گوني ۽ ماتلي طرف جي روايت
هن روايت ۾ هيٺ چار ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن:
(1) رمضان جوکيي (تعلقو گوني) جي ٻڌايل ڳالهه (2)
ملوڪ ڪوري (تعلقو ماتلي) جي کنيل ڳالهه(3) علي
محمد لغاري (تعقلو گوني) جي کنيل ڳالهه، ۽ (4)
سهگڙ حاميد خاصخيلي (تعلقو ماتلي) جي ٻڌايل ڳالهه.
محمد ملوڪ ڪوري جي کنيل ڳالهه، ساڳي رمضان جوکيي
واري آهي، ڇاڪاڻ ته محمد ملوڪ، رمضان جوکيي جو
ٻالڪو آهي، ۽ ان کان ئي ڳالهه سکيو. اهي چار ئي
ڳالهيون هڪڙو ته اڻپوريون آهن ۽ محمد (يا ننگر) جي
جنگ تي چڙهڻ واري واقعي تي ختم ٿين ٿيون. ٻيون ته
انهن ڳالهين ۾ بيت ساڳيا آهن، ٽيون ته وراڻي وارا
لفظ پڻ ساڳيا اچن ٿا، انهي ڪري ڀانئجي ٿو ته اها
هڪڙي ساڳي ڳالهه آهي، جيڪا ڪنهن آڳاٽي راوي کان
گوني ۽ ماتلي جي تر ۾ مشهور ٿي ۽ مختلف راوين وٽان
هلندي آئي آهي. جيئن ته رمضان جوکيي واري ڳالهه ۾
قدري تفصيل آهي ۽ منجهس بيتن جو تعداد به زياده
آهي، تنهن ڪري ان کي بنيادي روايت طور منڍ ۾ رکيو
ويو آهي.
1- رمضان جوکيي (تعلقو گوني) جي ٻڌايل ڳالهه
[هيءَ ڳالهه اسان جي دوست محترم عبدالخالق سومري
(ويٺل ڳوٺ جـَـنـَـهاڻ سومرا، تعلقو گوني)، رمضان
جوکيي ويٺل جوکين جو ڳوٺ، لڳ جنهاڻ، تعلقو گوني جي
زباني قلمبند ڪرائي، تاريخ 30- ڊسمبر 1960ع تي
موڪلي. رمضان جوکيي جي ٻالڪي محمد ملوڪ ڪوري جي
روايت موجب رمضان (رمو) جوکيو، ڳوٺ ڏاڏوُن (بلڙي
کان ٽي ڪوهه پري) جو ويٺل آهي، ۽ (1965 ۾) سندس
عمر 70- 75 ورهيه ٿيندي. يڪتاري ۽ گهڙي تي ڳالهه
کڻي.
ڳالهه جي شروعات ساراهه وارن بيتن سان آهي ۽
آخر ۾ اڻپوري آهي، جيڪا محمد جي جنگ تي چڙهڻ واري
واقعي تي ختم ٿئي ٿي. ڳالهه ۾ هر بيت کان پوءِ
”الو الله، هادي، تون الله“ وراڻي طور چوي. ن - ب[
ساراهه جا شروعاتي بيت
اول نام الله جو، ٻانهان ٻيءَ مَ لڳ
لڳ ڀلي جي آسري جنهن پـَـر ڇٽندو جڳ
سنڌ وسي سهڻي لعل جي جنهن ۾ ضامن پير فقير
جهل دامن دستگير جي، جو مهندان پوندءِ ضامن.
---
مٺو محمد ڪارڻي مٺا چار ئي يار
ري ٿنڀين ري ٿوڻيين عرش اڏايو آسمان
انڌو سڪي اکڙين لاءِ، لـُـولهو گهمڻ لاءِ
ڪنواري سڪي ڪانڌ کي، جنهن جي سـُـرهي سيج وڇاءِ
ڪلر ويري ڪوٽ جو، مـڇيءَ ويرياڻي ڄار
مرد ويرياڻي ننڊڙي، زال ويرياڻي سنيگار
سـُـوئا سانوڻ نه مري، مري نه هاري ڏاند
مينهن ڌارائجي سوئر کي به سندو سوئر ڦر
اُٺ پـِـيڙهي چيچڙو، زال پـِـيڙهي جنڊ
گڏهه گهوڙو نه ٿئي زين رکي چڙهي
اڪ آمون نه ٿئي، ڦـُـٽي جهلي نه ڦر
اُميدون الله تون وڏا پير پڄاءِ
مـَـدي جن جي من ۾ پلئي تن کي پاءِ
لال قلندر لاڏلا سـُـڻ سيوهاڻي شهباز
ڪوڇي ٻيٽ ڪنڌين تي ٿي ساجن سوايي
پيرن ۾ پير پڌرو قادر جيلاني
ميون ڪريم سنڌ ۾ آهي دين سندو در
نـَـوَ نـِـيلون نيل ڌڻي سخي سرور پير
مينهن جيئن ٿو موجون ڪري، ڪري جڳ پوريون
ڪيهر شينهن ٿو گـَـجي، گجي بديڻن وارو پير
الو الله، هادي الله، تون الله.
---
سـُـتي ڀونگر راءِ کي ٻه ٽي ڏينهن گذريا
سمان گڏ ٿيا سومرا سوڙها ٿيا اُمراء
مردن ٻڌو مامرو آڻي پڳ مٿان
چنيسر پٽ لوهار جو هر ڪنهن سـُـڌ سماءُ
دودو سڄو سون جو، جنهن کي رَند رُپي جي ناهه
پڳ ملي دودي سومري کي آهي پيڙهي راءُ.
---
راڄ کي دودي چيو ته: ادا ترسو، جو چنيسر شڪار تي
ويو آهي، اچي ته ان کان پڇان. پوءِ چنيسر کي
گهرائڻ لاءِ خط ٿو لکي:
ويهي ’ٻالنگ ڪوٽ‘ تي دودي خط لکيا
ڪڇ ڀـڄ ڏانهن، شهر ٻنگالي ڏانهن
هوڏانهن دنگ لاهور جو، هوڏانهن ٻيلي ٻهڳڻ ڏانهن
خاطي خط پـَـڇنڊيا، ويا چنيسر جي مهندان
پڙهيو پروانا ڀاءُ جا مـُـرڪي ٿو مـُـنهنا
ڀلين ڄائين دودا سومرا، نچ ويائي تو ماءُ.
---
چنسر بانڪو اٿاريو ڇڻڪو ڇوڙي آءُ
سونا سنج سنجاف تي ڪر ماڻڪ جي مڻيا
داڻا ڪـَـر دُمچي تي، ڪـَـر زُمرد جي جڙاءَ
ڪپر ٻڌ ڪٽورڙي، سونهري سر پاڳ
رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو آهي تارو
سـُـرخي يار سنجاف جون واڳون وڳهه واري.
دودي کي راڄ ۽ ڀائرن زور رکيو ته: پڳ ٻڌ، نه ته
جواب ڏئي! راڄ ۽ ڀائرن کي جواب ڏنائين ته: ترسو
آءٌ ٻالنگ ڪوٽ چڙهي نگاه ٿو ڪريان ته من ڀاءُ اچي!
چڙهي ٻالنگ ڪوٽ تي دودي نهاري
سنهي رائـِـي اُڏري منهنجي اَدي وٽان آئي
تيسين دودي جي ڀرسان چنيسر ڪيو ڳالهاءُ
لڙڪي پيو لغام ۾ ڪڙا ڪيائين قابو
لهندي دير ڪيائين ڪينڪي، لهي پٽ پيو.
دودو ڳالهه ڪري ڀاءُ کي ٻڌائي ٿو ته: مون توکي پڳ
لاءِ گهرايو آهي.
وڏن جي وڏاندري آئي تو مٿي
چئي: ڀاءُ آهين ڀائرن جهڙو، گهران پڇڻ ڏي.
تڏهن دودي چيو ته:
بخت ڀيڙو نه آهي توسان جـُـنگ ڇـَـڏي اٿئي جاءِ
ڪارو نيل لاءَ ۾ اُڌمان ڏي آڙاهه
عقل اٿئي اڱارن جو سيڪ سنداڻ جو ساءُ
ڏيو چـَـس سـِـراڻ کي، لـُـهر لڄائين ٿو ماءُ.
پر چنيسر چيو ته: ادا! آءٌ پڳ ماءُ جي پڇڻ کان
سواءِ ڪونه ٻڌندس.
ڇوڪر وڃن ٿا راند تي ڇو نه پـُـڇن ماءُ
اڳتي هلان ٻـُـڏي مران، پويان ساڙي باهه
ڏي زمين جاءِ گهڙي پاڻ وڃان.
تڏهن دودو نا اميد ٿي موٽي آيو. راڄ وارن کڻي دودي
کي پڳ ٻڌائي.
ساڌو سنڀري هليو واڌو وِک وجهي
پيچ پڳ پٽڪي جا دودل بيٺو ڏي
پڳ کٽي دودي سومري جو آهي پيڙهيءَ راءُ.
چنيسر جي ماءُ ٿالهه هيرن جواهرن جا ڀريا ته آءٌ
هلي ٿي گهور وجهان. ته دودي جي ماءُ چيس ته: ترس
ادي، ٻانهي موڪليون ته خبر آڻي ته ڪنهن پڳ ٻڌي آهي
ته پوءِ هلي گهور وجهون. ٻانهي موڪلين ٿيون، جنهن
اچي ٻڌايو ته پڳ دودي ٻڌي.
گهمي آءُ گهومڻي ميڙاڪن منجهان
ڪهڙي پڳ ٻڌي، ڪهڙو پيڙهي راءُ؟
پنبڻيون پـُـسي آئيون ڳل وهاءِ ڳوڙها
پڳ ٻڌي دودي سومري جو آهي پيڙهي راءُ.
چنيسر کي ماڻس طعنو هنيو ته:
هندي پاڙهي مئين، سنڌي پاڙهي مئين، پاڙهي مئين
فارسي
عقل جو اڪابر هئين تو کان ويران ڪيئن ويئي
دودي سومري تڙيئي، ڪِ تڙئين راڄ منجهان؟
چئي: نڪي تڙيو دودي سومري، تڙيو پاڻ خدا
بيٺو هئس تخت تي، بخت مٿي بادشاه
عزرائيل اٿلائيو تڏهن تخت هيٺان بادشاه
اتي چنيسر جي زال پنهنجي سس کي چيو ته: چاچي!
منهنجي مڙس کان اهو بادشاهي وارو ڪم ڪونه پڄندو،
آءٌ ٿي ڪم ڏسيانس:
اڳي هنيو سين ٻه ڄڻيون هاڻي ٽلي ٿيون سين ٽي
چڱو چو کو جوان کي ڳاڙهو ارٽ گهڙائي ڏي
هٿيا، مـُـونان عاج جا، چـَـتـُـون چاڙهائي ڏي
ڪپهه لاڙ ملڪ جي اُٺن تي آڻاءِ
پاءُ ڪتيو پـَـهر ۾ سير سوير لاهي.
تڏهن سس، نـُـنهن کي چيو ته: منهنجي پٽ کان اهو ڪم
به ڪونه ٿيندو، سولو ڪم ٿي ڏسيانس:
ڌمان ڀڃان دانگي، ڀالا ڀڃي ٻار
سنجاف گهوڙي وڪڻي ڌڻ رڍن جو ڌار
لوهيڙو لڪڻ هٿ ۾ گهـِـٽڪي گهيٽا چار
ٻيلي پاس ڪنڌين ڪـَـڪڙ کي ڪوڪار
ماءِ ڪندي ماهيو دودي جي درٻار
دودي کٽي تون کائين، تون دودي جو ٻڪرار.
چنيسر جي زال وري سس کي وراڻيو ته: چاچي! اهو ڪم
به مڙس کي نه ڏس، ڪانچ ڦاڙي ايندو، مون کان ٽوپو
به ڪونه ايندو، ڇڏ ته سولو ڪم ٿي ڏسيانس.
مينڍا ويڙهه ملوڪ جا، ڳچي ٻڌ ڳانا
نٿ بولو سونهي نڪ ۾، جـُـهمٽين سان ڪـُـرڪـُـون
ڇلا وجهه آڱرين ۾، منڊيون تن هيٺان
انهي وَنـِـي جا وَرَ گهڻا گهر ويٺي گهرندا.
تڏهن وري چنيسر جي ماءُ چيو ته: نـُـنهن! منهنجي
پٽ کي اهو مهڻو نه ڏي، جنهن جي هيڏي ڳالهه آهي.
نـَـوَ ڪـُـڙهون نـَـرَ نـِـيرن جون، نـِـيرا تان
به نچن
بوروُن شاه - زورون، هيون ڪـُـميتون منجهن
سوناريون سـُـرکيون هيون، سونا ساز چون
ڊڊا ڊاکر ڍاڍرا، جنهن تي گاهيا گاهه کڻن
آءٌ مران ٿي ڪنهن ڳالهه کي، گهوٽ گهران نه پڇين
ها.
چنيسر جي زال ٿي سس کي چوي ته: چاچي! ويهه ته
منهنجي مڙس جي کائڻ پيڻ جي ڳالهه ٻڌايانءِ!
وَرَ مون وِلهي جو آهي کـِـيڻَ جو کرو
اَن مان ڍاپي ڪينڪي ماريو آهي جهڙو ڏرو
مڻ گجرن جو گوڏ ۾، پـُـڇي واڙيءَ جو پـَـرو
اچي ويهي ڇني وچ ۾، هڻي وچيون اَرو.
ماڻس چيو ته: اِما! ايترو کائي ٿو ته ملهائي ٿو،
اهو ٿيو آدمخور!
پـُـٽ ڄايم هڪڙو جنهن کي چون آدم خور
سـُـڻي گوڙ شينهن جي وڃي ٺلها هٿ کڻيو
مـُـڪن سان ماريو اچي مٿان هڻي لت.
جوڻس ٿي چوي ته: چاچي! مڙس کي بک لڳي آهي، ڇڏ ته
ماني کارايانس.
مريم ماني موڪلي، جهجها ٻـُـوڙ پـُـلاءُ
وَ رَ مون وِلهي جا، ويهي ماني کاءُ!
تڏهن چنيسر جواب ڏنو:
مريم! ماني کائيندس ڪينڪي، ڍاڪن ري ڀانيان
اڄ اڄوڪي ڏينهڙي آڻي عالادين ٻارڻ ٻاريان
تڏهن اتي زال چيس ته:
راڻيون هندورن هيريون، جـُـتـِـي پير نه پائبن
رسو کڻي ٿنڀ سان وڃي مـُـهر ڦاهو کاءِ
اڄ اڄوڪي ڏينهڙي چنيسر مريم ڀيڻ ڀاءِ.
اتي چنيسر ڪاوڙجي نڪري وڃي ٿو. پٽس ننگر کي خبر
ملي ته اُهو پيءُ وٽ اچي ٿو.
ڇوڪر ڀڳو راند مان جهلي گهوڙي جي واڳ
نالي نام الله جي ڇڏ ننگر گهوڙي جي واڳ
هڪڙا مهڻا ڏنا ڏاڏهين، ٻيو ساڙيين تنهنجي ماءُ
انهن مهڻن کان سـُـڀان ڀالن ٽنگائيندس ڀاءُ.
تڏهن ننگر پيءَ کي جواب ڏنو ته:
قادر قلعو هٿ ۾ حامي حضرت شاه
اسين مريد محي الدين جا اسان کي لڳي نه ڪوسو واءُ
اهو عالادين هڪڙو پر چاليهه چاڙهي آءُ.
اتي دودي جي زال بيٺي هئي، جنهن جي ڪڇ تي ڌيءَ
’سونل‘ هئي، سا چنيسر کي منٿ ٿي ڪري:
وجهي گندي ڳچيءَ ۾، ’پٽول‘ پيرين پئي
’سونل‘ ڌي ننڍڙي پيرن تي اُڇلي
هڪڙن جو موڙهو سـُـٽ، تنهنجو ڪپه ڪهڙو مـُـنڌو
مري هر ڪو جـُـدا ٿئي، اوهين جيئري نه ٿيو جدا
چئي: رنن مونکي ساڙيو، جن ويڻ ڏنا ڏاڍا
هاڻي دودل ۽ منهنجون ڳالهيون ڳوٺ ڪندا.
اتي ڀيڻ ٻاگهي به خبر ٻڌي آهي ته چنيسر ڪاوڙيو
وڃي، سا دودي کي ڊوڙي چوي ٿي ته: چنيسر ڪاوڙيو
وڃي، تون وڃي منٿ ڪري موٽاءِ!
ٻاگهي مٿو اگهاڙو آئي ڊوڙي دودي اڳيان
ته چنيسر وڃي ڪاوڙيو، وڃي عالادين ڏانهن
منٿ مڃي ٿو ڪانڪا، چئي ڀالي ٽنگائيندس ڀاءُ
سڱ ڏيندس سونل جو، ڀائر نه ٿيو جدا.
اهو ٻڌي دودو اچي ٿو چنيسر کي منٿ ڪري:
ڳل ڏيو ڳراهٽڙيون ڀاڪر وجهيو ڀاءُ
ادو ابو توکي چوان، مريم ڀانيان ماءُ
پنجاه صوبن جي پاڳڙي آهي تو مهندان
ننگر ناٺي منهنجو، سونل نـُـنهن سندياءِ.
تڏهن چنيسر جواب ڏنو ته:
هڪڙو ڏنو اٿمانءِ دڙڪو ته ڇڏيئي پاڳ پچار
ٻيو ڏنو اٿم دڙڪو ته ڇڏيئي راڄ پچار
ٽيون ڏنو اٿم دڙڪو ته باسيئي وير وهانءَ
چئي: اُٿي پٽ لهر جا، ڏيئي لتون نه ساه ڪڍانءِ.
وري دودي صلاح ڏنيس ته:
رُلـج ڇـُـلج ڪينڪي نڪي وڃائج سونهن
ٻيو چڙهندو ڪينڪي وري اچج مون.
اهو ٻڌي چنيسر ڀاءُ کان ڪاوڙجي نڪري ويو ۽ جهنگ ۾
پنهنجي منهن ڀاءُ کي چوي ٿو:
دودي چڙهندي وڳهه مان وڻ ڇڏيندا واءُ
اُبتا واهه وهي ويندا، مڇيون کائينديون ٽاهه
ڏُٿ پـُـسي ڏؤنرو پڪو، مون سان ڀاڱي هو ڀاءُ.
دودي کي پويان ڏک ٿيو ته ڀاءُ کي موٽايان، سو ست
ويهون سومرن جون پويان موڪليائين. چنسير هڪ ڍنڍ ۾
گهوڙي کي چرڻ لاءِ ڇوڙيو ته اهي اچي پهتا.
سـَـتئي چڙهيا سومرا ’هولاڻـِـي‘ پاڙو
ڏسيو ساوِي ڇـَـنڙِي ويرو ونگ وجهي
ڪڍيو ڏاٽو دانَ مان، لـَـنب جو گاهه لڻي
سڀ ماريائين سومرا جيئن هاري ڳاهه ٻڌي.
دودي ٻالنگ ڪوٽ تي چڙهي نگاهه ڪئي ته خبر مليس ته
سڀ سومرا چنيسر ماري وڌا آهن. هاڻي چنيسر ڊپ کان
ڀڄي ٿو ته متان دودو اچي:
پائي پير رڪيب ۾ گهوڙي گهوٽ چڙهيو
گدڙ بگهڙ لومڙا ماريندو وڃي
گهڻي ٿوري ڏينهڙي ٿو ميهار وٽ لهي.
چنيسر ميهار کي ٿو چوي ته: کير پيار، بک ٿو مران!
جواب ۾ ميهار چيس: چريو ته ڪين آهين؟ مينهون ڪيئن
مـِـڙنديون جنهن جا ڦر ڳوٺ ٿيا! ميهار سمجهيو ته
هي چريو آهي، تنهن هڪ اَڻ ڦـَـريل ٽـِـهاڻ ڏيکاريس
جا شينهن کي ماريندي هئي، پوءِ چيائينس ته هيءَ
مينهن ڏُهه! چنيسر ٽپڙ لاهي، ٽـِـهاڻ کي ڏهڻ شروع
ٿو ڪري.
ڪاري ڏسيو ڪـُـنڍڙي بيٺو هٿ ڦيري
چنبا وڌائين چـُـوڙ ۾ چـُـوڙ نه ٿي چوري
چار ئي باز بندي ڇڏيائين مينهن آئي اَلوڙي
ڪٽورو ڪٽور دان ۾، مونکي مينهن ڏُهي ڏي!
مون کان ڏُڀندي ڪينڪي وجهانس نه ٿڻ پٽي.
ميهار چيو ته: هن ٻيلي ۾ شينهن آهي. هيءَ مينهن
شينهن کي ماري ڀڄائيندي هئي، جنهن جي تو هاج ئي
لاهي ڇڏي، هاڻي ڪيئن منهنجون مينهون ٻيلي ۾
چرنديون؟ چنيسر جواب ۾ چيس ته: شينهن ڏيکار ته
توکي ماري ڏيان. ميهار پڇيس: تون ڪير آهين؟ تو کان
شينهن ڪونه مرندو. چيائين ته: آءٌ آهيان حجام.
جنهن تي ميهار چيس ته: ويهه ته توکي حجامن جو
پورهيو ٻڌايان:
مٿا ڪوڙي مهتن جا، توکي عقل اهوئي آهي
چئي: مٿا ڪوڙيون مهتن جا ڏس پاڪين جا پورهيا
رڪ راسوڙا ڪري بانڪا تي ڌوڙيا
گهڻي ٿوري نه لڳي من وجهون شينهن ماري.
ميهار چيس ته: ادا! تون آهين ساهه کان وِرتو، هاڻي
اچ ته توکي شينهن ڏيکاريان. پوءِ ميهار ڊپ کان پاڻ
کي هڪ وڻ تي پٽڪي سان ٻڌي ويهي رهيو ۽ چيائين: او
هـُـن دُٻيء ۾ شينهن ويٺو اٿئي، هاڻي وڃي مار!
بانوا نه ڪر بانوڙيون، ساوا ڪيم سڪاءِ
اڳ ۾ ساوا تو سڪايا، اڄ سڪو تنهنجو ساه
شينهن ڪاوڙجي ڪشت مان اُڀري آيو آدم تي
مڪن سان ماري وڌائين، مٿان ورايائين لت.
تڏهن ميهار چيس ته: هي ته بلڪل مٿي جو ڪونئرو هو،
مون رڳو پئي مينهن کي ٿاٻو ڏنو. هاڻي ڪو ٻيو شينهن
آهي ته آءٌ ماريانس؟ جنهن تي چنيسر چيو ته: هائو،
اڃا شينهڻ آهي، ڀڄي اچي هن کي مار، هاڻي لهي آيو
آهي. جڏهن شينهڻ اچي گوڙ ڪيو ته ميهار اٿي ڀڳو ۽
وڃي لڪو. چنيسر کي چيائين مهرباني ڪري اچي مار.
چنيسر ان کي به مـُـڪن سان هڻي ماري وڌو. چنيسر
اتان نڪتو ته هڪڙو ٻائو پئي آيو، جنهن کان
پڇيائين ته: دهلي جو شهر گهڻو پنڌ آهي؟ ٻائي چيس
ته: هتان ڦيري تي گهڻو پنڌ اٿئي، مگر وچان پنڌ
ٿورو آهي. چنيسر پڇيس ته: پوءِ ڪهڙي سبب کان ايترو
ڦيرو ڪري آئين؟ جواب ڏنائين ته: اڳيان شينهن ٿو
وڙهي ۽ پويان آدمـخور ٿو وڙهي، تنهن کان پريان
هڪڙو اُٺ ٿو هالار ۾ وڙهي. باقي هتان بيت ڏيندو
وڃ، ڪوبه خطرو ناهي. چنيسر چيو ته: واٽ ئي اها
وٺبي، جتان ڦيرو گهٽ هجي.
پائي پير رڪيب ۾ گهوڙي گهوٽ چڙهيو
گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا ماريندو وڃي
گهڻي ٿوري ڏينهڙي وڃي آدمـخور وٽ لهي.
آدمخور صبح جو اٿيو ته ماڻس کي چيائين: امان! دعا
ڪر ته ڪو شڪار لڳي. ماڻس دعا ڪيس، جنهن تي آدمخور
خوش ٿيو. ٿوري دير ۾ ڏٺائين ته هڪڙو گهوڙي سوار
پيو اچي. دل ۾ چيائين ته: ماءُ جي دعا لڳي، ماڻهو
آءٌ کائيندس ۽ گهوڙو امان کائيندي. جڏهن ويجهو آيو
ته آدمخور چيس ته: تو وٽ ٽپڙ ڪهڙا آهن؟
سائو سائو بيٺِ ۾ انهيءَ جو نالو ڇا؟
چئي: جهنڊو حضرت شاهه جو ڀالن کائي ڀڙڪا
ونگڙي ونگڙي بيٺِ ۾ انهيءَ جو نالو ڇا؟
چئي: ترار چئونس جيڪا تکي تير منجهان
ڪارو ڪاٺ ڪلهي تي انهيءَ جو نالو ڇا؟
چئي: بندوق چئونس بڇڙي، جنهن ۾ تکا تير وڌا
هڻ تير مون ۾، تنهنجا تير چٻا ٿيندا.
آمخور چيو ته: اچئي ٿو منهنجو ڏنڊو. جنهن تي چنيسر
چيو: ادا، اچ ته پاڻ ۾ ڪشتي وڙهون. هاڻي سندرا ٻڌي
تيار ٿي ويا. اتي آدمخور کي شڪ پيو ته دودن مان
متان هجي، ڇو ته کيس ماڻس جو چوڻ هو ته دودن سان
متان وڙهين، جنهن تي خبرون پڇيائين ته:
ڪير آهين ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: دايو آهيان دودن جو، در سندو دربان
نوڪر آهيان دودي جو، آهيان گولن جو غلام.
مرد وڙهيا پاڻ ۾ جيئن ماهيا سانَ کـَـسن
مرد کنيو مرد کي، مرد ٿي ڪئي دانهن
ڪڙل ڪرايون تنهنجون، مونکي لوهيا ڪـِـير لڳا
ڊوهيا ڊوه ڪيئي، آهين دودو يا چنيسر راءِ
ماري وڌائين مستانو ٿي ڪڍيائينس ساهه.
آدمـخور کي ماري انهيءَ ڏِس تي کڻي هليو، جتي
آدمـخور جي ماءُ هڪڙو ڪـَـن هيٺان وڇائي هڪڙو مٿان
ڪري ستي پئي هئي. پري کان ڏٺائين ته ڏاڍي خوش ٿي
ته گهوڙو کائيندي آءٌ، مڙس کائيندو پـُـٽ. چنيسر
جڏهن ويجهو آيو تڏهن آدمخور جي ماءُ ڏٺو ته پٽ ته
مئو پيو آهي، جنهن کي ڏسي ڇتي ٿي پيئي. هڻندي
ڪـُـنو پٽ تي ڪاهي پيئي چنيسر جي پٺيان. چنيسر به
کيس لت مڪ هڻي ڪيو پورو.
پائي پير رڪيب ۾ گهوڙي گهوٽ چڙهيو
گهڻي ٿوري ڏينهڙين اچي لکي باغ لٿو.
’لکي باغ‘ ۾ لهڻ تي خبر مليس ٿي ته هڪڙو مست اُٺ
آهي، جيڪو ماڻهن سان وڙهندو آهي ۽ ماريندو آهي.
باغ مان هڪ لڪڻ کڻي ٻاهر نڪتو ته اُٺن جو وڳ ايندي
ڏٺائين. جـَـت ڏٺو ڪالهه به ماڻهو اُٺ ماري وڌو،
اڄ هن ماڻهو کي به ماريندو، هاڻي سڏي چوانس ته ڀڄ،
اُٺ ماريندءِ!
ڪير آهين ڪاڏي وڃين، اُٺ واٽهڙو ماري
لوهيڙو لڪڻ هٿ ۾ اُٺُ کي ور ڏيو ٿو واري
هنيائين بانٺو چاهه مان وڌئين ڪاڇي کي ڪيري.
جت پڇيس: تون ڪير آهين جو بادشاهه جو اُٺُ ماري
وڌءِ! چنيسر ٿو چوي ته: مون کان گناه ٿيو آهي، پر
اوري آءُ ته چـَـسـِـي ڏيون. وٺي ڏنائين سـَـٽَ ته
جت جي ٻانهن ڪلهي کان نڪري پيئي. اتي ٻانهن کڻي
وٺي ڀڳو. دهلي جي شهر جي سامهون، عالادين جو پٽ
سلطان، بادشاهه کان لشڪر وٺي اُٺ مارڻ پئي آيو. جت
گڏيس، خبر پڇيائين ته: اُٺيون سـُـڃيون ڇڏي آيو
آهين؟ جواب ۾ جت وراڻيو ته: هڪ پهلوان هو جنهن اُٺ
کي ماري وڌو ۽ منهنجي به ٻانهن ڪڍي وڌائين. اوهين
سڀ پوئتي موٽو نه ته سڀني سان اهڙو حال ڪندو جهڙو
مون سان. هاڻي سڀ دهلي جي شهر ۾ واپس آيا. چنيسر
به دهلي جي شهر ۾ گهوڙي سميت پهتو ۽ دربارن کان ٿو
پڇي:
ٻيلي! ڪر خبر، منهنجي دهلي دانهن ڪيئن لڳي؟
چئي: سـَـو مڙس ميڙي آءُ ته گهنڊ جي لار لڳي
مڙس ڇو ميڙيان، گهنڊ پاڻهي يار وڄي
هنيائين تريون حڪم سان گهنڊ رکيائين پٽي.
عالادين کي اها خبر ملي، سو مٿي اگهاڙو ڊوڙي آيو.
دربان کان پڇڻ لڳو ته: گهنڊ کي ڪنهن ڪيرايو آهي؟
ڪنهن کي طاقت نه هئي جو سؤ مڙسن کان سواءِ گهنڊ کي
وڄائي، هي ڇا ٿيو؟ دربان چويس ٿو ته: سائين! اهو
جـُـوان بيٺو آهي. آءٌ ڊپ کان پـُـڇي ڪونه ٿو
سگهان، اوهين پڇوس.
ڪر خبر ٻيلي، گهنڊ يار ڪنهن سان وڄي؟
چئي: اُتر کان آيو آدمي، تنهن سان گهنڊ وڄي
بيٺو اٿئي ڀرسان ڏيو ميناڪاري پيچ.
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جـُـوان؟
چئي: صحيح آهيان سومرو، وڳهه جو وريام
پـُـٽ ته دودل راءِ جو ڀائٽيو ڀونگر راءِ
آيو آهيان دانهين دودل تي هل مون سان يار چڙهي.
عالادين ڳالهه ئي نه ٻـُـڌي ۽ ائين چئي محلات ۾
هليو ويو ته: دودا ڏاڍا جوان آهن. چنيسر هاڻي
دهلي جي بازار مان وڃي پيو. ڇا ٿو ڏسي ته هڪ رن
زال روئي به ٿي ۽ ڳيچ به ڳائي ٿي. اتي روئڻ بند
ڪري چنيسر کان پڇڻ لڳي:
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جـُـوان؟
چئي: صحيح آهيان سومرو، وڳهه جو وريام
نوڪر آهيان دودل ڄام جو گولن جو غلام.
مائي کان پڇي ٿو ته: تون ڪير آهين ۽ روئين ڇو ٿي؟
چئي: شهر کاڻي ۾ سومرا! سـُـڄي ٿو راڪاس
ڇهه پٽ کاڌا اڳي، ستين پٽ جـُـمن جو وارو.
چنيسر، مائي کان راڪاس جون خبرون پڇي ٿو. مائي چوي
ٿي ته: ابا! راڪاس خرار جي ديڳ کائيندو آهي. اوڙو
پاڻي جو پيئندو آهي، هڪ ماڻهو کائيندو آهي ۽ هڪ
سانَ پاڏو کائيندو آهي. ٽيهه ئي روز راڪاس جو اهو
طعام آهي. بادشاه جو اعلان آهي ته راڪاس کي ڪير به
ماري ته اڌ راڄ اڌ ڀاڳ مان ڏيانس ۽ دِلي ڌيءَ
دادلي ڏيانس. چنيسر ٿو چوي ته: مائي! مون کي ماني
کاراءِ، اڄ تنهنجي پـُـٽ جي عيوض آءٌ ٿو وڃان.
مائي ست اَٺ مانيون پچائي ڏنيون. هي ماني کائي
سمهي رهيو ۽ مائي کي چيائين ته: راڪاس جنهن مهل
اچي، مونکي ٻڌائج ته آءٌ وڃان. پر مون کي پري کان
بيهي سڏ ڪج، ڇو جو متان ڀڙڪو ڏيئي اُٿان ۽ تنهنجو
خوف کان هنيون نه ڦاٽي پوي. ڳچ دير کان پوءِ در تي
سڏ ٿيو ته: هلي آءُ رنڙيءَ جا پٽ! اتي پوڙهي چنيسر
کي سڏ ڪري اٿاري ٿي. ٻه ٽي سڏ ڪيائيينس پر جواب
ڪونه مليس. اتي پوڙهيءَ کي باهه کنيو ته ماني
اجائي وڃايم! سو مهڻو ٿي ڏئي ته:
پنج کاڌءِ پـِـڙي تي، ڏهن جو ڪيو سعيو
ڏهه کاڌءِ پـِـڙي تي، پنڌرهن جو ڪيو سعيو
گهڻا هڻين ٿو گهوگهرا، راڪس ماريندين ڪيئن؟
اتي چنيسر جي ڪـَـن تي پـڙاءُ پيو ته پوڙهي مهڻو
ڏنو آهي، سو ٽپ ڏيئي اٿيو. پوڙهيءَ کي ڏندڻ پئجي
ويا هئا، تنهن جا ڏندڻ ڀڃي، چيائين ته: اما! تو
مون کي جيڪي چيو سو مون سڀ ٻڌو. پوڙهيءَ چيو ته:
اَبا! مون ڪجهه ڪونه چيو. تيسين در تي وري آواز
آيو ته: هلي آءُ رنڙيءَ جا پٽ ته ديڳ لاهيون! سؤ
مڙسن جو گڏ ٿيندو تڏهن ديڳ لهندي. چنيسر آيو ۽ يڪي
سر ديڳ لاهي رکيائين. اتي بادشاه جي ماڻهن چيو ته:
هي پهلوان آهي، ڀڄي ويندو، تنهنڪري هن کي
ٻڌنداسين. رنڙيءَ جو پٽ ٻـَـڌو. هي ڀڄي ويو ته
راڪاس شهر سڃو ۽ ڀينگ ڪري وجهندو. چنيسر چيو ته:
نه مون کي ڇڏيو، آءٌ ڪونه ڀڄندس. تڏهن انهن چيو:
توکي زنجيرن ۾ ٻڌنداسين، جي قبول ڪرين ته ٻڌون؟
چنيسر منظور ڪيو. چنيسر کي زنجيرن ۾ ٻڌي، مضبوط
ڪري سڀ ويا هليا. اتي دل ۾ خيال ڪيائين ته دودي
مون کي چيو هو ته سوڙهي پويئي ته مونکي سنڀارجانءِ
ته منهنجو زور به توکي مدد ڏيندو، سو هاڻي زور
ڏيئي ڀاءُ سنڀاري ڏسان ته من زنجير ٽـُـٽن.
جيءُ وڌائون زنجيرن ۾سوگهو ڪيو اٿن ساهه
سنڀاري حضرت شاه کي ساريائين دودل ڀاءُ
ڏنائين زور نـِـيـَـرن کي نـَـرَ نيـَـر ڀڳا.
چنيسر نـِـيـَـر ڀڃي ڀـَـت غريبن مسڪينن کي ورهائي
ڏنو ۽ چيائين ته: ڀلي راڪاس اچي. ايتري ۾ راڪاس
مينهن واچ ڪري اچي لٿو. ڏسي ته دستور موجب ڪجهه به
ڪونهي، خالي پوٺو لڳو پيو آهي. سڃاتائين ته چنيسر
بادشاه ويٺو آهي. راڪاس چيو ته: آءٌ اڄ ڏينهن کان
وٺي هن شهر ۾ ڪونه ايندس. مونکي مائٽن جو چوڻ آهي
ته دودن مان ڪو هجي ته متان سامهون ٿئين. چنيسر
چيو ته: اوري آءُ ته ٻه ٽي ڳالهيون ڪريون، پوءِ
هليو وڃ. راڪاس سـِـرڪي اوري ٿيو ته چنيسر ٺڪاءُ
ڪيس ترار، ستئي سسيون پري وڃي پيس. پوءِ ڪـَـن پڇ
وڍي اچي پوڙهيءَ کي اٿاريائين. پوڙهيءَ چيس ته:
اَبا! تون ڀڄي آئين، هاڻي شهر سان سـُـڃ ڀينگ
ڪرائي ڇڏيئي. پوڙهيءَ کي ڊپ وچان رات وهامي ويئي.
صبح جو حسڻ گاهيو گاهه تي پئي ويو. ڏسي ته
راڪاس مئو پيو آهي. ڇا ڪيائين جو ٻئي رنبا ڪنڌ ۾
هڻي چيائين ته: گهڻا ڏينهن تو ماڻهو کاڌا آهن.
پوئتي وريو ۽ اچي عالادين کي چيائين: سائين! راڪاس
مون ماريو آهي، هاڻي تخت مان اَڌ ڏي، ڀاڳ راڄ اڌ
ڏي، پوءِ شادي ڪراءِ، واعدو پار! اتي ٻين گاهين کي
ويچار ٿيو ته حسڻ سؤ گاهين جو گاهه ڪندو هو، هاڻي
اهو پاڻ تي ليٽـِـي پيو. پر يار ٻئي خبر ته وٺو،
جنهن مڙس کي زنجيرن ۾ ٻڌو هئوسون، سو ڪٿي؟ حال
احوال ته وٺون. سو چنيسر وٽ هلي آيا ته: راڪاس تو
ماريو يا حـَـسڻ گاهـِـي ماريو؟ اسان کي خبر
سـُـڻاءِ! جواب ۾ چنيسر چيو ته: حسڻ کان ڪـَـن پڇ
گهرو ته پاڻهي خبر پئجي وڃي. حسڻ کان ڪن پڇ
گهريائون، چيائين ته: ڪـَـن ڪوسي ديگ ۾ سڙي ويا ۽
پڇ جبل ۾ ڇاپرو ٻيرن ۾ کـُـسي ويس. بادشاه چيو ته:
برابر ڳالهه اها آهي. گاهيا وري موٽي آيا ۽ چنيسر
کي وري ٻڌايائون ته: وڃي حـَـسڻ کان هي جواب مليو
آهي. چنيسر وري چين ته: وڃي حـَـسڻ کي چئو ته
بادشاه جو مڪنو هاٿي ٿا ڇوڙيون، اهو ماريئي ته تون
برابر سچو آهين، نه ته ڪوڙو.
هاٿي ڇـُـٽو راوڙو ڪڪو قـَـهر منجهان
نـَـوَ مڻ نـِـيـَـر پير ۾ ڪـَـڙي جو ڪڙڪاءُ
واڻين هٽڙا پوريا سوکو لڳي ويو ساه
حسڻ چيو يارن کي، جهجهي مون تان لـِـڏ وارجانؤ
ڀڄي چڙهو ڀـِـٽـُـن تي، اوهان جو آهي خـُـدا.
چنيسر وهنجڻ ويو هو، سو بازار مان پئي آيو. هٿ ۾
تاسري هيس. اَنباري تي ماڻهو هو،تنهن پڇيو ته:
هٿيار ڪهڙو ڀلو؟ جواب ۾ چيائين ته: جيڪو هٿ ۾ هجي.
اتي پيلبان هڪل ڪيس ته ڀڄي پري ٿي:
بيٺو آهين بازار ۾، پرائو پـَـرهي پـَـٽَ
چئي: بيٺو آهيان بازار ۾، پـَـرهي پنهنجو پٽ
ماريان تنهن مردود کي آهي نه منهنجو مـَـٽ
آءُ ته ٻه قدم اوري ته ندين وهايان رت.
چنيسر ٺڪاءُ تاسري ڪئي ته هاٿي کي اڌ چيري وڃي
ٻاهر نڪتي. مبارڪون ملي ويون ته حسڻ گاهئي هاٿي
ماري وڌو آهي. اتي ٻه شخص ڊوڙي آيا، جن چيو:
حـَـسڻ گاهيو اسان لـِـڏ ۾ پوريو آهي، هلو ته ڪڍي
ڏيون. ان کي لڏ مان ڪڍيائون ته رنبو کڻي اٿي ڀڳو.
چنيسر خيال ڪيو ته مون هيڏا انصاف ڪيا ته به
عالادين ڪونه ٿو چڙهي. هاڻي دودي ڏانهن خط لکان ته
هيترا انصاف ڪيا اٿم. سو خط ٿو لکي.
شينهن شينهڻ ماريم ٻيلي ۾ جتي گـُـجرن گاه چـِـنا
آدم خور ماريم واٽ تي، رستا ڇـُـوٽ وهيا
اُٺ ماريم هالاري ۾، عالم کير پيتا
گهنڊ لوڏيم دهلي شهر ۾ مجرا راڄ ڏنا
راڪاس ماريم دهلي شهر ۾ عالم خوف لٿا
هاٿي ماريم راوڙو ڪڪو قهر منجهان.
تنهن تي دودي جواب ۾ لکيس:
شينهن شينهڻ مار باغ ۾ ته توسان يار چڙهي.
باغائي کان چنيسر پڇيو ته: شينهن شينهڻ باغ ۾ آهن؟
چيائين: هائو. تڏهن چيائين: شراب جون ڪونڊيون ڀري
باغ ۾ پيار ته غريب ٿين. جانورن شراب پيتو ته صبح
جو سڄي باغ جا وڻ اُلوڙي اُجڙ ڪري ڇڏيائون. باغائي
دانهن کڻي عالادين وٽ ڀڳو ته: سائين! جانور ڇتا ٿي
پيا آهن. بادشاه جي اعلان تي پٽڪي ور سڀ خلق اچي
گڏ ٿي. چنيسر چيو ته: عالادين بادشاه! مون سان
دودن سان جنگ تي چڙهين ته شينهن شينهڻ ٻڪرين وانگر
ماري ڏيان ۽ پنهنجي وڏاندر ڀيڻ ٻاگهل جو سڱ به
ڏيان. جي نه ڏنائون ته لڙائي ڪنداسون، مون سان
چڙهه. اتي عالادين لکي ڏنو ۽ چيائين ته: گهنڊ مون
کي ساڳي جاءِ تي لڳائي ڏي ۽ شينهن شينهڻ ماري ڏي.
پوءِ ته چنيسر ڪاهي پيو باغ ۾. شينهن شينهڻ ٻنهين
جا مٿا پاڻ ۾ هڻي ماري وڌائين. گهنڊ کي ڪـُـلهو
ڏيئي ساڳيءَ جاءِ تي کوڙي ڇڏيائين. پوءِ ٻه ڏينهن
ترسي عالادين کي چيائين ته: چڙهه نه ته تخت ڀڃي
ڇڏنيدوسانءِ.
عالادين خط لکيا چئن ڏسين چوڌار
اتر کان وريا آدمي مغل سڀ پٺاڻ
اچي لٿا پـَـٽَ تي زره وارا جوان.
چنيسر چيو ته: اها خلق ايتري آهي جو آءٌ اڪيلو ئي
ماري وجهان، تڏهن عالادين وري ٻيو لشڪر گهرايو:
عالادين خط لکيا چئن ڏسين چوڌار
اتر کان وريا آدمي مغل سڀ پٺاڻ
هڪڙيون بندوقون بڇڙيون، ٻيا ڏڦا ڏور هڻن
اچي لٿا پٽ تي زرهن وارا جوان.
عالادين چيو ته: هاڻي خلق ايتري گڏ ٿي آهي جو
اڳيان پاڻي پيئندا پويان گپ چٽيندا. پوءِ لشڪر
چڙهيو.
پائي پير رڪيب ۾ گهوڙن گهوٽ چڙهن
اڳين گاه وات ۾ پويان لڏ چٽين
گهڻي ٿوري ڏينهڙي اچي روپاه تڙ لٿا.
روپاه تڙ تي ٻه مرد دودن جا سنگتي ويٺا هئا، هڪ
’ڍولو‘ ٻيو ’ڍڪڻ‘ ، جن لشڪر کان پڇيو: ڪيڏانهن
ٿا وڃو؟ جواب ۾ چيائون ته: دودن سان جنگ تي ٿا
وڃون. ڍولو ۽ ڍڪڻ انهي تڙ تي ملاح ٻيڙي وارا هئا،
لشڪر کي به پتڻ پار ڪرڻو هو. هنن ڇا ڪيو جو ماڻهو
کڻيو وچ درياءُ ۾ ٻوڙيو واپس وريو اچن. گهڻي وقت
کان پوءِ عالادين کي خبر پيئي ته لشڪر سڀ ملاحن
ٻوڙي ڇڏيو. اتي وٺ وٺ ٻيڙياتين تي ٿي.
وٺ وٺ ٿي ٻيڙياتن تي، جيئن مڪڙ روه وريا
ڪاهي پيا ڪٽڪ ۾ جيئن منگهه وجهن مارا
ڪٽڪ ڪارونڀار ڏسجي، سج نه پئي سماءُ
وڙهندي تن ويرين سان ويڙو ڏينهن لنگهي
ڍڪڻ چيو ڍولي کي هڻ ادلِ جا يار
اها سڻي ڳالهڙي توکي دودو جـَـس چوي
مغل ماري ماندا ٿيا، پيا پاڻي ڪن
پنج ڇليون ماريون، مرد وڌائون ماري.
آخر ’ڍولي‘ ۽ ’ڍڪڻ‘ کي ماري پتڻ پار اُڪريا:
پائي پير رڪيب ۾ گهوڙن گهوٽ چڙهيا
اڳين گاه وات ۾ پويان لڏ چٽين
گهڻي ٿوري ڏينهڙي اچي ٻڪرار وٽ لٿا.
هاڻي ٻڪرار خبرون وٺي ٿو ته: ڪير آهيو، ڪيڏانهن ٿا
وڃو؟ چيائون ته: دودي سان جنگ ڪرڻ ٿا وڃون. تڏهن
ٻڪرار چوي ٿو ته: پهريائين لڙائي منهنجي آهي جو
دودي سان پرپٺ ورهن کان ياري آهي، پوءِ اڳتي وڃو.
ٻڪرار پهلوان جي ساک هن طرح آهي ته: اڌ مڻ ڍيري هٿ
۾، جيئرو ٻٻر ڪلهي تي، سـَـؤ ڦـَـرن جو ڪانبي ۾.
رکيو ڍيري پٽ تي ڪانبو بيٺو ڇوڙي
ڪاهي پيو ڪٽڪن ۾ جيئن مڪڙ پيو ماري
ٻڪرار هٽي ٿو ڪينڪي جنهن جو وير ڪيو وارو
ٻڪرار هٽي ٿو ڪينڪي جيئن پورب واءُ وري
ٻڪرار هٽي ٿو ڪينڪي جيئن دريا، دوڙ ڪري
وڙهندي تن ويرين سان ويڙو ڏينهن لنگهي
مهاڙ يار اُڪاريو وڃي پيو ’علي علي‘ ڪري
نديون نـِـير پلوٽيون ڪڙڪن وڳهه ڏي
ڪٽڪ ڪارونڀار ڏسجي سج نه پئي سماءُ
ڌڙ تن جا ڌوڙ ۾ اتي ٿا ليٽن
نڪو پاڻيءَ اوڏيءَ ڇـَـڪ ۾ نڪي مينهن وسي
وڙهندي تن ويرين سان ويو ڏينهن لنگهي
ست ڇليون ماريئين، يار مرد وڌائون ماري.
اهو حال ڏسي عالادين، چنيسر کي جواب ٿو ڏي ته:
اڳتي ڪونه هلندس، جو گهڻو لشڪر ته اتي ئي ختم ٿي
ويو آهي، دودا اڃا پري ٿيا چنيسر چيو ته: دل نه
لاهه، هڪڙي منزل هل، هاڻي اڳتي ڪير به ڪونهي.
پائي پير رڪيب ۾ گهوڙي گهوٽ چڙهن
اڳين گاه وات ۾ پويان لڏ چٽين
گهڻي ٿوري ڏينهڙي ٿا ’لکي باغ‘ لهن.
باغائي اٿيو، ڏسي ته ڪٽڪ بيٺو آهي. پڇي ٿو: ڪير
آهيو؟ چيائون ته: پٺاڻ آهيون، دودن سان جنگ ڪرڻ ٿا
وڃون. باغائي چيو: يار! ڳالهه ٻڌو، دودا پري ٿيا،
مون وٽ هٿيار به ڪونهي، ڏاٽو آهي، تنهن سان جنگ
ڪندس، متان دودا چون ته باغائي سست دل ٿيو.
تنهنڪري وڙهان ٿو، ماشاء الله:
ڪڍيو ڏاٽو دانَ مان، لـَـنب جو گاه لڻي
سسيون تن صوبن جون ٿڙن منجهه لڳن
وڙهندي تن ويرين سان ويڙو ڏينهن لنگهي
مغل مري ماندا ٿيا پيا پاڻي پاڻي ڪن
ٻه سؤ ماريائين، يار وڌائون مرد ماري.
تڏهن وري عالادين دانهن ڪئي ته: يار چنيسر! مون
توکي چيو هو ته لشڪر سڀ مارائي ڇڏيندين. چنيسر چيو
ته: هاڻي رات جو هلنداسون. رات جو نڪتا، هڪڙي، ٻي
۽ ٽين رات جو اچي بڪار شهر ۾ لٿا. بڪار شهر ۾ لهڻ
تي دودي کي خط لکيائون. دودي خط پڙهي چيو ته: ڀاءُ
هو، نه مـُـڙيو، هاڻي عالادين کي نذرانا موڪليان
ٿو، جي سڌوسنئون هوندو ته پوئتي وري ويندو.
ٻولايون ۽ ٻگڙيون دودو گهوڙيون گهرائي
ڪن پڇ گهوڙن جا جنوهر سان جڙائي
ماڻهو ٺاهيو سونَ جا بيٺو ٻانهون ٻڌائي
ڀيٽـُـون کڻي هليو ’مم ڳاهو‘ ڀڙ دودو سالو
هڪڙي ٻي ٽي واٽ تي، چوٿين خان رسيو
لهي بڪار شهر ۾ دوست وڌو ديرو.
عالادين، چنيسر کي گهرائي چوي ٿو: ههڙي ماڻهو سان
وڙهڻ مناسب نه آهي، جنهن ههڙيون ڀيٽون موڪليون
آهن:
دودي ڀيٽون اُماڻيون ڀڙ تنهنجي ڀاءُ.
تڏهن چنيسر چيس ته:
دودي ڀيٽون اُماڻيون ڪري چٿر تو مٿان
ايڏا ڏانَ دودو سومرو فقيرن کي ڏي.
اتي عالادين کي چڙ لڳي ٿي ته دودو مون کي فقير
سمجهي واپس وارڻ جي ٿو ڪري:
ڪن پـُـڇ تن گهوڙن جا ڇڏيو سڀ لاهي
جنهن نـَـر گهوڙيون آنديون تنهن نـَـر ڏيو ڦاهي
وَٺ وٺ تي ’مم ڳاهي‘ تي مڪڙ روه وريا
ڪاهي پيو ڪٽڪن ۾ منگهه وجهي مارا
سسيون تن صوبن جون لوهيڙن منجهه لڳن
نديون نير پلوٽيون لوهيڙو تار وهي
ڪٽڪ ڪارونڀار ڏسجي سج نه پئي سماءُ
وڙهندي تن ويرين سان ويڙو ڏينهن لنگهي
پنج ڇليون ماريئين يار مرد وڌائون ماري.
دودو صبح جو ڏسي ته گهوڙيون واپس آيون پر قاصد نه
آيو. رات جو ’مم ڳاهي‘ کي صندوق ۾ وجهي، چنيسر
وڳهه شهر ۾ ڇڏيو ويو. صبح جو صندوق کي ڏسن ته
مـَـمَ ڳاهي جو لاش رکيو آهي. اتي دودي کي خيال
ٿيو ته قاصد ڪنهن جو نه مري، هن منهنجو قاصد ڇو
ماريو؟ هن کي کڻي دفن ڪيائون. ننگر ننڍڙو هو، جنهن
پئي يارن سان راند ڪئي، تنهن کي ماڻهو موڪليائين
ته ’مم ڳاهو‘ مري آيو اٿيئي، هاڻي تنهنجي ڪهڙي
صلاح؟
دودل ڀانُ اٿاريو ته ننگر غازي آءُ
ساڄ سـُـرندا پاڻ سان ڀاڳو ڀان کنيا
اچي بيٺو ڪپر تي ڪپر ٻوڪاري
هل ننگر ننڍڙا، توکي چاچل ڪوٺائي
سڻيو سڏ ڀاڳوء جا، ننگر ڏائـِـي راند ڇني.
تڏهن يارن چيس ته: ادا!
تڪڙ ڪر ڪام ڪا، اسان کي وار سڪائڻ ڏي
چئي: وار سڪائڻ واٽ تي، مٿان عالادين اچي.
هاڻي پاڻيءَ منجهان نڪري ڪپڙا ٿا وجهن
جـُـوتو يار ننگر جو سو سوَا يار چون
جـُـوتو يار ڀونگر پنجاهه ٿا پڻ چون
پنجاهه ويس هڪڙو زري زر پاندن
لونگي يار ننگر جي جنهن ۾ ٽؤنر لڏن.
اتي هڪڙو خاطي پئي آيو، جنهن کان پڇيائين:
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: ماڻهو عالادين جو مغل آهيان پٺاڻ
خط کنيا اٿم دودن ڏي، چئي خط اِتي پڙهبا
خط ڏيندوسئين ڪينڪي، منهنجو اُجورو يار ڀڄي
ڪڍيو ڪاتي بيٺ مان هاڻ خاطيءَ تي وري
کوليو بـَـڊوڪا بگريون خاطي خط بيٺو اُڇلي
پڙهيو پروانا پيءَ جا پٽ ڦاڙيو ڦٽا ڪري
وڃ خاطي اٿئي ڏينهن گهڻا، ابي کي ڏجانءِ سلام.
---
وار سڪائيندي واٽ تي ننگر دودي جو ڪيو سلام
اٿي دودا داناء سومرا جهل ننگر جو سلام
دودي اُٿئي کان پوءِ اُٿي ساري خلق.
دودو ٿو چوي: ابا! مم ڳاهو مري آيو اٿيئي، هاڻي
تنهنجي ڪهڙي صلاح، منهنجو ٿيندين يا پڻهين جو
ٿيندين؟
خوني خط خلل جا وڳهه در آيا
چاچا! من ۾ پون مانڌاڻ آنڊن ولوڙا
ڦاڙي پاڳ پرزا ڪري، تخت ڪريان تالان
ڏنئي سڱ سونل جو لهيو لڙ وڃن.
دودي چيو ته: پڳ توکي ٿو ڏيان:
وڏن جي وڏاندري آئي ٿو مٿي
چئي: ابي کي ڏنئي ڪينڪي، ڪيئن ڏيندين مون کي
ڀاء ويو ٿي ڀر مان تڏهن ورتئي نه واري
هاڻي هڻين ٿو هٿڙا، آيو اُڙد مٿي چاڙهي.
دودي چيس ته:
مٺو رت ابي جو، تون ويندين يار ڦري
چئي: ڦرندس چاچا فوجن وچ ۾، ويندس ماڳ مري
سؤٽ هلئي ٿو ننڍڙو تنهن جي پارت اٿئي گهڻي
دعا ڪندس دل سان ڏي عمر رب گهڻي
گڏ مرنداسون گـَـدار ۾ سؤٽ به سؤٽن تي.
چيائين: ماريان ’مدن‘ مير کي نظر بيگ ڏسان
سري عالادين جي چنبن ساڻ چـُـڻان.
اُتي ننگر جي ماءُ کي ڪاوڙ لڳي ته منهنجو مڙس پڳ
تان ڪاوڙجي ويو ۽ منهنجو پٽ وري ٿو جنگ تي وڃي،
ڪونه ڇڏينديس.
مري ماءُ ننگر جي ريهون ڪري راڻي
ادا دودل سومرا! سـُـڃ سـِـٽي اٿئي هاڻي
ناٺي مارائيندين ننڍڙو، ولهي ڪندين نياڻي
وَنـِـي جنهن جي ونواهه ۾ پئي نٿي پاڻي
ماڻهن تنهنجن ميدو ڏيان، گهوڙن گاه پاڻي
راه وٺي راضي ٿيو چڙهي دودو پاڻ.
اتي ٻاگهي به ويٺي هئي، سا ٿي مهڻو ڏئي:
ڇوه وڏي اٿئي ڇوڪرين، ڪانئر ٻارين ڪانه.
تڏهن ننگر ڪاوڙ مان جواب ڏنس:
ڄمندي رات مري وڃين ها، راڄ رلايو تو
مڙس ڏيندوسئين سومرو، ماري ڀڃيندئي ڀونء
جيئرو اچان وڳهه ڪوٽ ۾ ڏيندس قبر سان لائون.
ٻاگهي چيو ته: مون اڇي مٿي واريءَ کي ڇوڪرو کير
پياڪ ٿو مهڻا ڏئي، سو پاراتو ڏنائينس ته:
ڪارِي توکي ڪيئن کاڌو، اهڙا ويڻ هنيئي
وڃين ٿو ميڙ مغل جي، هاڻي جيئرو ورين جي
ايندين وڳهه ڪوٽ ۾ کـهـُـنبن ۾ کڄي.
هاڻي ننگر ٿو چوي:
موڙَ جامان منهجا سڀئي ڇڏيو ساڙي
رتل ماڄ منهنجا سڀئي ڇڏيو ساڙي
راڻي! ڇڏ آسرو لاهي، ڄڻ ته ڄائو ڪونه هو.
دودو چوي ٿو ته: ننگر وڃي ٿو پنهنجي پيءَ ڏانهن،
آءٌ پنهنجي پٽ کي جهليان.
ڪونڌر ڪنڌ مٿي کڻي دودل ڳالهايو
توکي مارائيندا ننڍڙو، سڙئي پئي نه سماءُ.
تڏهن پٽس ڀونگر جواب ڏنو:
آءٌ وهندس ڪينڪي، توکي گهنڊ گـُـڙن
ننگر ۽ منهنجا لاشا گڏجي ڳوٺ اچن.
اتي ننگر آيو ۽ ڀونگر کي چوي ٿو ته: ادا! اچ ته
جاءِ گهمي ڏسي اچون ۽ مڱ به ڪانه ڏٺي اٿم، سا به
هلي ڏسان.
چنبا چنبن ۾ ڏيئي ويا ٻيليڙا ٻيئي
ٿنڀ ٿوڻيون ٿڙڪي ويون، پيا پـَـٽين ۾ واڪا
کٽ بار نه جهلي، هندورو کائي لوڏا
نڪري ٻانهي ٻاهر ٿي، متان عالادين آيو!
دانـَـهه دائي در مٿي کـِـلي کير مـُـنهان
ته نڪو عالادين بادشاه، ڪيو خير خدا
سو ڪنگڻ ٻانهن ۾، ڪنن ۾ لـُـڙڪا
مون ورايو سومرو ’سونل‘ ور تـُـنهنجو.
ننگر جي مڱ ٿي چوي ته: سڏ ڪريوس ته آءٌ موڪلايان.
مڱ ننگر مير جي روئي رت ڦـُـڙا
سؤٽ! وڃين ٿو جنگ تي، ڏج ساري سنيهڙا
چئي: لوهيڙو وهايا رت جو، وڳهه جي وچان.
---
سؤٽ! وڃين ٿو جنگ تي، ننڍڙا ننگر راءِ!
مريد محي الدين جا، توکي لڳي نه ڪوسو واءُ
وڃين ٿو ميڙ مغل جي، تنهنجو پير ڪندو پرچاءُ
چئي: دانـَـهه ڌيءُ دودل جي، ادب ڪري ڳالهاءُ
جي سوڙهيءَ ڀانئين جنگ جي، لکج پرزو دودل ڏانهئه.
مڱ ٿي چويس ته: اسان کي ڪهڙي خبر ته توکي سوڙهي
پيئي آهي؟ ننگر چوي ٿو ته: اسان مريد محي الدين جا
آهيون، تو کي نشاني ٿو ڏيان، جي پار لڳن ته ڀانئج
ته لڙائي لڳي پيئي آهي. وڃان ٿو ابي کي ميڙ منٿ
ڪرڻ.
وڃان ٿو ميڙ ابي ڏي، پـِـير ڪندو پرچاءُ
ويندس ورندس ڪينڪي، گهوٽ ٻـَـڌان گهاڻا
چنڊ چوڏهينءَ رات جو، ڏس ترارن جا تجلا
سهي ڪجانءِ سومرِي! ته جوٽي جنگ آهي.
ننگر خيال ڪيو ته حياتي بي بقا آهي، تنهنڪري ماءُ
کان موڪلائي وڃان، پر ڏينهن جو نه وڃان، متان چاچو
دودو ڏسي ته هي به پڻس وانگر ٿيو آهي، رات جو آڌي
ڏيئي وڃان.
آڌي ڏيو راتڙي، بيٺو جيجل جاڳائي
ٻٽيهه ڌارون ٿڃ جون مون کي اَمان بخش ڪر.
تڏهن ماءُ چيس ته:
پنيو هئم پيرن کان، توکي ڏاتر هٿ ڏنا
تنجيو هئم ترارين لاءِ، توکي دُڪا ڪين وڌام
وڃين ٿو ميڙ مغل ڏي، توکي پير ڪندو پرچاءُ
نه ته وڍجان واڳ طنبوءَ جي، ڪجان وير وَڌاءُ.
ننگر اتي خيال ڪيو ته هاڻي چاچي دودي کي ’اَمان‘
جي پارت ڪري وڃان. ننگر ويو ته اُن کان اڳ دودو ٿو
ننگر کي چوي:
ڪـُـونڌر ڪنڌ مٿي کڻي دودي ڳالهايو
ڀونگر مارائيندين ننڍڙو، سـَـڙِي پئي نه سـَـماءُ
چئي: ڀونگر مارايان ڪينڪي، ڀونگر گڏ مران
ڀونگر منهنجا گڏجي لاشا ڳوٺ ايندا.
ننگر وري ٿو دودي کي چوي ته: چاچا!
هڪڙو سور اهو رهيو، رڌل طعام رهيا
ٻيو سور اهو رهيو، اڏيل مـَـنـَـهـَـن ڊٺا
ٽيو سور اهو رهيو، منهنجا ڳاڙها دُهل بيٺا
چوٿون سور اهو رهيو، منهنجا ٻڌل اَکيا ڇڙيا
پنجون سور اهو رهيو، منهنجا دعوتو خان رهيا
هاڻي آيل پرتي اٿئي، متان ٿئي جيجل جوڳياڻي.
چاچا هاڻي امان جي پارت اٿئي، پر ٻڌاءِ ته ڪهڙي
ڏينهن چڙهان؟
چاچا! ٻي خبر ڏي ته ڏينهن ڪهڙي چڙهان؟
چئي: ڇنڇر چڱو ناهي، آچر نه چڙهجان
سومر ڏينهن چڱو ناهي، اڱاري نه چڙهجان
اڱارو ڏينهن چڱو ناهي، اربعا نه چڙهجان
اربعا ڏينهن چڱو ناهي، خميس نه چڙهجان
چڙهجانءِ ڏينهن جمعي جي، پر پهر جمعو ٽاري.
زرهه ڏيڍ مڻ جي ننگر يار وڌي
زرهه هڪڙي مڻ جي ڀونگر يار وڌي
پنجاهه يارن پاڻ سان نر هڻي بيٺو نعرو
ڀـُـورو هاٿي ڀونگر جو، نر ننگر ڇوڙايو
زرِ گاديون گلم سان مٿي پوش وجهو
ڇـِـڻڪي گهوڙي منهنجي، اوها به ڇـوڙي اچو
پائي پير رڪيب ۾ گهوڙن گهوٽ چڙهن
ننڍي وڏي وائي وات ۾ بيٺا ’علي علي‘ ڪن
چاچا! پرتين الله کي، اسان جي الله واهي آهي
ڏکيو سـُـکيون ڳالهيون مڙئي رهيون روح ۾.
---
پهرين منزل مير جي ’جويا‘ شهر چون
ٻي منزل مير جي ’راول‘ کي رسن
ٽي منزل مير جي ’گـُـنگڙو ٿـَـر‘ چون
چوٿين منزل مير جي ’لوهيڙو‘ ٿا به لنگهن
پنجين منزل مير جي ’بڪار‘ شهر چون
لهي بڪار شهر ۾ وڌو ديرو دوستن.
اتي هڪڙو واڻيو ڊوڙي آيو ۽ فرياد ڪيائين ته:
سائين! اوهان جي بادشاهيءَ ۾ اسان کي هاڻي ڏاڍي
تنگي ٿي آهي، جو رات جو کائون ته ڏينهن جو ڪونهي،
جي ڏنمهن جو کائون ته رات جو ڪونهي. عالادين جا
سپاهي ڦـُـر ڪرڻ ٿا اچن، اهو ڪونه ڇڏيو اٿن جو
لولي کي لوڻ وجهون! ننگر پڇيو ته: عالادين سان خلق
ڪيتري آهي؟ واڻئي چيو ته: مون کي فقط وٺڻ وارن جي
خبر آهي، باقي ٻئي لشڪر جي خبر نه آهي:
پنج لک اٿئي واڻين جا، هاٿين مٿي هـَـٽ
ڇهه لک واڍن جا، جي ڪاٺ ڪلو کوڙين
ست لک لوهار جا، جي روز تراريون ٺاهين
اَٺ لک ڪنڀارن جا، جي ماٽيون مٽ جوڙين.
ننگر وري پڇيو ته: ڪيڏيءَ مهل شهر ڦرڻ ايندا آهن؟
چئي: سائين! اها خبر آءٌ توکي ٻڌائيندس. ٿوري دير
کان پوءِ واڻيو ڀڄندو آيو، چئي: سائين! هينئر آيو
آهيان ته نارُون وارو هٽ ڦري، ڀوڄـُـو جي هٽ تي
آيا آهن ته آءٌ ڀڳو آهيان. ننگر پنهنجي يارن کي
هڪدم گهوڙن تي چڙهڻ جو حڪم ڏنو.
پائي پير رڪيب ۾، گهوڙي گهوٽ چڙهن
ننڍي وڏي وائي وات ۾ بيٺا ’علي علي‘ ڪن
ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: ماڻهو عالادين جا، شهر ڦريون بڪار
چئي: بڪار شهر ڀلي ڦريو، پر نر نبيريو وڃو
مـَـٽَ گڏيا ٿي مـَـٽـَـنَ کي، جن کي کڙيون پٺي
لڳن.
انهن ماڻهن ويندي ساڻ عالادين کي چيو ته: سائين!
اوهان چيو ٿي ته دودو ڪونه چڙهيو آهي، پر دودو
چڙهي آيو آهي. اتي چنيسر چيو ته: ويهه ته آءٌ توکي
دودي جا پار ڏيان.
مڙس اٿيئي مـُـني جيڏو، مٿو مـَـٽ چون
ڪارايون اٿئي دودل جون، مونا ٻيڙيءَ جا
دودو چڙهندو وڳهه مان ته سڪندو تنهنجو ساه.
واڻئي کان ننگر پڇيو ته: آءٌ عالادين وٽ ڪيئن
پهچندس؟ واڻئي چيو ته: سائين! ست صوبا آهن، ستن
ڏينهن کان پوءِ پهچندين. پهريون صوبو آهي عالادين
جو پٽ سلطان پٺاڻ، ٻيو صوبو هـَـنبل پٺاڻ، ٽيو
صوبو اٿئي گوهرو پٺاڻ، چوٿون صوبو اٿئي سالار
پٺاڻ، پنجون صوبو اٿئي نظر پٺاڻ، ڇهون پلٿيدار
پٺاڻ، ستون صوبو اٿيئي تالا تمر وزير.
پائي پير رڪيب ۾ گهوڙن گهوٽ چڙهن
ننگر گهوڙيون ڪاهيون، هليو ڪشت منجهان
ننگر گهوڙيون ڪاهيون سلطان پٺاڻ مٿي
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، پيو ڏائي سلام واري
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
تون اُڏائين گهوڙيون، اسين اُڏايون ڪانَ.
چئي: اتي بيٺو اُلرون ڪرين، لهي آءُ سلطان
کير مصري کنڊون ڏئين، ٻيا ڏيهه پڪا پڪوان
---
هيءَ ڪچهريءَ ڪنهن جي، هنبل پٺاڻ صوبو
ننگر گهوڙيون ڪاهيون، هليو ڪشت منجهان
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، ڏائي سلام واري
طاقت ٿيس ڪانڪا، جو جهلي ننگر جو سلام
بسم الله ڪري ورتائين پاڻهي پنهنجو سلام
هنبل چيو ماڻهن کي، ماٺ ڪريو مڙيئي
ماٺ ڪريو مڙي وڃي، آهي دودو ديمين ساڻ.
---
هيءَ ڪچهري ڪنهن جي، آهي گوهر پٺاڻ
ننگر گهوڙيون ڪاهيون، ڪاهيئين ڪشت مان
ڪاهي پيو ڪٽڪن ۾، ڏائي سلام واري.
گوهرو پٺاڻ چيس ته:
ڇوڪر چڙهيو آهين ننڍڙو، توکي ٻڌي ٻانَ ڪندا
چئي: ڇوڪر ڇڏي دهلي شهر ۾، ڇوڪر کنيئي ساڻ
سڀان انهيءَ ڇوڪر جون، ڳوڌا ڳالهيون ڪندا
چونڊي ڪڍان ديمين مان، جيئن ڪنگ ڪڍي ڪـُـرڙي.
---
هيءَ ڪچهري ڪنهن جي، سالار پٺاڻ صوبو
ننگر گهوڙيون ڪاهيون، ڪاهيئين ڪشت مان
ڪاهي پيو ڪٽڪن ۾، ڏائي سلام واري
طاقت ٿيس ڪانه ڪا جو جهلي ننگر جو سلام
بسم الله ڪري ورتائين پاڻهي پنهنجو سلام
سالار چيو ماڻهن کي، ماٺ ڪريو مڙيئي
ماٺ ڪريو مـُـڙي وڃي، آهي دودو ديمن ساڻ.
---
هيءَ ڪچهري ڪنهن جي، نظر پٺاڻ صوبو
ننگر گهوڙيون ڪاهيون، ڪاهيئين ڪشت منجهان
ڪاهي پيو ڪٽڪن ۾، ڏائي سلام واري
بسم الله ڪري ورتائين وعليڪم السلام.
---
سـَـل سچي ڪر سومرا، تون پرڻيل ڪي ڪنوارو؟
چئي: مـَـنـَـهن ڇنا منهنجا، ڳاڙها دُهل وڄن
ادو محمد ويو دعوتو، جنهن کي چوٿون چنڊ ڏٺو
وڃان ميڙ اَبي ڏي، من پـِـير ڪري پرچاءِ. |