محمد واصل درس جي چيل مثنوي
*
شروع ٿي ڳالهه سسئي جي، جا عاشق پنهونءَ ڄام جي هئي:
سَسُئي سونهاري، سَسُئي حسين
سسئي نيڪ صالح، سسئي نازنين
سسئي گُل، گُلَ کي هَوَس ۾ وڌئين
پَرين پدمڻين تي قدم ٿي رکيئين
قضا ساڻ سا عاشق اندر ڦَٽي
نڪي سِڪَ ڪيچي ڪَنان سا لٿي
جڏهن سِڪَ ڪيچي سندي ڪي تمام
مليس ڄام ڄامن تڏهن نيڪنام
ڪريان مختصر تنھ سندو هي قصو
آهي سُور ساري سندو جو حصو
ڪريان ڳالهه سڀ تنھ سندي سُور جي
سڄي حال احوال مذڪور جي
ميڙائي سُکن ۽ ڇڄڻ جو بيان
لِکان ڏونگرن ۾ ڇڄڻ جو بيان
لکين سکَّ سَهسين ورهه بيشمار
سَهي جي بندو سي نڪي ڏي ستار
ڄايو جو ڏکن کان بَچي سو نَڪي
سُکيا پڻ ويا سُور سُرڪي پئي
چڙهي گهوٽ گهورن مٿي جي گهمن
سِگها سي پيادا اَندر ڀوُن سُمهن
ڪيا عيش آرام جن ڀُون مٿي
سمهاريا سگها ڀُون اندر پيٽ سي
عطر ڦُلَّ خوشبوء جن جي هنڌن
سِگهيون سي سُمهن غم سين پَٽن
ڏينهان رات راتيان سدا ڏينھ آهي
وڏو سور دنيا اندر نيھ آهي
ڪئي عشق جي جن پهريائين پچار
سَري سُور تن جي سدائين تنوار
اندر دور ”راجا دلُورا“ سندي
برهمڻ هِڪو هو حسابي ڌنڌي
نائون نام پڻ تنھ ”ڀٽي وَهَڻ“ شهر
هو ويجهو پنجابي تتي هڪ بحر
تنھ کي تان نه فرزند هو هيڪ تَن
سبب تنھ سِڪيو ٿي سندو تنھ بدن
پُڇيئين ٿي فقيرن وَلين ڀَرا
گهريئين پڻ وري ٿي تني کان دعا
ٻڌئين تان ڪڏهن سو سُونهارو فقير
جو مقبول مولى جو پيارو فقير
اُميدا تڏهن تنھ اڳيان سو ويو
وڃي خاڪ قدمن مٿي تنھ پيو
ٻئي ٿي چيئين اي پيارا خدا
سوالي نه خالي وري تو درا
سِڪي ٿي وياء لئي اسان جي هِڪي
ويا ڏينھ جوڀن سدا سڀ سِڪي
دعا گهر ٿئي، مانَ اولاد نيڪ
ڪري مهر بخشش ڌڻي پاڪ هيڪ
چيو تان تنهين کي تڏهن تنھ فقير
پوري آس ٿي تو مليئي هاڻ کِير
دريا مهر بخشش سندِي مؤج ڪي
رهندي ڪين تُتنهنجي اُڃائي هِڪي
ٿيندي نيڪ دُختر سونهاري اَوهان
حُسن جي تنھ جي ڳالهه ڪهڙي چوان
آخر منجهه ايمان اِيندي اُها
گهُريو سَعد طالعُ سندو تنھ اَلــٰھ
پنهون ڄام ڪيچي ڪندو تنھ نڪاح
اها ڳالهه منهنجي رکيجان نگاهه
تِهان بعد ٿوري ڏينهن جي اندر
سچي ڳالهه درويش جي ٿي پڌر
قضا ساڻ سا زال حامل ٿِئي
حمل کي پَسي جا گهڻو ٿي جِئي
مدت سڀ حمل جي جڏهن ٿي تمام
ڄائي تان نياڻي تڏهن نيڪنام
سندو دين ۾ مُنهن جنهن نُور نُور
ويو ٿي پَسڻ ساڻ تنھ سُور سُور
حُسن ۾ هُئي سا پري پيڪري
جُڙيو ڪين تنھ سان ٿي مُشتري
ڄائي سا سونهاري سَسّوئي جڏهن
پَرين پاڻ کيرون ڏنيون ٿي تڏهن
پرهيو ٻُلبلين ٿي سحُوري سبق
ته وحدة ڌڻي تو سندي پاڪ حق
مثل گُل پيدا ڪئي جا ڌڻي
رکي سَڌ بُستان تنھ جي گهڻي
رکي سَڌ بُستان بڻ گل ڦل
جوڙي چند مُنهن جنھ جي امل
اَمُل نيڻ ابرو ڪماني عجب
پلڪ تير نازڪ سندا سڀ نجيب
ڪري ڪِڙڪ پهرين ڪُڇيو تنھ جڏهن
چيو پاڪ ڪلمون ڀلو تنھ تڏهن
ٻڌي سو برهمڻ پروڙي رهيو
جيڪي مهند درويش هو ڪي چيو
فڪر ۾ تڏهن ٿي چيائين عجب
ٿئي تيئن جنهن پر گهُري پاڻ ربّ
اسان ڳالهه هيڪي هِينئين ۾ رکي
قضا جي قلم تان وچان ٻي لکي
ڄائي جا خوشي تنھ وڃائي ڇڏي
پاڻان تنھ ڏسي دل ڏکن ۾ گڏي
وڏي ٿي ته يوندي وٽايُون هلي
ٿيندي ڪين آخر اسان کان جهلي
هِيئين ۾ جنھ جي پاڪ ڪلمون رهيو
سانڍڻ کان اسان جي وياء سو ويو
ڪندي دين هي سو سچو ئي قبول
ڪيو جو خدا مصطفى تي نزول
دفع هاڻ تنھ کي ڪبو اڄ سِگهو
ڏيندي نا ته آخر اسان کي ٽِڪو.
بيان داخل ٿيڻ سسئي جو صندوق سين درياءَ ۾، ۽ موٽي نڪرڻ ان صندوق سين ۽
پرورش تنهن جِي جو:
ڄائي سا سسئي پياري جڏهن
چميائين اکين سيڻ نياڻي تڏهن
چمي سا وري هنج نيڻن ڀري
لاچاري صلاح تنھ سنديائي ڪري
چيائون ته آهي چڱيري صلاح
حوالي نديءَ جي ڪجي هيءَ پساهه
ڪري بند سا منجهه پيتي وجهي
شران ڳاله رکجي هنئين ۾ ڳجهي
ته جيئري وڃي ڪنھ ڪناري پئي
اسان تان فڪر هي وڏو ئي لهي
ٽري ڪين فقراء سندو ٿو ڪلام
اَمر کي خدا جي نيازان سلام
ازل ۾ جيڪي لوح مَٿيئي لکيو
سو پارڻ سَڀن کي سدائين ٿيو
ڪنھ کي ڪين ڪنڌ ڦير جو زور آهي
قضا پيش شھ شير ڪُل بور آهي
ڪري رِٿّ سا ڳالهه پوري رکي
نظر منجهه پس پيس دوري رکي
جوڙائي پيتي سا ڪيائون تيار
وجهي تنھ اندر سا سچي نيڪ ٻار
ڪري بند سين ميڻ، تاڙو وجهي
آڻي تن دريا ۾ ڳُجهي سا وڌي
ڏُکي ڳالهه اِي تان نڪي ڄاڻجي
ٿئي جاڙ ميوي سندو مان ٻجي
ٻجو تان نه سڀڪو ٿئي ٿو لذيذ
ميوو پڻ پڪو جو ٿئي سو لذيذ
مڙئي ڪم حڪمت سندا ٿا هلن
ڪرا جي مَٺا سي سڀئي ڄاڻجن
پيتي منجهه پاتار تاري تني
ڇڏيو آسرو تنھ هيڪاري تني
نظر منجهه تان ربّ ساٿي رکي
بلائن دريا جي نڪي ڪي ڀڳي
ڀڳي ڪين پڻ موج ماري نڪي
ڪُنن جهول ۽ ٻار، دريا نه ني
آئي ڪين ڪنھ جي نظر ۾ اُها
ڏني جي ڪَهين تان ڪڍي ڪين سان
رکي جن امن رب تن ڪوهه ڪَن
لکين ۽ ڪروڙين سندا دشمن
تاري پهڻ، ٻوڙي ڪکن ڪاٺين
نپائي ڄيري ۾ سدا ٿو پکين
پهچائي صندوقن اندر کنڊ کير
سانڍائي ڇِپنُ ۾ ڪني کي قدير
اُڀِيٺي ويٺي ڪن، سُتي پاڻ ڏي
رزق رب سڀني رکيو اَڀَ تي
رزق رب اَڀَ ۾ رکايو سڀن
اڳو پوءِ اکيون تَهين ۾ ڪجن
۽ مخلوق محتاج مڙ پاڻ لاءِ
ڪو اکيون طمع جون تني ۾ نه پاءِ
طمع جي ڪري تان نه تنھ کي ملي
ملي سو تنهين کي جو تنھ جي بِلي
نه ڀرجي ٿو نيڻن سندو جام خام
رکي سڌ دريا سندي جو تمام
مير سِپّ صابر جڏهين ٿي ڪري
تڏهن پيت موتين سين پنهنجو ڀري
آئي سنڌ پيتي ”پنجابا“ جڏهن
ڪڍائي دريا کان ڌڻي سا تڏهن
سيوَڻ شهر ٻهران ڪناري مٿي
آئي هٿ ۾ صندوق ڌوٻي سندي
نالو جنهن محمد اصل ٿا چون
اڳي ڪين اولاد اُن کي لِکن
ڪڍي تنھ ڪناري وڃي جان پَٽي
اکين ساڻ تان سا نياڻي ڏٺي
پَسي سا گهڻو زور خوشحال ٿي
رهيو مرد بي ٻار جئن جان جي
وري سا چمي ۽ کڻي ۾ هٿن
آيو ماڳ موٽي ڇڏي کي وڳن
ڏٺي زال ڌوٻڻ جڏهن سا ڀڳور
ويس وير تنھ سو سِڪڻ درد سور
ويا ڪاڻ جن ٿي سدائين سِڪي
اُڃائي رکي زور پنهنجي هِڪي
هَنجُن منجهه مولى تني کي ڏنو
سڀاڳو وياء جو نڪي ٿي رنو
پدم پير جي تنھ ڀلائي ٿِئي
ٿيو سون چاندي هو جيڪي ڪِئي
دنيا بخت وارو ڏنو کي پرٽ
آئي کار صابڻ منجهان مُشڪ چَٽ
رکيائون سندو تنھ سسئي اِسم
هئي پدمڻي سا سونهاري قِسم
نپائي گهڻي ناز سين سا نجيب
حسن خُلق ۾ سا گهڻو ٿي عجيب
عمر ۾ ننڍي سا اڃان جان هئي
گهڻو زور دانا تڏهن تان هئي
آيا تان سي سيوهڻ ڪنَا ۾ ڀنڀور
ڪيائون تتي ٿي سدا عيش دور
مليو تِت خزانو وڏو کي پرَٽ
ڪي جنھ منجهان تنھ وڏي جوڙ سَٽ
ڪيئين ڪم سي جي ڪري ڪو تُجار
خزاني ڪيو سو وڏو نامدار.
بيان گلزار ۽ محلات ۽ سينگار ۽ مجلس سسئيءَ جو:
سسئي ناز پرور، سسئي گل بار
سسئي چنڊ سُونھ ساڻ بلبل تنوار
سسئي هوش ۾ پڻ ڪيو هو ڪمال
حيا سين هِنيون ۽ اکيون تنھ نهال
عقل جي عطا سا عمر تي نه آهي
ننڍا هوشو رَ، ڪِن وڏن کي نه آهي
ڪي ڀورا ڀڀلا سي ٿيا خود پسند
ڪي دانا، رکي ڄِڀ جن قيد بند
ٿيو ڪونه ضايع سسئي جو خيال
تهڙو هوش تنھ ۾ جهڙو هو جمال
ڪڏهن تنھ ارادو ڪيو هي چڱو
ته گلزار هيڪو هڻايان نئون
رنگارنگ گل تنھ چمن ۾ کِڙن
موچارا ميوا پُڻ ولاتي پچن
صبح شام بلبل تواري منجهس
ٿئي ڀؤنر مَر تنھ اندر تان هَوس
چڱا محل پڻ ڪي جورائي تِتي
صبح جي هوا تان وٺان تن مٿي
وري ڳالهه سا سڀ ڪيائين اُها
پَرٽ سين ته منهنجا پيارا اَبا
مون کي سَڏَ دل ۾ سندي باغ آهه
نئون ۽ چڱو سو هئي تون هڻاءِ
پَري، ڀؤنر، بلبل، جنهين ۾ اچن
اچي سي هوائون ڦُلن ۾ وٺن
ٻڌي ڳالهه سو خوش گهڻو ٿيو
چمن جو سعيو تنھ سگهوئي ڪيو
مٿان سونِ سارو ڪيائين نگاهه
سندي باغ جلدي وڌائين بناء
جُڙيو ماڳ تنھ چؤديوارو وڏو
لڳو تنھ اندر باغ بحري سڄو
ٿيو سبز سارو لڳا سَوَ نهال
ڦُٽو ٻج شاخون ٿڌا بيمثال
پسند خاص سڀني گهڻو سو ڪيو
اچي باغ بَهريل بَهري ٿيو
هِنيان روح پَرينِ سندا لؤٽيا
اُٻارا ڦُلن ڦورَ جا ٿي ٿيا
صبح شام کِڙيو کِليو ٿي گلن
ته مر ڀؤنر بلبل اچي بُو وٺن
ٿڌن ۾ گلابن رکيو ٿي خمار
کٽڻهار سهسين کِريا بيشمار
بابؤنا، چنبيلي چڱي ڪيوڙي
هڻي بُو نقارو، نِڱي ڪيتڪي
سورج گل، لالا، صنوبر سندو
نشو باغ ۾ ٿئي سسئي جي ڏٺو
قَرن گل، گل مور عِشقا هئا
دائودي، دوپهري، سُهاڳڻ ٿڏا
شرم ٻوٽيون، شھَ پَسندي، شَبو
سونهري لؤنگي، جاڙ جَسون جهجهو
مهندا شام، سوسن، سَدا اشرفي
حُسن ساڻ نرگس، اُڀو گُلپري
ڏنگا گل هستي ڪَنا سي هئا
فخر منجهه مستي ڪنا سي هئا
ٿڏن کي گُلن ٿي ٻڌا هار هار
هئا رنگ جِن خاص سَوَ ڌار ڌار
هئا گل سهسين نمونا قِسم
لکيا تن منجهان مون هِتي اي اِسم
پَري، ڀؤنر، بلبل، گهڻو ٿي اُداس
ٿي وَٺو تِني ٿي صبح شام واس
مٺو صاف پڻ آب جاري اُتي
سنوان سَروَ جنھ جي ڪناري مٿي
ليمان، اَنب، نارنج، آلؤ، انجير
تمر، ڊاک، ناريل، کيرول، کِير
هئا صوف، ڪشمش انگور اناء
ڪيلا، خؤخ، بادام سِيتا اَڀار
پپيها، سَفرجَل، پَپنسَ ۽ تُوت
ڪيا ٿي پکين جن منجهان جال قوت
اِلاچيون هئا بيدَ مُشڪي ٿَڌا
هئا قِسم ميون سندا سڀ جهجها
مٿي گل بلبل، چيها سرخ ڀؤنر
چَتون، قُمريون، ڊيل ۾ شاخ ور
صبح شام ٻوليون تِني ٿي ڪيون
دليون خلق جون جن هڻي ٿي نِيون
هوا ۾ پَريون پڻ اُڏامي هزار
آيون ناچ لئي باغ ۾ ٿي اَپار
ڇڏي باغ آرمي، ولاتُون وطن
پَسندي ڪيائون ڀنڀور چَمن
ڪيا زور خوشبو پکي پُر دماغ
پريون، جِنّ، ديوَ پڻ ٿيا دُر دماغ
پکين کي نڪا پهچ پَرين سندي
اڏامي چمن جي وٺن جي ڪنڌي
لنگهيو جي اُڏامي ڪڏهن ڪو مٿان
ڪِريو بيخبر تان وڃي سو وَسان
وڏو محل پڻ تنھ چمن ۾ چڱيون
جهين منجهه بنگلو نقاشي نئون
گُلن سين غاليچا تهين ۾ چڱا
هئا ميز ڪرسيون نمونا نوان
مَهارا ڇپر کٽ پينگها پلنگ
شيشم خاص عَر عَر ڪَنان منجهه رنگ
زري قرمزي تن وڇانا نرم
پَسي جي پَرين کي ٿيو ٿي رم
کَٽُن طُل پُر زعرفاني هئا
جهاٻن منجهه يا قوت جِن جي نِجا
جهاٻا سونَ جا جِن جَڙاء زينتي
هِيرا لعل جوهر هُئا قيمتي
زَبر جد، پُکراج، نيلم اَپر
هئا محل رنگ جي چانڊوڻڻ اندر
هَنڊيون جهاڙَ رنگين، روشڻ قنديل
چمن منجهه پڻ صاف سڀڪا سَبيل
خبر ڪانه راتين جي پوندي هئي،
صبح شام فرودس هوندي هئي
گوليون خاص خذمت اندر جي هيون
نگھ ناز پَرين مثل سي هيون
گذاري عياشِي سُکن روز رات
ڪيائين حُسن سين پريزاد مات
آيا ڏينهن جوڀن جواني رسي
عقل مت ديدار سين ٿي کَسي
مثل گلّ نازڪ سندو مُنهن سدا
پيشاني صفا چنڊ چوڏهين ڪنا
خَتن، چين، ايران، ماچين جا
ڪُڇيا نازنين ڪان گفتار ڪا
اِرم جا عراقي، شيرازي حسين
سسئي ٻڌي ٿيا شرم کان حزين
گهڻهار گُل جي مثل ٿي تُري
گلابي ڳلن سان مھَ سُوندري
نرم ويس نازڪ جو ريشم زري
پَسي جي وساري ڇڏي گُل پري
عطر مشڪ عنبر تني واس واس
ٻُڌو ڪونه پرين جو تهرو لباس
ڳلي منجهه موتين سندا هار هار
هيرا، لعل پکراج جن ۾ اَپار
مٿي منجهه موتين سندا ڦُل گُل
چوٽي ۾ ڳُتيا پڻ ڪنا سونَ ڦل
ڪنن سونُ ٻانهن هٿن سوڻ سونُ
پيرن منجهه پڻ سين چِتن سونُ سونُ
مينا ۽ جڙا لعل هيرا مٿن
ٻُڙا خاص موتين جا جَڙيا منجهن
جهڙي سونهن جوڀن جواني جمال
تهڙا ويس زيور هئا بيمثال
مثل گل هَر وير ۾ ٿي هَسي
پسڻ ساڻ پَرين جي دل ٿي کسي
پسڻ لئي پَريون سڀ سڌن ۾ رهيون
پَسي سونهن سينگار پاڻا وهيون
پَسي سونهن سينگار پاڻا وهيون
پکي ۽ هئا جِنّ ساراهه ۾
پَريون پدمڻيون سهس وهواهه ۾
مثل گل نازڪ سسئي حسين
هوا لئي دريچي مٿي نازنين
جيڏين سسين جُڙي ٿي ويٺي دلربا
چمن جا ٿڏا سڀ خوشي ۾ هئا
پَرين بُلبلين ٿي رکي دل اُداس
آيا ڀؤنر ٿي سهس لي ديد واس
پري حور حيران ديدار لاءِ
گهڻو مست بلبل ٿي گفتار لاءِ
سَڀن سِڪ ساري هينئين ۾ رهي
رهيا گل گُلزار وارا نئي
گُلن ۽ ڦلن ٿي لِياڪا وڌا
سيني ۾ هوا پڻ رکي ٿي سِڪا.
بيان منجهه ميڙائي پنونھ ڄام جي، ساڻ سسئي:
ڪٿي ڄام ڪيچي سسئي ڪٿي
ميڙائو ٿيو تن سندوئي ڪٿي
سبب تنھ سندو پُڻ ٻڌوسين ڪنن
رکو ڳالهه حيرت مثل ۾ هينئن
ڪڏهن ڪيچ بلڪل نه برسات ئي
سڀن ڳالهه سا رات ڏينهن رات ٿي
ماڻهو مال مِڙ پڻ فڪر ۾ پيا
سڀ تنھ سعيي ۾ سفر جي ٿيا
آري خان مُلڪ خود خان هو
پنونھ ڄام فرزند جنھ جو وڏو
وڏو ڄام پڻ ڄام تنھ کان ننڍا
پسر خان آري سندائي هئا
وڏو مُلڪ ۽ پڻ وڏو نام خان
عاليشان پڻ پاڪ اسلام خان
قضا ساڻ ۾ ملڪ تنھ جي اناج
ٿيو ڪين تنھ سال ۾ ساڻ هاج
سبب تنھ گهڻا مرد سعيو ڪري
آيا خان آري سندي ٿي ڳري
چيائون اچي خان والي اسان
ٿيا پيٽ ري قوت خالي اسان
سُڄي سنڌ برسات پُڻ سڀ سڪار
ٿياسون طرف تنھ سندي ئي تيار
بورائو ڏيو ڪو سندو قافلي
ڪنا ڪيچ سنڌ سين گڏيو جو هلي
سڻي ڳالهه ساخان تن کي چيو
ته ديوان ساٿي اسان جو نِيو.
|