سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 20

 

 

پوئين دؤر جي شاعرن جون بيتن ۾ جوڙيل ڳالهيون

هن روايت هيٺ پوئين دور جي ڪن شاعرن جون بيتن ۾ جوڙيل ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن: (1) حاجي امام بخش خادم جي بيتن ۾ جوڙيل ڳالهه (2) پير بخش فقير ڪلوئي (تعلقو ڏيپلو) جي بيتن ۾ جوڙيل ڳالهه (3) ڪڇ جي شاعر دُليراءِ ڪاراڻي جي بيتن ۾ جوڙيل ڳالهه (4) ڀاڳو مهر جسواڻي (رحيم يار خان) جو جوڙيل بيت، ۽ (5) لعلڻ خان لغاري  (تعلقو شهدادپور) جي بيتن ۾ جوڙيل ڳالهه. انهن شاعرن وٽ پڻ ڳالهه جي سٽاء اُهائي ساڳي آهي، جيڪا عام طور تي سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. انهن ڳالهين ۾ ڀاڳو مهر واري ڳالهه نهايت ئي مختصر آهي، جيڪا فقط هڪڙي بيت ۾ بيان ڪئي اٿس. البت لعلڻ خان لغاري واري ڳالهه  قدري تفصيلي آهي، ۽ هر هڪ بيت کان پوءِ نثر ۾ پڻ ڳالهه جا ٽاڻا ڏنا اٿس. لعلڻ خان واري ڳالهه جا شروعاتي ڪي بيت ڪنهن ٻئي شاعر جا جوڙيل آهن، جن ۾ لعلڻ خان قافين جي ڦير گهير ڪئي ۽ ڪن بيتن ۾ تـُـڪن ۽ مصراعن جو اضافو ڪيو، ان بعد باقي ڳالهه بابت پنهنجا بيت جوڙيائين. اهي جملي ڳالهيون هن بعد شامل ڪيون ويون آهن.

 

حاجي امام بخش خادم جي وڌايل بيتن واري ڳالهه

[هيءَ اُها ڳالهه آهي جيڪا منشي اُڌا رام ٿانورداس ميرچنداڻي گڏ ڪري سنه 1881ع ۾ ڇپائي. حاجي امام بخش ان جي شروع ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه بيان ۽ پنهنجا 34 بيت ان ۾ شامل ڪيا ۽ ان کي منشي پوڪر داس ٿانورداس بڪ سيلر شڪارپور مان  ”اصل وڏو قصو دودي چنيسر جو“  جي عنوان سان ڇاپايو. ان جو ٻيو ڇاپو 20- جولائي 1922ع تي منشي پوڪر داس طرفان شايع ٿيو، جنهن تان هي موجوده متن اُتاريو ويو آهي. هيءَ ساڳي روايت جزوي ڦير ڦار سان  ”وڏو قصو دودي ۽ چنيسر جو“  جي عنوان سان  ’هريسنگ ڪتبخاني ڇاپخاني سکر‘  طرفان ڪئين ڀيرا شايع ٿي. ڇهون ڇاپو سنه 1924ع ۾ شايع ٿيو. هيٺ فقط حاجي امام بخش طرفان ڏنل ڳالهه جو بيان ۽ سندس جوڙيل بيت رکيا ويا آهن، ۽ منشي اڌا رام واري ڳالهه (جيڪا ان کان اڳ اچي چڪي آهي) وارو مواد ڇڏي ڏنو ويو آهي.  ن - ب]

بيان هن ريت آهي ته سنڌ جي حڪومت سومرن جي هٿ ۾ 300 ورهيه هئي. دودو ۽ چنيسر جي ٻئي ڀائر هئا، تن 70 ورهين حڪومت ڪئي. دودي جي ماءُ ڀونگر سومري بادشاه جي ڏاڏي پوٽي زال هئي. چنيسر جي ماءُ، جا بادشاه عشق مان پرڻيو هو، سا ذات جي لـُـهر هئي. بادشاه ڀونگر کي پهريائين ڏاڏي پوٽي واري زال مان ڌيءَ ٻاگهي ڄائي، جا حسن ۾ خورشيد بانو کان به ڪثر هئي. پوءِ چنيسر عشق واري زال مان ڄايس. پوءِ دودو اصل واري زال مان ڄايس. بادشاه ٻنهي ڀائرن جي شادي ڪئي. دودي جي سومرن مان ۽ چنيسر جي ڌارين مان. چنيسر جي ماءُ کي اها ڳالهه ڪين وڻي، خيال ڪيائين ته بادشاه جي مئي کان پوءِ سومرا ڌاري ذات سمجهي پڇندا ئي ڪين تنهن وجهه وٺي بادشاه کي خوشيءَ جي وقت ۾ چيو ته: مون جهڙي غمگين ڪا زال هن جهان ۾ ڪانه هوندي، جو ڏينهون ڏينهن انهيءَ غم کان وڃان ٿي بيمار پوندي. تڏهن بادشاه پڇيس ته: اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ جنهن تي راڻيءَ سمورو حال چنيسر جي شادي جو ٻڌايس. بادشاه چيس ته: تون تسلي ڪر آءٌ انهيءَ لاءِ پورو بندوبست ٿو ڪريان. جي دودي کي ڌيءَ ڄائي ۽ چنيسر کي پٽ ڄائو ته دودي جي ڌيءَ چنيسر جي پٽ سان پرڻائيندس. اتي راڻي خوش ٿي، ڌڻي جي قدرت سان دودي کي ڌيءَ ڄائي ۽ چنيسر کي پٽ ڄائو. بادشاه ٻنهي جو مڱڻو ڪيو ۽ حڪم ڪيو ته  ’خبردار ڪوبه انهيءَ مڱڻي تي ناراض نه رهي. جيڪو ڦرندو سو ڦاهيءَ جي لائق ٿيندو‘ . نيٺ ٿوري مدت بعد بادشاه ڀونگر وفات ڪئي. بادشاه جي مئي کان پوءِ ڪي چون ته بادشاهي چنيسر کي ڏجي، ڪي پيا چون ته دودي کي ڏجي. نيٺ پاڻ ۾ تڪرار ڪندي اها ڳالهه وڃي پارڻ وزير جي ڪن پيئي. وزير ٻنهي کي سمجهايو ته بادشاهي اول حق انهيءَ جو آهي جيڪو پهرين اولاد هجي، توڻي ڌيءَ هجي يا پٽ. هاڻي جڏهن بادشاه جي ڌيءَ ويٺي آهي تڏهن انهيءَ کي ڏجي ۽ انهيءَ جو حق آهي. پوءِ سندس مرضي دودي کي ڏي يا چنيسر کي. اها ڳالهه سڀني کي وڻي، تن ٻاگهي ڏانهن خط لکيو ته  ’بادشاهي تو کي ڏجي ٿي، هينئر پاڻ ڪر يا ڪنهن ٻئي پنهنجي ڀاءُ کي ڏي-‘  تنهن تي ٻاگهي جواب موڪليو ته: آءٌ ڪنواري آهيان. جڏهن ٻه ڀائر آهن ۽ لاچاري ڪانهي، تڏهن خوشيءَ سان پنهنجي طرفان راڄ وڏي ڀاءُ چنيسر کي ٿي ڏيان. اتي چنيسر خوش ٿيو، چيائين، ته: اوهان هلو ته مان ماءُ کان موڪل وٺي اچي حڪومت هلايان. هي ويو ماءُ ڏي، اها ڳالهه سومرن کي نه وڻي، چيائون ته: هيءُ زنانو آهي، تن زور سان دودي کي تخت تي ويهاريو. پر اها ڳالهه چنيسر کي نه وڻي، تنهن علاءالدين بادشاه دهلي واري کان وڃي مدد گهري، جنهن پنهنجو لشڪر سنڌ تي چاڙهي موڪليو. پوءِ دودي کي لڙائي نه وڻي، تنهن چنيسر جي پٽ کي وڪيل ڪري، چوائي موڪليس ته: اسين چنيسر کي بادشاهي ڏيڻ ۾ راضي آهيون ۽ نه لڙائي ۾، لشڪر موٽي وڃي. چنيسر خبر ٻڌي ته لشڪر موٽي ٿو وڃي، تنهن بادشاه عالاوالدين کي چيو ته: اوهان جي نوازش سان آءٌ خوش ٿيس. هينئر منهنجي ڀيڻ ٻاگهي نالي جا بلڪل حسين آهي، سا توهان کي پرڻائيندس. بادشاه علاءالدين خوش ٿيو، تنهن دودي کي چوائي موڪليو، پر سومرن کي اها ڳالهه نه وڻي، جو هنن ڪڏهن به پنهنجي نياڻي ڌاري قوم سان نه پرڻائي هئي. سومرن کي چنيسر جي اهڙن لڇڻن تي ڪاوڙ آئي. شادي نه ٿيڻ ڪري دهلي جي بادشاه کي به ڪاوڙ لڳي. سومرن جي طرفان ننگر گهڻو لشڪر گڏ ڪري لڙائي ڪئي، نيٺ مارجي ويو، پر وچ ۾ ٻيا ڪيترا حاڪم ۽ سردار ناس ٿي ويا ۽ بادشاه علاءالدين جو ته سمورو لشڪر مارجي ويو، ڪي پنج اَٺ سپاهي وڃي رهيا، تنهنڪري دهلي وڃڻ نامناسب ڄاڻي، گوري کائي ميرپور ماٿيلي ۾ ساه ڏنائين.

صفت ۾ سارهه، ٿي سونهي پاڪ الله کي
جنهن جوڙي جملي جهان کي، رکيو منجهه نگاهه
ڪي خلقيائين صورت وارا، محسن مانند ماهه
ڪي سانوارا، ڪي ڪڻڪ وَنا، ڪي ڪارا شڪل سياهه
ڪي نبي نيڪيءَ ڀريا، جي سندس ڏيکارين راهه
ڪي ولي ولايت وارا، آهن ويچارن جي راهه
ڪي ڪافر مجوسي سخت دل، ڪي گبر ۽ گمراهه
ڪي ڊڄڻا دل جا سخت گهڻو، ڪي بانڪا بيپرواهه
ڪي موذي منافق مـُـسڻا، ڪي سخي دل درياهه
ڪي پينو در در پنڻا، ڪي بلند همت بادشاه
ننڍي وڏي مخلوق جي، اٿس سڀ آگاهه
اهي پسارا سڀ ڪيا، ڪارڻ محمد شاهه
جڳ سڄي جي جسم ۾، آهي سرور وانگي ساهه
لائق لئي، لولاڪ لما، خود آکيو ئي الله
تڏهن چئجي منجهون چاهه، صفت رب رسول جي.
 

---

صفت رب رسول جي، ڪري ڪونه سگهي
عاجز ٿيا سڀئي اتي، لک عارف ويا لنگهي
منهنجو اکر شال اگهي، حاضر ناظر حق وٽ.

 

---

حاضر ناظر آهه سو، هميشه موجود
قدم سندس قدرت جو، بيشڪ نا محدود
والي رب ودود، ٿو ڄاڻي پنهنجي ڄاڻ کي.

 

---

موليٰ جي ملڪن منجهان، آهي سنڌ جو ملڪ ڀي
خاصو آهي خير ڀريو، پيدا آهي سڀڪي
ورتي ٿي نيڪي، اڪثر امام بخش چئي.

 

---

هن سهڻي سنڌ ملڪ تي، ٿيا گهڻا ئي حاڪم
اول هندو حڪمران هئا، پوءِ عرب ٿيا عالم
سومرا پڻ سردار ٿيا، سنڌ مٿي سالم
جي ويا نانءُ ڪري، قائم، عدل شجاعت ۾ گهڻو.

 

---

 ”ڀونگر“  نالي بادشاهه هو سومرن جو سردار
تنهن  زالون پرڻيون ٻه هيون، ٿئي اولاد ڪو اظهار
هڪڙي ڏاڏي پوٽي هئي، ٻي عشق منجهان آشڪار
اول ڄايس عاجزه، ڏنهن ڏاڏي پوٽي نار
صورتمند سهڻي هئي، سورج جي آثار
وري ساڳي زال مؤن، ٿيس دودو پٽ دلدار
عشق واري مؤن پٽ ٿيس، چنيسر چغليار
ڏسي گل اکين سان، ٿئي ڀونگر دل گلزار
ڏيهه ڌڻي ڏاتار، ڏي هر ڪنهن کي ميوو اهو.

 

---

دودو چنيسر چاڳلا، جڏهن ٿيا جوان
پرڻايو ٻنهي کي کڻي پـِـڻهنِ پهلوان
ڀونگر بهادر بهادشاهه، سومرن جي سلطان
ڏاڏي پوٽي دودي کي پرڻائي سان شان
چنيسر کي ڀي چاهه مؤن ڪيائين شادي سان شادان
پر قوم پنهنجي مان ڪين ڪيائين، جو هو پاڻ به انهيءَ عنوان
تنهن تي عشق واري کي ارمان، ڏاڍو ٿيو هن ڳالهه جو.

 

---

ڳالهه اها لـُـهرِ کي، لڳي ڏاڍي ڳوري
ڳڻتي ۾ ملول ٿي، دل پنهنجي سان دوڙي
هئي جا پاڇي چڙهي بادشاه سان، آهي ڏاڍي ڪوڙي
پوءِ وڌائين پوڙي، عجب سا اشناءَ کي.

 

---

عجيب سا اشناءَ کي، هي چيائين احوال
ته دوئي رکڻ تنهنجي کان، آهي گهڻو ملال
هڪڙا رکين غير اکين ۾، ٻيا ڀانئين صاف دلال
دودي سان هڪ ريت هلين، چنيسر سان ٻي چال
جڏهن تنهنجا ئي اهڙا حال، ته پوءِ ڪهڙي اميد آه عام ۾.

 

---

رهندو هتي ڪونه ڪو، آهي فاني هي جهان
نيٺ جڏهن هي جڳ ڇڏي، رب ڏي ٿين روان
گڏجي سڀئي سومرا، ڪندا دودي کي سلطان
نظر رکندا ڪانه اسان تي، ڪونه ڪندا احسان
آهيان آءٌ حيران راتيان ڏينهان انهيءَ ۾.

 

---

ٻڌي ڀونگر ڳالهه اها، ويو ڳڻتي منجهه ڳري
ماٺ ڪري ڳچ مهل ڪا، هي ورندي ڏنانس وري
ته تون خوشي منهنجي دل جي، نه ڪر ڳڻتي هڪ ذري
ڪندس صلاح چڱي آءٌ، جو ويندءِ ڳڻتي سڀ ٽري
ساڻ تحمل ٺري، ٻڌ صلاح منهنجي دل جي.

 

---

جي پٽ چنيسر ڄائو، ۽ دودي ڄائي ڌي
کڻي ڳنڍيندس ٻنهي کي، مائٽي ملائي هي
پوءِ رهندا سڪ سچي گڏ گذاريندا پاڻ ۾.
(1)

 

---

اها خبر ٻڌي خوشيءَ جي، ڪيا لـُـهاري لک شڪر
اگهيو چوڻ ڀونگر جو، موليٰ ڪئي مهر
پٽ چنيسر کي ٿيو، دودي کي دختر
ٻئي مڱايا پاڻ ۾، پاڻ بيهي ڀونگر
تنهن پاڪ ڌڻي پرور، عجب انگ وهائيا.

 

---

پر رٺا رهيا هن ڳالهه کؤن، سومرا سڀيئي
ڪين ويا مجلس ۾ سي ڏينهڙا ڪيئي
خبر تن جي ڏمر جي، وڃي ڀونگر کي پيئي
چيائين مون ڪيو آهي ڪم، شريعت جو سڀيئي
تنهن کي ٽنگبو ڦاهو ڏيئي، جيڪو وير وجهائيندو وچ ۾.

 

---

جڏهن پيئي سڌ سومرن ته ڀونگر ڪاوڙيو آهه
مڙي مصلحت تن ڪئي، ڏيون ڏمر کي باهه
هن ۾ اسان جو ڇا، جو ويساه وڃايون پانهنجو.

 

---

پوءِ ته پاڻهي آيا، ڀونگر جي درٻار
بادشاهه ڏنن ڪانه ڪا، مـُـنهن تي ڪابه ميار
خوش ٿي گذاريائين تن سان، باقي سڀ ڄمار
تنهن سومري سردار، چڱي رهائي راڄ سان.

 

---

چڱي رهائي راڄ سان، ڇڏيائين هي جهان
ڇڏي دار فنا کي ، ٿيو موليٰ جو مهمان
بعد مرڻ بادشاهه جي، ٿيو خالي تخت مڪان
مڙيا سومرا پاڻ ۾ ته ڪريون دودي کي سلطان
ڇو جو آهي ڏاڏي پوٽيءَ مان نامور نيشان
ڪن چنيسر لاءِ چيو، جي هوشمند مهربان
پر  ’ٻارڻ‘  وزير چيو اتي، جوهو لائق نيڪ بيان
ته اوهين مفت مباحثو نه ڪريو، جنگ جـَـهڙو جولان
حق حڪومت آهه انهيءَ جي، جو هجي عمر منجهه ڪلان
پوءِ ڌيءَ هجي يا پٽ هجي، تنهن جو ناهه ارمان
ڌيءَ پهرين بادشاهه جي، آهي ٻاگهي جا ٻـُـڌوان
پوءِ دودي کي يا چنيسر کي ڏي، جيئن اچيس ڌيان
يا پاڻ هلائي بيگم ٿي ڦيرائي فرمان
پوءِ اهڙي سان عنوان، راضي رهيا سڀ سومرا.

 

---

تڏهن لکي موڪليو حال هي، ٻارڻ ٻاگهيءَ ڏي
ته تخت پڻهين جو ٿو ڏئي، راڄ مڙئي توکي
پاڻ هلائين ڪي چنيسر کي ڏئين، ڪي ڏئين دودي کي
هاڻي اختيار آهي تنهنجي، آهين مالڪياڻي مرضي جي.

 

---

تڏهن ٻاگهي ٻارڻ ڏي مـُـڪي، هي وراڻي ٺاهي
راڄ هلائڻ زال ماڻهو کي، اصل مناسب ناهي
پٽن جهڙو اولاد پيءُ کي ڌڻي ڏنو آهي
دانهه دلاور سي، ناهن گسڻ جا گاهي
راڄ ڏيڻ جو بار مون تي وڌو اٿو لاهي
تخت چنيسر کي ڏيو، جو وڏو عمر ۾ آهي
ابو ٺاهي ويو آ ٺاهه اهو، ڪونه  ٻيو ڊاهي
متان ڪو ساهي، سينو سومرو تنهن سان.

 

---

ٻاگهي وٽان راڄ ڏي، جڏهن جواب آيو
چنيسر کي تخت ڏيڻ جو، سڀني ڪيو سعيو
اٿي چنيسر چست تون، توکي موليٰ مرڪايو
ويهه چنيسر تخت تي، وٺ سڀني جو رايو
تڏهن چنيسر تن سان، هن پر اَلايو
ته اوهان سامان آڻايو، آءٌ موڪلائي اچان ماءُ کؤن.

 

---

هي ويو موڪلائڻ ماءُ کؤن، پٺيان راڄ ڪئي تجويز
ته ڪڏهن پڄندو ڪم ڪينڪي، ڪنان هي بي تميز
اٿس دانائي ڪانه ڪا، جا آهي عجائب چيز
ملڪ تي مهميز، هيءُ زنانو ڪندو ڪانڪا.

 

---

پوءِ وهاريائون تخت تي، دودو دلاور
خلق ساري خوش ٿي، ٿيون شاديون منجهه شهر
دهل، نغارن، نوبتن، لاتو ڌو ڌو ڌم ڌچر
ڏيهه ڌڻي ڏاتر، تو جوڙي جوڙ جهان جي.

 

---

پوءِ ته اچي پڌري پئي، دودي مليو راڄ
ٻڌي چنيسر ڳالهڙي، وه ٿي ويس کاڄ
موڙهو اچي ملول ٿيو، ڪونه پـُـنس ڪو ڪاڄ
سڙي ويو سوز ۾، ڏک جو مليس ڏاڄ
چيائين حرام آهي آج، رهڻ هن ملڪ ۾.

 

---

وٺندس وير انهن کؤن، جن مون سان ڪئي بازي
دهلي ويو دانهين، ڪري دورون درازي
بالا قوت بادشاه هو، علاوالدين غازي
ڪوڙيون ڳالهيون ڪري انهيءَ سان، هٿ ٻڌي آزي
نيٺ ڪري نيازي، چاڙهي آيو چنڊال سو.

 

---

پوءِ علاوالدين امر ڏنو، ڪريو تياري
نو لک لشڪر جا چاڙهيا، چئنچل چوڌاري
گهوڙا گاڏيون اُٺ هئا، هاٿي اَنباري
مال اسباب خوراڪ، ٻئا باروت هئا باري
دهڪي ساڻ ڌٻي وئي، ڌرتي ويچاري
پٽيندا سٽيندا اچن پيا، رستا ڪري جاري
سا فوج سڄي ساري، اچي ويجهي ٿي روپاه کي.

 

---

اتي سومرن جان ڏٺو ته لٿي فوج ڏاڍي باري
چارهيو آيو علاوالدين کي، آيو ٿي چنيسر چاري
تڏهن دودي ڏياري موڪليو، ننگر نرواري
ته خرچ ڀري ڏيون اوٽ موٽ جو، اوهان ڪريو پوئواري
چنيسر کي چاهه مؤن، ڏيون حڪومت ساري
آهي توبهه اسان جي زاري، تون بالا بلند بادشاهه.

 

---

تڏهن پڇيو بادشاهه وڪيل کان، ڇا هي تنهنجو نانءُ؟
چيائين: نالو ننگر منهنجو، آهيان چنيسر جو پٽ آنءُ
هي سنڌڙي جو گانءُ، آهي وطن غلام جو.

 

---

جڏهن چنيسر جي پٽ جي، بادشاهه ٻڌي بات
چيائين مون سڀڪي معاف، جي اوهان جي آهي تات
سڀان ساجهر موٽيو، جو رهبر اڄوڪي رات
ٻي وائي نه ڪجو وات، اوهين راڄ چنيسر کي ڏجو.

 

---

خوش ٿيو تڏهن سڀڪو، ٻڌي هيءَ خبر
پر وڌو وير وچ ۾، چنڊي چنيسر
ته مونکي ملڪ وٺي ڏنو، سائين شير سڌر
پر اوهان جي تڪليفون ڪيون منجهه سفر
عيوض انهيءَ جو اوهان کي، گهرجي وٺڻ جيڪر
ٻاگهي نالي ڀيڻ آهي، دودي کي وَڏوَر
سهڻي آهي صورت ۾، عين پري اَپڇر
شادي تنهن جي توسان ڪن، ساڻ شريعت اظهر
نه ته کڻي تيغ تبر، ڪريون جنگ جولان مؤن.

 

---

تڏهن بادشاهه چيو، ننگر کي نروار
ته ٻانهن ڪڍي ٻاگهي جي، مونکي ڏيو اظهار
ته پوءِ موٽان اهو قرار، وٺي لشڪر پوئتي.

 

---

تڏهن ننگر نينگري، ڏنس اُت جواب
ته ڌارين ۾ سڱ سومرا، ڄاڻن عيب عذاب
ڪين بيگانن ۾ ڪندا، توڻي ڪسي ٿين ڪباب
جيڪو سڱ سومرن کان گهري، تنهن کي ڪهڙو آهي تاب
ڪريون رت وهائي تالاب، هڻي تراريون تنهن کي.

 

---

تڏهن ڏاڍو ڏمريو بادشاهه، ڪري حڪم هڪل
ته ماريو ننگر کي جلدي، ڪانه ڪريو ڪهل
تڏهن اُٿيو اڙد علاوالدين جو، کڻي تال طبل
پوءِ ننگر به بنيو اتهين محڪم وانگي جبل
ويڙهه ڪيائين واهه واهه، پر ماريو تنهن مهل
پوءِ ته پيا اَجهل، ٻئي طرف ميدان ۾.

 

---

جنگ ڪيائون جوش کئون، جنگ وڏي جانگاهه
لکين لشڪر ماريا، ڪٽڪ ڪسي ٿيا ڳاهه
وهيا واهه چوڌاري، رت سندا درياهه
دودي دليري ڪئي، دلاور داناهه
سومرا، ابڙا رئيس ٿيا، ڪيئي پهلوان پاهه
ڳاريا لشڪر پنهنجا، علاوالدين اٿاهه
چنيسر چنڊي چٽ ڪرايا، هزارين همراهه
پر وس ڪنهن جو ڪونه هو، ائين گهريو هو الله
فاني هي جهان آهه، ڪنهن سان ناهه نيباهه
سڀڪو گدا ۽ شاهه، ويندو واٽ انهيءَ سان.

 

---

سائين سڄي جهان جا، مالڪ ۽  موليٰ
رکين نگاهه رحم جي، سائين سٻاجها
انهيءَ  ”امام بخش“  جا، ڪرين ڪم سولا
ڀڃين سڀ ڀولا، اندر مان اونداهه جا.

 

-------

 

پير بخش فقير ڪلوئي (تعلقو ڏيپلو) جي بيتن ۾ جوڙيل ڳالهه

[هيءَ ڳالهه محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻي، تعلقو عمر ڪوٽ، ضلعو ٿرپارڪر کان ملي. فقير پير بخش ڪلوئي، تعلقي ڏيپلي جو ويٺل هو. سنڌ ۾ هلندڙ دودي جي عام مشهور ڳالهه واري سٽاء تي پنهنجا بيت جوڙيائين، جيڪي هت شامل ڪيا ويا آهن. ن - ب]

ساراهيان سچو ڌڻي، جو قادر رب قدير
رزاق رب رحيم، سو سـَـميع بصير
مير محمد مصطفيٰ، مرسل ماه منير
هـِـتي هـُـتي هاشمي، آهي وسيلو وِير
چار ئي يار رسول جا هئا قرب منجهه ڪبير
اصحاب احمد ڄام جا سقيمن سڌير
همراه هيڻن جا هئا امام ٻئي اَمير
مدد مريدن جي آهي پيرن سندو پير
واهرو ولهن جو آهي داتا دستگير
سڻو قصو قسمت جو، آهي باب بي نظير
بابت بهادرن جي آهي ڳالهه ڳهير
ته سومرا حاڪم سنڌ ۾، هئا وڳهه پاسي وير
 ’ڀونگر‘  تن جو بادشاه، مشهور هو مير
ڏسيو ڏَيا تنهن جي، ٿي دولهه ٿيا دلگير
آخر وقت اَخير، تنهن ڌَئيو  ’دودي ڄام‘  کي.

 

---

ڌُڻي دودي ڄام کي ڪيائين تخت مٿي تابان
پيءُ پڃاڻا پـُـٽ سو، ٿيو سـِـنڌ سندو سلطان
سهسين تنهن سڌارا ڪيا، ٻيا دُهرا ڏنائين دان
راضي تنهن مان رعيت هئي، پوڙها توڙي جوان
بهادريءَ ۾ برک هو، هـُـو پـُـرس پهلوان
ڀڳا ٿي برن ۾ تنهن جي هيبت کان حيران
شينهن شور ڦٽو ڪيو، هاٿي ٿيا حيران
اهڙن پارن پڌرو هو نالي ۽ نيشان
هئا آگي جا احسان، سهسين سومري مٿي.

 

---

سورهيه سومري مٿي، هو ڪرم سندو ڪلتار
پٽ پوٽا تنهن کي ڏنا باري بخشڻهار
چنيسر ۽ دودو هئا نانوَ سندن نروار
پيءُ ٻنهي جو هيڪڙو، مائرون ڌارو ڌار
دودي شهزاديءَ جو، ۽ چنيسر سندو لهار
 ’ٻاگهل‘  سندن ڀيڻ هئي، وڏي سان ويچار
پيٽ ڏاڏي پوٽيءَ جي مان عاقل عقلدار
سي ڇڏي سن صغيريءَ جو، ٿيا جوان اچي جونجهار
ڏاڏي ۽ پيءُ جو پاڳ جو، اچي پيو مٿن بار
سکر اچي سوڙها ٿيا، چڱا مڙس چوڌار
سڏيائون ٻاگهيءَ کي، جا هئي وڏي منجهه ڄمار
ته تخت آهي حق تنهنجو، هي تنهن تي آهه تڪرار
يا ويهه تون پاڻ پاڳ ٻڌي، يا ڪر ڪو ٻيو ويچار
اهڙي سان اَڌار، ڇڏيائون فيصلو ٻاگهيءَ تي.

 

---

پوءِ ٻاگهيءَ ڪيو فيصلو، سان اهڙيءَ اَمانت
سڏي سکر راڄ جا چيائين چڱيءَ ڀت:
ته ڀائن هوندي ڀيڻ ڪيئن ڪري حڪومت!
ڀاءُ ڀـَـليرا منهنجا، آهن اعليٰ سان عادت
آهن وارث تخت جا اُهي سڄڻ سلامت
پر پهرين حق وڏي جو آهه اُنهن ۾ البت
چنيسر ڄام چاڳلو، آهي حليميءَ هلت
دودو وڏو دلير آهه، جنهن جي ديمين ۾ دهشت
جيڏانهن راڄ سندي رغبت، اوڏانهن آءٌ به آهيان.

 

---

پوءِ راڄ ڪيو فيصلو ته ٿئي حاڪم چنيسر
سڏيائون وڏي سـِـڪ مان، آيو پـُـرس پيرن ڀر
چيائونس ويهه تخت تي، ٿي حاڪم حڪومت ڪر
ٿي والي وڳهه ڪوٽ جو، ڪر اَبي ڏاڏي جي پـَـر
تڏهن چنيسر چيا راڄ کي اُتي اِهي اکر:
ته بيهو! گهران پڇي اچان، اها صلاح سکر
پوءِ اچيو پاڳ ٻڌان، آءٌ وري هت هينئر
پوءِ ٿيو روانو گهر ڏانهن، سوچيندو سڌر
اچي پڇيائين ماءُ کان، ويهي اِيءَ خبر:
ته ماءُ! ڪر مهر، مونکي سوچي ڏي صلاح تون.

 

---

مونکي سوچي صلاح ڏي، امان! تون اِها
ٻڌائينِ ٿا پاڳڙي، مونکي گڏجيو ڀاء
ٻڌان ڪَ نه ٻڌان، تنهنجي ڪهڙي آه صلاح؟
تڏهن ماڻس تنهن کي منهن ٿي چيا ٻول ٻڌا:
ته رسمون راڄ ڀاڳ جون، پڇييون ڪين گهران
آهي وڏي سمجهه اُن کي، جي ٿين بادشاه
تخت وڃايئي پنهنجو، پنهنجي سمجهه کان
هاڻ ناهي تنهنجو نياء، ويهي گهر ۾ گهار ڏينهڙا.

 

---

گهر ۾ گهار ڏينهڙا، ته ٿينئي ڀاڳ ڀلو
پاڻهي تو ڪئي پاڻ سان، ٻيو ڪنهن جو ڏوه نه ڪو
ماڻس مس ماٺ ڪئي، ته جوڻس جوش ڪيو
چيائين ڄام چنيسر کي، اکر اُت اهو
ته اڳي هيوسون ٻه ڄڻيون، هاڻ ٽيو به ساڻ ٿيو
اڳ پاءُ ڪـَـتيو هو پره جو، هاڻي سير به سويرو
انهيءَ ريت چنيسر کي گهران مانُ مليو
ڪاوڙجي ڪارو ٿي، نـَـر اُتان نڪتو
ڪاهيندو آيو، ڪامل طرف ڪچهريءَ جي.

 

---

جڏهن چنيسر پڇڻ ويو ماءُ کان، تڏهن چڱن ائين چيو
ته هيءُ جو هينئر پڇي ٿو ماءُ کان، سو اڳتي ڪيئن ڪندو؟
پوءِ ڪئي صلاح سڀني، ويچار اُت وڏو
ته لائق حڪومت جو، ڌريان آهي دودو
پوءِ ڪيائون سڏ دودي کي، جو هو لائقن لڌو
ته اچي سنڀال تخت پنهنجو، آهي حق تنهنجو
دودي گهڻئي نٽايو، پر راڄن ڪين ڇڏيو
ٻڌي پاڳ پيءُ جي، ٿي تخت ڌڻي ويٺو
پيو هر هنڌ اِي هـَـوڪـَـو، ته  ’ٿيو دودو والي وڳهه جو‘ .

 

---

پوءِ جڏهن چنيسر ڄام کي پيئي اها خبر
تڏهن هلي آيو ڀاءُ وٽ، سختيءَ ساڻ سڌر
ته پاڳ حق منهنجو، تو ٻڌي ڪهڙيءَ پر؟
تڏهن چيا چنيسر کي، دودي اهي اکر
ته پاڳ نه مون پاڻيهي ٻڌي، مونکي ٻـَـڌئي ويا سکر
مون گهڻو ڳالهايو تنهنجي حق ۾، پر ڪيائون زور زبر
مون تي ڏوه نه ڌر، ادا! آءٌ آجو آهيان.

 

---

اگر تون آجو آهين، چيو چنيسر منجهان چاڳ
ته واري ڏي وڳهه جي پهرين مون کي پاڳ
ته پوءِ لهين لطف جا ڀاءُ اڳيان ڀاڳ
رکي ساڃهه ننڍ وَڏائي جي، ادا! لاهي آڳ
تڏهن دودي چيو ڀاءُ کي، موٽي انهيءَ ماڳ
ملڪ وَس آهي منهنجي، پر منهنجي وَس نه پاڳ
سڄڻ سڄيءَ سـِـنڌ جي، واري وٺ تون واڳ
ٿي سياڻو سـُـجاڳ، ڪر حڪومت هوش سان.

 

---

تڏهن چنيسر چڙي چيو، ڏَمرجي ڏاڍو
ويندس دانهين دهليءَ ڏي، ڪست ڪري ڪاڍو
اِئين وڍائيندس وڳهه ڪوٽ کي، جيئن وڻ وڍي واڍو
آڻيندس ڪٽڪ ڪروڙن جو، جـُـنگ هتي جاڏو
وجهندا وڳهه ڪوٽ کي خان اچي کاڏو
اهڙين اڙٻنگن کي، ڪو ايندو ڪونه آڏو
ائين ڪانئر ڀڄندا ڪوٽ ڇڏي، جيئن هنيون وڃي هاڏو
جڏهن ايندو پڙ اندر پاڏو، تڏهن ڳابا ڀڄندا گس ڪري!

 

---

پوءِ چنيسر ائين چئي، ٿيو رُسي روانو
ڪاوڙ ۾ ڪاراٽجي ٿيو دولهه ديوانو
وٺي گس دهليءَ جو، هو پـُـريو پروانو
چيو ته مڃيائين چڱن جو، ٿيو نڪري نيشانو
ميڙيون تنهن موٽائي ڇڏيون، ٿيو مڙس مستانو
پـُـٽن، ڀائن، ڀيڻن کان، ٿيو ڀـُـلجي بيگانو
دانـَـهه هليو دهليءَ ڏي، کڻي خزانو
پوءِ بنيو بهانو، وڳهه جي ويرانيءَ جو.

 

---

ورنهه نڪتو وڳهه کان، ڇـُـٽي منجهان ڇوهه
لتاڙيندو لڪن تان ويو رمندو منجهان روهه
پرس آخر پهتو، وڃي ڪري ڪيئي ڪو
دهليءَ جي دروازي تي، آيو منجهه اندر
پر نه پهچي سگهيو هو، ڊوهيو ڪنهن ڊوه
هڪ پهرو پهريدار جو، ٻيا لڳل ڏاڍا لوه
پوءِ موٽي، مرداني موه، ويٺو جاءِ وٺي جوڙ مان.

 

---

جاءِ وٺي جوڙ مان، ويٺو دهليءَ مان دلير
ڪاوڙ هيس قلب ۾، هو وڳهه وارو وير
هڪ ڏينهن نڪري هليو، مٿو ڌوئڻ مٿير
آيو ترت تلاءَ تي، هو ڀري ڀليري ڀير
تان هاٿي علاوالدين جو، آيو انهيءَ وير
مستيءَ ۾ مستان هو، آيو گجندو گهڻي گهير
ڏسي حال هاٿيءَ جو، ڀڳي خلق انهيءَ وير
ڀڳا سڀ ڀيڙي مـُـٺيون، ڪري پويان پير
پر چنيسر ڄام نه چـُـريو اُتان انهيءَ وير
تنهن کي پيلبان پڌرو چيو: ڀڄ ڪنهين ڀير
هاٿي آهي مستيءَ ۾، هت ماريندءِ هن وير
چيائين: آءٌ چنيسر آهيان، ڦران نه ڪنهن ڦير
آهيان سورهيه سنڌ جو، اَٿم پختا پير
هاٿيءَ کي هڻ جاءِ تي آءٌ ماري ڪندس ڍير
پوءِ ڪري شـُـوڪر شير، کڻي کنو کڙو ٿيو.

 

---

کڻي کنو کڙو ٿيو، اُت دولهه دِلاور
هنيائين هاٿيءَ کي، واري ڏيئي ور
سـُـونڍ اچي سٽڪو ڪيو، مٿي پٽ پڌر
تڏهن هاٿيءَ گهڻي حشمت سان ڪئي جـُـلهه جابر
ماري ڇڏي ها منٽ ۾، دڙن سان دلبر
پر سـُـورهيه اڳيان سـَـٽ ڏيئي، هيس ڀالو ڪري ڀر
پيهي ويو پيٽ ۾، هنيو ناميل نر
سڌو اَچي سامهون نڪتو، ٻئي پاسي ٻاهر
آنڊا بـُـڪيون ڪپجي ويا، ٿيو جرح جگر
ڪري دانهن دهشت سان، اچي پاسي ڀر
پوءِ ڄام چنيسر، موٽي مٿو ڌوئڻ ويو.

 

---

موٽي مٿو ڌوئڻ ويو، دولهه انهيءَ دم
موٽي اچي ماڳ ويٺو ڪرڻ پنهنجو ڪم
تانسين آيو لشڪر علاوالدين جو، وڏي هـُـل هشم
هاٿيءَ جي مارڻ جو هو هـُـن کي هتان حڪم
پر پيو ڏٺائون پٽ ۾، ڪـِـريل ساڻ ڪرم
تڏهن پڇيائون پهلوان کان، ته ڪنهن ڪيو هو ڪم؟
تڏهن اڳيان آکيو، ڪري اِشارو اُن دم:
هو جو ڏسو مڙس مٿير ٿا، اهو ان جو آهي عزم
آهي سڀني پرين هـُـو، غازي وڏو غنم
تنهن ڀالي جي ڀرم، آهي ماريو هاٿيءَ کي هن هنڌ تي.

 

---

تڏهن لشڪر هلي آيو، مهندان چنيسر ڄام
نمي ڪيائون نياز مان، سورهيه کي سلام
ڪير آهين، ڪٿي رهين، آهه ڪهڙو تنهنجو نام؟
تڏهن اڳيان چنيسر ڄام چيو، ڪري اي ڪلام:
آهيان سومرو سنڌ جو، وڳهه جو وريام
نالو چنيسر منهنجو، آهي اندر عام
هتي آيو آهيان قسمت سان ڪنهن ڪام
تڏهن چيو سردار لشڪر جي ته هلي وٺ انعام
جو ڏيندو راءِ روبرو، توکي هـُـت تمام
پوءِ مرد انهيءَ مام، وڃي دولهه پهتو درٻار ۾.

 

---

دولهه پهتو درٻار ۾، اڳيان علاوالدين شاه
پڇيو حال حقيقت هن کان، بيهي بادشاه
ڪر خبر پنهنجي کان اسان کي آگاه
تڏهن چٽو چنيسر ڄام چيو، اڳيان عاليجاه
آهيان سردار سنڌ جو، آهي دودو منهنجو ڀاءُ
هڪ ڏينهن ويهي اُن سان، ڪئي مون صلاح
ته ڪريون مائٽي علاوالدين سان، جو دهليءَ جو داناء
سڱ ڀيڻ ٻاگهيءَ جو ڏيون گهرائي هن جاءِ
تنهن تي هو تپي اُٿيو، ڪيائين هـُـل هڳاءِ
ڪري صلاح سردارن سان، مون کي لوڌيائون ان لاءِ
تخت تاج حق منهنجو، کسيائون مون کان
آيس دانهين در تي، منهنجو عرض اوناءِ
سنبهي سنڌ تي هلي تون، ڪوڏ وڏي مان ڪاه
اُٿي سـِـگهي فوج سنڀاءِ، ورنهه! وڳهه ڪوٽ ڏي.

 

---

ٻـُـڌي حقيقت چنيسر جي، ڪئي علاوالدين تياري
وٺي هليو سنڌ مٿي، فوج پنهنجي ساري
هاٿي هنڀارين سان هئا هزاري
گهوڙي سوار گڏ ٿي چليا چوڌاري
پيادا اِئين هئا پٽن ۾ جيئن ويرانن ۾ واري
ڪٽڪ ڪاهي هليا، بار کڻي باري
تبرون تراڙيون تن سان، ڀالا هئا ڀاري
ترڪش، تير ڪمانون ۽ نيزا نرواري
پهلوان پـُـري هليا، ڪري لوڏ لئي واري
منزل سر منزل ڪندا اچي ٿيا ويجها وهنواري
اچي سرحد سنڌ وٽ ڏنائون ڏيکاري
اهڙي وڏي ڪٽڪ جي، پيئي سـُـڌ سڀن ساري
ته مرد آيا ماري، ڪندا ويران وڳهه کي.

 

---

ڪندا ويران وڳهه کي، پيئي اِيءَ پچار
رهندا هئا ٻيلي ۾ ٻه دودي جا ڌڻار
 ”ڍڪڻ“  نالو هڪ جو، ٻيو  ”ڍومڻ“  وڏي ڌار
ٻـُـڌي خبرون جنگ جون، ٿيا ترت تيار
هليا ڪاهي ڪٽڪ سامهون، ٻڌي همت جا هٿيار
سرحد وٽ سامهان ٿيا، ڪري دولهه ڌو ڌو ڪار
ڦري آيا فوج کي، ڪري قهري ڪار
ماريائون مرد منٽ ۾، ڪيئي سـَـوَ هزار
پيئي فوج فڪر ۾ ته هي آيو ڪهڙو آزار
هي ماڻهو آهن ڪينڪي، ڪا آفت آهي اَپار
پڇيائين چنيسر کان ته ڏي ڪا سـُـڌ سماچار
ته ڪهڙو هي ڪٽڪ آهه اسان لئي آزار
تڏهن چنيسر چٽو چيو، اُتي انهيءَ وار
ته هي آهن اصل کان دودي جا ڌڻار
آهن سنڀاليندڙ سرحد جا، پرس انهيءَ پار
اهي مـُـئا ته فتح ٿي، پوءِ آهي هـُـنن جي هار
پوءِ ساري فوج اُٿلي پئي، چوطرف چوڌار
آخر وقت وچينءَ جي، ڪئي قضا اهڙي ڪار
ٻئي پهلوان پڙ تي ٿيا کاڄ ترار
پوءِ اهڙي سان آچار، علاوالدين اڳتي هليو.

 

---

علاوالدين اڳتي هلي، ٿيو وڳهه کي ويجهو
قيامتي ڪٽڪ جو، پيو هو هر هنڌ هوڪو
علاوالدين ماڻهو موڪليو، جيئن چنيسر چيو
تنهن دودي کي مـُـنهن تي، وڃي ائين آکيو
ته ڏي سڱ ٻاگهيءَ جو اسان کي، ته هي لهي جهيڙو
ٻيو ڇڏي پاڳ پري ٿي، آهي تخت چنيسر جو
ٻڌي پيغام علاوالدين جو، تنهن سردارن کي سڏيو
گڏجي سردارن پاڻ ۾، ويهي ويچار ڪيو
مرڻ کان مري وڃبو، پر سڱ ڪين ڏبو
پوءِ ورندي علاوالدين ڏي، جواب تن مڪو
نه تون تـُـرڪ، اسين سومرا، پنهنجو ناهي لاڳاپو
چڱو آهي مـُـڙي وڃ، توکي هٿ ڪي ڪين سرندو
سـُـڻي جواب سومرن جو، تنهن چنيسر کي سڏيو
ته خيال اٿئي ڪهڙو، جنگ ڪجي ڪِ ڇڏي ڏجي؟

 

---

تڏهن چٽيءَ زبان سان، آکيو ايئن اتي
ڪجي جنگ جوانن سان، ڀلي صفائي ٿئي
هڪ حملي پڄاڻان، ايندا پاڻيهي پير مٿي
رڳو آهي دير اُٿڻ جي، اجهو ڪم ٿو پاڻيهي ٿئي
پوءِ وڄايائون طبل جنگ جو، اتي سڏ وڏي
انهيءَ وير اُتي، سپاهين صفون ٻڌيون.

 

---

سپاهين صفون ٻڌيون، ٿيا خان کڙا
حملو ڪري آئيا مٿن ست ويهون سوڍا
 ”هاسو“  تن جو اڳواڻ هو، بهادر بلا
هو پڳ مٽ يار دودي جو، ننڍي هوندي کان
ٻڌي علاوالدين جي چڙهائي جو، هو آيو مدد لاءِ
ٿيو مـُـهڙ فوج جو، ڪيائين همت سان حملا
ڪٽڪ ڪيئي ڪيرائي وڌائين، ڪـُـهي ڪري ڪـَـترا
وڙهندي وڙهندي ويرين سان، ڀرجي آيس قضا
سج لٿي جو سورهيه ويو مارجي مردا
بچيو نه باقي هڪڙو، ٿي ساري فوج فنا
ان ريت سوڍا سنگت کي ملهائي ويا
پيئي رات مٿان، جوانن جنگ بند ڪئي.

 

---

ٻئي ڏينهن صبح جو، وڳا دهل دمام
آيا مرد ميدان تي، هڻي همت سندي هام
سپاهي سڀ سوڙها ٿيا، ڪري تياري تمام
سامهون ٿين سومرا وڙهڻ لئي وريام
هو سردار تن جو،  ”ڀونگر“  نالي نام
پـُـٽ دودي جو پڌرو، اڙٻنگ اندر عام
تنهن هڪڙي ئي حملي سان ڪيا ڪروڙين قتلام
سامهون ٿيندي سورهيه کي، ڀڳا ڪيئي بدنام
صفون صفن سان نه گڏيون، مـُـورئون ات مدام
اهڙيءَ ريت ڪـُـٽبا رهيا، تـُـرڪ سڀ تمام
آخر مهل شام، ٻئي ڌُريون موٽي وييون.

 

---

ٽئين ڏينهن صبح جو، اچي مڙيا جـُـنگ جوان
پر بهادر ڀونگر سان، ڪنهن جي هلي ڪانه
قتل ٿيا ڪيترا، پڙ ۾ پهلوان
جي هئا دولهه دهليءَ جا، نالي چڙهيل نشان
اتي علاوالدين اٿيو، تنهن ڦيريو اِي فرمان
ته چئني طرفن ڦري وڃو، گوڙ ڪري گهمسان
هڻو ڀالا ڀونگر کي، ڪشي تير ڪمان
پوءِ فوجون ڦري آيون، ڪري ڌڌڪا ۽ دهمان
لکن جي فوج سان وڙهي ڇا هڪ جوان!
آخر اَجل آيو، پارڻ پنهنجو پيمان
شير شهادت رسيو، سان اَمن ۽ اِيمان
جنهن ڏيئي جان، ڪيو سـُـرهو سنڌ کي.

 

---

چوٿين ڏينهن چڱن کي، دودي ڏني دعوت
ڪوٺ ڏنائين قرب جي، رکي هوش همت
اچي سردار سوڙها ٿيا، مڙئي ڀليءَ ڀت
تڏهن ڪوٺائي قاضيءَ کي، پاريائين پنهنجي پت
نڪاح پنهنجي ڌيءَ  ”سونل“  جو، ڪيائين  ”ننگر“  ساڻ نرت
جو هو پٽ چنيسر جو، ناميل نزاڪت
ٿيون خوشيون خير جون، باريءَ جي برڪت
اڃا ڇـُـڳير ڇـَـني ۾، هئا سان حشمت
ته وڳو طبل جنگ جو، نغارو نوبت
اُٿيا ورنهه وڙهڻ لاءِ، دولهه سان دهشت
ننگر نيڻ ٽـِـمائيا، پسي ڪرشمو قدرت
موڪلايائين ڪنؤار کان، روئي وَرَنَ رت
سونل تنهن کي سورهيائيءَ جي مرڳي ڏني مت
پوءِ وٺي اجازت چاچي کان، هليو سورهيه ڪري سنڀت
آيو طرف آفت، مرد مرڻ مارڻ لئي.

 

---

جڏهن آيو جنگ ۾ ننگر ڪري ناز
ڏسي پـُـٽ کي پڙ تي ڪيو چنيسر آواز
ته وڃي سمجهاءِ چاچهين کي ته اچ بهادر باز
پر ننگر مڃيو ڪينڪي، جو هو سورهيه سرفراز
اُٽلو ڇينييائين پيءُ کي، ڇڏي موج مجاز
پوءِ آيو مرد ميدان تي، سورهيه رڃائي ساز
ڪيائين ڪٽاري کڻي، اَسـُـر جو آغاز
لڳي جنگ، غوغاءُ ٿيو، ڪـُـٺا ڪيئي قاز
اُت جهرڪيون ڪيئي جهٽون جهلين، جت شڪرا ۽ شهباز
انهيءَ ريت ننگر ڪيو تـُـرڪن کي تاراز
اهڙي سان انداز، اچي سج لٿو سانجهي ٿي.

 

---

پنجين ڏينهن پره جو، آيو ننگر هڻي نعرو
اُٿيو علاوالدين جو لشڪر سڀ سارو
جوان جنبي ويا جنگ کي، مردن ڪيو مارو
ائين ريلا رت وَهيا، جيئن وسي وسڪارو
ڏسي ويڙهه ننگر جي، نمونو نيارو
علاوالدين چيو فوج کي: ور ڏيو وارو
بند ڪيو بهادرن جو چوڌاري چارو
کڻي ڪمانون ڪست مان، ڪريو تيرن وَسڪارو
پوءِ لشڪر لوڙهو ٺاهيو، ڏيئي لامارو
ٿيا ڪڙڪا ڪانن جا، ڏُورئون ڏيکارو
ڦٽجي سورهيه فنا ٿيو، هو سورهيه سوڀارو
ته مـُـڙيو ڪين مرڻ سين، پئي وير ڪيو وارو
ڪري اَڙٻنگ اُمارو، وڙهيو پئي ويرين سان.

 

---

وڙهيو پئي ويرين سان، رکيو تابش تاب
هٿن هلڻ ڇڏيو، جي هئا هليا بي حساب
اندر اُڃ اُساٽيو، ڪڙهي ٿيو ڪباب
چيائين سڏي چنيسر کي، اَبا! آڻي ڏي آب
اڳيان چنيسر تنهن کي، جوڙي ڏنو جواب
ته سمجهاءِ پنهنجي چاچي کي، تون وڃي شير! شتاب
ته ڏي سڱ علاوالدين کي، آهي جنهن جو باب
ته سڀ طرح جو سـُـک ٿئي، لهي اَهنج عتاب
تڏهن چيو پيءُ کي، اُتي ننگر نواب
ٿيو نه مهڻي هاب، مرڻ مهڻو ناهه ڪو.

 

---

مرڻ مهڻو ناهه ڪو، ڪـُـسڻ آهي ڪرم
سـِـر ويو صدقو ٿيو، پوندو بچي شرم
پوءِ بهادر بيهي رهيو، اڻ ٽر ڪري عزم
تيرن جي طوفان ڪيو، تنهن جو زخمي هڏو چم
پورو ٿي ويو پڙ مٿي ڪامل سندو ڪم
پر سورهيه سـِـر ڪيو ڪينڪي، ڪيڏانهن ڪجهه قدم
دوست ڏيئي دم، مرڪي هليو ملڪ مان.

 

---

ٿي سچائي سورهيه جي، مٿي پٽ پڻي
آخر ٿي اُها ئي، جيڪا واحد کي وڻي
پر آئي اُن جي اَمر سان، بابت سڀ بڻي
دلبر هن دنيا منجهان ويو جهجهي عزت کڻي
مهل پنهنجي ملهائي ويو، حاڪم هٿ هڻي
هئي پياري پـُـرس کي، عزت جي اَڻي
ويو اُٺائيندو آخر سين، عزت گهوٽ گهڻي
ڪري حاصل قرب ڪڻي، لڏي ويو لوڪ مان.

 

---

ڇهين ڏينهن چڳير اُٿيو، دودو دلاوَر
تنهن سڀ سورهيه سڏائيا، گوهر پنهنجي گهر
آکيائين اُنهن کي، اُتي اُهي اکر
ته اڄ آهي ڏينهن مرڻ جو، سڀ سنڀاليو سمر
پوءِ اُٿي خان کڙو ٿيو، ڪشي ٻڌي ڪمر
زالون سڀئي سام ڪري مـُـڪائين اَبڙي جي آڌر
ته ادا! هيءَ امانت اسان جي، سانڍج ٿي سڌر
پوءِ ڪري اِيءَ پر، مانجهي آيو ميدان تي.

 

---

مانجهي آيو ميدان تي، همت ساڻ هلي
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، ڪري علي علي
مرد سان ميدان ۾، ڪنهن جي ڪانه چلي
دشمن جي دم ۾ ويئي جان جلي
مـُـٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳا، ويٺا اوڍي رلي
باريءَ ڪئي ڀلي، ساعت سومري سندي.

 

---

ساعت سومري سندي، ڪئي موليٰ موچاري
تراڙ تجلي تاب سان، پئي ڏني ڏيکاري
هلايائين پئي همت سان، قهري ڪٽاري
پـِـڙ ۾ پهلوان سان ڪنهن جي نه هلي ڪاري
اها علاوالدين کي، جڏهن سڌ پيئي ساري
مرد آيو ميدان تي، ڏسڻ جنگ جهونجهاري
ڏسي دهشت دودي جي، ڪئي تـُـرڪ توبهه زاري
وِڙهت هئي وِير جي، نـِـرتئون نياري
جوانن ڏاڍيءَ جـُـلهه سان جنگ رکي جاري
پر دودي جي دهشت اڳيان سڀني همت هاري
جت لڳن ڀالا ڀاري، اُت ڪانئر بيهن ڪينڪي.

 

---

ڏسي دهشت دودي جي، ٿي فوج ڪل فرار
ٿي پيو علاوالدين کي اُت وڏو ويچار
سڏايائين چنيسر کي ته اچي ٿيءُ آڌار
تنهن ڏني صلاح سوچ سان، ويهي ڪري ويچار
ته ست کوهه کڻايو اونهان گهڻو اَپار
رکايو انهن ۾ ڀالا ڪيئي بسيار
مٿان ڍَڪائي ڇڏيو، جيئن پوي ڪنهن نه پچار
پوءِ جنهن مهل اُٿي ڪري ڪو جوان هڪ جـُـهونجهار
بيهي کوهن جي طرف کان، سڏي کي سردار
وڙهڻ جي وريام سان، لات ڪري للڪار
پوءِ ڪاهيندو ايندو ڪاوڙ مان، هڪليندو هسوار
پاڻيهي ڪـِـرندو کوه ۾، لڳندس انبور اَپار
پوءِ ڪري فوج اُن مهل اُتان، تيرن جو وسڪار
اهڙي سان آچار، ماربو وڃي مير کي.

 

---

ماري وجهبو مير کي ڪري اهڙي ڪٿ
پوءِ علاوالدين آندي عمل ۾ مرد جي مصلحت
راتئون رات ٺهي ويئي ، اونهي آپار آفت
صبح ٿيو جڏهن وڳو نغارو نوبت
تڏهن هڪڙو تـُـرڪ اُٿيو، جوان ڪري جـُـرئت
بيهي کڏ جي ڪپ تي ڪيائين هـُـل حرڪت
ته اچي ڪو مرد ميدان ۾ ته ڪريانس مرمت
تڏهن ڪاهي مٿس آيو، دودو سان دهشت
ڪري وڃي قابو ٿيو منجهه ظلم جي زحمت
انبورن ۾ اَٽڪي پيو، تمام ٿيس طاقت
گهوڙي سـُـوڌو گهائجي پيو، بهادر اهڙيءَ ڀت
مٿان ٿيو وسڪارو تيرن جو، جنهن مـُـنجهائي وڌس مت
تڏهن ڪيائين سڏ چنيسر کي ته ادا! ڪر آوت
وارث! وڃڻ وقت، اچي ڪر ڀيرو ڀاءُ تي.

 

---

سڏ سـُـڻي سردار جو، چـُـريو چنيسر
اچي ڏٺائين ڀاءُ کي، قابو منجهه قهر
اڳيان دودي چيس دل سان، اُتي اهي اکر
ڀلي آئين ڀاءُ منهنجا، جانيئڙا جگر
جيڪي ڪيئي، بخش اٿئي، هاڻي الله توهر
ائين چئي هٿيار اڇلايائين ڏانهن چنيسر
دودي جو دم نڪري ويو، اُتي اُنهيءَ پر
تڏهن هنيو نعرو فتح جو، علاوالدين آخر
نوبتون نغارا وڳا، ٿيا ڌُم ڌَچر
تاسين چنيسر اُٿيو، ڪامل موڙي ڪر
پهري هٿيار ڀاءُ جا، لڙيو ڏانهن لشڪر
اچي ماريائين مردن کي جيئن ڪـُـسجن ڪي ٻڪر
پيئي علاوالدين کي جڏهن اِيءَ خبر
تڏهن ڪيائين حڪم فوج کي ته وڙهو ڪري ولر
پوءِ فوجون ڦري آئيون، کڻي تراڙيون ۽ تبر
گهائي وڌائون گهوٽ کي، هڻي ڪان ڪثر
ته مرد مڙيو ئي ڪينڪي، پئي نعرا هنيا نـَـر
آخر ڌڻيءَ جيءَ گهـُـر، هي به هليو هنن ڏي.

 

---

تهان پوءِ تـُـرڪن سان، علاوالدين آڻموٽ
گهڙيو وڏي گهمسان سان، ڪاهي اندر ڪوٽ
ته وڃي هٿ ڪريان ٿو شهزاديون، ڪري چستي چوٽ
پر خالي ڏٺائين خير سان، ويران وڳهه ڪوٽ
پوءِ پير کڻي پڇائي هليو، کامي اندر کوٽ
پيس پتو پنوهارن کان، ته ڪو ڪڇ ۾ آهي ڪوٽ
آهي حاڪم تي جو  ”اَبڙو ڄام“  ارهوٽ
سامون سومرن جون آهن اُن وٽ امانت اوٽ
آهه ڄام اهو ڄاموٽ، مشهور ملڪن ۾ گهڻو.

 

---

پوءِ علاوالدين اُتاهين هليو، ڪري ڪڇ تي ڪاه
پيئي وڃي ابڙي کي، اها سـُـڌ سماء
تنهن لشڪر سنباهي تيار ڪيو، ويهي وڙهڻ لاءِ
علاوالدين به پهتو اچي، آخر جنگ جي جاءِ
لـِـڳي جنگ، جوان ڳنڍيا، ٿيو غل غوغاءُ
ڪيئي مرد مارجي ويا، ٿي پـِـڙ ۾ پرزا پاه
سڄو ڏينهن سـَـٽون ڏنائون، ڪري هـُـل هڳاء
ڏينهن وهامي رات ٿي، تي چوطرف اونداه
تـُـرڪن کي ڏاڍي تابش رکي، منجهان چستيءَ چاه
ممٽ کي ماري وڌائون، جو هو سمن جو سپاه
پوءِ سما سـَـٽ جهلي نه سگهيا، تـُـرڪن سندو تاءُ
وٺي رباني راه، ڪونڌڙ اُت قربان ٿيا.

 

---

ڪونڌر سڀ قربان ٿيا، جوڌا جـُـنگ جوان
مردن مري ملهايو، جوانن ڏيئي جان
ترڪن لاءِ تڏهن ٿيو ملڪ مڙئي ميدان
پوءِ ڪاهي هليا ڪست مان خوشيون ڪندا خان
ايندو ڏسي علاوالدين کي ڪيو عورتن ارمان
ڀؤ پيئي ڀڳيون وٺي، ڪري مـُـنهن ميدان
پويان پيا تن جي، ڪيئي پـُـرس پهلوان
جڏهن ويري ويجها ٿيا، پڪڙڻ لاءِ پروان
تڏهن عورتن عرض ڪيو، دليؤن کي دَيان
ته پـَـرور! ڏي پناه تون، سٻاجها سلطان
سـُـڻي پوڪار سـَـتين جي، مالڪ مهربان
ڀـُـون ڦاٽي جاءِ ٿي، ٿانڪ وڏو ٿان
ملين پناه پيهي ويون، ٿين مهر مٿان
ملين اَمن اَمان، سڀني ستر بچائيو.

 

---

سڀ وڃي سوگهيون ٿيون ڪيئي باري ڀلائي
آخر علاوالدين کي، رڳي سـَـري ڦڪائي
مـُـنهن ڪري موٽي هليو، پائي منهن ۾ ڇـَـائي
سامن خاطر سر ڏيئي ڪئي سمن سچائي
مڙس ٿي ميدان تي تن مهل ملهائي
رضا رب رحمان جي هئي اصل اُهائي
نه ته ڪير وڙهي ها وِيـرَن سان، ڪنهن طاقت نه هئي ڪائي
ڀاءُ اٿي ڀائرن سان ڪئي ڪچائي
نه ته دودن جي دهشت اڳيان، هئا تـُـرڪ توائي
ننگر جهڙا نه وري ڪا مور ڄڻيندي مائي
ڀونگر ڀي بهادريءَ سان پوري پڄائي
سومرا سـِـر ڪـَـٽائي ويا،ڪري سـُـورهيائي
ثابت ڪري ويا سما، پنهنجي سچائي
سومرا سما سـُـورهيه هئا، جوان جنگ جائي
جن ڏيئي جانيون جنگ ۾، عزت بچائي
پنهنجن ۽ پوئين جي جن پت رهائي
آگو الاهي، ڪندو مهر مڙني مٿي.

 

---

ڪندو مهر مڙن تي، ملڪ ڌڻي مولا
لاهيندو هو لطف سان، ڏکن جا ڏولا
ڏيندو پناه  ”پيرو“  چئي، لهندا ڀؤ ڀولا
ڪرم سان ڪريم جي، لهندا راهن تان رولا
ڀڄندا بند براين جا، ٿيندا ڇيهون ڇيهون ڇولا
لهندا اکين جا اولا، پسي درسن دوست جو.

 

---

پسي درسن دوست جو، پڄن شال پساه
عاجز اَڀرو آهيان، پرور ڏج پناه
برڪت ۽ ڀلائي سان، ڪج منهنجي نيڪ نگاه
تو ريءَ ترهو ناهه ڪو ٻيو وسيلو واه
اوجهڙ کان اُڪاري، رهائج تي راه
مرڻ ويل مون، ڌڻي! ڪجان سولو ساهه
ڏج  ”پيرو“  چئي پناهه ۾ ڪامل ڏينهن قيام جي.

------


(1) ”ڪليات خادم“  (سنڌي ادبي بورڊ، سال 1958ع) ۾ هن بيت کان پوءِ هيٺيون بيت وڌايل آهي، جيڪو منشي پوڪرداس واري ڇپايل ڪتابڙي ۾ ناهي:

گڏ گذاريندا پاڻ ۾، ڪڏهن نه ٿيندا ڌار
صحبت ساڻ سچار. ويهي ونڊيندا پاڻ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org