نوڪرن اچي پڇا ڪئي دربان کان: فتح خان کي عالادين گهرايو آهي. دربان ڏس ڏنو
ته اندر ويٺو اٿوَ. اچي فتح خان سان مليا. عالادين
جو پيغام ڏنئونس. ڳالهه ٻڌڻ سان حياتيءَ تان هٿ
کنيو فتح خان. ڀڳي روح سان اچي عالادين سان مليو.
عالادين کي چيئين سائين! حڪم ڪريو. عالادين چيس
ته: چڙهي وڃ جنگ تي. عالادين کي چيئين: آءٌ سرحدي
صوبو آهيان، آءٌ چڙهندس جنگ تي، لـَـوَند ۽
پـَـوَند آهن. سرحد ڪير سنڀاليندئي؟ عالادين چيس
ته: نالو رکايو اٿئي فتح خان، اڳئي پيو پنهنجي هار
جون واڌايون ڏين! فتح خان چيو: سائين! سومرن جو
آءٌ واقف آهيان. مون سائينجن کي اڳئي چيو هو ته
سومرا غضب جو ويڙها آهن، سا حقيقت مون توسان اڳئي
ڪئي هئي. عالادين چيس: يار! مونکي پنهنجون پرايون
حقيقتون سڀ وسريون پيون آهن. تو مون سان الائي
ڪهڙي حقيقت ڪئي هئي؟ فتح خان چيس: ته ڇوڪري جي
حقيقت مون تو سان ڪانه ڪئي هئي؟ عالادين چيس ته:
دوبارو سمجهائينم، الائي ڪهڙي حقيقت هئي! سو فتح
خان، عالادين کي بيت ڏيئي، سمجهاڻي، فقير چئي
ٻڌائي:
محمد مـَـراڪن ۾، نريون ڀڃي نر
سانـَـهن سـِـڱ َ سنوان ڪري، وِنگن لاهي ور
سامهون ڏِسيسِ ڪونه ڪو، جڏهن ڪري نه نظر
سڌر آهي سـُـومرو، سندو ’ساران‘ ور.
فتح خان اها حقيقت عالادين کي ٻڌائي، چوڻ لڳو ته: چنيسر کي چئو ته پنهنجن
سان کڻي پرچاءُ ڪري. آءٌ جنگ لاءِ به حاضر آهيان.
عالادين چيو ته: مونکي ڪـَـل نه رهي ته ٻاگهي جي
سڱ ۾ اهو ٻائيتال آهي. جا لڳي سا سـَـٺـِـي. چڙهي
وڃ لڙائي تي. فتح خان چيو ته: سائين! ڀلا جنگ جو
سامان ملي. عالادين حڪم ڏنو ته، جو سامان
گهـُـرجئي، کڻي وڃ جنگ تي. سو پٺاڻ جنگ تي هلي،
شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي، ڀلي بيت ڀـُـڪائي.
پهر سـِـج جي لـَـڏيا، فتح جا سامان
ٻارهن سؤ ٻگهـِـي ملي، ٻيا گاڏين جا گهمسان
بادل جـِـيئن برسي چڙهيو، ڪري آگم مينگهه ملهار
جـِـين کـِـنوڻ تجلا اُڀ تي، ڇنڊي جامڪين جنسار
اچي لٿو رڻ منهن تي، بيٺو روپاه ڪري الغار.
فتح خان لڙائي جو سامان کڻي، لشڪر وٺي اچي رڻ ميدان ۾ لٿو. ننگر جا يار فتح
خان جو لشڪر ڏسي، ننگر کي بيت ڪرڻ لڳا:
آيا يار ننگر جا، عالـَـم تو چـَـون
نر نشي نوازيا، ’علي علي‘ ڪن
تون جوٽ جنگون منهنجا پرين، اهڙيون مهلون ڪير لهن
ڀلي بادل برسن رُڪ جا، جنگيون جو ڀن ڪن.
ننگر کي پنهنجن يارن چيو ته: پٺاڻ جو لشڪر اچي لٿو آهي، ٻيڻا ٻيڻ لشڪر آهي.
اسان کي موڪل ملي ته هتان چورِي نـَـوَ لک ڌڪ
ڇوڙيون. اڌ تي لشڪر گم ٿي وڃيس، باقي اڌ رهيس.
سڀاڻي هڪجهڙا ٿي پوءِ لڙائي ڪريون. ننگر چيو ته:
نه، اهي مسڪين آيا آهن، سو ننگر بيت ڪري، ۽ پنهنجي
دوستن کي چوڻ لڳو:
خلقيا آهن خداء جا، اُمتي مصطفيٰ
نـِـيمڪ سندي ننگ تي، صدقو ڪن ٿا ساهه
سڀاڻي سوڀون وس ستار جي، جنهين ڏياري الله.
ننگر چيو ته: چوري وڙهندا آهن چور، متان ڪو چوري وڙهي! رات جا پهر ڀلي
سڀڪنهن کي خير سان گذري وڃن. سڀاڻي جيترو گهوڙو
مرد ڊوڙائيندو، اوترو سوڀيا ڳائبي. سج لهي ويو،
رات جا چار پهر سڀڪنهن کي خير سان گذري ويا.
پـِـرهه باکون کنيون، پٺاڻ اُٿي جنگ جو نغارو شروع
ڪيو. شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي، ڀلي بيت
ڀـُـڪائي:
رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
غوث بهاؤ الحق جو نر هڻن نارو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، وڳو گهرام نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، هلي آءُ ننگر تون آءُ
ننگر چڙهيو ديم سان، ساري حضرت شاهه
ساوا، پيلا، گلاب جا، ٻڌا جهڙ جهنڊن
گاجين گجيا گـُـرزڙا تاوَ رکيا توفن
گل ميخون گاڏين کي، بيٺا جوان جـڙنَ
لارين لاهه وڏا ڏنا، بس نه بندوقون ڪن
ڪارابـِـينِ ڪـَـهڪـِـي پيا، دُناليون دهڪن
تکا تماچا ڇوڙيئون، ٻـَـڌي ٽـَـهه ٽـَـهه ٽاڪوڙن
ماڪڙ وانگي مينهن جيئن اچيو ڪان ڪِـرن
رڻ ۾ راهو منڊيو، گهوڙن ۽ گهوٽن.
گهوڙن ۽ گهوٽن اچي رڻ ميدان وسايو. سالڪ چيو آهي:
ڪڏهن ڳاڙها گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾
واري سندا ڪوٽ اڏي اڏيندين ڪيترا؟.
وري سالڪ چيو آهي:
لــوهه جا لـڳا، پـکي ڀـڳا، نـرنـان اُتي اَن جا ٿـيــا
لوهه جا = ڪان. پکي = ڪانئر. نرنان = سورهيه. ان جا = ٽڪر.
ڪـــانَ لـڳا، ڪـانـئـر ڀـڳا، سـورهـيه اُقـِي پـئي ٽـُـڪر ٿيا
اهو بيان توف بندوق، شيهي دارون، ۽ ڪان ڪمان جي جنگ جو، تنهن کان پوءِ ڪٽاري
ڪاتي، ۽ ترار جي لڙائي ٿئي. شاعر بيت شروع ڪري،
فقير چئي ٻڌائي، ڀلي بيت ڀـُـڪائي:
وڙهيا ڪٽاريين ڪاتيين، بڙڇـُـون ڀال هڻن
مردن مٿان رڪ جون، تاوَ تراريون ڪن
مر سي مائن ڄائيا، اورانگهيو اچن
پـُـرزا پوشيدن جا، اُڏريو عرش وڃن
ڌڙ جنين جا ڌوڙ ۾، للهنگ ٿا ليٽن
کنا خفيفن جا، واڪي ساڻ وڄن
نديون نير پلوٽيون، وڳهه واهه وهن
عضوا اُمراهن جا، لوهـُـو منجهه لڙهن
ڀڙ پوٽا ڀونگر جا، رؤنشي راند رهن
سـَـٿريون وجهن پيا سومرا، لـَـنب جو گاه لـُـڻن
هي دُزيجي داناه آهن، حاجي زئي هڻن
ڪاڪڙيجي ڪاهه ڪريو، ’علي علي‘ ڪن
ننگر پالڪيون پرزا ڪري، هول ڀڳئين هاٿين
ڀؤ ڀڳئين ڀـُـورن جا، ڪـِـريو ڪـَـڪا ڪيهون ڪن
تيرهن ڏينهن ترار جا ڪيو مقابلو مردن
چوڏهين ڏينهن چوغان ۾ ڪي ڪي ديميون پيون دؤنڪن
پنڌرهين ڏينهن شعاء ٿيو، سج ڏٺو مردن
مليون مـُـلڪن مبارڪون اِها به ڊهي سوڀ سمن.
پنڌرهن راتيون پنڌرهن ڏينهن ترار سان مقابلو ڪري پٺاڻ جو لشڪر کپايئون.
پٺاڻن ڀي حيلا هزار ڪيا پر سومرن هنن جون سڀ واهون
بند ڪري، سندن صوبا چـُـونڊ ڪري ماري، پنڌرهين
ڏينهن اچي سوڀ ڪيئون. فتح خان پيلوان کي چيو: هاٿي
کي ڀڄاءِ، سڌو دِليءَ تي. پيلوان هاٿي کي ڀڄايو.
رڻ ميدان ۾ مغز خراب ٿي ويس. چوندا آهن ته ”ڳوهه
کي کٽي کڻي ته چـُـهڙن جا گهر ڳولي“ . هن ارادو ته
دلي ڏي ڪيو، پر ڏي ننگر ۽ مـُـنگر جي طنبو تي.
ننگر ۽ منگر سـَـمڌو ته فتح خان ڀڄي ويو. پر
مـُـنگر جي نظر فتح خان تي پئي، سو ننگر کي بيت
ڪري ٻڌائڻ لڳو:
منگر چيو ننگر کي، اڃا فتح خان جيئرو آهه
مار مرد ميدان ۾، جنهن ويڙهيو ويرا واهه
اچي چنبو وڌئينس چـُـوڙ ۾، ٿيس امر ڏانهن الله
پڇاڙي پـُـرزا ڪيئين، جـِـيوين ڌوٻي ڌوئي ڪپڙا.
فتح خان ڀڳو ٿي ويو، پٺيان ننگر ڊوڙندي کي اچي ٻانهن ۾ هٿ وڌو. فتح خان جا
ڏينهن پورا ٿي ويا. زمين تي هڻندي کڻندي ماري،
سندس کل مان هڏيون سڀ ڪڍي ڇڏيئينس. اهڙو ڪيئينس
جيئن ٽنگڙ ۾ پـَـلو ڪنو ٿي ويندو آهي. پوءِ ٺڪاء
ڪرايئينس خنجر ته سـِـر جدا، ڌڙ جدا. ڌڙ ڀلي ڌوڙ
پائي. سـِـر ڀالي ۾ نيشان ڪيئينس. باقي سندس
پـِـيلوان انهي ڊوڙي وڃي عالادين کي خبر ٻڌائي ته:
ڀڄ! فتح خان مارجي ويو،مونکي ڇڏيو اٿن، توکي
ماريندا. عالادين چنيسر کي چوڻ لڳو ته: چنيسر!
ڏٺئي، منهنجا ماڻهو پاڻ لـِـڪايو ڀڄو اچن، منهنجا
پيا ڏس ڏين. چنيسر چوڻ لڳو: مون ته ڪونه سمجهايو
اَٿمان. عالادين چوڻ لڳو: حقيقت جيڪا ٻـُـڌئي،
هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ چنيسر چيو ته: لڙائي ڏيڻ کان
سواءِ ڪوبه بچاءُ ناهي. عالادين چوڻ لڳو چنيسر کي:
ته تون اُهو بڻيو آهين، جو ڪنهن ويچاري چيو هو ته
”ملهه وڙهه تون، ڌڪ آيو ته مون تي“ . چنيسر چيو
ته: اهڙا ڌڪ ٿي ڳوليئي ته سندرو نه ٻڌين ها!
عالادين چيو ته: سندرو ٻڌايو آهي تو، هاڻي وري به
جيڪا تنهنجي صلاح. چنيسر پاڻ تان لهرائي چوڻ لڳو
ته: جيڪا نظر بيگ جي مرضي. نظر بيگ چيو ته:
سائينّ! تالا تـِـمر وزير کي حڪم ڏيو ته چڙهي وڃي
جنگ تي. تالا تـِـمر کي عالادين گهرائي حڪم ڏنو
ته: وڃي ننگر سان لڙائي ڏي. تالا تمر وزير چيو:
سائين! لڙائي جو سامان ملي. تالا تمر کي سامان جنگ
جو مليو ۽ رڻ ميدان ڏي ڪاهه ڪيائين:
سانجهي جو لـَـڏيا، تـِـمر جا سامان
ٻارهن سؤ ٻـَـگهي ملي، مليا گاڏين جا گهمسان
بادل جيئن برسي چڙهيو، ڪري آگم مينگهه ملهار
جيئن کـِـنوڻ تجلا اُڀ ۾، هـُـئي جامڪين جنسار
اچي لٿو رڻ مـُـنهن تي، بيٺو روپاهه ڪري الغار.
تالا تـِـمر وزير سورهن لک فوج وٺي، اچي رڻ ميدان وسايائين. ننگر جا يار
ننگر کي چوڻ لڳا ته: اسان جو چوڻ تون ڪڏهن ڪونه
ڪندو آهين. ننگر چيو: ڇا ٿا چئو؟ سي ننگر کي بيت
ڪري ۽ ٻڌائڻ لڳا.
آيا يار ننگر جا، عالــَـم تو چون
نر نشي نوازيا، علي علـِـي ڪن
تون جوٽ جنگيون منهنجا پرين، اهڙيون مهلون ڪير لهن
ڀلي بادل برسن رڪ جا، جنگيون جوڀن ڪن.
يار چوڻ لڳا ته: اسان کي موڪل ملي ته اها بهاري ڪريون. هتان نـَـوَ لک ڌڪ
هڻون ته اڌ تي لشڪر گم ٿئيس. ننگر چوڻ لڳو ته:
اوهان کي سدائين منع ڪندو آهيان ته چوري وڙهندا
آهن چور. مرد جو ڪم آهي ٻولائي وڙهڻ. اها ڳالهه
ڪري ۽ يارن کي بيت ڏيڻ لڳو:
سانجهي لاءِ صلاح ڪئي، کاڌي جي خانن
ست سؤ سانـَـهن جا، ڪـُـٺئون، ٻارهن سؤ ٻڪرن
ڪونڊا ڀريئون ڀـَـنگن جا، ويٺا اَمل ڳاڙُو ڪن.
تالا تمر وزير ذرا ڪجهه موالي کاتي جو ماڻهو هو. تنهن اچي کانڌ ۽ کـُـونڌ جي
ڳـَـڻ ٺاهي. ساري رات کائي پي، نشا پتا ڪري،
موالين موجون ڪيون. پرهه باکون کنيون. موالي ڏسن
ته بـَـلي! تارو ڏينهن وارو مٿي چڙهي آيو آهي.
يارن صلاح ڪئي ته همٿ ڪريو، ٽاڻو ٿو برباد ٿئي. سو
اُٿي جنگ جونغارو ڪن، فقير چئي ٻڌائي، ڀلي بيت
ڀـُـڪائي:
رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
غوث بهاؤ الحق جو نر هڻن نعرو
’علي علي‘ وات ۾ پڙهيئون حـَـسيني ڪيڏارو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، وڳو تمر نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، هلي آءُ ننگر تون آءُ
ننگر چڙهيو ديم سان، ساري حضرت شاهه
ساوا، پيلا، گلاب جا، ٻڌا جهڙ جهنڊين
گاجين گجيا گـُـرزڙا تاوَ رکيا توفن
گل ميخون گاڏين کي، بيٺا جوان جـڙنَ
لارين لاهه وڏا ڏنا، بس نه بندوقون ڪن
ڪارابـِـينِ ڪـَـهڪـِـيا ، دُناليون دهڪن
تکا تماچا ڇوڙيئون، ٻـَـڌي ٽـَـهه ٽـَـهه ٽاڪوڙن
رڪ ٻيانا هٿ ۾، جهانگي جهنگ هڻن
ماڪڙ وانگي مينهن جيئن اچيو ڪان ڪِـرن
رڻ ۾ راهو منڊيو، گهوڙن ۽ گهوٽن.
اها لڙائي ٿي هئي توف بندوقن جي. تنهن کان پوءِ کني جي کيڏ، ڪٽاري ۽ ڪاتي جو
جهيڙو.
وڙهيا ڪٽارئين ڪاتيين، ٿا بڙڇون ڀال هڻن
مردن مٿان رڪ جون تاوَ تراريون ڪن
مـَـر سي مائن ڄائيا، جي اورانگهيو اچن
ڌڙ جنين جا ڌوڙ ۾، للهنگ ٿا ليٽن
کنا خفيفن جا، واڪي ساڻ وڄن
پـُـرزا پوشيدن جا اُڏريو عرش وڃن
نديون نير پلوٽيون، وڳهه واهه وهن
هي پلٿي باز پٺاڻ آهن، هڪڙا اُٿن ٻيا وهن
لڳي ديمين وائي وات ۾، دودو دودو ڪن
ڪاڪڙيجي ڪاهه ڪريو، ’علي علي‘ ڪن
گهوڙا پاريل تن جا، ڊوڙيو ڌڪ هڻن
هنيو سنگينون سامهڻيون، گهوڙي پيٽ لڪن
دُزيجي داناء آهن، حاجي زئي
هيڏانهن ڀڙ پوٽا ڀونگر راوَ جا، رؤنشي راند رهن
شيشا لال شراب جا، ڪڍيا ڪلاڪن
ننڍڙا يار ننگر جا پيئندا پاڻ وڃن
هڻ وڙهه وائي وات ۾، ٻي نا ٻولي ڪن
سـَـٿريون پيا وجهن سومرا، لـَـنب جو گاهه لڻن
پالڪيون پرزا ڪري، وڃي هول ڀڳؤن هاٿين
ڀؤ ڀڳئون ڀورن جا ڪريو ڪـَـڪا ڪيهون ڪن
تيرهن ڏينهن ترار سان، ڪيو مقابلو مردن
چوڏهن ڏينهن چوغان ۾، ڪي ڪي ديميون پيون دؤنڪن.
اچي ترار جي لڙائي شروع ٿي. اڳيان پـڳـرَ ڊهيو پون. پٺيان جيڪي سورهيه غازي
لک لک رپئي جي وک کڻي اچو اڳتي سر ڏين. ٻيا وري ڀت
جا مارا، اهي وري ڇا ڪن، جو کڻ لاش، هڻ اُنهي
هيٺان ٽٻي. چون ته سـِـر لڪايون، ڌڙ ڀلي پيو ڌوڙ
پائي. ڌڪ لڳو، ڦٽ ايرجي ويندو، حياتي هوندي راڄن
جا ڀت کائبا. ٻيا وري سـِـر جا ڏاتار، سي ڇا ڪن:
”سـِـسـِـي نيزي پاند، اُڇل ته ٻه اڌ ٿئي“ . پٺاڻ
به هزارين حيلا پيا ڪن، انهي نشي جي موج ۾ ’دودو
دودو‘ پئي پوين. پر ننگر جا يار سورهيه غازي، سي
به ڏاڍا نشا نينهن جا ڪري، شراب پي، کـِـيوا بنجي،
اهڙي ترار واهيئون جـِـين تـِـکو ڪاڙٻي لاباري ۾
سـَـٿا ڪري. راتو ڏينهان هڻ وڙهه وائي وات هين.
جيڪي جنگ جا سپه سالار هئا، هاٿين تي بيٺا هئا ۽
لشڪر کي پئي هوڪاريائون، اهي صوبا چونڊي ماريئون.
پهلوان اچي رسي هاٿي کي، هاٿي ريـِـهه ڪري، اچو
پهلوان جي ترار رسيس ته صوبو، پالڪي، هاٿي ٽيئي
چٽ. چوڏهن راتيون چوڏهن ڏينهن کني جي کيڏ هلي.
هڪڙا ماريا، ٻيا ڀڳا، پر شاعر ڏيکاريو آهي ته اڃان
به ڪي ڪي ديميون رِڻ ميدان ۾ ٽولا ڪيو بيٺيون آهن.
منگر دل ۾ ويچار ڪيو ته انهي صوبي تي آءٌ ڪاهه ڪري
وڃي ماريانس. سو پهلوان گهوڙو ڪاهي هلي، شاعر بيت
چوي، فقير ڳائي ٻڌائي، ڀلي بيت ڀـُـڪائي:
منگر گهوڙو ڪاهيو، ساري حضرت شاه
سـَـٿريون وجهي پيو سومرو، جـِـيوين لنب جو لـُـڻي
گاه
داهوڙي ديمين مان، اچي تمر لڌائين
تون متان مون ڏي اچين، مـَـٽ مـُـنهنجو نانهين
آءٌ وڙهندس ننگر راوَ سان، آهي وڳهه ورياما
تڏهن منگر هنيئن تـَـري هاٿي کي، ڏاڍي ڪست منجهان
چلم ڪري پيس چـَـپ تان، ٽانڊن کاڌُسِ ٽاهه
هيءَ نه ويل وڙهڻ جي، منهنجو وقت اَمـَـل جو آهه.
منگر سومرو گهوڙو ڪاهي هليو، ٻنهي پاسي تلوار جا سـَـٽڪا هجن. سڄي کٻي، رڳا
ڌڙ پيا ڏڪن، سـِـر لڀي ئي ڪونه. جنهن مهل تالا تمر
جي ويجهو آيو، تـِـمر سڃاتو ته منگر پيو اچي. مڳ
وارو مارو اٿس. تمر ويچاري موالي اُنهي مهل نشو
ڪيو هو. پـُـست، مانهه ۽ ڪـَـڻ، ست ڏينهـُـون
چريي ڌاتوري جا ۽ پاءُ ڀنگ جو گهوٽي تيار ڪري،
گهڙو ڀري، يـَـڪـِـي سـَـٽ سان ڳڙڪائي ڇڏيندو هو.
هاٿيءَ جي پالڪيءَ ۾ چلم تازي ٺهرائي رکي هئائين.
پهرئين وزم جو نڙ چپ تي رکيو هئائين. پالڪيءَ ۾
ناتينو
(1)
کـُـتو پيو هوس ۽ امل ڳاڙ پئي ٿيو. دل ۾ ويچار
ڪيائين ته ڪجهه نشو ڪيو اٿم، ڳاڙ رهي پئي آهي اَمل
جي، ۽ چلم جو وزم به پڪو ڪونه ڪيو اٿم. انهي
ايرادي ۾منگر کي چوڻ لڳو ته: تون منهنجو مـَـٽ
شاني ناهين. منهنجو مقابلو ننگر سان آهي. اِهي اکر
ڳالهايائين ته من ٽري وڃي ته نشو ڪري وٺان. اِها
ڳالهه ٻڌي منگر کي کار لڳو، ٺڪاءُ ڪيئين ڪست مان
ٻئي تـَـريون هاٿي کي. هاٿي جا چار ئي پير نڪري
ويا، ڪيڏنهن نڙ، ڪيڏهن ٽوپي، ڪيڏنهن گوءِ، ڪيڏنهن
چلم، ٽانڊن اچي ٽيڙا ٻڌا، ناتينو هارجي خلاص ٿي
ويس، منگر سومرو ڊوڙي اچي ڍِ ڍِي تي چڙهي ويهي
رهيس. تمر لڳو نالا الله جا وجهڻ ته: منهنجي ويڙهه
جو هي وقت نه هو، جو اڃان اَمل جي ڳاڙ رهيل هئي.
منگر چيس ته: گهڻا ڏينهن ڀـُـتا خلاص ڪيا اٿئي!
ٺڪاء ڪرايئينس خنجر، سـِـر جدا ڌڙ جدا، ڪڙڪو ڪري
وڃي پري ڊٺو، ڄڻ لـَـڏي مان اُٺ تان مـُـهري ڊهي
پـَـئـِـي. سر نيزي ۾ نشان ڪيئينس. کڻي پنهنجي
طنبو ۾ آيو. ننگر سومري ويهي عالادين ڏي خط لکيو:
ڇو ٿو مسڪينان مار ڪرائين، تون پاڻ پنهنجي سر چڙهي
آ ميدان ۾ ته ڪا ڪل پوئي! خط سٽڪو ڪيو عالادين
بادشاهه وٽ. عالادين خط پڙهڻ شرط هينئين ڊَهه ڊَهه
ڪيس. کـِـسڪـَـت ڦري ويئي، ٿڌو ساهه ڀري چوڻ لڳو
ته: اهو ڪونه وريو جو دانگيءَ جو دٻڪو سڻي. چنيسر
کي چوڻ لڳو ته: نظر بيگ کي تون چؤ ته تنهنجي چوڻ
سان آيو آهيان، ڏهه لک شڪارين جا ماريا، سورهن لک
شيدي ماريا، ست لک گهرام خان جا ماريا، نـَـوَ لک
هنبس پٺاڻ جا ماريا، ڏهه لک ماڌن وزير جا ماريا،
سورهن لک فتح خان جا ماريا، سورهن لک تالا تمر جا
ماريا. هاڻي باقي تون رهيل آهين، تو وٽ به سورهن
لک فوج آهي، چڙهي وڃي ننگر سان جنگ ڏي! چنيسر چوڻ
لڳو: تون بادشاهه آهين، سورهن لکن جو صوبو آهي ته
به تنهنجي پاء اٽي جو نوڪر آهي، تون حڪم ڪرينس ته
چڙهي وڃي جنگ تي. عالادين نظر بيگ کي حڪم ڏنو ته:
دشمن جو خط اچي ويو آهي، چڙهه جنگ تي! سو نظر بيگ
وزير رڻ ميدان ڏي هلي، شاعر بيت شروع ڪري، فقير
چئي ٻڌائي، ڀلي بيت ڀڪائي:
سانجهي جو لڏيا، نظر بيگ جا سامان
جنهن کي ٻارهن سؤ ٻگهـِـي ملي، مليا گاڏين جا
گهمسان
بادل جين برسي چڙهيو، ڪري آگم مينگهه ملهار
جيئن کنوڻ تجلا اُڀ ۾، ڇنڊي جامڪين جنسار
اچي لٿو رڻ منهن تي، روپاه ڪري الغار.
نظر بيگ وزير سورهن لک فوج وٺي اچي رڻ ميدان وسايو. ننگر جا يار سوائي سمون،
ڇٽو جاڙيجو، منگر دودي جو، پنهنجي ننگر يار کي بيت
ڪرڻ لڳا:
آيا يار ننگر جا، عالم تو چون
نر نشي نوازيا، ’علي علي‘ ڪن
تون جوٽ جنگيون منهنجا پرين، اهڙيون مهلون ڪير لهن
ڀل بادل برسن رڪ جا، جنگيون جوڀن ڪن.
ننگر کي چوڻ لڳا ته: اسان کي موڪل ڏي ته هتان نـَـوَ لک ڌڪ ڇٽي وڃي، اڌ تي
لشڪر کٽي پويس، سڀاڻي هڪ جيترا ٿي لڙائي ڏيون.
ننگر پنهنجي يارن کي بيت چوڻ لڳو:
اِهي خلقيا آهن خدا جا، اُمتي مصطفيٰ
نـِـيمڪ سندي ننگ تي، صدقو ڪيو اٿن ساه
سڀاڻي سوڀون وس ستار جي، جنين ڏياري الله.
ننگر چوڻ لڳو ته: چوري وڙهن چور، ٻولائي وڙهنداسون. مسڪين آيا آهن، پاءُ اٽي
تي سر اچي قربان ڪيو اٿن. متان ڪو چوري وڙهي! رات
جا پهر سڀ ڪنهن کي خير سان گذريا، رات وهاڻي، پرهه
باکون کنيون، پٺاڻ جنگ جو نغارو شروع ڪرڻ لڳو:
رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، وڳو نظر بيگ نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، هلي آءُ ننگر تون آءُ
ننگر چڙهيو ديم سان، ساري حضرت شاهه
ساوا، پيلا، گلاب جا، ٻڌا جهڙ جهنڊين
گاجين گجيا گـُـرزڙا تاوَ رکيا توفن
گل ميخون گاڏين کي، بيٺا جوان جـڙنَ
لارين لاهه وڏا ڏنا، بس نه بندوقون ڪن
ڪارابـِـينِ ڪـَـهڪـِـيا ، دُناليون دهڪن
ماڪڙ وانگي مينهن جيئن اچيو ڪان ڪِـرن
رڻ ۾ راهو منڊيو، گهوڙن ۽ گهوٽن.
نظر بيگ جنگ جو نغارو ڪيو. گهوڙن ۽ گهوٽن اچي رڻ ميدان وسايو.
”ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾
واريءَ سندا ڪوٽ، اَڏي اڏيندين ڪيترا“ .
اها پهرين لڙائي تير ڪمان، توف بندوق، شيهي ۽ دارونَ جي هلي، جنهن ۾ ڪيئي
لشڪر سڙي ويا. تنهن کان پوءِ وري لڙائي ٿي ڪٽاري،
ڪاتي، ۽ ترار جي. سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي
ٻڌائي، ڀلي بيت ڀـُـڪائي:
اچي وڙهيا ڪٽارئين ڪاتيين، ٿا بڙڇون ڀال هڻن
مردن مٿان رڪ جون تاوَ تراريون ڪن
مـَـر سي مائن ڄائيا، جي اورانگهيو اچن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، للنگهه ٿا ليٽن
کنا خفيفن جا، واڪي ساڻ وڄن
پـُـرزا پوشيدن جا اُڏريو عرش وڄن
نديون نير پلوٽيون، وڳهه واهه وهن
عضوا اُمرائنِ جا لوهؤ منجهه لڙهن
هيڏانهن به سانَ ڪريو پون سومرا، پها پٽ پن
هي پلٿي باز پٺاڻ آهن، هڪڙا اُٿن ٻيا وهن
ڪاڪڙيجي ڪاهه ڪريو، ’علي علي‘ ڪن
گهوڙا پاريل تن جا، ڊوڙيو ڌڪ هڻن
هنيو سنگينون سامهڻيون، گهوڙي پيٽ لڪن
هي دُزيجي داناء آهن، حاجي زئي
هيٺان جنگ ننگر جي، مٿان مينهن ٻڌو مارو
هيٺان جنگ ننگر جي، مٿان ڳجهن ٻڌا ڳارا
ٻگهن بر وسائيا، ڪونجون قطارون ڪن
شيشا لال شراب جا، ڪڍيا ڪلالن
ننڍڙا يار ننگر جا پيئندا پاڻ وڃن
هڻ وڙهه وائي وات ۾، ٻي نا ٻولي ڪن
ڀڙ پوٽا ڀونگر جا، رونشي راند رهن
دو دستيون داناهن کي، وڃيو هنن منجهه هڻن
سـَـٿريون پيا وجهن سومرا، لـَـنب جو گاهه لڻن
ننگر سندي جنگ کان، پٺاڻ توبهه توبهه ڪن
پالڪيون پرزا ڪري، ننگر هول ڀڳا هاٿين
ڀؤ ڀڳئون ڀورن جا ڪريو ڪـَـڪا ڪيهون ڪن
تيرهن ڏينهن ترار سان، ڪيو مقابلو مردن
چوڏهين ڏينهن چوغان ۾، ڪي ڪي ديميون پيون دؤنڪن.
پنڌرهين ڏينهن شعاع ٿيو سج ڏٺو مردن
ننگر چيو منگر کي، وٺ گهوڙا ماريون
ننگر چيو منگر کي، وٺ طنبو ساڙيون
گهوٽ ڏين ٿا گهمريون پائي پنجوڙيون
انهن وڙهندي پاڻ ۾، مٿان آيو منگر راءُ
اتي بگڙيو شير وڳهه جو، چڙيو ننگر راءُ
ڏٺئين نظر بيگ کي، ڏاڍي ڪست منجهان
ته ڳهلا دِليءَ شهر جا، تو ڌڙ کڳل کاڌا
ڀڳو اندر طنبوءَ ۾، ڪيائين بند دروازا
ننگر هڻي ترار طنبوءَ کي، کوليئين دروازو
ننگر نام الله جي، مون بندي ڪج بچاءُ
پيچ سڃاڻج پڳ جو، تنهنجي اَبي ڏني آ
ننگر تنهنجي جان ۾، نـَـوَ ويهان ڏهه ڌڪ آ
ڏي سر نام الله جي، تنهنجا مون ٿورا
جڏهن ڪونڌر ڪنڌ ورايو، ڇٽو ڏيهه جهانا.
جڏهن ترار جي لڙائي شروع ٿي ته اڳيان پڳر لشڪر جا ڪريو ٿي پيا، تن جي پٺيان
وري سورهيه غازي هڪڙي هڪڙي وک لک لک جي کڻي اچيو
اڳتي سر ڏين. ٻيا وري ماني جا مارا، اهي ڇا ڪن جو
کڻي لاش هڻن اُنهين هيٺان ٽٻي. پٺاڻن جا به لک چٽ
ٿـِـي ويا. اهڙي لڙائي ٿي جو انهين ڏينهن به قدرتي
مينهن اچي پيو مٿان. رڻ ميدان جا واهه ۽ تلاءَ
اڳيئي رت سان ڀريا پيا هئا. وري جو اچي مينهن پيو،
تنهن ته هيڪاري پاڻي ۽ رت جو ڪم وڌائي ڏنو. تنهن ۾
پنڌرهن راتيون پنڌرهن ڏينهن لڙائي هلي، جنهن ۾
ننگر جو به لشڪر سڀ مارجي ويو ۽ باقي فقط پاڻ ۾ ٻه
ڄڻا سؤٽ بچيا منگر ۽ ننگر، تن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته:
لشڪر سڀ مارجي ويوسون، باقي ڪي ٿورڙا واجبي ماڻهو
رهيا آهن، اُهي ڇا ڪندا! شايد هن لڙائي مان پاڻ به
نه بچنداسون، تنهنڪري جيڪا پنهنجي ملڪيت طنبو اُهي
ساڙي ڇڏيون. گهوڙا پنهنجي سواري وارا سي به ماري
ڇڏيون، متان اسان جي ملڪيت دشمن کي پلئه پوي. طنبو
ساڙي ڇڏيئون، گهوڙا ماري ڇڏيئون. منگر به انهين
ڏينهن زخمي ٿي هلندڙ لڙائي ۾ مارجي ويو. ننگر دل ۾
ويچار ڪيو ته منهنجو به جيئڻ هاڻي بيڪار آهي. شاعر
ڏيکاريو آهي ته ننگر جي جان ۾ نـَـوَ ويهون ۽ ڏهه
ڌڪ شمار لڳل هو. انسان هڪڙي ڌڪ جو به قوت ناهي.
تيرن ۽ ترارن سان جان چپيل ۽ ڦيهيل هئي، زرهه جي
ڪري زرهه ۾ بند هئي، وڍجڻ کان وڏي هئي، تنهن ڪندي
پهلوان به هو، جو ايترا زخم جان ۾ جهلي لڙائي
ڏنائين. جڏهن نظر بيگ کي طنبو ۾ ننگر سومرو اچي
رسيو، ته نظر بيگ وزير ننگر کي الله جو اسم وڌو
ته: منهنجو بچاءُ ڪر. تنهنجي پيءُ سان منهنجي ياري
آهي، اسان پڳون مٽايون هيون، هي پڳ منهنجي سڃاڻ ته
پڻهين جي ڏنل آهي. الله کي به سڃاڻ محمد مصطفيٰ جو
محابو به سڃاڻ. تون گهايل آهين، مئو بيٺو آهين. ڪو
خسيس ماري ويندئي، نالو ۽ نيڪي وڃي انهي جو ٿيندو.
سخي غازي آهين، واٽ الله جي سر مونکي ڏي ته منهنجو
نالو ٿئي. ننگر پهلوان به دل ۾ سمجهيو ته سچو
آهي، هروڀرو اجايو ٿي مرندس، ستائي ٿو، دنيا دم
گذر آهي، ڏيان ٿو سر نام الله جي. ننگر راءِ رب جي
نام تي سر نمائي ڏنئينس، جنهن خنجر سان شهيد ڪري
ننگر پهلوان جو سر لاهي ورتو. اتي عالادين جي اڙدن
۽ لشڪر کي مبارڪ ملي ته سڄي جهان تان ڪفارت اڄ
لٿي. جي ننگر حياتي هجي ها ته بچڻ ڪونه هو. ننگر
جي مارئي کان پوءِ چنيسر زار زار رنو ته ڀائيٽو ۽
پٽ، ڳاني ٻڌا گهوٽ اڄ ڪسي ويا. وڳهه اڄ ويران ٿي
ويو. باقي رهيل آهي دودو، ننگر ۽ منگر جا لاش
ويندا وڳهه، دودو چڙهندو جنگ تي، ننگ بي وارثيا ٿي
پوندا. دل جو سور دل ۾ رکيائين. ننگر ۽ منگر جا
لاش کڻي وڳهه روانا ڪيائين. لاش وڳهه پهچن، شاعر
بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:
لاشا ننگر ۽ منگر جا، کڄي در وڳهه آئيا
محلي ۾ ماتام ٿيو، دايون در مٿان
ٻاگهي رئندي آئي، اچي ڀاڪر پاتئين ڀاءُ
ننگر منگر ماريا، رب جي ائين رضا
سونڻ ڪارو ويس ٿيو، لٿي سج مٿان
مريم ۽ پـَـٽل پاڻ ۾، ڳل ڳري لائيا.
جڏهن ننگر ۽ منگر جا لاش وڳهه ڪوٽ تي آيا، ننگر ڳاني ٻڌو گهوٽ چڙهي ويو هو
جنگ تي. سندس مڱيندي نالي سوني، دودي جي ڌيءَ هئي
اها وناهه ۾ ويٺل هئي. ننگر پنهنجي ونيءَ کان
اڳيئي موڪل وٺي جنگ تي چڙهيو هو. واعدو ڪري ويو هو
ته پرچاءُ ٿيو ته حياتيءَ ۾ وري ايندس، پر جي
لڙائي لڳي ته لاش کڄي ايندو. اهي لاش جڏهن کڄي
آئيا وڳهه جي ڪوٽ تي، ته سونل سيج تان لهي ڪارو
ويس ڪيو. منگر جي ماءُ شهزادي پـَـٽـُـل، ننگر جي
ماءُ شهزادي مريم، هڪ ٻئي کي پٽن جا پار ڪڍي
پرچاڻيون ڏيڻ لڳيون. ٻاگهي پنهنجي ڀاءُ دودي سان
علحدي رضا ڪئي. دودي دل ۾ ويچار ڪيو ته امر الله
جو، لـِـڳي سا سـَـٺي. چنيسر جي چوڻ تي سڱ ڏيون ها
ته نه اسان جا گهوٽ ڪسن ها ۽ نه اسان جو راڄ،
رعيتي ۽ ٻيا ڀاءُ مرن ها. اهي سڀ ننگن تان قربان
ڪياسون، سر ڏناسون سڱ نه ڏنوسون. باقي ماڻهو سندس
شهر جا جهڙا ڪي ڪاسبي هئا، انهن کي گهرايائين ۽
پنهنجي فقير کي گهرايائين، ذات ڀان، نالو ڀاڳو. سو
شاعر بيت شروع ڪري. فقير چئي ٻڌائي:
دودي ڀانُ گهرائيو، هلي آءُ ڀاڳو آءُ
وٺان وير ننگر جو، سهڻي ڏينم صلاح
وڃي پٽيان قناتون مغل جون، دلي کاوي داءُ.
دودي پنهنجو فقير به گهرايو. باقي رهيل راڄ سو به گهرايائين. ٻيا سڀ قربان
ٿي ويا هئا، باقي جهڙا ڪي وڳهه جا واڻيا هئا، يا
ڪي ڀيل مينگهواڙ هئا. اهڙيون اهڙيون رهيل قومون،
تني کي دودي چيو:
ڀائر وڏي وکري، جڳ جيوتا هونِ
جي هو ميلو ڀائرو، الله ڪري سو نه.
منهنجا رعيتي ڀاءُ آهيو. آءٌ چڙهان ٿو جنگ تي، مون سان ڪهڙي صلاح ٿا رکو؟
انهن مسڪينن ماڻهن چيو: دودا! تنهنجي ننگ تا اسان
جا سر قربان آهن. تون پنهنجي ڪوٽ ۾ اسان جي ۽
پنهنجي لڄن جو وارث بڻيو ويٺو هج. اول اسان جا سر
قربان آهن. جيئن تنهنجا سومرا، گـُـجر، تونئر،
جاڙيجا، راڄڙ، ڀٽي ۽ ٻيون قومون سر قربان ڪري ويا،
اسان ائين قربان آهيون. ننگر منگر جا لاشا نهراج
ٿيا، ٽي ڏهاڙا پٿر ٿيو. دودي لشڪر تيار ڪيو.
پنهنجي فقير کي محلي ۾ گهرائي، فقير کي چوڻ لڳو
ته: اصل فقير آهين، مان جنگ تي چڙهيو ٿو وڃان،
لڄون بي واهيون آهن، انهيءَ لاءِ ڪا صلاح ڏينم.
ڀاڳـُـو ڀان چوڻ لڳو ته: ڌڻي تون آهين، وس تنهنجي
آهي، صلاح جو فيصلو به تون ڪر، وڻندڙ ڳالهه جي
وڌائي آءٌ ڏيندس. سومرن جي آسپاس ٻيون بادشاهيون،
ڇوٽي تـَـڪ جون رياستون، جهڙوڪر ”سهتو“ بادشاهه
هو، ٻيو ”موريي“ جي بادشاهي ۽ ”محمد ابڙو“ .
دودو، محمد ابڙي سان ڪجهه ڪـَـڻٽيل هو. ڪنهن گذريل
زماني ۾ دودي ۽ محمد ابڙي، چوپڙ ۽ ڍاري جي راند
ڪئي هئي. راند ۾ دودي محمد ابڙي جي سارِي ماري.
ساريءَ کي دودي ڌڪ هنيو ته اُها ساري ٿيڙ کائي وڃي
محمد جي جهوليءَ ۾ پيئي. دودي، محمد کي چيو ته:
اها ساري ماري اٿم، راند جي پـَـؤن ۾، ساري مون کي
کڻي ڏي! جنهن تي محمد سوال ڏنو هو: ساري تو برابر
ماري آهي، پر واپس ڪونه ڏيندس. دودي چيو: ڇو؟ محمد
چيو ته: ساري سام اچي پيئي آهي. تنهن تي دودي چيس
ته: راند ۾ ضد نه وڌاءِ! محمد چيو ته: ضد جو سوال
نه آهي، سالڪن چيو آهي ته ”سـِـر ڏبو سام نه ڏبي“
. سومرا اڳئي ڏاڍا جوان ۽ دل جا سخت هئا، دودو
ترار کڻي، ڀڙڪو ڏيئي اٿيو. محمد ابڙو به ترار کڻي
اٿيو، ته سـِـر ڏيندس سارِي نه ڏيندس. تنهن کان
پوءِ ٻيا ڪيترا امير ويٺا هئا، جن وچ ۾ پئي هنن جو
ڦڏو بند ڪيو. انهي کان وٺي، دودي کي محمد تي ڪڻٽ
رهندو هو. دودو چوڻ لڳو ڀاڳـُـو ڀان کي ته: منهنجي
صلاح آهي ته سامـُـون موريي وٽ ڇڏجن. فقير انڪار
ڪئي ته: نه. وري دودي چيو ته: ڀلا سـَـهتي وٽ سام
ڇڏجي! فقير چيو نه. فقير کي چيائين ته: ٻه دفعا تو
انڪار ڪئي آهي، ٻيو ڪنهن وٽ سام ڇڏيان؟ ڀاڳو ڀان
چوڻ لڳو ته: هاڻي گستاخي معاف ڪجو. آءٌ ٿو اوهان
کي سهڻي صلاح ڏيان. فقير کي چيائين ته: ٻڌاءِ فقير
چيو ته: سام انهيءَ وٽ ڇڏ، جنهن ساري تي ٿي سـِـر
ڏنو. دودو چوڻ لڳو ته: ڳالهه به ڪئي آهي تو.
سالڪن اڳئي چيو آهي ته ”جيڪو ڳالهائي سو در ڏئي“
. هاڻي سامـُـون ساڻ وٺي گڏجي به وڃ تون. تو فقير
جي اها مدد ڪافي آهي، جو نيڪ صلاح ڏني اٿئي. هاڻي
منهنجي الله واهي. سو دودو تياري ڪري، شاعر بيت
شروع ڪري، فقير چئي ٻڌائي، ڀلي بيت ڀـُـڪائي:
ڪوٺي چيائين سئيس کي، منهنجي بورَڻِ ڪاهي آءُ
لعلون هجنس لغام تي، ڪمي ڪند تي نانه
گـُـل سهڻا گاديءَ تي، جهڳمڳ جا جهوڙا
روڪي چڙهان رڪيب ۾، ساري حضرت شاهه
وڃي پٽيان قناتون مغل جون، دِلي کاوي داءُ.
دودو لشڪر وٺي، تيار ٿيو. رڻ ميدان ڏي ڪاهيائين. ’ڀاڳو ڀان‘ شهزادي ٻاگهي
۽ ٻيا، محلي ۽ ڪوٽ جا ماڻهو ساڻ وٺي، محمد ابڙي
ڏانهن هلڻ لڳو. محمد ابڙي ڏي اڳيئي هڪڙو ماڻهو
روانو ڪيائين ته: دودو ويو جنگ تي، آءٌ فقير دودي
جي طرفان تو ڏي سام وٺيو پيو اچان. اهو نياپو محمد
ابڙي کي سام جي پهچڻ کان اڳ مليو. نياپو ٻڌي محمد
ابڙو پنهنجي محلي اندر آيو. پنهنجي قبيلي کي
چيائين ته: هڪڙي مؤت جي ماريل سام، دودي جا ننگ،
پنهنجي محلي ۾ اچن ٿا، توهان پنهنجا اهي ويس لاهي
ڇڏيو، ڪارو ويس ڪريو، اهي گلم غاليچا ۽ پلنگ کڻي
پاسي ڦٽا ڪريو، تڏو وڇائي هنن سان هم شريڪ ٿي
ويهجو. متان هـُـو ڏکويل پاڻ کان رنج ٿي وڃن! محمد
ابڙي جو اهو حڪم برجاءِ ٿي ويو. سڄي محلي ڪارو ويس
ڪيو. پاڻ به ڪارو ويس ڪيائين ۽ پنهنجو تاج لاهي
ننگو سـِـر ڪري ويهي رهيو. محمد ابڙي جوپٽ نالي
”سپڙ“ ، سؤ گهوڙن سان، اڳيان سام جي پيشوا ٿي وڃڻ
لڳو. محمد ابڙي کي خبر پئجي ويئي ته منهنجو پٽ سؤ
گهوڙي سان، سام جي پيشوا ٿي ويو آهي. سو پاڻ ترار
کڻي پـُـٽ جي مارڻ لاءِ تيار ٿي آيو. جڏهن پٽ جي
نزديڪ آيو ته سام به هنن وٽ پهچي ويئي. محمد ابڙي
پنهنجي پـُـٽ جي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته: ڪاري ويس
سان سام اچي ٿي، ۽ تو پنهنجي خوشي ملهائي گهوڙن تي
سوار ٿي، عورتن جي اڳيان پيشوائي ڪري، پنهنجي
هلڪڙائي ڏيکاري، اهو بادشاهي شان نه آهي. انهيءَ
غصي جي ڪري، شهزادي ٻاگهي، محمد ابڙي کي چوڻ لڳي
ته: انهيءَ گناهه جي معافي آءٌ سام ٿي گهران. تنهن
تي محمد ابڙو پنهنجي پٽ کي بيت چوڻ لڳو:
پـُـٽ منهنجو آهين ڪينڪي، آهين ڄٽ وياءُ
رايو رکئين ٿو راڄ جو، نه ته گهوٽ وهايائين گهاءُ.
اِهو بيت ڪري محمد ابڙو پوئين پيرين پٺيرو ٿي، شهزادي ٻاگهي ڏي هلڻ لڳو.
شهزادي ٻاگهي، محمد ابڙي کي ڏسي ته مٿو ۽ پير
اگهاڙا اٿس. پاڻ بيهي رهي. شهزادي ٻاگهي جي بيهڻ
ڪري محمد به پٺيرو پري بيهي رهيو ۽ شهزادي ٻاگهي
کي ڀليڪار ۽ آجيان ڪيائين. شهزادي ٻاگهي چوڻ لڳي
ته: ادا محمد! ڇو تون اسان ڏي منهن نٿو ڪرين؟ محمد
ابڙو چوڻ لڳو ته: مون وٽ اهي بي شرميون اکيون نه
آهن جو دودي جي ڀيڻ ڏي سامهون نظر وجهي ڏسن. ٻاگهي
چوڻ لڳي ته: ادا محمد! جزاڪ الله، جهڙو ٻڌم، تهڙو
ڏٺم! محلي ۾ پهچي ويا. شهزادي ٻاگهي ڏٺو ته اسان
جي اچڻ موجب محلي ۾ به تڏو وڇايل آهي، سندس ڪٽنب
جا سڀئي ماڻهو سـِـر ننگا ڪيو ويٺا آهن. شهزادي
سام کي به تڏو مليو، انهيءَ تڏي تي شهزادي ٻاگهيءَ
جي عزيزن ۽ قريبن جي مؤت جا ڏک فراق، شهزادي ٻاگهي
سان ملهايا ويا. هڙ ئي حال هڪڙو ٿي رهيو. سام وڃي
سوگهي ٿي محمد ابڙي وٽ.دودو سومرو به منزل به منزل
پهچي ويو رڻ ميدان ۾. عالادين بادشاهه سان اڳئي
چنيسر جا واعدا بيان ڪيل هئا ته: دودو تنهنجي مارڻ
جو ناهي، اهو منهنجو توسان واعدو آهي ته توکي آءٌ
ماري ڏيندس. عالادين چنيسر کي چيو ته: واعدي پوري
ڪرڻ جو موقعو تنهنجو هاڻ آيو آهي. چنيسر چيو ته:
دودي جي مارڻ جو! تنهنجو مون سان واعدو آهي. اها
خبر پاڻ ۾ ڪيائون. سج لهي ويو، رات پئجي ويئي.
عالادين جو پٽ، نالي سالار خان جنگ تي تيار ٿيو.
سورهن لک فوج هيس. رات گذري، پرهه باکون کنيون،
سالار خان جنگ جو نغارو ڪري، فقير چئي ٻڌائي، ڀلي
بيت ڀـُـڪائي:
رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
غوث بهاؤ الحق جو نر هڻي نعرو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، وڳو سالار نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، هلي آءُ دودا تون آءُ
دودو چڙهيو ديم سان، ساري حضرت شاه
ساوا پـِـيلا گلاب جا ٻڌا جـُـهڙ جهنڊين
اچي وڙهيا ڪٽاريين ڪاتين، ٿا بڙڇون ڀالَ هڻن
مردن مٿان رڪ جون، تاوَ تراريون ڪن
مر سي مائن ڄائيا، اورانگهيو اچن
ڌڙ جني جا ڌوڙ ۾، للهنگ ٿا ليٽن
کنا خفيفن جا واڪي ساڻ وڄن
پرزا پوشيدن جا اُڏريو عرش وڃن
نديون نير پلوٽيون، وڳهه واهه وهن
هي دُزيجـِـي داناء آهن، حاجي زئي هڻن
ڪاڪڙيجي ڪاهه ڪيو ’علي علي‘ ڪن
پلٿي باز پٺاڻ آهي، تنهن جـُـنگ سان ناهي جاءِ
گهوڙا پاريل تن جا، ڊوڙيو ڌڪ هڻن
هنيو سنگينون سامهڻيون، وڃو گهوڙي پيٽ لڪن
دودي پالڪيون پرزا ڪري، هول ڀڳؤن هاٿين
ڀؤ ڀڳؤن ڀـُـورن جا، ڪـِـريو ڪـَـڪا ڪـِـيهون ڪن
اڳيان هاٿي ڏٺئين راولو، جنهن تي ڊوهه ڪيو ڊوهن
پالڪي هـُـئس ٽامي جي، ڀريل هئي بڙڇن
دودي جي نـُـري ٽپ ڏنو، ڀڙڪـِـي منجهه ڀالن
گهوڙِي ۽ سوار مري پيا،
جن کي لڳو زهر سنڌن
دودو ڊٺو رڻ ميدان ۾، ڀـَـوَ ڀوڄن.
جڏهن سالار خان لڙائي جي تياري ڪري جنگ جو نغارو ڪيو، ۽ دودو به پنهنجي لشڪر
سان تيار ٿيو، اچي رڻ ميدان ۾ لڙائي شروع ڪيائون.
ڪٽاري ڪاتي جو جهيڙو ۽ کـَـني جي کيڏ هلي. لڳل
لڙائيءَ ۾ عالادين چنيسر کي چيو ته: دودي جي
مارائڻ جو واعدو پورو ڪر! صلاح چنيسر ڏني ته: ٽامي
جي پالڪي اُها پنهنجي راولي هاٿي تي رکاءِ، جنهن ۾
زهر جا ڀالا ۽ بڙڇيون، ۽ زهر مان سـَـنڌي، پالڪيءَ
۾ اُڀا ڪري، بيهار. دودي جي گهوڙي اُڏامي ٻالڪي ۾
بيهندي آهي. پاڻهي دودو گهوڙيءَ سميت ختم ٿي
ويندو. ٻيو وڌيڪ ته دودو منهنجي مارڻ جو نه آهي.
چنيسر جي چوڻ سان، انهيءَ ريت هاٿي تيار ڪري،
هاٿين کي نمبر سان بيهاري ڇڏيائون. پهريائين
مـُـهڙ ۾ ٻيا صوبا ۽ هاٿي هـُـئس، انهيءَ دغا ۽
کوٽ جي دودي کي خبر ڪانه هئي. دودو لڙائي ڏيندي،
هاٿي ماريندو، صوبا ماريندو، گهوڙِي ڪاهيندو، لشڪر
سان پئي جهيڙو ڏنائين. جڏهن مـُـهڙ وارا هاٿي ماري
آيو ته دودي کي پڪ ٿي ته وڏو سپه سالار به انهيءَ
۾ آهي، جو پالڪي ٽامي جي اٿس. دودي پنهنجي گهوڙي
کي وٺي زور سان ڪاهيو ۽ ٻنهي پاسي تيز تلوار پئي
وهائي. جڏهن انهيءَ هاٿيءَ وٽ رسيو، گهوڙيءَ جون
واڳون کنيائين. گهوڙيءَ کي قدرتي پـَـر هئا، سا
ڀـَـڙڪو کائي اچي پالڪي ۾ لٿي. پالڪيءَ ۾ اندر
بڙڇيون، ڀالا، تير، زهر سان سـَـنڌيل رکيل هئا
گهوڙي مٿان ٿي ته پالڪي ۾ اندر بڙڇيون ۽ ڀالا،
گهوڙِي ۽ سوار مان چڙهي پيا. گهوڙِي اڳئي ٽامي جي
فرش تي بيهندڙ هئي. جيڏي مهل ٽامي واري پالڪيءَ تي
گهوڙيءَ جا پير لڳا ته گهوڙيءَ کي به معلوم ٿيو ته
شايد پنهنجي ٺاڻ تي آئي آهيان. دودي گهوڙيءَ جون
واڳون سنڀاليون، پر عرصي کائڻ کان، گهوڙي ڀڙڪو
کائي نه سگهي، تيسين گهوڙيءَ کي ۽ دودي کي ڀالن
وارو سـَـنڌيل زهر سنڌن ۾ ويهي رهيو. دودو بيهوش
ٿي ڊهي پيو. عالادين جي لشڪر ۾ ساهه پئجي ويو ته
اسان جي مٿي تي جا ملامت ۽ مصيبت هئي، سا چنيسر جي
صلاح سان قدرت اسان تان معاف ڪئي.
دودي جي مرڻ کان پوءِ عالادين چيو ته: جنهن دودي جو دِلي سوڌو ڌاڪو هو،
چنيسر! هـَـل ته ڏسي اچون. عالادين ۽ چنيسر گڏجي
رڻ ميدان ۾ دودي کي ڏسڻ آيا. جڏهن اچي ڏٺائون ته
دودي جا ٻئي شـَـهـَـپر هوا جي وسيلي ڦـڙڪڻ لڳا.
عالادين کي خوف ٿيو ته آءٌ جو دشمن آهيان، دودي جي
مـُـنهن تي پيو آهيان، تڏهن ٿا دودي جا شهپر ڦڙڪن.
سو عالادين پنهنجي پير سان دودي جي لاش کي ٿـُـڏي
جو اشارو ڪري، چوڻ لڳو ته: منهنجي لشڪر ۾ ڇڏيو ڇا
اٿئي جو منهنجي آئي تنهنجا شـَـهپر پيا ڦـَـڙڪن!
اتي چنيسر کي خار لڳو ته: دودو تنهنجي مارڻ جو هو
جو مـُـئل مڙس کي ٿـُـڏا ٿو آڇين! اها ڳالهه ڪري
چنيسر اچي بگڙيو. عالادين کي چيائين ته: دودو مون
مارايو، مئل کي تو ٿـُـڏو ڇو هنيو؟ هاڻي آءٌ توکي
نه ڇڏيندس! اها ڳالهه ڪري ترار کڻي اچي عالادين جي
لشڪر ۾ پيو. ٽي منزلون پوئتي عالادين کي هٽايائين.
عالادين چنيسر کي چوڻ لڳو ته: دانهن به تنهنجي تي
آيس، وري دشمن به تون ٿيو آهين! ائين به ڪڏهن ٿيو
آهي؟ چنيسر پنهنجي واعدي ڏي ڏسي، پاڻهي پاڻ کي
گهات ڪيو. عالادين تي فرض رکيو هئائين ته منهنجو
لاش وڳهه پهچائج، سو عالادين چنيسر جو لاش، وِڳهه
روانو ڪرايو ۽ پاڻ به ڪاهه وِڳهه تي ڪيائين ته
سومرا سڀ مارجي ويا، باقي ٻاگهي جي ٻانهن، اُها
وٺيو وڃان.
عالادين به آئيو، وِڳهه ڪوٽ مٿان
وِڳهه وانگـِـي ڪونڪو، ڪنهن سان جنگ ڪيان
ٻاگهي سندي ٻانهن جي، ڪنهن کان خبر وٺان
مـُـلڪ محمد ابڙي ڏي، ويئي سام هـِـتان.
عالادين بادشاهه جڏهن وِڳهه جي ڪوٽ تي آيو ته ڪوٽ ويران نظر آيس. وَصـِـي
وارث ڪونه هو، در دروازا بند هئا. عالادين پـُـڇا
ڪئي. ڏس مليس ته ٻاگهي هـِـتي ڪانهي، سام ٿي محمد
ابڙي جي مـُـلڪ ويئي. وري وڃ پوئتي، ٻاگهي توکي
ڪانه ملندي! عالادين اها ڳالهه ٻڌي محمد ابڙي جي
ملڪ تي ڪاهي آيو. اچي جنگ جا خيما کوڙيائين. محمد
ابڙو پنهنجي پٽ کي ۽ پنهنجي راڄ کي ساڻ گڏ وٺي،
لڙائيءَ جي ميدان ڏي هلڻ لڳو. اول عالادين جو پٽ
سالار خان لڙائي لاءِ تيار ٿي، جنگ جو نغارو ڪرڻ
لڳو، سو شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:
رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، اُڀريو تارو
غوث بهاؤ الحق جو نر هڻن نعرو
ڀڀڪي ڀير دليءَ جي، وڳو سالار نغارو
ڌچر ٿو ڌان ڌان ڪري، هلي آءُ محمد تون آءُ
محمد چڙهيو ديم سان، ساري حضرت شاه
گهوريان سـِـر سام تان، جا آئي مون وٽ آهه
ساوا پـِـيلا گلاب جا ٻڌا جـُـهڙ جهنڊين
وڙهيا ڪٽاريين ڪاتين، ٿا بڙڇون ڀالَ هڻن
مردن مٿان رڪ جون، تاوَ تراريون ڪن
مر سي مائن ڄائيا، اورانگهيو اچن
کنا خفيفن جا واڪي ساڻ وڄن
ڌڙ جنين جا ڌوڙ ۾، للهنگ ٿا ليٽن
پرزا پوشيدن جا اُڏريو عرش وڃن
نديون نير پلوٽيون، لوهـُـو لـُـڙ لڙهن
غازي محمد ابڙي جا، گوڙون ڏيو گـُـڙن
’هڻ وڙهه‘ وائي وات ۾، ٻي نا ٻولي ڪن
هي پلٿيباز پٺاڻ آهي، هڪڙا اٿن ٻيا وِهن
گهوڙا پاريل تن جا، ڊوڙيو ڌڪ هڻن
هنيو سنگينون سامهڻيون، گهوڙي پيٽ لڪن
پالڪيون پرزا ڪري، هول ڀڳؤن هاٿين
ڀؤ ڀڳؤن ڀـُـورن جا، ڪـِـريو ڪـَـڪا ڪـِـيهون ڪن.
---
محمد گهوڙو ڪاهيو ساري حضرت شاهه
ڪاهي هليو ڪٽڪ ۾، تابش ڪري تاءُ
وٺان وير سومرن جو، جي وِڳهه ورياما
گهوريا سـِـر سام تان، جا آئي وڳهه ڪوٽ منجهان
پـُـوريون ڪيون پاڻ ۾، سـَـپڙ ۽ سالار.
اچي پٺاڻن ۽ ابڙن جو پاڻ ۾ مقابلو ٿيو. شهزادي ٻاگهي سامَ جو محمد ابڙي کي
چوڻ هو ته: ادا محمد! لڳـِـي جنگ مان به هر روز
مون کي خبر سـُـڻاءِ. محمد ابڙو، سام جو سـِـير
ايترو سمجهندو هو، جو پنهنجي گهر سامَ وٽ ايندو هو
ته پـُـٺيرو ٿي ايندو هو، ۽ پٺيرو ٿي ڳالهائي
ويندو هو. ٻاگهي ستائيندي هيس ته: ادا محمد! تون
مون کي پنهنجو مـُـنهن ڏيکارين ته آءٌ پنهنجي دودي
ڀاءُ جي مـُـنهن جي سـِـڪ، تنهنجي منهن مان ڏسي
پوري ڪريان! محمد چوندو هو ته: مائي! تـُـنهنجي
منهنجي ڏي آءٌ ڏسندس، هـِـڪ ته منهنجو هيانءُ ڦاٽي
پوندو، ٻيو ته سام جي منهن ڏي ڏسڻ بي ادبي آهي.
انهيءَ لڳل جنگ ۾ سانجهي صبح، محمد، ٻاگهي جي
دلاسي لاءِ ويندو هو ۽ شهزادي ٻاگهيءَ کي چوندو
هو: الله ڪندو توهان جو دشمن ماري آءٌ دل خوش
ڪندس. ڀلا، دنيا دم گذر آهي، جنهن ڏينهن ڏسين ته
محمد ابڙو ٻاهرئين دروازي تي تلوار جي ٽيڪ تي
سـِـر رکيو ويٺو آهي، انهيءَ ڏينهن پنهنجي الله
کان پناهه گهرجئين ۽ پنهنجي همت پاڻ ڪجئين.
جڏهن محمد ابڙي جو پٽ سـَـپڙ لڙائي ۾ مارجي ويو. تڏهن عالادين جو پٽ سالار
خان، اهو ڀي لڙائي ۾ مارجي ويو. جيئن ته شاعر
ڏيکاريو آهي ته ”سپڙ ۽ سالار، پوريون ڪيون پاڻ ۾“
. هتان هـُـن جو ڌڪ آيو، هـُـتان هن جو ڌڪ آيو.
اهي به ٻئي جنگ ۾ ختم ٿي رهيا. محمد ابڙو گهائجي
پيو، تنهن ڏٺو ته هينئر منهنجو بچڻ ڪونهي. سام سان
واعدو ڪيو اٿم، اهو واعدو پورو ڪرڻو اٿم. هلندڙ
جنگ ۾ جهنڊو ڏيکاريائين، جنگ بند ٿي رهي. محمد
ابڙي موٽي اچي پنهنجي لـَـکـِـي دروازي تي تلوار
جي ٽيڪ پنهنجي نراڙ کي ڏئي ويهي رهيو. قدرت، اُتي
دم پرواز ٿي ويس.
ٻاگهل جي ٻائي جي هردم نظر دروازي ۾ هوندي هئي. تنهن ڏٺو ته محمد ابڙو ترار
جي ٽيڪ پنهنجي سر کي ڏيو ويٺو آهي. شهزادي سڏ ڪري
محمد سان ڳالهايو، پر محمد سڏ نه ڏنو. تڏهن شهزادي
ٻاگهل هڪل ڪئي ته: محمد ورندي نٿو ڏئي. ڏسو متان
گهائجي آيو آهي! ماڻهو اڳتي وڃي جانچ ڪرڻ لڳا ته
محمد ابڙو گذاري ويو. اها خبر شهزادي باگهي ٻڌي،
دل ۾ ويچار ڪيو ته جنهن سـِـر جو بانور هو، سو
پـُـٽ ۽ ڪٽنب سوڌو قربان ٿي رهيو. هاڻي منهنجو
الله کان سواءِ ڪوبه وارث ڪونهي. هـِـت دشمن جو
گهيرو آهي. تنهنڪري ٻاگهي ڪوشش ورتي وري وڳهه ڏي
موٽڻ جي. راتو واهه ٻاگهي وڳهه ڏي موٽي ۽ صبح جو
عالادين ڏٺو ته لڙائي نه لڳي، الائي ڇو؟ اُتي
معلوم ٿيس ته محمد ابڙو، پٽ ۽ ڪٽنب سوڌو مارجي
ويو، ۽ سامون وري وڳهه ڏي موٽي ويون. عالادين به
وڳهه تي تياري ڪئي. جيڏي مهل تيار ٿيو ته سندس
گهڻو لشڪر لڪي ڀڄي ويو. باقي ڪي سپاهي واجبي هن
سان گڏجي وڳهه تي چڙهي آيا. ٻاگهي به وڳهه جي ڪوٽ
تي پهچي وئي ته عالادين جي لشڪر ڀي وڳهه جي ڪوٽ تي
سٽڪو ڪيو. عالادين جو لشڪر ڏسي شهزادي ٻاگهي بيت
چوڻ لڳي:
ٻاگهي روندي آئي، لـَـکـِـي در مٿان
ته وارث منهنجا وير هئا، وڳهه ورياما
گهوري سـِـر گهوٽن ٿيا ڪوڙين قربانا
نالي نام الله جي، ڪو بـَـندين ٿئي بچاءُ
ڌرتي جي مون جاءِ ڏيوي، ٿيوان زمين ۾ ضايع.
عالادين جو لشڪر ايندي ڏسي ٻاگهي رب کي سوال ڪيو ته: يا الله! وارث منهنجا
جيئـِـي هئا، سي سڀ مون قربان ڪري ڇڏيا. منهنجو
وصي وارث تو الله کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪونهي، هاڻي
تون پناهه ڏيّ! الله مهربان آهي، تنهن ڀلائي ڪئي،
زمين پيرن کان ڦاٽي پيئي، ٻاگهي ساڻ جـيئـِـي ننگر
دودي جا ڪوٽ ۾ اندر هئا، ۽ جن تي شريعت موجب حق
نڪاح جو چوڻ آکڻ نه هو، اُهي سڀ زمين داخل ٿي ويا.
باقي رهيل ماڻهو تن کي دشمن اچي گهيريو ڪيو.
عالادين ٻاهران جنگ جو نغارو ڪيو، اندر شهزاديون
پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳيون ته: پنهنجا وارث سڀ قربان ٿي
ويا. باقي پنهنجا سر رهيا آهن، جن تي عالادين
گهيرو ڪيو آهي، هاڻي پاڻ ڀي پنهنجي همت نه ڇڏيون!
مردانا ويس رکيا آهن، سڀڪا پنهنجي مرد جو وڳو پائي
۽ دستار بندي ڪري، پنهنجي ڪمر تي ترار ٻڌي، سـِـپر
هٿ ۾ کڻي، پنهنجي الله کي سنڀاري، جنگ جو نغارو
ڪيون. پنهنجي سرن تان پنهنجا وارث ڪـُـسي سڀ قربان
ٿيا، پاڻ به ائين سر قربان ڪريون، جيئن ويري هتان
جيئرو ٻاهر وٺي نه وڃي. اها صلاح دودي جي راڻـِـي
نالي ’پـَـٽـُـل‘ پنهنجي ڪٽنب کي ڏني. راڻيءَ کي
پيٽ ۾ اميدواري هئي، پڪا ڏينهن پورا ٻچي ڄمڻ جا ٿي
رهيا هئا قدرت الاهي، انهي مهل ۾ راڻي پٽل جي پٽان
ٻچو پيدا ٿيو، ۽ پـُـٽ ڄائو. پٽل راڻي سندس نالو
سندس ڏاڏي ڀونگر راء جو رکيو. پوءِ سندس ڪٽنب ۾
ماڻهن مردانو ويس ڪري، جنگ جو نغارو وڳهه جي ڪوٽ
اندران ڪيو. سو شاعر بيت شروع ڪري، فقير چئي
ٻڌائي، سو ڀلي بيت ڀڪائي:
عالادين هلي آئيو لکي در مٿان
وڳو نغارو جنگ جو وڳهه ڪوٽ وچان
ڪـُـڙهو ڪنبي ويو ڪـُستان جو، روئي رت مـُـنها
ته نالي نام الله جي، مون بندي جو ٿئي بچاءُ
ٻاگهي سندي ٻانهن جي، مون دلئون ڇڏي دعويٰ
اوهين پرچو پاڻ ۾، آءٌ وريو ديس وڃان.
جڏهن اندران جنگ جو نغارو لڳو ته عالادين ٻاهران اَمن جي گهـُر ڪئي. دستور
موجب بادشاهي رواج آهي ته امن گهـُـر ڪرڻ واري تي
امداد ڪندا آهن. هنن امن ڏنو ۽ شرط چوڻ لڳا ته:
اسان جا شرط پورا ڪر، جي شرط پورا نه ڪندين ته تو
امن نه گهـُـريو آهي. عالادين چيو ته: سومرن مان
ڪوبه ڪونهي بچيو، لڙائي ۾ هڙ مارجي ويا، باقي ڪهڙو
سومرو آهي جو مون سان جنگ جو نغارو ٿو ڪري؟ تڏهن
اندران شهزادين چيو ته: اڃان هڪڙو پٽ دودي جو رهيل
آهي، هينئر آيو آهي، هت نه هئو، مديني ويل هو.
انهيءَ کي خبر پيئي آهي، اُهو جنگ جو نغارو ڪري
ٿو. چوي ٿو ته آءٌ پنهنجن جا پلاند ڪريان پر امن
جي گـُـهر ٿـَـئـِـي آهي. امن جي ڪري شرط ٿا گهرجن. وڳهه جي دروازي تي لک ته آءٌ اُڙد وٺي آيس، سومرن مان
مون نه پـِـرايو، سومرن ۽ سمن تي ڪير ڀي سـَـڌ نه
ڪري ۽ لڙائي واسطي ڪاهي نه اچي، جيترو مون
پـِـرايو آهي، ٻيو به ڪو ايترو پرائيندو. عالادين
منظور ڪيو ۽ اهو حڪم لکيائين. تنهن کان پوءِ ٻيو
شرط هو ته دودي جي سلوار هيٺان لنگهي، سا دروازي
تي رکيائون، انهي لانگ هيٺان ست دفعا لنگهي، اِهو
واعدو به پورو ڪري ڏنائين جو رهيل لشڪر سوڌو لانگ
هيٺان آيو ويو. انهن ۾ جيڪي لانگ هيٺان لنگهي ويا
۽ انهي ملڪ ۾ رهي پيا سي ’لانگاهه‘ پيا سڏائين.
اول پٺاڻ هئا، عالادين سان گڏجي آيا هئا. جڏهن
عالادين اهي شرط پورا ڪيا ته عالادين گـُـهر ڪئي
ته ”آئـِـي مڃي سون، جهيڙو ٽـُـٽو“ . چنيسر مون
وٽ چوڏهن سال راتين جا ڪـَـٺي هو، تنهن کان پوءِ
ننگر ۽ منگر ڏٺم، ٻيا ڪئين ٻڌم، حياتي نه ڏٺم مئي
پڄاڻان ڏٺم. هاڻي دودي جو پـُـٽ مون سان ملي ته به
آءٌ ڏسان. اها ڳالهه ٻڌي راڻي جيڪو ننڍڙو ٻچو ڄائو
هو، اُهو شهزادو سوني ٿالهه ۾ سمهاري، سون جي
تنجڻن سان تنجي، ’لکمان‘ نالي ٻانهي کي ڏنائين
ته کڻي وڃي عالادين جي روبرا. جڏهن ٻانهي لکمان،
انهي ننڍڙي ٻچي کي عالادين جي اڳيان کڻي آئي ۽
چيائينس ته: اهو هيءُ آهي: تڏهن عالادين دل ۾ سڙي
ويو ته مون سان هي تـَـرڪٽ ٿيو، نه ته معصوم جي
ڪري لڙائي ڪيئن ڦٽي ڪيان ها. اِهو غصو دل ۾ آندئين
ته الله جي برڪت ۽ قدرت سان انهي معصوم ٻچي
درهڙيون ۽ ڇرڪ کائي، پنهنجي جان کان وٺي ڌوڻيو، ۽
هـُـونگرون ڏيڻ لڳو ته قدرت سان اهي تنجڻ ٻڌل ٽٽي
پيا ۽ سندس پير الله جي قدرت ۽ طاقت سان انهي سون
جي ٿالهه مان مـَـٽي ويا. اتي عالادين کي پڪ
ٿـَـئـِـي ته غصو بي واجبي ڪيو اٿم. برابر ڀاڳين
جا ڀاڻ خالي نه آهن، شينهن جا ڦر شينهن آهن، دودن
جا پٽ دودا آهن، جهڙا ٻڌم تهڙا ڏٺم. پوءِ انهيءَ
ٻانهي کي چيائين: هن ٻچي کي کڻ، مون کان اِهو به
ڏاڍو آهي. اها ڳالهه ڪري پنهنجي ملڪ ڏي ڪاهيائين.
ان وقت ست سپاهي ورتائين، ٻيا اتي رهجي ويس.
ميرپور ماٿيلي جي طرف ڏي پهتو. ڪنهن تڙ تي پاڻي پيڻ جي لاءِ بيٺو. اُتي
عورتن طعنو هنيس ته: هاڻي ڪهڙو منهن کڻي ويندين
دهلي! هي به بادشاهه هو، طعنو کائي نه سگهيو، وٽس
سچا هيرا هئا، اهي کائي ست ئي سپاهي ۽ عالادين مري
ويا، جو اڄ تائين انهي ملڪ ۾ ”گوري پير“ سڏجي.
دنيا دم گذر آهي. مرد مري شان لاءِ، نامرد مري نان لاءِ. مرد چوندو ته چڱو
ڪم ڪيان، ڀـُـلئي کي راهه ڏسيان، اُڃ واري کي پاڻي
پياريان، ڪنهن بکايل کي ماني کارايان، اگهاڙي کي
ڍڪيان، ٻيو پڙهان ڪلمون نبيءَ تي.
لا اِلـه الا الله محمد رسول الله.
-------
|