سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 12

 

 

ننگر جو چاچي وٽ اچڻ:

رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
غوث بهاؤ الحق جو نر هنيو نعرو
وڳا بگل بهادري، ڌڪڙ ڌان ڌان ڪن
ناز نفيلون وڳيون، ٻـَـڌا سٽڪا ستارن
شرنايون ۽ سرندا ٻيجهي پاس ٻـُـرن
ڪئين ڀٽ ڀان هئا سي ڪهندا ڪبت اچن
ايڏي الغار سان اچي ننگر گوڏو ڀڳو گلمن.

دودي ڳالهه ڪئي ننگر سان:

چيم چنيسر راءَ کي، ابا! وات ڪڍي وائي
ويهه ڪچهريءَ وچ ۾، ادا پڳ مـَـٿهـِـين آئي
سو سٿ نه ويٺو سومرو، ويو ماڳ پڇڻ مائي
مون سان ڪوڙي ڳالهه ڪري، ڀاڱي نه ٿيو ڀائي.

ننگر جو چاچي کي جواب ڏيڻ:

چاچا! تنهن بابل جا ٿا پلٽيو پور پون
کائڻ نه اچن کومچا، وِهه ٿا طعام لڳن
سمهڻ نه اچي سيج تي، منهنجي آرام نه اکين
ماڻهو ڏين مهڻا، مون کي جـُـلبا ٿا جاڳن
هينئون ڦاٽيو اڌ ٿئي، منهنجا ڦڦڙ ٿا ڦڙڪن
ڪـَـيـَـئـِـين ويڙهه وڳهه سان ته منهنجا مـُـزرا راڄ ڏسن
اهي تختا هڻي تختن تي، ڪـَـيـَـئـِـين آڏو امرائن
پر ڏنئي سڱ سونڻ جو، منهنجا لهيو لـُـڙ وڃن
هاڻي اُڇلي هڻ آڙاهه ۾ آيو ٿئي ننگر نوابن.

دودي جو ننگر کي چوڻ:

مـِـٺو آ رت اَبل جو متان ننگر وڃين ڦري؟
چئي: چاچا! ڦران تان ڦـُـرجي وڃان، ويندس ماڳ مري
لاهه ننگر تان آسرو، ايندءِ کهنبن منجهه کڄي.

---

اڌ آکيائين وات ۾ ته ڪـَـيـِـس ڌڙَ ڌڪاءُ
اُلٽيو ۽ ڪريو پوي ڪونڌر کٽ مٿاءُ.

پوءِ ننگر کي دودي چيو ته:

ننگر! سون پڻهين جي سر تي، اهو سون به شرمندو آهه
اڄ نه ڄاڻان ڪهڙو، جنهن کي چوڏهن ورهيه ٿيا.

---

ڪارو طنبو پڻهين جو، هوندس ڪارو ويس
ميناڪاري مولهيو، هوندس نـِـيرو چڙهيءَ هيٺ.

---

ڇنڇر ڇيهه نه وڃجي، اُلهندي آچار
منگل ٿئي مامرو، سومر سولو وار
اُتم ڏينهن اربعا جو، نالو جنهن جو نار
خاصو ڏينهن خميس جو، جنهن کي جوان چون ٿا جوءِ
چڙهجان ڏينهن جمعي جي، پڄاڻان پوءِ.

---

راڻيءَ چيو ٻانهيءَ کي، در دائـِـي کي داناهه
هندوري هيبت گهڻي، منهنجي کٽ کائي دهڪا
ٿنڀ، ڪامون ٿڙڪي ويا، پيو پٽين ۾ پڙلاءُ
متان عالادين اچي ويو، لکيءَ در مٿانءُ.

تڏهن دائيءَ سونڻ کي ٻڌايو ته:

سوني ڪنگڻين سومرو، جنهن ڪنن ۾ لڙڪا
پـُـٽ چنيسر راءَ جو، نالي ننگر راءُ
آهي مير مڱيندو تنهنجو، ور ونيءَ جو آ.

---

وِلٽي اُٿي وڄ جئن، ناز ڀري نينگر
 کـِـوڻنِ جئن کانئي وجهي، ڌيءَ دودي دختر.

---

صاحب لاتي سانوڻي، دُرس چڙهي درياء
ڪئين ته ٻيلا ٻوڙي واهڙ واهي واهه.

---

ساري حضرت شاهه کي ٿا هاري چاڙهن نار
ٿا وجهن ٻج ٻنيء ۾ ڪري الله  توهار
سلا ننڍڙا ڪيو نپائن، جئن هـُـڙتيا نپائجن ٻار
چؤنڪ ڍڍي ڳل ڦار ۾ سنگ نسري ٿيا نروار
اچي جڏهن آڀـُـون ٿيا، تون والي لائينم وار.

وڃڻ وقت ننگر، دودي کي پارت ڪئي:

جنهن جو ڪونڌر ڪسندو هلي عالادين اڳيان
تنهن جي آيل اوسيڙا ڪندي وڳهه ڪوٽ وچان
تنهن جي جيجل جوڳياڻي ٿيندي، جنهن جو پٽ ناهي ڀاءُ
سا ته پرتئي سومرا! منهنجي مڙهي  ’مريم‘  ماءُ.

تڏهن دودي چيس ته:

تون ته منهنجو اَبو ٿئين، آءٌ مريم ڀانيان ماء
 ’سوني‘ ڏيان خدمت ۾، ٻي  ’ساران‘  جا ڀرسان
 ’پـَـٽـُـل‘  راڻي به پينگهو لوڏي، مريم جي مهندان.

ننگر جي مڱ سونل، ننگر کان موڪلايو:

وڃين ٿو ويرين سامهون، سؤٽ اوري آءُ
پيءُ پرچائج پانهنجو، چڙهي چنيسر راءُ.

ننگر جواب ڏنو ته:

وڃان آءٌ وڪيل ٿيو، من بابو ڪري پرچاءُ
جي بابو پرتو مون سان ته ڪندو خير خداء
جي پـِـٽـِـيل پرتو ڪينڪي، ڪـَـيئين جهيڙي جو وڌاء
ته جنگ جا نيزا کوڙيان، ڳوڌا واهيان ڳاهه
جئن سانَ ويڙهايئين سومرا، ڪيان پٽي مغلن پاهه
پيڙي پٺاڻن جا سـَـٽي ڪڍان ساهه
نديون رت پلوٽيان، وڳهه وهايان واهه
لـُـڙهيو لوهوءَ جئن وهي، کـِـڙيو خان به واهه
پـُـرزا ننگر مـُـنگر جا لـُـڙهيو اچي لنگهندا
پئي ڦولهيو ڏسجاء رت ۾، ايندءِ ننگر نياپا.

اتي سونل ٿي چئيس ته:

جهولي پائي مون جهليا، ڪڍان اوچا پار مٿان
پرين! توکي پرديس مان آڻيندو به الله
اچي وَرَ گڏبين ونيءَ کي، سـُـرهيءَ سيج مٿان
متان ڪارا اچنم ڪپڙا، ڪندو ائين ڪيئن خدا
آيل ڏيج رڱائيا سي رتا ڪيئن رهبا
سهرا تنهنجي سر تي موڙ ٻڌل ڪيئن ڇـُـڙندا
ننگر! ميڙي محمد مير جي، پنهنجو نبي پڙهندو نڪاح.

---

آڌيءَ ننگر آئيو، بيٺو جيجل جاڳائي
ٻٽيهه ڌارون مون پيتيون، امڙ بخش مون کي.

تڏهن ماڻس چوڻ لڳي ته:

ببڙا تو ننگر کي، مون هـِـت هـُـت بخش ڪياءِ
مارج مانڌل ملڪ وزير کي ڪٽڪ ۾ ڪاهي
مارج ٽالا ٽـِـمر وزير کي ٻهڳڻ ٻولائي
متان جهنگ ٻيلو ڏئي ڀڄي اچين، مـُـٺي ماءُ لڄائي.

---

ناحق ننگر ڄائيين، تنهنجي ڄمئي ٿيو ڇا
ڏهه مهينا گذريا پيٽ ۾ مون ناحق سور سـَـٺا
ڏهه مهينا گذريا پـُـٽ پرور ڪيين پيدا
تنجو مـئـِـين تلوارن سان، توکي دُڪين ڪانَ وڌا
پينگهي چاڙهي پـُـٽڙا، توکي لولي ڏني ماءَ
کنون کيٽ اوهان جو، اصل سمن پوک اها
جوان اوهان جي جنگ جي، اها آڏ وڏائي آ
هڻين تلوار تڪڙي عالادين مٿان.

موڪلائڻ وقت ٻاگهي ننگر کي چيو:

آءُ ٻاگهيءَ ڀائٽيا، ڪاڪل تون ڪرهيج
 ننگر! نوابن ڏي هيڻيءَ راهه هليج
جي سڱ ڏني بادشاهه پرچي ته مرد نه مارائيج.

تڏهن ننگر ڪاوڙ مان جواب ڏنس ته:

مڙس ڏيندوسانءِ سومرو، جيڪو مـَـٽ ڀانيان
نه ته مرندينءَ وڳهه ڪوٽ ۾، تنهنجي کٽ چمي چائيان
ماروئڙن جي مقام ۾ ڏيانءِ ساميءَ سا لاوان.

ننگر کي ويندو ڏسي دودي جو پٽ منگر پيءُ کي چوڻ لڳو:

چاچو بابو نه ٿئي، نڪي ماسي ٿئي ماءُ
ڀاڄائي نه گهـُـري ڀيڻ جيئن، نڪي سؤٽ سڳو ٿي ڀاءُ
جـَـر ويري ڄرڪو ٿئي، پکين ويري شڪار
ڪلر ويري ڪوٽ جو، مڇيءَ ويري ڄار
مرد ويرياڻي  ننڊڙي، زال ويري سينگار
ڀائرن ويري دودو سومرو، مون اکئين هاڻ ڏٺوءَ
ڀاءُ ته اڳ اُماڻيئي، ٻيو ڀائٽيو تنهن پـُـٺوءِ.

ننگر سڀني مٽن مائٽن راڻين ٻانهين کان موڪلائي توڪلائي، لشڪر تيار ڪري، عالادين تي چڙهائي ڪئي. تلوارن جا تجلا، نعرن جون للڪارون، لشڪر جي رَئي اڏامندي پئي اچي. وڳهه ڪوٽ کان چمڪاٽ ۽ گوڙ گهمسان اُٿيل ڏسي، عالادين چنيسر راء کي گهرائي پڇيو ته: مينهن جي مندئي ڪانهي، پوءِ وڳهه ڪوٽ ڏي ڇا پيو پسجي؟

عالادين آڻايس،آءُ چنيسر آءُ
ناهي مند مـِـينهاڻ جي، نڪي سانوڻ واءُ
اوڀر سان لـُـڙ لاٽـِـيو، پئي سج ڪونه سماءُ
صحيح سڃاڻج سومرا! وريئي وطن جو واءُ!
تڏهن اڏو ٿي عالادين کي چيو چنيسر راءُ
ته ناهي مند مينهاڻ جي، نڪي وريو سانوڻ واءُ.

عالادين چيو ته: پوءِ اهو ڇا آهي؟ چنيسر جواب ڏنو:

دودا ٻڌئي ڪنن سان، تن جا ڏيل اکيين ڏسجن
والي وڳهه ڪوٽ جا ٿا دوداڻي ڌؤنڪن
آهن گوڙيون غبارن جون، ٻيا تجلا ترارن
اڄ ته ڏاڏاڻي ڏيهه جون بجليون ٿيون ڀڙڪن.

---

جڏهن چڙهندو وڳهه ڪوٽ مان ڀـَـڙ منهنجو ڀاءُ
ڌرتي ڌان ڌان ڪندي، وڻ ڇڏيندا واءُ
ٻـِـلا تنهنجي باغن جا ٻولي ڪانه ڪندا
ويٺل وڙهندءِ ڪينڪي جن کاڌو ٻوڙ پلاء
سـُـتل اٿندءِ ڪينڪي ڦٿڪي ڏيندءِ ساهه
اهي اُهڃاڻ دودي راءِ جا سـُـڀاڻ اکين ڏسبا.

عالادين چيو ته: دودو ڪيئن سڃاڻبو؟ چنيسر سمجهايس:

مڙس مڙني آ ڊگهو، مٿو جنهن جو مـَـٽ
ٻانهون ٻيڙيءَ اولـِـوا، چيلهه چوپائي کٽ
دانـَـهه دودي راءِ جي هتي ڪونه سهندءِ سٽ.

چنيسر کان خبرون وٺي عالادين سڱ وٺڻ جي پچر ئي کڻي ڦٽي ڪئي:

ڪـُـڙهو ڪـَـنبيو ڪـُـستان جو، بيٺو روئي رت ڦڙا
ته انهيءَ ٻاگهيءَ سندي ٻانهن جي، مون دليئون ڇڏي دعويٰ
اوهين ڀائر پرچو پاڻ ۾، اوهان جو ڪري خير خدا
تون مير موٽي وڃ مـُـلڪ تي، آءٌ پنهنجي ديس وڃان.

ننگر پنجاهه سوارن سان اچي روپاهه واهه تي لٿو. چنيسر جي خبر وٺڻ لاءِ ڀاڳو ڀان کي تيار ڪري موڪليائين. چنيسر کي اچي ڊپ لڳو ته ڀان موٽي وڃي منهنجي ڪـُـوار ڪندو، تنهنڪري هن سان حالي حوالي ٿيو.

بـڇ ڪيائين ڀانن تي، هو آيا ڪست منجها
تن کي روپا ڏئي ٿو روڪڙا، ٻيا آڇي مال متاع
نـَـرَ ناڻي نوازيا، تن جا لهي لـُـڙ ويا
وات چوي ويهو ڪينڪي، هٿ چون هلو هـُـن جاءِ.

چنيسر طنبو مان ٻاهر نڪري آيو ۽ ڀاڳو ڀان کي چيائين:

ڀلي آئين تون منگتا، ڀاڳو اسان جا ڀان
خوش هئين تون وڳهه ۾، خوش توسان جوان
خوش هئا موچي مـُـلڪ جا، خوش وڳهه جا وٿاڻ
خوش هو دودو سومرو، خوش دودي راڄ سندانِ
مون ننگر ڇڏيو هو ننڍڙو، سو وير وڏو پهلوان!

تنهن تي ڀاڳو ڀان احوال ڏنا ته:

ننگر ڳانو ٻانهن ۾، جنهن جي وَنـِـي ويٺي ونواهه
چنڊ ٻـُـڪي چوڏهين جي آهي ننگر جو به نڪاح
موڪليئون ڪوٺ ڪنڌار ڏي، جنهن ڄاڃي مـَـنـَـهه آيا
دهل دماما اتي رهيا، جنهن جا رڌا پـَـڪا رهيا
جنهن جي آيل ڏيج رڱائيا، سي رتا اتي رهيا
سر جنهن جي تان سهرا، موڙ ٻـَـڌا ڇـُـڙيا
اڄ اچي ويرا واهه تي طنبو ننگر جا کڙيا.

چنيسر چيو ته:

 ’سونڻ‘ سندي سڱ جو، مون کي مورهون ڪونه سماءُ
نه ته مـُـور نه مغل چاڙهيان دليءَ جو بادشاهه
هاڻي مغل موٽي ڪينڪي، بنان ٻاگهيءَ ٻانه.

انهيءَ تي ڀاڳو ڀان چيس:

کـَـرَ چنيسر لعنتي، تو ڪهڙا ڪم ڪياءِ
گار ڏنئي پاڻ کي، توکي ڪو نه اچي ڪهڪاءُ
توکي عقل اڱارن جو، سيڪ سنداڻن ساءُ
پڳ وڃايئي پنهنجي، جڏهن پڇڻ هليو هئين ماءُ.

---

کير ٺهي منجهه ماٽيين، ڏڌ ٺهي منجهه لاٽ
ڪاهي پوي جو ڪـَـنـڊِ ۾ ڇڏي ابي ڏاڏي واٽ.

---

سـِـڌيون هڻئين هوند سيني ۾، جي لڳيون ڪـَـنـِـئي ٺڪاءُ
پر آءٌ منگتو اوهان جو، مون کي نه جوڙ جڳاء.

ڀاڳو ڀان، چنيسر کي نندڻ کان پوءِ خبر ٻڌائي ته ننگر اچي روپاه واهه تي وارد ٿيو آهي. اهو ٻڌي چنيسر ننگر سان ملڻ لاءِ نڪري هليو، ساڻس گڏ ڪي پٺاڻ به ننگر جو اٽالو ڏسڻ لاءِ نڪتا.

صاحب لاهه مَ سج کي، نڪي ڏينهن تپي تاءُ
آنڊا ڏين اُڌما منهنجو سڙيو وڃي ساهه
هيڪر ڏسان يار ننگر کي، پوءِ پورا ڪج پساهه.

چنيسر ۽ پٺاڻ، ننگر جي لشڪر ۾ آيا. پٺاڻ ننگر جو دٻدٻو ڏسي چوڻ لڳا:

آهن طنبو دوداڻين جا اچي کـُـتا ويرا واهه
جنهن کي سورنهن نيلون سون جون، ڪمي قناتن ناهه
هـِـتي طنبو دوداڻين جا، هـُـتي دهليءَ جو بادشاهه.

چنيسر مـُـنگر کان ننگر جي پڇا ڪئي، منگر کيس ڏسي چيو:

وِلهن واهر واهرو، منهنجو اَبل آيو آ
ابل آهي ڪينڪي، آهي چريو چنيسر راءُ.

منگر جو ننگر کي اطلاع ڏيڻ:

ننگر جاڳج ننڊ مان، تنهنجو ابل آيو آ
نازڪ جاڳيو ننڊ مان ڀـَـڙُ ڏئي ڀڙڪا
پوءِ ڀـَـڙ پيا ڀاڪرين، جن کي ٿيڙو پهر سوا
وريون ڪرايون ڪـُـلهن کان، جئن لوها ڪير لڳا
پيءَ روئي تنهن پـُـٽ کي ٿي ڏوراپا به ڏنا:
ته آئي مهل پڳ جي مون سان ڀيڙو نه رهيو ڀاءُ
ٻيو راڄ محابو ڇڏيو، منهنجا ويري توڙان ٿيا
جوئـِـن ٿي جاڙون ڪيون، وڍيءَ ڪيا وڻاهه
نار چيو مون نر کي  ”آءٌ ڀيڻ، چنيسر ڀاءُ“
پاسو نه ڏيئين پلنگ تي مون کي ڄاڻي پاڪ الله
تنهن دِليان آندم دادلو دهليءَ جو بادشاهه
تيرهن سال دليءَ ۾منهنجو ٽولـُـو ٿيڙو ساهه
هاڻ مغل موٽي ڪينڪي بنان ٻاگهيءَ ٻانهه.

چنيسر کي پٽس جوش مان جواب ڏنو:

آيو اٿئي عقل اڱارن جو، سيڪ سنداڻن ساءُ
پڳ وڃايئي پانهنجي جڏهن پڇڻ هلئين تون ماءُ
هاڻ پورو آڻ پٺاڻن کان منهنجو گهوڙن داڻو گاهه.

ساڻس گڏ آيل پٺاڻن چنيسر کي چيو:

پـُـٽ ڀائٽيو ڏسيو تنهنجا ٿو سڙي اسان جو ساهه
هيءُ ڪونڌر سي ڪـُـسندا هلي عالادين اڳيان
تن جيجل جوڳياڻي ٿيندي وڳهه ڪوٽ وچان
آيل اوسيڙا ڪندي، جنهن جو پٽ ناهي ٻيو ڀاءُ
اوهين ڀائر پرچو پاڻ ۾، اوهان جو ڪري خير خدا
مير! موٽي وڃو ملڪ تي، عالادين جو ذمو اسان تي آه.

چنيسر کي پـُـٽس جيڪا جوڙي جٺ ڪئي، سو منهن سـُـڄائي ويندو رهيو. ننگر پنجاهه سوارن سان گڏجي، عالادين جي لشڪر جي وچ مان لنگهيو. هن  ’ٽالاٽـِـمر‘  کي، جيڪو عالادين جو ننڍو وزير هو سلام ڪيو.

ٽالاٽـِـمر وزير جو ڪيو ننگر جوان سلام
سلام جهليئين ڪينڪي، ٻيو آڏو ڪيائين ڪلام
تو جهڙا ڳل ڳاڀرو آءٌ ڪـُـهان روز جوان
آرس مرندي ٿو ڪريان آءٌ سلطاني به سلام.

ننگر، ٽالاٽمر جي هٺ وڏائي ڏسي چيو:

بانور ڪيو آهين بڇڙو، ٽـِـمر ڏينهن ٿورا ٿئي ٿيا
هجئي سور لڱن ۾ تنهنجو ڪڍي ڇڏيان واءُ
ٿو وڃان آءٌ وڪيل ٿيو، من بابو ڪري پرچاءُ
جي بابو پرتو مون سان ته ڪندو خير خدا
پر جي پـِـٽـِـيـَـل پرتو ڪينڪي ڪئين جهيڙي جو وڌاء
ته جنگ جا نيزا کوڙيان، ڳوڌا وهن ڳاهه
سانَ ويڙهايان سومرا، ڪيان پٽي مغلن پاهه
پـِـيڙهي پٺاڻن جو آءٌ سٽي ڪڍان ساهه
نـَـديون رت پلوٽيان وڳهه وهايان واهه
اِتي سري تنهنجي ڪاٽيان، ٽمر اکئين رت ڏيکانء.

ننگر، ٽمر جي طنبوءَ وٽان هلي سالار فتح خان پٺاڻ جي طنبوءَ وٽ پهتو.

اڳيان ڪچهري ڪنهن جي، آهي فتح خان پٺاڻ
اُرهاٽيو عظيم کي ڪري ننگر خان سلام.

سالار فتح خان پٺاڻن کي چيو:

مـــــاٺ ڪــــريـو مــُـڙي وحـُّي، اهــــــو دودو اقـــًو قـــــْـــاڻ.

پوءِ وڌي اچي ننگر کان احوال ورتائين:

ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، ڪهڙي ذات جوان؟
ڇو ڪـُـڏايو گهوڙا، ڪوهه ٿا ڪـُـڏايو ڪيڪان
طنبو اڳيان عالادين جو، تنهن جو لهي ڪيو سلام!

ان تي ننگر، فتح خان سالار کي جواب ڏنو:

ڀلي ڪڏايون گهوڙا، نچ ڪـُـڏايون ڪيڪان
عالادين پٺاڻ کي اسان جون تراريون ڪن سلام
مٿي ويٺو ورنديون وٺين، آءُ هيٺ لهي سلطان!

ان تي عالادين پاڻ پڇڻ لڳو:

ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، آهيو ڪهڙي ذات جوان؟
رهو ڪهڙي راڄ ۾، اوهان جو ڪهڙو ملڪ مڪان؟
چئي: وڳهه ويڙهه اسان جو، جتي سومرا سـُـجهن سانَ
ڏيکڻ توکي آيا آهيون عالادين پٺاڻ.

ننگر جو جواب سڻي عالادين هڪدم چنيسر کي پاڻ وٽ گهرائي چيو:

عالادين آڻايس ته آءُ چنيسر آءُ
ڇوڪر آهن ٻه ڄڻا، ٿا سڏائين تنهنجو وياءُ
سي پـُـرس ڪـَـنئـِـي ٿا پڌرو، تنهن عالادين اڳيان.

---

اوڏو ٿي عالادين کي چيو چنيسر راءُ
ته مورهين مڱيس ڪينڪي مونکي ڪاٿئون ٿيڙو وياءُ
ڪـَـنين ٻڌم ڪينڪي نڪي مـُـلي پڙهيو نڪاح
اُڃ مرندي آئيا آهي نينگرن سڪو ساهه
اِهي ديميون ڏسي دهليا، سڏائين منهنجو وياءُ
اهي دايا دودي راء، جا مـُـلڪ پنهنجي جا.

عالادين پڇيو ته: دايو ڪنهن کي ٿا چئو؟ تڏهن چنيسر چيو:

اسين دايا چئون انهن کي جيڪي اسان سان گڏ کير پين
پنج سؤ پٺاڻن جا تنهنجا وٽائن ڪين ورن
دايا ڏيندءِ داغ دليءَ کي، ديميون ڪل داڳين.

---

وِلـَـهه پئي وڳهه ڪوٽ ۾، جنهن ۾ ڪونه بچيو امراءُ
ڀائر مـِـٺا هئس ڀائٽيا، مـِـٺا ڪڙم قبيلا
تڏهن دودي دايا موڪليا، تو عالادين اڳيان.

تڏهن ننگر وراڻيو ته:

اهي دايا آهن ڪينڪي، سـِـڱـِـرَ ڏسجن سانَ
سڱ نه ڏيندا سومرا آهن وڳهه جا وريام
اهي چارا چؤرنگ ۾ ڪندا، جـَـنوهر وجهندا جام
ڏيندا لاڳ لکن کي، رسندا ڇـَـلن کي به خـُـنام.

اتي وڏي وزير مانڌل ٽپ ڏئي عالادين جي اڳيان ڇوڪرن کي چيو:

ڪڏهن عالادين جو آءٌ اَنهيـَـر ٿي ايندوس
ويجهيون وڳهه ڪوٽ کي اچي فوجون ڦيريندوس.

اتي ننگر، مانڌل وزير کي تڙي ڪڍي:

ٻاگهي ٻاگهي مَ چئو، ٻاگهي آ مون مائي
ٻاگهل جو جيڪو نانُ وٺي، تنهن جي وات وڍيان وائي
وڍيان سر سلطان جو ڇـِـنان چڪن سان کائي.

مانڌل وزير، عالادين کي چيو ته: سڱ گهرڻ وزير جو ڪم آهي، تنهنڪري پهريائين هنن کان سڱ جي گهر ٿو ڪريان، ٻيون ڳالهيون آهن پوءِ. سو ڇوڪرن کي ريبڻ لاءِ چوڻ لڳو:

سوا لک مان سومري هڪ ٻاگهي ڏيو مون
سڀ پـَـهرايان سومرا جهجهي ڏيئي ڀـُـون.

مانڌل وزير جي گفتن تي چنيسر کي ڏاڍي مٺيان لڳي، سو منهن تي پلئو ڏيئي ننگر کي هـُـشڪارڻ ۽ همٿ ٻـَـڌائڻ لڳو:

لاڙي لونگي منهن تي ڪيو چنيسر ڳالهاءُ
ته تو جـِـي ڇا ڪيو، تنهنجي سـِـر جئي مان ڇا ٿيو!
هو گهـُـري ٿو هڪڙي، تون گهـُـرينس سؤ سوا
جي نالو وٺي تو ننگر جو، ڪيانس تخت کڻي تالان
تنهنجي منهنجي ڳالهه جي آهي وڏو پير وچان.

اتي ننگر، مانڌل کي چيو ته:

تو جا ڌيءَ وڏانگهري، سا کڻي مـُـنگر کي پرڻاء
تينهان هووئي ننڍانگهري، سا مون کي کڻي مڱاءِ
تون سـُـهرو مون ۽ منگر جو، اهڙي جوڙ جڳاءِ
تو دَهليان آندي دادلي سا چنيسر پرڻاءِ
سر تنهن جي سهرا کڻي خاصا موڙ ٻـَـڌاءِ
سرچي تڏهن سومرو، جڏهن هيءُ پنجاهه سوارن پرڻاءِ
مغل ماندا تڏهن ٿيندؤ جڏهن کسجي ويندوءَ کاءُ
واهياڻي نه ڏيانوَ وڳهه جي، توڙي ڌيءَ ڏي بادشاهه.

عالادين، ننگر جون گاريون ٻڌي بگڙي پيو، ۽ بـڇ ڪيائين ته: نه ڇڏيونِ!

آهي ڪو اوهان ۾ جو وٺي ننگر نينگر کي
گاريون مون بادشاهه کي بيٺو تخت مٿي سو ڏي
اڌ ڪري اُماڻيوس، واريوس وڳهه ڏي.

---

تڏهن منگر ڳوڙها ڳاڙيا، بيٺو روئي رت ڦڙا
ته ڊوهيءَ ماراياسون ڊوهه سان، اڄ آڻي هن هنڌان
آهن لک لڙاڪا بادشاهه جا پنهنجي پنجاهه ناهي جاءِ
ڀڄيئن ته ڪا ڀيڻي لهين، نه ته ڀڄڻ ناهي ڀـَـوا.

منگر کي، ننگر دلداري ڏيئي چيو:

تو ليکي لک لشڪر آ، آءٌ ڀانيان لـَـنب جو گاهه
لڪڻ کڻان هيڪڙو تن جو سٽي ڪڍان ساهه
ٻيو وِلهين وارو واهرو منهنجو اَبل بيٺو آهه
سو مرد مارائيندو ڪينڪي ڪندو پنهنجا سخن سچا.

---

ڳوڙها ڏٺائين ڳلن تي، سڙي ويس ساهه
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو چڙيو چنيسر راءُ
موزون جي مهميز جا ٿيا ڌرتيءَ مٿي ڌڌڪا.

ننگر ۽ منگر کي ڪنهن اٽڪل سان چنيسر اُتان ٽرڪائي ڇڏيو. پوءِ عالادين سڀئي امير امراء گڏ ڪيا ۽ صلاحڪار ۽ خدمتگار به اچي گڏ ٿيا. بادشاهه کي وياڪل ڏسي نـِـنڊو ماڇيءَ چيو:

هووئي شوق شڪار جو، توکي عالادين بادشاهه
مـَـل مـُـهاڙيون اسين ٻـَـڌون، کــُـڏڻا ٺاهيون خاشا
سوئر ڪڍي ڏيوئين سامهون، جو ڪڍءِ اُڇل سان آنڊا.

چندوءَ ٻالي چيو:

توکي عالادين بادشاهه، جي هووي لڱن ۾ سـُـور
سٽي ڪڍئين سـِـڱين سان، چاڙهيئين ڄـَـرُن پهريون تـُـور
سڻ تون منهنجي من جو بادشاهه اهو مذڪور.

وري اِڇوءَ چـُـهڙي چيو:

ڪـُـنڍيءَ قرب اسان جو، ٻيا ٻـَـڌون ٻهارا
ڪاڪوس ڪڙهيو ميڙيون، ٻيا ڇـڄ ٻڌون کارا
ويهڻ ڏين ته ويهون، نه ته وڃي ڪريون ٻنيون ۽ ٻارا.

بگوءَ شڪاريءَ چيو:

جنگ ننگر سان اهي ڏيندا، جيڪي کائن ٻوڙ پلاءَ
ٻـَـڌن ڪٽاريون ڪاتيون، سر سونهري سروپاءَ
ڊگها ڀالا تن کي هٿن منجهه هڻڻ لاءِ هئا
اسين روٽي کائون رُکڙي رڳو اَٽي پاءُ سوا.

عالادين، بگو شڪاريءَ جي ڳالهه ٻڌي خوش ٿيو ۽ کيس لشڪر جي سالاري ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته: بگو شڪاري اڄ کان ڏولي ۽ ٻين امرائن وانگر هلي ۽ ننگر سان وڃي مقابلو ڪري.

ڏولي ملي ڏڦير کي بيٺو ڪٽڪ ۾ ڪـُـڏي
ننگر نينگر ڇا ڪندو، آءٌ وڙهان دودي ساڻ وڏي.

---

سج اوڀارُو لـَـڏيا تنهن شڪاريءَ جا سامان
ٻارهن ويهون ٻگين جون، هئا گاڏن جا گمسان
اچي لٿو آ اُتي جتي هو مردن جو ميدان.

---

رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو وهائو تارو
ڀـَـڀڪي ڀير دليءَ جي، وڄايو شڪاريءَ نغارو
غوث بهاؤ الحق جو اتي نرن هنيو نعرو
 ’علي علي‘  وات ۾، پڙهن حسيني ڪيڏارو.

---

ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، آءُ ننگر تون آءُ
اُٿيا يار ننگر جا آهن ساري حضرت شاهه.

---

ڀـَـڙ پوٽا ڀونگر جا، بيٺا رونشي راند رهن
هڻ وڙهه وائي وات ۾ آهي ننگر ٻيلئڙن
گاڏي گـَـجيا ها گـُـرزڙا، ڀلي تاءُ ترايون ڪن
پئي ڏيڪر بڇ ڏڦير جي، بيٺا  ’دودو دودو‘  ڪن
پنج ڏهاڙا پـَـٽ ۾ اڃان ڪي ڪي ڏسجن
ستين ڏينهن شعاع ٿيو ۽ سج ڏٺو رائن
ننگر سنديءَ جنگ کان بيٺا توبه توبه ڪن
ڌري رکيائون ڌوڙ ۾، پيا ناري ڏس پون.

جڏهن بگوءَ شڪاري جي شڪست جي خبر عالادين کي ملي، تڏهن بانڪي برخوردار شيدي ڏانهن ماڻهو موڪليائين.

صاحب راهب ٽاپرو، سنڀري هليا کان سلطان
تازي ڇوڙيائون تڪڙا، ڪڏايائون ڪيڪان
بانڪي برخوردار جي اڳيان دانهن ڪئي دربان
ته کائي ستو آهين خومچا شيدي منجه آرام
سڀاڻ سويرو ڪندين هلي سلطاني سلام.

بادشاهه جي ٽاپرن صبوح سان سويل اچي بانڪي برخوردار کي بادشاهه وٽ هلڻ لاءِ سڏ ڪيو:

شيدي پٽ شنگور جا، گولا پٽ غلام!
کائي ستو آهين کومچا، ٻيا ڏاڍا کاڌءِ طعام
هت مغل ماني نه وڻي، جنهن اَن پاڻي حرام.

بانڪو برخوردار شيدي، صاحب راهب ٽاپرن سان گڏجي عالادين بادشاهه جي ڪچهري ۾ حاضر ٿيو. سلام ڪيائين. بادشاهه، ننگر جي لڙائيءَ جي ڳالهه ٻڌايس، جنهن تي بانڪي برخوردار بادشاهه کي روبرو چيو:

ننگر ماءُ ٿڻن تي، جنهن کي وهي کير مـُـنهان
جنهن کي مـَـسڙي ناهي مـُـنهن تي، جنهن جو چـُـوڻن سان آه چاهه
آءٌ وڙهان دودي راءَ سان، ننگر ماٽي منهنجي ناهه.

اهو جواب چنيسر کي نه وڻيو، تنهن چيس:

شيدي پٽ شنگور جا، اَوَلو نه ڳالهاءِ
آءٌ ڏيئين لت چـَـڏن تي، چيري ڪڍئين نه ساهه
آڏو عالادين جي ڪر نه ويڻ وڌاءُ.

شيديءَ چنيسر تي مـُـڇ به ڪانه ڇنڊي، چيائينس:

ٿـُـلها پيو ٿٿڪين گهڻو،آءٌ ڊڄان نه تنهنجي ڊاءُ
تون ڀيڙو ٿي ننگر سان، وڃي تن جو ٿيءُ همراهه
آءٌ سڀاڻي سويل چڙهي اچي ويڙهيان ويرا واهه.

---

سج اوڀارُو لڏيا شيديءَ جا سامان
ٻارهن سؤ ٻگين جا ٻيا گاڏن جا گهمسان
شيهي ۽ دارونءَ جي ٻي ڪمندن ڪمي ڪان
گل ميخون گاڏي کي جڙين بيٺا جوان
اچي لٿا ويرا واهه تي رُوپاهه جي ميدان.

---

رات وهامي ڏينهن ٿيو اُڀريو وِهائو تارو
ڀڀڪي ڀيڙ دليءَ جي، وڳو شيديءَ نغارو
هڪل ڪيائين ننگر کي، آهي وير تنهنجو وارو.

---

اٿيو يار ننگر جا مرد ميدان اچن
وڳا بگل بهادري، ڌُڪڙ ڌان ڌان ڪن
هي گڏيا هنن کي، هـُـو گڏيا هـُـنن
هڻ وِڙهه وائي وات ۾، ٻي نا ٻولي تن
وڙهيو ڪٽارين ڪاتئين، ٿا بڻڇيون ڀال هڻن
سسيون تن شيدين جون ٿيون پـَـها پٽ پون
هوڏنهن سانَ ڪرن ٿا سومرا، اچيو پٽ ڇڻن
ننگر سنديءَ جنگ کان بيٺا توبه توبه ڪن
لارين لاءَ وڏا ڏنا، دوناليون ڌڌڪن
ماڪڙ وانگر مينهن جان اچيو ڪانَ ڪرن
تکا ٿي ڇوڙيئون تماچا، ننگر ٻيلئڙن
ڀـَـڙ پوٽا ڀونگر جا ٿا رونشي راند رهن
ساڙيو وجهن پيا سومرا، جيئن لـَـنب جو گاهه لڻن
رات رهي پيا رڻ ۾، گهوڙا تـَـن گهوٽن.

---

عرض ڪيائون الله  کي سڀني سومرن
مـُـهت ڏي تون مون ڌڻي، موليٰ مسڪينن
پالڪيون پرزا ڪري اچي هؤد ڀڳئون هاٿين
تيرهن ڏينهن ترار سان، ڪيو مقابلو مردن
چوڏهين ڏينهن ميدان ۾ ڪي ڪي پيا پسجن
پنڌرهين ڏينهن پـِـڙ ۾ آ سج ڏٺو رائن
شيدي هو بچيو ڇهن سان، ننگر ساڻ نـَـوَن.

---

چنيسر چيو ننگر، ابا شيدي جيئرو آهه
مرد ماريوس ميدان ۾، ويڙهيو ويرا واهه
مون کي پاڻي ڍڪ پيار، بابا لڳ نانءُ الله
اَن نه پاڻي پيٽ ۾، مون کي سورهن سج ٿيا!
ابا! تون ماهه وڍي ماني ڪر، اٿئي رت مباح
تڏهن هٿ کڻيو هڪلون ڪري، هلي تون مـُـنگر آءُ
ڏي بانولـِـي پـُـٽ دودي جا، اڃا شيدي جيئرو آهه.

مـُـنگر به شيدي سان بر نه آيو. ٿڪي ٽـُـٽي پيو، اُڃ اچي تپايس، تڏهن وري وري چنيسر کان پاڻي گهريائين:

چاچا! نام الله  جي، مون کي پاڻيءَ جو ڏي پاءُ
منهنجي نيري ناز ڦٽا ڪيا، جـُـنگ نه ڇڏي ٿو جاءِ
پير ڀڄي پرزا ٿيم، ناهي سنڌن ۾ ساهه.

پـُـٽ ۽ ڀائٽي جون پاڻي لاءِ هڪلون ٻڌي، چنيسر وس کان نڪري ويو ۽ لـُـوهه ڪري شيدي کي کڻي سٽيائين.

تڏهن ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چريو چنيسر راءُ
وڳڙيو ديهـُـه وڳهه جو جهليو اچي نه جاءِ
چنبو وڌائينس چوڙ ۾ ٿيس اَمر ڏانهن الله
ائين پڇاڙيائينس پيرن سا، جئن ڌوٻي ڌوئي ڪپڙا
گـِـگها، گيگهاٽيون ٿو ڪرين تو کڳل هئا کاڌا
آڏو عالادين جي تو هئا ڪيا ويڻ وڌاءَ
سر وڍي شيديءَ جو ڪاٽيئين ڪلهن کان.

---

هـُـل پيو حبشاڻين ۾، پيو ڏُهڙيو ڏڦيرن
آڏو عالادين جي اچيو لـُـڌڙي جئن ليٽن
بادشاهه! وارث اسان جا ماريا ڪر غور به غريبن.

شيديءَ جي مارجڻ کان پوءِ عالادين گهرام خان صوبي کي جنگ لاءِ چاڙهي موڪليو، جنهن کان سندس ڀيڻ نيامت موڪلائڻ لڳي،جيڪا عالادين جي گهر ۾ هئي.

نيامت ڊُڪندي آئي، اچي ڀاڪر پاتائين ڀاءَ
تون نه چڙهه ننگر تي، ٻيو ڪو صوبو چاڙهي بادشاهه
ڇوڪرا آهن ٻه ڄڻا، سي به سـِـڱـِـر ٻڌجن ٿا سانَ
کائي موٽندين کوسڙا، پوءِ ٿيندءِ ڪو ارمان.

گهرام کي ايندو ڏسي چنيسر چيو:

ڪاوڙجي ڪارو ٿيو چـِـڙيو چنيسر راءُ
آءُ تون مرد ميدان ۾ ته پوي سانن جو به سماءُ
پٽ مارائيندس ڪينڪي گيدي تنهنجي هٿان.

چنيسر جو ڳالهاء ٻڌي گهرام کيس منٿ ڪئي، ڇو جو پاڻ ۾ سنگتي هئا:

پڳ رکيائينس پيرن تي، لونگـِـي ڳچيءَ لاهة
لڙڪي پيا لغام کي ڪي دانـَـهه دنبچي ڏانهن
ميڙ آندومئين مصطفيٰ، تون محمد ڪين موٽاءِ
تون چرچن مان چڙيو پوين، آهين ڪو چريو چنيسر راءُ!

چنيسر، ننگر کي چيو ته: تو عالادين جا گهڻا پهلوان ماري ڇڏيا آهن، هاڻ بادشاهه شايد توتي يڪو حملو ڪرائيندو، جي ڀڄڻ گهرين ته اڃان مهل ڪٿان ڪانه ويئي اٿئي.

شڪاري ماريئي شاهه جا، جن ڪرايا شوق شڪار
شيدي ماريئي بادشاهه جا، جيڪي ڄاڻن ملهه منجها
هو ڳاڙها ڏينڀو آهن ڏونگري، ڪر چيلاٽا چنبڙن
پلٿي باز پٺاڻ اٿئي، هڪڙا ويهن ته ٻيا اُٿن
گهوڙا پاليل انهن جا جيڪي ڊوڙيو ڌڪ هڻن
هـَـنان زِينون سـِـپرون ڪيو، گهوڙن پيٽ لـِـڪن
ڀڄين ته ڪا ڀيڻي لهين، متان پوءِ ڀڄڻ به نه ڏين.

چنيسر جي واتان ڀڄڻ جي ڳالهه ٻڌي، ننگر کي ڪاوڙ اچي ويئي، تڏهن چيائينس:

توکي آهي عقل اڱارن جو، سيڪ سنداڻن ساءُ
چـِـڙي وڙهي ٿي باز سان، جنهن جو حامي حضرت شاهه
آهن سوڀون وس ستار جي، جن ڏياري پاڪ الله .

---

لام ٻڌي لشڪر لٿو، اچي پـِـڙ ۾ پٺاڻن
طنبو کوڙيائون تاب سان مهل انهي مردن
سي وِيـَـر لٿا ويراواهه تي، چاهه منهنجا چـُـغدن
رات وهامي ڏينهن ٿيو مرد ميدان اچن
جهنڊي ڦڙڪي ميدان ۾، ڪيو سعيو سلطانن
مـُـهت ڏيارج مون ڌڻي پرور پهلوانن
ڀڙ پوٽا ڀونگر جا ٿا رونشي راند رهن
ڀؤ ڀڳو ڀـُـورن جو، ڪـَـڪا ڪيهون ڪن
رُڪ جا ٻيانا هٿ ۾، جهانگي جهنگ هڻن
پرزا پٺاڻن جا ٿا اُڏريو عرش وڃن
ڌڱ ليٽايئون ڌوڙ ۾ لـَـلهنگ پيا ليٽين
مر سي مائن ڄائيا، ڪـُـونڌ اورانگهيو اچن
ايراني توارن جا کـَـنان خوب کـِـڙن
ڪاڪڙيجا ڪاهه ڪيو اچيو حاجي زَئي هڻن
دُزيبا دانهون ڪريو ٿا سليماني سڙن
سي دوداڻين جي جنگ کان بيٺا توبه توبه ڪن
مرد سڀئي مارجي ويا، ڪونه بچيو مان تن.

چنيسر جنگ ۾ هار جو سارو احوال رَتي راجپر هٿان ڀاڻس دودي راء کي لکي موڪليو ته لشڪر مدد ۾ موڪل ۽ هيڏانهن به جنگ چالو هئي.

خوني خط خلل جا آهن در وڳهه آيا
لکيا چنيسر سومري هئا دودي پڙهايا
آڻي آب اکين مؤن دودي پـَـنا پسايا
ڪاتب گهرائي ڪوٽ جا دودي پنا لکايا.

هيڏانهن هـَـنبس سالار، عالادين جي حڪم تي سنڀري ميدان تي نڪتو. هنبس کي سندس ماءُ چيو:

ٻيا ٻڌن ٿا هڪڙي، هنبس! تو ٻڌيون آهن ڏُون
ڏاڍو تـَـؤ ترارن جو، من موٽي اچي ملين مون!

هنبس پنهنجي ماءُ کي جواب ڏنو:

آيل! ڏي نه مهڻا، مون ساڙي وڌءِ ساهه
ڏوڪڙ جيئن گهورجي وڃان عالادين مٿان
جان جنگ فتح ڪريان، نه ته مڙهه کڄي ايندءِ ماءُ.

---

هـَـنبس پنهنجي هيج مان سورهيه ڪيو سعيو
سامان سڀوئي کڻو، آهي وارو پنهنجو آيو
اچي لٿا ويراواهه تي جن ويران وسايو.

هنبس جي پيءُ نظر بيگ، چنيسر کي چيو:

چيائين چنيسر راءَ کي، توکي هجي جس
ڪانَ هڻجان ڪينڪي ڪجانءِ بندوقن کان بس
هنبس منهنجو ننڍڙو، سو وڙهندو ڪهڙي وس.

نظر بيگ جي منٿن تي ننگر پڻس کي چيو:

اسين نظر بيگ جا آهيون ٻچن سوڌا ٻانهان
آڏو تنهن منهنجي اچي جواب ڀريا جانا
ته ڪانَ هڻجانءِ ڪينڪي ڪجانءِ بندوقن کان بس
هنبس هنن جو ننڍڙو وڙهندو ڪهڙي وس.

---

رات وهامي ڏينهن ٿيو اُڀريو وهائو تارو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، وڳو هنبس نغارو
آءُ تون مرد ميدان ۾ اچ ننگر ٿئي وارو.

---

اٿيا يار ننگر جا ساري حضرت شاهن
ڀڙ پوٽا ڀونگر جا بيٺا رونشي راند رهن
هڻ وڙهه وائي وات ۾ ننگر ٻيليئڙن
لارين لاءَ وڏا ڏنا، بڻڇيون بس نه ڪن
پهلوان پرزا ٿيا اچيو پها پـَـٽ ڪرن.

ننگر جي سنگتين مان سوائي گهوڙو ڪڏائي پڙ ۾ آيو.

 ’سوائيءَ‘  گهوڙو ڪاهيو ساري حضرت شاهه
هنبس چيو هسوار کي، ادا هاٿي جهٽ جهڪاءِ
هو ٻيلائي اچي ٿو ٻهڪندو، تنهن جنگ جي ناهه جاءِ
ويرن وڙهندي پاڻ ۾ ٿيڙو پهر سوا
پنج ڌڪ ترار جا لڳا سوائيءَ مٿي ڏانه
سوائي هٽي ويو پوئتي، آيو موٽي نيري ڏانه
هنبس چيو هسوار کي ته ترسي گهوڙو ڪاهه
ڀڳي پويان آءٌ نه پوان، مون کي لولي ڏني نه ماءُ.

 ’سوائي‘  جي هارائڻ کان پوءِ ڇـُـٽو جاڙيجو گهوڙي تي چڙهي نڪتو:

ڇٽي گهوڙو ڇوڙيو ساري حضرت شاهه
هنبس چيو هسوار کي هاٿي جهٽ جهڪاءِ
هو به مرد اچي پيو ميدان ۾، تنهن جو پوي ٿو ڪونه سماءُ
ويرن وڙهندي پاڻ ۾ ٻٽي پهر لنگهيا
نـَـوَ ڌڪ ترار جا لڳا ڇٽي مٿي ڏانه
ڇٽو هٽيو پوئتي گهـِـڏڪي گهوڙي ڏانهن
هنبس چيو هسوار کي ترسي گهوڙو ڪاهه
ڀڳي پويان آءٌ نه پوان، مون کي لولي ڏني نه ماءُ.

ڇٽي جاڙيجي کان پوءِ حيدر هولياڻيءَ ڪـُـڏڪارا ڪيا.

حيدر گهوڙو ڪاهيو دانـَـهه کڻڻ داءَ
هنبس چيو هسوار کي، آيو دشمن منهنجو آه
وِيرن وڙهندي پاڻ ۾ ٻه ٽي پهر ٿيا
يارهن ڌڪ ترار جا لڳا حيدر مٿي ڏانه
حيدر به هٽيو پوئتي مـُـڙي مـُـشڪي ڏانهن
هنبس چيو هسوار کي ترسي مـُـشڪي ڪاهه
ڀڳي پويان آءٌ نه پوان، مون کي لولي ڏني نه ماءُ.

حيدر جي هارائڻ کان پوءِ ننگر پنهنجي ساٿين محمد کي سنڀرائي ميدان ۾ موڪليو، جو سندس ڀيڻويو هو:

محمد مارا وڌا تـِـن ۾ جئن نريون ڀڃي نـَـرُ
سانن سـِـڱ سنوان ڪري، وِنگن لاهي وَرُ
محمد چڙهندو جنگ تي جڏهن ايندا دليءَ در
ڦرندو فوجن وچ ۾ سگهڙ  ’ساران‘  ور.

نيٺ جنگ ۾ محمد جي به نه چلي، يڪدم پوئتي موٽي آيو. محمد ۽ ٻيا سومرا ننگر وٽ صلاح مصلحت لاءِ گڏ ٿيا ته اسان جي هار پئي ڏسجي، هاڻ ڇا ڪريون! تنهن تي ننگر چين:

ننگر ڏنن صلاح، سڀ گڏ ٿيا اچي يار
دستا دانائن کي ڪريو هـَـنـَـن منجهان پار
کـَـنون اهڙو کوڙيو جو مري گهوڙي سوار.

صلاح ڪرڻ بعد دودي جو پٽ مـُـنگر ميدان ۾ ڪيڪان ڪاهي آيو.

منگر گهوڙو ڇوڙيو ساري حضرت شاهه
داهوڙيئين ديمين کي جتي هو هنبس جو هڳاءُ
هنبس چيو هسوار کي هاٿي جهٽ جهڪاءِ
جان آهي ننگر سومرو، جان آهي دودو راءُ
ٻيلائي اچي ٿو ٻهڪندو جنهن جو پوي ٿو ڪونه سماءُ
وِيرن وڙهندي پاڻ ۾ ٿيو پهر سوا
اَرڙهن ڌڪ ترار جا لڳا منگر مٿي ڏانه
ته به ٽـَـڪـَـر ٽـَـري ٿو ڪينڪي جيوين جبل نه ڏئي جاءِ
سؤٽ نه ڏٺائين ڀر ۾، هن جو سڙي ويو ساهه.

---

اوڀر کان جنگ لائي اولهه ڏي آيو
ڏکڻ کان باهي وري اچي اتر تي ڪاهيو.

---

وِڄلي کـِـڙي کينوڻ، جيئن ڏينهن  کـِـڙي تارو
ڪري ڀالو هٿ ۾ اچي مڳ وڌو مارو
منگر سوڀارو، جو پالهو ڪيائين  پڙ کي.

اتي هنبس هڪل ڪئي:

هڪ جيڏو هڪ سرتو مون کي ماريندو ڪير؟
ماريان دودي راءَ کي، وٺان چنيسر کان وير.

منگر جواب ڏنس:

اُن کي عقل اڱارن جو، سيڪ سنداڻن ساءُ
پڳ وڃائين پانهنجي، پڇڻ هليو هو ماءَ
لڳي چئي چنيسر جي سڀان ڪنڌ ڪلهن لهندا.

---

ساري حضرت شاهه کي گهوٽ لٿو کان گهوڙي
سونهري سروپاءِ جا زرهه ڳلا ٽوڙي
هٿيار ڍاري ڇڏيا سومري ڀـِـرڻي ۾ ڀيڙي.

---

آيو مغل ميدان ۾، نظر سڀڪنهن نگاهه
هـِـن وڏا ٿي وس ڪيا هو لـُـڏڻ به ڏي ٿو لاهه
جڏهن چنبو پيس چـُـوڙ ۾ آيس اَمر الله
پـَـڇاڙي پرزا ڪيئين جئن ڌوٻي ڌوئي ڪپڙا
سر ڪـَـپيـَـئين سالار جو، ڪاٽيئين ڪنڌ ڪلهن کان.

هنبس جي مرڻ جي ساري سـُـڌ عالادين کي پيئي، جنهن وري پنهنجي وزير ٽالا ٽـِـمر کي جنگ تي وڃڻ جو حڪم ڏنو.

سج اوڀارُو لـَـڏيا ٽـِـمر جا سامان
ٻارهن سؤ ٻگين جا هئا گاڏن جا گهمسان
شيهي ۽ دارونءَ جي هئي ڪـَـمند ڪمي ڪانه
هـِـنيؤن سـِـينؤن سي ٻـَـڌيو جـَـڙين بيٺا جوان.

---

بادل جئن برسي چڙهيو ڪري مينگهه ملار
جيئن کينوڻ کـِـڙي آسمان ۾ تئن سرس ڪري سينگار
ويڙهيائين ويراواهه کي بيٺو روپاهه ڪري الغار.

---

رات وهامي ڏينهن ٿيو اُڀريو وهائو تارو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، وڳو ٽـِـمر نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، هلي ننگر تون آءُ.

---

اٿيا يار ننگر جا ساري حضرت شاهه
ڀـَـڙ پوٽا ڀونگر جا پيا رونشي راند رهن
هڻ وڙهه وائي وات ۾، آهه ننگر ٻيليئڙن
شيشا لعل شراب جا ڪڍيا ڪلالن
نـَـرَ نشي نهوڙيا، بيٺا علي علي! ڪن
لارين لاءَ وڏا ڏنا، دوناليون ڌڌڪن
ماڪڙو وانگؤن مينهن مان اچو ڪوڙين ڪانَ ڪرن
ڌڙ جن جا ڌوڙ ۾ اتي للهنگ پيا ليٽن
عضوا اُمرائن جا لوهوءَ منجهه لـُـڙهن
پالڪيون پرزا ڪري ننگر هول ڀڳا هاٿين
ڀؤ ڀڳؤن ڀـُـورن  جو، ڪـَـڪا ڪيهون ڪن
رڪ جا ٻيلهانگ هٿن ۾ جئن جهانگي جهنگ هڻن
سـَـٿريون وجهن سومرا جئن لـَـنب جو گاهه لڻن
ننگر جي جنگ کان بيٺا توبه توبه ڪن
مرد ماريئون ميدان ۾، رڻ ڀيليو راوَن.

---

هنيائين هٿ هاٿيءَ کي، پيو پلٽي پـَـٽ مٿان
ڪريس چـُـلم چـَـپن تان، جنهن جي ٽانڊن کاڌو ٽاهه
يار! هيءَ نه ويل وڙهڻ جي، منهنجو وقت عمل جو آهه.

---

اڳيان تنهن امراءَ جي ننگر ڪيو ڳالها
اڄ ٿو لاهيئين آرس اکين مان، مون جيڪي قول ڪيا
چنبو وڌائينس چـُـوڙ ۾ ٿيس امر ڏانه الله
پڇاڙي پيرن سان سـَـٽي ڪڍيائينس ساهه
سر وڍي وزير جو ڪـَـٽيائين ڪنڌ ڪلهن کان.

ٽـِـمر وزير جي مرڻ بعد چنيسر ٻيو خط دودي کي لکيو ته: يا ته تون اچ، ڇوڪرن کي نه ماراءِ، يا مدد موڪل. پهرين خط ملڻ تي دودي مدد موڪلي، پر پهچي ڪانه سگهي هئي جو وچ ۾ رسد کٽي پين. هي خط اوڏي مهل دودي کي ٿي مليو، جنهن مهل دودو شڪار لاءِ سنبهي نڪتو هو. بادشاهه جي نڪرڻ جي توف پڻ ڇٽي هئي.

---------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org