سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 5

 

 

نظر پٺاڻ چيس ته:

ڦـِـٽل پرچندو ڪينڪي، جنهن ڏاڙهي قول ڏنا
تون وڃين وني ماڻ، جنهن پهرئين رات نڪاح.

ننگر ڀاڳو ڀان کي اڳ ۾ موڪليو ته خبر وٺي اچ ته ابو ڪٿي آهي. ڀاڳو اچي چنيسر اڳيان بيٺو. چنيسر چيو ته ڳوٺ جو ماڻهو آيو آهي، ڳوٺ جي خبر ته پڇانس، سو چيائين:

چڱيون ڀليون هيون راڻيون، چڱو ڀلو دودو ڀاءُ
ننگر ڇڏيو هوم ننڍڙو، پورا پار ڏي
چئي: پائي پير رڪيب ۾، گهوڙيءَ گهوٽ چڙهيو
ڪاهي پيو ڪٽڪن ۾، ڪيهر ڪـُـلها موڙي.

چنيسر چيو ته: منهنجي ڪٽڪ ۾ ڇو ڪـُـلها پيو موڙي! پوءِ ڀاڳوءَ کي ٻه ٽي ٿڦ هڻي ڪڍيا، پوءِ چٺي لکي، روانو ڪيائين عالادين ڏانهن. جنهن ڀاڳو کي چيو ته:

پنج سؤ ماڻهن جو تو ڏيان، مون کي دايا داغائي ڏي
چئي: پنج سؤ ماڻهو تنهنجا، دايو مـُـڪن سان ماري
دايو داغايان ڪينڪي، دايو دهلي کي داغي
اسين دايو چئون ان کي، جو سومرن سان کير پيئي.

 

ڀاڳو جو جواب ٻڌي، عالادين به ڪاوڙ ۾ اچي ڀاڳوءَ کي ٻه ٿڦا هڻي ڪڍيا. اتي ننگر پڇيو ته نظر پٺاڻ صوبي کان ته: بابو ڪهڙي وهي آهي، مون کي پار ڏي. تنهن چنيسر جا پار ڏنس ته:

ڪارو طنبو پڻهين جو، ڪارو ويس سنداس
سائو ڀالو هٿ ۾، ميناڪاري پيچ
پيءُ سڃاڻج پنهنجو چونڊي ديمن مان.

ننگر، چنيسر جي ڳولا ۾ عالادين جي لشڪر ۾ ڪاهي پيو، ۽ وڃي پلٿي دار پٺاڻ صوبي جي طنبوءَ تي بيٺو، ۽ پڇا ڪيائين ته:

هيءَ ڪچهري ڪنهن جي، پلٿي دار پٺاڻ
ننگر گهوڙيون ڪاهيون، ڪاهيئين ڪشت مان
ڪاهي پيو ڪٽڪن ۾، ڏائي سلام واري
طاقت ٿيس ڪانه ڪا جو ننگر جو سلام جهلي
چئي: ماٺ ڪريو مـُـڙي وڃي، دودو ديمن سان.

 

ننگر وري اڳتي هليو ته تالا تمر پٺاڻ جي لشڪر ۾ اچي پيو ۽ پڇا ڪيائين ته:

هيءَ ڪچهري ڪنهن جي، تالا تمر پٺاڻ
ننگر گهوڙيون ڪاهيون، ڪاهيئين ڪشت مان
ڪاهيو پئي ڪٽڪن ۾، ڏائي سلام واري
طاقت ٿيس ڪانه ڪا جو جهلي ننگر جو سلام
چئي: ماٺ ڪريو ته مـُـڙي وڃي، دودو ديمن سان.

 

ننگر پڇا ڪندي ڪندي آخر وڃي چنيسر جي طنبوءَ ۾ لٿو.

پائي پير رڪيب ۾ گهوڙي گهوٽ چڙهيو
وجهي گندي ڳچيءَ ۾، پيءُ کي پيرين پيو
هڪڙن جو مـُـوڙهو سـُـٽ، تنهنجو ڪپاه ڪهڙو مـُـنڌو؟
مري هرڪو جـُـدا ٿئي، اوهين جيئري نه ٿيو جـُـدا
سونل جهڙيون سوين ڏين، ڪانه ڀانيان ثاني
چئي: ڀونگر ماريان ننڍڙو، دودي پئي سـَـماءُ.

ننگر جواب ڏنس ته:

ڀونگر مارايان ڪينڪي، ڀونگر گڏ مران
ڀونگر ۽ منهنجا گڏجي لاشا ڳوٺ ويندا.

چنيسر چيو ته: ابا! آءٌ هيڏو عالادين بادشاه چاڙهي آيو آهيان، تون ان کي پرچاءِ! ننگر چيو ته آءٌ ڪيئن پرچايان؟ چيائين ته: جمعي جي ڏينهن پرچاءُ ڪنداسين.

    چنيسر چٺي لکي عالادين کي موڪلي ته ٻه دايا ڇوڪرا آيا آهن، جن کان تون ٻاگهي جو سڱ گهر ڪج. جمعي جي ڏينهن ننگر ۽ ڀونگر به مسجد ۾ آيا. عالادين بادشاه انهن کان ٻاگهي جي سڱ جي گهر ڪئي:

جلوو ڏينهن جمعي جو، ٻانگي ٻولايو
مسيت بڪار شهر جي نيل ڌڻي نروار
ويهي مسيت وچ ۾ پيڙهيءَ جوڪيون پرچاءُ
ڀاءُ پرچو پاڻ ۾ ٻاگهل مونکي ڏيو
پـَـٽ پرهيان سومرا، دهلي دکن سـُـوڌا
ٻي جهجي ڏيندوسانءِ ڀـُـونءِ ويندي وڳهه تائين.

ننگر چيو ته: ادا ڀونگر، تون جواب ڏي! ڀونگر چيو ته: آءٌ ننڍڙو آهيان، هتي ڪيترا وڏا پڙهيا علماء ويٺا آهن، تون مون کان وڏو آهين، تون جواب ڏي! تڏهن ننگر، عالادين کي جواب ڏنو ته:

تون ترڪ، اسين سومرا، اها ڪيئن جوڙ جـُـڳاءِ
مکڻ سونهي ٿو منڌي تي، ۽ ڌؤنرو سونهي لاٽ
دِلي تنهنجي ڌيءَ دادلي منهنجي ڀونگر موڙ ٻڌاءِ
ڀيڻ تنهنجي وڏاندري منهنجي محمد موڙ ٻڌاءِ
ماءُ تنهنجي وڏاندري منهنجي ڀاڳو ڀان پرڻاءِ
ماسي چاچي تنهنجي، منهنجي پنجاه يارن پرڻاءِ
تون گهرين ٿو هڪڙي، آءٌ ٿو گـهـُـرين سؤ سوا
مٽ منهنجو نه ڪرين ٿوڙي سڳي ڏيندين ماءُ.

عالادين کي اتي ڪاوڙ آئي ته ڇوڪر مونکي لکن ماڻهن ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو آهي. سو دڙڪو ڏئي ٿو ته:

اِها خبر هيم ڪانڪا، اتهين ڪونه چڙهان
سـَـوَ گهوڙن جا چاڙهيان، ڪريان اُڙدن جي اڳيان.

ننگر ٿو چوي ته:

سـَـوَ گهوڙن تنهنجا، آءٌ موچڙن سان ڪٽيان
ڀڃان دَر دلي جو، ڀڃي ڪلف ڪڙا.

---

عالادين ماڻهو موڪليو گوهرو پٺاڻ مٿي
ٻه ڇليون کنيائين پاڻ سان، چڳدن ساڻ چڙهي
وٺ وٺ ٿي ننگر تي ڄڻ مڪڙ روه وريا
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾ جيئن منگهه وڌا مارا
پنهنجا مـُـهاڙا اُڪاري، وڃي ڏئي مدد يارن کي
هڻو کنا ائين، جيئن وڄڙيون ڪن وارا
ڪٽڪ ڪارونڀار جو سج نه پئي سماءُ
وڙهندي تن ويرين سان ويڙو ڏينهن لنگهي
سـِـسيون تن صوبن جون مسيت منجهه لڳن
ڌڙ تن جا ڌوڙ ۾ اُتي ٿا ليٽن
پنج مارايائين پنهنجا، ننگر ڳچ بيٺو ڳاري
ڏيئي ڦيرو اُڙد کي پـِـڙ ڪيائين واندو
ساري حضرت شاه کي ڀلو ڇڏيو ڀالو
گـُـڏيائين گوهرو کي، جنهن جو ڍونڍو ڪـُـتن کاڌو.

 هاڻي مسيت کان آجا ٿي، رِڻ مـُـنهن تي طنبو هڻي، لوهيڙي تي هڪ مـُـنهان ٿي ويهي رهيا.

عالادين ماڻهو موڪليو هنبل پٺاڻ مٿي
پنج هزار کنيائين پاڻ سان، چڳدي سان چڙهي
اچي بيٺو رِڻ مـُـنهن تي، ٿو  ’ننگر ننگر‘  ڪري
ساري حضرت شاه کي ننگر ٻيءَ چوٽ چڙهي
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾ جيئن منگهه وجهي مارا
مـُـهاڙا پار اڪاريو وڃي مدد يارن ڏي
نديون نير پلوٽيون، لوهيڙو تار وهي
وڙهندي تن ويرين سان ويڙو ڏينهن لنگهي
نڪو پاڻي اوڏيءَ ۾، نڪو مينهن وسي
ڪٽڪ ڪارونڀار ۾، نڪو پئي سج سماءُ
ست مارايائين پنهنجا، ننگر ڳچ بيٺو ڳاري
ڏنو ڦيرو اُڙد کي، پڙ ڪيائين واندو
ساريو حضرت شاه کي، ڀڙ اُڇليو ڀالو
ريهه ڪري راڻو ڪريو، جيئن ڇڄهري ڪري ڇڻڪو
سسي تنهن صوبي جي، پيو نيزي پاند رکي.

ننگر کي ڀونگر چيو ته: ادا! ڪٽڪ گهڻو آهي، پنهنجي مارڻ کان زور آهي، محمد کي لکون ته اهو اچي ته ٽيئي گڏجي لڙايون ڪريون ته کـَـٽي هلون. ننگر چيو ته مس به ڪانهي، خط ڪيئن لکان؟ ڀونگر چيس ته: ڪيئن به ڪري لک! ننگر پنهنجي سؤٽ ڀونگر جو ارادو نه ٿو ڀڃي:

ڪڍيو رت بدن مان ننگر خط بيٺو لکي
خط لکي راس ڪيائين، اچو طيب سڏي
طيب ڊوڙي آئيو، ڪهڙا سڏ ڪيئي؟
خط کڻي وڃ ڳوٺ ڏي، محمد ڪوٺي آءُ
چئي: آءٌ ويندس ڪينڪي، چوندا گيدي ٿي ڀڳو.
چئي: گهوڙي منهنجي ڇڻڪي، نـِـيلي سـُـڄي نروار
چوٿين پهر وري اچي، پاڻ جوان ڪريون جنگ.

---

گهوڙي ٿي ڳالهايو، ڳالهايائين طيب سان
هڪڙا سور ننگر جا، ٻيو مارين تون متان
چرج ڦـُـرج ڪينڪي، نڪي هڻج اڙي
ٺاڻ سڃاڻج پنهنجو تون سوڌي وڳهه تي
ويرم ڪيائين ڪينڪي، اچي وڳهه شهر رسي
اچي بيٺو در تي، بيٺو  ’دودل دودل‘  ڪري
ريهه ڪري راڻو اُٿيو، آيو در مٿي
ڪر خبر ته منهنجو ڀونگر چڱو ڀلو هو؟
چئي: اڃا تائين چڱا ڀلا، پر ويندءِ يار مري.

دودي پڇيس ته: طيب! ٻڌاءِ ته ڪيئن آيو آهين؟ طيب چٺي ڪڍي دودي کي ڏني ۽ چيائينس ته:

ڀلين چڙهي بادشاه، چڙهي محمد راءِ
سانـَـن سڱ سنوان ڪري، ونگن لاهي وَر.

اها خبر ننگر جي مڱ کي به پيئي ته ننگر لڙائي جوٽيو بيٺو آهي.

اِها خبر سڻيو ڳالهڙي، ٿي روئي رت ڦڙا
اها سڻيو ڳالهڙي بيٺي ڪارو ويس ڪري
ته جيئرو ايندو ڪينڪي، ويندو خان مري.

اها خبر ننگر جي ماءُ کي به پيئي آهي.

مري ماءُ ننگر جي، ريهون ڪري راڻي
اندر آرام نه اچي، منهنجا جوش جلن جيرا
ننگر منهنجو ننڍڙو، وَٽـِـي کير پيئي
ننگر منهنجو ننڍڙو، ڪهڙي جنگ ڪري
خاوند آڻجان خير سان، اکين شال ڏسان!

جيسين انهن جون خبرون ڪيون تيسين رات جو باقي هڪڙو پهر وڃي رهيو. گهوڙي ٻن پهرن ۾ ويندي هئي. دودي کان طيب پڇيو ته: هاڻي ڇا ڪريان؟ دودي چيس ته: تون هاڻي ڪاري گهوڙي ته چڙهي وڃ، جنهن جو داٻو پنجاه ڪوهه تي ٻڌبو آهي. گهڻا ڏينهن ٿيا آهن جو ڪاري جو تنگ ڪونه ڀريو اٿم. طيب انهيءَ ڪاري گهوڙي تي چڙهي روانو ٿئي ٿو:

گهوڙو سڻيو جنگ جا بيٺو نيهـَـر ڌُٻائي
ڪئين ورهيه گذري ويا، ههڙو تنگ نه ڀريو
پائي پير رڪيب ۾ طيب خان چڙهيو.

پري کان گهوڙي جي سنبن جو دٻڪو ٻڌي، ڀونگر چيو ته محمد پيو اچي:

گهوڙو پنهنجو ڪارو اهو پيو اچي
ويرم ڪيائين ڪانڪا، اچي خان رسيو
السلام عليڪم سوڍڙا، و عليڪم سلام
سـُـل سچي ڪر سومرا، محمد تون آهين؟
چئي محمد آهيان ڪينڪي، آهيان طيب خان
گوڏا ڀڃي ويهي رهيا، چئون پنهنجو نصيب!

رات وهامي ويئي. ڏينهن ٿيو ته عالادين جو لشڪر لڙائي لاءِ ٻاهر نڪتو:

عالادين ماڻهو موڪليو، سالار پٺاڻ مٿي
نـَـوَ هزار کنيائين پاڻ سان، چڳدي سان چڙهي
اچي بيٺا رڻ مـُـنهن تي، ٿا  ’ننگر ننگر‘  ڪن
ساري حضرت شاه کي ننگر ٽيءَ چوٽ چڙهيو
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾ جيئن منگهه وجهي مارا
وِڄ چمڪي ديس تي کـِـڙيا ڄڻ تارا
ڪٽڪ ڪارونڀار ۾ سج نه پئي سماءُ
ننگر هٽي ٿو ڪينڪي، جيئن پورب واءُ وري
ڪئين ننگر ماريا ڪئين ٿي ماريا گهوڙي
وڙهندي تن ويرين سان ويڙو ڏينهن لنگهي
نديون نير پلوٽيون، لوهيڙو تار وهي
سسيون تن صوبن جون لوهيڙي منجهه لڳن
ڌڙ تني جا ڌوڙ ۾ اُتي پيا ليٽن
مغل مري ماندا ٿيا،  ’پاڻي پاڻي‘  ڪن
ڏهه مارايائين پنهنجا، ننگر ڳچ بيٺو ڳاري
ڏنو ڦيرو اڙد کي، پـِـڙ ڪيائين واندو
ساريو حضرت شاه کي ڀالي ڏور ٻڌي
سسي تنهن صوبي جي نيزي پاند رکي.

---

خط عالادين لکيا، پلٿي دار پٺاڻ تي
هڪڙيون بندوقون بڇڙيون، ٻيا ڏڦا ڏور هڻن
اچي ته بيٺا ويڙهه تي بيٺا  ’ننگر ننگر‘  ڪن
ساريو حضرت شاه کي ننگر چوٿين چوٽ چڙهيو
ڪاهيو پئي ڪٽڪ ۾ ننگر منگهه وجهي مارا
ڪئين هئا ننگر ماريا، ڪيئن ڀونگر ماريا
ڪجليون اکيون اُت ڪري ڀونگر ڏنو جواب
ته نڪي ڏونگر ڏور ڪري، نڪي جبل ڏئي جاءِ.

اتي ننگر ٿو ڀونگر کي چئي ته:

متان ادا ماندو ٿئين، بابو هتي آهه
چئي: بابو ڇڏيئي وڳهه ۾، هـِـت چريو چنيسر راءِ
هي ڇڏيندو ڪينڪي، جنهن ڏاڙهي قول ڏنا.

---

ننگر هٽي ٿو ڪينڪي، جيئن پورب واءُ وري
ننگر هٽي ٿو ڪينڪي، جيئن دريا دوڙ ڪري
نڪو پاڻي اوڏيءَ ۾، نڪو مينهن وسي
وڙهندي تن ويرين سان ويڙو ڏينهن لنگهي
ويهه مارايئين پنهنجا، ننگر ڳچ بيٺو ڳاري
ڏنئين ڦيرو اُڙد کي، پڙ ڪيائين واندو
ساريو حضرت شاه کي ڀڙ اُڇليو ڀالو
ريهه ڪري راڻو ڪريو، ڇڄهري ڪري ڇڻڪو
سسي تنهن صوبي جي نيزي پاند رکي.

---

عالادين ماڻهو موڪليو سلطان پٺاڻ مٿي
نوي هزار کنيا پاڻ سان چڳدي سان چڙهي
اچي بيٺو رڻ منهن تي، ٿو  ’ننگر ننگر‘  ڪري
ساريو حضرت شاه، کي ننگر پنجين چوٽ چڙهي
ڪاهيو پوي اُڙدن ۾، هستي هوڏ هڻي
ڪاهيو پوي ڪٽڪ ۾، بازو يار ڀڃي
ڪـُـونج وڃين ٿي ڪاهلي، دودي ڏج سلام
ننگر ڀونگر ٻئي ماريا، هـُـو جي هئا همراه
ويهي وڳهه ڪوٽ تي ڪونج ڪرڪو ڪيو
ريهه ڪري راڻو اٿيو، اُڀو دَر مٿي
ڀڳي ٻانهين ڪوٽ جي، ڀڳي دودل جي کٽ
مون کي نام الله جي، رات وهامڻ ڏي
پوءِ اسان ۽ عالادين جون ڳالهيون ڳوٺ ڪندا.

---

مري ماءُ ننگر جي، ريهون ڪري راڻي
اندر آرام نه اچي جوش جلن جيرا
ننگر منهنجو ننڍڙو وٽي کير پئي
اها سڻيو ڳالهڙي بيٺي ڪارو ويس ڪري
جيئرو ايندو ڪينڪي ويندو هاڻ مري
ڏسيو موڙ ننگر جا ريهون ڪري راڻي.

ننگر کي ڪونج جو نياپو پهتو، جيڪو دودي موڪليو هئس. پوءِ ته:

ڪاهيو پوي اُڙدن ۾، جيئن مڪڙ ماري
نديون نير پلوٽيون، ڪڙڪن وڳهه ڏي
وڙهندي تن ويرين سان، ويڙو ڏينهن لنگهي
ٻائيتاليهه مارائي پنهنجا، ننگر بيٺو ڳچ ڳاري
چنيسر نالي نام الله جي، پاڻي ڍُڪ پيار
چئي: پاڻي ڏيانوَ ڪينڪي، منهنجا قول ڪچا ٿيندا
اتي مارايان اوهان کي، ڌُر ماريان دودو.

---

ڪٽڪ ڪارونڀار ۾، سج نه پئي سـَـماءُ
وڙهندي تن ويرين سان ويڙو ڏينهن لنگهي
ڏنائين ڦيرو اُڙد کي، پـِـڙ ڪيو واندو
ساريو حضرت شاه کي ڀالي ڏور ٻڌي
سسي تنهن صوبي جي، نيزي پاند رکي.

---

پوءِ عالادين ماڻهو موڪليو، تالا تمر مٿي
 ڪئين کنيائين ٿي ڪيترا ڪٽڪ ڪارونڀار
ڳڻي ڳڻندين ڪيترا لکين لک هزار
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾ منگهه وجهي مارا
مهاڙا يار اُڪاريو، بيٺو  ’علي علي‘  ڪري
 سڀ مارائي پنهنجا ننگر بيٺو ڳچ ڳاري
وڙهندي تن ويرين سان ويڙو ڏينهن لنگهي
ست ويهون ست ڌڪ، ننگر يار جهليا
پنج ويهون پنج ڌڪ، ڀونگر يار جهليا
وڙهندي تن ويرين سان ڀونگر ريهه ڪئي

چئي: تون ويهه منهجي ڇانوَ ۾، آءٌ ٿو جنگ ڪريان.

ڀونگر ڇانوَ ۾ ويهندي دانهن ڪئي. تڏهن ننگر چيس ته: تون ماندو نه ٿي. مون کي ننڍي هوندي ماءُ هيرو جواهر کارايو هو، تنهن جو تجلو آهي. تڏهن ڀونگر چيو ته: ادا! تنهنجي هنئين مان آسمان ۽ سج پيو ڏسجي. پوءِ ننگر اُٿيو ۽ وري جنگ شروع ڪيائين.

ڏنائين ڦيرو اُڙد کي، پـِـڙ ڪيائين واندو
سسي تنهن صوبي جي نيزي پاند رکي.

اتي ٻئي سؤٽ رڙهي طنبو ڀيڙا ٿيا آهن. پوءِ  ڀونگر چيو ته پاڻ ٻئي مري وينداسين.

عالادين ماڻهو موڪليو نظر بيگ مٿي
ساريو حضرت شاه کي، ننگر ستين چوٽ چڙهي
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، منگهه وڌا مارا
نديون نير پلوٽيون، لوهيڙو تار وهي
وڙهندي تن ويرين سان ويڙو ڏينهن لنگهي.

اتي ڀونگر فوت ٿي ويو. ننگر، نظر بيگ کي چيو ته: چاچا‍‍! مون کي پاڻي ڍڪ پيار. نظر بيگ پاڻي پياريو. تنهن کان پوءِ ننگر چيو ته: پهريون ڌڪ تنهنجو ۽ پويون ڌڪ منهنجو آهي. نظر بيگ ڌڪ هنيو ننگر کي ۽ ننگر ڌڪ هنيو نظر بيگ کي، ٻئي گذاري ويا. چنيسر لڪو بيٺو هو، تنهن ٻنهين سؤٽن جا لاشا پيتي ۾ بند ڪري، اٺ تي کڻي، رات وچ ۾ وڳهه شهر ۾ وڃي ڇڏيا. صبح جو دودو اٿي ڏسي ته پيتي پئي آهي، جو جي کڻي کولي ته ٻئي لاشا رکيا آهن.

مري ماءُ ننگر جي، ريهون ڪري راڻي
مڱ مير ننگر جي ريهون ڪري راڻي
ساران ٽارو کوڙيو، ٽاري ٽؤنر لـُـڏن
ميندي تن مڙدن کي مـِـڙيو پيون رکن
موڙ تن مڙدن کي راڻيون ٿيون رکن
خان کڻي هليا  ’مهراڻي‘  مقام ڏانه
ڍڪي آيا ڌوڙ ۾، ڪلمو جي پڙهندا.

دودل ماڻهو موڪليو  ’دوسـُـو‘  ڪوٺي آءُ
چڙهي وڃي محمد ڏي، محمد ڪوٺي آءُ
ڪئين بادشاه گذري ويا، ههڙو ڪونه آيو
ڀونگر ماريائون ننڍڙو، پڻهين کي ويڻ نه ورتو
ننگر ماريائون ننڍڙو، پڻهين کي ويڻ نه ورتو.

---

اها سڻي ڳالهڙي، دوسو ڪارو ويس ڪيو
پائي پير رڪيب ۾، گهوڙي گهوٽ چڙيو
هڪڙي ٻي، ٽي، واٽ تي، چوٿين خان رسيو
اچي بيٺو در تي، بيٺو  ’محمد محمد‘  ڪري
ريهه ڪري راڻو اُٿيو، اُڀو در مٿي
ماڻهو تنهنجي ڳوٺ جو اُهو بيٺو سڏي
ڪارا ڏٺائين ڪپڙا، ڪارو ڏٺائين ويس
ڪر خبر دوسو، ننگر چڱو ڀلو هو؟
چئي: ڪئين بادشاه گذري ويا، ههڙو ڪونه ڏٺو
ننگر ڀونگر ٻئي ماريا، هـُـئا جي همراهه.

 ---

محمد اهڙو زبردست بادشاه هو جنهن کي ننڊ مان ڪو اٿاريندو هو ته ڇهه مهينا ان کي جيل ڏيندو هو، اُهو ڪاوڙجي لاهور ۾ وڃي پنهنجي حڪومت ڪرڻ لڳو هو.

اها سڻي ڳالهڙي، محمد بيٺو ڪارو ويس ڪري
سڏ ڪيائين دربان کي، ڪنجيون ڏيان ٿو تو کي
جيئرو ايندس ڪينڪي، ويندس خان مري.

 ---

پائي پير رڪيب ۾، محمد خان چڙهيو
گهوڙي اُتي ڳالهايو، ڳالهائين محمد ساڻ
ته هڪڙا سور ننگر جا، ٻيا مارين تون به متان
سانگو ڪيائين ڪونه ڪو، ڪاهيائين ڪشت منجهان.

محمد هلندي هلندي اچي هڪڙي ٻڪرار جي واڙي ۾ پيو. ٻڪرار کان پڇيائين ته: ڏي خبر، وڳهه گهڻو پنڌ آهي؟ ٻڪرار جواب ڏنس ته وڳهه سؤ ڪوهه پويان ڇڏي آيو آهين. اتي محمد دل ۾ چيو ته گهوڙي کي ماري ڇڏيم. گهوڙي سان ڳالهائي ٿو:

نالي نام الله جي، سڻ به منهنجي ڳالهه
ٺاڻ سڃاڻج پنهنجو، هل مهراڻي مقام
ويرم ڪيائين ڪانه ڪا، آئي مهراڻي مقام
ڏٺائين موڙ ننگر جا، ريهون ڪري راڻو
وجهيو ڀاڪر بـُـٺين کي، ريهون ڪري راڻو
نالي نام الله جي، ساران زرهه آڻي ڏي
دستانا دِلي جا مون کي مائي آڻي ڏي
چئي: مون کان کڄي ڪانه ڪا، تون پنهنجي پائي آءُ.

اتي دودي خبر ٻڌي ته محمد چريو ٿيو مقام ۾ پيو آهي. پنهنجي زال ساران کي مائي پيو سڏي. تڏهن محمد کي آڻڻ لاءِ ماڻهو موڪليائين:

دودل ماڻهو موڪليو، محمد ڪوٺي آءُ
قاصد ڊوڙي آئيو، محمد سڏ ڪري
چاچا! تون چريو ٿئين، چڙهي تون به وئين
جان لکين ها مون ڏانهن، چڙهي آءُ وڃان
ڇوڪر ماريا ننڍڙا، وڳهه ڪيـئي واندو.

دودي اتي محمد کي چيو ته: منهنجي صلاح آهي ته راڻيون سڀ اَبڙي وٽ سامون ڇڏي اچ ته پوءِ هڪ ٻئي پٺيان چڙهون.

پائي پير رڪيب ۾ محمد خان چڙهيو
ڪارا ڪيائين ڪپڙا، ڪارو ويس ڪيو
پائي پير رڪيب ۾ گهوڙي گهوٽ چڙهيو
تيزڻ پير تکا ڪيا، جهليائينس لال لغام
اندر آرام نه اچي، جوش جلن جيرا
هڪڙيون باهيون ننگر جون، اندر ۾ آڙاهه
هڪڙي، ٻي، ٽي، واٽ تي، چوٿين خان رسيو
اچي بيٺو در تي، ابڙي خان سڏي
ابڙو ڊوڙي آئيو، ڪهڙا سڏ ڪري!
چئي: چاچي مون کي موڪليو، تو ڏي ميڙ ڪري
سامون ڇڏيان ٿو وٽ، چڙهي جنگ وڃان
چئي: ڀلين آئين سومرا، ڀلين آئين ڀاءُ
سر ڏيندس صدقو، سامن جي مٿانءُ.

ابڙي ماءُ کي چيو ته: اَمان! دودي محمد کي موڪليو ته سامون جهل، مون جواب ڏنو، محمد هليو ويو. تڏهن ماءُ ٿي چوي ته:

تون منهنجو پٽ آهين ڪينڪي، ڪٿان خان جهلين
ماڻهو موڪل محمد ڏي، محمد ڪوٺي آءُ.
----

 

2- محمد ملوڪ ڪوري (تعلقو ماتلي) جي کنيل ڳالهه

[هيءَ ڳالهه محمد ملوڪ پٽ طيب، ذات ڪوري، ويٺل ڳوٺ جعفر بوزدار تعلقو ماتلي، ڪچهري ڳوٺ ڀنڀي لغاري لڳ تلهار ۾ تاريخ 4- ڊسمبر 1965ع تي کنئي، جيڪا ان وقت قلمبند ڪئي وئي. ان وقت سندس عمر 32 سال کن هئي. لوڙائو ۾ ڳالهه کنيائين. محمد ملوڪ هيءَ ڳالهه رمضان (رمون) جوکيي کان سکيو. هيءَ ڳالهه پڻ اڻپوري آهي ۽ ننگر جي جنگ تي چڙهڻ واري واقعي تي ختم ٿئي ٿئي.   ن - ب[

ڪاري دودي جو پٽ ڀونگر، ڀونگر جا پٽ دودو ۽ چنيسر، ڀونگر وفات ڪئي، ٻه ڀائر بچيا. قدرت جو راض ٿيو، چنيسر لاهور شهر ۾ هو. دودي کي راڄ چيو ته پڳ تون ٻڌ. چيائين منهنجو ڀاءُ وڏو آهي، سو پڳ ٻڌندو. سومرن جي زور ٻڌڻ تي دودي چيو ته آءٌ پاڻ چنيسر کي خط ٿو لکان، جي اُهو آيو ته واه، نه ته آءٌ پڳ ٻڌندس. دودي خط لکيو.

چڙهيو  ”ٻالنگ ڪوٽ“  تي، دودل خط لکي
ڪڇ ڀڄ ڪاڇيل ڏانهن، شهر ٻنگالي ڏانهن
هوڏانهن دنگ لاهور جو، هيڏانهن ابڙو راڄ
هوڏانهن دنگ لاهور جو، هيڏانهن ٻهڳڻ ٻيلي ڏانهن
خاطي خط پڇنڊيا اچي چنيسر جي مهندا
پڙهيو پروانا ڀاءُ جا، مـُـرڪي پاڻ مـُـنهان
ته ڀلي ڄائين دودا سومرا، تو نـِـچ ويائي ماءُ.

خط پڙهي چنيسر تياري ڪئي.

چنيسر بانڪو اُٿاريو ته ڇـِـڻڪـِـيو ڇوڙي آءُ
سونا سنج سنجاف جا، ڪر ماڻڪ جيئن مڻياءِ
داڻا تنهن دمچي ۾، ڪر جوهر جي به جڙاءُ
ڪپڙ جي ٻڌ ڪٽورڙي، سونهري سروپاءِ
رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو هو تارو
سـُـرخي تنهن سنجاف جون وڳهه ڏي واڳون واري.

دودي چيو راڄ کي ته: ڏسان، منهنجو ڀاءُ اچي ٿو يا نه؟

سنهڙي سنهڙي رائـِـي، اُٿي اَدل وٽان آهي
چنيسر کي خبر پئي، ڪڙا ڪيائين قابو
لهندي دير ڪيائين ڪانه، لهي پٽ پيو.

دودي چيس ته:

ادا! وڏن جي وڏاندري، آئي به تو مٿي
چئي: ڀاءُ ته آهين ڀائرن جهڙو، مون کي گهران پڇڻ ڏي
چئي: تخت توسان ڀيڙو ناهي، جـُـنگ ڇڏي ٿئي جاءِ
ڪارو نـِـير سـُـڄي ٿو لاڙ ۾، اُڌما ڏي آڙاهه
توکي عقل اڱارن جو، سيڪ سـَـنداڻِ  جو ساءِ
ڏيو چـَـس سـِـراڻ کي، لوهاري لڄائين ٿو ماءُ.

تڏهن چنيسر چيو ته:

ڇوڪر وڃن ٿا راند تي، ڇو نه پڇن ٿا ماءُ
اڳتي هلان ته ٻڏي مران، پويان ساڙي باهه
ڏئي زمين جاءِ، وڃان زمين منجهه گهڙي.

چئي، جيسين امان کان پڇندس تيسين پڳ نه ٻڌندس. راڄ وارن دودي کي ورايو ته جيڪو ماءُ کان ٿو پڇي، سو ڪهڙو راڄ هلائيندو. تون هلي پڳ ٻڌ. تڏهن دودي پڳ ٻڌي.

ساڌو سنڀري هليا، واڌو وک وجهي
پيچ ته تنهن پٽڪي جا بيٺو دودل يار ڏئي
پڳ ٻڌي دودي سومري، جيڪو آهي پيڙهي راءِ.

ٻانهيءَ کي چنيسر جي ماءُ موڪليو ته ڏسي آءُ ته ڪنهن پڳ ٻڌي؟
گهمي آ گهومـِـڻـِـي، تون ميراڳن منجهانء
ڪهڙي پڳ ٻڌي، ڪهڙو ٿيو پيڙهي راءِ.
 

ٻانهي ڏسي اچي چيو ته:

پنبڻيون جنهن جون پـُـسي آيون، ڳل وهائي ڳوڙها
پڳ ٻڌي دودي سومري، جو آهي پيڙهيءَ راءِ.

چنيسر ماءُ وٽ آيو. ماءُ چيس ته:

ابا! هندي سنڌي پاڙهي مئين، پاڙهي مئين فارسي
عقل جو اڪابر هئين، تو کان ويران ڪيئن وئي
تڙئين دودي سومري، ڪر تڙئين راڄ منجهان؟

ماءُ کي چيائين ته:

نڪي دودي تڙيو، مون کي تڙيو پاڻ خدا
ٿيو بيٺو هوس تخت تي، تخت مٿي بادشاه
جڏهن عزرائيل اُٿلائيو، تڏهن تخت هيٺان بادشاه.

اهو ٻڌي چنيسر جي زال سـَـسُ کي چيو:

اڳي هيون سين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽـِـلي ٿيون سين ٽي
چڱو چوکو جوان کي، ڳاڙهو اَرٽ گهڙائي ڏي
هٿيا مـُـنا عاج جا، چـَـ تـُـون چاڙهائي ڏي
پهر ۾ ڪتيندو پاءُ، ۽ سير به سويلي.

تڏهن وري ماءُ چيو چنيسر کي:

دانگيون، ڌَماما، ڀالا ڀڃي هـَـڙ ٻار
سنجاف گهوڙي وڪڻي، تون ڌڻ رڍن جو ڌار
لوهيڙو لڪڻ هٿ ۾، تون گهڏڪي گهيٽا چار
ٻيلي پاس ڪنڌين جي، تون ڪـَـڪـَـڙ
(1) کي پوڪار
ماڻهين ڪندي ماهيڙو، ويندي دودل جي درٻار
تون کٽندين دودو کائيندو، ٿيندين دودن جو ٻڪرار.

چنيسر جي زال وري سـَـسُ کي چيو ته:

مينڍا ويڙهه ملوڪ جا، ڳچي ٻڌينس ڳانا
نٿ بولو سـُـونهينس نڪ ۾، جـَـهمٽ ڪن ڪـُـرڪـُـون
ڇلا وجهينس اڱرين ۾، مٿان تن مـُـنڊيون
هـِـن ونيءَ جا ور گهڻا، پاڻهي گهر ويٺي گهرندا.

وري ماءُ چيو ته مونکي ڳالهه جو سور آهي، پڳ جو نه آهي.

نـَـوَ ڪـُـڙهـُـون نـِـيـَـرن جون، جتي نـِـيرا ٿا به نچن
بـُـهرون شهزورون هيون، ڪـُـميتون به منجهن
سوناريون سرخيون هيون، سونا ساز سندن
ڊڊا، ڊاکرا، ڍاڍرا، گاهيا گاهه کڻن
آءٌ مران ٿي ڳالهه کي، جو گهوٽ پڇي ٿو گهران!

چنيسر جي زال مريم، سـَـسُ کي چيو ته:

ور ته مون وِلهي جو،  اٿئي کـِـيـَـڻ جو به کرو
اَن مان ڍاپي ڪينڪي، ماريو جهڙو جي ڏرو
مڻ گجرن جو گوڏ ۾، پڇي واڙيءَ جو به پرو
اچيو ويهي ڇني وچ ۾، هڻي وچون وَرو.

ماءُ چيو نـُـنهن کي ته:

امان! پٽ ڄاوَم هڪڙو، جنهن کي چون آدمخور
سڻيو گوڙون شينهن جون، وڃي هٿ ٺلهيو
ماريو اچي مـُـڪن سان، مٿان ورائي ٿو لت.

پوءِ زال ماني ٿي موڪلي.

مريم موڪلي ماني، موڪليئين ٻوڙ پلاءُ
چئي: ور ته مون وِلهيءَ جا، ويهي ماني کاءُ.

اِتي چنيسر کي ڪاوڙ آئي، چئي:

ماني کائيندس ڪانڪا، تنهنجي ڍاڪن زهر ڀانيان
اڄ اڄوڪي ڏينهڙي، وڃي عالادين ٻارڻ ٻاريان.

چنيسر راڻين کي چيو ته:

راڻيون هندورن هيريون، جـُـتي نه پائين پير.

پر زالن چيس ته:

رسو کڻي ٿنڀ سان، وڃي موهر ڦاهو کاءُ
چئي: مريم ڀانيان ٿو ماءُ، ننگر ڀانيان ٿو ڀاءُ.

 

ائين چئي چنيسر ڪاوڙ مان اُٿي هليو. ننگر ننڍڙو هو، تنهن گهٽيءَ ۾ راند پئي ڪئي. ننگر ڊوڙي اچي واڳ ورتس.

تڏهن چنيسر چيو:

ننگر! نام الله جي، تون ڇڏ گهوڙي جي واڳ
هڪڙا ويڻ ڏنا ڏاڏهين، ٻيو ساڙيس تنهنجي ماءُ
اِنهن مهڻن جي مرم کان، ڀالي ٽنگايان ڀاءُ.

ننگر چيو:

بابا! قادر قلعو اسان هٿ ۾، حامي حضرت شاه
مريد محي الدين جا، اسان کي ڪوسو نه لڳي واءُ
اِهو عالادين هڪڙو، اهڙا چاليهه چاڙهي آءُ
تڏهن به ڏيندوسئين اُهي مـُـڪن سان ماري.

دودل جي پٽول، راڻي، سونل کي هنج ۾ کڻي چنيسر کي منٿون ٿي ڪري.

پايو پاند ڳچي ۾، بيٺي سونل ڌيءَ کي پيرن تي اُڇلي
ٻين جو سـُـٽ مـُـنڌو، اَهنجو ڪپهه ڪهڙو مـُـوڙهو؟
مري هرڪو جدا ٿئي، اَئين جانب جيئري ٿيو نه جدا.

چنيسر چيو ته:

هڪڙا ويڻ ڏنا ٿـَـنِ ڏاڍا، ٻيو ساڙيو آهي رنن
اِنهن مهڻن کان آءٌ ڀالي ٽنگائيندس ڀاءُ.

ٻاگهي ڊوڙي دودي وٽ آئي، تنهن خبر ڪئي:

ٻاگهي جو مٿو اُگهاڙو، ڊوڙي آئي دودي اڳيان
چئي: چنيسر وڃئي ڪاوڙيو، عالادين ڏانهن
منٿ مڃي ٿو ڪينڪي، چئي ڀالي ٽنگائيندس ڀاءُ
هاڻي ڏئي سڱ سونل جو وٺينس به واري.

دودو ڦري چنيسر کي منٿ ٿو ڪري:

ڏيو ڳل ڳراهٽيون، ڀاڪر پائي ڀاءُ
اَدو، اَبو توکي چوان، مريم ڀانيان ماءُ
پنجاه واري پاڳ آهي چنيسر! تو مهندا
ننگر ته منهنجو ناٺي، سونل نـُـنهن سندياءِ.

چنيسر چيو ته:

ادا! هڪڙو ڏنومئين دڙڪو ته ڇڏيئي پاڳ پچار
ٻيو دڙڪو ڏنومئين ته ويرا! باسيو ٿئي وهانءُ
ٽيون دڙڪو ڏيندوسئين ته ڇڏيندين راڄ پچار.

اتي دودي کي ڪاوڙ آئي، سو چنيسر کي چيائين:

اُٿي لوهاري جا، ڏئي لتون ڪڍئين نه ساه!

چنيسر ڪاوڙجي روانو ٿيو ته دودي وري چيس ته:

رُلـج ڇـُـلج ڪينڪي، نڪي وڃائج سـُـونهن
ٻيو چڙهنديءَ ڪنيڪي، وري اچج مون.

اڳتي هلي چنيسر دل ۾ چيو:

دودل چڙهندو وڳهه مان ته وڻ ڇڏيندا واءُ
اُبتا واه وهي ويندا، مڇين پـُـوندو ٽاهه
ڏُٿ پـُـسي ڏؤنرو ٿيو، ڀاڱي هئم ڀاءُ.

چنسير ساوَڙِي ڍنڍ ۾ گهوڙي کي ڏاڻ ڏئي سمهي پيو. دودي ڀاءُ سمجهي سـَـت ويهون سومرن جون صلح لاءِ موڪليون:

ست ئي چڙهيا ٿئي سومرا، هـُـولاڻي پاڙو
ڏِسيو ساوڙي ڍنڍڙي، ويرو ونگ وجهي
ڪڍيو ڏاٽو دانَ مان، جيئن لنب جو گاه لـُـڻي
سڀئي ماريئين ٿي سومرا، جيئن هاري ڳاهه ٻڌي.

پوءِ اتان گهوڙي تي چڙهي چنيسر روانو ٿيو.

پايو پير رڪيب ۾، گهوڙي گهوٽ چڙهيو
گدڙ بگهڙ ڀولڙا ماريندو به وڃي
ٿوري گهڻي ڏينهڙي اچي ميهر وٽ لٿو.

ميهر کي چيائين ته کير پيار. چئي: ڏينهن جو کير ڪٿان آيو؟ ميهار جون مينهون ٻيلي ۾ چرڻ لاءِ ويون هيون. چنيسر کي ڄٽ سمجهي ڪـُـنڍي مينهن جو ڏس ڏنائين، جيڪا شينهن سان وڙهندي هئي ته ٻٻر تي چڙهي ميهر ڏسندو هو:

ڏسيو ڪاري ڪـُـنڍڙي، بيٺو هٿڙا يار ڦيري
ٻئي چنبا وڌائين چـُـوڙ ۾، مينهن چوڙ نٿي چوري
چار ئي باز بندي ڇڏيئين، مينهن آئي اُلڙي
ميهار! مينهن ڏهي ڏي، متان وجهانس ٿڻ پٽي!

ميهار خيال ڪيو ته حجم آهي، ڪا سيکت ڏيانس، سو چيائين ته: جي اهڙو پهلوان آهين ته شينهن ماري ڏي.

مٿا ڪوڙي مـَـهتن جا، توکي عقل ڪيئن آيو!
چئي: مٿا ڪوڙيون مهتن جا، ڏس پاڪين جا پورهيا
رُڪ ٿي راسوڙا ڪيا، اُتي بانڪا ٿي ڊوڙيا
ٿوري گهڻي ڏينهڙي وجهنداسين شينهن ماري.

ميهار کي چيائين ته هلي شينهن ڏيکار. ميهار چيو ته: آءٌ ٻٻر تي ٿو ويهان، تون ويڙهه ۾ وڃي مار. چنيسر ٻيلي ۾ اچي هڪل ڪئي:

بانڪا ڪر نه بانوِريون، تو ساوا سـُـڪايا
اڳي سـُـڪايا تو، هاڻي سـُـڪو تنهنجو ساه
ڪاوڙجي نڪتو ڪست منجهان، اُڀري آيو آدر تي
ماري رکيائينس مـُـڪن سان، مٿان ورايائينس لت.

جڏهن شينهن ماريائين تڏهن ميهر چيو ته: شينهن جا مٿا ڪي بنهه ڪچا آهن. چنيسر چيو ته: اڃا هڪ شينهن اٿئي، اُهو مار. ميهار ويو شينهن مارڻ ته هن گوڙ ڪئي ته مرڳو ساه ٿي نڪتس، تڏهن چنيسر ٻيو به شينهن ماريو. اِتي دهلي جو هڪڙو واڻيو آيو، پڇيائينس ته: دهلي پنڌ ڪيترو آهي؟ واڻيي چيو ته: ٻارنهن ڪوه ڦيري تي، ۽ وچان چار ڪوه. پر وچين واٽ تي آدمخور ۽ هالار ۾ بادشاه جو اُٺ وڙهن ٿا، انهن گس ڇڏايا آهن. چنيسر چيو ته: وچان وڃان ته مارجي وڃان، ته ڀاءُ تي عالادين نه چڙهي. پوءِ گهوڙي ته چڙهيو:

پايو پير رڪيب ۾، گهوڙي گهوٽ چڙهيو
گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا هو ماريندو به وڃي
ٿوري گهڻي ڏينهڙي آدمخور وٽ اچي لٿو.

آدمخور چيو ته ماريانس پوءِ ٿو، پهرين پڇانس ته ڪير آهي. چنيسر کان پڇئين ته:

ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: دايو دودن جو آهيان، در سندو دربان
نوڪر دودي ڄام جو آهيان گولن جو غلام.

آدمخور چيو ته: ماريانس پوءِ ٿو پهرين هٿيارن جون خبرون پڇانس آدمخور چيو ته:

اهو سائو سائو بيٺ ۾ تنهن جو نالو ڇا؟
چئي: ڀالو چون حضرت شاه جو، جيڪو کائي ڀڙڪا.

وري پڇيائينس ته:

اها ونگڙي ونگڙي دان ۾، تنهن جو نالو ڇا؟
چئي: ونگڙي ونگڙي دان ۾، سا تکي چون ترار.

وري پڇيائينس ته:

ڪارو ڪاٺ ڪلهي تي، اُن جو نالو ڇا؟
چئي: بندوق چون ٿا بڇڙي، جنهن ۾ تير تکا.

آدمخور چيو ته:

اهي ٽيئي هڻ مون منجهه، تنهنجا چٻا تير ٿيندا.

آدمخور چيو ته: اچئي ٿو سوا مڻ جو ڏنڊو. چنيسر چيو ته تون به هٿيار ڇڏ، آءٌ به هٿيار ڇڏيان. ملهه وڙهنداسون.

مرد وڙهيا ٿي پاڻ ۾، جيئن ماهيا سانَ کـَـسن
مڙد کنيو مڙد کي، جنهن جي نڪري وئي دانهن
ڪـُـڙل ڪرايون تنهنجون، مونکي لوهيا تير لڳن
جان آهين دودو سومرو، جان آهين چنيسر راء
ڪڍي مٿي مستاني جو ڇڏيئين اُت پساهه.

چنيسر آدمخور کي ماريو. اتي لکـِـي باغ ۾ اُٺ بيٺو هجي سلطان سالار جا اُٺ هالار ۾ چرندا هئا. انهن ۾ هڪڙو اُٺ هو جيڪو ماڻهو کائيندو هو. تنهن ماڻهن جا گس ڇڏائي ڇڏيا. جت ڊوڙندو اچي ته چنيسر لوهيڙي جو لڪڙ ڀڃيو بيٺو آهي. هڪل ڪيائينس ته:

لوهيڙو لڪڙ هٿ ۾، اُٺ واٽهڙو ماري
مرد بيٺو آ ميدان ۾، اُٺ کي ور ڏيو واري
هڻي باٺو چاهه مان، رکيئين ڪاڇيءَ کي به ڪيري.

اُٺ کي ماريئين. جت چيس ته: اُٺ ماريو اٿئي سلطان سالار جو. چنيسر چيس ته: چـَـسـِـي ڏي. چسي ڏنئين ته چنيسر سٽ ڏئي ٻانهن پٽي ڪڍيس. جت وٺي ڀڳو ته سلطان سالار هٿيار پنهوار کنيو ماڻهن سميت اُٺ کي مارڻ لاءِ گس تي بيٺو هو. جت چيس ته: چنيسر اُٺ ماري ڇڏيو. اوهين ويندؤ ته اوهان جون ٻانهون پٽي ڇڏيندو، ماٺڙي ڪري ويهي رهو. چنيسر اُٺ ماري آيو دهلي جي شهر منجهه. دربان کان ٿو پڇي ته:

ڪر خبر درواڻ ته منهنجي دلي دانهن ڪيئن لڳي؟
چئي: سؤ مڙس ميڙي آءُ، گهنڊ جي لار لڳي.

چنيسر چيو:

سؤ مڙس ڪوهه ميڙيان، گهنڊ جي پاڻهين لار لڳي
پوءِ هڻي تريون حڪم مان، ڇڏيئين گهنڊ کي پٽي.

گهنڊ جو آواز سڄي بادشاهي مان ٿي وريو. عالادين کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن ڌوتيو ٻڌي پوتيو ٻڌي، پوتيو ٻڌي ڌوتيو ٻڌي. پڇيائين ته: هي گهنڊ ڪنهن وڄايو؟ دربان چيو ته: اِهو ڀر ۾ بيٺو اٿئي، انهي وڄايو آهي. هاڻي عالادين ٿو خبر پڇيس ته:

ڪير آهين ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: صحيح آهيان سومرو، وڳهه جو وريام
دانهين آهيان دودن تي، هلجئين يار چڙهي.

چيئين ته: آءٌ ڪو چريو آهيان ڇا، جو دودن تي چڙهي هلان! ائين چئي کڻي پٺي ورايائين. عالادين پٺ ورائي ته هي موٽي شهر ۾ آيو. گهمندي گهمندي ڏسي ته هڪڙي رنڙي آهي جا روئي به ويٺي ۽ کلي به ويٺي، تنهن کان پڇئين. پوڙهي چيو ته: هن شهر ۾ اڳي منهنجا ڇهه پٽ راڪاس کائي ويو آهي، سانجهي ستين جو وارو آهي. تنهن ۾ جوڙو ڍڳن جو، آواڙو پاڻي جو، کارو مانين جو، ديڳڙو دال جو ۽ هڪڙو ماڻهو، راڪاس کائيندو آهي. چنيسر چيو ته: مون کي ماني کارائي ڍؤ ڪراءِ، آءٌ پاڻهي اوڏانهن ٿو وڃان. ماني جي ڀور تي چنيسر سـِـر ٿي ڏنو، سو پوڙهي ورائي کڻي گهر ۾ ويهاريس. ماني کائي خوش ٿيو، تڏهن چيائين ته: اسين آهيون مديني جي مير جا ڏنل. جنهن مهل قهاري اچي، تنهن مهل مون کي هڪل ڪج. قدرت جو راز قهاري آيو ۽ هڪل ڪيائين ته: رنڙيءَ جاپٽ! رنڙي ڊوڙي آئي. چنيسر کي هڪڙو ٻه سڏ ڪيائين. چنيسر کي اَن جو نشو هو، سو ننڊ اچي ويس. تڏهن پوڙهي طعنو هنيس:

پنج مانيون کائي پڙيءَ تي، ڪيئي ٿي ڏهن جو سعيو
ڏهه مانيون کائي پڙيءَ تي، ڪيئي ٿي پنڌرهن جو سعيو
پنڌرهن مانيون کائي پڙيءَ تي، ڪيئي ٿي ويهن جو سعيو
ٺلها هڻين ٿو گهوگهرا، تو ڪيئن راڪاس ماريو!

چنيسر ڀڙڪو کائي اُٿيو ته پوڙهي ٻـُـڏي وئي چئي: جن مهڻن کان ڀڳس اهي ئي منهن ۾. قهاري بيٺا هئا، تن هڪل ڪيس ته: هل رنڙيءَ جا پٽ چئي، رنڙيءَ جا پٽ آهيو اوهين. قهارين چيو ته: اڄ رنڙيءَ جي پٽ جو مغز خراب ٿي ويو آهي. هڪڙن چيو ته: اڄ ويچاري جي مرڻ جو ڏينهن آهي، ڀلي ڳالهائي. اتي چيئون: توکي هڪڙي شرط سان وٺي هلنداسين جو توکي نيئرن ۽ پينڌن ۾ ٻڌي وٺي هلنداسين، ڇو ته تون اوڦٽو ماڻهو ٿو ڏسجين، متان ڀڄي وڃين. چنيسر قول قبول ڪيو، چيائين ته: مون واعدو ڪيو آهي.

جنهن ڏينهن چنيسر ڳوٺان ڪاوڙجي نڪتو هو، دودي چيس ته: جڏهن به توکي ڪا اؤکي رسي، تڏهن منهنجو نالو وٺي، پير سنڀالـج ته منهنجو زور توتي چڙهي ويندو. قهاري هن کي نيئرن ۾ ٻڌي، ديڳڙو دال جو، کارو مانين جو، آواڙو پاڻيءَ جو ۽ جوڙو ڍڳن جو، راڪاس جي کائڻ لاءِ ڇڏي ويندا رهيا. چنيسر چيو ته:

جيءُ وڌئون جنجيرن ۾، سوگهو ڪيئون ساهه
ڏنئين زور نيئرن کي اُت نر نيئر هئا ڀڳا.

نيئر ڀڃي بيٺو ته جهڪ لڳي، مٿان آيو راڪاس. چنيسر چيو ته: هاڻي مون جهڙو آهي، پاڻهي خبر وٺندو سانس. راڪاس آيو، چنيسر کي سڃاتائين، ۽ چيائين ته: مون کي مائٽن جو چوڻ آهي ته جنهن ملڪ ۾ دودا هجن، اوڏانهن منهن به نه ڪج. اتي چنيسر دل ۾ خيال ڪيو ته ڪنهن حرفت سان وڙهان. سو کيس ويجهو سڏي چيائين ته: چاچا! ٿورو اوري اچ. راڪاس چيو ته: حضرت سليمان جو قسم ٿو ڏيان ته وري هن شهر ۾ نه ايندس. چنيسر ويجهو وڃي، ڌڪ هڻي راڪاس جي سـِـسي لاهي ڇڏي. راڪاس کي ماري جوڙو ڍڳن جو ڇوڙي، ڪن پچ وڍي، وڃي رنڙيءَ جي گهر ستو. رنڙيءَ جون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي، چئي: هي موٽي آيو، هاڻي بادشاهه مون کي ڦاهي تي چاڙهيندو جو راڪاس هاڻ سڄو شهر کائيندو.

حسڻ گاهيو گاهه ڪندو هو. عالادين جو حڪم هو ته جيڪو راڪاس ماريندو تنهن سان وڏي ڌيءَ جي شادي ڪندس. حسڻ گاهيو، فجر جو رنبو هٿ ۾ کنيو، سؤ ماڻهن سان اتان اچي لنگهيو، سو مئل راڪاس ڏسي، اُن کي ٻٽي ڌڪ هڻي، اچي عالادين کي ٻڌايائين ته: راڪاس ماري آيو آهيان. عالادين ٻن ماڻهن کي اُماڻيو ته ڏسي اچو ته حسڻ سچ ٿو ڳالهائي! ماڻهن ڏٺو ته برابر راڪاس مئو پيو آهي.انهيءَ مهل سرد گرم پاڻي ٿي ويا. حسڻ کي بادشاهي وڳا ڏئي پاڻ سان گڏ تخت تي کڻي ويهاريائين.

قـَـهاري، جن چنيسر کي ٻڌو هو، تن کي پڪ هئي ته ماريو انهيءَ آهي جنهن کي ٻڌي آيا هئاسين، سو ڊوڙي اچي چنيسر سان حقيقت ڪيائون. چنيسر چيو ته: حسڻ کان پڇو ته راڪاس جو ڪن پڇ ڪٿي آهي. عالادين کي ٻڌايائون، سو پڇيس ٿو ته: راڪاس جو ڪن پڇ ڪٿي؟ حسڻ چيو ته:

ڪن وڃايس واءُ، پڇ ٽوڙيس ڇانڀرو ٻيرن
مون ڏٺو موڏو، رکيومانس رنبن سان گـُـڏي.

اِنهيءَ عذر تي قهاري وري آيا چنيسر وٽ. چنيسر چين ته: وڃي چئوس ته بادشاهه جو مڪنو هاٿي، جنهن کي نو مـَـڻو نـِـيرَ پيرن ۾ آهي، سو حسڻ ماري ته پوءِ بلاشڪ راڪاس ماريو هوندائين. اِها حقيقت عالادين سان ڪيائون. چئي: ماريندس ڇو نه؟ هاٿي ڪهڙي ڳالهه آهي. بادشاهي پڙهو هليو ته مڪنو هاٿي سڀاڻي ڇٽندو. هٽ - تاڙ ٿئي، حسڻ گاهيو ماريندو. خيرن جو سج اُڀريو. چنيسر رُڪ جي تاسري کڻي تلاءَ تي تڙ ڪرڻ ويو. مڪنو هاٿي ڇٽو:

ڀورو هاتي راوِرو، ڪڪو قهر منجهان
نو مڻ نـِـيرَ پير ۾، ڪـَـڙيءَ جو ڪڙڪاٽ
واڻين هٽڙا پوريا، سؤکو لڳن ساه
حسڻ چيو يارن کي، مون تي جهجهي لڏ ورايو
اوهين ڀڄي چڙهو ڀٽن تي، اوهان جو آهي الله.

چنيسر وار ڇنڊيندو پريان پئي آيو. رڪ جي تاسري هٿ ۾، چنيسر دل ۾ خيال ڪيو ته هٿيار اُهو ڀلو جيڪو هٿ ۾ آهي. سو هاڻي هاٿي کي هڪل ڪيائين ته:

بيٺو آهين بازار ۾، پـَـرهو پائي پٽ
ماريان تنهن مرچوٺ کي، جو منهنجي ناهي مـَـٽ
آءُ ٻه قدم اورتي ته نديون وهايان رت.

 ٺڪاءُ جو ڪيائين تاسري ته آرپار هلي ويس، ۽ هاٿي پٽ تي ڪري پيو. سڀني چيو ته: حسڻ گاهيي ماريو. پر ٻين چيو ته: اسان ته توکي هٿن سان لـِـڏ ۾ پوريو هو، سو تو ڪيئن ماريو. هاٿي ماري چنيسر عالادين وٽ آيو، چئي: راڪاس ماريم، هاٿي ماريم، هاڻي تون ڇو نه ٿو دودن تي چڙهائي ڪرين؟ عالادين چيو ته: آءٌ چريو ڪونه آهيان، سـِـر ڪونه وڃائڻو اٿم جو دودن تي چڙهائي ڪريان! سو ڀاءُ ڏي خط لکيائين ته:

شينهن شينهڻ ماريم واٽ تي، گـُـجرن گاهه چنا
آدمخور ماريم واٽ تي، رستا ڇـُـوٽ وهيا
اُٺ ماريم هالار ۾ جتي عالمن کير پيتا
گهنڊ لوڏيم دليءَ شهر ۾، مونکي راڄن مجرا ڏنا
راڪاس ماريم دلي شهر ۾، عالمن خوف لٿا
ڀورو هاٿي ماريم دليءَ شهر ۾، ڪڪو قهر منجهان.


(1) ڪـَـڪـَـڙ = ڪـُـتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org