سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب:دودو چنيسر -2

باب: -

صفحو : 7

 

ڪوٽ تي چڙهي ايندو، تڏهن ننگر بيشڪ وڙهندو.

ننگر منهنجو ننڍڙو، اڃا وٽڙي کير پئي
مـُـنهن تان مـَـس نه لٿي، رڳو چـُـوڻن چاهه ڪري
وڙهندو برابر بادشاهه، پر وڳهه جي واري.

 ڀاڳو اهو ٻڌي موٽي ويو ۽ وڃي دودي کي حال ڏنائين. ننگر يارن سان گڏجي تڙ ڪرڻ ويو هو. اتي ننگر کي ٻـُـڌايائون ته تنهنجي ماءُ ڀاڳو ڀان کي ٺلهو موٽائي ڇڏيو. اهو ٻڌي ننگر ڏائي راند ڇڏي ڏني ۽ يڪدم ٻاهر نڪري يارن کان موڪلائڻ لڳو. تڏهن هنن چيس ته تڪڙ نه ڪر، اسين تو سان ڀيڙا آهيون. اهو ته هڪ عالادين بادشاه آهي، پر جي چاليهه چڙهي اچن ته به مقابلو ڪنداسين.

ننگر پنهنجي يارن کان، بيٺو ڏائي راند ڇني
ترس، تڪڙ ڪر ڪام ڪا، اسان کي وار سڪائڻ ڏي
اهو عالادين هڪڙو، مـَـر چاليهه اچن چڙهي.

ننگر پنهنجي پنجاهن ئي يارن کي پوشاڪون پهرائي، پاڻ ويس وڳا ڍڪي، دهلن دمامن سان چاچي دودي جي ڪچهري ۾ ويو ۽ وڃي ادب سان گوڏا ڀڃي ويٺو:

ننگر پنهنجي يارن کي، بيٺو پنجاهه نـِـي پهرائي
زري ۽ زربفت جا ٿو وڳا ويس ڪري
دهل دماما ڌوڪڙي، ٻيا ناچو نچائي
ٻـَـڌي ٻانهون رومال سان، ٿو گلم گوڏو ڏئي.

دودو حيران ٿي ويو ته گوڏي کوڙڻ جو عقل هن کي ڪنهن سيکاريو. انهيءَ حيراني ۾ هو جو سندس دوست محمد اچي سلام ورايو ۽ ان جو سلام ڪونه جهليائين. انهيءَ تي محمد ڀانيو ته ننگر جي ڪري منهنجو سلام ڪونه جهليائين. سو دودي کي چيائين ته:

ننگر تنهنجو ننڍڙو، جنهن کي وَهي کير مـُـنهان
جنهن کي ڇڏي نه سيڪ سانڌاڻ جو جنهن جا لوهر ناناڻا!

يعني ته هن ننڍڙي ننگر جي ڪري جنهن جي لک نسبت ۾ رولو آهي ۽ جنهن جي پيءُ جا ناناڻا لوهار آهن، دودا! تو منهنجو سلام نه جهليو. اتي ڪاوڙ مان ننگر به محمد جو سلام ڪونه جهليو ۽ ڏانهس نهاري چيائين ته:

پڻهين - ڀيڻ تو پـُـڦي، سا منهنجي سڳي ماءُ
لـَـڄ اَچـِـنهان ڪانڪا، جو ڏِنان سومرن
(1) ڏانه.

سومرن جلسو ڪيو هو، جنهن ۾ ڀائر گهرايائون ته ڪو مڙس اچي سانـَـهن جا سڱ سنوان ڪري. محمد سڱ سنوان ڪيا هئا. پنهنجي اها پهلواني واکاڻيندي ننگر کي جواب ڏنائين ته:

سومرن سومار ڪيو، مڙيو گهوڙن لک لشڪر
سانـَـهنِ سڱ سنوان ڪري، وِنگن لاهي ور
ڦـِـري فوجن وچ ۾، ساران وَر سڌر. (2)

تڏهن دودي چيو ته: هڪ ٻئي کي رنن وارا مهڻا نه ڏيو. اسان وٽ ارڙهن مـَـڻ چـُـڪُ پيو آهي، جو آءٌ ۽ چنيسر ٻئي کڻندا آهيون. ٻنهين مان جيڪو کڻي سو ٻئي کي سلام ڪري. محمد چيو ته: مون زور لاتو آهي پر مون کان نٿو کنيو ٿئي. ننگر هلي کڻي ته آءٌ سلام ڪريان. ننگر چيو ته: آءٌ کڻندس.

اٿيو ڪؤنر ڪچهريءَ مان، نـَـهرو ننگر راءُ
چنبو ڏنائين چـُـڪ کي، ساري حضرت شاهه
کڻي پير اُڀـِـي رهيو، ٻيو ساريائين حضرت شاهه
تـَـريِ مٿي تـَـرندي آيو، ڪؤنر ڪچهري ڏانه
چئي: آءُ محمد! چڙهه چـُـڪ(3) تي، ٻي ساڻ وٺي آ ماءُ.

ننگر جون اهي پهلوانيون سڀني ڏٺيون هيون. دودي به تڏهن کيس جنگ تي چاڙهيو، پر متان اتي پيءُ جو پاسو کڻي ڦـِـري وڃين:

چاچو پيو نه ٿئي، سؤٽ نه سڳو ڀاءُ
مـِـٺا رت اَبن جا، متان پرين ڪرين پرچاءُ.

تڏهن ننگر جواب ڏنو:

ڦـِـران تان ڦـُـرجي وڃان، مون کي کڻندو ڪيئن خدا
وڃان ٿو ميڙ اَبل ڏي، مون سان پرين ڪندو پرچاءُ
پر پـِـٽيل پرچندو ڪينڪي، ايندس کهنبن منجهه کڄي.

ننگر کي دودي تڏهن ئي روانو ڪيو، جڏهن عالادين اچي بـَـڪار ڦـُـري. جڏهن ننگر چڙهيو ته ڀير ڌڪاء ٿيو ۽  ’روپا - ماڙي(1)‘  جي ڀر مان اچي گهوڙا ڪڏايائين. سندس مڱ، دودي جي ڌيءَ سونل، جا ونواهه ۾ ويٺي هئي، تنهن ڀانئيو ته عالادين اچي ويو آهي. سا ٿي چوي:

ٿنڀ ٿوڻيون ٿـِـڙڪـِـي رهيا، ٻانهي! پـَـٽـِـين ۾ واڪا
هيبت هندوري گهڻي، منهنجي کٽ ڪري دَهڪا
آڻي وڌائون عالادين کي، وڳه ڪوٽ وِچا؟
تڏهن ٻانهي ننگر کي ڏسي، سندس پار ٿي ڏئي:
ميناڪاري اٿس مولهيو، ميناڪاري ڀير
پٽ چنيسر راء جو، وَني! تنهنجو وَر.

ٻانهيءَ کي چيائين ته: سڏي هن دري وٽان بيهارينس. سونل ونواهه مان اُٿي اچي دري وٽان بيٺي ۽ چيائينس:

سڄڻ! پنهنجي سور جي، مون کي سؤٽ ڏي سـَـماء
توکي بابل ڪوٺايو، تو ڪهڙو ڪيو ڳالهاء
تن مان وڃي ٿو ڪونه ڪو، جيڪي کائين ٻوڙ پـُـلاء
تون وڃين ٿو اوڏهين، ڏيندين ڪهڙا نياپا!

ننگر جواب ڏنو ته:

سور ٻڌا اٿم سندرا، سونلّ! مؤت به مولهاٽا
طبل اسان جي تخت تي، آهن قلعي قبيلا
 ’چـَـنـُـو‘  مامي(1) ڪينڪي، ڏس  ’جاڙي‘  جا جلوا
تکو تاءُ ترار جو، ٻي بڇڙي بندوقن باهه
جانب ويل جنگ جي، مونکي ايمان ڏيندو الله
روپاهه! واهيندس رت مان، تنهنجو کـِـڙيو  ’خان واهه‘  (2)
ٻيرا تنهن ننگر جا، اچي لـُـڙهي سي لنگهندا
ڦولي ڏسجئين رت ۾، ڪي ننگر نپايا.

اهو ٻڌي سونل بيهوش ٿي ويئي. سجاڳ ٿي ته چيائين:

ڪـَـنين سـُـڻندس ڪينڪي، لڳيئي نه ڪوسو واء
ڪـَـئين خان کپي ويا، هن دُڻـِـي مٿان داناء
ميڙي محمد ڄام جي، ٿيندو اسان جو نڪاح.

ننگر جڏهن ٻاگهي جي محل جي سامهون آيو، تڏهن ٻاگهي چيس ته:

وڃين ٿو وڪيل ٿيو،ننگر‍ پورو ڪج نياءُ
جي ڀائين ڀـَـر ڏاکڙو، ته منهنجو سـِـر ڏِجاه
مون ڏني جڳ ڇـُـٽي، ته مڙس نه مارائجاءِ.

تڏهن ننگر جواب ڏنس ته:

مرندين شال  ’وڳه‘  ۾، تنهنجو سـِـر چـُـمي چايان
مڙس ڏيندوسئين سومرو، جو پنهنجو مٽ ڀانيان
رکندوسئين  ’ماروئڙي‘  مقام ۾، ڏيئي سامي سان لاوان.

پنهنجي مريم ماءُ وٽ آيو ته کانئس پڇيائين. تڏهن ننگر ڄڻ طعني طور جواب ڏنس ته: چاچي سان ائين ڪري آيو آهيان، جيئن ابي ڪيو. اتي ماڻس هاءِ هاءِ ڪري چيو ته:

پـِـنيو هئو مئين پـِـيرن وٽان، پـُـٽ! دستگير هٿا
هادي پنهنجي هدايت سان، توکي پرور ڪيو پيدا
تـَـنجيو هئومئين تلوار تي، پـُـٽ! ڪانَ جي ڏِنام دعا
ري وِضـُـو، ري مسحي، مون بـُـبا نه توکي ڏنا
پر سائين جي سرڪار ۾، منهنجا پورهيا صاب نه پيا!

انهيءَ ڏک ۾ ته ننگر دودي کي پڻس وارو جواب ڏيئي آيو آهي، مريم ويس وڳا، ڳهه ڳٺا لاهڻ لڳي:

ڳهڻيءَ ڳهه ڇڏيا، هوري ڇڏيا هار
مـِـينڍا تنهن مريم جا، لـُـڙ ۾ لٽيا وار
چئي: وَر وڃايم وَلـَـهو، پر پـَـسو پـُـٽ جا پار!

تڏهن ننگر سمجهايس ته:

نٿ نه لاهج ڪينڪي، اڃا بابل جيئرو آه
وَڇن جي وَڇ - واهـُـرو، اڃا دودل ويٺو شاه
جو مون مـُـئي کان پوءِ ڏيندو دِليءَ کي داب.

پوءِ ننگر کيس ٻڌايو ته هو شادي کان به اڳ جنگ تي ٿو چڙهي ۽ سورهيه ٿي وڃي سر ڏيندو. جڏهن سندس مڙهه کڄي اچي ته ان سان سنوڻ ساٺ ڪري:

جي جيجل ڏاج رڱايئي سي تنهنجا رَتا پيا لـُـڙبا
مـَـنـَـهن مانيون ٿيون هلن، تنهنجا رڌا طعام رهيا
ننگر ڀونگر هليا، آڏو دِليءَ جي بادشاهه:
آءٌ ماريندس ڪـِـن کي، ته ڪي مونکي به ماريندا
ايندءِ مـَـڙهه اُٺن تي، جيجل! ننگر ڀونگر جا
ساري ساٺ ڪـَـجام ڪي، آيل! مڙهن جا.

ماءُ اِهو ٻڌي ڍڪرجي وئي. دودي جي زال پـَـٽول راڻي، اهو حال ڏسي دودي وٽ ويئي ۽ چيائينس:

پاڳ ڦاڙي پـُـرزا ڪريئين، تنهنجي ڇٽ وجهان ڇائي
هـَـڏي تي هوڏ ڪري، ڪـَـيئي جانب جـُـدائي
هاڻي سر وڃي ڪر صدقو، عالادين اڳيان ئي.
---

بدين طرف واري روايت

هيءَ روايت ٻن مکيه ڳالهين تي مشتمل آهي: (الف) بدين تعلقي جي ماڇين واري روايت، جنهن ۾ چار ڳالهيون شامل ڪيون ويون: (1) يار محمد ماڇي (تعلقو بدين) جي کنيل ڳالهه (2) جمعي مهاڻي (تعلقو بدين) جي ٻڌايل ڳالهه (3) دودي مهاڻي (تعلقو بدين) جي ٻڌايل ڳالهه، ۽ (4) احمد خان نظاماڻي (تعلقو ماتلي) جي ٻڌايل ڳالهه، جن مان پهرين ڳالهه قدري سربستي آهي، باقي ٽيئي ڳالهيون اڻپوريون آهن. (ب) تاج محمد (تعلقو بدين) جي ٻڌايل ڳالهه، جيڪا پڻ اڻپوري آهي، ۽ ان جا فقط بيت شامل ڪيا ويا آهن. مواد ۾ سٽاء جي لحاظ کان اهي جملي ڳالهيون اصل ۾ ساڳي هڪ ئي ڳالهه جون جدا جدا روايتون آهن، جيڪي مختلف راوين وٽان هلنديون اسان تائين پهتيون آهن.

 

 (الف) بدين ضلعي جي ماڇين واري روايت

 

1- يار محمد ماڇي (تعلقو بدين) جي کنيل ڳالهه

[هي ڳالهه يار محمد ۽ سندس ساٿين بدين ۾ يارهين جي ميلي (19 - 20 ڊسمبر 1964ع) تي کنئي. يار محمد پٽ ڪانڊيرو ماڇي، ويٺل ديهه ڪـُـنڀاري (لڳ حاجي غلام جوڻيجو)، ان وقت عمر 45 سال کن. چيائين ته: آءٌ اڃان ننڍو هوس جو عـَـلو مهاڻي (ويٺل ڄار جي مياڻ، تعلقو ميرپور بٺورو) اچي اسان وٽ ڳالهه کنئي. اڳ اسان جي ملڪ ۾ ڳالهه ڪانه هئي. پوءِ ٻارهن مهينا وٽس رهي مون ڳالهه سکي. ڇهن مهينن کان پوءِ استاد خود منهنجو جهـِـيلي ٿيو. علو پڪو مڙس هو، جڏهن مون ڳالهه سکي ته به هو 55 ورهين جي عمر جو هو. ڏيڍ سال کن ائين گڏجي ڳالهه ڳائيسون، پوءِ علو گذاري ويو. ان کان پوءِ ٻين مون کان ڳالهه سکي، جن مان 1- علي محمد ماڇي ويٺل ڪڙيو گنهور، عمر 40 سال، 2- کـَـمـُـون مهاڻو ويٺل غلام شاه تعلقو ٽنڊو ڀاڳو، عمر 25 سال، 3- ولي محمد ماڇي ويٺل ڏندو تعلقو بدين، عمر 30 سال. هن وقت يار محمد جا جهـِـيلي حسين بخش ماڇي، محمد هاشم ماڇي ۽ اسماعيل ماڇي آهن. يڪتاري ۽ ٻن گهڙن تي لوڙائو مان ڳالهه کنيائون. ن - ب[

يارو اول ساراه سائين جي!

اول نام الله  جو، ٻيو رسول هو
ٻيو ته پير مڪي ۾ جت حاجين حج پڙهيو
ٽيون پير محي الدين جنهن جو نالو موچارو
وڏو ته پير ولايت ۾ آهي ڪـُـرسيءَ ڪنارو
ڀٽائي سـُـڄي ڀٽ ڌڻي، جنهن جو قبو ڪرارو
سدار شاه سـُـڄي گاجاه تي، سيد سوڀارو
ميون ڪريم لاڙ ۾ آهي پيرل پاڳارو
محموداڻي ملڪن ۾ سـُـڄي اَويس موچارو
تنهن تان لال لڪيءَ  ۾ سـُـڄي صدر سوڀارو
ڪؤنڇي پاس ڪنڌين، جي سـُـڄي ساجن سوائي
مؤجون ڪري مينهن وانگر، ڪـُـل جون ڪري پوريون
لڪياري سـُـڄي لاڙ ۾ سو غلام شاه غازي
ڪيهر شينهن گجي بيٺو بديڻن وارو پير
ڀاون شاهه بديڻن مان عليءَ قطب لڏيو
اهڙا لڏي ويا لوڪ مان، تنهن کي امت ڪندي ڪوه
سوا لک نبين جو ساري ڪل ۾ ڪرارو
بادشاه پير جيلان ۾، جنهن جو عرش ۾ اوتارو
صديق محمد پير تي غوٽ جو آرو
نظر محمد نوراني جنهن جو ڍاريو آهي ڍارو
ابوبڪر، عمر، عثمان، چوٿون علي ڪرارو
ٿيندو اڳ ۾ محمد مصطفيٰ، پٺ ۾ جڳ سارو.

---

مالڪ تن ملڪن تي صاحب اُڀاري سج
ساري هن امت لاءِ صاحب خلقيو سج
ري ٿنڀين ري ٿوڻيين آگي عرش اَڏايو اُڀ
قطب تارو ڪتين ۾ تيئن پيرل پاڳارو
چنڊ سونهي ٿو تارن ۾ تيئن بديڻن جو ڪٽاڙو
(1)
شيخ ڀرڪيو آچاري جنهن جو وريو آهي وارو
عليءَ جي هڪل سان ڏڪي ڪوٽ هو ڪـِـرندو
علي پنهنجي پٽن جو ڪيو شادي جو سعيو
شاديءِ مان غمي ٿي جنهن تي امر ٿي آيو
امام حسن ۽ حسين لاءِ سائو ويس لٿو
ويس وڌو ٿي حسن، جنهن کي زهر کڻي ورتو
ڀري پيالو زهر جو امام حسن ٿي پيتو
ڪربلا ۾ شهيد ٿيو وڃي ڏوهٽو رسول جو
حاجي شاه ٿو عرض پني منهنجا قادر ڪـَـج ڪـَـٺو
سڀئي لڏيندا لوڪ مان، ڏسندا محمد جو ميڙو
هوندؤ سڀ ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندؤ.

چون ٿا ستين پيڙهي هئي جو دودن جي جنگ لڳي:

مردن ٻڌو معاملو پيڙهيءَ پڳ مٿان
پنجاهه لک جي پڳ کڄي آئي سوني ٿالهه منجهاء
چنيسر جي پٽ لوهاري جي هر ڪنهن سڌ سماء
دودو سڄو سون جو، جنهن کي ريهه رُپي جو ناه
ٻڌايون پڳ دودي کي، جنهن سـِـر جوڙ جڳاء.

ساٽڙو گاٽڙو ڀائر، تن چيو ته: پڳ ٻڌايو دودي کي. ان ڏينهن چنيسر شڪار تي ويو هو. ڪن چيو ته دودو نه مڃيندو. پڳ کڻي آيا ۽ چيائون ته:

ويـهـه دودا ســومـرا، قـْڳ حــّو ڀــيـر ڏيــــون.

دودي چيو ته:

پڳ چنيسر مير جي، ٻڌندو منهنجو ڀاء
پڳ ٻڌندس ڪينڪي، مونکي کـَـمندو ڪين خداء.

ڀائرن چيو ته: پڳ کڻي ٻڌ. دودي چيو ته: چنيسر شڪار تي آهي، منهنجا گهوڙا ڀلا آهن، سو ڪاغذ لکي ٿو موڪليانس. اجهو ٿو اچي.

دودو لکي خط، واري چنيسر ڏانه
ته پڳ لڳو آهي مامرو، چڙهي چنيسر آءُ
خاطيءَ خط اُٺائيا، ويا ٻهڳڻ ٻيلي ڏانه
ڪڇ ڀڄ ۽ ڪاڇيل تي، ويا ٻنگالي ڏانه
مير مـُـهاڙيـِـن وچ ۾ خان به کـُـڏڻي ڏانه
خاطيءَ خط اُڇلي وڌا چنيسر جي مهندا
پڙهيو پروانا ڀاءُ جا مـُـرڪي مير مـُـنها.
ته ڀلي ڄائين دودا سومرا، تنهنجي نـِـچ ويائي ماءُ
ڀائر پرچون پاڻ ۾،  پاڻ کي راڄ ڪندا ڇا؟

چنيسر گهوڙا سنڀرايا ته وڳهه ڪوٽ هلو:

سڏ ڪيائين سئيس کي ته ڪـَـينڪٽ ڇوڙي آ
وجهي گـُـل گادِيءَ  ڪر زمرد ساڻ جڙاء
رک سنج سنجاف تي ڪر هيري ساڻ هـَـنا
سرخي يار سنجاف جـِـي، ڇڏ وِڳه واڳ وراء.

چنيسر چڙهيو ۽ وڳه ڪوٽ کي ويجهو آيو ته هتان دودو به استقبال لاءِ اُٿيو.

دودو نگاهون ڪري، منهنجو ادل ٿو به اچي
رَئي ڏٺائين آسمان ۾ نـَـر چنيسر جي آهي
ڪؤنر ڪچهريءَ وچ ۾ ڪيو چنيسر اچي سلام
ته ڪئين لڙڪي پيا لغامن، ٻيا دانـَـه دُنبچين ڏانه
لهڻ چنيسر کي پـَـٽ تي ٿئي ڪانه جاڳاهه.

پر قدرت کي جيئن ڪرڻو هوندو تيئن ٿيندو. هاڻي ٿي قدرت ٿئي ائين جو ڀائرن چيو ته:

ويـهه چـنـيـسـر سـومـرا، تـوکـي پـڳ حـّو قـَيـر ڏيـون.

چنيسر چيو ته: گهڙي کن موڪل ڏيو ته بنگلي مان ٿي اچان ۽ ماءُ کان به پڇان.

خـوشـيءَ مـان مـوڪـل ڏيـو، بنگلــي ڪـــم آه.

اتي دودي هڪل ڪري چنيسر کي چيو ته:

ڪارو نـِـير نراڙ ۾ توکي اُڌما ڏئي آڙاهه
ٻٽيهه تندون توکي سيني ۾، ساهين تيڏانهن ساهه
سـَـت ٻاڙيـُـون
(1) سلطان کي ٻارِين تيڏانهن ٻار
چار ئي ڪنڊون وِڳه جون وارين تيڏهن وار
نه ته ويهه وِڳه جي شهر ۾ ٿيءُ ڪاريگر لوهار.

دودي طعنو هنيس پر چنيسر نه سـَـمڌو ۽ روانو ٿي ويو.

رکي ڳالهه دل ۾ مير هليو مـَـحلي
هـَـلي ويو چانئٺ تي پٺيان ڀير ڪيو ڌڪاء.

ڇو ته ڀائرن ڀير وڄائي دودي کي پڳ ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پڳ جو ڀير ڏنو. چنيسر موٽي آيو ته ڪنهن ٻڌي پڳ، ڪنهن جو ڪن سلام؟

چيائون ته دودي ٻڌي پڳ، دودَل جو ڪن سلام
چيائين: شڪر ڪريان الله  جو آئي اسان جي گهر ڏانه.

چنيسر جي محلي ۾ به پئي خوشيون ٿيون ته دودي جي محلي وارن به پئي خوشيون ڪيون. دودي جي ڌيءَ ساران، چنيسر جي وڏي پٽ محمد جي گهر هئي. پنهنجا پاڻ ۾ هئا. چنيسر وري موٽيو پنهنجي محلي ڏي ته  ڳاوڻ پئي ٿيا. چانئٺ تي بيهي رهيو. ٻانهين پـِـئي جهاتيون وڌيون، ڏٺائون ته ٺلهو بيٺو آهي. ٻانهي موٽي آئي چنيسر جي زال ڏانهن، چيائين ته: مائي مريم سومري! خوش نه ٿي، پڳ دودي ٻڌي آهي.

موٽي آئي ٻانهي دائي در مٿاء
پڳ ٻـَـڌَئي دودي، سا دودي جي درٻار.

مريم هلي آئي سس وٽ ۽ چيائينس ته:

چاچي! اڳ هيوسين ٻه ڄڻيون، هاڻي ٽلي ٿيوسون ٽي
ڪپهه ملڪ لاڙ جو اٺن تي آڻاءِ
ارٽ گهرائي ڏي ڳاڙهو، تنهن تي  چـَـتـُـون چاڙهائي
پاءُ ڪـَـتيندَئي پهر ۾، سير به سويرو.

اتي ماءُ مڙهـِـي کي وڃي خبر پئي. لٺ تي ڌُٻي ڌُٻي اُٿي ته آءٌ وڃي پـُـٽ کان منهن سان خبر وٺان:

ته نارنان گـَـڏِي نـَـر کي اچي مـَـنگـِـهـِـه گـَـڏِي ماءُ
پـُـٽ! تو کي دودي لوڌيو، ڪين لوڌئين پاڻ خداء؟

چنيسر ماءُ کي جواب ڏنو ته امان:

نڪي ادي دودي لوڌيو، نڪي لوڌيس پاڻ خداء
ڀلي ته مون سان ڀاءُ ڪئي، لاهي ڏنائين موجا پيرن جا
پر مون چيو ادي سومري کي پڇندس پنهنجي ماءُ.

اهو ٻڌي زال چيو ته: منهنجي مڙس پڳ ته پاڻ وڃائي آهي. سس کي چيائين ته:

چاچي! منهنجي ڪانڌ کي اهڙا ويڻ نه پاء
نٿ بولو وجهنيس نڪ ۾، مٿان چـُـني اوڍاءِ
مينڍا ويڙهه ملوڪ جا ڪنين نسبيون پاءِ
ڪـُـڇج ڀڇج ڪينڪي تو کان هوءِ پاڻهي اچي پڇندا
اڄ وڳه جي شهر ۾ ٿيندا انهيءَ جا گهوٽ گهڻا.

هڪڙي نه ٻئي پرڻائي ڇڏينداسون، گهنگر لهي ويندو. ماءُ چيو ته:

امان! پٽ منهنجو هڪڙو شينهن جهڙو
ماري شينهن مـُـڪن سان منهنجو چنيسر اهڙو
۽ سڙيو مران ٿي سور ۾، جو پڇي ٿو گهوٽ گهران!

وري ماءُ ٿي چنيسر کي چوي:

پـُـٽ! نـِـيري گهوڙِي وڪڻي، ڌڻ رڍن جو ڌار
ٻيلي ٻن ڪنڌين ۾ ڪـَـڪـَـڙ کي ڪـُـوڪار
لوهيڙو لڪڻ هٿ ۾ ڪري، گهـِـڏِڪي گهيٽا چار
ايندو ويندو چوندو ته آهي دودي جو ڌرار
آءٌ به ڪري ڇڏيئين ماهيڙو، دودي جي درٻار.

چنيسر جي زال چيو ته: ماني کارائي ڇڏيانس، پوءِ ڪيڏانهن وڃي ته وڃي هليو.

اٿي مريم کٽ تان وڃي ٻـَـنگارو ڍاڪـُـون کنيو
مريم ماني آندي، آندئين ٻوڙ پلاه
اچي منهنجا ڪانڌ هيءَ ماني مير به کاءُ
اي هي رسو کڻي هٿ ۾ هـُـن ٻـَـٻر ڦاهو کاء.

اتي چنيسر زال کي ورندي ڏني، سان ڪهڙي ته:

ماني کـِـيندوسئين ڪينڪي، تنهنجن ڍاڪن وِهه ڀانيان
چاڙهيان عالادين کي ٻارڻ وڏا ٻاريان
ڀاءُ ٽنگائي ڀالن ۾ تنهن جو اکيين رت ڏسان
ولهيون ڪريان سومريون دودو داڳايان
هاڻي وهان وڳه شهر ۾ توکي مريم ڪريان ماءُ.

اتي گهوڙو ڇوڙڻ ويو ته گهوڙو به ڄڻ غم ۾ هو، تڏهن پڇيائينس ته: ڪر گهوڙا خبر، توسان خير آهي؟ چئي:

چنيسر توکي چوان جي منهنجي دل ۾ رکين يار
دودي مئي کان پوءِ تنهنجا وڻ ويري ٿيندا
راڻيون تنهنجيون سومريون رنڙيون ڪيم رلاء
پٽ تنهنجا ننڍڙا ڪونڌر ڪين ڪهاءِ.

چنيسر گهوڙي تي چڙهي هليو. آڏو پٽس محمد ٿو ملي:

پائي پير رڪيب ۾ گهوٽ چڙهيو گهوڙي
گهوڙو ڪاهيائين تڪڙو سرخو سـُـنب هڻي
هلي آيو واٽ تي محمد مير مليو
لڙڪي پيس لغام ۾، جنهن ڪڙا ڪيس قابو
ڏاڏهينءَ جي مهڻن کان ماريس تنهنجيءَ ماءُ
چيم ماڻهين جي مهڻن کان وڃي ڀالن ٽنگايان ڀاء
ڏيندس دانهه دهليءَ کي تکو رکي تاء.

تڏهن محمد، پنهنجي بابي کي ڪهڙي ٿو ورندي ٻڌائي:

ڇو بابا ڇتو آهين، چاچو ڪير ڇڏي
اهو عالادين هڪڙو، اهڙا چاليهه چاڙهي آءُ
سر ڪريون چاچي تان صدقو، گهورون گهوٽ مٿاء.

چنيسر گهر کان نڪري ٻاهر ٿيو آهي ته ٻانهيءَ جي مٿس نظر پئي آهي. ٻانهيءَ ڊوڙي وڃي دودي کي ٻڌايو، سا ڇا ٿي چوي:

ٻانهي ڊوڙي آئي ٿي ورنهه وينجهاري
ادا دودا سومرا، تنهنجو ڪاوڙيو ڀاءُ وڃي.

دودو ڊوڙي اچي چنيسر کي پهتو. چئي:

ادو ٿي ابو ٿي تنهنجي مريم ڀانيان ماء
ڏؤنري ڏٿ پـُـسيءَ ۾ توکي ڀاڱي ڀايان ڀاء
ٻيلي ويهه هلي پوئتي ته ڏيئين ننگر پرڻاءِ.

تڏهن چنيسر ڀاءُ کي مـُـنهان ورندي ٿو ڏئي ته:

دڙڪو ڏنو اٿم ئي هڪڙو، ڇڏي اٿئي سڱ پچار
ڏيندوسئين دڙڪو ٻيو ڇڏيندين پاڳ پچار.

دودي گهڻئي چيس پر نه مڙيو ۽ چنيسر روانو ٿيو:

وجهي پير رڪيب ۾ گهوٽ چڙهيو گهوڙي
ڪاهيو آيو ٻيلي مان ميهر مـُـنهن پيو
ميهار ٻيلي يار! مونکي خان کير پيار
چئي: ڪير آهين، ڪيڏانهن وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟

تڏهن چنيسر جواب ڏنو ته: حجام آهيان دودن جو، وڃان ٿو دليءَ جي شهر. مهيار چيس ته:

تو ڏاڙهيون ڪوڙيون آهن مهتن جون، توکي اثر اهوئي آه
هرين هرين ڳالهه ڪر متان وڃئي پاڪي به ڇڏائي.

هاڻي ميهار کي چنيسر ورندي ٿو ڏئي ته: ميهار! ٻيلي مونکي ڳالهه ٻڌائي نه ته وڏا ٿو ڳالهاءُ ڪريان. تڏهن ميهار چيو ته:

اسم اٿئي الله  جو مونکي ٻٻر تي چڙهڻ ڏي
ٻٻر تي چڙهان مون پٽڪي جا ور به ڏي
ميهار پاڻ ٻڌايو ته شينهن شينهڻ پيو ڏسي
ڪاهي آيو شينهن تي شينهن ستو پيو آهي
ٻولائي وڙهان انهيءَ ٻلي سان، ته ماڙهـُـون ڏين مزرو.

پوءِ هڪل ڪيائين ته:

دُونِ تنهجي جهنگراڙ ٻلي جهڙي، ٻوٿ ٻـِـليءَ جهڙو
ڪيهر شينهن گجي اٿيو پڇ کي ٺڪاء ڏياري
وڻ ٽڻ جيڪو وجهه ۾ شينهن پاڙان پيو پـَـٽي
بـَـهڻ نه پـَـٽ بـَـهڻيـُـون، ساوا ڪيم سـُـڪاء
مـُـڪ هنيائين هيڪڙي ڪڍي ميڄالو وڌائين.

---

رات وهامي ڏينهن ٿيو، اُڀريو جي تارو
خوني خط خلل جو کڄي در وڳه آيو
راڄ رُنيون سڀ سومريون، دودي ڪيو سعيو
ڀائر مڙي ڀيڙا ٿيو مٿان عالادين آيو
سوا لک سومرن جو مڙي ٿيو ڀيڙو
اسين تائب تنهنجا، اسان کي راءِ ڏيين رشڪت
(1)
ڦريون عالادين کان مڏيون مالا تـَـڪَ
نه ته ڪـُـهون چنيسر مير کي هلي ڏيئي نڙيءَ لت!

دوسو نالي سومري امير چيو ته: دودي کي ڀائرن سهڻي صلاح ڪانه ڏني، سو صلاح ڏنائين:

دوسو چئي دودي کي، تون ننگر چاڙهي منج
ته پيءُ پرچائي اچي پنهنجو، چوان قادر جي ڪرمن
اتي ٻـُـڌندي سان ٻـُـٽجي ويو، دودو ڳوڙها ٿو ڳاڙي
ادا! آهي ننگر منهنجو ننڍڙو، ٿو وٽيءَ کير پئي
هوڏانهن لک لشڪر جا آهن هنباريءَ ڌاري
آءٌ چريي جو چيو ڪري وجهان ننگر مارائي!

ڀائرن چيو ته: جنهن ۾ جهجها راضي، الله  به ان ۾ راضي.

دودي ڀان موڪليو، منهنجو ننگر نهاري آءُ
ننگر پاڻ پنجاه سان ٿو ڏائيءَ راند ڪري
ڀان هلي آيو ڀر ۾ پيو ننگر سڏ ڪري
ته آءُ ننگر سومرا، توکي چاچو ڪوٺائي
وير وهنجڻ ڇڏيو ٿو ڏائيء راند ڇني
کليو ڪري ڪپڙا پنهنجي يارن کي چوي:
ادا! پرتا آهيو رب کي، مون کي ٿو چاچو ڪوٺائي.

يار ٿا خط جون خبرون ننگر کان پڇن. ڪيئن ٿا يار خبرون پڇن ۽ ڪيئن ٿو يارن کي خبرون ٻڌائي:

وهنجندي ڇو بيهي رهيين، ڪهڙيون خبرون خط چون؟
چئي: ابي عالادين چاڙهيو، چڙهيا اڙد اچن.

تڏهن چيائونس ته:

اهو عالادين هڪڙو، اهڙا چاليهه چڙهي اچن
اسين سـِـر مٿائين ڪريون صدقو، جيئن گهورون گهوٽ پون.

وريو ننگر کي يار ٿا چون:

ترس تڪڙ ڪر ڪانه ڪا، اسان کي وار سڪائڻ ڏي
چئي: ادا! وار سڪائجو واٽ تي متان عالادين اچي
وار سڪائيندي آئيو، ڪيائين چاچي جو سلام
بسم الله  ڪري ورتو دودي ننگر جو سلام
لکيا چنيسر مير جا دودو اُڇليو ننگر کي ڏي
پڙهيو پروانا پيءُ جا پٽ ڦاڙيو خط ڇڏي
متان چاچا ماندو ٿئين، پنهنجو ڪندو ماڻ الله
گهڻن ۽ ٿورن سان ٿيندو حامي حضرت شاه
پاڻ سڌيون هڻون سلطان کي کڻندو دهليءَ ساه.

دودي ننگر کي بادشاهي پڳ آڇي، ۽ پنهنجي ڌيءَ سونل جو سڱ کيس ڏنائين:

پـُـٽ! وڏن جي وڏاندري، دُرس مٿي تو آه
پيءُ پرچائي اچ پنهنجو ته چاچو پڳ ڏئي توکي.

ننگر جواب ڏنو ته:

پڳ ساڙي پرزا ڪريان، اهي تخت ڪريان تالان
من ۾ منڌاڻا پون آنڊن ولوڙا
کامي هـِـنيون کـُـنڀ ٿيو، ڦڦڙ پيا ڦڙڪن
ڏنو اٿئي سڱ سونل جو، لهيو لڙ وڃن.

---

چاچا! وڏن وڏاندري درس مٿي تي آهه
ابي کي ڏنئي ڪانه ڪا، سا ڪيئن مونکي ڏيندين لاهي
چاچا! ڀاءُ ويئي ڀر مان، ورتئي نه واري
اِها مصلحت ماراڪن جي توکي ڪچيءَ ڇڏائي وئي
هاڻ هڻين ٿو هٿڙا آيو اٿئي عالادين چاڙهي
وسن بادل رڪ جا، مونکي ميڙ مجهئون ڪا ڏي.

دودو ننگر کي وڳهه ڪوٽ گهمائڻ لاءِ وٺي هليو، سو ڪهڙي طرح گهمائي؟

چنبو چنبي ۾ ڏيئي هليا، درس چڙهيا ديوال
ٻاگهي ٿي مهڻا ڏنا، زال به تنڪا يار
دودا! ڇوڪيئي ڇوڪر سان، تون ته ڪائنر ٻاريندين ڪانه!

تنهن تي ننگر ٻاگهيءَ سان ڪاوڙ ۾ ڳالهايو:

ڪونڌر ڪنڌ مٿي کڻي ننگر ڳالهايو
ته ڄمندي ڇو نه مري وئين، رَن! راڄ رُلايا تو
وڃان ٿو ميڙ ابل ڏي، من پير ڪري پرچاء
جيئرو اچان وڳهه ڪوٽ ۾ ته مڙس ڏيئين سومرو.

ننگر جا اهي ويڻ ٻڌي، ٻاگهي کيس پاراتو ڏنو ته:

ڌيءُ ڀونگر راوَ جي مائيءَ ٻاگهيءَ ڳالهايو
وڃين ٿو مـُـنهن مغلن جي، شل جيئرو نه اچين
وڃين مـُـنهن ترارن جي، اکين سان ڪين ڏسين
سر به تنهنجو صندوق ۾، کهنبن منجهه کڄي.

ٻاگهي ائين چيو مس ته محلات ڏڪڻ لڳو. تڏهن ننگر، دودي کي چيو ته: چاچا! پاراتو اگهي ويو. محلات جي لـُـڏڻ تي سونل پنهنجي ٻانهي کي چيو ته: ٻانهي، ڏسي اچ ته هي گهوڙ گهمسان ڇا جو آهي، متان عالادين اچي ويو!

دڙ ٻڙ دؤنس درياهه جي، ڏس ٻانهي! ڪهڙو وريو واءُ
ٿنڀ ٿوڻيون ٿڙڪڻ لڳا، پٽن ۾ واڪا
هندورو هيبت نه جهلي، کٽ پئي لوڏا کائي
ٻانهي! ٻاهر نڪري ڏس متان عالادين آ؟

---

سا ٻانهي ٻاهر نڪريو، کلي کير مــُـنهان
نڪو عالادين بادشاه، تنهنجو ڪيڙو خير خدا
سونا ڪنگڻ ٻانهن ۾ ڪنن ۾ لـُـڙڪا
ثابت آهي سومرو، مائي سونل ور تنهنجو.

ٻانهي، سونل سان حقيقت ڪئي، تنهن تي سونل اُٿي، ۽ ننگر کي چوڻ لڳي ته:

وڄ جيئن وِلٽـِـي اُٿي، ڪري ناز نينگر
کانئي ٿي کنوڻين وانگي، سا ڌيءَ دودي دختر
سونل جنهن جو نالو، سا سرتين جو سـِـينگرَ
چنڊ سج کان سهڻي آهي حورن بروبر.

---

سؤٽ ننگر! توکي ڳالهه چوان، دل لائين داناء
سکر بکر روهڙي، هوڏانهن سنڌ ڪندءِ سلام
نڪو چاڙهيو بابي بادشاه، نڪو چاڙهيئين اُمرا
تون ڳـَـهي ٻڌو ٿو وڃين، بابي کي راڄ ڪچو چوندا.

 

ننگر وراڻيس ته:

سؤٽ سونل! توکي ڳالهه چوان، دل لائين داناء
کنا ته کيٽ اسان سندا، لوهارن جوڙيا هئا
اِهي چميو ٻڌون چيلهه تي، سونا ٻيا روپا
پرين کي پرديس ۾، شل لڳي نه ڪوسو واء
دعا ڪرينم دل مان ته منهنجو مهت ٿئي
نشاني دودي راوَ ڏي وڃڻ ساڻ مـُـنجان.

ننگر جي ماءُ مريم کي خبر پئي ته دودو، ننگر کي چنيسر ڏانهن پرچاء جي لاءِ موڪلي ٿو، سا دودي کي ڏوراپو ڪهڙو ٿي ڏي:

مريم ماءُ ننگر جي آئي ريهون ڪندي راڻي
دودا توکي ڳالهه چوان، مون سان سـُـڃ سٽي ڇڏي ساڻي
رڌا طعام ننگر لاءِ، مون جوڙيا ٿي هاڻي
سـِـبيا ساڄ ننگر جا، دودا! رکيا ساڄ سڙن
ڏسيو ڏاج ننگر جا پيا وڳهه راڄ رڙن
وني جنهن جي ونواه ۾، سا پيئي نٿي پاڻي
ناٺي مارائين ٿو ننڍڙو، ڪرين ٿو ولهي نياڻي.

دودو ڪڇيو ڪونه. ننگر ماءُ کي ڀر ۾ بيٺو هو، تنهن چيو:

ڪونڌر ڪنڌ مٿي کڻي، نر ننگر ڳالهايو
پايو پاند ڳچيءَ ۾، ماءُ کي پيرين پئي
امان نالي نام ڌڻيءَ جي، ٻٽيهه ٿڃون بخش
لاهج ننگر تان آسرو، ڀانء ته ڄائو نڪو ڄمندو.

ماءُ ننگر کي ڪهڙو ٿي جواب ڏي ته:

پـُـٽ پـِـنيو هوم پيرن کان، تو کي پرور ڪيو پيدا
ڏهه مهينا سانڍيم پيٽ ۾، مون تنهنجا سور سٺا
ڄائو هئومئين رڪ جو، سـِـڄ جا تؤ نه سٺا
تـَـنبـِـي ترارون تون هڻين، وڃين عالادين اڳيان
وڍج واڳ طنبوءَ جي، پٽ وڃي ڪج وير وڌاء.

ننگر جي ڀيڻ کي خبر پئي، اُها ننگر کي ٿي چوي:

مـِـٺا رت ابل جا، ادل اوري آءُ
آءُ ادل سومرا، توکي  ’سنڌ ٻائي‘  سڏ ڪري
مريد آهيون محي الدين جا، پنهنجي مهڙ رکندو الله
مارج ڀڙ سالار کي، اسان جي هينئري نار ٺرن.

ماءُ ڀيڻ کان موڪلائي، ننگر پنهنجي چاچي دودي سان ڪهڙي خبر ٿو ڪري:

چاچا! اَبي شهر وڳه مان، وئي چوڏهون ورهه چون
اَبو ڇڏي ويو تنجڻن ۾، مونکي نپايو مريم ماء
سانڀر ٻاروتڻ جي، مونکي خبر ٿوري چار
سونهون ڪڍي ڏي سردار، جو هلي پيءُ سڃاڻي ڏي.

تڏهن دودي چيس ته:

ڪارو طـَـنبو پڻهين سندو، سائو چنيسر ويس
سائو ڀالو هٿ ۾، نيرو گهوڙو هيٺ
پيچ سڃاڻجئنيس پاڳ جو، ميناڪاري ڀير
چئي: چاچا‍‍ ميناڪاري مولهيا، اُتي لکين لک ٻڌن
سـُـونهون ڪڍي ڏي سردار، جو هلي پيءُ سڃاڻي ڏي.

دودي، ننگر کي  ’بهرو منگتو‘  سونهون ڪري ڏنو:

دودي سڏايو منگتو تون  ’بهرا‘  اوري آءُ
بهرو هلي آئيو، دودي جي مهندان
اِهي
 مهلون مردن تي، سي مرد به مـَـهلون ڪن
گڏجي وڃ ننگر سان، پيءُ سڃاڻي ڏي.

بـَـهرو منگتو، دودي کي چوي ٿو:

ويندس رهندس ڪينڪي، منهنجو اول ڪم اِهو
پائي پاند ڳچيءَ ۾، وڃي چنيسر کي چـُـوندس
وڏا وس ڪندوسينسِ من منٿ مڃي منهنجي.

نه مڃئين ته پوءِ ننگر کي سونهون ڪندس. اتي ننگر دودي کي ٿو چوي:

چاچا! هڪڙا سور انهن کي، جن جا ويڙا ڪونه ورن
ٻيو سور اُنهن کي، جن جا ڇانگن مان ڇڄن
ٽيون سور اُنهن کي، جن مان موڙن منجهه مـَـرن
چوٿون سور اُنهن کي، جن جا ڪونڌر ٿا به ڪـُـسن
پنجون سور اُنهن کي، جن اَڏيل ڇـَـنا ڊَهن
ڇهون سور اُنهن کي، جن جون چڙهليون ديڳون لهن
ستون سور اُنهن کي، جن جا ڳاڙها دُهل بيهن
اٺون سور اُنهن کي، جن جا ٻڌل اکيا ڇـُـڙن
نائون سور اُنهن کي، جيڪي اُميدون به رکن
ڏهون سور اُنهن کي، جيڪي ڪارا ويس ڪري وڃن.

دودو، ننگر کي ڏڍ ٿو ڏئي:

دودو تنهن ننگر لاءِ ٿو بنگلا بنائي
دَر دِڪا سونَ جا، تن جـَـنهور جڙائي
گلم غاليچن سان ٿو کٽون وڇائي
شيشا حوض گلاب جا عطر ڇٽڪاري
پٽ! سک ماڻيندين سومرِي، ڏيندوسئين مـَـنـَـهـَـن موڪلائي.

اتي ننگر چيو دودي کي ته:

چاچا! هڪڙو سور اَبل جو، جيڪو ڪـَـلها ڇڏي ويو ٻار
ٻيو سور راڻين جو، جيڪي رُلي وينديون ڌار
ٽيون سور وڳهه ڪوٽ جو، سڃو ٿيندو شهر
چوٿون سور اٿم تنهنجو، وڃي هڪڙو رهندين يار
محمد منهنجي ڀاءُ ڏي، اوٺي مـُـنججئين يار
لڳيءَ ويل همراه ٿئي، محمد مون سان ڀاءُ.

دودي جو پٽ ڀونگر، تنهن کي پوءِ خبر پئي ته دودو، ننگر کي پيءُ جي پرچاءُ لاءِ ٿو مـُـنجي. سو پيءُ کان ٿو خبر پڇي:

بابا! ڊوهي اٿئي الله  جي، منهنجو سؤٽ مـُـنجئي ڪاڏي؟
چئي: وڃي ٿو ميڙ ابل ڏي، اچي پيءُ کي پرچائي
بابا! منجئين ٿو مـُـنهن مغلن جي، اُتان جيئرو ڪي نه اچي
هڏ ڏوکي ساڻس ڪونڪو، لڳڙي ويل لـُـڇي
گڏجي مرون گدار ۾، سؤٽ به سؤٽن مٿي.

تڏهن دودي چيو ته: تو کي منع ناهي. اتي ننگر، دودي کي موڪلائڻ لڳو:

ويجهو ڀاڪر دودي کي ڪيهر ڪر موڙي
چاچا! جيڪي هوندا جيئرا، ايندا ٻاٽي پير ڀري
جيجل جوڳياڻي جڳ ۾، تنهن کي دلاسو ڏجئين يار
پارت اٿئي وِلهيءَ جي، جنهن جو وارث ڪونه وري.

ننگر، ماءُ جي پارت ڪري، پنجاه يارن سان تيار ٿئي ٿو، پر ڪهڙي طرح:

گهوڙو يار ننگر جو ننهن ڀر بيٺو نچي
گهوڙو يار ڀونگر جو هرڻ حيران وٺي
تازي جنهن جا  ’توز
(1) ‘  ڀريا، وڃن واء گڏيا
ستاويهه ڪوهه وڳهه کان، چڙهن پنڌ پري.

ستاويهه ڪري مهراڻي ملڪ تي لٿا ۽ اُتان دودو موڪلائي واپس وڳهه ڪوٽ روانو ٿيو. هڪڙو خاطي، چنيسر جو خط کڻي دودي ڏانهن وڳهه ڪوٽ پئي ويو. ننگر انهي قاصد کي پڪڙي خط پڙهي ڦاڙي ڇڏيو، ۽ پيءُ ڏانهن پيغام ڏياري موڪيائين:

مرد مـُـهراڻي وچ ۾ بيٺو طنبو کوڙائي
ننگر پنهنجي يارن سان، بيٺو ڳالهيون ڳالهائي
ننگر چيو يارن کي، ڀانيان ٿو رهبر ڀڳو وڃي
اُٿيا يار ننگر جا، آيا رهبر کي پڪڙي
سـَـل سچي ڪر منگتا، تو ڪنهن جا خط کنيا؟
چئي: خط چنيسر مير جا، در دودي ويندا
خط ڏي اسان کي، تنهنجا خط هتي پڙهبا
چئي: خط ڏيندس ڪينڪي، منهنجو اُجورو ڀڄي
تڏهن ڪڍي ڪٽارِي بيٺ مان ڏنائين خاطيءَ کي
خاطي گهڻو خوش ٿيو، کوليو بـَـڊوڪا ڏئي
چيٺـِـيـُـون چـَـمٺـِـيـُـون چم جون ساريو سڀ ڏئي
پڙهيو پروانا پيءُ جا، ڦاڙيو خط ڇڏي
وڃ خاطي ڏينهن اٿئي، متان داڳيئين نه دليءَ کي.

اِتي قاصد هٿ ٻڌي ننگر کي چيو ته: قاصد جا ڪـَـن ڪپڻ مناسب نه آهي، هو خط لکندا ته اوهان کي ڏينداسين، جي اوهان لکندؤ ته هنن کي ڏينداسين. ننگر چيو ته: منهنجو خط چنيسر کي ڏج، پر عالادين اڳيان، جيئن ڀلي اُهو به ڏسي:

پٽ لکي ٿو پيءُ ڏي، پانـَـهه پروانا
خاطي! چنيسر مير کي، منهنجا جوان ڀرج جانا
پر هلي وڃي عالادين اڳيان، جوان ڀرج جانا
پٽ اچئي ٿو پرچاءُ تي، ٻانهن ٻڌيو ڳانا
سمجهه رکج دل ۾، ڇڏ طرح جا تانا.

هاڻي خط کنيو، ڪهڙيءَ طرح اُڙدن ۾ ٿو اچي:

خاطي خط اٺائيو، هلي اُڙدن منجهه آيو
خاطي خط اُڇلي وڌو، پيو چنيسر جي مهندا
پڙهيو پروانا پٽ جا، پيو گوڏي هيٺ رکي
اتي عالادين بادشاه، ڳهلي ڳالهائيو
سـُـل سچي ڪر سومرا، تو وٽ ڪنهن جو خط آيو
چئي: قبلا! توکي ڳالهه چوان، منهنجي دل لائين داناهه
ته ادي دودي سومري پنهنجو قدر ڪونه سڃاتو
نڪو چاڙهيئين بادشاه، نڪو چاڙهيئين اُمراء
پر تو ۽ منهنجي پرچاء جو، ڀيٽ مـُـنجئين دايو.

عالادين کي اِنهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙ آئي، سو چنيسر کي چيائين ته دايو داڳائي اچ. چنيسر چيو ته: دودن جا دايا آهن، جيڪو لشڪر موڪلبو، سو هو رڳو مڪن سان ئي ماري ڏيندو.

پنج سؤ لشڪر جا وٺي، وڃي دايو داڳائي آ
چئي: پنج سؤ لشڪر جا ڇڏي مـُـڪن سان ماري
تڏهن ڏهه سؤ لشڪر جا وٺي وڃي دايو داڳائي آ
چئي: ڏهه سؤ لشڪر جا ڇڏي چنبن سان ماري
اِهي ڏهه سؤ لشڪر تنهنجي جا، ويا تان نه ورن
اسين دايو چئون انهن کي، جيڪو گڏجي ٿڃ پئي
دايو داڳي ڪونڪو، دايو گهڻن کي داڳي
ڏيندءِ داڳ دليءَ کي، وڃي کڻندين دليءَ ساهه.

تڏهن عالادين چيو ته: جيڪڏهن رڳو دايا اهڙا آهن ته پوءِ دودن سان پڄڻ ڀيڻي منهنجي به ڪانهي. ائين چئي گهوڙن جون اڳياڙيون دليءَ ڏانهن ۽ پڇاڙيون وڳهه ڏانهن ڪيائين. مـُـهڙ مٽي هڪل ٿئي ته هليا وڃون. ننگر ٻٽي جمعا ويهي رهيو ته من بابي جو ڪو خاطي اچي. خط ڪونه آيو تڏهن ننگر چيو ته: ٻيلي اڳڀرو هلي ڏسون.

رات وهامي ڏينهن ٿيو، ٻانگي ٻولايو
اڃان هليو اچي اڳتي، پـُـرس پنجاه سان جوان
هڪڙي ميزل واٽ تي،  ”گنگڙي ٿر“  لٿو
ٻي ميزل سـِـر ميزل ڪري،  ”ويرا واه“  لٿو
ٽي جا ميزل واٽ تي،  ”وڏيءَ ڍنڍ“  لٿو
چوٿينءَ خان  ”بڪار“  ۾ دوست وڌو ديرو.

بڪار جو شهر سرحد تي هو. اورئين پاسي دودا هئا ۽ پرئين پاسي عالادين جي حڪومت هئي. عالادين جا پنج سؤ پٺاڻ جمعي تي ايندا هئا ۽ بڪار جي شهر ۾ ڦر ڪري ويندا هئا. بڪار جي ماڻهن چيو ته خيري بادشاه ڏينهن جو اچي لٿو آهي، دانهن ڏيون ته پاڻ تان ڦر معاف ٿئي. ننگر کي دانهن ڏنائون، جنهن چيو ته: پنجاه يارن جو وڃي پهرو ڏي، ڀلي پنج سؤ لشڪر هليو اچي. يارن چيو: پنجويهه پهرو ڏين ۽ پنجويهه هليا وڃن.

ننگر چؤنڪيون موڪليون، ويرا واه ويٺيون
هو ٿا اچن هيڏانهن تن کي آڏا هاڻ ڦرو
السلام عليڪم سپرين، وعليڪم السلام
ڪير آهيو ڪيڏانهن وڃو، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: ڪٽڪ عالادين جو ڦرڻ بڪار وڃون
چئي: هتان نر نبري پوءِ ڦريو بڪار
مـَـٽَ گڏيا مـَـٽن کي، جڙيا زنجيرن
جنگ لڳي جانگاه ٿيو، مانجهي ڪين مـُـڙن
وڏڦڙيو واڪا ڪري، ڪڙڪا ڪانَ ڪن
بجلي چمڪي اُڀ ۾، تان تراريون ڪن
سرواهيون ترڪن کي، واريو وات هڻن
مغل ڦريو ماندا ٿيو  ’پاڻي پاڻي‘  ڪن
پاڻي ملين ڪونڪو، ماندا ٿيو مرن
جيڪي پوڙها سوڙها رهيا، ڪپيو ڪن وٺن
ڀڄَ پئي ڀيل پٺاڻ ۾، کـُـڙيون ڳئيءَ گسن.

عالادين جا مغل ڪن ڪپائي وڃي گهوڙن جي تلن هيٺ لڪا. ٻه ٽي جمعا لڪا ويٺا هئا. عالادين بادشاه دل ۾ خيال ڪيو ته پٺاڻن کي بڪار اهڙو مليو جو هو اُتي ئي ويهي رهيا، پوئواري ڪانه ڪيائون. نظر بيگ طنبيلي ۾ آيو. گهوڙن تان هٿ ڦيري ته تل پيا چـُـرن. تڏهن چيائين ته: ٻٽي ڄڻا ڀڄي اچي لڪا آهن. جو کڻي تل کڻي ته مغل مٺيون ڀيڙيو وٺيو ڀڄن. تن کي ڌتاري ڌتاري، پنجوڙين سان ٻڌي، شهر بڪار جي خبر ٿو وٺي:

سـَـليو ڦـُـر بڪار جي، وڃي ڪيئن ڦـُـريان بڪار؟
چئي: ٻن پئي شهر بڪار تان، کـُـهه پئي شهر بڪار
کڙو هنيو اٿئي ککر ۾، جنهن جا ڏينڀو ڏور ڏنگين
ڏاڍا ڏينڀو ڏيهه جا جتي چيلاٽا چهٽن
ٽيڙ جيڪي دليءَ جا، ساري ورتا سومرن
اسان مان ٽرن ڪينڪي، هو پيا تو ۾ اکيون ڪن
هڪڙو ڪاڙهو ڪـَنن جو، ٻي جند اٿئي کاڌي
ڀڄين ته مهل اِها اٿئي، نه ته ڪپيندءِ اچي ڪـَـن.

چيائين ته: اڳڀرو ٿي ڏسونِ، هت ته ڪونه آيا. پوءِ وڃي عالادين جي لشڪر ۾ پيا.

اڳيان ڪچهري ڪنهن جي،  ”مـَـنهندل مـُـلڪ“  وزير
اُرهاٽيو اُڙدن مان، ڪيائين مـَـنهندل جو سلام
فلڪ آندائين ڪانڪا، وٺي ننگر جو سلام
ننڍي وڏي وائي وات ۾،  ’دودو دودو‘  ڪن
ماٺ ڪريو ته مڙي وڃي، آهي دودو پاڻ جوان.

ننگر ٿو صوبي کي خبرون ٻڌائي ته:

دودو آهيان ڪينڪي، آهيان دودي جو داناء
دودو شهر وڳهه ۾، منهنجو خان چڙهيو ٿئي کٽ
دودي جي درٻار مهندان، آلا ڪاٺ ٻرن
پچنس پانچيڙن ۾، جنهن جو قيمو ٿئي ڪباب
اول ٿولهه ڪـَـرائـِـي، جنهن ٿئي ڇاتي ڇـَـپر کٽ
مڙد اٿئي مـُـني جيڏو، مٿو جنهن جو مٽ
آن جا مـُـنهن ڏٺي مطلب ٿيندا، هلي يار ڏسو.

تڏهن اِنهيءَ صوبي، ننگر کي چيو ته: مون ۾ طاقت ڪانهي. آءٌ ڪاٺير ڪاٺير جو پٽ آهيان. مون کان اڳي  ”عظيم صوبو“  ويٺو آهي، اُهو تنهنجو سلام جهليندو. ننگر ويو عظيم صوبي وٽ:

اُرهاٽي اُڙدن مان ڪيائين  ’عظيم‘  جو سلام
طاقت ٿيڙس ڪانڪا، وٺي ننگر جو سلام
ننڍي وڏي وائي وات ۾،  ’دودو دودو‘  ڪن
ماٺ ڪريو مڙي وڃي، آهي دودو پاڻ جوان.

ننگر چيو ته اِنهيءَ صوبي کي به خبرون ٻڌايان، تڏهن چيائين:

دودو آهيان ڪينڪي، آهيان دودي جو داناء
دودو چڙهندو جنگ تي، تڏهن وڻ ڇڏيندا واء
مرون جهنگ ڦٽو ڪندا، ٻيلي لڳندي باه
مـَـيو چڙهي موجون ڪندو، دٻجي ويندا درياهه
نديون جر ڇڏي وينديون، مڇيون ڇڏينديون ماهه
دودو چڙهندو جنگ تي، تنهنجو ديميون ڇڏينديون ساه.

تڏهن اِنهيءَ صوبي چيو ته: مون ۾ طاقت ڪانهي سلام جهلڻ جي. مون کان اڳي  ’تمر صوبو‘  ويٺو آهي، جيڪو سـَـت ڳڙهيون ٿو کائي. پڇا ڪيائين: ڪهڙا ڳڙهه ٿو کائي؟ عظيم صوبي جواب ڏنو ته:

ڳڙهه  ’پالهي‘  ڳڙه  ’جوڌپور‘ پهريون ڳڙهه تمر
ٻيو ته ڳڙهه تمر کي آرياڻي اجمير
ٽيو ڳڙهه تمر کي ست صوبو سلطان
چوٿون ڳڙهه تمر کي  ’ڪائو پير‘  چون
پنجون ڳڙهه تمر کي سونا ٻيا روپا
ڇهون ڳڙهه تمر کي، ڳلهڻ وارو واءُ
ستون ڳڙهه تمر کي، چاڙهي نو سؤ هرلا نار.

ايترا مـُـلڪ ٿو کائي، تڏهن به ڊڊي ڊاکر جي پورائي ڪانه ٿي ٿئيس. ننگر، تمر وٽ ويو.

اُرهاٽي اُڙدن مان، ڪيو تمر جو سلام
چئي: تو جيڏا تو سرتا، مون ڪـُـٺا ڪونڌر جوان
آءٌ آرس مرندي نه اُٿان، توڙي چڙهي اچي سالار.

تمر چيو ته: عالادي جو پٽ سالار اچي ته به آءٌ ان جو سلام نه جهليان! تنهنجو ڪيئن جهليان، ننگر کي انهيءَ تي ڪاوڙ آئي، سو چيائينس:

سٽيئين  شاه ڪـِـلن سان، کوڙايائين کاڏو
بانوَر ڪيو اٿئي بڇڙو، تنهنجو لهي واءُ ويندو
جنهن جو تڪبر ڪرين، تنهن جا ٿورا ڏينهن ٿيندءِ
سڀاڻي يار ننگر جا، منهنجا ڳوڌا ٻڌندءِ ڳاهه
ائين چونڊي ماريندوسئين، جيئن ڪنگُ چـُـونڊي ڪُـرڙي.

تالا تمر وزير اهي گفتا ٻڌي، مٿان ٿي ڪري پيو. ٻانـَـهن، ننگر کي چيو ته:  ’ناميي نظر بيگ‘  جو سلام ڪر. ناميي نظر بيگ پرپٺ دودي جي ياري مڃي هئي، ننگر وٽس وڃي سلام ڪيو.

اُرهاٽي اُڙدن مان ڪيئين نظر بيگ جو به سلام
بسم الله  ڪري ورتئين ننگر جو سلام
ڪير آهين، ڪيڏانهن وڃين، ڪهڙي ذات جوان؟
چئي: چاچا! سائو آهيان سومرو، سوڌو صوبيدار
پٽ چنيسر پڌرو، ڀائيٽيو دودل راء
 سڌ پڌ آهيان سومرو، ننگر منهنجو نانءُ
چئي: پيچ سڃاتو اٿم تنهنجي پڳ جو، ميناڪاري ڀير.

ناميي نظر بيگ کي خبرون اڳي هيون، پر ننگر کان ٺاهي خبرون ورتائين:

ننگر! ڊوهي اٿئي الله  جي، تون پرڻيل جان ڪـُـنوارو
چئي: چاچا! پرڻيل آهيان ڪينڪي، آهيان ڪنوارو
اڄ وڳهه جي شهر ۾، منهنجا ڳاڙها دهل وڄن
چنڊ ٻـُـڪين چوڏهين ويهان، منهنجي پرڻي جو آجام
پيءُ پرچائي پنهنجو، وڃي وڳهه لانئون لهندس.

نظر بيگ چيس ته:

پـِـٽيل پرچندو ڪينڪي، ويٺو وير وَرهين پاري
پــٽيل پرچندو ڪينڪي، جنهن ڏاڙهيءَ قول ڏنا
پــٽيل پرچندوڪينڪي، جنهن دليءَ قول ڪيا
پــٽيل پرچندو ڪينڪي، جنهن ڀلي تي اکر وڌا
ننگر! وري وڃ پوئتي، وڃي جيئري مومل ماڻ.

اِتي بـَـهري منگتي کان پڇيائون ته: چاچا! هتي طـَـنبن جا هزار لڳا پيا آهن. سڀئي ڪونه بابي وٽ هلنداسين. ڳول ته ه لون. بهري منگتي وٽ سوا مڻ طنبورو، جنهن تي سؤ تند چڙهيل هئي، ڳولا ڪري آيو.

بهرو ڪاهي هليو، ڪاري طنبو ڏانهن
طرح چاڙهيئين تند کي، جنهن طبل رکيو تاء
اندر طنبو جي وڃي، ٻڌو ساز سواء
در هلي آيو منگتو، تنهن جي لهي اچان سڌسماء
ڀلي آئين منهنجا منگتا، ڀڙ اچي ڀاڪر پاءِ
چڱيون ڀليون منهنجيون راڻيون، چڱا ڀلا منهنجا راڄ؟
چئي: چڱيون ڀليون تنهنجون راڻيون، چڱا ڀلا تنهنجا راڄ
ننگر ڇڏيو هئم ننڍڙو، تنهن جا ڏئينم پار
ننگر ڇڏيو هئي ننڍڙو، سو گهوٽ چڙهيو گهوڙي
وجهيو پير رڪيب ۾، ويريءَ ڳلا ٽوڙي
ڪٽڪ عالادين جي ۾ ڪيهر ڪـُـلها موڙي
لشڪر عالادين جي ۾، منگهه مڇون موڙي
پٽ ٿو اچئي پرچاءُ کي، سو ڇڏج نه موٽائي.

انهيءَ ڳالهه تي چنيسر کي ڪاوڙ لڳي، سو چيائين:

تون ڪڙهين ٿو ننگر لاءِ، آءٌ دودو مارايان
ڀاءُ ٽنگائي ڀالن سان، اکين رت ڏسان
ولهيون ڪريان سومريون، دودو داڳايان
دودي هيون جاڙون ڪيون، ننڍي مون سان ڀاءُ
پڳ ته اَباڻي پيڙهي جي، ويو ڏيکاري کسي
منهنجي پڳ مونکي ڏيو، سڱ ڏيو سلطان
نه ته ساري شهر وڳهه ۾، ٻاري ڏيان باه
ٻاگهي ٻاگهل ڪوٽ مان، هلي نکيڙي نـِـيان.

بهري منگتي کي به ڪاوڙ لڳي، سو خيال ڪيائين ته سچ ته آءٌ به چوان، پوءِ ماري ته ڀلي ماري. تڏهن جواب ڏنائين:

طنبو ٻاهران نڪري، توکي سـَـپُ چنيسر کاءِ
رُڪَ چنيسر لعنتي، واتؤن ڪيم وڃاءِ
هي جي ڄايون سومريون، تن کي ههڙا ويڻ مَ پاءِ
دودي ڏي آهي ڪانه ڪا، تو منجهه حساب آه
دودي ڳل ڳراٽيون پاتا توکي ڀاڪر ڀاءُ:
ادو ابو ٿي، توکي مريم ڀانيانء ماءُ
ڏونئري پـُـسيءَ ۾، توکي ڀاڱي ڀانيانء ڀاءُ
ڪرم ڪرايا پنڌڙا، هي قسمت جي ڪاڍيءَ
ويهه وري هلي پوئتي، اِهي سور مڙئي سانڍي.

انهيءَ جواب تي چنيسر ڪاوڙ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيس. بهرو ڏک ۾ ڀرجي ننگر کي دانهن ٿو وڃي ڏئي ته:

بـَـهرو روئي هليو خان ننگر ڏانهن
چنيسر جي من ۾ آهي بحث وڏي بازي
آءٌ سڻايان هڪڙي، مون کي ڇڏي ٻـِـي ٻڌائي
هاڻي هـُـو طنبو پڻهين سندو، جنهن جي گـَـندڻ ڪـَـنڊِي ڏاڙهي.

ٻئي سؤٽ اچن ٿا چنيسر ڏي، هو ڇند ڪري کٽ تي ليٽي ٿو پوي.

ڏسيو يار ننگر کي، هي اکيون ٿو پوري
خان ستو ٿي کٽ تي ڊگها پير ڪري
سـُـتو هڻي ٿو گهوگهرا، ڄڻ ڪالهه ستو آهي
پايو پاند ڳچيءَ ۾ ننگر پيءُ کي پيرن پئي
ابا! نالي نام ڌڻيءَ جي مونکي ڇڏج نه موٽائي
ٻيو اٿئي نام الله  جو، آيس وڏي ميڙ ڪري
ابا! ماڻهو پٽ گهرن الله  کان، توکي ترس نٿو پوي
پر مـُـٺو مڃي ڪينڪي، اُڇليو ٻانهن ڇڏي.

---

پائي پاند ڳچيءَ ۾ ننگر ٻيهر پيرين پيو
ڏاڏي ڏاڏو ڪونه ڄمندو، تو کي ڀاءُ ڄڻي ڏيندا
دودي مئي کان پوءِ تنهنجا وڻ ويري ٿيندا
اسين مئاسين گهوريا، اسان جو چاچو ڪين مري
اسان جهڙا پٽڙا توکي شاه ٻيا ڏيندو
اسان مـُـئي کان پوءِ، شت ڀائر پرچاءُ ڪندا؟

چنيسر ٿوري خبر ٿو وٺي ننگر کان:

پٽ! توکي چاچي موڪليو ڪهڙي ڳالهه ڳڻي؟
چئي: چاچي مون کي موڪليو وڏي ميڙ ڪري
ته پيءُ پرچائج پنهنجو، اچي اُميدون ڏسي.

تنهن تي چنيسر چيس ته:

کريل کاري موڪلين، تون کريل جو وياءُ
چئي: چاچو کريل ڪنيڪي، کريل تون ابا!
تڏهن لوهيڙو لڪڻ هٿ ۾ ڪري آيو ننگر تي اُلري
بيٺا يار ننگر جا، ويس اوڏيءَ ويل چڙهي.

تڏهن ننگر پنهنجن يارن کي چيو:

نالو اٿانوَ الله  جو، منهنجي اَبي کي ڌڪ نه هڻو
چنيسر پرتو ڪينڪي، مون سان رُڪ نه ٿيو راضي
پيءُ ڪهائي ڪير، هرڪو دل ۾ ڪري قاضي
مهندان ڏينهن محشر جي، منهنجي ڪنڌ تي آهي ڪاتي

يارن چنيسر کي ڇڏيو، تڏهن پٽڪو کڻي اٿيو ۽ ننگر کي چيائين ته:

پٽ! ڀاءُ ڪيون هيون بڇڙيون، مون سان سروسر ساري
 ’سنڌراڻي‘  سروسر مون سان، ويتر ويڻ ڪيا
ڏاڏهين جي ويڻن کان، ماريس تنهنجيءَ ماءُ
ماڻهين جي مهڻن کان ڀالي ٽنگايان ڀاءُ
نڪتس شهر وڳهه مان سڀ لاڳاپا لاهي
ترسندي آيس واٽ تي من ادل ميڙ مـُـنجي
ميڙ مـُـنجائين ڪانه ڪا، ڪيو هو راڄ رياءُ
لٿس وڃي ٻيلي ۾ ميهر جي مهندان
ماريم شينهن شينهڻ کي، تڏهن مينهـُـنِ گاه چـِـنا
ماريم آدمخورکي جنهن رستا هئا روڪيا
ماري آدمخور کي مون روان ڪيا رستا
اُٺ ماريم راوَ جو جنهن جا عالم کير پيتا
ماريم راڪاس رات جو گهوٽ وڄائي گهاء
هاٿي ماريم راوَ جو ڪـَـڪـو ڪست منجهان
نـَـوَ مـَـڻو نـِـيرَ پيرن ۾، جنهن جي ڪڙيءَ ڪيو ڪڙلا
ڏنم ڪـُـلهو گـِـهنڊ کي کـُـليا دلي دروازا
ڏئي ڪـلها گـِـهنڊ کي مون ڪڍيو لارُ منجهان
هـِـت چوڏهن ورهه چڪاسون ڪري مونکي لهي سج ويا
ادو دودو سومرو مون کي وساري ويٺو
هاڻي ڦري قلب ڪارو ٿيو، مٽجي مست ابا
هاڻي منهنجي پڳ مون کي ڏيو، سڱ ڏيو سلطان
ته سڀي پـَـسان ٿو سومرا، اَن ڪيو هو راڄ رياءُ.

اِها ڳالهه ٻڌي ننگر ماٺ ۾ رهيو، ائين ڏسي چنيسر خيال ڪيو ته متان منهنجو ٿي پوي، سو چيائينس ته:

پٽ! ڦري ٿي پيءُ جو، توکي چاچو ڪم نه اچي
جيڪو وٺي آئين پاڻ سان، توکي جهٽ مارائي ڏيان
چئي: ابا ڦـِـران ته ڦـُـرجي وڃان، تنهن کان ويندس ماڳ مري
آءٌ ڦـِـرندس فوجن وچ ۾، جت ڪندس ڍونڍن جا ڍير
اڄ شهر وڳهه ڏي منهنجو مري ميت وڃي.

اِتي ڀونگر چيو ننگر کي ته: تو پئي ڳالهايو، هاڻي چاچي کي جواب آءٌ ٿو ڏيان.

چاچي پنهنجي چاڳلي کي ڀونگر خان چوي:
چاچا! ٻارنهن شهر ٻنگار جا، کـٽِ هلي کاءُ
چارئي ڪنڊون اٿئي وڳهه جون، توکي چوٿين ڏني ڀاءُ
سمان اچي سڀ سومرا تو وٽ ڪؤنر ڪچهريون ڪندا
باقي ٻاگهي مورئون نه ڏيئين، ٻاگهي مون ٻائي
پڳ پيڙهي سندي ڪانه ملندءِ، هلي وهان راڄ وسائي.

ائين چئي ٻئي سؤٽ ڪاوڙجي هليا. چنيسر چين ته: ڪاوڙجي نه وڃو، سڀاڻي جمعو آهي، جامع مسجد ۾ پرچاء ڪنداسين. ننگر ۽ ڀونگر، پنجاهه يار طنبن ۾ ڇڏي پاڻ گهوڙن تي چڙهي نظر بيگ وٽ آيا. عالادين جو پٽ سالار هنڀاري تي ويٺو هو، تنهن هنن کي دڙڪو ڏنو:

ڪير ڪـُـڏايو گهوڙا، اوهين چوريءَ هڻو ٿا ڪان
چئي: ڀلي ڪـُـڏايون گهوڙا، اسين جيءُ هڻون ٿا ڪان
هنباري تي ٿو هل ڪرين، جي تون هيٺ لهين سالار
ماڻهو ڏسن مـُـزرو، سنڌ وڏا پـَـڪوانَ.


(1) هن مان گمان نڪري ٿو ته محمد ذات سومرو نه هو ۽ نڪي لوهار هو. شايد گجر هو، ۽ چنيسر گـُـجرن مان شادي ڪئي هئي.

(2) يعني ساران جو وَر  ’محمد‘ .

(3) چڪ = تريءَ جو بار (پٿر)

(1) هن ڳالهه جو راوي ڄڻ  ’وڳه ڪوٽ‘  ۽ روپاه - ماڙي کي هڪ ڪري ٿو ڄاڻي.

(1) مامي = ماپي،  ’چنو‘ مان غالبا مراد چنيسر آهي.

(2) ’خان واهه‘  روپاهه محل اندران وهندو هو.

(1) ڪٽاڙو = ڪٽهڙو.

(1) ست ٻاڙيون = تون وڏي طاقت وارو آهين، جو تنهنجو سينو ست ٻاڙيون آهي.

(1) رشڪت = رخصت.

(1) توز = تکا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org