2- بادل ڪوري (تعلقو هالا) جي کنيل ڳالهه
[بادل پٽ سانوڻ پٽ حسين ذات ڪوري، ويٺل ڳوٺ حاجي
محراب خان ٽالپر لڳ چـُـکـِـي، تعلقو حيدرآباد
ضلعو حيدرآباد سنڌ. کانئس تاريخ 16- فيبروري 1965ع
تي هي ڳالهه لکي وئي، ان وقت سندس عمر اٽڪل 85
ورهيه هئي. چيائين ته: “ جڏهن جمڙائو پيو کڄي ۽
ڇپني جو ڏڪار پيو هو تڏهن جي مونکي چٽي سانڀر آهي
(يعني ته ان وقت 12- 14 ورهيه عمر هئس). بادل ڪوري
هيءَ ڳالهه موسي پٽ صادق خاصخيلي، ويٺل باقر
نظاماڻي تعلقو هالا کان سکي. موسو خاصخيلي 60
ورهين جي ڄمار ۾ اٽڪل 1950ع ڌاري گذاري ويو. موسو
گهڙي ۽ يڪتاري تي ڳالهه کڻندو هو. بادل فقير به
گهڙي ۽ يڪتاري تي پهاڙي جي سـُـر مان ڳالهه کڻي، ۽
ڳالهه جي وچ ۾ ڪافي چئي ساهي کڻي ۽ هر هڪ بيت کان
پوءِ ”الو الو، يا هادي الله، يا مٺو الله“ وراڻي
طور چئي. ڳالهه جي شروع ۾ هي بيت آلاپيائين:
ٻڏندي ٻوڙن ۾، حاذق هٿ وجهن
ڏسو لـڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن
نيئي ڪنڌيءَ ڪن، نه ته به ساڻ هلندا سير ۾.
---
ڪونج ته وڃ روهه، متان وڳر کان وڇڙين
چڙهي روهه چـِـتاءِ، متان وڳر وڃنئي هليا.
الو الو، يا هادي الله، يا مٺو الله!
ڳالهه کڻڻ ۾ فقط هڪڙو جهـِـيلـِـي کڻي. وٽانئس
جهـِـيلي گهڻئي ٿيا، پر ڳالهه ڪوبه نه سکيو. هن
وقت سندس جهيلي مـِـهرو پٽ ٻڍو خان ٽالپور ويٺل
چـُـکي تعلقي حيدرآباد جو آهي.
اسان بادل کان هي ڳالهه پهريائين ڳوٺ بخشي لغاري
(تعلقو حيدرآباد) ۾ ٻڌي ۽ ڪجهه لکي. پوءِ هو محمد
جمن خان ٽالپر جي معرفت حيدرآباد ۾ آيو، جتي کانئس
باقي ڳالهه لکائي وئي. چيائين ته: “ منهنجي مرشد
بيبي پاڪ زينب گادي نشين قلندر جـَـهنڊُولو (لڳ
ڳوٺ ڪرم نظاماڻي تعلقو هالا) مون کي ڳالهه ڪرڻ ۽
ڳائڻ کان منع ڪئي. اٽڪل ٽيهارو سال ٿيا جو مون
ڳالهه کڻڻ ڇڏي ڏنيءِ. هن وقت گهڻي ڳالهه وسري ويئي
اٿس، ۽ فقط ايتري لکايائين جيتري کيس ياد هئي. ن -
ب[
اول نام الله جو، ٻانهان ٻيءَ نه لڳ
لڳ ڌڻيءَ جي آسري، ڇــُـٽي سارو جڳ.
---
هالن ۾ مخدوم آهي سرور سوڀارو
ڀٽائي گهوٽ ڀـِـٽن ۾، جنهن جو آهي ڪيڏارو
ڄام ڏاتار آهي ڄام تي، جنهن جو ڏينهڪ ڀانڊارو
روهڙي ۾ روضي ڌڻي منهنجو پـِـير به پاڳارو
مٽارين ۾ آهي مصطفيٰ، ٿو نر هڻي نعرو
ٽنڊي محمد خان ۾ آهي سيد سوڀارو
لاٿ واري هـِـن لـَـينَ سان آهي ميون ڪريم موچارو
(1)
ڪؤنڇي جي ڪنڌين تي آهي ساجن سوڀارو
بديڻن ۾ بادشاهه آهي ڪامل پير ڪرارو
الو الو! يا هادي الله! يا مـِـٺو الله!
---
سنڌو وسي سهڻي شهباز جي، جنهن جا آهن ظاهر پير
فقير
الو الو! يا هادي الله! يا مـِـٺو الله!
---
جوڙ برادون جهان جون، ڀلي عالم عيدون ڪن
الو الو! يا هادي الله! يا مـِـٺو الله!
---
رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو جو تارو
خوني خط خلل جا کڄي دودي در آيا
راڄ رُنيون ٿي سومريون، جـِـت دودي ڪيا سعيا
ڀائر! ڀڄي سڀ ڀيڙا ٿيو، مون تي ڪٽڪ چڙهي آيا
ڀائر ڀڄي ٿيا، آيا دودي جي مهندا
سنڌي اسان جي سومرا، آهين تون سردار.
عالادين جا خط دودي کي مليا ته يا ته سڱ ڏي، يا ته
لڙائي ڪر. دودي دل ۾ ڳالهه ڳڻي ته چنيسر ڪاوڙيو
وڃي، اهي ڪـُـوڪٽ چنيسر وڃي ٻاريا، تڏهن دودو
ڀائرن کي گهرائي صلاح ٿو پڇي. ڀائرن چيو ته: تون
اسان جو آهين سردار، جي اسان کي رخصت ڏين ته واٽ
تي ئي وڃي عالادين جي لشڪر سان هٿ ڳنڍيون. انهيءَ
ئي ڪچهريءَ ۾ ’دوسو‘ ويٺو هجي، جيڪو دودي جو وڏو
سالو به هجي ۽ وزير به هجي. تنهن دل ۾دريافت ڪئي
ته ٻيلي، ڪچهريءَ وارن دودي کي سٺي صلاح ڪانه ڏني
آهي، جهيڙي واري صلاح ڏني اٿن. تڏهن دوسـُـو ٿو
دودي کي جواب ڏئي ته: تون ننگر کي چاڙهي موڪل،
پـُـٽ، پيءُ ڏي موڪل. ڇو ته ڪهڙو به مائٽ ڪاوڙيل
هوندو، پر اولاد آيو ته ڪاوڙ ڇڏي ڏيندو. تنهنڪري
ننگر کي موڪل ته چنيسر کي پرچائي وٺي اچي. دودي
چيو ته:
ننگر اڃا ننڍڙو، وٽين ۾ پيو کير پئي
هوڏانهن آهن لک لشڪر جا، هانڀاري ڌاري
چرئي جو چيو ڪري، ڇڏيان ننگر مارائي.
دوسو کي چيئين ته: دوسو! اها چريائي واري صلاح نه
ڏي، ڇو جو چنيسر اهڙو ڪاوڙجي ويو آهي جو نڪو پـُـٽ
سڃاڻي نڪو ٻيو. آءٌ ننگر کي موڪلي مارائي وهان!
اتي سڀني ڀائرن چيو ته: دودا، توکي دوسو سچ ٿو
چئي. پـُـٽ کان پيءُ ڪيڏانهن ويندو؟ دودي چيو ته:
اوهان مردن جي صلاح ٿي آهي ته ننگر کي موڪليون ٿا،
پر هاڻ پاڻ صلاح ڪريون، جو ننگر جي ماءُ آسن
اُميدن واري، ننگر کي نه ڇڏي ته پنهنجي صلاح ته
اتي ئي رهي، ڇو ته ننگر جي شاديءَ جا ڏينهن ٻڌا
پيا آهن. اتي ڀائرن چيو ته: بلاشڪ پڇائي وٺ.
دودي ماڻهو موڪليو، وڃ مائي مريم ڏي
مـُـنجـُـون ٿا ميڙ ابل ڏي، ننگر ميڙ ڪري.
مائي جواب ڏنو ته:
ننگر منهنجو ننڍڙو، ٿو وٽين کير پئي
جي راضي راءِ ٿو ٿئي ته دودو پاڻ چڙهي وڃي، پنهنجي
ڀاءُ کي ڳراٽي ڏئي پرچائي وٺي اچي ته پنهنجي پـُـٽ
جو اچي ڪاڄ سـُـرهو ڪري. مائي اهو جواب ڏياري
موڪليو. دودي کي ڀائرن چيو ته: زالن جو چوڻ وٺون
ها ته پڳ چنيسر کي ٻڌايون ها. تون ماٺ ڪري ننگر کي
موڪل، زالن جو چوڻ ڇڏ. دودي چيو ته: ٻيلي! ننگر
پنجاهه سنگتين سان گڏجي ويو آهي تلاء تي وهنجڻ.
انهيءَ کي گهرائي توهان سڀني سومرن جي روبرو ٿا
پڇون. متان پيءُ جي ڪاوڙ لـَـکائي ۽ پاڻ به وڃي
پيءُ وٽ ويهي رهي. هو ته اڳئي ويو پر هي به هٿن
سان موڪلي وڃائي ويهي رهون!
دودي دوسوءَ کي چيو، وڃي ننگر نهاري آءُ
مـُـنجون ٿا ميڙ ابل ڏي، اچي پيءُ کي پرچائي
دوسو چڙهيو ڪپ تي بيٺو پـُـڪاري:
آءُ ننگر سومرا، توکي چاچي ڪوٺايو
سڻيو سڏ دوسوءَ جا بيٺو ڏائيءَ راند رهي
کـِـليو ڪري ٿو ڪپڙا، ٿو يارن کي به چوي
يار! پرتا آهيو رب کي، مون کي ڪوٺايو چاچي.
چاچي ڪڏهن مون ڏي ماڻهو موڪليو ئي ڪونهي، لاشڪ
متان چاچي کي بابو ڪاوڙجي ويو آهي عالادين جو لشڪر
چاڙهڻ. متان اُهو وڳهه ڪوٽ ۾ اچي ويو. هاڻ، يار!
رب کي پرتئو، منهنجي الله واهي اَٿو. تڏهن يار ٿا
چون ته: تنهنجي الله واهي ٿي، اها ته چڱو پر اسان
جو به گفتو ٻـُـڌ. اسان کي وار سـُـڪائڻ ڏي پوءِ
اسين به توسان گڏ هلنداسين. پر تيستائين ترس،
جيسين اسين به گنديون ڪپڙا ڪري وٺون. ننگر چيو ته:
نه، وار هلي واٽ تي سڪايون، متان عالادين آيو.
يارن ورائي چيو ته: هڪڙو عالادين ڇو ٿو اچي، اهڙا
پنج چڙهيا پيا اچن.
اسين سـِـڌيون هڻون سلطان کي، وڃي دلي ساهه کڻي.
---
وار سڪائيندي واٽ تي، ڪيئين دودي جو سلام
دودي اُٿي ورتو بسم الله ڪري، ننگر جو سلام
دودي خط اُڇلي ڏنا، پيا ننگر جي مهندان
پڙهيو پروانا پيءَ جا، پـُـٽ ڦاڙيو خط ڇڏي.
چئي: وڃ خاطي، اهو ڏينهن اٿئي، نه ته پرزا پڻي نه
ڪري ڇڏيئين. ننگر جي اڳيان خاطي ٻانهون ٻڌيون.
چئي: آءٌ به مزور آهيان. اُٺ خطن جو ڀري ڏيو، آءٌ
نڪو جهيڙي وارو نڪو جنگ وارو. ننگر دل ۾ دريافت
ڪئي ته چاچي وٽ رڳا ٺلها خط ڪاڳرن جا آيا آهن. نڪو
جهيڙو نڪا جنگ، اهڙو ڀؤ پئجي ويو اٿس جو مون کي
کڻي گهرايو اٿس. مون کي گهرائي انهيءَ مهل، جڏهن
ڪو ميدان هجي. هن کي هينئر مون کي گهرائڻو ئي ڪونه
هو. جڏهن گهرايو آهيس، تڏهن مون کي به چاچي سان
همدردي ڪرڻي ٿي، ڀلي ته سڀ سومرا ٻڌن. پوءِ
چيائين:
متان چاچا ماندو ٿئين، پنهنجي ڪندو ماڻ خدا
گهڻن ۽ ٿورن سان، ٿيندو حامي حضرت شاهه
ڀلي عالادين آئيو، تنهن کي آندو پاڻ خدا
اسين سر صدقو ڪريون، جيئن پون گهورون گهوٽ مٿان.
دودي دريافت ڪئي ته ننگر، مونکي سڀني سومرن جي
اڳيان سونو نڪ وجهي ڇڏيو. هاڻي ڀلي ته سڀ سومرا
ٻڌن، مون کي به پنهنجي ڀائٽيي سان همدردي ڪرڻي
آهي. تڏهن چيائين:
سـُـڻ ته سڻايئين ڳالهڙي، منهنجا ننگر ننڍڙا
وڏن جي وَڏانگري، پـُـٽ! تو مٿي آهي
پيءُ پرچائي آءُ پنهنجو، دودو پڳ ڏيندو توکي
اتي ڪيهر ڪنڌ مٿي کڻي، ننگر ڳالهايو:
چاچا! مون کي به پڪ آهي ته ابي کي نٿي ڏنئي، سا
مون کي ڪيئن لاهي ڏيندين؟
اها مصلحت ماراڳن جي، تو کان ڪـَـچي ڇڏائي وئي
ڀاءُ ويئي ڀر منجهان، تنهن کي ورتئي ڪين واري
هاڻ هڻين ٿو هٿڙا، جڏهن آيو عالادين چاڙهي
وسن بادل رُڪ جا، ميڙ مون کي ڪا ڏي
ته وڃي جو ٽيان جنگ کي، پوءِ سوڀون وس ستار.
اتي دودي دل ۾ دريافت ڪئي ته اسين ٿا موڪليونس صلح
جي لاءِ، جو هتي ئي جهيڙي جون صلاحون ڪيو ٿو وڃي،
سو ڪهڙو صلح وڃي ڪندو؟ هاڻي پنهنجي ڪا اٽڪل
ڪرينسِ.
دودو چڙهيو کٽ تي، ٿو ريسر(1)
رڱائي
هڪ جيڏيون هيڪليون ٿو گهوڙيون گهرائي
ڪـَـن پـُـڇ تن گهوڙين جا، ٿو سون سان مڙهائي
لعلون لغامن تي ٿو جنهو جڙائي
ماڻهو جوڙايو سوَن جا، تن جون ٻانهون ٻڌائي
ڀيٽ کڻي هليو ڀاءُ ڏي، مـَـبڀُ مـُـهلاڻـِـي
نڪي ويلو وجهان وچ ۾، نڪو پيان پاڻي
يڪي منزل مير کي، سو اُڙدن ۾ آيو
ڀيٽون دودي مير جون، ڪيئين عالادين سامهيون.
عالادين دريافت ڪئي ته جيڪو دودي سومري انصاف ڪيو،
سو ڪنهين بادشاهه کان ڪين پڄندو. رڳو پاڻهي چنيسر
وڃي ته سرتاج ڪري، کڻي تخت تي ويهاريس. هاڻي چنيسر
کي گهرائي سمجهاڻي ڏيانس ته وڃ پنهنجي ڀاءُ وٽ. پر
هاڻي اسين ڪهڙي پـُـٺ ڀرائي انصاف جي موڪليون؟ اها
ڀاءُ جي خبر هوندي ڀاءُ کي، انهيءَ کان گهرائي
صلاح وٺان.
عالادين ماڻهو موڪليو، چلي چنيسر آءُ
چلي چنيسر آئيو، عالادين اڳياءِ
ڏس ڀيٽون مڙد جون، جنهن سان وڙهڻ ناهه جڳاءِ.
چنيسر ڏٺو ته عالادين صلح وارڻ جو پيو ڪري، ڇو نه
اهڙي ڳالهه ڪريانس جو ڪاوڙجي پوي. سو چيائينس ته:
نچي دودي وٽ ناچڻي، جنهن کي جهنواريون ٿو ڏي
اها ڀيٽ ته آهي منگتن جي، ڏان ڪريو ٿو ڏي.
آءٌ ته دودي جو ڀاءُ آهيان، مون کي خبر آهي ته اهو
لاڳ ته رڳو ناچڻين ۽ منگتن کي ٿو ڏئي. اتي عالادين
کي ڪاوڙ جو جذب ڇڙهي ويو ته بادشاهن جا شان به
بادشاهه سڃاڻندا. چنيسر چيو ته: هاڻي جيڪو ڀيٽون
کڻي آيو آهي، ان کان خبرون پڇ.
السلام عليڪم سپرين و عليڪم سلام
ڪير آهين، ڪيڏانهن وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: ذات جو آهيان مهلاڻي، مـَـبـَـڀُ منهنجو
نانءُ
اُت مـَـبـَـڀُ مـُـهلاڻيءَ کي جيئن مڪڙ روهه وريا
اُڙدن ٿي اوندهه ڪئي، وڄون وسن گهمسان
مڙد تي مينهن وانگي پيا قهري ڪانَ وسن
ڳاڃي ڏَئي ڳري ويو، مبڀ مـُـهلاڻي.
ماري ڪـُـٽي موڪليئون پوئتي. ڀيٽ اچي وڳهه ڪوٽ ۾
نڪتي. پهرين پهرين ننگر جي مـُـنهن پئجي وئي. وڃي
دودي کي چيئين ته: چاچا!
مون توکي ڇا چيو ته لشڪر ڏي ته وڃي جنگ ڪريان،
پوءِ سوڀون وس ستار جي آهن. تون وري پنهنجون
اٽڪلون پيو ڪرين! دودي چيو: هاڻي تون بلاشڪ وڃ.
باقي هڪڙي ڳالهه آهي جو توکي ننڍو ڇڏي ويو هو،
متان پيو مـُـنجهين، تنهنڪري توکي پار ٿو ڏيان
پيءَ جا:
ڪارو طنبو آهيس باغ ۾، ڪارو چنيسر ويس
سائو ڀالو هٿ ۾، نيلو گهوڙو هيٺ
صحيح سڃاڻج، سومرا، اهو ميناڪاري ويس.
وري ٿو ننگر جواب ڏئي: چاچا!
مينا ڪاري ويس اُتي لکين لک ٻڌن
چڙهيو پنهنجي مـُـلڪ تي اُبتا ڀير ٻڌن
مون سان هلي منگتو، جيڪو بابو سڃاڻي ڏي.
دودي هن کي منگتو گڏي ڏنو. موڪلائڻ مهل دودي چيو
ته: ننگر! پاڻ چاچو ڀائٽيو هلي وگهه ڪوٽ گهمي
اچون، پوءِ تون ڀلي وڃ. اتي ٻاگهيءَ کي خبر پئجي
وئي ته دودو ٿو ننگر کي جنگ تي موڪلي. تڏهن چيائين
ته: سڀني سومرن جي ڪا مـَـت اَنڌي چئبي جو دودو
پاڻ نٿو وڃي پر ننگر کي ٿو موڪلي! پاڻ وڃي پنهنجي
ڀاءُ کي پرچائي وٺي اچي ۽ پنهنجي پـُـٽ جو اچي ڪاڄ
سـُـرهو ڪري. هاڻ اڄ اچن پيا گهمڻ جي لاءِ. اهڙو
ڪو طعنو تـُـنڪو هڻان جو دودو پاڻ وڃي ۽ ننگر
معصوم کي نه موڪلي.
چنبو چنبي ۾ ڏئي هليا، ٻيليئڙا ٻيئي!
پوءِ ٻاگهيءَ ٿي مهڻا ڏنا ته دودا مت ويئي
ڇا ٿو ڪرين ڇوڪر سان، تون ڪانئر ٻاريندين ڪانه.
تڏهن دودي کڻي ماٺ ڪئي، ننگر ڳالهايو
ته ڄمندي ڇو نه مري وئين، رن! راڄ رلايو ئي تو.
تڏهن ٻاگهي ورندي ڏنيس:
ابا! وڃين ٿو مـُـنهن مغلن جي جتان جيئرو ڪونه اچي
سـِـر تنهنجو صندوق ۾ شل! کهقنبن منجهه کڄي.
ننگر چيو: جيڪڏهن مري ويس ته الله جي مرضي. جيئرو
وريو ٿو اچان ته سومرو ڏيندو سئين پوڙهو اهڙو جو
هٿن سان ويهاريندئين هٿن سان اُٿاريندئين. ائين
چئي ننگر ميدان ۾ ٿي بيٺو. دودي جو پـُـٽ هو
ڀونگر، تنهن خيال ڪيو ته بابو پيو سؤٽ منهنجي کي
موڪلي جنگ تي، مون کان ته نڪو صلاح نڪو ثواب
پڇئون. مرڳو ڳالهه ئي ڪانه ڪئي اٿن. پاڻ هنن کي
روح ۾ دريافت ته ڀونگر آهي، ننڍو، ڇوڪرن کان
ڪهڙيون صلاحون پڇبيون! اڄ مون کي ڇوڪرو ڪري ڇڏيو
اٿن، سڀاڻي آءٌ پڇندس ته اها ڪهڙي ڪم جي؟ هاڻي آءٌ
ٿو بابي کان پڇان ته سؤٽ منهنجي کي ڪيڏانهن ٿو
موڪلين؟ سڀاڻي تائين اها ڳالهه ڪانه ڇڏبي.
سل سچي ڪر سومرا، منهنجو سؤٽ مـُـنجين ٿو ڪيڏانهن؟
چئي: مـُـنجاِنس ٿو ميڙ ابل ڏي، ايندو پيء کي
پرچائي
وڃي ٿو مـُـنهن مغلن جي، سو جيئرو ڪيئن ٿو اچي؟
بابا!
هڏ ڏوکي ساڻس وڃي ئي ڪونه ٿو، لڳي ويل لـُـڇي
اسين ننڍا وڏن جي آسري، وڙهون ڳاٽ ڳچيءَ ڳل لائي
وڃي گڏجي مـَـروُن گادار ۾، سؤٽ به سؤٽن تي
مون کي موڪل ڏي دودا سومرا، دلئون دعا ڪري!
تڏهن دودو ٿو چوي: ابا! اڳيان جهيڙا آهن، جنگيون
آهن، سفر جا پنڌ آهن. تون اڃان ننڍو معصوم آهين.
تڏهن وري ٿو ڀونگر سوال ڏئي ته: بابا! سڀ سمجهان
ٿو، پر هاڻي اهو به روبرو فيصلو ٿئي. ننگر به بيٺو
آهي، يار گهڻئي آهن گڏ، پر رت گڏ آهي ئي ڪونه.
منهنجو سؤٽ ڀاءُ آهي، آءٌ هرگز گڏ ويندس. دودو دل
۾ ڳالهه ڳڻي ته: ننگر روبرو بيٺو ٻڌي ۽ متان دل ۾
خيال ڪري ته پنهنجي پـُـٽ کي مـِـٺو ڪري، مون سان
گڏ ڇڏي نٿو. سو چيائين ته ڀلي پنهنجي سؤٽ سان گڏيو
وڃي. هاڻي دودو ٿو چئي ته:
دعا ڪندس دل سان، آن کي لڳندي به گهڻي
پنجئي وقت نماز جا، ڇڏيو، سي نه کڻي
پوءِ طنبو طنبن ۾ ڏيئي هڻي، اوهان جو وارث يار ڌڻي
ڀونگر هلئي ٿو ننڍڙو، تنهن جي پارت اٿئي گهڻي
متان چنيسر جو چوڻ ڪري، اتي مارائينس کڻي
مڙس سڀئي تون موکجئين، متان وڃين ات ڦـِـري!
ننگر ٿو جواب ڏئي:
ڦـِـران ته آءٌ ڦـُـرجي وڃان، ڇو نه وڃان اِتي ئي
مري
مـُـبـَـڀُ مـُـهلاڻي ماريو، تنهن جي به مون کي
ڳالهه ڳري
ميڙيون ڪندوسانِ مـِـنٿون، دِلئون دِل کڻي
نه ته سڌو ڪندو سانِ سومرا، جيئن وارن کي ڦڻي
ساري حضرت شاهه کي وڃي ڪريانِ پـُـرز پڻي.
چئي: چاچا! متان ڀانئجئين ته ڪو ڦري ويندو. دودي
چيو ته هاڻ تون بيشڪ وٺي وڃج سؤٽ کي. ننگر چيو:
چاچا! منهنجو هڪڙو عرض آهي ته آءٌ مڱيو ويٺو
آهيان. مڱ ويٺي آهي وناهه ۾. ايتري موڪل ملي جو مڱ
کان موڪلايو وڃان. مون تي متان ڪو هن جو حق رهجي
وڃي. چيئين: بابا! بلاشڪ وڃ هاڻ ٻئي سؤٽ گڏجيو ٿا
وڃن.
چنبو چنبي ۾ ڏئي هليا، دُرس چڙهيا ديوان
ٿنڀ ٿوڻيون ٿڙڪڻ لڳا، پـَـٽين پيا واڪا
هندورو دهشت نٿو جهلي، ٻانهي! کٽ کائي لوڏا
ٻانهي اُٿي ٻهر ٿئي، ويٺي کـِـلي کير مـُـنهان
چئي: نڪو آهي عالادين بادشاه، ڪيو اٿئي خير خدا
سونا ڪنگڻ ٻانهـَـنِ ۾، ڪـَـنن ۾ لـُـڙڪا
سونِ ورايو سومرو، اِهو وَرَ وَني تنهنجو.
ننگر جي مڱ دل ۾ دريافت ڪئي ته ننگر وڃي ٿو، پوءِ
مون کي ڇا ڪندا وناهه ڇا ڪندا ٻيا! سا پڙدي پوش
ٿي، دريءَ مان جهاتي پائي، ننگر سؤٽ کي ڇا ٿي چوي:
سؤٽ! وڃين ٿو جنگ تي، منهنجا نـَـهرا ننگر راء
پرين! اُتي پرديس ۾، شل لڳئي نه ڪوسو واء
ڪـَـڇ ڀـُـڄ ڪاڇو وَهي، دِلـَـي ٿو وَهي درياء
نڪي اڳي چڙهيو بادشاه، نڪو چڙهيو اُمراء
ننگر! تنهنجي لانئن لاءِ سـِـڪندي سال ٿيا
ڳاني ٻڌو ٿو وڃين، توکي راڄ ڪچو چوندا.
ننگر، مڱ کي جواب ٿو ڏئي ته: راڄ مونکي ڪچو چوندا
سو ته چڱو، پر منهنجي هينئر توڪل اٿئي:
ڌيءَ دودي داناهه جي، تون ادب ڪري هلي ويهه
سونل ڌي چاچي جي، منهنجي الله واهي آهي
بابي عالادين چاڙهيو، جيڪي چڙهيا اُڙد اچن
هاڻي مڙهه ايندئي وڳهه ڪوٽ، تنهن سان لائون لهج.
ماءُ پـُـٽ جي ڪاڄ جي خوشيءَ ۾ هئي. ڇـَـنا ٻيا
پئي ٺهرايئين، تنهن جا سـُـتت خبر ٻڌي ته دودو
پـُـٽ منهنجي کي جنگ تي ٿو ملڪي، هي ڌنڌا ڪاڄ
هلاکيون ٻيا ڪنهن جي لاءِ ٿا ٿين؟ سو دودي کي ٿي
اچي دانهن ڏئي ته پـُـٽ منهنجو نه موڪل.
مريم ماءُ ننگر جي، ٿي ريهون ڪري راڻي
ته چنيسر اڳ وڃايئي، ٻي سـُـڃ سـِـٽيئي هاڻي
ڏس ته ننڍڙي ننگر جا مون لاڳ رڱايا هاڻي
ننڍي مير ننگر جا، مون ڇنا ٺهرايا هاڻي
ننڍڙي مير ننگر جا دس ديڳين چڙهايم هاڻي
وني ويٺي آهي وناهه ۾، سا پئي نٿي پاڻي
ناٺي مارائين ٿو ننڍڙو، وِلهي ڪرين ٿو نياڻي.
اتي دودي کي ماٺ اچي ويئي. هيڏانهن ڀائٽيو،
هوڏانهن نياڻي، انهي سوال جو جواب ڏئي نه سگهيو.
ڇا ڪري ۽ هاڻي ٻيو ڪير ڏئي؟ تڏهن دودي کي ماٺ ڏسي
ننگر ٿو پنهنجي ماءُ کي جواب ڏئي:
اسم وجهانءِ ٿو الله جو، وڃ تون ماٺ ڪري
اِهي ڳاڙها ڏيج ننگر جا، ڇڏجئين لـُـٽائي
ڇنا مـَـنـَـهن مير ننگر جا ڇڏجئين ڊهرائي
چڙهيا دس ديڳين جا، اَمان! ڇڏجئين لهرائي.
ماءُ کي جواب ڏئي ميدان ۾ ٿي بيهي رهيو ته: تون
ڀانئج ته مون محمد ڄائو، ننگر ڄائو ئي ڪونه هو.
ننگر جو ڀاءُ محمد ان وقت ۾ هئو ئي ڪونه، ويو هو
شڪار تي. ننگر جي ڀاڄائي ويٺي هئي. تنهن دل ۾
دريافت ڪئي ته ڏير منهنجو آهي، تيسين آءٌ ترسائي
وجهانس. هلندي وقت متان ڀاڻس محمد اچي ۽ ڀائر
هڪٻئي کي ڏسن ته سهي.
داد منجهارا دادلي، ورتي ننگر گهوڙي واڳ
ڏير! وڃين ٿو جنگ تي، محمد ويو ته شڪار
چئي: ساري محمد ڀاء کي، منهنجا ڏجئين سلام
وڇڙيي پنهنجي ڀاءُ جو مون منهن به ناهي ڏٺو.
منهنجو ۽ محمد ڀاءُ جو ميلو ٿيندو ڏينهن قيام جي،
منهجي هاڻ توڪل اٿئي. جواب ڏئي ميدان ۾ ٿي بيٺو.
دريافت ڪيئين ته پنجاه يارن جي آهي منهنجي شهر ۾،
نه ميڙو نه ملاکڙو، نه رنگ ۽ تماشو، هي سڏ آهي
ميدان جو، هاڻي سرن جا سؤدا آهن، جيڪو نه سچو پچو
يار هوندو، سو اچي ميدان ۾ حاضر ٿيندو.
ساري دستگير بادشاه کي، پـِـڙ ڪڍيئين لـِـيڪو
ساري حضرت شاه کي ڏور ٻڌئين ڀالو
جنهن کي ڪـُـوفو جنگ جو، سو نڪري نروار ٿئي
پايو پاند ڳچيءَ ۾، وڃو پنهنجي مائرن پيرين
پـَـونِ
ته اسم سان الله جي، ٻٽيهه ٿڃون بخش ٿين
مائن ٿڃون معافي ڪيون، پنهنجي تي به پـُـٽن
پـُـٽن جا ڦوڙاوا، وري ڪي وڏي ڀاڳ مـِـلن.
پنجاهه ئي يارن جو ميدان ۾ حاضر ٿي ويو. ننگر يارن
کي چيو ته: ڏِهاڻي واري ڳالهه ڪانهي ڪا، هاڻي
اَٿائون ميدان واي ڳالهه، متان واٽ تي هلي ڪو
خبرون ڪري ته يار! اِها هاڃي جي خبر اسان کي
ٻڌائين ها ته اسين به موڪلائي اچون ها. تڏهن يارن
چيس ته: يار! تو سڏ ڪيو، اسان تنهنجي سڏ ڪرڻ مان
ئي سڃاتو. دريافت ڪئي سون ته هي ڏهاڻي وارو سڏ
ڪونهي. اسين پنهنجي مائرن کان اڳوپوءِ موڪلائي آيا
آهيون. هاڻ جيڏانهن تون هلندين اسين تنهنجي سـِـر
سان آهيون. پنجاه يارن جو، منگتو ۽ سؤٽ ڀونگر هاڻي
ٿا منزل کڻن.
گهوڙو يار ننگر جو، بيٺو نـُـنهينِ ڀر نچي
گهوڙو مير ڀونگر جو، واڳ ڏيو پيو وڃي
ستاويهه ڪوهه وڳهه کان، ٿيو اٿن پنڌ پري
مڙد مـُـهراڻي وچ تي بيٺو طنبو اَڏائي
ننگر پنجاهه يارن سان ٿو ڳالهه به ڳالهائي
يار! نه ٿيو اوهين ويسلا، اڳيان عالادين آهي.
ننگر جي يارن بيٺي طنبو ٺاهيا. ننگر ڏسي ورتو ۽
خاطي عالادين وٽان خط کڻيو ننگر ۽ دودي ڏانهن پيو
وڃي. دل ۾ دريافت ڪئين ته اڳي به خط آيا هئا ته
چاچي کي ڇرڪ پيو هو، جو مون کي تلاءُ تان گهرايو
هئين، هاڻي اسين ته هليا آياسين هيڏانهن، متان وري
ڪو چاچي کي ڇرڪ پوي. سو انهي خاطي کان اِتي ٿا
خبرون وٺون، چاچي تائين ڪونه ٿا ڇڏيونسِ.
ننگر چيو يارن کي، اِجهو رهبر ٿو وڃي
وريا يار ننگر جا، آيا رهبر کي واري
سلام عليڪم سپرين، وعليڪم السلام
ڪير آهين، ڪيڏهن وڃين، ڪهڙا اٿئي خط کنيا؟
چئي: خط چنيسر مير جا، مون دودي ڏي کنيا.
اهي خط اسان کي ڏي، تنهنجا اِتي خط پڙهبا
چئي: خط ڏيندوسانو ڪينڪي، منهنجو اُجورو يار ڀڄي
ڪڍي ڪاتي سونـِـي بيٺ مان، ننگر ڏني خاطي کي
ڏسي خاطي خوش ٿيو، ڇوڙيو بڊوڪا ننگر کي ڏي
چٺيون چموٽيون چم جون، ساريون سڀئي پيو ڏي
وڃي خاطي، اهو ڏينهن اٿئي، متان داڳيئين دلي کي!
ننگر به هو ننڍو اڃان، بادشاهي ٻار، دل ۾ دريافت
ڪيئين ته مزور تي مار ڪانهي. ادا! تون وڃ هليو.
خاطي پنج ست قدم پري ويو ته ورائي سڏ ڪيئينس.
ويچارو ٿڙڪڻي ۾ اچي ويو ۽ الائجي وري ڪاوڙيو ڪيئن!
اچي ٻه قدم پري بيهي رهيو ۽ پڇيائين ته: تو سڏ
مونکي سائين ڇا کان ڪيو؟ ننگر جواب ڏنس ته: مون خط
لکيو آهي، سو منهنجي بابي چنيسر کي وڃي ڏي. پوءِ
سؤٽ کي چيئين: ادا! خبر ٻڌي اٿئي، خاطي ويندو
سـُـتت اڳي، خط تڏهن ٿا موڪليون ته احوال وڃي
پهچيس. خوش ٿيندو ته هڪڙو پـُـٽ پيو اچي، ٻيو
ڀائٽيو پيو اچي. پاڻ کي پرچائڻ سـُـکيو ٿيندو جو
خوش هوندو. چئي: ادا! بلاشڪ خط موڪل. هاڻي ننگر ٿو
خط لکي:
ننگر خط لکيو پيءُ کي ته پانـَـهه پروانا
ته منهنجا بابي مير کي جوان ڀرج جانا
ننگر اچئي ٿو پرچائڻ لاءِ، ٻانهن ۾ ٻڌيو ڳانا
دوست سڃاڻي دل سان، ڇڏجئين طريهل جا طعنا.
هاڻي خاطي اُٺ هـُـشائيو، اُڙدن ۾ آيو
خاطي خط اڇليا، ٻيا چنيسر جي مهندا
پڙهيو پروانا پـُـٽ جا، ٿو گوڏي هيٺ رکي
اتي ڪـيـهر ڪنڌ مٿي کڻي، عالادين ڳالهائيو.
عالادين بادشاه خط پڙهندي چنيسر کي ڏسي ورتا. تڏهن
پڇيائين ته:
سل سچي ڪر سومرا! اِهي ڪهڙا خط آيا؟
چئي: ادي دودي سومري پنهنجو قدر ئي ڪونه سڃاتو
نڪو لڌس سومرو، نڪو لڌس ڪو وزير
تنهنجي منهنجي پرچاء لاءِ ميڙ مـُـڪئين دايو.
اتي عالادين ورتو ۽ چنيسر کي ٿو چئي ته: رسڻ ۽
ڪاوڙجڻ غريبن جا توڙي اميرن جا سڀني جا ٿيندا آهن،
پوءِ ڀائر هڪٻئي کي ڳراهٽي ڏئي پرچاء ۽ صلح ڪندا
آهن. جي دودي کي پرچائڻو هو ته تو وٽ پاڻ لنگهي
اچي ها، ڀاءُ هئينس. جي نه ته عزيزن قريبن مان ڪو
موڪلي ها. انهيءَ کان پوءِ ته بادشاهن جا ٺهراء
وزير به وڃي ڪندا آهن، ۽ دودي وري ڇـِـڪي دايو
موڪليو آهي! هي ته پرچاء جي ڳالهه نه چئبي. هي ته
پاڻ تي ٽوڪ چـَـٿر ڪئي آهيس. بادشاهن تي چٿرون ۽
ٽوڪون ڪبيون آهن؟ هاڻي منهنجي دل ٿي چوي ته چٿرن ۽
ٽوڪن وارو اکين سان ڏسان به نه، ۽ اهو دايو تون
واٽ تي مارائي ڇڏ، جيئن نڪو آءٌ ڏسان، نڪو منهنجي
اکين تي ئي چڙهي. چنيسر ڇا ڪري جو پٽ کي دايو چئي
ويٺو، پوءِ عالادين کي چيائين ته: ڀلا ڏي لشڪر.
هاڻي چنيسر وٺي ۽ عالادين ٿو ڏئي:
پنج سؤ لشڪر ٿو ڏيئين ته وڃي دايو مارائي اچ.
چنيسر چيو ته: پنج سؤ لشڪر جا ته رڳو دايو چنبن
سان ماريندو. چيئين ته ڀلا:
ڏهه سؤ لشڪر ٿو ڏيئين، وڃي دايو مارائي اچ.
چئي: ڏهه سؤ لشڪر جا ته دايو مـُـڪن سان ٿو ماري.
ڳالهه هيئن اٿئي ته:
دايو مرندو ڪينڪي، دايو هر ڪنهين کي ماري
دايو اسين چئون ان کي جيڪو اسان سان ٿڃ پئي
دايو ڏيندئي داغ دليءَ کي، وڃي دِلي ساه کڻي.
اتي عالادين اک پـَـٽـِـي ته پنج سؤ جيڪو چنبن
مـُـڪن سان ٿو ماري اهو دايو ڪٿي آهي، هي ته ڪو
سـُـومرن منجهان آهي! تڏهن ڪاوڙجي چنيسر کي ٿو
چوي:
چـُـڙهيا چنيسر چٽ ٿين، تون رڳا ريب ڪرين
بهانا داين جا، وري دودا ديم چاڙهين.
جي اهڙي خبر هجيم ها ته توکي پهرئين ڏينهن ڪيئن پڪ
ڏيان ۽ سومرن کي سـَـمهـُـون ٿيان! اِتي ننگر سؤٽ
ڀونگر کي چيو: ادا! ڪاوڙيل ماڻهو نياپي ڪاڳر تي
ڪونه پرچندو. پاڻ هن ڏي رڳو ڪاڳر موڪليا هئا، جيڪي
هن گوڏي هيٺ رکي ڇڏيا. هن وٽ پاڻ هلي وڃبو ته خبر
پوندي، سو هلو ته چنيسر وٽ هلون. پوءِ ننگر،
ڀونگر، منگتو ۽ پنجاه يارن منزل ٿا کڻن.
ڏينهن سـُـومر جي سـُـومري، چڙهيا اُڙد اچن
پهرين منزل پئي مير کي آريائي ’اَجنيرِ‘
ٻئي منزل پئي مير کي ’گـُـگـُـڙو ٿر‘ چون
ٽي منزل پئي مير کي اچي باڪو ’بڪار‘ لٿو.
بڪار جو شهر دودن ۽ عالادين جو دنگ هجي، پر بڪار
جو شهر هجي دودن جي پاسي. ويچارن مسڪينن کي اَٺين
اَٺين ڏينهن عالادين جو لشڪر ڦري ماري هليو ويندو
هو. قدرت ڪريم جي سان ننگر جي يارن به اچي بڪار
شهر جي ٻاهران طنبو هنيا. بڪار جي ماڻهن اوپرا
طنبو ڏٺا، سي ويچارا ٿڙڪڻي ۾ پئجي ويا ته اڳي
ايندا هئا اَٺين اَٺين ڏينهن، لاشڪ متان پنڌ جي
سـُـورئون هاڻي لڏو لاهي اچي ويهي رهيا آهن. هاءِ
گهوڙا، اڳي ته ڇهه ڏينهن وچ ۾ ساهي ملندي هئي.
هاڻي اها به بس. ٻه چار ماڻهو موڪليئون ته وڃي پڇي
اچو ته اوهان پنڌ جي سـُـوران ائين ڪيو آهي، يا
ٻيو ڪو سبب آهي؟ ٻه چار هنن وٽ ويا ۽ چيئون ته
خبرون چارون ٻڌايو. ننگر جي يارن چيو ته: ادا!
لک خبرون. اسين سومرا آهيون. هڪڙي چيو ته آءٌ
پـُـٽ دودي جو، ٻئي ٻڌايو ته آءٌ پٽ چنيسر جو.
هڪڙي ننگر نالو ٻڌايو ۽ ٻئي ڀونگر ٻڌايو. تيڏيءَ
مهل هنن جي هيئين کي واءُ لڳي ويو. خوش ٿيا ۽ دل ۾
دريافت ڪيائون ته: اسان جا بادشاه به دودو ۽
چنيسر، هاڻ الله ڪندو ته ڪين مارباسين. پر هاڻي
هلي پنهجي شهر ۾ ٻڌايون ته سڀ اچي پنهنجي بادشاه
کي سلامي ٿين. اچي شهر ۾ ڳالهه ڪيئون. سڄو شهر
مـِـڙي سـِـڙي اچي گڏ ٿيو. ننڍا آهن توڙي وڏا،
پنهنجا بادشاه آهن. دانهن پهلـِـي ڏيون يا
آڳاهـِـي پهلـِـي ڪريون. انهن ئي صلاحن ۾ هئا ته
ٻه ڪي ٽؤنٽ به هنن کي ڏسي آيا هئا، تن اچي انهن کي
چيو ته: توهين سڀئي مـِـڙي اچي گڏ ٿيا آهيو، ڳالهه
ڪيئن آهي؟ هنن چيو ته: ڳالهه ڀلي ٿي آهي. چيئون
ته: اسين به ٻـُـڌون. هنن چيو ته: اٺين اٺين ڏينهن
ڦـُـري هـُـنن پنهنجي ڀـُـڏ ئي اُٿاري ڇڏي آهي.
هاڻي پاڻ سمورا هلي اُنهن کي سلامي به ڪريون ۽
حقيقت به ٻڌايون جو پنهنجا بادشاه آيا آهن. هنن
ٻنهي وري جواب ٻڌايو ته: اوهين سمورا مـُـنڌل
ٿيئو؟ ڇو ته هو پنجاهي کن جوان آهن ۽ ڇوڪراٽ آهن،
سي مسافر ٿي اچي پنهنجي شهر جي ڀرسان لٿا آهن.
جيڪي پنهنجو بڪار ڦـُـرڻ ٿا اچن، سي ڪـَـٽڪـُـون
ڪدرَڪون ٿيون اچن. ٻيو ته هو اهڙا اهڙا جوان آهن،
جن جون بڪيون به ههڙيون ٿلهيون آهن. ڪچهريءَ ۾ چڱا
مـَـٺا ساهيٽا به ويٺا هئا، تن چيو ته: توڙي ننڍا
آهن، توڙي وڏا آهن، پنهنجا بادشاهه آهن. پوءِ ڀلي
دشمن سان پڄن توڙي نه پڄن، پاڻ کي دانهن ڏيڻ حق
آهي. اها ڳڻ ڪري آيا ۽ اچي ننگر کي دانهن ڏنائون
ته:
السلام عليڪم سپرين، وعليڪم السلام
ماڻهو شهر بڪار جا، ڪـَـن دانهن تي دانهون.
ته ڏينهن جو کائي اسين پيٽ ئي نٿا ڀريون، رات جو
پيا بک مرون. اهو ڇڏين ٿا ڪونه ڪو جو لولي ۾ لوڻ
وجهون. انهن سان اسان جي ڪابه واهه ڪانه ٿي هلي.
هاڻي انهن کان تون سڀئي سور ساري وٺجئين. اِتي
ننگر چيو ته: هيترا ڏينهن جي اوهان کي ماريئون، يا
اوهان کي کڻي ڦـُـريئون اُها ڳالهه اُنهن کي ڦٻي
ويئي. باقي اڄ ڏينهن کان وٺي الله ۽ الله جو رسول
ڪندو ته اوهان جي وار جو به نالو وٺڻ ڪونه
ڏيندوسان. باقي هڪڙي ڳالهه ٻڌايو ته اُنهن جا ويس
ڪهڙا، پار ڪهڙا، ۽ ڪهڙي ڏينهن ٿا اچن؟
چئي: سونيون ڪيوٽيون ڪنن ۾، دُشالا ٿا لڙڪن
جابلو گهوڙا جـِـن جا پـُـڇ ڌرتيءَ رِسڪن
جمعي جمعي جي ڏينهن ٿا شهر بڪار ڦـُـريو وڃن.
ننگر چين ته: هاڻي اوهان جي ڪـُـتن تي ئي ڪانهي
ڪا. آءٌ پاڻهي پيو انهن سان سمجهندس. ننگر کي
چيئون: سائين! اسان کان خبرون پڇو ته جمعي جو
ڏينهن آهي اڄ، هـُـنن جي اچڻ جي مهل آهي. اسان کي
الله جو ڏڍ پر تو بادشاه جو ڏڍ، نه ته الاجي
ڪيڏانهن جا ڪيڏانهن ٿي وڃون ها. هـُـو هـِـتان
هوندا يا هـُـتان هوندا. اڃا انهن ئي ڳالهين ۾ جاچ
کڻي وٺي ته ڪـَـدرڪـُـون ٽـُـٽيون اچن. سؤٽ کي
چيئين: هـِـنن ويچارن مسڪينن حق تي دانهون ٿي
ڪيون. هاڻي پاڻ جيسين صلاحون ڪنداسين، تيسين هي
شهر ۾ اچي پوندا، پوءِ پاڻ ماري ڪـُـٽي کڻي ڪڍيا
تڏهن به سومرن جي گهٽتائي ٿي پوندي ۽ ملڪ ۾ ڳالهه
هـُـلي ويندي ته ڦر ڪيئون سهي، پوءِ ماري ڪٽي
ڪڍيئون. هاڻي منهنجي مرضي آهي ته هتي کان واٽ تي
ئي خبرون پڇون. پنجاه منجهان پنجويهن يارن ۽ سؤٽ
ڀونگر کي چيئين ته اوهين هتي ئي ڪچهريءَ ۾ ويٺا
هجو، آءٌ پنجويهه همراهه وٺيو ٿو وڃان، اسين ئي
انهن جي لاءِ گهڻا آهيون.
ننگر يار سنڀرايا، پنهنجا پنجويهه يار
چؤنڪيون يار ننگر جون اچي ويره واه لٿيون
سلاماليڪم سپرين، وعليڪم سلام
ڪير آهيو، ڪيڏانهن وڃو، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: ذات جا آهيون مـُـغلا، ڦريون ٿا شهر بڪار
چئي: هتي نـَـر نبري هلو، پوءِ ڦـُـريو بڪار
مڙد گڏيا هئا مڙدن کي، جڙيا جنجيرن
هـَـڻ هونگار وائي وات ۾، پـُـرتي ڪونه پوي
جيئن اِڀلـِـي ڇـِـمڪي اُڀ ۾، تيئن ڇاٽ به ڇـِـمڪا
ڏي
ندين اُت رت واهيا، پيا وڳهه ڪوٽ وهن
اچي پيو هو لشڪر ۾، جيئن بحري باز ڇـُـڙيو
گهوڙو گهوڙي تي هڻيو، ماڻهو ماڻهوءَ تي هڻي
ساري حضرت شاه کي هن ڀـَـڙ اُڇليو ڀالو
ڪلنگين وارا ڪري پيا، ڇڄهرين ڪيو ڇڻڪو
مغل مري سڀ ماندا ٿيا، بيٺا گهوڙا گهوڙا ڪن
اُتي مڙيو يار ننگر جا، بيٺا ’علي علي‘ ڪن
ڏنئون لـُـک پٺاڻ کي، جنهن جون کـُـڙيون پـُـٽ
لڳن.
مغل هڙ ماري ڇڏيئون، باقي ٻه ڄڻا ڇڏيئون. ننگرجو
حڪم ٿيو ته انهن ٻن کي ڪجهه نه چئجو، ڇو ته ڀلي
وڃي عالادين کي خبرون ٻڌائين ته سومرا فضيلت اِجها
اِها ڪندا اچن. اُنهن ٻنهي کي کڻي ڇڏيئون. ورائي
ننگر چيو ته هڪڙي گهمري انهن کي ورائي وٺو. چيئون:
سائين، انهيءَ ڳالهه جو سبب ڏي، جو چوڻ ئي تنهنجو
هو ته ڇڏيونِ کڻي. چيائين ته: انهي ڳالهه جو سبب
آهي هيءُ ته پاڻ چڱا ڀلا کڻي ڇڏيا آهن، سي ٿڌا
ماجهاندا ڪندا، ساهيون کڻندا، ٽئي چوٿين ڏينهن وڃي
عالادين بادشاهه کي ٻڌائيندا. هيءُ رڳو سيگهه لاءِ
ڪم ٿا ڪريون ته انهن ٻنهي کي وٺي، اُنهن جا ڪن
وڍي، ٻـُـٽا ڪري ڇڏيون ته آزار کان جهٽ پٽ وڃي
عالادين کي ٻڌائين. پوءِ اُنهن جا ڪن وڍيائون، ڀڳا
ته ساجهر ئي تکا پئي ويا، وري انهن مان هڪڙو
ساهيٽو ٿي، ٻئي کي چئي ته: تکو ٿيءُ جو سومرن جي
حد مٽي هلون. اڳهرو سومرن کي پورو پيو هو ته ڪن
وڍيا هئائون، وري متان ڪو اهڙو خيال ٿئين ته مرڳو
ڪنڌ ئي کڻي وڍين، تڏهن ٿو چوان ته تکو هل! اچي
نڪتا عالادين جي شهر ۾. سندن به شهر اُهو هجي،
پوءِ الاجي هڪڙي کي ڪنن جو سـُـور گهٽ هو، تنهن
چيو ته هي ڀـِـتـُـون آهن پنهنجي گوٺ جون. وري هن
ساهيٽي ٿورو ٿڦڙ هڻي چيس ته: ٻيڙي تـَـرئي، ٻن
پهرن جو مس بڪار توڻي پهتا هئاسون ۽ چپٽيءَ ۾ جهٽ
پٽ پنهنجي ڳوٺ ڪيئن پهتاسين! پنهنجو ڳوٺ اڃان پري
ٿيو، پر جي ٿڪي پيو آهين ته اِتي کڻي ٿا ساهي
ڪـَـڍوُن. عالادين بادشاهه جي گهوڙن جي ڪا ڪـُـڙهه
هجي، اُن جي پاسي سان ڀاڻ جي اروڙي هئي، جنهن تي
ڪي ٺوٺا به پيل هجن، پـُـراڻا ڏَلهر رلين جا به
ماڻهن اُن تي اُڇلي ڇڏيا هئا. ساهيٽي چيو ته:
ڏينهن تتي جو اَروڙيءَ ۾ ڪنهن جو ڪم نڪو هاج. انهي
ڀاڻ ۾ ڏلهر ٺوٺن ۾ پورجي وڃون، پوءِ ڏسنداسين ته
ڪو ماڻهو ڇيڻو ڪونهي، تڏهن فضيلت سان پنهنجي ڳوٺ
هلنداسين. پوءِ انهن ٺوٺن ۽ ڏلهرن ۾ ٻئي ڄڻا
پـُـورجي ويا. اِتي عالادين بادشاه چنيسر کي
گهرايو ۽ چيئين ته: پاڻ کي اَٺين اٺين ڏينهن بڪار
جي ڦـُـر ملي، اڄ ڪنهن جو لشڪر موڪليو هئي؟ چيئين:
سائين! اڄ ته مون پهلوان پهلوان جوان چونڊي موڪليا
هئا. پٺاڻن جو لشڪر هو. مونکي پڪ آهي ته ڦـُـر ڪري
آيا هوندا. پر هو مغز ڪيو پڪ آهي ته ڦـُـر جو مال
گهر ويٺا کائيندا هوندا، هل ته هلي ڏسونِ. عالادين
۽ چنيسر چنبو چنبي ۾ ڏئي نـِـڪتا. قسمتن جا ڪم، جو
اچي لنگهيائي انهي اَروُڙي جي ڀرسان. عالادين هجي
اَروڙيءَ واري پاسي. ٺوٺي تي پير لڳو، ٺـُـڙڪو ٿيو
ته دانهن ڪيئون. ساهيٽي هـُـن کي چنبو هڻي چيو ته:
ٻيڙيءَ تريا! ويجها اچي ترسياسين، تڏهن ته ڀاڳيا
اچي پهتا. هاڻي جي اروڙيءَ پاسي پيا ڏڪنداسون
ٿڙڪنداسون ته ماڳهين مارجي وينداسين. ٽهڪري نڪري
ٻاهر ته ٿيون ته سويري وارا ٻـُـٽا آهيون. ڏس
اڳهرو به ڇڏي ڏنو هنئون نه؟ نڪري ٻهر ٿيا، ڀاڻ ۾
ڀريل، پگهر ۾ شل، ڪنن تي هٿ، ٻيٺا ٿيا بيٺا هجن،
ڏڪن ۽ ٿڙڪن پيا. عالادين بادشاه ڏسي ته ڳالهه جي
نڪا هوءَ ٽيم نڪا هيءَ ٽيم، نماز به ته ڪانه ٿا
پڙهن! چنيسر کي پڪ ٿي وئي ته هنن کي جٺ به پوري
پوري ٿيل آهي، پر عالادين سان سچي نه پيو ڪري.
عالادين به اڳيان بادشاهه آهي، دريافت ڪري چيئين:
اڙي چنيسر! تون انهن ڏي گهڻو پيو نهارين؟ چيئين:
جي اهي ٻئي ويا هئا ته رقم سـُـتـِـي. هي ڀاڻ ۾
ڀريا پيا آهن، پگهر ۾ شل. ڪهڙي ويڌن ٿين؟ چيئين:
بادشاهه! انهي ڳالهه جي سمجهه نٿو رکين! چئين:
ڪهڙي سمجهه رکان؟ چنيسر چيو ته: اُتئين سڀئي گڏجي
ڦـُـر ڪري آيا. ٻيا ڦـُـر ويٺا گهر کائينِ، هنن کي
ڪا پنهنجي پـَـتـِـي ڏني هئؤن، سي بـَـڊُون ٻڌيون
کڻيون آيا. پاڻ کي اٿن ڏٺو، سو انهي اروڙيءَ جي
ڏلهرن ۽ ٺوٺن ۾ اٿن لڪائي ته متان بادشاه وٽ ظاهر
نه ٿئي. هي ته مشڪريون ڪري پيا ڏڪن ۽ ٿڙڪن.
عالادين چيو ته: پوءِ پهرين انهن کان ڦـُـر ظاهر
ڪريون. ٻين کان پوءِ هلي ثابتي وٺنداسين. ڀلا
ڦـُـر پڪ سان اِنهن ٺوٺن ۾ آهي؟ چنيسر چيو ته: پڪ
سان. چنيسر جو چوڻ ڪري، اروڙيءَ جي ٺوٺن کي کڻي
اٿلائي ته ڪم ئي ٻيا لڳا پيا هئا. چيئين: وهه ڙي
چنيسر واهه! لکن جي ڦـُـر ظاهر ڪرڻ نڪتا آهيون ته
تون وري چرچا ڀوڳ پيو ڪرين! هي مهل ڪا ڀوڳن جي
آهي؟ چنيسر چيو ته: سائين! مون کان برابر چـُـڪ ٿي
آهي، مون ڀوڳ ڪيو آهي. هاڻي سچي ڳالهه ٿو ٻڌايئين
ته برابر اهي ٻئي ويا هئا، هاڻي انهن کي جي
ماريندين ڪـُـٽيندين ته به لکن جي ڦـُـر ظاهر ڪونه
ڪندا، باقي هڪڙي ڳالهه آهي ته جي انهن جي کڻي
ناموس ظاهر ڪرين. هاڻي عالادين، چنيسر جو چوڻ ڪري،
انهن ٻنهي جي ناموس ٿو ڪري. چنيسر چيو ته: منهنجي
صلاح توکي وٺڻي آهي ته لکن جي ڦر ظاهر ٿيڻي آهي.
ڀلي آيا آهيو مـُـغلا، ڀلي آيا آهيو جـُـوان
ڏيکاريو ڦـُـر بڪار جي، اَن جي مـَـرڪي ڏيهه ڏسي
چئي: ٻن پيو شهر بڪار جو، ٻن پئي اَن جي ڦـُـر
کڙو هنيو اَٿو ککر ۾، جنهن جا ڏينڀو ڏور ڏنگين
هو آهن بلائون بڇڙيون، سڱ نٿيون جي ڏين
اسان تان گـُـٿائي ڪينڪي، هنن جون اکيون تو ۾
آهينِ
هاڻ ورو پوئتي، نه ته صبح جو ڪـَـن ڪپين.
ننگر، سؤٽ ڀونگر کي چيو ته: ادا، هاڻي هنن وڃي
عالادين بادشاهه کي ٻڌايو هوندو. عالادين ڪا
گهٽتائي ڪندو ڪيئن؟ چوندو سومرا آهن، الائي ڪير
آهن. منهنجي نوڪرن ۽ ٻيلين ٻانهن سان ٿا وڙهن.
جنهن مهل منهنجي رُخ تي چڙهيا، تيڏي مهل آءٌ
ڀـُـڃي ڇڏيندوسانِ. اُتي پيو عالادين بادشاهه گز
اُڇليندو هوندو. منهنجي مرضي آهي ته ڪاهي ڏسون
عالادين بادشاهه کي.
ڏينهن سـُـومار سومري سان، چڙهيا اُڙد اچن
وٽـِـي ننگر جي هٿ ۾، وِرڇون يارن کي ڏي
ڀريو دُنگ دارونءَ جا، پيئندا پاڻ اچن
چون ٿا يا ننگر کي، جوٽ جنگيون ٻيون.
هنن مان هڪ مغل رلندي ڏسي ورتئون. يارن چيو ته
اسان کي رخصت ڏي ته انهي سان ڪا فضيلت ڪريون. ننگر
چيو:
ائين پاڻ وڙهون ته پنهنجا ڪـَـچا قرب ٿين
بادشاهن اُمرائن سان پيا چوريءَ چور وڙهن
پاڻ چڙهون چؤرنگ تي، ته دودي سان ڳالهيون ڪن.
ڀلي وڃي دودي سان ڳالهيون ڪن. ته سومرا ٻولائيندي
وڙهندا آيا. هن کان وڌيڪ ڪجهه ئي نه چيئون. رڳو
ٿورو ٿڦڙ هڻي پڳڙي لاهي وڌوئونس ته: سچي ڪر، اڳيان
ڪچهري ڪنهن جي آهي؟ چيئين: ٻيلي! وڙهڻ جو ڪم
ڪونهي، ڏَسڻ جو ڪم آهي. چيئونس: ڀلا ٻڌاءِ. چئي:
اڳيان ڪچهري آهي تمر وزير جي. وري قسمتن جا ڪم،
جيڪي ٻئي ٻـُـٽا، سي به ڦـِـري سـِـري انهيءَ
ڪچهريءَ ۾ ٿيا. انهن سان خبرون ڪيئون ته: ٻيلي!
دودو پيو اچي. هنن کي خبر نه هئي ته ڪو ننگر آهي.
پر ڪچهري وارن ٻڌايئون ته دودو پيو اچي، سو مصيبت
وجهيو پيو اچي، نڪو سانگو نڪو صرفو ۽ اچي به اِنهي
مـُـنهن کان پيو، اوهان جي سامهون. دڙڪن هنن
ويچارن جو اڳئي ساه ڪڍي ڇڏيو هو. ننگر به انهي
ڪچريءَ تي اچي نڪتو.
اُرهاٽيندي تمر وزير جو، ڪيو ننگر نر سلام
ننڍي وڏي وائي وات ۾، بيٺا دودو دودو ڪن
ماٺ ڪريو ته مڙي وڃي، آهي دودو پاڻ جوان.
جيڪا ٻـُـٽن هنن کي پچار دودي جي ٻڌائي هئي، تڏهن
ٿي ”دودو دودو“ ڪيئون. متان ڀـُـل چڪ ۾ڪو سلام وٺي
ويهي، آزار ۾ چڙهي وڃون. پاڻهي بيهي ويون اٿن جو
سلام ئي ڪنهن ڪونه ورتو. ويچارن جا ساه سـُـڪي
ويا، ٻڪرين وانگي هڪٻئي ۾ سوڙها ٿي ويا، هاڻي
مـَـنگهي ڪري ڇڏ (پاسو ڪري وڃ). منهنجي ته هنن کي
خبر ئي ڪانهي ته ننگر آهي، هي پيا ڪن ’دودو دودو‘
. سو به ٻه چار قدم هلي وري بيهي رهيو. خيال
ڪيائين ته هـِـنن کان پاسو آءٌ بلاشڪ ڪري وڃان،
متان هن ڪچهريءَ ۾اهڙا ئي ڪي مڙس هجن، جيڪي پرپٺ
لافون هڻن ته هي مڙس ته ڪو ٻيو هو. اسان کي هـِـنن
ٻـُـٽن ڊپ ڏنو دودي جو. مـُـڙس دودي جي نالي ۾
لـِـڪي ويو. ٻيو ڪهڙو ئي هجي ها ته اسين ڀـُـڃي
ڇڏيونس ها. پوءِ جو لافون هڻندا تنهن کان اڳو پوءِ
پنهنجو نالو ظاهر ڪري وڃان. تڏهن هنن کي چيائين
ته:
دودو ڪين آهيانوَ، آهيان دودي جو دروان
دودو چڙهندو جنگ تي، تڏهن وڻ ڇڏيندا واء
رئي کان اڀ لٽجي ويندو، سج جي نه پوي سماء
وهندل درياء بيهي ويندا، سـِـپـُـون ڇڏيندو ساء
مـِـٺڙا کوهه کري ويندا، ساوا باغ سڙنداء
ناء رکندو اچي ترار جو، سـِـسـِـي ڇڏينديون ساء
آءٌ دودو ڪين آهيان، ننگر اَٿو منهنجو نانء.
هـُـنن چيو ته: ننگر آهين ڪـِـي دودو آهين، اسان
جو ٿو وڃي ساهه. توکان ڀلا خبرون چارون پڇيون ڪنهن
آهن؟ چيئين: هاڻ ڳالهه سولي ٿي. چيئون: پاڻمرادو
ٿو ڳالهيون ڪرين، اسان ته ڪين پڇيون. چيئين: هاڻي
ٻڌايو ته اڳيان ڪچهري ڪنهن جي آهي؟ هنن چيو ته:
اسان جو به عرض آهي هڪڙو ته هاڻي ڀلي اوهين روانا
ٿي وڃو، جي سامت ۾ آياسين ته ٻڌائينداسون نه ته
اِها ميار نه ڪجئين. پوءِ هنن سڏ ڪري ٻڌايو ته:
اڳيان ڪچهريءَ اَٿو نظر وزير جي. پنجاه يار، ننگر
۽ سؤٽ ڀونگر هاڻي اڳتي چڙهن.
اُرهاٽيندي نظر وزير جو، ڪيو ننگر نر سلام
هـُـن بانور آندو بڇڙو، وٺي ننگر جو نه سلام
تو جيڏا، تو جهڙا، مون ڪئين ڪٺا آهن جوان
آءٌ آرس مرندي نه اُٿان، جيسين مـَـٽيو وڃي سالار.
سالار آهي عالادين بادشاهه جو پـُـٽ. تنهن جي آءٌ
پيو ڇـَـماهي کان. مون پنهنجي بادشاهه جو به سلام
نه ڪيو آهي ۽ لنگهي به سدائين منهنجي طنبو وٽان
ٿو. اڃا ميل ڏيڍ پنڌ جو پري آهي، آءٌ ڀانيان
پنهنجي بادشاهه جو سلام اُٿي ڪريان. پر آءٌ تيسين
پيو آرس ڀڃان، هو اڳئي مـَـٽيو وڃي. ننگر کي
چيئين: آءٌ پنهنجي بادشاه جو به سلام ڪونه وٺان،
تون ڪهڙي ٻـُـوٿي آهين، جو تنهنجو سلام وٺان؟ ننگر
کي به جواب ڏيڻو پيو:
بانور آندو اٿئي بڇڙو، اهو لهي ويندئي واءُ
جي نه بابو سڀاڻي پرچي پيو ته توکي ڏنا ڏينهن خدا.
صلح ٿي پيو ته پوءِ نڪو جهيڙو نڪو جهڳڙو. جي ڪا
ڪيائين جهيڙي جهڙي ڳالهه ته پوءِ:
چـُـنڊي ڪڍئين اُڙدن مان، جيئن ڪنگ چنڊي ڪـُـرڙي.
پهرين توسان خبرون ٿينديون، ٻين سان پوءِ تڏهن
ننگر کي چيئين: ڀائو چريو ٿي پيو آهين ڪيئن؟ آءٌ
ته ڀائيبند آهيان. اٽو توريان، ڪاٺيون توريان،
وَڇات آهيان. ننگر ڏٺو ته ڀاڙي ٿي پيو آهي، تڏهن
چيائينس ته: اسان چرچو ڀوڳ ڪيو آهي. پوءِ پڇيائينس
ته: اڳيان ڪچهري ڪنهن جي آهي؟ چيئين: اڳيان ڪچهري
آهي بيگ وزير جي. هاڻ بيگ وزير جي ڪچهريءَ تي ٿا
وڃن سڀ سنگت ڪريو.
اُرهاٽيندي بيگ وزير جو، ڪيو ننگر نر سلام
بسم الله ڪري بيگ، ورتو ننگر جو سلام
چئي: پيچ سڃاتم پٽڪي جو، تون پـُـٽ چنيسر خان
سـُـوڌو آهين سومرو، ننگر آهي تنهنجو نانءُ.
ننگر چيو: آفرين اٿئي جوان جا پـُـٽ!
سڄي سـَـينا گهمندو اچان. خبر ٻڌاءِ ته تو مونکي
سڃاتو ڪيئن؟ بيگ چيو ته: پڻهين جڏهن چاچهين وٽان
ڪاوڙجي اچي خود دِليءَ ۾ عالادين بادشاه سان سچي
ڪانه ڪئي هئس، چيو هئائين آءٌ پرڻيل ئي ڪونه
آهيان، ڪنوارو آهيان. تڏهن مون سان پڳ مٽ يار ٿيو.
مون سان سچي ڪئي هئيئن ته آءٌ پرڻيل آهيان. منهنجا
پٽ آهن ٻه- هڪڙي جو نالو ننگر، ٻئي جو نالو محمد.
پڻهين جو ڀير به توکي ٻڌل آهي. مون کي به سڄي عمر
گذري ويئي پر تو جهڙي شهزادي جوان ڪونه اچي سلام
ڪيو آهي، تڏهن ڀانيم ته چنيسر جو پٽ ننگر تون
آهين. ننگر چيو ته: بابي جو يار آهين ته منهنجو
چاچو آهين. آءٌ آيو آهيان بابي کي وٺڻ ۽ پرچائڻ.
تون چاچو آهين، مون سان همدردي ڪر، بابي کي
سمجهاءِ. هاڻي ٻيون ڳالهيون سڀ چڱيون ٿيون. بابو
آهي ڪعبو قبلو. پهرين بابي جي ڪچهري مون کي ٻڌاءِ
ته ڪٿي آهي ته هلي ڏسون. چيئين: اُها توکي ٻڌايان
ٿو. پهرين هڪڙي ڳالهه مون کي سچي ٻڌاءِ. ننگر چيو
ته: تون بابي جو يار، منهنجو چاچو ٿئين، توسان آءٌ
ڪوڙي ڪندس؟ هاڻي ٿو پڇيس:
سل سچي ڪر سومرا، تون پرڻيل جان ڪنوارو
ننگر چيو ته:
منهنجا وڳهه ڪوٽ ۾، چاچا ڳاڙها دُهل وڄن
چنڊ منهنجو ڪندا پرڻو، سڏيو ٿا سومرا ڏيـن
پيءُ پرچائي پنهنجو، وڃي مـَـنـَـهـَـن مرڪايان.
رڳو بابو هلي، شاديءَ ۾ دير ئي ڪانهي. هاڻي ٿو بيگ
وزير ٻڌائيس: بابا!
منهنجي صلاح اٿئي ته تون وڃي پنهنجي وَنـِـي ماڻ.
هـِـن پـِـٽيل دليءَ ۾قول ڪيو آهي، ڪڏهن ڪونه
هلندو. ننگر چيو ته: چاچا!
صلاح تنهنجي اسان کي دل سان خوب لڳي، پر مائٽ آهي
ڪعبو قبلو. ورهين جا ٽـُـٽل آهيون، هيڪر ڏِسيو ته
وڃونس. جي نه هلندو ته گـِـهلي ته ڪونه کڻي
وينداسونسِ. بيگ چيو ته: جي هروڀرو اُن کي ڏسڻو
آهي ته ڪارو طنبو جيڪو ڏسجي پيو، سو آهي چنيسر جو.
ننگر جيڪو منگتو کنيو هو، ان کي چيئين ته: مون
توکي جهيڙي جنگ لاءِ ڪونه کنيو آهي. بابي کي وڃي
ڏسي آءُ ته ڪهڙي خيال ۾ آهي، پوءِ اسين پاڻهي
وينداسين. هاڻي منگتو ٿو وڃي.
سلاماليڪم سپرين، وعليڪم سلام
چئي: ڀلي آئين منگتا، مونکي سـُـرهو ساج ٻـُـڌاءِ
چڱيون ڀليون آهن سومريون، چڱا ڀلا اٿم ٻار!
ننگر ڇڏيو هئم تنجڻين ۾، تنهن جا مون کي ڏي پار.
منگتو خوش بهار ٿي ويو، ۽ جواب ڏنئين:
ننگر ڇڏيو هئئي تنجن ۾، اُهو گهوٽ چڙهـِـي گهوڙي
لشڪر عالادين جو ٿو ڪيهر ڪـُـلها موڙي
هـُـو چڙهيو اچي عالادين تي، مـُـنگهه مڇون موڙي.
جنهن مهل ننگر جي خبر ڏنئينس، ته جهڙو بـُـنڊ
ڪـِـري پيو، ماٺ ۾ اچي ويو. ورندي ڪانه ڏنائين.
منگتو وري آيو ننگر وٽ ننگر چيس ته: ٻيلي منگتا!
خبرون ٻڌاءِ. منگتي چيو ته: وڏيءَ حـُـب مان
تنهنجون خبرون پڇيائين. مون چيو ته هيڏيءَ حـُـبَ
مان پيو پـُـٽ جون خبرون پڇي، تنهن کي اکئين
ڏيکاريندس ته هيڪاري خوش ٿيندو. پر هو گندي تاڻي
سمهي رهيو. وڌيڪ نڪي ڪڇيو نڪي پڇيو. ننگر سؤٽ
ڀونگر کي چيو: چاچو بيگ وزير به اِتي رهي، يار
پنجاه سي به اِتي رهن، پهرين ٿا پاڻ هلونس. تون
آهينس ڀائٽيو، ڏسون پاڻ سان ڪهڙي خبر ٿو هلائي.
ميڙون منٿون، چاچو بيگ وزير ۽ ٻيا يار آهن پوءِ
پهرين ٿا پاڻ هلونس. هاڻ ٻئي سؤٽ ٿا وڃن.
چنبو چنبي ۾ ڏئي هليا، دُرس چڙهيا ديوان
پايو پاند ڳچيءَ ۾، ننگر پيرين پيءُ کي پئي
بابا! اسم اٿئي الله جو، دُهل نه منهنجا جهلاءِ
پـر مـُـٺو مڃيئي ڪونه ٿو، اُڇليو ٻانهن ڇڏي
وريو به پايو پاند ڳچيءَ ۾، پيءَ جي پيرين پئي
بابا! اسم اٿئي الله جو، مون کي ڇڏجئين نه موٽائي
پر پٽيل پرچي ئي ڪونه ٿو اُڇليو ٻانهن ڇڏي.
چنيسر نڪي ڳالهائي نڪي ٻولهائي. نڪي اُٿي نڪي
ويهي. سؤٽ کي ننگر چيو ته: ادا جي ڪاوڙيل ماڻهو نه
ڳالهائيندو ٻولهائيندو، سو پرچندو ڌوڙ مان؟ هاڻ
پاڻ هل ته پوئتي هلون. هي پاڻ سان هلندو ئي ڪونه.
ٻه چار قدم پوئتي کڻي ويا، تڏهن سؤٽ ڀونگر کي
چيئين: ادا! هڪڙي مون کي روح ۾ ڳالهه آئي آهي.
ڀونگر چيو ته: جيڪي چوڻو هجئي، بلاشڪ چئينس، هلون
هـُـونئـيِ ٿا. ننگر چيو: ڙي بابا! توکي ننڊ ڪانهي
ڪا، تو هنيو آهي ڇـَـهـَـل، هـُـو اٿئي ڀائٽيو،
آءٌ آ هيئين پـُـٽ، اسين بيٺا اَرداسون ڪريون،
هيڪر اُٿي اسان سان ملين ته ها پوءِ کڻي چار
ڳالهائڻ ڏين ها، چار چنبا هڻين ها، اسان کي دل ۾
ئي ڪانه ٿئي ها. پر هاڻي ٻڌاءِ ته ڳالهه ڪهڙي آهي،
جنهن جو تو کي ايترو زهر چڙهي ويو آهي؟ اها جيڏي
مهل ڪيئينسِ، تيڏي مهل ٽپ ڏيئي اُٿي ويهي رهيو.
هاڻي چنيسر ٿو ٻڌائي ته:
پڳ ابل يار جي، مونکي ڏيکاري ڦـُـري ويو
ننڍي وڏي پئي جاڙون ڪيون، مون سان دودي ڀاءُ
ٻاگهيءَ ٿي مهڻا ڏنا، زال به سي تـُـنڪا
نڪتو هوس شهر وڳهه مان، سڀئي لاڳاپا لاهي
ڀاءُ ويس پئي ڀر منجهئون، تڏهن ورتئين ڇو نه واري
آءٌ ڀاءُ ٽنگايان ڀالن ۾، جنهن جو اکئين ڏسان رت.
اتي ڪيهر ڪنڌ مٿي کڻي وري ننگر ڳالهايو:
بابا! اسان جهڙا نينگرا، تو کي رب ڏيندو ٻيا گهڻا
باقي ڏاڏو ڏاڏِي وري ڪين ايندا، نڪي ڀاءُ ڄڻي
ڏيندا
تڏهن به پـِـٽيل پرچي ڪينڪي، بيٺو ننگر ڳالهائي.
ننگر جي ٻانهن چنيسر ڇنڊي ڇڏي. دل ۾ ڳالهه وسي ويس
ته برابر ڀاءُ وري ڪين ٿيندا. هاڻي پـُـٽ منهنجو
ننگر اهڙو قابل آهي، جو اسين ٻئي پيءُ پٽ پاڻ ۾ هڪ
ٿي وڃون ته دودي کان پڳ اسين ٻئي کسي وڃون. هاڻ ڇو
نه پـُـٽ کي آءٌ پنهنجي پاسي ڪريان.
پـُـٽ ڦـِـري ٿيءُ پيءُ جو، توکي چاچا ڪم نه ايندا
مٺا نالا اَبن جا، توکي اهي ڪم ايندا
اِتي ڪيهر ڪنڌ مٿي کڻي ننگر ڳالهايو
ته بابا! تون ڇڏي وئين تنجڻن ۾، مونکي چاچي نپايو.
پر دودي ڇڏيم ڪونڪو، جنهن ناٺي يار ڪيو
هاڻ هتي ڦـِـران فوجن وچ ۾، وجهان لکن کي لاهي.
ننگر چيو ته: بابا! هتي ٻي ڳالهه ڪانه ٿيندي، باقي
اُتي هلندين ته اسين تنهنجا ٻچا ٻيلي ٻانهان
آهيون. هـِـتي ڳاڃ ڳري ويندا، تنهنجو طرف نه
وٺندس. چنيسر کي ڪاوڙ آئي ته پـُـٽ ۽ اهڙا آڏا
جواب ڏئي!
سو پـُـٽ تي لٺ کڻي اٿيو. ننگر جا يار به ويجها
بيٺل هئا، تن چيو ته: اهي فيصلا دودي جي اڳيان
ٿيندا، هتي اسين پنهنجي يار کي ڪٿي ٿا مارڻ ڏيون.
پيءُ هوندو ته ڇا ڪندو؟ هاڻي ته اسين به ڪـَـڏو،
ٻـُـرِي، اَن ڪري ٿا ڏيون. جهڙو ننگر هو، يار به
اهڙا ئي هئا. هاڻ هنن کي ٻيو ڪير جهلي سگهي؟ تڏهن
وري ٿو ننگر جهلي:
لـَـڪڻ کڻي لوهـِـيڙي جي، ننگر تي يار وريو
ته وريا يار ننگر جا، آيا اوڏيءُ ويل ڌري
تڏهن ڪيهر ڪنڌ مٿي کڻي ننگر ڳالهايو:
ته يار!
اسم الله جو، بابي کي ڌڪ نه هڻو
ڪانيارو نه ٿيان قيام ۾، چوندا ته پـُـٽ ماريو هو
پيءَ.
چنيسر روح ۾ ڳالهه ڳڻي ته پـُـٽ ته منهنجو پنهنجو
هو، پوءِ ڪاوڙ الائي سچي ڪيم يا ڪـُـوڙي ڪيم، ۽
ننگر جا يار آيا آهن مورڳو مارڻ جي لاءِ!
چئبو ته هنن جي صلاح يڪي هئي. هي ته سڀ دشمن چئبا.
هاڻي هـِـنن سان ڪا رمز ڪريان. پوءِ پـُـٽ ۽
ڀائٽيي کي گهرايئين، چيئين ته: بابا! گهڻئي ڪي ڪاوڙون هيون، پر توهين پـُـٽ ڀائٽيو ٻئي لنگهي
آيئو، مون سڀ ڳالهيون ڇڏيون. آءٌ اوهان سان هلان
ٿو. پر هتان اوهان سان پرٻـَـهرو هليو هلندس ته
پاڻ سومرن ۾اِهو ٽـِـڪو ٿي پوندو. چوندا پنهنجا
ڏٺئين، السلام عليڪم ئي ڪانه ڪيائين. هاڻي پنهنجي
صلح پرچاءُ جون ڳالهيون ٿينديون عالادين بادشاهه
جي اڳيان. ننگر چيو ته: بابا!
عالادين بادشاه جي اڳيان ڇو ٿو چوين، جتي چوندين
اُتي اسين اينداسين. چنيسر چيو ته: جمعي جي ڏينهن
جامع مسجد ۾ اوهين به اچجو اتي، اتي پاڻ ڪنداسين
هڪٻئي سان صلح ۽ محبت جون ڳالهيون، پوءِ آءٌ اوهان
سان هليو هلندس، اها پڪ ٿي. هنن کي پـَـڪـُـون ڏئي
آيو عالادين بادشاه وٽ. عالادين کي چيئين: بادشاه! جيڪو مون توکي دايو ٿي چيو ته ميڙ ٿيو پيو اچي پرچائڻ
لاءِ، اهو سچ پچ دايو آهي. انهيءَ کي ٻول ۾ آءٌ
ٻڌي آيو آهيان. هاڻ جمعي جي ڏينهن پنهنجو لشڪر
هٿيارن پنهوارن سان انهي مسيت ۾ وٺي هلجئين. تو ٿي
مون کي چيو ته پنج سؤ لشڪر جا وٺي وڃي مارائي اچ،
پر هاڻي تون هٿ سان مارائج. هـُـن سان هو خبرون ته
هـُـن سان هو خبرون.
جمعي جي ڏينهن ٿيو، بادشاهه پنهنجي هٿيارن
پنهوارن سان فالم ٿي جامع مسيت ۾ آيو. سونين سرن
جو فرش وڇايو پيو هجي. عالادين بادشاهه ويٺو. لشڪر
سڄو تيار. هاڻي وري ننگر ٿو پنهنجي يارن کي چيو:
يار! مبارڪون هجنانوَ. چئي: ادا!
لک مبارڪون، پر ڇا جون؟ چئي: صلح ٿو ٿئي. يارن يو
ته: لک شڪرانا، پنهنجي دودي اڳيان سوڀ ٿيندي جو
پرچايو وٺي ٿا هلونس. هاڻ پنجاهه يارن، ٻئي سؤٽ ۽
منگتو ٿا جامع مسيت ۾ چنيسر وٽ وڃن:
ڏينهن جمعي جي سومري سان، چڙهيا اڙد اچن
اُرهاٽيندي لشڪر ۾، اچي کٻي هٿ ڪيئين سلام
اتي ڪـيـهر ڪنڌ مٿي کڻي، عالادين ڳالهايو
ڪير آهين ڇوڪرا!
جو کٻي ڪرين سلام
تڏهن ڪيهر ڪنڌ مٿي کڻي وري ننگر ڳالهيو:
سڄي سلام ان جو، جنهن جو مديني منجهه مقام
تو جهڙي تـُـرڪ جو ڪنديون تراريون سلام
آءٌ پـُـٽ چنيسر خان جو، آهيان ڀائٽيو دودل راء
سـُـوڌو آهيان سومرو، ننگر اٿئي منهنجو نانءُ.
عالادين بادشاهه اکيون پـَـٽيون ته هي ڳالهه ڪيئن؟
چنيسر کي گهرايئين: اڙي چنيسر! مون کي ٿو چئين ته
آءٌ ڪنوارو ئي ڪنوارو ۽ هي ڇوڪرو ڇا ٿو چوي؟ چنيسر
چيو ته: ڇا ٿو چوي؟ عالادين چيو ته: ڇوڪرو ٿو چئي
ته آءٌ چنيسر جو پٽ، دودي جو ڀائٽيو آهيان، ننگر
منهنجو نالو آهي، آءٌ سومرو آهيان. اها ڳالهه ڪيئن
آهي؟ چنيسر چيو ته: رڳو ڇوڪري جي ڳالهه ٻڌي اٿئي،
منهنجي به ٻڌ. مون جيڪا توسان دليءَ ۾ ڳالهه ڪئي
آهي، اُها سچي آهي.
نڪو آهيان آءٌ پرڻيل، نڪي منهنجو وياء
هي ديميون ڏسي دهليو، جنهن جو سـُـڪي ويو ساهه
اڃ مرندي ڪٿان آئيو، تڏهن وٺي ٿو منهنجو نانءُ.
شايد اڃ مرندي ڪٿان آيو آهي، جو هوش سلامت ڪونهيس.
ڀانئي ٿو ته چنيسر جو نالو وٺان ته من بچي وڃان.
ننگر دل ۾دريافت ڪئي ته صلح ٺهراء ته وڃي کڏ ۾
پيو، هي ته مرڳو مڃي ئي نٿو. فوجون بيٺيون آهن،
ڪٽڪ بيٺا آهن. يار چوندا ته اهي ڏسي ڊڄي ويو. سو
هاڻي چئينس ته سچ، پوءِ لـِـکيون لڳن. هاڻ ننگر ٿو
چئيس:
حيف چنيسر لعنتي، تون واتئون ڪين وڃاءِ
هئين گهڻو تون سومرو، پر کريل تنهنجي ماءُ
هاڻ ڪريئين ٿو پـُـرس پڌرو، تو لوهر لڄائي ماءُ.
عالادين اِتي اک پـَـٽـِـي. چيئين: اڙي چنيسر!
منهنجي آڏو کڻي کٻي هٿ سلام ڪيئين، توکي ته
مـُـنهن تي بيٺو گاريون ڏي، اها ڳالهه ڪيئن آهي؟
چنيسر چيو ته: عالادين بادشاهه! ڇوڪرو جيڪا ڳالهه
ڪري ٿو، اُها ڳالهه اٿئي سچي. عالادين چيو ته:
هيڏا ڪوڙ ڳالهايا اٿئي؟ هاڻي ٻيون ته سڀ ڳالهيون
ڇـُـٽيون. هڪڙو اٿئي ڀائٽيو، ٻيو اٿئي پـُـٽ،
جهيڙا جنگيون ڇـُـٽيون. هاڻي تون هـِـنن سان گڏجي
وڃ. باقي هڪڙي ڳالهه آهي ته تو جيڪو مون کي ٻاگهي
جو سڱ باسيو آهي، اُهو ڪيئن ٿيندو؟ چنيسر چيو ته:
انهيءَ شيء جا وارث اسين آهيون ٻه، دودو ۽ آءٌ.
مون جيڪا ڳالهه ڪئي اُها پڪ آهي، باقي منهنجو دودو
ڀاءُ، هي ننگر پـُـٽ منهنجو آهي. هي آهي دودي جي
زبان. اِهو ڏئي هلندو ته دودو انڪار ڪونه ڪندو.
ٻاگهيءَ جو سڱ گهـُـر انهي کان. عالادين چيو ته:
جيڪو هروڀرو پيو وڙهي، تنهن کان وري سڱ ڪهڙو
گهربو؟ چنيسر چيو: عالادين! اسان دودن جا تاءَ آهن
پهريان. ڀلي هڪڙو سڱ ڇو ٿو گهرينس، ڏهه کڻي
گهرينس، ڪـُـڇندو پڇندو ئي ڪونه. هاڻي عالادين ٿو
ٻاگهيءَ جو سڱ گهري ننگر کان:
اوهين ڀائر پرچو پاڻ ۾، ٻاگهي ڏيو مون
سڀئي سومريون پڙهايان سونَ سان، دليءَ تاڻـِـي
ڀـُـون
ٻاگهي وڳهه ڪوٽ مان اچان لانئن ساڻ لـَـهـِـي.
جنهن مهل عالادين، ننگر کي ائين چيو، ننگر ڪاوڙ ۾
ڪارو ٿي ويو. جهيڙا جنگون پنهنجي سـَـئـِـين رهيا.
هاڻي ڪاوڙجو ننگر ڇا ٿو چويس.
مون ڀانيو ته بادشاهه، پر پيڙهي تنهنجي پـَـڇ
ڊڄان ٿو ڊاءِ خدا جي، نه ته ڦـُـري وٺئين تخت
هجئي ڪا چاچي مامـِـي سان منهنجي يارن کي پرڻاءِ
هجئي ڪا ڀيڻ ڀاڄائي، منهنجي پنجاه کي پرڻاءِ
هجئي ڪا ڀائٽي ڀاڻيجي، منهنجي محمد کي پرڻاءِ
آءٌ ته آيو آهيان تو وٽ، مون کي اُٿي موڙ ٻڌاءِ
تڏهن به مـَـٽ نه ڪريئين پنهنجو توڙي ڏئين سڳي
ماءُ.
-----------
|