سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :24

 

 

ڪِيتي مَيتي پنون دي پيش آزي

ميڏا سڻ عرض تون شهه مرد غازي

گهِنون ساٿي شهر دي ڏاکڻين ڪون

سَڀي خبران سُڻيسي مشڪ دي بون.

اها صلاح سمورن پسند ڪئي ۽  ڏاکڻي ڏس کان ڀنڀور جي شهر ۾ داخل ٿيو. پنهونءَ جو ساٿ وڏي شان مان سان ڀنڀور جي گهٽين ۾  داخل ٿيو. ڏکڻ جي هوا تي مُشڪ ۽ کٿوريءَ جي خوشبوءِ چؤطرف پکڙجي وئي. پوءِ هڪ جاءِ پسند ڪري اچي اتي منزل ڪيائون. پنهونءَ لاءِ عاليشان، ڪيچي قناتن سان خيمو لڳي ويو، ٻيو مال اسباب ٺاهي جوڙي رکيائون. ڀنڀور جي ماڻهن اهڙو سوداگر اڳ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو، سو هنڌين ماڳين هن جو هُل پئجي ويو. جنهن ٿي پنهونءَ کي ڏٺو، تنهن ٿي خدا جي قدرت جي تعريف ڪئي.

 

ڏيکڻ مل ساٿ ڪون سڀ لوڪ آيا

پنون دا هر ڪَهينِ ديدار پايا

پُڇي خبران خوشي دِيان خلقَ ساري

تُسان ڏس ديس ڪهڙي دي وَپاري.

پنهونءَ به ڇا ڪيو جو پنهنجن سپاهين کي مشڪ کٿوري ڏئي چيائين ته هي دٻن، دُنگن، شيشن ۽ صُراحين ۾ وجهي، انهن جا ڍڪ کولي شهر جي هر گهٽيءَ ۽ هر ڳليءَ ۾ گهمايو ته جيئن ڀنڀور جو سڄو شهر سُرهاڻ سان واسجي وڃي ۽ جيڪو به خريدار اچي، تنهن کي هر شيءِ مهانگي مُلهه ڏيو. سپاهين حڪم جي بجاوري ڪئي.

 

گهمايو هر گهٽي در بُو تُساڏِي

پَوي آگھ پَري روڪون اَساڏِي

سپاهي سُڻ چلي فرمان شهاني

ڪِتِياني طرف خوشبوئي رَواني.

سڄي شهر ۾ هُل مچي ويو ته ڪيچ کان مشڪ ۽ کٿوري جو واپاري آيو آهي، جو هر شيءِ نهايت عمدي ۽ سستي ٿو وڪڻي.

اها سُرهاڻ سسئيءَ تائين به پهتي، پڪ ٿيس ته اهو سرهاڻ جو سؤداگر سندس پرين پنهون ئي هوندو. سو هڪ ڏينهن پنهنجين سرتين جيڏين کي ميڙي چيائين ته: ٻڌو اٿم ته ڪيچ مان مشڪ کٿوري جو سوداگر آيو آهي، جيڪو هر ڪنهن کي مشڪ عطر اُڌارو به پيو ڏئي. هلو ته پاڻ به هلي، اٽڪل ڪري عطر وٺي اچونس، پوءِ پئسا ڪونه ڏينديونسينس. هاڻي توهان تيار ٿيو ته هلي خبر وٺونس.

 

پِئا گلنار ڪون دلدار دا ڏس

چَلو هُڻ تان مِلون محبوب ڪون هَس.

*

ٻولي سسئي سڻو ميڏيان سهيليان

سڻو ڏي گوش البيليان اِڪيليان

سُڻئا مَين تان سوداگر ڪيچ والا

آيا گهِن وه کٿوري مشڪ اعلى.

اسان گهِنسون عطر ڏي مفت ناڻان

پِڇي ول آ سُمهو سر ڏي وهاڻان.

پوءِ سسئي ۽ سندس سرتيون هار سينگار ڪري تيار ٿي نڪتيون. هڪ اڳ ئي سونهن سرس، مٿان هار سينگار سو سڀ ڄڻ ته حورون بنجي پيون. وڃڻ کان اڳ سسئي، ميتي ڏي هڪ خاص ٻانهيءَ کان چوائي موڪليو ته: تو جنهن پرينءَ جي ڳالهه ڪئي هئي، هاڻ ان سان ملاقات ڪراءِ. دائي ڊوڙندي ميتي وٽ وئي ۽ کيس سسئيءَ جو سنيهو ڏنائين.

 

اول وڃ ويک مَهتا دوڙ دائي

اهو اصلون اساڏي حال ڀائي

آکي سڻ تون ڏِتا سسئي نياپا

مِلا ميڪون ميڏا هي جِي جِياپا

مين تان ڏيکڻ پنون دي ڪاڻ آئي

ڪيوين ڏيکان ڪرين تدبير ڪائي.

نياپو ٻڌي، مهتو يڪدم پنهون ڏي ويو ۽ سموري حقيقت ٻڌائي، چيائينس ته: جنهن پري لاءِ تون هيڏا ڪشالا ڪڍي آيو آهين، اڄ اها پاڻ پئي هتي اچي، هاڻ تون پاڻ پنهنجن هٿن سان کيس مشڪ عطر ڪڍي ڏجان.

 

اُٿي آيان عروسان شاهه دي ڪول

عطر عنبير ميان هُڻ مشڪ ڏي تول.

*

مُٺين ڀر مفت ڏيندا هر ڪهين ڪون

ڪيتا دل تان اصل شھ تَرڪ زر ڪون.

اڃا پنهون سنبت ۾ هو ته هل پئجي ويو. سسئي ۽ سندس سرتين منهن تان نقاب لاٿا ته دربان به حيرت ۾ پئجي ويا ۽ پاسو ڏئي بيهي رهيا. کن پل ۾ اها سونهن جي سَرِ اچي پنهونءَ ۾ تنبوءَ ۾ پهتي. ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ نظرن ئي نظرن ۾ ٻئي عشق جي اَڏي تي قربان ٿي ويا. پوءِ پنهونءَ، سڀ کان عمدو عطر ۽ مشڪ کٿوري ڪڍي پنهنجي هٿن سان ورهائي.

 

ڪِهي سببون سِکيون تون مشڪ سودا

نهين ويچي ڪَڏان تون قدر جودا

همھ جا مشڪ عنبير هي مهانگا

ڪهي سببنون تُسان ڪِيتا سهانگا.

پنهون جي اها حالت ڏسي، ڪنهن عقلمند کانئس پڇيو ته: ميان! نه تنهنجي سِر عشق آيو ۽ نه توکان عقل ڇڏائي ويو آهي، پوءِ آخر هي مهانگو عطر ۽ مشڪ کٿوري ايتري سستي مُلهه ۾ ڇو پيو وڪڻين؟

 

 

نقد سڀڪو سگهي خود نال نيتا

سئي سر ويچ ٻھ واپار ڪيتا.

*

 

پري رو در محل آئي جڏاهين

سٽيُس سرير زمين تنڪون تڏاهين

ڪري در دل اندر فرياد نالي

ڪَنَڪ ڪَنڊن سٽي سڀ توڙ والي.

پنهونءَ چيو ته: جڏهن کان آءٌ ڄائو آهيان، تڏهن کان تارازي کي هٿ نه لاتو اٿم! سسئيءَ به اهڙي پنهون ڄام وٽ، سر وڪڻي ويهي واپار ڪيو، تان جو جڏهن واپس پنهنجي حويلي تي پهتي ته دنيا جي هر ڳالهه وساري چڪي هئي، سندس روح ۾ رڳو پنهونءَ جي پچار هئي.

گهر م ڪابه ڳالهه نه پئي وڻيس، نه کاڌي جو خيال، نه اٿڻ ويهڻ جو هوش. سڀئي حيران ته هن سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي، جو اکين مان هر وقت پيار لڙڪ ٽِمنس!

نيٺ سندس دل گهري دائيءَ اچي ڀَر ورتيس، چئي: توسان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي سسئي؟ ڪنهن باز تنهنجي دل جهٽي ورتي يا ڪنهن مجازي عشق جي ميخ لڳي وئي اٿئي، جو توکان کلڻ ڳالهائڻ، کائڻ پيئڻ سڀ وسري ويو آهي! تڏهن سسئي چيس ته: دائي! تون ننڍي هوندي کان منهنجي حال محرم آهين، توکان ڇا لڪايان! ڳالهه هيءَ آهي ته منهنجي دل، سُرهاڻ جو ڪيچي سوداگر کسي ويو آهي. هاڻي ڪو منهنجي درد جو دارون ڪر، نه ته منهنجو جيئڻ ڪونهي! تون ئي امان ۽ بابا کي راضي ڪر، ته دل جون مرادون پوريون ٿينم.

 

تڏان ٻولي پرِي رو پيش دائي

هميشھ هين قديمون حال ڀائي

ميڏا سڻ تون شتابي حال سارا

ميڏي ڪر درد دا اعلاج چارا

ڪُندل ڪيچي وه ڪيتگي گل

ڪِيتا ميڪون تهين مانند بلبل.
*

ميڏي دل ڪون سوداگر دست ماريا

وَٺُو تي عشق دل آتڻ وساريا

*

ميڏي مادر پدر ڪون اَک آزي

شتابي ڪر اساڏِي ڪارسازي.

دائي داناءُ هئي، تنهن سسئي کي دلداري ڏني ته: سسئي! تون هنجون هاري، پنهنجو حال نه هيڻو ڪر، آءٌ اها ڳالهه پرٽ سان ڪنديس، پوءِ ڌڻي ڪندو ته چڱي ٿيندي.

 

ته ڪيتي تون جڏان مين نال ڪوڙِي

مين ڀي ڏيسان تيڪون گهِن مشڪ موڙي.

پرٽ دي نال مين ڦندُڙ اَلسيان

تيڏي پارون چَندِي اَفسون چَليسان.

اها آٿت ڏئي، دائي سڌي سسئي جي ماءُ وٽ آئي ۽ کيس سموري حقيقت کان واقف ڪيائين ۽ ٻڌايائينس ته: کٿوريءَ جي سوداگر جي هاڪ ٻڌي اسين وٽس مشڪ وٺڻ ويونسين. مون ڏٺو ته سوداگر جي منهن مان نور پئي بکيو. هو ڏاڍو سهڻو جوان آهي. مون لڪ ڇپ ۾ سندس هڪ ساٿ واري کان پڇا ڪئي ته خبر پيم ته اهو سوداگر ذات جو پرٽ آهي، سندس نالو پنهون ۽ سندس پيءُ جو نالو آري آهي.

 

اسان هڪ ڏينهن ڪيتي ترٿُون تياري

پلا ڏيکو چلو ڪيچي وَپاري
*

ڪنون سودي ڪتوسي دست خالي

تڏان دل تي پيم خطرا خيالي

نِڪل ٻاهر سڏيم هڪ ساٿ والا

پڇئم هڪ تنهن ڪنون نقطا نرالا.

*

 

ڏِتِي ولَدِي مسافر مرد مينون

 

آکيس سڻ تان سڻايان حال تينون.

پرٽ پڌرا پُري اولاد آري.

گهي سودا ڪرَن مُشڪين وپاري.

مون کي ته اها ڳالهه ڏاڍي وڻي آهي، منهنجو خيال آهي ته پنهنجي نياڻي سسئي جي شادي کڻي انهيءَ پنهون پرٽ سان ڪر، ڇو ته هو اوهان جو ذات ڀائي به آهي ته سسئيءَ جو جوڙ جيس به آهي.

 

تڏاڻ سڻ حال مين خوش هوئِي

تڏان تو نال ڪيتم گفتگو ٿي.

*

شڪر من هي سوداگر ذات ڀائي

بلندي باري مُدَ مِيّغ شان شاهي.

پڇا ڪر تون شتابي سخت سعيا

سوداگر اي تساڏي بخت آيا
ڇ

دائيءَ جي ڳالهه ٻڌي ڌوٻياڻي وراڻي ڏنيس ته: مائي! تون بيشڪ اسان جي  خير خواهه آهين، ۽ تو جيڪي به ويچاريو آهي سو ٺيڪ آهي، پر اسين ٿياسين نياڻي وارا، سسئي اسان تي ڪا بار ڪانهي جو وڃي ڪنهن جي در تي سڏ وجهون، باقي جنهن کي طلب هوندي سو پاڻي هلي ايندو، پوءِ جيئن هوندي نياڻيءَ جي قسمت!

 

ڪَرون گم ڪِيون ڀلا هڻ مانُ شانا

ڏيوي ميڪون بيگانا لوڪ طعنا

هوسِي جنهن ڪون گهڻان احتياج ڪوئي

قدم بوسي ڪري صد بار سوئي.

هڪ ڏينهن موقعو وٺي، ڌوٻياڻي اها سموري حقيقت ويهي پنهنجي مڙس سان اوري. تنهن به سوچي ويچاري زال کي چيو ته: ٻائي! جنهن  کي به گهُرڻي هوندي سو پاڻهي هلي ايندو، باقي اسين پنهنجي طرفان ڪجهه به ڪونه ڪنداسين.

 

سڻيَدِي حال ڌوٻي ڪون سڀوئي

ڪيتاني ٻھ نجوئي گفتگوئي

اَکيس هوسي جيڪا حق دي بنائي

ڦٽي ڪر تون تيڏي تدبير ٻائي.

*

هوسي جيڪو گهڻي احتياج والا

ڏيسي آپي اسان ڪون آ ڏِکالا.

 

اها سموري ڳالهه دائي به ويٺي ٻڌي، سا اُتان اُٿي سسئي وٽ آئي ۽ کيس آٿت ڏنائين ته: تنهنجا مائٽ، تنهنجي سڱابندي ۾ راضي آهن پر سندن چوڻ آهي ته سڱ مانَ ۽ شان سان ڏينداسين. تنهنڪري تون هاڻ غم نه ڪر، الله جلدي تنهنجي من جي آس پڄائيندو.

اَکيس تيڪون مبارڪ مَلڪ زادي

ڏکاليا مُنهن تيڪون تيڏي مُرادي

الله تيڏِي پڄائي پُخت اَسا

ڏتا دل ريش ڪون دائي دلاسا

تيڏي مادر سڻائي حال دِي ڳال

اسان ڏيسون پري صد آبرو نال.

اهو ٻڌي سسئي ڪجهه سَرهي ٿي ۽ چيائينس ته: هاڻي دير نه ڪر، وڃي سموري حقيقت کان پرين کي واقف ڪر.

 

سسئي ٻولي سخن سڻ تون سهيلي

گِس ڪون سٽ سنڀر تون ڀي سويلي

شتابي دوڙ جون دوڙي ستارا

سُڻا محبوب ڪون مضمون سارا.

ٻئي ڏينهن صبح سان دائي پنهونءَ وٽ آئي ۽ اڪيلائي ۾ ويهي کيس سمورو حال احوال ڏنائين ۽ کيس صلاح ڏنائين ته: پنهون! جنهن حور پريءَ لاءِ تو هيڏا ڪشالا ۽ پنڌ ڪيا آهن، تنهن جي مائٽن جو رايو اهو آهي ته پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏيندا ان کي، جيڪو سندن ذات ڀائي هوندو.

 

اَکيس تيڪون مبارڪ مرد غازي

اُٿي رَم تون پهلوان عشقبازي

*

نه ڏيسين غير ڪوفي ڪون سنڱاوت

نڀاوي عبد عبدي دي عداوت

هاڻي جي تون پنهنجون سڀ ڦٽيون ڪري، پاڻ کي پرٽ چوائين ته جيڪر سڀ سڻايون ٿي وڃن. جيڪڏهن اها ڳالهه توکي آئڙي ته پوءِ پنهنجي ميتي کي سڱ گهرڻ لاءِ موڪلي ڏي، پوءِ مون کان به جيڪي پڄندي، سا اُتي سندس مدد ڪنديس، ائين چئي دائي ويندي رهي.

 

ڦِٽا ڪر تون تيڏيان ذاتان صفاتان

ڏيوي تيڪون تڏان محبوب ڏاتان.

*

پنون هُن تون ڌورن ڌوٻي سڏائين

بنايان مين تيڏيان در چشم جائين.

*

پنون تيڪون سُڻايم ڳال ساري

سِگها سُنج تون تيڏا مهتا وپاري.

پنهونءَ جي ڀاءُ چَنُون کي جڏهن ان ماجرا جي  مام معلوم ٿي، تڏهن پنهونءَ کي سمجهائڻ لڳو ته: چريو نه ٿي ۽ رنن جي کريبن تي نه لڳ، انهن گهڻن جا گهر ڦٽائي ڇڏيا آهن. تنهنجي پيءُ توکي پڳ ٻڌائي مڙني جو مختار ڪيو آهي ۽ تون وري پنهنجو ڪڙم قبيلو ڇڏي، ڌوٻين سان ٿو ڀائيچاري ڳنڍين!

 

چَنون ٻولي پنون دي نال ظاهر

ڪيتا مَهرو تيڏا من موه ماهر

جيڪو رکدا تُساڏي نال ناتا

تختم سو ما ڄَڻيندِي ڄڻ نه ڄايا.

*

سَٽيا شھ تون تيڏا اسباب شاهي

گَلي گَبري گذر مانند گدائي.

*

لڳي تيڪون اِٿان هُڻ سخت لُوري

ڏکي دي پا ٻيٺون پرديس دُوري

تڏهن پنهونءَ جواب ڏنس ته: بابي واري پڳ اها پئي اٿئي، هاڻي منهنجو انهيءَ سان ڪو به واسطو ڪونهي، مون کي سڀني جو رُسامو قبول آهي، پر جي مون کان گاذر رٺو ته هيءَ حياتي زهر ٿي ويندي!

 

پنون ٻولي چنون سڻ باب ميري

نهين ڪو تو جِها مَينال ويري.

*

ڪران صدقي طنبو گهوڙي طبيلي

ميڏا ميَڪون اَلھ محبوب ميلي.

*

ڪران صدقي سِپھ سرگم شاهي

سڏي ميڏا سڄڻ ميڪون سِپاهي

ڪِسي دا مين نڪو ميڏا سَنگاتي

تُسان ڄاڻون پنهون پُهتا مماتي

*

ڀلين ٿيوي برادر جي بي راضي

ميڏا مَين تي هووي رنگريز راضي.

پنهون جو اهو حال ڏسي، ٻين ساٿ وارن به حيلا هلايا، پر پنهون سڪندري ڇڏي قلندري اختيار ڪري ويٺو ۽ پنهنجي ساٿ ۽ ساٿين کي خيرباد چئي اچي ڌوٻيءَ وٽ رهيو.

 

جڏان ڪِيتي دلالت عشق اَياڻي
تڏاهين در پرٽ دي شھ وڪاڻي.
*

سٽيا سلطان سلطاني اَٽالا
بيٺا شھ ٿي قلندر ڪيچ والا.

ڌوٻي، پنهونءَ جي همت ۽ هشمت ڏسي، ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس دم دلاسا ڏيئي چيائين: جيڪڏهن تون اسان سان قرب رکين ٿو ۽ اسان جي عزت ڪرين ٿو ته اسان کي به تو لاءِ قرب ۽ عزت آهي. پر ميان ماڪزادا! جيڪڏهن تون سچ پچ ڌوٻي آهين ته پوءِ ڌوپ کان ڪهڙو آر؟

 

آکيس تيڪون مبارڪ مرد غازي

ٻَهون ٿياسي تيڪون شھ ڏيک راضي.

*

ڀلين آيا ڀلي ڪر تون پيارا

ميڏي ڪر تون اکين تي اُتارا.

ڀلا جي تون اساڏا ذات ڀائي

ڪيهي ڪرڻي تڏان ڪسبون جدائي

پُرِي پڌرا پرِٽ جو مرد هوسِي

ڪمر ڪپڙي ڌٻر کُنڀ خوب دوسي.

منهنجي مرضي آهي ته تون سڀاڻي پِرهه سان ڪپڙا کڻي وڃي تڙ تي ڌوئي اچجان. پنهون کڻي ماٺ ڪئي.

صبح جو باک ڦٽيءَ مهل پنهون کُنڀ کڻي اچي تڙ تي پهتو، جتي ٻين به ڪيترن ئي ڌوٻين پئي ڪپرا سَٽيا.

 

وِ هاڻي رات سج اڀرڻ دي ويلي

ڪُلبي چاتي پنون ڪپڙي سويلي

قدم ٽمڪا چلئا دريا ڪناري

جٿان ڌونڌي گهئي ٻئي ڀي وِچاري.

پنهون به مَڏ لاهي اچي هڪ ڦرهي جي ڀَر ۾ رکي ۽ پوءِ هڪ هڪ ڪپڙو ڪڍي، ڦرهي تي سٽيندو ويو. ڪيترن ئي ڪپڙن کي ڦاڙي چيري، ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيائين. مڙئي پاڻيءَ مان ڇاڇولي سڪائي، شام جو گهر کڻي آيو.

چلئا ڪپڙي ڪاهي چا مرد مانجهي

آيا نوشھ اوطاقين وقت سانجهي.

 

هن کي ڏاڍو اچي فڪر ٿيو ته ڪپڙن جا مالڪ، پنهنجا ڪپڙا ڦاٽل ڏسي، وڃي سسئي جي پيءُ کي دانهن نه ڏين! سسئي کي جڏهن اها خبر پيئي ته هن دائي هٿان چوائي موڪليس ته: تون ڪوبه فڪر نه ڪر، اسين ڪپڙن جي مالڪن کي ڪپڙن کان ٻيڻا ٽيڻا ناڻا ڀري ڏينداسون. ٻئي ڏينهن صبح جو ساجهر دائي وڃي ڪپڙن وارن کي سڏي آئي ۽ هر هڪ کي ڪپڙن جي قيمت کان ٻيڻا ٽيڻا پئسا ڏنائون ته ڪنهن به دانهن ڪانه ڪئي ۽ سڀ خوشيءَ سان ڪپڙا کڻي ويا.

 

مُتي مَهرو سِگهي دانھ سياڻي

ڪپڙ والي ميڏي سڀ پيش آڻي

سگهي سڏ آ شتابي مرد خازن

وڃي سڀڪو ٻلين گهِن اپڻا ڌن.

ڏِتي قيمت پري رو مفت ڏوڙي

ڪُلي راضي ڪيتانس قيام توڙي

ڪپڙ والي ڪرن دمدم دعائين

پنون تيڏي مدد بغداد سائين.

ٿورن ڏينهن بعد سسئي، پنهنجي همراز دائي کي چيو ته: هاڻ تون ابي ۽ امان کي چئي، شادي جي ترت تياري ڪراءِ.

 

پري هڪ ڏينهن خرد مند پيش آئي

پڪڙ دامن الايس نال دائي.

*

نهين تو بن ميڏا ڪو درد ڀائي

ميڪون پاليا تُسان مانند مائي

ميڏي مادر پدر ڪون ڏي تياري

گلي وڃ يا پَلون گهَت پاند زاري.

دائي، ڌوٻيءَ وٽ آئي ۽ اچي کيس لهواريون اوڀاريون ٻڌائي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته سسئي پنهونءَ جي شادي جلد ڪرائي وڃي. پوءِ ڌوٻيءَ، سونارا گهرائي قسمين قسمين ڳهه ڳٺا ٺاهڻ لاءِ ڏنا ۽ درزي گهرائي طرح طرح جا ويس وڳا تيار ڪرائي ورتا.

 

جڏان ڪيتي پرٽ پھ عرض آزي

ٿيا مشتاق تي رنگريز راضي

وهاڻي رات سڄ اڀرڻ دي ويلي

سڏيا ڌوٻي سُنارين ڪون سويلي.

*

پَٽون ارمڪ زري زربفت خاصي

گهِنو مُل ململين خوش جا خلاصي.

ان بعد شادي جا ڏينهن ٻڌي، شادي جا سانباها ڪيائون. ڄاڃي اچي ويا. حويليءَ ۾ به جهُمرن ۽ ناچن جي ڌم لڳي وئي. اڌ رات ٿي ته گهوٽ به سرگس گهمي اچي ڪنوار جي در تي پهتو. سسئيءَ جون سهيليون کيس ڏاڍو ڳائي وڄائي اندر وٺي ويون ۽ وڃي سيج تي ويهاريائونس، جتي سسئي اڳ ۾ ئي سينگاري سنواري ويٺي هئي. پوءِ ته لائون ڏئي، سرها ساٺ سنوڻ ڪري، ٻنهي گهوٽ ڪنوار کي ڇڏي، سڀ پنهنجن پنهنجن گهرن ڏي روانيون ٿيون. اهڙيءَ ريت ڏاڍي ڌام ڌوم ۽ خير خيريت سان سسئي پنهونءَ جي شادي ٿي گذري ۽ هي ٻئي پيار جا پانڌي هڪ ٿي ويا.

 

گهتي دهلين جهمر ڌم در حويلي

پڙهي سِهري پنون دي هر سهيلي.

*

رسم ريتان همھ رس راس آيان

ڪرون سعيا وصل هڻ دوڙ دايان

پنون ٻيٺا پلنگ گهَت زير گادي

الهه آندي اجها اڄ رات شادي.

*

آيا محبوب گهر گوشا ڪِتوني

پيالا شوق دا دالَو لَو پِيتوني.

هوڏانهن پنهون جو ڀاءُ چَنُون ۽ ٻيا ساٿ وارا، جيڪي پنهون کان ڪاوڙجي ويا هئا، سي سڌا اچي ڪيچ پهتا ۽ آريءَ کي اچي سموري حال احوال کان واقف ڪيائون.

 

پنون پيارا ٻَهون ڏڍ ٻانهن ٻيلي

نِيتا نَپ مرد ڪون ڪنهن مَم وَ هيلي
*

ڏني جاسوس ويڌن پيش آري

لُٽا ڪر ساٿڙا آئي وپاري.

آري توڙي ٻيا قبيلي وارا اها حقيقت ٻڌي ڏاڍا پريشان ٿيا. نيٺ سڀني گڏجي ويهي تدبير سوچي ته ڪنهن به نموني سان پنهون کي واپس آڻجي. نيٺ چَنون اهو ڪم پاڻ تي کنيو ۽ اُٺ سنڀرائي، وري ڀنڀور ڏي راهي ٿيو.

 

ڪرن تبدير دانھ مرد گوئي

ڪريجي شاهه دي هڻ جستجوئي.

*

پڪڙ آئو پنهون دلدا پيارا

ڏيوي مر داغ لعلا ڪون هزارا.

*

چنون آکيا نه بابا کاؤ گوتا

آڻيسان مين پنون وه چاڙ چوتا.

قافلو هلندي هلندي اچي ڀنڀور پهتو ۽ هو به سڌا اچي پنهون سان ملاقي ٿيا. خبرون چارون ڏيندي کيس ٻڌايائون ته: اسين توکي  ۽ پنهنجي پياري ڀاڄائي کي ڏسڻ آيا آهيون.

 

هنر ڏاڍا هلايا چست ڏيرين

لڳي رو رو پنون دي پيش پيرين

سسئي دا سر چُمن هردم هنر ڪر

بازي پتلي بنائي وه بازيگر.
*

ڇ

ٻهون پياري ڀَڄائي تون اساڏِي

اسان ڪون تانگهه سڪ آهي تُساڏي.

اهو ٻڌي سسئي پنهون، ٻئي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ مهمان جي ڏاڍي آجيان ڪري، کين پنهنجن هٿن سان بيهي ماني کارائڻ لڳا. سسئي پاڻ اٿي ڏيرن جا هٿ ڌُئارڻ لڳي. ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد هڪ رات، ماني کائڻ کانپوءِ چنونءَ، مجلس ۾ ويهي شراب پيئڻ شروع ڪيو. پاڻ به پيتائين ۽ پنهون ۽ سسئي کي به پياريندو ويو. خوشيءَ جو موقعو هو، هو به انڪار نه ڪري سگهيا ۽ چنون جي چال ۾ اچي پيئندا ويا، تان جو ٻئي زال مڙس، نشي ۾ الوٽ ٿي پئجي رهيا. اتي وجهه وٺي، پنهون سسئيءَ کي سيج تي ڇڏي، پنهونءَ کي اُٺن تي ڪڙي آڻي ڪيچ ڏي ڪاهه ڪئي.

چنون ڪيتي مثل سمدونِ بازي

پـلا دارون پڪڙ شبيز تازي

*

پريُرو تي جڏان پيا جام غالب

سُتي  سک سيج تي مطلوب طالب.

*

پڪڙ ڪتبين چڙهايا پهلواني

يگاني ڪون پڪڙ ول  ٿئي رواني

ميان سر چڙهه ڏياني تَن مهاران

الٽ ڪيچي لڳي تان پئي الاران.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org