اسان جو هڪڙو محمد خان ويو هو، ٻيون ته جٺيون ڪرايون هئئين، پر ڪن به ڪپائي ڇڏيا هئائين، يڪدم ڀير ڌڪاءُ ڪيو. فوج تيار ٿـَـئـِـي. چنيسر پڇا ڪئي: سائين! ڪيڏانهن فوج تيار آهي؟ عالادين چيو: داين تي. چنيسر چيو: گهڻا دايا، گهڻو لشڪر؟ عالادي چيو: پنجاهه دايا، پنج سؤ پٺاڻ دورانـِـي. چنيسر چيو: هيڪوڻ نه، ٻيڻ نه، ڏهوڻ لشڪر ٿو اُماڻين؟ عالادين چيو ته: اوهان جي خوف کان. ڇو ته سومرن جا دايا آهن، متان ڏاڍا جوان هجن. ڀلي هڪڙي هڪڙي جي مٿان ڏهه ڏهه ڄڻا بيهي وڃن. چنيسر چيس ته: تڏهن مون کان پڇيءَ پوءِ لشڪر اُماڻجان، متان پنجئي سؤ چٽ ٿي وڃنئي! عالادين چيو: سو وري ڪيئن؟ سو چنيسر داين جي باري ۾ بيت ڪرڻ لڳو:

اسين دايا سي چئون، جي اسان سان گڏ کير پين
اهي پنج سؤ پٺاڻن جا، تنهنجا وئڙا تان نه ورن
دايا ڏيندئي داغ دليءَ کي، سڀاڻي ديميون سڀ داڳن.

چنيسر چيو عالادين کي: اهي دايا ائين نه سمجهه، اسان سان گڏ کير پيئندا آهن. جهڙي طاقت حشمت اسان وٽ تهڙي داين وٽ. اهي دايا تنهجي فوج داغي، جڏهن توکي داغيندا، تڏهن پڪ ٿيندءِ ته ڪي دايا مڙس آهن. عالادين، چنيسر کي چيو ته: ڏهه ڳالهيون ٿو ڏينهن ۾ ڪرين. آءٌ تنهنجي ڪهڙي ڳالهه وٺان! هر ٿو چوين ته مسڪين ماڻهو آهن ، وري منهنجي به سڃ انهن جي هٿان ٿو ڪرائين! تڏهن چنيسر کلي چوڻ لڳو: سائين! مون اهي اکر داين جي بچاءَ ۾ ڳالهايا آهن. مون کان پڇ ته اهي ڪيئن آيا آهن. عالادين چيو ته: ٻڌاءِ ته ڇو آيا آهن؟ چنيسر چيو ته: انهن داين تي اسان جا ڪم رکيل آهن. اسان جا فيصلا آچار ڪن، رُٺا پرچائين، ڪيڏانهن به ميڙ ڪري وڃن، سڀڪو انهن جي ميڙ کي مان ڏئي. دودي تو ڏي موڪليا آهن ته وڃي عالادين بادشاهه کي ٻاگهي جو سڱ ڏيئي، جهيڙو ٽاريو. چنيسر کي پڳ ڏيئي پرچائي وٺي اچو. جي مرد هـَـلـِـي گهر ويٺي پڳون ۽ سڱ ڏين، انهن سا ڪي جهيڙا ڪبا! عالادين کـِـلي چيو ته: نه، انهن سان جهيڙو آهي ئي ڪونه. چنيسر چيو ته: ڀلا، انهن سان جهيڙو ناهي ته گهرائين طنبوءَ ۾، سڱ ملي توکي، پڳ ملي مون کي، جهيڙو ٽـُـٽي پوي. تنهن تي عالادين پنهنجي نوڪر دربان کي چيو: انهن ما ٻه ڄڻا معتبر اندر ڇڏ، جيڪي هتي ڳالهه ڪن، هـُـتي پارينِ. حڪم ٿيو دربان جو ننگر منگر کي ته اوهان ٻنهي کي بادشاه گهرايو آهي، ٻيا ٻاهر بيهن. ننگر ۽ منگر اندر طنبوءَ ڏي وک کنئي، پويان لشڪر جيڪو هو پنجاهه جوان، سي سڀئي هئا جاني، مانـِـر هڪڙو به ڪونه هو، سي چوڻ لڳا: اسان جا بادشاهه اندر ٿا وڃن، ڇو نه يارن سان گڏ هجون ته لڳي ڀڳي ۾ سـِـرُ ڏوڪڙ گهور ڪريون! سو پنجاهي جوانن وٺي اوهيرو ٻڌو. ڏسي عالادين ته مون گهرايا ٻه، هي هڙ پيا اندر اچن. سو پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنائين ته: اڳيان ٻه ڇڏيو، ٻيا ڌڪي ٻاهر ڪڍو. لشڪر عالادين جو هزار جوان اُٿي پيو. اچي دروازي تي ڌِڪ ڌِڪان لڳي. هٿن جي مـَـروٽ ۽ کـَـس، اندريان پيا ٻاهر ڌڪين ۽ ٻاهريان مروٽيون ورايو پيا اندر دٻين. هڪڙي هڪڙي ٺونٺ، هڪڙي هڪڙي مـُـڪ هنيئون، ڏهه پنڌرهن ڪري پيا، سڀڪنهن ڦـُـٽي جاءِ ڏني ته: ڀڄو! رڳي ٺونٺين جي ڌَم، مڙسن بڪيون ڦيهي وڌيون آهن. هي پنجاهه ئي جوان ڏي اندر. ننگر بادشاهه عالادين جي آڏو هٿ سان سلام ڪيو، گوڏو گلم تي ڀڳائين، شهپر تي هٿ هڻي، ترار جي ڪـَـڙئي ۾ هقً وِڌائين. عالادين کي ائين جانچيائين، جيئن ڪو ملهه ملهه کي جانچي. ٿيو پرچاءُ ته ٻنهين ڌُرين جو خير، نه ته پهرين ترار عالادين مان، تخت مان، ڀلي وڃي زمين ۾ وات وجهي. عالادين ننگر جي منهن جي مـَـڻ ڏسي فرياد ڪرڻ لڳو ۽ چنيسر کي هن ريت بيت ڪرڻ لڳو:

ڳلهه پـَـٽ ڳاڙها ڳڀرو، سـِـڱهر ڏسجن سان
سوڙهه نه ڏيندا سومرا، آهن وڳهه جا وريام
بيهي چارا چورنگ ۾ ڪندا، ٻي جنهور هڻندا جام
لاهيندا لاڳ لکن جا، وڙهندا ڇلين ساڻ ڇڳير.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org