سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 18

 

شيدي ويچارا عالادين جي اڳيان پـَـٽ تي ڊهي، ريهون ڪري روئڻ لڳا ته: توکي ڪنهن چيو ته هن ڀاناسر ۾ اچي پـَـئو! جن جا وارث سورهن لک سـُـڃ ٿي ويا، انهن جا ننگ ۽ ٻچا ڪهڙي حالت ۾ هوندا ۽ انهن جون ڪـِـيهون ڪير سـُـڻي! عالادين چيو ته: چـَـکـِـي ڪونه ڏٺو هئم ته ڪو اهڙو ظلم ٿيندو. هاڻي اها دانهن رَب کي ڏيو. عالادين جو صوبو گـُـهرام خان نالي، عالادين جو سالو هو، جنهن کي ست لک لشڪر هو. گهرام خان شڪار تي ويل هو. رڻ ميدان جو پاسو وٺي اچي مٽيو ته رڻ ميدان ڏي نظر پيس. ڏسي ته مـُـلڪان مـُـلڪ مارو ٿيو پيو آهي. ڏه لک ڏڦيرن جا ڪـُـٺا پيا آهن. سورهن لک شيدين جا، نـَـوَ لک سومرن جا، پنهنجي پرائي مـَـڙهه جو پتو ڪونهي. ڳجهون، سرڻون ۽ جهنگ جا جانور ڀي ماس نٿا کائين. ڍونڍ لڳا پيا آهن. شڪاري ۽ شيدي ٻنهين جا سـِـر ڀالي ۾ نيشان ٿيا ننگر جي طنبو مهندان ٽنگيا پيا آهن. ننگر وٽ لشڪر ڪونهي. سرف نـَـو سپاهي ساڻ طنبو ۾ ويٺا اٿس. سو گهرام خان ڏٺو ته ننگر وٽ لشڪر ناهي، ڇو نه آءٌ چڙهي اچي ننگر کي ماريان ته ڪا منهنجي واهواه ٿئي! سو پنهنجي طنبو تي اچي جنگ جو نغارو وڄائڻ لڳو. نغارو عالادين جي ڪنن تي پيو. عالادين پڇيو ته: ڪير ٿو نغارو ڪري؟ ماڻهن چيس: سائين! گهـُـرام خان. عالادين پنهنجي پٽ کي چيو ته: ابا! وڃي مامي کي جهل، متان لڙائي تي وڃي. اڄ ٿا شيدي پـِـٽين، سڀاڻي پٺاڻ به پٽيندا هجن. سو مامي کي اچي جهلڻ لڳو ته: ماما! بابا چوي ٿو ته تون جنگ تي نه چڙهه. اتي گهرام خان بيت ڪري، ڀاڻيجي کي چوڻ لڳو:

رات به ساري روڄ هو، منهنجي طنبن ڏانـه
نڪا نـِـنڊ نيڻن ڪئي، نڪي اکين ڪيو آرام
آءٌ ماريان ننگر راء کي، ڏنو اٿم ڏاڙهي جو انجام.

ڀاڻيجي کي چيائين ته: ابا! رات به مون آرام نه ڪيو آهي، ساري رات شيدين جي روئڻ سـُـک ڦٽايو. پوءِ مون انهن کي ڏاڙهي جو انجام ڏنو آهي، سو آءُ ڪين مڙندس. مامي جي اِها ڳالهه اچي عالادين سان سندس پـُـٽ ڪئي. چنيسر روبرو ويٺو هو. انهي کي ڏاڍي ڏکي لڳي، سو پاڻ تيار ٿي گهرام خان وٽ ويو ۽ وڃي منٿ ڪيائين ته: گهرام خان! آءٌ تو وٽ ميڙ ٿي آيو آهيان. منهنجي پٽ وٽ لشڪر ناهي. ڏهه ڏينهن لڙائي رک. لشڪر ننگر کي مليو ته به وڃي لڙائي ڪجانءِ، جي لشڪر نه مليو ته به وڃي پنهنجي پڄاڻي ڪجانءِ. اهي اکر ٻڌي، گهرام خان چوڻ لڳو، ادا! ڏاڙهي ڪـُـوڙي ڪونه ڪندس.

چنيسر پنهنجي پٽ لئي ڪيا وڏا لـُـوت لباس
هـِـن مغل مڃيا هئا ڪينڪي، آڏو ڪيائين ڪلام
ته آءٌ ماريندس ننگر راء کي، ڏنو اٿم ڏاڙهي جو انجام.

جڏهن گهرام خان ائين چيو ته چنيسر کي خار لڳو، سو چنيسر دڙڪو ڏيئي پٺاڻ کي بيت ڪرڻ لڳو:

ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چڙيو چنيسر راء
بگڙيو ديوَ وڳهه جو، جهليو اچي نا جاء
آهيان ڏاڏاڻن جو، ڄاڻي پاڪ الله
چڙهيا مڙد ميدان ۾، پوي سانن جو سماء
پٽ مارائيندس ڪينڪي، تو گيدي جي هٿاء.

چنيسر اهو دڙڪو ڪري، پنهنجي گهوڙي تي چڙهي هلڻ لڳو. پٺاڻ دڙڪو نه سـَـٺو، سو پيرين اگهاڙو ۽ مٿي ننگو نڪري آيو ٻاهر، ۽ ڊوڙي چنيسر جي گهوڙي جي لغام ۾ چنبڙي پيو ۽ بيت ڪرڻ لڳو چنيسر کي:

مولهه وجهي نا مٿي ۾، نڪي پيرن ۾ موزا
لڙڪي پيس لغام ۾، قابو ڪيائين ڪڙا
چرچن منجهان چڙي پئين، آهين چريو چنيسر راء.

گهرام خان چوڻ لڳو ته: يار چنيسر! ڏاڍو چريو آهين. ڪو ڀوڳ ڪري ته به انهيءَ ڳالهه کي سچو سمجهين. هاڻي جيئن تون چوين تيئن ڪريان. چنيسر چيس ته: ڏهه ڏينهن لڙائي رک. گهرام خان چيو: ڏهه ڏينهن تنهنجا، پنج ڏينهن وڌيڪ منهنجا، پنڌرهن ڏينهن ٿو لڙائي رکان. هاڻي ته خوش ٿئين. چنيسر چيس: ادا! تو سڀڪا ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ننگر کي لشڪر نه مليو ته پوءِ تون ڀلي پنهنجي پڄاڻي وڃي ڪجان. چنيسر موٽي پنهنجي طنبؤ تي آيو ۽ خط لکڻ شروع ڪيائين. سو پنهنجي هٿ اکر وارو لکيل خط چنيسر پڙهي شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

هڻي قلم ڪاغذ تي، ڪيئين رقعو روانو
مـَـنجـِـي وڌي اٿئي ملڪ تي، ٿيو آهين مڇ به مستانو
مون آندو آهي عالادين کي، جيڪو آهي ديوانو
چڙهيا مرد ميدان ۾ وٺ خانن جو خانو
پٽ مارائين ٿو منهنجو، تنهنجو ٻيلي يا ٻانهو.

چنيسر اهو خط پڙهي ڦاڙي ڦٽو ڪيو ته هي خط آهي باري، دودو پڙهندو دم نه ويهندو. ننگر ۽ مـنگر اڳئي هتي آهن. انهي خط موجب دودو وڳهه مان هليو ايندو. پوئتي ننگ بي واها ٿيندا. اها ڳالهه خيال ۾ آڻي پوءِ ننگر جا انصاف لکيئين ته ڏهه لک لشڪر شڪارين جا ماريا اٿس، سورهن لک شيدين جا ماريا اٿس، پنهنجو لشڪر نو لک مارجي ويو اٿس. پاڻ نون سپاهين ساڻ بچيل آهي. هن تاريخ کان وٺي پنڌرهن ڏينهن مدو رکيل آهي. مدي اندر لشڪر ننگر کي نه ملندو ته لڙائي ٿيندي. پوءِ ننگر ۽ منگر جا لاش کڄي ايندئي. هن خط ڏٺي لشڪر موڪليو وڃي. خط سيل مهر ڪيئين. خط خاطي کي ڏنئين ته رات پنهنجي ڏينهن پرايو سمجهي هي خط دودي کي وڳهه ۾ پهچاءِ. خاطي خط کڻي وڳهه جي دروازي تي پهتو. خط دودي کي مليو، خط تي اکر ڳاڙها لکيل هئا. خط دودي کي مليو، ٻاگهي کي خبر پئجي وئي ته خط آيو آهي ڳاڙهن اکرن سان. سو شهزادي ٻاگهي پنهنجي دودي ڀاءُ کان بيت ڪري پڇڻ لڳي:

ٻاگهي روئندي آئي، اچي ڀاڪر پاتئين ڀاءُ
متان ننگر منگر ماريا، مونکي دودا ڏي سماءُ.

دودو چوڻ لڳو پنهنجي ڀيڻ کي ته: مائي! خط پڙهجي ته ڇا بيان آهي! جنهن مهل اکر چنيسر جي هٿ جا ڏٺئين ته اکين مان پاڻي زار زار اچڻ لڳس. شاعر بيت ڪرڻ لڳو:

خوني خط خلل جو، در وڳهه آيو
لکيل چنيسر سومري جو دودي پڙهايو
آندئين آب اکين مان، پنو پـُـسايو
لاتئين لال لڱن کي، خط ادي آيو
ڪاتب وڳهه ڪوٽ مان، دودي عامل گهرايو.

دودو بادشاه، دک ۽ فراق کان خط پاڻ پڙهي نه سگهيو. ڪنهن ٻئي عامل کان خط پڙهايائين، جنهن حقيقت خط جي پڙهي ٻڌائي ته ننگر بادشاه ڏه لک شڪاري ماريا آهن. سورنهن لک شيدين جا ماريا اٿس. پنهنجا نو لک لشڪر مارايا اٿس. مدو پنڌرهن ڏينهن جو آهي. لشڪر ڀرتي نه ايندو ته ننگر ۽ منگر جا لاش کڄي ايندا. حقيقت ٻڌي دودو پنهنجي نوڪر کي بيت چوڻ لڳو:

ڪوٺي چيائين سئيس کي، نورَڻِ ڪاهي آءُ
لالون هجنس لغام تي، ڪمي ڪمند تي ناهه
گل سهڻا گادي تي، هـُـونِ جهڳمڳ جا جهوڙا
روڪي چڙهيا رڪيب ۾، ساري حضرت شاهه
پـَـٽيان قناتون مغل جون، دِلـِـي کاوي داءُ.

دودو هڪل ڏئي چوڻ لڳو: منهنجي گهوڙي تيار ڪريو. مان پاڻ سـِـر جنگ تي چڙهندس! سو سندس ڀيڻ ٻاگهي منٿ ڪري بيت چوڻ لڳي:

ٻاگهي رُوندي آئي، ڀاڪر پاتئين ڀاءُ
سـِـنڌ سـُـڃي نه ڪر سومرا، وڃ نه سندو راڻن راءِ
سر تنهنجي تي سهرا ڪڏهن موڙ اچي ٻڌبا.

شهزادي ٻاگهي چوڻ لڳي: ننگر مـُـنگر اڳي ويا، باقي اسان وِلهين جو تون ور آهين، سو تون به ويندين جنگ تي، اسان ننگ ۽ ٻچا بيواهه ٿينداسون. لشڪر کي اُماڻ، تون نه وڃ! دودي بادشاه وري به نو لک ڀرتي ڪري لشڪر کي روانو ڪيو. سالڪن چيو آهي ته:  ”ناهن هن دنيا ۾ سڀ مرد، ناهن سڀ گيدي“ . لشڪر وڳهه جي ڪوٽ کان ٻاهر نڪري پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته: ٻيلي! ڳالهه ٻڌي اَٿوَ. پاڻ به ايترو ئي ورنداسون جهڙو ٻيا وري آيا. تنهنڪري منزل اهڙي ڇوٽي رٿجو، جو آهستي آهستي فرحت سان هلون ۽ اهو پنڌرهن ڏينهن وارو انجام ڀل گذري وڃي. سي  ’دم گانڊو شهيد‘  ٿي پيا. ٻن چئن ڪوهن تي منزل جو گذارش رکيئون. پوئتي دودي کي بي آرامي پيدا ٿي. سالڪ چيو آهي،  ”جن کي جيري ۾ جايون، سي ڪيئن ٿينديون سـَـنريون!“  دودي روح ۾ خيال ڪيو ته: يا نصيب! لشڪر ملي يا نه ملي انهي تاريخ تي، مونکي موڪل نٿي ملي. هاڻي اهڙي ڪا رٿ ڪريان جو موڪلائي پنهنجي ٻچن کي وڃي ڏسان ۽ روح وائکو ڪيان سو پنهنجي وڳهه جي دروازي تان سڀني ننگن ٻچن کان موڪل ورتئين ته: مونکي من شڪار لاءِ ڇڏيو ته شڪار ڪريان! دودي کي شڪار ڪرڻ جي موڪل ڏنئون ته شڪار ڀلي ڪر. انهي اٽڪل سان تيار ٿيو. پاڻ سا گڏ بحريون، باز، زُرا، شـِـڪرا به کنيئين. ڏڦا ۽ پنجوڙون سي به کنيئين ڪتاب به پاڻ سان ڪاهيئين، ۽ ٻيا ڪي پنڌرهن ويهه نوڪر، شڪار ڪرڻ وارا خفتي ۽ ٻيو سندس يار هاسو سوڍو سو به ساڻ کنيئين.

وڳهه ڪوٽ کان ٻهر نڪري سوڍي کي ۽ يارن کي چوڻ لڳو: ادا! شڪار ڪنداسون بـَـڪار واري ٻيلي ۾. منزل بمنزل سٽڪون ڪيئون بڪار واري ٻيلي ۾. اها پنڌرهين جي موقعي واري رات بڪار جي ٻيلي ۾ ڪجهه شڪار ڪيائون. گڍ، روجهه، ڦاڙها ماريائون. يارن پاٿاري ڪئي آ ٻيلي ۾، گهوڙا ٻڌا اٿن، ڪتا ٻڌا اٿن، شڪار جون شيخون ڀـُـڃي تيار ڪيائون. اڌ رات جو توبن جا ٺڪاءُ دودي جي ڪنن تي پيا. دودو جنگ جو جهونجهار هو، سندس ٻئي شهپر ڦڙڪڻ لڳا. پنهنجي خيال ۾ سمجهيائين ته اڄ مدي واري رات آهي پنڌرهين تاريخ، جنگ جو موقعو پورو ٿي آيو آ. سڀاڻي جنگ لڳندي رڻ ميدان ۾. شايد پٺاڻ اهي خوشيءَ جون توفون ڇوڙايون آهن. اهو خيال ڪري پنهنجي دوستن کي چوڻ لڳو: آهي ڪو رڻ ميدان جو سـُـونهون؟ دل اُداس ٿـَـئـِـي آ ته هي شڪار پـُـٽ ۽ ڀائٽي سان گڏجي کائون. سر ڪنڊ سوڍي ورندي ڏني ته: هائو سائين! مان سونهو آهيان. دودي چيس ته: مهرباني، تنهنجو وهٽ اهڙو آهي جو هن مهل رڻ ميدان ۾ رسائي؟ سوڍي چيو: هائو سائين! اُٺ آهي. دودي چيو ته: گهوڙي منهنجي تيار ڪيو ۽ اُٺ تي گاشو ڪريو ۽ سوڍا! هي پڪل شيخون اُٺ تي ڪڙي سوار ٿي! بس يڪدم دودو تيار ٿيو. وهٽن تي سوار ٿي، ٻيا پنهنجا دوست جيڪي آندا هئائين سي اُتي ڦٽا ڪيائين. صرف هڪ دودو ۽ ٻيو سوڍو، رڻ ميدان ڏي روانا ٿي ويا. ڪاهيندي آيا ته پرهه باکون کڻي روشنائي ڪئي آ، اَسـُـو پـَـســُـو جي خبر باک ڦٽي ۾ پوي پئي، اڳيان بڪار جي ٻيلي جي ڪـَـرَ سان هڪ گهوڙي سوار نظر آين. دودو بيت ڪري سوڍي کان پڇڻ لڳو:

گهوڙو منهنجي ڪـُـڙهه جو، گهوڙي سوار ڀي ڪير آ
سوار سڃاڻان ڪينڪي، مونکي سوڍا ڏي سماءُ.

اهو بيت ڪري دودو، سوڍي کي چوڻ لڳو ته: اهو گهوڙو منهنجي ڪڙهه کان سواءِ ٻئي پاسي نه ٿيندو، سوار جي خبر نه آهي. مونکي سڃاڻي ڏي! سوڍي دودي کي بيت ڪري چوڻ لڳو:

گهوڙو تنهنجي ڪڙهه جو، مٿس تنهنجو ڀاءُ
سوار سڃاڻين ڪينڪي، اٿئي چريو چنيسر راءُ.

جنهن مهل ڀاءُ جو نالو ٻڌائين ۽ پڪ سڃاتائين. غم جو درد هن کي وٺي ويو، جنهن ۾ بيهوش ٿي گهوڙي تان ڪري پيو. گهوڙي خالي ٿي پئي. سوار ڪري پيو، گهوڙي وٺي ڀڳي. اڳيان ننگر ۽ منگر جا طنبو هئا رڻ ميدان ۾، انهن جا گهوڙا به اتي ٻڌل هئا، انهن گهوڙن جي هڻڪارن تي گهوڙي آر ڪري اوڏانهن هلي ويئي. چنيسر پنهنجي پٽ جي مدد ڪرائڻ لاءِ پنهنجي جان تي ستئي هٿيار ٻڌي، گهوڙي تي سوار ٿيو. بڪار جي ٻيلي جي اَڙ ڏيو بيٺو هو ته جنگ لڳي ته پـُـٽ سان مدد ڪرايان، جو ننگر کي لشڪر نه مليو آ. انهيءَ ارادي ۾ بيٺو هو ته گهوڙيءَ تي نظر پيس ته خالي ڀڳي وڃي طنبن ڏي. وري پوئتي نگاهه ڪيائين ته اوٺي سوار نظر آيس ۽ ڏسي ته پـَـٽ تي ڪو مرد ڊٺو پيو آهي. ڪجهه گهوڙي به سڃاتائين، شڪي حالت ۾ اوٺي سوار ڏي گهوڙو ڪاهي هلڻ لڳو. جڏهن نزديڪ آيو تڏهن صحيح سڃاتائين ته سرڪنڊ سوڍو آهي، اُٺ تي چڙهيو بيٺو آهي، دودو پٽ تي ڊٺو غش ٿيو پيو آهي. سو اچي ماٺ ڪري گهوڙو جهلي بيهي رهيو، تيسين گهوڙي وڃي طنبن تي حاضر ٿي. ننگر ۽ منگر گهوڙي سڃاتي ته گهوڙي دودي جي. شايد دودو اسان جي سنڀال لاءِ آيو، واٽ تي ويرين ويڙهه ڪيس، دودو مارجي ويو ۽ گهوڙي خالي دانهين آئي آهي. انهيءَ شڪ ۾ ٻئي پهلوان گهوڙيءَ جا پويان پير کڻي اوڏانهين ڀڄڻ لڳا. اچي ڏسن ته دودو ڊٺو پيو آهي، سر ڪنڊ سوڍو اٺ تي سوار آهي، چنيسر پنهنجي گهوڙي سوار آهي. ٻئي بيٺا آهن، دودو ڊٺو پيو آهي. منگر دودي جو پٽ، پيءَ کي چوڻ لڳو ته: نه لڙائي ڪيئي، نه ڏٺئي، نه ڌڪ هنيئي، نه ڪانُ ئي سٺئي، رڳو پري کان ڏيل ۽ دهشت ڏسي ڪري پيو آهين! توکي ڀاءُ جي غم درد نه ڊاٺو آهي، جي ڀاءُ جو درد هجي ها ته ڪاوڙائي نه ڪڍين ها! جنهن مهل اهو طعنو دودي ٻڌو، اُٿي چوڻ لڳو ته: عالادين جهلي نه لت هڪڙي منهنجي، ڄاڻي پاڪ الله، مونکي ڀاءُ جي غم درد ڊاٺو آهي. ائين چئي پڇا ڪرڻ لڳو ته: گهوڙي منهنجي ڪيڏانهن ويئي؟ ايتري ۾ گهوڙي به يڪدم حاضر اچي ڪيائون. گهوڙيءَ تي سوار ٿيو. چوڏهن سالن جا وڇڙيل ڀاءَ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان هٿ ڏيئي ملڻ جي ڪوشش ڪيائون، سو هن طريقي سان پاڻ ۾ مليا:

ڀائر مليا هئا پاڻ ۾، ڏيئي ڀالن ۾ ڀالا
گهوڙو مليو هو گهوڙيءَ سان، جن گڏ کاڌا هئا گاهه.

پاڻ ۾ ڳالهايئون ڪونه، چڙهي سواري هـُـتان چنيسر ڀالو سڌو ڪيو هـُـتان دودي ڀالو سڌو ڪيو. ڀالن جا ڦر پاڻ ۾ ملايئون. اها پاڻ ۾ چـَـسـِـي بازي ڪيائون. ايتري ۾ گهرام خان پٺاڻ جو نغارو وڄڻ لڳو. پٺاڻ ننگر جي نـَـوَن سپاهين جي لاءِ ست لک پٺاڻن جا صفون ڪري بيهاريا. سومرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته لشڪر پاڻ وٽ ناهي. هاڻي پاڻ ۾ جوڙا جوڙا ٿي لڙائي ڪريون:

رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
غوث بهاؤالحق جو نر هڻن نعرو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، وڳو گهرام نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، هلي آءُ ننگر تون آءُ
ننگر چڙهيو يارن سان، ساري حضرت شاهه
ساوا، پيلا، گلاب جا، ٻڌا جهڙ جهنڊين
اچي وڙهيا ڪٽاري ڪاتيين، بڙڇون ڀالن هڻن
مردن مٿان رُڪ جون تاوَ تراريون ڪن
مـَـر سي مائٽن ڄائيا، اورانگهيو اچن
کنا خفيفن جا واڪي ساڻ وڄن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، للهنگ ٿا ليٽن
پرزا پوشيدن جا اُڏريو عرش وڃن
نديون نير پلوٽيون، وڳهه واهه وهن
تنهن ۾ عضوا امرائن جا لوهـُـو منجهه لڙهن
ڀڙ پوٽا ڀونگر راء جا رونشي راند رهن
سـَـٿريون وجهن ٿا سومرا، لـَـنب جو گاهه لڻن
پالڪيون پرزا ڪري، وڃي هول ڀڳئون هاٿين
ڀؤ ڀڳؤن ڀورن جا ڪريو ڪـَـڪا ڪيهون ڪن
يارهن ڏينهن ترار سان ڪيو مقابلو مردن
ٻارهين ڏينهن چوغان ۾ ڪي ڪي ديميون پيون ڌؤنڪن
تيرهن ڏينهن شعاع ٿيو، سج ڏٺو مردن
مليون ملڪن مبارڪون، اها به ڊَهـِـي سوڀ سمن.

جنگ جو نغارو لڳو. سومرا پاڻ ۾ صلاح ڪري، جوڙا جوڙا ٿي لشڪر ۾ پهري پيا. اچي کني جي کيل ٻڌئون ۽ پنهنجي ڪٽاري ۽ ڪاتي کي واهڻ شروع ڪيائون. تنهن ۾ دودو ۽ چنيسر پاڻ ۾ گڏجي جنگ ۾ گهوڙا ڪاهڻ لڳا، ننگر ۽ منگر، سوائي سمون ۽ ڇـُـٽو جاڙيجو، سرڪنڊ سوڍو ۽ ٻيا نـَـوَ سپاهي پاڻ ۾ جوڙا جوڙا ٿي لڙائي ڪرڻ لڳا. راتون ڏينهان  ’هڻ وڙهه‘  جي وائي هئي. ماري جو مزو هو، پٺاڻ جو لشڪر گڏجي ائين ماريئون ۽ صفن جون صفون ائين ڊاٺئون، جيئن تکو هاري لنب جو گاهه کي لڻي. جنگ جا سپه سالار پاڻ ۾ صلاح ڪري هاٿين تي سوار ٿيا بيٺا هئا، جن پنهنجي لشڪر کي پئي سڌاريو. انهن صوبن تي سومرن ڪاهون ڪيون. شاعر ڏيکاريو آهي ته سومرا جيسين صوبي تائين رسن تيسين واٽ تي هزارين ۽ لکين لشڪر سـُـڃ ٿيو وڃي، ڇو ته سڄي کٻي ترار وَهي، رڳا ڌڙ پيا ڏڪن، سـِـر نه لڀي. پري کان هاٿي جي نظر پوي پهلوان تي، هاٿي ريهه ڪري: هئي گهوڙا! سوار به ختم، آءُ به ختم. تيسين اچي پهلوان رسيس.  ’علي علي‘  ڪري هڻ ترار ته صوبي مان، پالڪي مان، هاٿي مان وڃي زمين ۾ وات وجهي. هڻندي ماريندي ائين صوبا چونڊ ڪندي، لشڪر هڪڙو ماريائون ته ٻيو ڀڄي ويو. شاعر ڏيکاريو آهي ته تيرهن ڏينهن تيرهن راتيون سومرن کني جي کيلَ ڪري، ستن لکن کي لـَـٽ ڪيائون. هڪڙا ماريا، باقي جيڪي بچيا انهن چيو ته: سومرن جي ترار جبل جهلي، انسان جي طاقت ناهي ۽ گهرام کي چيائون ته: ڀڄين ته مهل اها اٿئي! گهرام خان به اچي هاٿي کي ڀڄائڻ لڳو. پـِـيلوان کي چيائين ته: ڇڪ هاٿي جي واڳ دليءَ تي. ايتري ۾ دودو ۽ چنيسر ڏسن ته گهرام خان هاٿيءَ تي ڀڳو ٿو وڃي. ٻنهي پهلوانن کڻي پٺيان گهوڙا ڦٽا ڪيس. اڳ ۾ دودي جي گهوڙِي، پٺيان چنيسر جو گهوڙو. جيڏي مهل گهرام خان کي پهتا ته دودي پنهنجي گهوڙيءَ کي لڪڻ هڻي ورتو، وٺي جو گهوڙي ڀڙڪو کائي، هاٿيءَ جي مٿان ٽپي، اڳيان اچي لٿي. پٺيان چنيسر جو گهوڙو پئي آيو، انهيءَ ٺڪاء ڪرايس ترار، جنهن گهرام خان مان، پالڪي مان، هاٿيءَ مان، وڃي زمين ۾ وات وڌو. ماري فتح ڪيائون. سر ڀالي ۾ ڪاٽي کنيائونس، ڌڙ ڀلي پيو ڌوڙ پائي. پٺاڻ هڪڙا ماريا ٻيا ڀڄي ويا. هي پهلوان سرمرا سڀ سلامت بچي ويا. انهي سوڀ جون به وڻ وڻ واڌايون اچي ويون ته يارهن ٻارهن پهلوان، ست لک لشڪر ترار سان کپائي، سوڀ ڪري، اچي پنهنجي طنبوءَ ۾ گڏجي ويٺا. اتي منگر دودي جو پٽ اُٿي پيءُ کي بيت ڪرڻ لڳو:

بابا! چنيسر راء کان آهي ڪانه هٿان پيئي
قصا ڪندين ڪينرا ڳالهه هٿان ويئي.

منگر اٿي پنهنجي پيءُ کي چوڻ لڳو ته: بابا! چاچي ڪابه گهٽتائي اسان جي باري ۾ نه ڪئي آهي، توهان ٻئي ڀائر پاڻ ۾ صلح ڪريو، باقي عالادين پنهنجي اهڙي دٻ سهندو، جهڙي هنن ستن لکن جهلي آهي. دودو چوڻ لڳو ته: تون سچو آهين. ائين ڪريان کڻي پر ڳالهه جو انصاف نه ٿيندو. هاڻي لڳي ته سـَـٺـِـي، ڀلي ته ڳالهه هڪڙي پاسي ٿئي. هينئر پرچاءُ ڪندس ته چنيسر کي پڪ ٿيندي ته مون سان نه پرچي ها، پر عالادين جي خوف کان پرتو. اها ڳالهه ڪري پاڻ تيار ٿيڻ لڳو، ۽ سر ڪنڊ سوڍي کي چيائين ته: دوست ٻيلي ۾ ڦٽا ڪيا اٿئون جن جي ڪا خبر ڪانهي، تيار ٿي ته هلنداسون. سي وهٽن تي سوار ٿي هليا ويا. سالڪن چيو آهي:  ”سـُـڌو سونهان ڏين، ديواني درياهه جون“ . سومرن جو جيڪو لشڪر ننگر ڏي آيو پئي انهن اها خبر ٻڌي ته اسان تـِـٿ تاريخ تي نه پهچي سگهياسون، اسان کان اڳي دودو آيو، جو اها لڙائي گهرام خان واري ماري فتح ڪري ويو، تڏهن ايمان ٿين، ۽ منزل پري ڪيائون. ٻئي ڏهاڙي تي ننگر کي رڻ ميدان ۾ اچي لشڪر مليو. ننگر، عالادين بادشاهه ڏي خط لکيو ته: ڇو ٿو مسڪينان مار ڪرائين، تون چڙهي آءُ ميدان ۾ ته ڪا ڪل پويئي! خط عالادين کي مليو ۽ خبر ٻڌئين ته ست لک مارجي ويا، هڪڙو ڪونه وريو جو خبر ٻڌائي. ڄڻ کا پيئڻ بلا هئي جا سڀني جو ساهه پي ويئي. تڏهن صلاح ڪيائون ته: هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ صلاح ٺاهيئون ته: سڀڪنهن ڪم جو آهي سوڻ، اهڙو ڪو سوڻ ڪـَـريون جنهن ۾ فتح پائي ڪاميابي ڪريون. عالادين چيو ته: اهو ڪهڙو سوڻ ڪريون جنهن ۾ ڪاميابي ٿئي؟ ته سندس ماڻهن چيو ته: سائين جن جو هاٿي رڻ ميدان ۾ بهاري، مٿان پالڪي رکوس، پالڪي ۾ ترار رکو، ترار سان گڏ کٿوري جو ٻـِـيڙو به رکو. هاٿي جو راشن بند ڪريو، جيسين ڪو صوبو پنهنجي خوشيءَ سان اچي ترار هاٿي تان لاهي، کٿوريءَ جو ٻـِـيڙو پڳ ۾ وجهي، ترار لڙائيءَ لاءِ کڻي وڃي ننگر سان جنگ ڏئي. اها ڳالهه ٻڌي عالادين فيصلو منظور ڪيو. هاٿي ميدان ۾ بهاريائون. هاٿي جو کاڌو پيتو بند ڪري ڇڏيائون.

انهي ڳالهه کي ٽي ڏهاڙا گذر ٿي ويا. هاٿي ويٺو ريهون ڪري، جنهن کي ٽي ڏهاڙا کاڌو نه مليو. انهيءَ وچ ۾ ڪيترا صوبا آيا، هاٿي جي حقيقت معلوم ڪري پوئين پيرين ڀڄي ويا. پـِـيلوان کي چيو وڃن: اها اسان جي ڳالهه متان ڪرين ته ڪي فلاڻا فلاڻا آيا هئا. ٽئين ڏهاڙي کان پوءِ هـَـنبـَـس نالي پٺاڻ، نظر بيگ جو ڀاڻيجو، چوڏهن ورهين جي ڄمار، جنهن کي نـَـو لک لشڪر مليل هو، سو اها حقيقت ٻڌي ته هاٿي کي ٽي ڏهاڙا گذر ٿي ويا آهن، هاٿي جو راشن بند آهي، ترار ننگر جي لشڪر تي کڙي آهي، نڪو ٿو صوبو ڪو ترار لاهي لڙائي قبول ڪري، نڪي ٿو هاٿي کي راشن ئي ملي، لشڪر اهڙو ڀاڙي ٿيو آهي جو سومرا پري کان ٺلهيون تاڙيون وڄائين ته اسان جو لشڪر سڀ ڀڄي وڃي عالادين کي سومرا اڪيلي مارين. سو ڀڙڪو ڏيئي يڪدم هاٿي تي چڙهي ويو. ترار کڻي چيلهه سان ٻڌائين، کٿوري جو ٻـِـيڙو پڳ ۾ ٻڌائين ۽ پنهنجي مامي نظر بيگ جو اچي سلام ڪيائين. نظر بيگ پڇا ڪرڻ لڳو ته: سڀڪو هڪڙي ترار کنيو گهمي، اڄ تو ٻه تراريون ٻڌي آيو آهين، انهيءَ جو مطلب ڇا آهي؟ هنبس چوڻ لڳو ته: ماما! لڙائي قبول ڪري آيو آهيان. سڀاڻي رڻ ميدان ۾ ننگر سان لڙائي ڪبي. نظر بيگ چوڻ لڳس ته: ابا! لڙائي ٿي منظور ڪيئي ته مون کان پڇين ها. توکي خبر آهي ته منهنجي ۽ چنيسر جي پاڻ ۾ ياري آهي، هاڻي اهو جهيڙو پنهنجي گهر جو ٿي پيوسون جو اسان پاڻ ۾ پـَـڳون مٽايون آهن، اها ڳالهه ٿي ماري. هنبس چوڻ لڳو ته: ماما! پڳ تو ۽ چاچي چنيسر مٽائي آهي، مون ۽ ننگر پاڻ ۾ پڳ نه مٽائي آهي. منهنجون ۽ ننگر جون ڳالهيون رڻ ۾ ٿينديون. باقي ماما! منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃ، چنيسر کي تون چئو ته پنهنجي پٽ کي چوي ته لڙائي ڪري ترار جي، جنهن ۾ شيهو دارون، ڪان ڪمان، توف بندوق ڪم نه اچي، جو مرد جي انصاف جي خبر نٿي پوي. سومرا تير انداز آهن، پري کان ساڙيو ٿا وجهن. پلٿي مان ڪونه ڄاڻن، تنهنجي چنيسر کي چئو ته پـُـٽ پنهنجي کي جهلي. توفون بند ڪري، ترار جي لڙائي ڪري. اها ڳالهه ٻڌي، نظر بيگ کي پڪ ٿي ته هاڻي سومرن تي فتح هنبس جي ٿيندي، جو هو پلٿي مان ڪين ڄاڻن. اها ڳالهه رٿي نظر بيگ هلي چنيسر وٽ آيو ۽ چنيسر بيت ڪرڻ لڳو:

لـِـک پروانا پٽ ڏي، توکي چوان چنيسر راء
ته ڪانُ هڻائي ڪونه ڪو، ڪري بندوقن کان بس
هنبس آهي ننڍڙو، وڙهندو ڪهڙي وس.

نظر بيگ وزير، چنيسر کي چوڻ لڳو ته: اڄ ٿوري لاهڻ جو ڏينهن اٿئي، اهو ڏينهن ياد ڪر جو عالادين دلي مان نٿي تيار ٿيو، پر رياءُ ڏيئي ڪنهن به تجويز سان مون هن ميدان تي آندو آهي. هاڻي اهو منهنجو ٿورو لاهه، جو تون پنهنجي پٽ کي چئو ته لڙائي ڪري ترار جي، توف ۽ بندوق ۾ مردن جي انصاف جي خبر نٿي پوي. يار آهين ته منهنجي اها منٿ مڃ. چنيسر کي چوڻ لڳو ته: مان حاضر آهيان. پوءِ پنهنجي پٽ ڏي هن ريت لکڻ لڳو:

هڻي قلم ڪاغذ تي، ڪيئين رُقعا روانا
ته اسان نظر بيگ جا، آهيون ٻچن سان ٻانها
تون ڪانُ هڻائجان ڪونڪو، ڪجان بندوقن کان بس
هنبس آهي ننڍڙو، وڙهندو ڪهڙي وس.

اهو خط پٽ ڏي روانو ڪيائين. خط ننگر کي مليو. خط پڙهي ننگر وري خط جي پـُـٺ تي لکي موڪليو ته: بابا! جا تو نبيري اها منظور آهي. خط واپس چنيسر کي مليو. چنيسر کي عقل ايندو هو پوئڀرو. سو دل ۾ چوڻ لڳو ته: سالڪن سچ چيو آهي ته  ”سياري جي سوڙ سڀڪو پاڻ ڏي سيريندو آهي“ . نظر بيگ مون سان اها چڱي نه ڪئي آهي. سومرا ترار ۽ پلٿي مان نه ڄاڻن، سو وري پٽ ڏي خط لکيائين:

هڻي قلم ڪاغذ تي، ڪيئين رقعو روانو
ته ڪانءُ کٽولي نه وڃي، جڏهن کڻي خان کنو.

پٽ ڏي لکيائين ته: ابا ننگر! هن خط ڏٺي لڙائي توف ۽ بندوق جي ڪجانءِ، ترار ۾ پٺاڻ ڏاڍو آهي. اهڙو پلٿي باز آهي جو ڪانءُ پکي کٽولي هيٺان نڪري وڃي. هڪڙو پٺاڻ چارئي بند کٽولي هيٺان ويهي، پٺاڻ کنو کڻي اُٿي، ڪانگ کي حاجت نه ٿيندي جو کٽولي جا بند ڪري بيهي رهندو. تنهنڪري لڙائي ڪجئين ڪان ڪمان ۽ توفن بندوقن جي. اهو خط ننگر کي موڪلي ننگر خط پڙهي وري پيءَ ڏي لکيو ته: پهرين ڳالهه منظور آهي، پوئين نامنظور آهي. متان پٺاڻ تڪبر ڪن ته ترار جي لڙائي ٿئي ها ته اسان سومرن کي ماري وڃون ها.

اها ڳالهه اتي رهي. پوئتي هنبس پٺاڻ ۽ نظر بيگ وزير گڏجي عالادين پٺاڻ وٽ آيا ته ايترا ڏهاڙا جا جنگ ٿي آ، سڀ پنهنجي هار ٿي آهي ۽ انهيءَ لڙائيءَ ۾ کـُـٽڪا هئا. هي لڙائي ترار جي آهي، جنهن ۾ ڪوبه انديشو ناهي. ٻه پاڻ ۾ وڙهندا ٻيو سڀڪو ئي مزو ڏسندو. هاڻي روبرا هلي ڏس ته پٺاڻ ڪيئن ٿا جنگ ڪن ۽ سومرا ڪيئن ٿا مرن. هنبس کي لڙائي جو سامان مليو. عالادين به تيار ٿيو، نظر بيگ وزير، چنيسر ۽ ٻيا ڪيترائي سومرا سردار، لڙائي جي تماشي ڏسڻ لاءِ تيار ٿي رڻ ميدان ڏي ڪاهي آيا. شاعر بيت شروع ٿو ڪري:

پهر سج جي لڏيا، هنبس جا سامان
ٻارهن سؤ ٻگي ملي، گاڏين جا گهمسان
بادل جيئن برسي چڙهيو، ڪري آگم ميگهه ملهار
جين کنوڻ تجلا اُڀ ۾، ڇنڊي جامڪين جنسار
اچي لٿو رڻ منهن تي، بيٺو روپاهه ڪري الغار.

نـَـوَ لک لشڪر وٺي هنبس اچي رڻ ميدان ۾ لٿو. ننگر جا يار، سوائي سمون، ڇٽو جاڙيجو ڀٽي، مـُـنگر دودي جو پٽ، اُهي رڻ ميدان گهمندي ديدار ڪندي آيا ته پٺاڻ جي لشڪر تي نظر پين. هنن جو شراب پيتل هو، سو نشي جي بهاري ۾ اچي ننگر کي بيت ڪرڻ لڳا:

آيا يار ننگر جا، عـَـلـمَ طوق چون
نر نشي نوازيا،  ’علي علي‘  ڪن
تون جوٽ جنگيون منهنجا پرين، اهڙيون ملهون ڪير لهن
ڀلي بادل برسن رُڪ جا، اڄ جنگيون جوڀن ڪن.

ننگر جا يار ننگر کي چوڻ لڳا ته: اسان جا ڄاڃي رڻ ميدان ۾ اچي لٿا آهن، اسان کي موڪل ملي ته نشي جي بهاري ۾ بيٺا آهيون، هتان نـَـوَ لک ڌڪ ڇـُـٽي وڃن، اهو لشڪر گم ڪريون، سڀاڻي وري ليکو نئين سئين. ننگر اها ڳالهه ٻڌي يارن کي بيت ڪرڻ لڳو:

اِهي خلقيا آهن خدا جا، اُمتي مصطفيٰ
نـِـيمڪ سندي ننگ تي، صدقو ڪيو اٿن ساه
سڀاڻي سوڀون وس ستار جي، جني ڏياري الله.

ننگر چوڻ لڳو يارن کي ته: خبردار! چوري وڙهندا آهن چور، متان ڪو چوري وڙهي، متان چون ته چوري ماري ويا، ٻولائي وڙهنداسون. سڀاڻي رڻ ميدان ۾ جو مرد جيترو گهوڙو ڊوڙائيندو انهيءَ جي اوتري سوڀيا ڳائبي، ڀلي ته رات جا چار پهر سڀڪنهن کي خير سان گذر ٿي وڃن. آخر سج لهي ويو، رات پئجي ويئي. سڀڪو پنهنجين جاين تي رهي پيو. رات وهاڻي، پرهه باکون کنيون، پٺاڻ اُٿي جنگ جو نغارو ڪري، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، سو ڀلي بيت ڀـُـڪائي:

رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
غوث بهاؤ الحق جو نر هڻي نعرو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، لڳو هنبس نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، هلي آءُ ننگر تون آءُ
ننگر چڙهيو ديم سان، ساري حضرت شاه
ساوا پـِـيلا گلاب جا ٻڌا جـُـهڙ جهنڊين
اچي وڙهيا ڪٽاريين ڪاتيين، ٿا بڙڇون ڀالَ هڻن
مردن مٿان رڪ جون، تاوَ تراريون ڪن
مر سي مائن ڄائيا، اورانگهيو اچن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، للهنگ ٿا ليٽن
کنا خفيفن جا واڪي ساڻ وڄن
پرزا پوشيدن جا اُڏريو عرش وڃن
نديون نير پلوٽيون، وڳهه واهه وهن
عضوا اُمرائن جا لوهؤ منجهه لڙهن
سسيون آهن سومرن جون، ڪلر منجهه ڪرن
هي دُزيجـِـي داناء آهن، حاجي زئي هڻن
گهوڙا پاريل تن جا، ڊوڙيو ڌڪ هڻن
ڪاڪڙيجي ڪاهه ڪيو  ’علي علي‘ ڪن
هنيو سنگينون سامهڻيون، وڃو گهوڙي پيٽ لڪن
سانـَـهه ڪريو پون سومرا، ڪريو پـَـها پٽ پون
آيا يار ننگر جا، ٿا روئن رت ڦڙا
پلٿي باز پٺاڻ آهي، تنهن جـُـنگ سان ناهي جاءِ
سڀ ماريندو سومرا، ڪنڌ مڙن لهندا.

اها پهرين لڙائي جا هنبس ۽ ننگر ترار سان ڪئي، تنهن ۾ پٺاڻ سڀ پلٿي باز هجن، جو سومرن کي ڌڪ هڻڻ ئي نه ڏين. ڪلهن تان ٽپيو وڃن، لانگن مان وهيو وڃن، بغلن مان نڪريو وڃن. سـِـپرن هيٺان ويهو وڃن، يا گهوڙي جي پيٽ هيٺان لڪيو وڃن، ڌڪ هڻڻ ئي نه ڏين. پٺاڻ جو وارو اچي ته سومري جو اِئين سر کنيو وٺن، جيئن تکو ڪنڀار چڪ تان ٿانءُ کي لاهي وٺي. اهو تجربو ڏسي ننگر جا يار ننگر وٽ هلي آيا ته لڙائي جهل، لڙائي ڪنداسون ڪانُ ڪمانَ جي، جو پٺاڻ اسان کي هٿ نٿا لائڻ ڏين. پلٿي باز آهن. هنن کي پري کان وڙهبو ته مرندا، جي نه ته ترار جي لڙائي ۾ سومرا سڀ ڪـُـسي ويندا. ننگر چيو ته: لڳي ته سـَـٺـِـي. هاڻي آءٌ اوهان کي نيڪ صلاح ٿو ڏيان، سو ننگر يارن کي صلاح ڏي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي، سو ڀلي ڀڪائي:

ننگر تن يارن کي، ڏي ٿو نيڪ صلاح
دُ دستيون داناهن کي وڃي هنن منجهه هڻو
مر ٻئي پرزا ٿين پاڻ ۾، گهوڙي سوار مري.

ننگر چوڻ لڳو ته: اوهين پاڻ چئو ٿا ته گهوڙي جي پيٽ هيٺان ٿا لڪن، ٻه هٿڙي تلوار جهلي  ’علي علي‘ ڪري هڻو، سنجن مان، گهوڙي مان، پٺاڻ مان ڀلي وڃي زمين ۾ وات وجهي. گهوڙو ته ڇڏي ڪونه ٿا وڃن. اها ڳالهه ٻڌي سوائـِـي سمي دل ۾ ويچار ڪيو ته نالو رڳو آهي ننگر جو، ڇو نه انهين صوبي کي گهوڙو ڪاهي آءٌ وڃي ماريان ته ڪا منهنجي به واهه واهه هلي. سو هنبس جي لڙائي تي گهوڙو ڪائي هلي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي، ڀلي بيت ڀـُـڪائي:

سوائي گهوڙو ڪاهيو، نڪتو ساري حضرت شاه
داهوڙي ديمين مان، اچي هنبس لڌائين
هنبس چيو پـِـيلوان کي، هاٿي تون جهڪاءِ
ڀلي مرد وڙهن ميدان ۾، پوي سانـَـن جو سماء
هن ٿي وس وڏا ڪيا، وڃي باشو بغل منجهاء
يارهن ڌڪ ترار جا، لڳا سوائي مٿي ڏانهه
سوائي آهي هٽيو، هٽي آيو نـِـيري ڏانهه
هنبس چيو هسوار کي، ترسي گهوڙو ڪاه
ڀڳي پٺيان آءٌ نه پوان، لولي ڏني نه ماء.

جڏهن سوائي سمون گهوڙو ڪاهي هليو. ڳولي هنبس کي هٿ ڪيائين. هنبس مٿي هاٿي تي سوار ٿيل هو. پنهنجي پيلوان کي چيائين: هاٿي کي ويهار ته ڀلي مردن جو مقابلو ٿئي. اچي ٻئي پهلوان ميدان ۾ ترار جي لڙائي ڪرڻ لڳا. انهيءَ لڙائي ۾ روبرو عالادين، نظر بيگ، چنيسر ۽ ٻيا ڪيترا صوبا ۽ سردار، مقابلو پئي ڏٺائون. هنن پهلوانن لڙائي ڪئي. جنهن ۾ سوائي سمي جو وارو اچي ڌڪ هڻڻ جو ته پٺاڻ پلٿو ڪيو سـِـپر هيٺان ويهو وڃي، ڪلهن تان ٽپيو وڃي، سندس لانگ هيٺان نڪريو وڃي، ڌڪ نه هڻڻ ڏي. پٺاڻ جو وارو اچي، سـَـٽڪو ترار ڪرائي. هڪڙو وارو ڀـِـي گـُـسائي نه. ڌڪ هڻندي وڙهندي يارهن ڌڪ سوائي سمي کي جان ۾ لڳا. ڇا انسان، ڇا ترار! پر جان تي زره هئي، جنهن ڌڪ ٿي جهليا. جان چپجي پئي ٿي ڌڪ ۾، مگر وڍجي نٿي سگهي. تنهن ۾ سوائي سمي کي پڪ رهي ته ڪنهن جي به حاجت ناهي، جو پٺاڻ سان مقابلو ڪري، سو پـِـڙ ڦاڙي ڀـَـڳو. پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿي، گهوڙي کي اچي اَڙين تي دٻ ٻڌئين. پٺاڻ چيس ته: هري هري پيو وڃ، ميدان ڇڏي ڀڄي ويندي، پٺيان نه ايندوسئين. سوائي سمون گهوڙو ڊوڙائي اچي ڇـُـٽي جاڙيجي ڀٽي کي چوي ته: پٺاڻ جون اکيون آءٌ ڏسي آيو آهيان، ڪنهن جي حاجت ناهي جو پٺاڻ کان گوءِ کڻي، تون ننگر کي جهل ته لڙائي ڪنداسين ڪانُ ڪمانَ جي. ڇـُـٽي سوائي کي چيو ته: آءٌ تو جهڙو ٿي اچان، پٺاڻ سان پنهنجو ڀاڳ آزمائي اچان، تنهن کان پوءِ ننگر کي جهلبو. سو ڀـَـٽـِـي گهوڙو ڪاهي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌاءِ.

ڇـُـٽي گهوڙو ڪاهيو، نڪتو ساري حضرت شاه
داهوڙي ديمين مان، اچي هنبس لڌائين
هنبس چيو پـِـيلوان کي، هاٿي تون جهڪاءِ
ڀلي مرد وڙهن ميدان ۾، پوي سانـَـن جو سماء
هن ٿي وس وڏا ڪيا، وڃي باشو بغل منجهاء
چوڏهن ڌڪ ترار جا، لڳا سوائي مٿي ڏانهه
ڇـُـٽو آهي هٽيو، هٽي آيو نـِـيري ڏانهه
ڀڳي پٺيان آءٌ نه پوان، لولي ڏني نه ماء.

ننگر جو ٻيو پهلوان ڀـِـي چوڏهن ڌڪ ترار جا جهلي، پڙ ڦاڙي ڀڄي ويو. چنيسر روبرو پئي ڏٺو، تنهن کي وڏا ڪي ساڙ ۽ درد پيدا پئي ٿيا، سو صبر ۾ رهجي ويو. هـِـن پهلوان ڊوڙي اچي مـُـنگر، دودي جي پٽ سان حقيقت ڪئي ته: پٺاڻ پلٿي باز آهي، پنهنجي سؤٽ کي جهل ته جنگ ڪنداسون ڪانَ ۽ ڪمان جي. مـُـنگر به چوڻ لڳو ته: آءٌ ڀي اوهان جهڙو ٿي اچان ته پوءِ سؤٽ کي جهليندس. ڇو ته لڳيون ڀڳيون آهي. متان هڪٻئي کي طعنو مهڻو ڏئي وٺون. ڇو نه انهي صوبي سان آءٌ پنهنجو ڀاڳ آزمائي وٺان. سو پهلوان گهوڙو ڪاهي هلي هنبس جي لڙائي تي، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌاءِ. سو ڀلي بيت ڀـُـڪائي:

مـُـنگر گهوڙو ڪاهيو، ساري حضرت شاهه
سـَـٿريون وجهي پيو سومرو، جـِـيوين لنب جو لـُـبي گاه
داهوڙي ديمن مان، اچي هنبس لڌائين
هنبس چيو پـِـيلوان کي، هاٿي تون جهڪاء
اِهو ٻيلائي اچي ٿو ٻهڪندو، جنهن جو پئي ٿو ڪونه سماء
ڀل مرد وڙهن ميدان ۾، پوي سانـَـن جو سماء
اهو آهي ننگر سومرو، وڳهه جو وريام
هن ٿي وس وڏا ڪيا، وڃي باشو بغل منجهاء
ارڙهن ڌڪ ترار جا، لڳا مـُــنگر مٿي ڏانهه
تان ڀـِـي ٽـَـڪر ٽـَـريو هو ڪينڪي، پوي جبل ڪونه سماء
لائي جنگ اُتر کان، ننگر اوڀر ڏي آيو
لائي جنگ اوڀر کان ننگر ڏکڻ ڏي آيو
لائي جنگ ڏکڻ کان ننگر اولهه ڏي آيو
چوطرف چوڌار جو اچي مڳ وڌو مارو
جيئن ڪڙڪي پئي ڪـَـپر ۾، تـِـيئن لهر ٻڌو لوڏو
تيرهن سؤ تـُـرڪن جا، ويو جهوٽي ساڻ جهـَـڙي
هڻي تراڙ تـُـرڪ کي، جنهن جو پڙ ڪيئين پالهو
اِنهن وڙهندي پاڻ ۾، مٿان آيو ننگر راءِ
چنيسر چيو ننگر کي، اڃا هنبس جيئرو آهه
مار مرد ميدان ۾، جنهن ويڙهيو ويرا واهه.

جڏهن مـُـنگر گهوڙي ڪاهي هليو پٺاڻ جي لڙائي تي، ٻه تراريون هٿ ۾ اٿس، ٻئي پاسا تلوار واهڻ شروع ڪيائين. اهڙي قسم جي تيغ هلايئين جو جيسين هنبس تائين رسيو تيسين هزارين پـَـڳر سٿا ڪيئين. هنبس پٺاڻ کي پڪ ٿي ته ننگر سومرو اهو آهي. پنهنجي پيلوان کي چيئين ته: هاٿي کي ويهار، اهو ننگر سومرو آهي، جنهن جي مقابلي لاءِ آءٌ بيٺو آهيان. هاٿي ويهاري، پاڻ ڀڙڪو کائي لهي پيو. اچي پاڻ ۾ تلوار جي جنگ شروع ڪيائون. هڻندي وڙهندي اَرڙهن ڌڪ ترار جا منگر جي جان ۾ لڳا آهن. ته به شاعر ڏيکاريو آهي ته جهڙا ڪـِـي پهاڙ ۽ جبل ۾ ڌڪ لڳا آهن، انسان جي جان ناهي، پٺاڻ کي هڪ ڇـُـهنڊو به جان ۾ نه لڳو آهي. پر پٺاڻ پنهنجي ڀڄڻ ۽ پلٿي ۾ ايترو بـَـغان ٿي پيو، جو هن پهلوان ڌَڪيل کان به وڌيڪ. ٻئي گوڏا کڻي ڌوڙ ۾ ڦـِـٽا ڪيئين. ماٺ ڪري ويهي رهيو. هـُـن پهلوان کي اڳئي ارڙهن ڌڪ هئا جان ۾، سو به انهن ڌڪن جي سبب پـِـڙ ۾ ويهي رهيو هو. ايتري طاقت نه هئن جو هلي وڃن هڪٻئي ڏي. چنيسر سومري کي وڏا درد ۽ ساڙ ٿيا ته ننگر جا ٻه پهلوان ڀڄائي ڪڍيئين، ٽيون گهايو ميدان ۾ ويٺو آهي. واهواهه پٺاڻ جي پئي هلي. ايتري ۾ ننگر ڏسي ته منهنجو سؤٽ مـُـنگر ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي. متان ڪٿي مارجي ويو، سو پنهنجي سؤٽ جي ڳولا تي چارئي طرف گهوڙو ڊوڙائي ڳولڻ لڳو. تنهن ۾ اهڙي ترار واهيئين جو شاعر ڏيکاريو آهي ته جيئن پاڻيءَ جي لهر ٿئي، هڪڙي ڇولي ڪپر ۾ لڳي، تهتان مٿان ٻي سٽڪو ڪري. جتي جتي هنبس ۽ منگر پئي وڙهيا، اُتي ماڻهن جو وڏو ميل متل هو. ننگر کي شڪ پيو متان منهنجو سؤٽ انهي مـَـيل ۾ آهي. اُنهي متي مـَـيل تي گهوڙو ڪاهيئين. اچڻ شرط تلوارن جا سٽڪا ٻڌئين، جو تيرنهن سؤ هڪدم ماري ويو. هڪڙا ماريا، ٻيا ڀڳا. ننگر ائين آيو جيئن پکين ۾ باز پوي. جڏهين اها لڙائي ننگر جي چنيسر ڏٺي، اتي چنيسر کي خوشي حاصل ٿي ۽ ڪجهه منهن تي پاڻي پيس، ۽ ننگر کي چوڻ لڳو ته: ٻيا ڇو ٿو مارين، مار ته هنبس کي مار، جنهن تنهنجا ٻه پهلوان ماري ڊوڙائي ڪڍيا، اهي ٻئي ڀڄي ويا، ٽيون سؤٽ گهايو ميدان ۾ ويٺو اٿئي. اهي چنيسر جا لفظ ٻڌي هنبس پٺاڻ تڪبر ڪرڻ لڳو:

مون جيڏو مون سرتو، مونکي ماري ڪير
ماري انهن سومرن جا، آءٌ ڍونڍ ڪندوسئين ڍير
آءٌ چڙهندس وڳهه ڪوٽ تي، جتي دودو ديمين سان.

چنيسر کي هنبس پٺاڻ  چوڻ لڳو ته: وڏا ڦٽ تڏهن جاڳندئي، جڏهن وڳهه ڪوٽ ۾ وڃي دودي کي ماريندس.  دودي جو نالو ٻڌي چنيسر پنهنجو پاڻ هاٿي تان کڻي هيٺ ڦٽو ڪيو. چنيسر چوڻ لڳو هنبس کي: گيدي، لهي آءُ علي جي ميدان ۾. مون سان مقابلو ڪر، تنهن کان پوءِ دودي جا نالا وٺ. هنبس چوڻ لڳو: منهنجا سـَـن سـَـرتا ٻه ڄڻا بيٺا آهن، انهن ننگر ۽ منگر مان چڙهان ته پوءِ تون ڀـِـي هليو آءُ! جيڏي مهل اها ڳالهه هنبس ڪئي، چنيسر کي کار لڳو. سومرن کي جڏهن ڪاوڙ ايندي هئي تڏهن عقل جي واڳ ڇڏائي ويندي هونِ. سو چنيسر پنهنجي پٽ کي چوڻ لڳو ته: منهنجو حلالي فرزند آهين ته پٺاڻ وٽ ڀلي ترار هجي، تون ترار ڦٽي ڪر، هٿين خالي ٿي مارينس. دنيا ڏسي، جيڪو دودي جا نالا ٿو وٺي. پوءِ حلالي پٽ به اهي، جتي سرن جا سؤدا هئا، دنيا دم گذر سمجهي مائٽ جي فرمانبرداريءَ کان ٻهر نه نڪتا. اها ڳالهه ٻڌي، ننگر ترار اُڇلائي جا ڀرڙاٽ ڪري پري وڃي ڊٺي. مـُـنگر ڀڙڪو کائي اُٿيو. سؤٽ کي بيت ڪرڻ لڳو:

هـِـن کي عقل اڱارن جو، سيڪ سنداڻن ساء
ائين پڳ وڃايئين پنهنجي، پڇڻ هليو هو ماء
هي پلٿي باز پٺاڻ آهي، تنهن جـُـنگ سان ناهي جاء.

تنهن تي ننگر ورندي ڏني ته:

نڪي آهن دؤر درياء جا، نڪي ٻري آڙاهه
آهي آدم جو پٽ آدمي، ڏئي لت ڪڍانس ساهه
نه ته سوڀون وس ستار جي، جني ڏياري الله.

مـُـنگر هڪل ڪري پنهنجي سؤٽ کي چوڻ لڳو: چنيسر کي عقل هجي ها ته پڳ نه وڃائي ها. هو اڳئي پلٿي باز پٺاڻ آهي، جو ڌڪ هڻڻ نٿو ڏئي. انهي جي نالي چوي ٿو ته هٿين خالي ٿي ۽ مقابلو ڪر. هي به تنهنجو وڏو ويري آهي. ترار سان ماريئي ته به سوڀ تنهنجي آهي. هـِـن چرئي جي چوڻ تي لڳي ترار نه ڦٽي ڪر. ننگر چوڻ لڳو پنهنجي سؤٽ کي: درياه ڪونهي جو ٻوڙي وجهندو. آڙاهه ناهي جو ساڙي وجهندو. مون جهڙو انسان آهي. جي مونکي سوڀ ملڻي هوندي ته لتن ۽ مڪن سان جهـَـڙي ماريندوسانس، ۽ جي نه ملڻي هوندي ته ترار سان ڀي ڪانه ملندي. مائٽ جو چوڻ برجاءِ ڪري وري واپس نه هٽائيندس جـِـي جـِـي آخر مرڻو آهي.  ”رهندي وڃي ڳالهه، هاڙهي ۾ هوتن جي“ . ائين چئي ٽي هڪلون ڪيئين موليٰ علي مشڪلڪشا کي ته: فتح جو مالڪ به تون آهين، ميدان به تنهنجو آهي. ائين چئي پٺاڻ کي هوڪاريئين، گـِـيدي! لهي آ علي جي ميدان ۾ ته ڪا ڪـَـل پوئي! ڏسو، هٿيار وارو باز آهي، بي هٿيارو چـِـڙِي جي مثال آهي. سمون سوڀ ڪري، شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، سو ڀلي بيت ڀـُـڪائي:

چـِـڙي وڙهي ٿي باز سان، جنهن جو حامي حضرت شاه
هـِـن تي وڏا وس ڪيا، هـِـن لـُـڏڻ ڏنا هئا لاهه
اچي چنبو وڌائينس چـُـوڙ ۾، ٿيس امر ڏانهن الله
پڇاڙي پرزا ڪيئينس، جيوين ڌوٻي ڌوئي ڪپڙا
وٺ ڀاڻيجو پنهنجو، جنهن ويڙهيو ويرا واهه
کڻي وڃ خان کٽن تي، تنهن عالادين اڳياء.

ننگر ميدان ۾ بيهي ٽي هڪلون ڪري، هڪل ڪئي پٺاڻ کي ته: لهي آءُ ميدان ۾. هنبس وٽ ترار هئي. ننگر وٽ ترار ڪانه هئي، پلٿو ڀي ڪونه ايندو هوس. دل ۾ خيال ڪيئين ته اهڙي تجويز ڪريان جو دشمن مونکي ڌڪ نه هڻي وڃي. جنهن مهل پٺاڻ ترار کڻي ننگر کي ويجهو آيو، ننگر پنهنجا پير سنڀالي، وٺي ڀڙڪو کاڌو. ايڏو ٽپ ڏنئين جو مڙس کان، ترار کان ٽپي هن پاسي وڃي لٿو. اهڙي طرح ٽپ ڏيندي ڏيندي،پٺاڻ کي بغان ڪري وڌئين. ننگر دل ۾ ويچار ڪيو ته هينئر پٺاڻ ٿڪي پيو آهي ۽ خطا ٿيو بيٺو آهي. وٺي چوٽ ڪيائين، جنهن هٿ ۾ ترار هئس، انهي ٻانهن ۾ ننگر جو هٿ پئجي ويس. پهلوان جو هٿ پيس ۽ پٺاڻ جا ڏينهن پورا ٿي ويا. ائين زمين تي واريئينس جيئن تـِـکو کٽي ڦرهي تي لـَـٽي کي سـَـٽي. ائين هڻندي کڻندي، کل مان هڏيون مٽائي وڌئينس. وٺي جو هٿ جي اُڇل ڏنئينس ته جنهن هاٿي تي نظر بيگ سوار ٿيل هو، انهي هاٿيءَ واري پالڪيءَ جي ڪـُـنڊن ۾ هنبس جو لاش وڃي اٽڪي پيو. ننگر چيو ته: جنهن دودي جا نالا پئي ورتا، اُهو کڻي عالادين کي ڏيکار ته دودي سان لڙائي ڪرڻ جهڙو آهي يا نه؟ هنبس ماريو، ٻئي لشڪر ڀاڄ ڏني. چنيسر ۽ نظر بيگ بيهي رهيا. ننگر پنهنجي ڪمر تان پنهنجي هڪڙي لـُـنگي ڇوڙي، هنبس جي مٿان اوڇاڙ نموني پهرائي. نظر بيگ کي چيائين ته: بابي جو پڳ مٽ يار آهين. هي ننگ ۽ وڙ ۾ لـُـنگي ٿو ڏيان. نظر بيگ چيو ته: لـُـنگي پنهنجي موٽائي وٺ. ننگ وڙ آهي منهنجو ۽ چنيسر جو. توسان پلاند اٿم هنبس جو. جڏهن هنبس جو پلاند وٺندس، تڏهن چنيسر ۽ آءٌ گڏجي هڪٻئي سان ننگ وڙ ڪنداسين. ائين چئي هنبس جو لاش کڻايو هليو ويو. اچي عالادين سان مليو. عالادين چيو ته: منهنجي لشڪر جا ٻه صوبا هئا جابر پهلوان، هڪڙو شيدي بانڪو برخوردار ٻيو هنبس، ٻئي ننگر ماري ڇڏيا. هاڻي اهڙو ڪو ٻيو صوبو ڪونهي جو ننگر سان لڙائي ڪري. نظر بيگ چوڻ لڳو: هاڻي ڏاڍا ۽ هيڻا نه پڇائبا، ماڌن مـُـلڪ وزير کي حڪم ڪريو ته چڙهي وڃي جنگ تي. ماڌن مـُـلڪ وزير کي گهرائي عالادين حڪم ڏنو ته: جنگ جو سامان کڻ، وڃي ننگر سان لڙائي ڏي! سو ماڌن ملڪ وزير تياري ڪري، ڏهه لک لشڪر وٺي، هلي جنگ تي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي، پر ڀلي بيت ڀـُـڪائي:

سانجهي جو لڏيا، ماڌن جا سامان
جنهن کي ٻارهن سؤ ٻگهـِـي ملي، مليا گاڏن جا گهمسان
بادل جيئن برسي چڙهيو، ڪري آگم مينگهه ملهار
اچي لٿو رڻ منهن تي، روپاه ڪري الغار.

ماڌن ملڪ وزير جنگ جو سامان کڻي، ڏهه لک لشڪر وٺي، باقي پهر پويون سج جو هو، اچي رڻ ميدان ۾ خيما کوڙيئين. سج لهي ويو، رات پئجي وئي، سڀڪو پنهنجن جاين تي رهيو. باک ڦٽڻ مهل پٺاڻ جنگ جو نغارو ڪري، فقير چئي ٻڌائي:

رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
غوث بهاؤ الحق جو نر هڻن نارو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، وڳو گهرام نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، هلي آءُ ننگر تون آءُ
ننگر چڙهيو ديم سان، ساري حضرت شاهه
ساوا، پيلا، گلاب جا، ٻڌا جهڙ جهنڊين
گاجين گجيا گـُـرزڙا تاوَ رکيا توفن
گل ميخون گاڏين کي، بيٺا جوان جـڙنَ
لاهه لارين وڏا ڏنا، بس نه بندوقون ڪن
ڪارابـِـينِ ڪـَـهڪـِـي پيا، دُناليون دهڪن
تکا تماچا ڇوڙيئون، ٻـَـڌي ٽـَـهه ٽـَـهه ٽاڪوڙن
رُڪ ٻيانا هٿ ۾، جهانگي جهنگ هڻن
ماڪڙ وانگي مينهن جيئن اچيو ڪان ڪِـرن
رڻ ۾ راهو منڊيو، گهوڙن ۽ گهوٽن.

جنگ جو نغارو لڳو، ننگر پنهنجي لشڪر سان اچي لڙائي شروع ڪئي. گهوڙن ۽ گهوٽن اچي رڻ ميدان وسايو. اها پهرين لڙائي ڪيئون توف بندوق، ڪانَ  ڪمانَ، شيهي ۽ دارون جي. تنهن کان پوءِ وري ترار جو جهيڙو، ڪٽارِي ۽ ڪاتـِـي، بڻڇي ۽ ڀالو ۽ کـَـني جي کيڏ.

وڙهيا ڪٽارين ڪاتيين، ٿا بڙڇون ڀال هڻن
مردن مٿان رڪ جون تلوَ تراريون ڪن
مـَـر سي مائن ڄائيا، جي اورانگهيو اچن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، للهنگ ٿا ليٽن
کنا خفيفن جا، واڪي ساڻ وڄن
پـُـرزا پوشيدن جا اُڏريو عرش وڄن
نديون نير پلوٽيون، رت سان وڳهه واهه وهن
تنهن ۾ عضوا امرائن جا لوهـُـو منجهه لڙهن
پشتو پوءِ پٺاڻ جي  ’دودو دودو‘ ڪن
گهوڙا پاريل تن جا، ڊوڙيو ڌڪ هڻن
هنيو سنگينون سامهڻيون، گهوڙي پيٽ لڪن
هي ڀڙ پوٽا ڀونگر راء جا رونشي راند رهن
دُو دستيون داناهن کي، وڃو هـَـنن ۾ هڻن
مر ٻئي پرزا ٿين پاڻ ۾، گهوڙي سوار مرن
سـَـٿريون وجهن سومرا، لـَـنب جو گاهه لڻن
پالڪيون پرزا ڪري، وڃي هول ڀڳئون هاٿين
ڀؤ ڀڳئون ڀورن جا ڪريو ڪـَـڪا ڪيهون ڪن
نائين ڏينهن نـِـڌاڻ ٿيو، رِڻ ڀـيلو راوَن
ڏينهن ڏينهن ميدان ۾، ڪي ديميون پيون دؤنڪن
يارهين ڏينهن شعاع ٿيو، سج ڏٺو مردن
مليون ملڪن مبارڪون، اها به ڊَهـِـي سوڀ سمن.

يارهن راتيون يارهن ڏينهن لڙائي هلي. يارهين ڏينهن کان پوءِ هڪڙا ماريا ٻيا ڀڳا. باقي رهيو ماڌن مـُـلڪ وزير، انهي هڪل ڪئي پيلوان کي: ڇـِـڪ واڳ دليءَ تي! نالو آهيوَ ننگر جو، دودو دودو اِهو اٿوَ. دودي جو نالو ٻڌي اچي پٺاڻ ڀاڄ ۾ پيا. ٻـُـنڊڙن سان کـُـڙيون، سـَـٽوڙٽ ٻٽوڙٽ، ٺا، ڦا، اُڏامي سـِـيٽـُـون وڄائي بڪار واري ٻيلي ۾ گهڙي ويا. ڏسي ننگر سومرو ته ماڌن ملڪ وزير ڀڳو وڃي، جنهن مون کان سڱ جي گهر ڪئي هئي. ننگر گهوڙو ڊوڙائي اڳ وٺي آيس، هڪل ڏنئينس ته: هلا ٿئي، نه ويندين! گهڻا ڏينهن ٻوڙ وارا هٿ ٽوپيءَ کي لاتا اٿئي. لڳو نالا الله جا وجهڻ ته: مونکي معافي ڏي، آءٌ دلي تي ٿو وڃان، ٻيهر لڙائي ڪونه ڪندس. ننگر چيس ته: الله جي نام تان صدقو وڃان، سـِـر گهـُـرين ته به ڏيئين، پر نه ڇڏيندوسئين. جو عالادين کان اڳي مون کان سڱ جي گـُـهر تو ڪئي هئي. اڄ الله ڏياريو آهين، بـُـل ۾، پنهنجو وعدو پورو ڪندس. اها ڳالهه ڪري، ٺڪاء ڪرايئينس ترار. ماڌن ملڪ وزير منجهان، پالڪي منجهان، هاٿي منجهان، ترار وڃي زمين ۾ وات وڌو. سـِـر ڪاٽي، ڀالي ۾ نيشان ڪيئينس. ڌڙ ڀلي پيو ڌوڙ پائيس. موٽي پنهنجي طنبو تي آيو. ويهي عالادين ڏي خط لکيئين ته: ڇو ٿو مسڪينان مار ڪرائين. چڙهي آءُ جنگ تي ته ڪا ڪـَـل پوئـِـي! خط عالادين کي مليو. خط پڙهڻ سان عالادين جا بم ڍرا ٿي ويا. دل ۾ ويچار ڪيئين ته هڪڙو ڪونه  ٿو وَري جو ڪا خير جي خبر ٻڌائي. اهڙو ڪو پـَـيندڙَ آهي جو سڀني کي ختم ڪيو ڇڏي. عالادين فرياد ڪري ۽ چنيسر کي چوڻ لڳو: چنيسر! اهڙي هاڃي جي خبر پوي ها ته آءٌ لڙائي تي نه اچان ها. لڙائيءَ تي وڃن لک ٿا، اچي هڪڙو ڀي ڪونه ٿو. ويرِي جي خط سٽڪو اچي ڪيو آهي. هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ چنيسر چيس ته: اهڙو صوبو اُماڻ جنهن وٽ ٻـِـيڻا ٻـِـيڻ لشڪر هجي. عالادين چيس ته: اُهو ڪير اُماڻيون، تون صلاح ڏي! چنيسر چـَـيس ته: فتح خان کي سورهن لک لشڪر آهي، تالا تـِـمر وزير کي سورهن لک لشڪر آهي، سرڪار جي مرضي، جنهن کي وڻئي تنهن کي لڙائي تي اُماڻِ. عالادين چيو ته: فتح خان کي ٿا لڙائي تي اُماڻيون جو سندس نالو به فتح آهي ۽ سومرن جي طبيعت کان به ٿورو گهڻو واقف آهي. عالادين پنهنجا نوڪر روانا ڪيا فتح خان ڏي. هڪڙي جو نالو  ’راهب‘  ۽ ٻئي جو نالو  ’صاحب‘ ، وڃو فتح خان کي وٺي اچو!

راهب، صاحب ٽاپرو، سنڀايا سلطان
تازي ڇوڙيئون تڪڙا، ڪڏايئون ڪيڪان
پڇن ٿا دربان کان، ڪٿي آهي فتح خان
عالادين اٿس گهرايو، اهو جنگ تي چڙهي جوان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org