سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :25

 

پرهه ڦٽيءَ مهل، ٻانگي ٻانگ ڏني ته سڄو شهر جاڳيو، لوڪ لقاء سجاڳ ٿيو ۽ سسئي به اکيون مهٽي اُٿي ويٺي. اوچتو خالي سيج تي نظر پيس ته ڇرڪ ڀري اُڀي ٿي ويئي. هيڏانهن هوڏانهن جهوتون ڏيئي پنهل کي ڳولڻ لڳي. وري جڏهن ڏيرن جي پڇا ڪيائين ته انهن جو به ڪو پتو ڪونه پيس. اتي سمجهي ويئي ته چنون رات جو شراب پياري، پنهل کي اُٺ تي کڻي ويو هليو. بس پوءِ ته سسئي ماتم مچائي ڏنو ۽ روئڻ سان هاڃا ڪري ڇڏيائين. ماءُ پيءُ، سهيليون جيڏيون، ڪُڙم قبيلو، اوڙو پاڙو سڀ اچي گڏ ٿيا. سڀئي کيس دلاسا ۽ دلداريون ڏيڻ لڳا، پر سسئي کي سورن ساڙي وڌو هو، تنهن کي ڪٿي ٿو سُک اچي! هوءَ ڪيچ وڃڻ جو قصد ڪري، يڪدم پنهون پنهون ڪندي، پيرين اگهاڙي گهر کان ٻاهر نڪري پئي.

جڏان ٿَئي خواب چون گلنار هشيار

چشم چاتس تڏاهن چو طرف چوڌاري

ڏنس ويران پلنگ وه سيج خالي

نهين اڄ تخت تي هئي تخت والي.

*

صبح صادق ٿيا روشن اجالا

آيا سڀ لوڪ سڻ فرياد نالا

پدر مادر قبيلا دور آيا

سو دختر دا پريشان حال پايا.

*

ننگي سر پئي نِڪل ڇوڙيس حويلي

چنبل پا عشق چائي اِه چنبيلي.

سندس جيڏيون سرتيون، ماءُ پيءُ مِٽ مائٽ سڀ هن جي پٺيان ٻاهر نڪتا، ۽ شهر جي ٻاهر تائين هن کي سمجهائيندا آيا ته: اهو پنڌ اڙانگو آهي، پر سسئي سندن ڪابه ڳالهه ڪانه ٻڌي، ۽ اُٺن جا پيرا کڻي اُٿي پنڌ پئي. ڪي ماڻهو ته پوءِ اتان ئي واپس موٽي ويا ۽ ڪي ڳچ پنڌ تائين هن جي پٺيان هلندا رهيا، پر سسئي جو پڪو ارادو ڏسي، اُهي به پوين پيرن واپس وريا، صرف ٻه چار سندس سهيليون، ماءُ پيءُ ۽ هڪ ٻه ٻيا ماڻهو وڃي بچيا. انهن ماڻهن سسئي جي پيءُ کي چيو ته تون سسئي کي سمجهاءِ ته جبل جو پنڌ، اڳاهون ملڪ، ڪٿي ڪيچ ڪٿي ڀنڀور. تون اڪيلي زال زائفان ڪيئن پهچندئين. تون صبر کان ڪم وٺ. جڏهن تنهنجو مڙس توکي رات ستي ئي ڇڏي ويو ته تون ڇو ٿي پاڻ کي مارين جهورين! ڌوٻيءَ ڌيءَ کي گهڻو ئي سمجهايو پر سسئي اهڙي ڪڇي جهڙي ڀِت! ان بعد ماڻس سمجهايس، سهيلين پيار مان پرچايس ۽ سمجهايس پر سسئي اصل پڙ ڪڍي بيٺي. چئي: وينديس ڪيچ ڪهي. بس، پوءِ ته نااُميد ٿي، سڀئي پوئتي موٽيا ۽ سسئي، سورن جو سندرو ٻڌي، اڪيلي اُٿي پنڌ پئي.

صبر ڪر ڀي پيالا تون صبر دا

ڪِتوئي جيڙا فرازق ڪِيون فجر دا.

*

ڳُليسان در جبل مَين يار ميڏا

اُٺايا مَين نهين ڪجهه مال تيڏا.

*

وڃڻ واجب اسان ڪون ياد دي پار

گهڻا خوشبو گُلين وچ واس وڻڪار.

سسئي هلندي هلندي جڏهن ملير وٽ پهتي ته ڪنڊن ۽ ڪچرن، پهڻن ۽ پٿرن ۾ سندس پير پٿون ٿي ويا، مگر هوءَ رت ڳاڙيندي اڳتي هلندي رهي. واٽ تي هڪ ندي آئي، دل ۾ خيال ڪيائين ته هن اوڙاهه ندي مان پنهون ۽ ڏير هرگز ڪونه لنگهيا هوندا، ان ڪري ٿوري ساهي پٽي، وري نديءَ جو ڪپ ڏئي اڳتي هلڻ لڳي. آخر هڪڙي هنڌان تانگهو پاڻي ڏسي، ندي پار ڪري اچي جبل جهاڳڻ لڳي.

ننگي سر پار پَرِي دوڙي پيادي

مثل مجنون پڪاري مَلڪ زادي.

*

جڏان پهتي پري رو در مليرين

ڪيتُس لَنگ لعل لوهُو تِير تِيرين.

*

وَتي پيرون ننگي پيرا ڳُليندي

ڪيتس رت پيرڙي رنگ لال ميندي

*

لنگهي مهرون مليرون مار تاڙي

چڙهي اوتڙ جبل دي سخت چاڙهي.

نه بک جي هيس نه اُڃ جي، بس اندر ۾ ”پنهون پنهون“ جو ورد ڪندي اچي حب ندي پار ڪري لس جي ملڪ ۾ پهتي. اڳتي هلي ته وري هڪ نَئنِ ڏسڻ ۾ آيس، جنهنڪري موٽ کائي وري سنگهر ۾ آئي.

ندي حب دي پري رو ڪون پئي پيش

ڏِٺا ڪُهنا قديمون نازنين فيش.

*

ندي ڪپ ڪون کَڙي گلنار نيڙي

جَتين ڪون ياد ڪر جهنگ نال جهيڙي.

*

لُٽڪ لنگهه پَئي لڪيان لس ملڪ لاسي

بَڀُو تالُو گهمي مانند سناسي.

*

ڪيتا پيرا جٿان جنهن گُم نالي

اُلٽ آئي اُٿاهِين ڪر ڪشالي

سنگهر ڊونڍي جَنهَل ڇڪ درد ماري

لُٽا لٽ ڳيا ڦُري پر سِينڌ واري.

سنگهر ۾ سٽون ڏيندي، هڪ هنڌ هڪ ٻڪرار گڏيس. ان کان پڇيائين ته ادا، تو ڪو منهنجو پنهون هتان ويندي ڏٺو؟

ڏٺا هڪ شهه پري مخلوق ڄايا

پري ڪون ڏيک او ڊڪ دوڙ آيا

بُزان دُنبي ڦري هر نال چائي

پريرو ٽر تهيندي پيش آئي

پڇي تنهن ڪون ڏِٺوئي ڪو ساٿ والا

ميڪون ڏي ڳيا پنهون ڪيچي ڪشالا.

تڏهن هن چيس ته چري! هو الائي ڪيڏانهن جا هئا، ڪيڏانهن ويا، تون هروڀرو پئي انهن لاءِ رلين، آءٌ سمهان ٿو مون کي ماءُ دعا ڪئي هئي ته جهنگ مان ڳاڙهي ڪنوار ملندئي، سا شايد تون ئي آهين، هاڻي مون سان گڏجي هل ته گهر هلون!

ڏتي وَلدي بدو بزدار ڀولون

ميڪون ڏس دي ڦرين ڪنهن ڪاڻ رولون.

*

پئي بزدار ڪون در دل دَغائي

ڄانتسُ ميڏي نصيبين حور آئي

جيڪي ميڪون ڪِيتيان مادر دعائين

همھ ڪيتان قبوليت آپ سائين.

ٻڪرار جي بري نيت ڏسي، سسئي ويتر پريشان ٿي. آخر ڌڻيءَ در ٻاڏائڻ لڳي ته: اي رب پاڪ! هاڻي هن بُز کان تون ئي منهنجي عزت بچاءِ ۽ مون کي پنهنجي پنهون سان ملاءِ! سندس دعا اگهاڻي ۽ سندس پيرن هيٺان ڌرتي ڦاٽي پئي ۽ سسئي ان ۾ غرق ٿي وئي، باقي فقط سندس چُنيءَ جو ٿورو پلاند ٻاهر رهجي ويو، جتي اهو ٻڪرار ويهي رهيو.

آکيس يا رب ميڪون رک در پناهي

ڏتئي هڪ تان ميڪون طفلون تنهائي.

*

لٿا عرشون حڪم حق دا جڏاهين

ٽٽي ڌرتي ڪَنون پيرين تڏاهين.

*

سسئي ثابت قدم در پرده هوئي

اٿان رهه ڳيا چُني دا پاند ڪوئي

*

کڙا رهه ڳيا بِگانا گرد جهاڙين

يُزان ڦاڙيان تهين ديان بگهاڙين.

هوڏانهن پنهونءَ کي به جڏهن نشا ڍرا ٿيا ۽ اک پٽيائين ته پاڻ کي برپٽ ۾ اُٺ تي سوار ڏسي وائڙو ٿي ويو پر پوءِ جلد ئي سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويس. سو ڇا ڪيائين جو نڪا ڪيائين هم نڪا تم، يڪدم ٽپو ڏيئي اُٺ تان لهي ٿيو هيٺ ۽ ساٿ وارن کي چيائين: توهان مون سان دغا ڪئي آهي ۽ دولاب سان هتي وٺي آيا آهيو، پر هاڻي منهنجي الله واهي اٿو، آءٌ وڃان ٿو پنهنجي سسئي ڏانهن. اتي ڀائرن يارن کيس سمجهايو، دڙڪا دامان ڏنا، پر پنهون به ترار ڪڍي بيهي رهيو، چئي: خبردار جو مون کي روڪيو اٿو، جيڪو به منهنجي ويجهو ايندو، تنهن کي ختم ڪري ڇڏيندس!

چشم ڪون هر طرف مشتاق چايا.

*

بدن جاما ٿيا ڦِر جوش والا

پنون ڪون ياد پيا معشوق لالا

*

لٿا اٺ تون شتابي کا ڀنوالِي

ٽُٽي شهباز دي دستئون دُوالي.

*

آکيس ڪيتي تُسان مين نال بازي

رکيا برسر سقيلا دست غازي

آکيس جيڪي تسان سڀ ساٿ والي

ڪريسان مين همھ ڀُون دي حوالي

*

ڪڍيا شھ چا سقيلا مونهن نقابون

بنا لشڪر دُزيندا تيز تابون.

بس، پوءِ ته پنهون کي ضد تي ڏسي، چنون، هوت ۽ سندس ساٿ وارا ماٺ ڪري بيهي رهيا ۽ پنهون وري پويان پير ڪري واپس وريو.

چَنون هوتا ڀنين در خوڪ ڏوهين

نه ڪجهه ٿِيون پدر دي واٽ سونهين.

قدم چايا اُٺايا مرد غازي

ڀَلين کيڏي پنهون شھ عشق بازي

جٿون آيا سڃاتيس واٽ سائي

پنهون ويندا اُٺين دي پير چائي.

هلندي هلندي، پنهون اچي سنگهر ۾ نڪتو. هڪ هنڌ ڏسي ته هڪڙو ٻڪرار ويٺو آهي. هن اچي خبرون پڇيس ۽ سسئيءَ جو ڏس به پڇيائينس. تنهن تي ٻڪرار کيس سمورو احوال ڪري ٻڌايو ۽ چيائينس ته: اُها پري اجهو هتي، زمين جي ٽڪري تي گم ٿي وئي آهي، باقي سندس چُنيءَ جو پلاند ٻاهر رهجي ويو آهي، سو اهو ڏسجي پيو. پنهونءَ ويجهو اچي پلاند ڏٺو ته يڪدم سڃاڻي ورتائين ته اهو پلاند سندس ڪنوار سسئيءَ جي چُني جو هو.

قدم چا شھ سنگهر دي گرد آيا

ڏٺا ڪيچي پنون مخلوق ڄايا

*

پنون شھ ٽر تَهيندي پيش آيا

پڇي خبران مبارڪ مَلڪ ڄايا

ڏِتي ولدي بُزين والي برادي

آکيس شھ مَين ڏٺي هڪ ملڪ زادي

ڦِري روندي ڳليندي ساٿ والي

آيس مين سڻ اٿان فرياد نالي

پري گم ٿَئي زمين در کا غطاوا

اِٿان رهه ڳيا سو تنهن دا پاند ساورا

*

پنون آيا قدم ڀر پاند تائين

پَلؤن ڪون رو سُڃاتا ڪيچ سائين.

پوءِ ته يڪدم رب کي عرض ڪيائين ته: ڌڻي منهنجا، مون کي پنهنجي محبوب سان لاءِ! هن جي دعا به ڌڻيءَ در قبول پئي ۽ هڪ دفعو وري به زمين ڦاٽي پئي ۽ پنهون وڃي پنهنجي سسئيءَ سان مليو.

آکيس يا رب ميڏا سڻ سوال سارا

مدد ڪر تون نبي حضرت سونهارا.

*

ڪري رب دي اڳون ارداس آهِين

جٿان مهرو ميڪون رب ني اُٿاهِين

حڪم حق دا ٿيا تنهن وقت جاري

ڏُهين گڏ ٿئي زمين وچ مرد ناري

کُلئي وَل وا وصل دي سرد جهولي

ٻـــيٺي عـــاشق اُٿان هُن تان اَڀولي.

 

منشي خدا بخش جي چيل مثنوي*

 

منجهه تعريف پروردگار جي

 

ڪريان تعريف اول پاڪ رب جي

لهي ٿو سار مالڪ خلق سڀ جي

ڏئي پيو روز سڀ ڪنهن کي رسائي

پورائي سڀ ڪنهن جي ٿو ڪرائي

پالي ٿو اِنس ۽ سڀ جيو

اهڙو آهي منهينجو پاڪ پرور

ڪريان تعريف تنهن جي ڇا زباني

آهي تعريف تنهنجي بي بياني

محمد مير مرسل پاڪ مظهر

مُڪو رهبر ڪري تنهن پاڪ پرور

اڙين جي اوٽ عالم جو اَجهو آهه

اسان کي پڻ انهيءَ جو ڀروسو آهه

آهي مرسل ڌڻي شافي شفاعت

ڪندو سڀ جي شفا سو ڏينهن قيامت

آهي ننگ سڀڪهين جو بار ان تي

نرالو يار منهنجو بار ان تي.

 

ساقي نامھ

هلي آءُ يار ساقي ڏي پيالو

لکان مستي اندر مان هي رسالو

شرابِ ارغواني بلڪ ڪوثر

ادا ساقي هجي سو روح پرور

علي ساقي آهي سو جام جم جم

اسان جا سڀ ڪٽيندو سو الم غم

وڃان قربان ساقي تؤن آءٌ صد بار

جنهن پياريو وري هي ڪيف خمار

ڪري هٿ ۾ قلم لک عشق جا پار

قصو سسئي پنهل جو ڪر تون اظهار

پنهنجي محبوب جي تعريف ۾

مٺو محبوب لاثاني يگانو

ڪري آزيون جنهن کي ٿو زمانو

سوين ٻانها سندس نوڪر سڏائين

وڏائي ويس سڀيئي سي ٿا لاهين

هزارين سر نوائن ٿين سلامي

هزارين بادشاهن ڪئي غلامي

سوين سرمست صوفي ٿيا وتن ٿا

سوين سالڪ اتي سوري چرهن ٿا

خدايا سڻ سوال سندو ”خدابخش“

مٺي منٺار جو وصال تون بخش

 

شروع قصو، صلاح ڪرڻ برهمڻ جي زال پنهنجي سان

هيو هڪڙو برهمڻ منجهه زماني

ڪمي تنهن کي نه هئي سندي خزاني

وٺي خيرات اچي جيڪو ٿو سائل

مگر اولاد لئه هو سو سڪايل

ٻئي گڏجي ويا سي وٽ نجومي

ڪري من ڪا نظر اوهو علومي

ڪرن دانهون ٻُجهن سي عرش تائين

خدايا سوال سائل جو اگهائين

گهڻو ناڻو اڳيون ان جي رکيائون

گهڻي سان عاجزيءَ جي حال چيائون

نجوميءَ چيو اُنهن کي  ڇو رڙو ٿا

نڪي احوال پنهنجو مون کي چئو ٿا

آهيون اولاد جا سوالي اسان ٻئي

جنهين لئه آ اسان هيءَ عاجزي ڪئي

نجومي توکي نالو رام جو ٿي

صفا چئو حال هاڻي ڏس تون پوٿي

ڪڍي پوٿي نجوميءَ چئي ڪهاڻي

اوهان کي هڪ ڄمندي صاف نياڻي

پنهون پٽ ڄام آريءَ جو چون ٿا

لکيل انگ ازل کان هن جو آءِ ان سان

ٿيندي سا تنهن پنهل جي حال ڀائي

لکيل ايئن امر هي آهي اِلاهي

ويا موٽي ٻئي غمناڪ در غم

هميشه ٿيو مٿن هي اوندهه الم

خدا جي ٿي اچي قدر شيدا

انهن کي ڌيءَ سهڻي ٿي سا پيدا

خدا سِپ جان ڪيو ڪو ڪم تن تي

ڏنائين ڌيءَ هڪ سهڻي تنهين کي

تهين جو مٽ نه ڪو پيدا ٿيو ثاني

سوين سورهيه اچي ٿيا تنهن جا ڏاني

گلن جهڙو بدن ڏند مثل ڏاڙهون

سوين سرمست ٿيا اُن تي ڪي ماڻهو

سر و قد هئي صنوبر کان وڌيڪ سا

ڪرايون چست بازو مان چوان ڇا

اکيون ڪجليون آهن تنهن جون خماري

اکين ۾ سيف ۽ هٿ ۾ ڪٽاري

برهمڻ چيو سندم هيءَ ڳالهه ٻڌجانءِ

سڄو ڪن پانهنجو مون ڏانهن ڏجانءِ

ته هيءَ ٿيندي مسلم نيٺ آخر

وجهون درياءُ ۾ جيئن ٿئي نه ظاهر.

 

 

بيان سسئيءَ کي درياهه ۾ وجهڻ جو

وجهي صندوق ۾ تن هيڪ واري

ڪئي داخل قهر سان تن ويچاري

ڏکيءَ جي ڏک سندرو ترهو توائي

ويهي پيءُ ماءُ هٿ سان جا لوڙهائي

ڏئي لولي ڏکن جي منجهه بحر جي

وڃي ٿي اُت واصل سان قهر جي.

 

سسئي جو ڀنڀور ۾ اچڻ ۽ ڌوٻيءَ جو ڪڍڻ

 

هيو ڀنڀور هڪ اُت ڀر بحر جي

اچي پهتي انهيءَ وٽ سا شهر جي

کٽي هو شهر اُن ۾ مرد مانجهي

هيو سائل سدائين شام سانجهي

نه هئي اولاد اُن کي هو سڪايل

سدائين پاڪ رب وٽ هو سو سائل

کڻي ڪپڙا مٿي درياهه آيو

اُتي جان اُن بحر ۾ تنهن چتايو

ڏٺي صندوق پاڻيءَ جا آئي

ناهي خالي آهي قدرت الاهي

ڪري صندوق پاڻيءَ کان سا ٻاهر

ڏسان ڇا هي منجهس ٿئي ٿو ڪي ظاهر

اڃان کولي کڻي صندوق سائي

آهي نينگر ستل قدرت الاهي

ٿيو خوش حال اُتي سوئي گاذر

اسان تي آهه ڪرم ڪيو پاڪ پرور

کڻي نينگر ٿيو گهر ڏي سو راهي

وڏا ٿورا تنهنجا هن يا الاهي

اُنهيءَ ڪيو زال سان احوال سارو

اسان جو اجھ وريو آهه واهه وارو

اسان اڄ خوش ڪنان اولاد ٿياسون

ويا سڀ ڏک اهي اڄ شاد ٿياسون

اگهيون آهون اسان جون در خدا جي

مراديون شاديون ٿيون گهر اسان جي.

 

بيان سسئي کي ناز ۽ نعمت سان پالڻ

 

سوين ماڻهو ڏسڻ لئه اُن جي آيا

ڪري سر ساهه صدقو تن گهمايا

ڏسڻ سان ٿي انهن ماڻهن کي حيرت

آهي هيءَ ڪا پري يا حور صورت

آهي هيءَ ماهه يا ڪا حور پيڪر

عجب صورت ڏني هن کي آهه قادر

غرض سا ساڻ نازن جي پلي ٿي

اتي سڀڪا ڏسڻ ان کي هلي ٿي.

 

بيان باغ جوڙائڻ ڌوٻيءَ جو سسئي لاءِ

 

سڏايو اُٽ کٽيءَ هڪڙو آرائين

سڏي ان کي ويهي هن پرچيائين

رکي ڏي باغ هڪ سهڻو صفا ڪو

هجي سهڻو چڱو ۽ دلڪشا سو

رکج ان ۾ ادا خاصا چمن تون

جيئن ڏک سڀ ڪرن پاسو دلين کون

انهيءَ ۾ گل گلابي ۽ اناري

هجن خيرو ۽ سورج سي چوڌاري

هجن لالا ۽ ان ۾ گل عباسي

هجي نرگس ڪري خوشبو خصلي

هجن جنگي ۽ ڏانگر انب ليما

اچي کوڙيون اُتي سي خوب خيما

سو اُن جي هجي تڪمو ۽ بيهي

هجي ڪچنار چنبيلي سڀيئي

هجي اِلسي ۽ ڪرنو دالچيني

هجن پستا صنوبر سڀ رنگيني

هجن انگور ڦوٽا ۽ ڪي انجير

سرو شمشاد ڪن دل چاڪ ۽ چير

ٻيا ناريل شفتالون ۽ سنجهون

هجن زيتون نارنگيون ۽ کجون

هجي ڪي تُوت ڪيسو ۽ نمون ڪي

وڏا ڪي ترنج رابيلي رتن سي

شڪر بالا هجن ۽ صرف زردا

هجي ٻيو عشق پيچي لونگ عمدا

هجن گل ڪيتڪي سهڻا صفا ڪي

مٺا ڏاڙهو ۽ زردالو صفا سي

گهرين جيڪي ڏيان توکي خزانو

عجب واهه تون بنائج بوستانو

هجي چوگرد عمدو ۽ چوڌاري

گهمڻ سان يار جنهن جي ٿئي بهاري.

 

بيان دوست ٿيڻ باغ جو ۽ سير ڪرڻ سسئي جو

 

سسئي نالو رکيائون نينگريءَ جو

ٿيو مشهور نالو تنهن پريءَ جو

ٽلي ٽلندي پري سا هڪ ڏهاڙي

مٺا ماريس وري اکڙين جي ڌاڙي

هلي بستان ۾ آئي پُري سا

لڳي برهَن سندي مونکي ڇُري ڪا

ڪبڪ رفتار ۽ دلدار منٺار

ٻولي ڄڻ ٿي ڪري بلبل جي گفتار

ڪري تعريف ڪيان ڇا مان انهيءَ جي

ڪجي تعريف سرور ۽ علي جي

خدا مالڪ ڏني صورت انهيءَ کي

برابر مون چوان يوسف تنهين کي

زبان خاموش ڳالهائڻ ڪنان ٿِي

مٺي مالڪ عجب صورت عطا ڪئي.


* ڇپيل ڪتابڙي ”قصو سسئي ۽ پنهونءَ جو.“ انڊيا آفيس لئبرري لنڊن، مارچ 1914ع تان ورتل .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org