چنيسر گهوڙي تي چڙهي، گهوڙو ڪاهيندو اچي. بر بيابان جهنگل آهي، انهي جهنگ ۾
هڪڙو باغ لوهيڙي جو ڏٺئين. سڄو باغ سـُـڪل، هڪڙي
سڪل وڻ ۾ چيچ جهڙو تلهڙ، اهو سائو بيٺو آهي. چنيسر
دل ۾ ويچار ڪيو ته هن ۾ به ڪو راز آهي. باغ به
سڪل، وڻ به سڪل، لڪڻ سائو بيٺو آهي. ارادو ڪيائين
ته وڍي هٿ ۾ ڪريان جو انهي ۾ ڪا امانت آهي. چڙهئي
گهوڙي ڪات ڪڍي، ٺڪاء لڪڻ کي ڪرايئين. کل کي به
ٽـُـڪو نه آيو. ڪات وري ٻيڻو ٿي پيو. چنيسر دل ۾
ويچار ڪيو ته: بلي، هي منهنجو ڪات اهڙو آهي، جبل ۾
هڻان ته به نه مـُـڙي، لوهه کي هڻان انهي مان چڙهي
پوي، ڀلا لڪڻ تنهنجي مستي! توکي ڪات به نٿو ڪپي.
اهو غصو آڻي، ’علي علي‘ ڪري، لڪڻ ۾ هٿ وجهي
سـَـٽ ڏنئين ته لڪڻ وڻ مان چيرجي نڪتو. پوءِ
مـُـڇا ٽـُـڪا ڏيئي وڍي هٿ ۾ ڪيائين. اهو چيچ جهڙو
لڪڻ هٿ ۾ تڪيئين ته ڏهه سير بار نظر ۽ قدر آيس.
خيال ڪيائين ته ست هٿيار اڳي اٿم، اٺون هٿيار هي
به انهن جهڙو آهي. اُها ڪامَ تلهڙ هٿ ۾ کڻي، گهوڙي
کي ڪاهيائين. ڪاهيندو ڪاهيندو اچي، اڳيان رستا ٻه
ڏٺئيين، جي پاڻ ۾ اچي گڏيا هئا. انهي گڏيل رستي جي
چؤبندي تي بيهي ويچار ڪيئين ته دليءَ تي رستو
الائي ڪهڙو ويندو! چنيسر انهي چؤبنديءَ تي بيٺو
هجي ته سندس اڳيان سؤ گهوڙي ساڻ گڏ هجي عالادين
بادشاه جو صوبو، جيڪو شڪار تي چڙهيل هجي. اُنهي سؤ
گهوڙي جي جڏهن نظر پئي چنيسر تي، حشمت ڇڏي وين، ڊپ
۾ ويهي رهيا. اهڙو پهلوان هنن اڳ ۾ ڏٺو ئي ڪونه
هو. ٻيو ته انهي ملڪ ۾ خوف هو آدمخور ۽ راڪاس جو.
تڏهن ڀلجي پيا ته آهي ته راڪاس، نه ته آدمخور ته
آهي. مري وياسين. تپ نه سـُـور، بنا تپ جي موت هلي
اچي جهنگ ۾ کاڌوسـُـون. ماريندو سڀ ڀلا ڪو
مـَـوادي بچي وڃي ته ٻيلي يار! اهو ڳوٺ دعائون ۽
سلام گهڻا چئي. سو انهي حقيقت جو شاعر بيت ڪري،
فقير چئي ٻڌائي:
ڪـُـڙهو ڪـَـنبيو ڪـُـستان جو، روئي رت ڦـُـڙا
راڪس روڪي آئيو، مـَـن بـَـندَين ٿئي بچاءُ!
جڏهن خوف ۾ بيهي رهيا، چنيسر هڪل ڏئي هنن کان پڇا ڪرڻ لڳو ته: اوهين ڀليل
آهيو ڪـِـي رڳو آءٌ ڀليل آهيان؟ هنن ورندي ڏني ته:
اسين ڀليل آهيون، جيڪي وڻنئي سي اچي کاءُ! چنيسر
چيو ته: آءٌ ڪو راڪاس آهيان، يا ڪو آدمخور آهيان؟
پڇئونس: ڀلا ڪير آهين، ڇو اسان جي گس تي بيٺو
آهين؟ چنيسر چيو ته: آءٌ ماڻهو آهيان، دليءَ ڏي
وڃڻ وارو آهيان. رستا ڏٺا اٿم ٻه. هڪڙو آهي
وَهندل، ٻيو آهي ڦـِـٽل. دلي ته الاجي ڪهڙو رستو
ويندو؟ هنن چيو ته: ٻئي دلي تي ويندا. چنيسر چيو
ته: سـِـگهو ڪهڙو رستو پهچائيندو؟ ته هنن ڳالهايو
ته هي جيڪو وَهي پيو وَهندل، انهي سان اٿئي ٽن
ڏينهن جو پنڌ ۽ اِنهي ڦٽل رستي سان اٿئي چئن پهرن
جو پنڌ. چنيسر چيو ته: جيڪو چئن پهرن ۾ پهچائي
اُهو ڦـِـٽي ڇو ويو؟ هنن چيو: انهي رستي تي آدمخور
ٿو وڙهي. اُنهي جي خوف کان ڪير اوڏهين وڃي ئي
ڪونه، ٽن ڏينهن جو پنڌ به هـِـن رستي تان ويندا
آهن. اتي چنيسر چيو ته: آءٌ ٿو وڃان انهي رستي.
اسين ۽ آدمخور وَڻـِـي کائينداسون پاڻ ۾. هـُـنن
چيو ته: آهين به تون ۽ ايڏانهين وڃ به تون.
چنيسر گهوڙو ڪاهيندو اچي. وڏي ڪنهن جهنگل ۾ آيو، جنهن ۾ آدمخور رهندو هو.
آدمخور کي ڌپ آئي ماڻهوءَ جي، سو وڏو هڪڙو ڏنڊو
هوس اڌ ٻٻر جو ڪاٺ، اهو لـَـڙهو رکي ڪلهي تي،
اگهاڙو ئي اگهاڙو، رڙ ڪري چنيسر تي چوٽ ڪيائين.
چنيسر ڏٺو ته بلي، مڙس ٿو اچي پر مون کان، منهنجي
گهوڙي کان، ٻه - ٽي نـَـريون قد بلند اٿس. سو ڪجهه
ايمان لـُـڏي پيس. چڱا ٿا چون ته ”ايمان آهي
مهمان، وقتي رهي وقتي نه رهي“ . چنيسر لڳو گهوڙو
ڀڄائڻ. سو آدمخور پٺيان بيت ڪري، شاعر چئي ٻڌائي:
روز وس الله جي، ڏيوي خلقن کي خدا
منهنجو ست ڏينهن آڙاهه ٻريو، خالي ٻري پئي باهه
ماڻهو سندي ماس لئي، مـَـڙهـِـي سـِـڪي ويٺي ماء.
آدمخور ريهه ڪري چنيسر کي چوڻ لڳو: ڪـِـيڙي کي ڪـَـڻ ۽ هاٿي کي مڻ، سائين
سويري روز پهچائيندو آهي. مونکي ست ڏينهن گذر ٿي
ويا آهن ته شڪار لڳو ڪونه اٿم. اٺين ڏينهن تون
مليو آهين، سو به ڀڳو ٿو وڃين! ماء اٿم مڙهي، سا
سڄو ڏينهن اوٻاسيون ويٺي ڏئي ۽ جهـِـرڪيون ويٺي
جهٽي. چوي ٿي ته ڪو ماڻهو ٻچڙو آڻ ته ڳيهي ڇڏيان.
نه ڀـڄ، بيهه، کائنيدوسئين. اتي چنيسر کي به ايمان
اچي ويو. ويچار ڪيئين ته شينهن کان نه ڀڳين، هاٿين
۽ راڪاس کان نه ڀڳين، ماڻهو کري ٿئي آدمخور، ماڻهو
کان ڀڳو ٿو وڃين! جذبو اچي ويس، يڪدم گهوڙو جهلي
لهي پيو، گهوڙي کي ٻڌي، پنهنجي جانِ تان هٿيار
لاهي، گهوڙي جي ڀـِـرڻي ۾ ٽنگڻ لڳو ته آدمخور به
مٿان اچي سٽڪو ڪيو. آدمخور هن کان پڇا ڪرڻ لڳو ته:
ڪـَـڇـُـون کنيون اٿئي ۽ ڪـَـڇوٽيون، هي تو ڪهڙا پـَـهه کنيا؟
چنيسر چيو ته: اهي منهنجا هٿيار آهن، جو توکي هزار وِک کان به ٻهر وڙهن ها.
توکي ذرا ذرا ڪري واٽ تي اُڇلائي ڇڏيان ها، پر
هاڻي موليٰ جو آهي ميدان، هٿيار ڇڏي ڀاڪر جو جهيڙو
۽ زور آزمائينداسون. اها ڳالهه ٻڌي آدمخور کي جيڪو
ڏنڊو هوس ڪلهي تي، اُهو پاڻ به کڻي اڇلايئين.
چنيسر پنهنجي جانِ تان زرهه ڪانه لاٿي هئي، ۽ جنگ
جو هؤل به مٿي ۾ هوس. آدمخور کي چوڻ لڳو: ماڻهو
ڪيئن ٿو مارين؟ آدمخور چيو ته: سائين! مون سان ڪير
ڳالهائي ڪونه. پري کان ڏسان، هـَـڪل هوڪـَـر
ڪريان، ۽ ٻيو هي ڏنڊو اڇلائي هڻان. لڳيس ڪونه،
باقي ڪجهه هڪل هـوڪـَـر، ڪجهه انهي ڏنڊي جو گهوگهٽ
ٻڌيو ڊهيو پوي. ڊوڙيو وڃي کڻان ته اڳئي مريو پوي،
جو هانءَ ڦاٽيو پويس. چنيسر چيس ته: گهڻا ڏينهن
ماڻهو ماريا اٿئي، هاڻي هلي آءُ! چنيسر ٻئي هٿ
پنهنجي مٿي تي رکي، آدمخور کي چيو ته: مونکي ڀاڪر
وجهي، پنهنجي جانِ سان گڏي ۽ زور ڏي. جي ماري وئين
ته کڻي وڃي مـَـڙهيءَ کي کارائج، ۽ حياتي هوندي ۽
بچيس ته وارو وٺندوسئين. چنيسر کي آدمخور چيو:
ائين جي مونکي وارو ٿو ڏين اڳ ۾، مون کان
پرائيندين ڪونه. چنيسر چيو ته: اسين سدائين وارو
ويريءَ کي اڳ ۾ ڏيندا آهيون، ڀلي ته هو پنهنجي
مراد پوري ڪري وڃي، متان بي مراد ٿي مري. تڏهن
آدمخور ريهه ڪري، چنيسر کي ڀاڪر وجهي اهڙو زور ڏنو
جو چنيسر جي جانِ جو پگهر وَهـِـي موزن ۾ اچي پيو،
جو جـُـتيءَ کان به ٻهر نڪري ويو ۽ چنيسر جي زرهه
آدمخور جي پاسراٽين مان چڙهي پئي. آدمخور چنيسر کي
چيو: جهڙا ٻيا قرب ڪيا اٿئي، اها صدري به لاهي ڇڏ.
چنيسر چيو ته: جيترو نه تو زور ڏنو آهي، ايترو زور
آءٌ به ڏيان، پوءِ اها صدري به لاهي ڏيندس. آدمخور
چيو ته: يار! اها ته آءٌ اڳئي ڳالهه ڪريان پيو ته
پهرين تون وارو وٺ. آدمخور پنهنجي مٿي تي هٿ رکيا،
سو چنيسر آدمخور سان زور آزمائي، شاعر بيت ڪري:
ساري حضرت شاه کي، ديو وڌا دَستا
ڀـَـڏريـُـون(1)
ڀورا ڪيئينس، ڪرنگي ڪيس ٺڪاء
آدمخور ڪڙڪيو، ڪـَـڙڪي ڪيئين ڳالهاء
ڊوها! ماريئي ڊوهه سان، ڏنئي ڪونه سماء
جان آهين دودو سومرو، جان سندو دودي ڀاءُ.
چنيسر موليٰ کي سنڀاري، ڇاتـِـي سان گڏي، ڀاڪر وجهي وٺي جو زور ڏئيس ته
پاسراٽيون پاسراٽين منجهان چڙهي پيون، ڪرنگهو ٽي
ٽـُـڪر. اِتي آدمخور رڙ ڪري چوڻ لڳو ته: يا دودو
سومرو آهين، يا دودي جو ڀاءُ آهين. اِئين مونکي
ٻيو ڪير سـُـجهي ڪونه ٿو. جي سويري اها ڳالهه
ٻڌائي ها ته آءٌ سومرو آهيان ته آءٌ هي ملڪ ڇڏي
وڃان ها. ڊوهه ڪري ماريو اٿئي. چنيسر چيو ته: توبه
گهڻا ڏينهن ماڻهو ماريا آهن. جيڏيءَ مهل ڀاڪر مان
ڪڍيئينس، جيئن ڪانگڙ ڪانو ڀڄي پوي، اِئين اُلٽام
ٿي وڃي ڊهي پيو.
آدمخور کي ماري، گهوڙي تي سوار ٿي، چنيسر دليءَ تي ڪاهيندو آيو ته گس ۾ ڏسي
ته اُٺ جو وڳ پيو چري. اُهو وڳ عالادين بادشاهه جو
هو، جت جو نالو هو ”ڳاڙهو“ . انهي ڳاڙهو جت ڏٺو
ته رستي سان گهوڙي سوار ٿو اچي. وڳ ۾ سانـَـهه آهي
ڏنگو، جي اُٺ جي مـُـنهن پيو ته مارجي ويندو. اُهو
جت ڄار تي مٿي چڙهي، چنيسر کي بيت ڪرڻ لڳو:
اُٺيون عالادين جون، ويڙهين وڳ چري
جـَـت بيٺو آهي ويڙهه تي، بيٺو اُڀا سڏ ڪري
ڀـڄ ته ڪا ڀيڻي لهين، نه ته گهوڙي سوار مري.
جـَـت، ڄار تي مٿي چڙهي، چنيسر کي چوڻ لڳو ته: توکي گهوڙي جو زور آهي يا
جوانيءَ جو زور آهي؟ وڳ ۽ اُٺ آهي مست، اُٺ جي
مـُـنهن پـِـئين ته ڄڻ ماءُ نه ڄائو هئين. چنيسر
چوڻ لڳو: رڳو اُٺ ماريندو يا اُٺ جي به مارڻ جو
حڪم آهي؟ جـَـت چوڻ لڳو: يار! جي اُٺ ماري وجهين
ته عالم آسودا ٿي کير پين، اهڙو زور آهي جو جتن کي
ڏاچي به ڏهڻ ڪانه ٿو ڏئي. ته چنيسر چوڻ لڳس: پوءِ
ڀل هليو اچي. ايتري ۾ اُٺ کي به ماڻهو جي ڌپ آئي.
سو اُٺ چنيسر تي چوٽ ڪري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي
ٻڌائي:
مـَـيو مستانو ٿي، آيو ڌُوڌُو ڌڌڪاري
لڪڻ لوهيڙل جو ٿو اَرڏو اُڇلائي
لنگهي ٿـُـوهي پار پيو، وڃي ڌرتي ڪيئين گهاء
اڳُ ڪريس اڳتي، پوئتي پولهه پري.
اُٺ چنيسر تي چوٽ ڪئي. چنيسر جي هٿ ۾ اهو لڪڻ هو، اُٺ جي سامهين سـِـير ڪرڻ
تي چنيسر گهوڙي کي پاسي سان موڙي ’علي علي‘ ڪري،
اُٺ کي ٿـُـوهي برابر لڪڻ ڦـِـٽو ڪيئينس. اُٺ مان
اِئين لڪڻ وهي ويو، جيئن ڌاڳي مان ترار وهي وڃي.
اڳيون اڌ اڳتي، پويون پوئتي. ڳاڙهو جـَـت پنهنجو
پاڻ کي ڄار ۾ ڦٽو ڪيو. سمجهئين ته جهڙي بلا آهي،
ڀلي ته ٽري وڃي ۽ چيئين ته: ڀلا لـَـڪـُـڻ، تنهنجا
وَهڻ! ڇا اُٺ، ڇا لڪڻ! پر اها لڪڻ ۾ حڪمت ۽ برڪت
هئي.
چنيسر گهوڙو ڪاهيو دليءَ تي. ڪاهيندو آيو پري کان دليءَ جا ڪوٽ دروازا ڏسي،
شاعر بيت ڪري:
ڪوٽ ڏٺا هئين ڪنگرا، ڏٺئين دِلي دروازا
ٻار بيٺا هئا راند تي، جـِـن کي چـِـڌي جو چاه
ٻانهن وٺيو هڪڙي جي، ٿو پاڻ پڇي پتشاه
ڇوڪر، ڏي سماء، پاڙي روئڻ ڪهڙو؟
چنيسر گهوڙو ڪاهي آيو دليءَ جي دروازي تي. ڪوٽ جي ٻهران ڏسي ته ڇوڪرا پيا
راند ڪن. ڪوٽ جي اندر روئڻ جو آواز ٻڌائين. انهن
ڇوڪرن مان هڪڙو وڏو ڇوڪرو ڏسي، چنيسر اُنهي ڇوڪري
کان پڇا ڪرڻ لڳو ته اهو ڪهڙو روئڻ آهي؟ سو ڇوڪرو
حقيقت چنيسر کي ٻڌائي، شاعر بيت ڪري:
لڳو راڪس دلي شهر کي، جنهن کاڌو لک سوا
اڄ وارو انهي گهر جو، ٿي پـُـٽ لاءِ روئي ماء.
چنيسر اها حقيقت ٻڌي، جو ڇوڪري چيو ته: سائين! دلي شهر کي راڪاس لڳل آهي.
عالادين بادشاهه گهر گهر تي ماڻهو رکيو آهي. اڄ
انهي گهر جو وارو آهي. اُها آهي رن زال، پـُـٽ اٿس
هڪڙو، ٻيو وصي وارث اٿس ئي ڪونه، اها رنڙي ٿي
ريهون ڪري. چنيسر دل ۾ خيال ڪيو ته هڪ ته جيئري
جاني جدا ڪري آيو آهيان، هتي جنهن وٽ دانهين انهي
جي شهر کي راڪاس لڳو پيو آهي، جو راڪاس سان پوري
ڪونه ٿو پوي، هـُـن جو چندو ڀري ويٺو گهر گهر تي
ماڻهو. ٻيو ته رن زال جي پوڪارن به مونکي ساڙي وڌو
آهي، هاڻي ڏي رب جي نام تي اِتي سـِـر. جي راڪاس
ماري وڌم ته وهواهه ٿيندي، ڀلا جي مري پيس ته
پويان ڏک نه ڏسندا. اِها روح ۾ ڳالهه آڻي، ۽
مائيءَ جي گهر جي اڳيان بيهي، چنيسر بيت ڪرڻ لڳو:
جيجل نام الله جي، پاڻي ڍڪ پيار
اَبا! تـَـن ڪي پاڻي ڀريا، جني سان اهڙا وقت لڳا
جهجها کوهه دليءَ جي شهر ۾، ٻيا جهجها اوتارا
ٻيون اوطاقون اُمرائن جون، جتي مليئي داڻو گاهه.
چنيسر جڏهن مائي کان پاڻي جي گهر ڪئي، مائي چوڻ لڳي: ابا، پاڻي آهي، پر
مونکي پنهنجي لڳل آهي. تون امير ٿو ڏسجين. تون
اهڙي ڪنهن اُمراء وٽ لهه، جتي تنهنجي سر انجامي
ٿئي. سو چنيسر وري بيت ڪري:
مونکي جيجل نام الله جي، پاڻي ڏي پاءُ
ٿيان صدقو تنهنجي پـُـٽ جو، ڄاڻي هڪ الله
تنهنجي منهنجي ڳالهه جو، وچان حامي حضرت شاه.
چنيسر چوڻ لڳو: مائي! هڪڙو پاء پاڻيءَ جو پيار، تنهنجي پٽ جي مٿان، هي سـِـر
قربان ڪري، راڪاس جو مهمان ٿيندس. جي نه پڪ ٿيئي
ته تنهنجي منهنجي وچ ۾ وڏو پـِـير ضامن. اها ڳالهه
ٻڌي مائي ڀڙڪو کائي اٿي، چنيسر کي کيڪاري، شاعر
بيت ڪري:
عورت اُٿيو، ڪوڏ مان، کليو کينڪاري
پابـَـند پانجـُـوڙيون پايو، نـِـيري وجهي گاه
مـَـنجو ڏنئين ملوڪ کي، خاشو هنڌ وڇاءِ.
مائي ڀڙڪو کائي اُٿي، چنيسر کي ڀليڪار ڪيائين. کٽ تي سيج بند وهاڻا وڇائي
ڏنئينس، چنيسر جي گهوڙي کي گاه ڏنئين، پڇيائينس
ته: ادا، ڪٿي جو آهين؟ چنيسر چيو ته: مائي! سنڌ
ملڪ وڳهه ڪوٽ جو ويٺل آهيان. مائي ٻڌي ويچار ڪيو
ته پرديسي مهمان آهي، سچائي ڏيکاري اٿس. مهماني ڪا
سٺي کارايانسِ. پنهنجو پئسو ڪونه هئس، مائي پنهنجي
ڳچيءَ مان هـَـسَ جو زيور لاهي عالادين بادشاه جو
مودي هو، اُنهيءَ کان سيڌي جي گهر ڪري، شاعر بيت
ڪري:
سؤکو آهي هٿ ۾، اؤکو اُڌارو
لاٿئين ڳهڻو ڳچيءَ مان، هلي عورت مودي ڏانهن
مودي! ميدو مون ڏجان، آهي مون گهر امراهه
خاشا ڪري خومچا، ٻيا پڻ ٻوڙ پلاهه.
مائي مودي کي چوڻ لڳي ته: جهڙو سيڌو عالادين بادشاه کي ٺاهي ڏيندو آهين،
اهڙو مون کي به ڏي. پئسو ڪونه اٿم، عيوض هـَـس
ڏيان ٿي. مودي سيڌو سامان ڏنو جيڪو عالادين
بادشاهه کي ڏيندو هو. مائي مانيون، ٻوڙ ۽ پلاه ست
رڇيون تيار ڪري، چنيسر کي کارائي خوش ڪيو، ماني
کائي چنيسر کٽ تي سمهي رهيو، منهن تي لنگيءَ جو
پاند ورائي ڇڏيائين. انهي وقت مائي جو پٽ گهر ۾ نه
هو. پنهنجي هڪ جيترن، سنگت ۽ يارن کان موڪلائڻ ويو
هو ته: ادا، يارو! اسان جي الله واهي. سانجهي
وينداسون ويريءَ جي وات ۾، اسان جو سؤ ورهن جو
پورو ٿي ويو، ڪجهه وقت پاڻ ۾ کلي ڳالهايوسون. ڪو
رنج ۽ ڏک هجي ته معاف ڪجو! پنهنجي سنگت کي موڪلائي
گهر آيو. اچي ڏسي ته بلي! گهوڙو ٻڌو پيو آهي، مڙس
پهلوان آهي جو کٽ تي ستو پيو آهي، منهنجي ماءُ به
خوش لڳي ويٺي آهي. ماءُ کان پڇڻ لڳو ته: ڪير ماڻهو
پنهنجي گهر مهمان آهي؟ مائي چوڻ لڳي ته: ابا!
تنهنجو ڀاءُ آهي. ڇوڪري چيو ته: مون اڳي ڪونه ڏٺو.
مائي چوڻ لڳي ته: پهريون پٽ اهو ڄايم، نپائي وڏو
ڪيم، جڏهن جوان ٿيو ته ڪاوڙجي ويو هو سنڌ ولايت،
تنهن کان پوءِ آخرين پڇاڙي ۾ تون ڄائين، هاڻي مس
وڏو ٿيو آهين، اِتي هيءُ رهندو ئي ڪونه هو جو تون
ڏسين ها. اڄ قدرت سان اوچتو اچي ويو، مون پئي
ريهون ڪيون ته مون کي چيئين، امان، تون نه روءُ.
اِهو معصوم نپايو اٿئي، اهو تو وٽ ڀلي ويٺو هجي،
مون دنيا ۾ گهڻئي ڪجهه سير ڪيو آهي، سانجهي آءٌ
ويندس انهي آفت جي منهن ۾، سو ڀاءُ آهي تنهنجو.
ڇوڪري دل ۾ ويچار ڪيو ته اهڙو جاني ڀاءُ، جيڪو
منهنجي پاران سـِـر ٿو ڏئي، تنهن کي ڇو نه اُٿاري
آءٌ ملان ۽ ملاقات ڪريان. مائي چوڻ لڳي ته: ماٺ
ڪر، هو موڳو آهي ڪنهن ملڪ جو، ماني تي اچي سـِـر
ڏنو اٿس، پرائي پٽ کي اُٿارين، هليو وڃي ته! اهي
خبرون چنيسر ٻڌيون پئي. دل ۾ ويچار ڪيائين ته
منهنجي ڀلائي ڇـُـٽي، جو هن جي پاران سـِـر ٿو
ڏيان، پر سمجهن ٿا ته موڳو آهي. غصو ڏاڍو ٿيس، پر
ماٺ ڪيو، شوريو ستو پيو هو. ايتري ۾ عالادين جا
نوڪر اچي مائيءَ کان ڇوڪري جي ٻانهن گهرڻ لڳا.
جڏهن ڇوڪري جي گهـُـر ٿي مائيءَ، تڏهن چنيسر کي
ڪوڏاڻي جو بيت چوڻ لڳي:
اُٿي سورهيه سنڌ جا، آيئي عالادين اُمراهه
پارج سي پـُـٽ پنهنجا، جيڪي ڪيا ٿئي قول قرار.
مائي چنيسر کي چوڻ لڳي ته: سورهيه غازي! اُٿي، بادشاهي حڪم ٿيو آهي، جيڪي
قول ڪيا اٿئي انهن کي پاڻي ڏي. اهو بيت ٻڌي چنيسر
لڳو گهـُـراڙا هڻڻ، مائي ڏسي ته ماني برباد.
ڪـُـوڙو ٿو ڏسجي، سا مائي بيت ڪري، چنيسر کي طعنو
هڻڻ لڳي:
ڪـُـوڙا ڪـُـوڙي ڏيهه جا، تو ڪـُـوڙا قول ڪيا
سنڌ لڄايئي سومرا، دانـَـهه دودو راء
ڊگها ٿو گـُـهرڙا هڻين، جڏهن کاڌئي ٻوڙ پلاء.
مائي هڪل ڪري چوڻ لڳي ته: وڏو بي ايمان ٿو ڏسجين، کاڌي جي آفات. سويري پاڻي
جي ڍڪ لاءِ هو گيسيءَ جو ٺڪاءُ، هينئر مانيون کائي
مـَـهوڙ ٿي ستو آهين. جڏهن ڪم پيو اٿئي، تڏهن
گهـُـراڙي، جا گهوگهٽ. اُٿي کڙو ٿي! چنيسر اڳئي
طعنن جو تايل هو جو ڳوٺان به طعنا کائي نڪتو هو،
تنهن کي باهه وٺي وئي، سو ڀڙڪو کائي اُٿيو، شاعر
بيت ڪري:
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چڙيو چنيسر راءِ
بگڙيو دِيو وڳهه جو، جهليو اچي نه جاءِ
کٽ ڌڪ جهليو ڪينڪي، ٿي چـُـوڙن کان جدا.
چنيسر خار مان ڀڙڪو کائي اُٿيو، آنگـِـيرڙي ڀڳيئن، ۽ جان کي ڌوڻيئين ته کٽ
جون چارئي چوڙون چٽ. جيڪي عالادين جا نوڪر در تي
بيٺا هئا، انهن ڪيو ڀڄڻ تي ڀر. ڏي عالادين بادشاه
وٽ. ساه نه ساهه تي ماپين، ڳالهائي نه پيا سگهن،
عالادين پڇا ڪئي ته ڇا آهي- اوهان سان ڪهڙو ويڌن
آهي؟ ڇوڪرو وٺڻ ويئو، وري يڪدم ٺلها موٽي آيئو؟
نوڪرن چيو : سائين! ڏسو هن رن جا ڪم، راڪاس کي
دعوت ڏيئي، پاڻ وٽ ٽڪايو اٿس. کٽ تي هنڌ، جهڙو
مهمان. هـُـن سان صلاح ڪئي اٿس ته منهنجي پٽ جي
پارت اٿئي. عالادين جا نوڪر ايندا، آءٌ پاڻهي توکي
ٻڌائيندس، مڙئي آهن متارا، جيڪي کپنئي سي کائجان.
اسان وياسون ته هو ستو پيو هو. اسان وڃي ڇوڪري جي
گهـُـر ڪئي، مائي اُٿارڻ لڳيس، پر اُٿي نه پيو،
ستو پيو هجي، نيٺ چوڪي چوڪي اٿاري وڌئينس ته آيا
اٿئي، جيڪي کپنئي سي کاءُ. هو ڀڙڪو کائي اُٿيو ته
کٽ جون چارئي چـُـوڙون چٽ، اسان ڪيو ڀڄڻ تي ڀر،
هڪٻئي کي چيوسون ته: ڀڄو، متان ڪو ٻيو مري! پوءِ
جڏهن اسين ڀڄي وياسون، پوئتي ڏٺوسون ته دوڏا ڦاڙي
پئي اسان ڏانهن ڏٺئين. سو اُنهي راڪاس جي خوف کان
ڀڳا آهيون. رَن صلاحـُـو آهي راڪاس سان، سڄو شهر
انهي هڪڙي رن ناس ڪرايو آهي. عالادين دل ۾ ويچار
ڪيو ته جيڪو ماڻهو جو ويري، سو ماڻهو وٽ ڪيئن
ويهندو! هـُـنن کان پڇا ڪيئين ته گهڻا ڄڻا ويا
هئئو؟ هـِـنن ڳالهايو ته: سائين!
سـُـڪا پـُـڪا پنجويهه ڄڻا ويا هئاسون. عالادين چيو ته: چڱو، پنجويهه اوهين
۽ پنجويهه ٻيا، گڏجي وڃي مائيءَ کان ڇوڪرو وٺي رُڪ
جي مـُـن سان ٻڌي اچو، جي خالي وري آيئو ته پنجاهه
ئي ڄڻا توف جي حوالي ڪندس. اها ڳالهه ٻڌي پاڻ ۾
چيائون ته ’مري وياسين، اڳيان اکيون ڏسي آيا
آهيون ته هـَـڙ کائيندو، ڇڏيندو هڪڙو ئي ڪونه. جي
نٿا هلون ته عالادين ماريندو. سي لاچار اُٿي هلڻ
لڳا. واٽ تي صلاحون ڪندا اچن ته ڪا هڪل هوڪر ٿئي
ته ڀڄڻ جي ڀر ڪجئو ۽ ڇڊا ڇڊا ٿي هلو متان ڪو پاڻ ۾
وچڙي بيهي، اهي صلاحون ڪندا مائيءَ جي دروازي تي
آيا. مائي کان اچي ڇوڪري جي گهر ڪيائون. انهي وچ ۾
چنيسر ڇا ڪيو آهي، جو گهوڙي تي زين ڪيائين، جامان
زره جان تي پاتئين، پـَـٽَ جو مـَـندِيل
(1)
مٿي تي ٻڌائين. ڄڻ شنيهن بانوريو ويٺو آهي. جڏهن
هنن ڇوڪري جي گهـُـر ڪئي ته چنيسر ٻانهون ٻڌي چوڻ
لڳو ته: ادا! مون ڏنو آهي راة خدا سـِـرُ، مون کي
وٺي هلو! آءٌ حاضر آهيان، باقي مائي ڇوڪرو نه
ڏيندي. هنن ٻانهون ٻڌي چيو ته: مهربان! اسين توکي
ناهيون. چنيسر چوڻ لڳو ته: ڀلا، هو عالادين ويٺو
اٿوَ، وڃي دانهن ڏيو ته مائي ڇوڪرو نٿي ڏئي. اتي
پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته هي ڏسڻ ۾ ماڻهو ٿو اچي،
راڪاس نه آهي، پنهنجي رضا خوشي ٿو هلي، هاڻي ايترو
پڇونس ته هلندين اسان جي اڳيان. چنيسر چيو ته: ان
جو سبب ڇا آهي؟ هنن چيو ته! متان تون راڪاس هجين ۽
پٺيان هڙ کائي وڃين. چنيسر چيو ته: جنهن ڳالهه ۾
اوهين راضي رهندؤ ائين هلندس.چيئون: چڱو ڀلا، تون
ته تون ئي ڪار. چنيسر هنن سان گڏجي هلڻ لڳو. هـِـن
کي وٺي رُڪ جي مـُـن تي آڻي بيهاريئون. چيئونس ته:
جي سـِـر ڏنو اٿئي ته هـِـن مـُـن کي پـَـٺا ڏي ته
توکي سنگهر سان ٻڌي قيد ڪري وڃون. ڀلا جي نه ته ڇڏ
دعويٰ ته مائي کان ڇوڪرو وٺون. چڱا ٿا چون ته
”ڪونه ڏٺوسون ڪڏهن، ڪو سورهيه سياڻو“ . سورهيه
سياڻپ ڪندو ته ان کان سورهيائي ڪانه ٿيندي. بسم
الله ڪري رُڪ جي مـُـن کي پـُـٺا ڏنئين. هو
سنگهرون ۽ زنجيرون هڻي تالا بند ڪري ڪنجون کڻي ويا
هليا. سج لهي ويو، رات پئجي ويئي. اتي چنيسر کي به
عقل سامهون ٿيو ته ”ٻـَـڌي چور تي رَن جوءِ به آ
ڪري“ . جنهن عالادين وٽ آءٌ دانهين آيو آهيان، سو
به پيو هـِـن آفت کان ڪن هڻي، آءٌ به پاڻ ٻڌارائي
بيهي رهيس. سو ڪاوڙجي، رُڪ جو مـُـن پٽي، شاعر بيت
ڪري، فقير چئي ٻڌائي:
کـَـر چنيسر لعنتي، تو ڪيڏا ڪم ڪيا
پڳ وڃايئي پانهنجي، پڇڻ هليو هئين ماء
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چـِـڙيو چنيسر راء
ساري حضرت شاه کي، ديو لوڏي دَستا
ڪـُـرفن ڌڪ جهليو ڪينڪي، ٿـِـئي ڪـَـڙي ڪـَـڙي کان
جدا.
چنيسر جذب ڪري ’علي علي‘ ڪري وٺي جو بـُـت ڌوڻ ڏني ته ڪـَـڙِي نه ملي
ڪـَـڙِي کي، ڪـُـرف ٺڪاءُ کائي وڃي پري پيا، رڪ جو
مـُـن اُليڙي کڻي پري ڦٽو ڪيئين. ديڳ دال جي هاري،
مانيون هڪڙيون گهوڙي کي کارايئين، ٻيون سڏي دليءَ
جي ڪـُـتن کي ڏيئي ڇڏيئين ۽ جنگ جو ميدان جاچي
انهيءَ ۾ ويهي رهيو. چنيسر کي ننڊ اچي کنيو. دل ۾
ويچار ڪيئين ته هڪ آفت جو خوف، ٻيو ننڊ ٿو ڪرين،
سو ننڊ سان جهيڙو ڏئي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي
ٻڌائي:
ڪلر ويري ڪوٽ جو، مڇي ويري ڄار
جر ويري ڄرڪو آهي، پکين ويري باز
مردن ويري نـِـنڊڙي، مهري ويري سينگار
هوءَ ڪانياري ڪڙم جي، هؤ ڀڄي ڪندي ڀتار.
سالڪ چيو آهي ’مٽي مڙئي مـِـٽي‘ ، ڪلر ڪوٽ ڪيرائي وجهي. پکي مڙئي پکي، باز
هڙ ماري. مڇي مڙئي مـڇي، ڄرڪو هڙ کائي وڃي. مرد جي
لاءِ ننڊ به ائين آهي، سو سجاڳ ٿي ويهان. پر ننڊ
جي گهـِـل هن کي ڇڏي نه. ويٺو هجي. سندس نراڙ ترار
جي ٽيڪ تي رکيو هجي. اڌ رات ٿي ته راڪاس سـَـٽڪو
اچي ڪيو. ڏسي ته مـُـن به ڪونهي، ماڻهو به ڪونهي
نڪا دال ماني، پر ماڻهو جي ڌپ پئي اچي. چوڌاري نظر
ڦيرايائين ته پري کان چنيسر جو دُڦ نظر آيس. تنهن
تي راڪاس چوٽ ڪئي. چنيسر اڌ ننڊ آهي، اڌ سجاڳ
آهي.خبر پيس ته راڪاس مٿان وري ويس، چنيسر دل ۾
ويچار ڪيو ته شيءِ اها آهي جيڪا مٿي ٿي وڃي، تنهن
نـَـرا مٿي کنيا. چنيسر هن جي ڇاتي کان ٻهر نڪري،
ٺڪاءُ ڪرايس اُرهه واريون تـَـريون. پنج ست وکون
پوئتي هٽائي وڌائينس. سو پهلوان جو مقابلو ٿئي،
شاعر چئي ٻڌائي:
آڌي جو آگم ٿيو، آيو راڪس راڙهه ڪري
سـِـپر اُڇلي سومري، ويس جـَـنهـَـور جهاڳوري
تري سان تالان ڪري، وڌئين راڪس هٽائي
کني سان کائي وڌئين، وڏو ڀالو ڀڙڪائي
ڀؤ ڀڳئين ڀـُـوري جو، وڌئين ڪـَـڪو ڪڙڪائي
ڪنبيو جنهن کان ڪـُـستان ٿي، وڌئين لکـِـي ليٽائي.
چنيسر سومري جڏهن راڪاس کي تريون هڻي هٽايو، ڌڪ جي مار ۾ ٿي پيس. ٺڪا
ڪرايئينس ترار، راڪاس مان ائين وَهي وئي جهڙي ڌاڳي
مان وهي وڃي. ٻه تڪ ٿي، وٽجي اچي ٽـُـٽو. ڀالو هئس
هٿ ۾، ڦـِـڦڙن ۾ هڻي، ماري فتح ڪيئين. راڪاس جا ڪن
۽ پڇ وڍي، کڻي گهوڙي جي توبري ۾ وڌئين. شمار ڪيئين
ته رات اڃان آهي، ڪـِـن ماڻهن ۾ وڃي آرام ڪريان.
گهوڙي کي ڪاهي،ڪوٽ جي ٻانهين جو پاسو وٺيو پيو اچي
ته هڪڙو دروازو ڏسڻ ۾ آيس. نالو پڙهي ڏٺائين ته
نظر بيگ جو دروازو آهي. هي طالبو به نظر بيگ جو
هو. دل ۾ ويچار ڪيئين ته ”طلبئون ته ملئون“ .
جنهن جي گهرج هئي، انهي وٽ پهچي ويس. انهي دوازي
تي هٿ هڻي چوڻ لڳو ته: در لاهيو، اندر اچان. هـِـن
دروازي تي هٿ هـَـري هنيو، پر هي پهلوان هو، سارِي
ڳـَـڙهـِـي وڄي وئي. نظر بيگ اهو دروازو سوا لک
رپيا خرچ ڪري راڪاس جي خوف کان ٺهرايو هو. تنهن
کان پوءِ اندرئين پاسي پنجاه پهلوان چؤنڪي تي
بيهاريا هئائين. تنهن کان پوءِ وري پنج ٽاپرُو
هوندا هئس زورن وارا، جي سڄي رات زور ڏيندا هئس،
تڏهن آرام ڪندو هو. ٻهران هٿ لڳو دروازي تي ته
اندران جيڪي پهلوان بيهاريا هئائين اُنهن مان هڪڙو
هڪڙو ڄڻو ڇيلو وقت تي کائيندو هو، سوا سوا نـَـرِي
پير، وس لڳندي مينگهواڙ جـُـتـِـي به نه ٺاهي، پر
سڀئي وٺي ڀڳا، ڏي نظر بيگ وٽ. نظر بيگ چيو ته: خير
آهي؟ اڄ ڀڄي آيا آهيو! هـِـنن چيو ته: سائين!
راڪاس در تي بيٺو آهي. چوي ٿو ته: ڇوڪر هو ڪـَـچو،
منهنجي پورت ٿي ڪانه، در لاهيو ته نظر بيگ کي
ڏسان. نظر بيگ چين ته: پويان مارُو ماڻهو ويٺا
آهن، پکاوان گهر، ڪـِـرڙن جا لوڙها، ماڻهو کڻڻ کي
سولا، اوڏهين ڏس ڏيوس. سو در تي اچي، ۽ بيت ڪرڻ
لڳا ته:
پويان گهر پکن جا، جتي ڪرڙن جا لوڙها
هي لـَـکـِـي دروازو لک جو، جنهن تي لڳو لک سوا
ڪـِـير اٿس هرڌات جا، قابو اٿس ڪڙا.
چنيسر کي چوڻ لڳا ته: پريان غريب آبادي ويٺي اٿئي، جن جا گهر پکاوان آهن،
اوڏي وڃ. هي در تنهنجي لاهڻ کان وڏو آهي. چنيسر دل
۾ ويچار ڪيو ته ڊنا آهن. پنهنجو بچاءُ ٿا ڪن،
غريبن جو ڏس ٿا ڏين. سو چنيسر هـِـنن کي بيت چوڻ
لڳو:
پرور لـڄ پکن جي، رکندو پاڻ الله
آءٌ آدم جو پٽ آدمي، مون ۾ اوهان جهڙو ساهه
لاهيو لاڏ لکيءَ جو، آءٌ لنگهي منجهه اچان.
چنيسر چوڻ لڳو ته: پاڻ لڪائي مسڪينن جا ڏس نه ڏيو، ڇو ڀاڙي ٿيا آهيو، آءٌ
ماڻهو آهيان اوهان جهڙو، در لاهيو ته اندر اچان.
اها ڳالهه ٻڌي، وري نظر بيگ وٽ ڀڄي آيا. نظر بيگ
کي چوڻ لڳا ته: هو چوي ٿو ته هڪ ته ڇوڪرو هو ڪچو،
ٻيو ته مارو ماڻهو، ڏؤنرو پـُـسي کائين، جن جا
آنڊا ڪڙهي ڪارا ٿي ويا آهن. نظر بيگ کاڌا آهن
ڪـُـڪڙ ۽ ڇيلا، جنهن تي وَهـنِ جا مـَـٽ چڙهيا پيا
آهن، در لاهيو ته ڪا پيلڪ چاڙهي ڇڏيانس، نظر بيگ
چيو ته: در هن جي بابي جي ڀڃڻ جو ناهي. اندران
اوهين مڙس ماڻهو ٿي بيهو، ٻاهر ڀلي پيو جک هڻي.
اُهي گفتا چنيسر بيٺي ٻڌا. دل ۾ ويچار ڪيئين ته
هـِـنن کي الله تي ڀروسو ناهي. هاڻي ڀڃان در ته ڪا
ڪل پوين. سو چنيسر دروازو ڀڃي، شاعر بيت ڪري:
لاٿئين لاڏ لکيءَ جو، بانور ٿين ڍرا
هڪڙا گيدي لڪا گلمن ۾، ٻيا گهوڙي اولڙ ڏانه
سي کنگهن کـُـرڪن ڪينڪي، نڪي ڳرو کڻن ساهه
هئي ڳجهي هڪ ڪوٺڙي، تنهن ۾ لـِـڪو نظر بيگ
اُمراهه.
چنيسر سومري پاڏي وارو پڙ ڪري، سـِـپر مـُـٺئين ڪري، پري کان چوٽ ڪئي.
سـِـپر ۽ مٿو ٺڪ ڪري در تي ته در جي هيٺين مٿين
چوڙ، ٻئي چٽ. در ڊٺو هيٺ ۽ هنن ڪيو ڀڄڻ تي ڀر،
بتيون وسائي، هڪڙا گلم جي هيٺان گهڙي ويا، ٻيا وري
گهوڙي جي اولڙ ۾ لڪي ويا. ڪوٺي هئي، اُنهي ۾ نظر
بيگ وڃي لڪو. ساهه سڪي ويس. هڪڙي ڪوٺي جو دروازو
بند ڪري نه سگهيو، چنيسر اندر آيو، ڏٺئين اچي ته
اِلاهي هئا، ڪيڏانهن ويا! هنن بتيون وسائي ڇڏيون
هيون، چنيسر ساڻ چقمق هئو، بتيون ٻاريئين. روشنائي
ڪري اچي پلنگ تي ويٺو. چوڌاري نظر ڦيرايائين ته
نظر بيگ تي اک پيس ۽ نظر بيگ به ڏٺو چنيسر کي. دل
۾ ويچار ڪيائين ته طالبو به تنهنجو وري ڏٺئين به
توکي: سو پنهنجي بچاءُ لئي دانهن ڪري، شاعر بيت
ڪري، فقير چئي ٻڌائي:
پنج مـُـنهين ٽاپرو، چؤنڪي ڄڻن پنجاهه
هڪڙا لڪا گلمن ۾، ٻيا گهوڙي اولڙ ڏانه
سي کنگهن کرڪن ڪينڪي، نڪي گهرو کڻن ٿا ساهه
نالي نام الله جي، مون بندي جو ڪج بچاءُ.
نظر بيگ چوڻ لڳو ته: پنجاهه چوڪيدار آهي، پنج ٽاپرو اٿم، مڙئي متارا آهن.
اڀرو هڪڙو به ڪونهي، هڪڙا اٿئي گلم هيٺ، ٻيا وري
گهوڙي جي اولڙ ۾ لـِـڪا پيا اٿئي. ڳولهيندين ته
لڀي پوندئي. الله جو اٿئي اسم، ماءُ پيءُ جو هڪڙو
آهيان، منهنجي پارت اٿئي. چنيسر چيس ته: متان هيڻو
ٿيو آهين! متان هـِـنيون ڦاٽي پوئي. آءٌ ماڻهو
آهيان. نظر بيگ پڇيس ته: ڀلا ڪير آهين؟ هـِـن چيو
ته: آءٌ چنيسر سومرو آهيان، وڳهه جو ويٺل. اتي نظر
بيگ چيو ته: مون کي ڪيئن پڪ ٿئي؟ چنيسر چيس ته:
توکي ڪيئن پڪ ٿيندي؟ نظر بيگ چيو ته: سومرن جي پڳ
تي ميناڪاري مولـِـهه رهندي آهي، اُهو نيشان
ڏيکار. چنيسر بتيءَ تي منهن ڪيو. تڏنهن مولهيي تي
نظر هـُـن جي پئي، تڏهن پڪ ٿيس. ڊوڙي اچي مليو.
پڇئينس ته: اِنهيءَ آفت کان ڪيئن بچي آئين؟ چنيسر
چيس ته: سڀاڻي دليءَ شهر جا ڪتا ماس کائيندس.
گهوڙي جو توبرو ڇنڊي راڪاس جا ڪن ۽ پڇ
ڏيکاريائينس. نظر بيگ ڏاڍو خوش ٿيو. چوڻ لڳو ته:
الله آندو اٿئي، جو اسان جي ملڪ تان عذاب اچي لاٿو
اٿئي. اها ڳالهه ڪري، پنهنجي نوڪرن کي سڏ ڪرڻ لڳو
ته: ڀڄي اچو، الله راضي ٿيو آهي، چنيسر سومرو آيو،
جنهن ملڪ تان عذاب اچي لاٿو. نوڪر چوڻ لڳا ته:
اسان سان ڳالهاءِ نه متان لڀي نه پئون. سوير ڪيون
صلاحون ياد بيٺيون آهن. چنيسر ۽ نظر بيگ پاڻ ۾
ڪچهريون ڪيون، هـِـنن راهه گناهه اُتي لـِـڏ لاهي
کڻي دڙا ڪيا.
اِها ڳالهه اِتي رهي. هوڏانهن عالادين بادشاه جو سوا لک گاهـِـي گاهه تي
ويندو هو، جيڪي گهوڙن جو راشن آڻيندا هئا. فجر جو
گاهه تي تيار ٿيا. دربان کي اچي چيئون ته: در
لاهه. سو دربان اُٿي ڏسي در جي سوراخن مان ته
راڪاس تي نظر پيس. گاهين کي چيائين ته اوهان جو
بابو در تي ستو پيو آهي، در ڪونه لاهيندس. انهن
گاهين ۾ ٻه ڄڻا هئا، هڪڙي جو نالو هو ”حسڻ“ ٻئي
جو نالو هو ”پـَـنگريو“ . پنگريي دل ۾ويچار ڪيو
ته راڪاس بادشاهيون گهڻيون ٿو گهمي، متان ٻئي
هنڌان ڪنهن پهلوان کان گهائجي هتي اچي مئو آهي،
مرندي ۽ ماريندي ڪنهن ڏٺو ڪونهي. متان اها سوڀ
الله اسان کي ٿو ڏياري! سو دروازي تي مٿي چڙهي ڏسي
ته ڪتا پيا پٽينس. مئو پيو آهي. هڪل ڪري پنهنجي
سنگت کي پنگريي چيو ته: منهنجو رت ڦـِـٽو ۽ بغلن
بـُـونء ڪئي، يا راڪاس هوندو، يا آءٌ هوندس. ڀڙڪو
کائي هيٺ لٿو، دربان کان زوري ڪنجون کسي، راڪاس
مئل سان مقابلو ڪري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي
ٻڌائي:
لاهيو لاڏ لـَـکيءَ جو، اسين ڪري اچون گاهه
دانهون دروانن جون، پاڻ ٻڌيون پتشاهه
ماريل انهي راڪس مٿان، ڪيا پنگريي پـَـواڙا
(1)
هڪڙا تڙڳن پيا تلاوَ ۾، ٻيا ڏين رَنبين جا چـُـٽڪا
ڏيو مبارڪ بادشاه کي، راڪس ماريو گاهينِ آهه.
پنگريي، دربان کان زوري ڪنجون کسي، دروازو لاٿو. گاهي ريهون ڪري، نعرا هڻي،
مئل راڪاس تي چڙهي ويا. هڪڙا رنبا راڪاس کي
هنيئون، ٻيا وري پاڻهي پنهنجي جانَ تي ٽـُـڪا ۽
گهاوَ ٺاهيائون. ’جهيڙي جا ۽ ڌڪ جا شاهد آهن ڦٽ‘
، سو راڪاس جي رت مان پنهنجا لـَـٽا ۽ جانِ لال
ڪري، نعرو هڻي، سوا لک ٿي آيو عالادين بادشاه وٽ.
مبارڪ اچي ڏنئون ته هو راڪاس مئو پيو اٿئي ميدان
۾! عالادين بادشاه اُٿي گاهين جو سلام ورتو. ست
دفعا آفرين نامو ڏنائين. تنهن کان پوءِ ارڙهن
خچرون خزاني جون بخشيش ڏنائين. انهيءَ ڏينهن کان
وٺي پگهار چالو ڪيئينِ. سوا لک گاهي، صوبا ۽ سردار
بنايائين. اڳيان نوڪر، صوبا ۽ وزير انهن جا سلام ۽
پگهار بند ڪيائين. جهيڙي نبيرِي ۽ رياء، جيئن گاهي
ڪن تيئن وس وارا. انهن سوا لک گاهي جو سپه سالار
”حسڻ“ گاهي کي ڪيائين. تنهن کان ٻيو نمبر پنگريو.
ارڙهن ڏينهن ارڙهن راتيون اها بادشاهه موج ماڻي
اٿن. حسڻ گاهيءَ کي هاٿي جي سواري مليل هئي، جنهن
تي چڙهي روز شڪار ڪندو هو. پنگريي پنهنجي سنگت سان
صلاح ڪئي ته: اڄ پاڻ تي عالادين بادشاه جو راز
آهي، جيئن چونداسونس تيئن ڪندو. موڪل وٺونس ته
دليءَ جو شهر، واڻيا ويٺا آهن، اُهي ڦـُـريون. حسڻ
چيو ته: الله جي خوف کان ڊڄو. ”آهه غريبا، قهر
خدائي“ . متان وري رَنبي جي مـُـنهن ۾ اچي وڃون.
مـَـس پيٽ ڀري ماني کاڌي اٿئون. پنگريي چيس ته:
تون سست آهين. اهو وقت سنڀال، گاهه تي هلندا
هئاسون، دليءَ جي واڻين کي چوندا هئاسون ته آني
ٽڪي جو تماڪ ڏيو، ته واڻيا چوندا هئا: سـُـڃا!
ڏيندؤ ڪٿان؟ چوندا هئاسون ته: پگهارون ملنديون ته
ڏينداسون. چوندا هئا ته: پگهار مليوَ ته پوءِ وٺي
وڃجو. ڇاتيءَ واريون تريون هڻي ٿلهي کان هيٺ لاهي
ڇڏيندا هئا. اُهي ڇاتيون اڃان پيون سـُـور ڪن.
هاڻي سنڀالي ڪسرون ڪڍنداسون. اها صلاح ڪري عالادين
بادشاه کان موڪل ورتئون ته: اسان نئون انصاف ڪيو
آهي تو سان انگل ڪوبه ڪونه ڪيو اٿئون. مهرباني ڪري
چار پهر اسان کي موڪل ملي، دليءَ جا واڻيا
ڦـُـرينداسون. بادشاه ڪڏهن اياڻا، ڪڏهن سياڻا.
گاهينِ جي راء وٺي، موڪل ڏنئين، چار پهر ڏينهن جا.
سج اُڀري سنئون ٿيو، سوا لک گاهي پنهنجو جوڙ ٺاهي
دليءَ جي بازار جا ٻهريان رستا وٺي اچي دليءَ جي
شهر ۾ پيا. گهـَـٽ ۽ ناڪابند ڪري اچي ڦـُـر شروع
ڪيائون. فجر جو ٽاڻو هو، واڻيا ويچارا اُٿيا آهن،
پنهنجي هٽن جا آسڻ، انهن کي ڦـَـريا ڦوڪارا ڏيئي
ڇنڊو پيا هڻن، پـُـوڄا پيا ڪن. صبوح سان لاکي جي
مهل آسڻ پيا پـُـوجينِ ته گاهي به ڏي مٿان.
اندريان اندر ۽ ٻهريان ٻـَـهر. واڻيي کي چوٽيءَ ۾
هٿ، ٿڪ ٿئي ٿڦڙ. ”هـُـئا“
(1)
، ڏي ٿلهي کان هيٺ. هڪڙي هٿ ۾ ٽوپي، ٻئي ۾ ڌوتي،
چوٽي لـُـور لـُـور ڪندي وڃي. ڏاکڻي طرف وارا اُتر
طرف ڀڳا ته ايڏانهين ڀڄي وڃون. چوسول ۾ اچن ته
اُتر وارا اڳئي هيڏانهن ڀڳا اچن. سڀئي ورائي چوسول
۾ گڏ ڪيائون. موچـَـڙ ڪاري شروع ڪيئون. دَس ۽
کـَـسَ جي حقيقت پيدا ٿئي. گاهي پاڻ ۾ ٻه طريقا
هئا: اڌ تي صوفي، اَڌ تي موالي. صوفين ڦـُـر ڪئي
پـَـٽ، ريشم، سون، ڪنجهو ۽ ڪپڙا پيا کڻن، موالين
به پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ڦـُـر ڪئي: چـَـرس جون چـڪـيون،
تماڪ جون پنڊيون، ڀنگ جون ٻوريون، سچليون ڪوڏيون ۽
ڪـَـچ ڪوڏيون هٿ ڪيائون ته نشي جي بهاري ۾ ”اِڪي
۽ ٻـَـڌي“ جي راند ڪنداسون. واڻين سان اهو ناحق
مچائي ڏنئون.
ماڌن ملڪ، وزير عالادين بادشاه جو، نظر بيگ جو مامو، دلي جي شهر ۾ وکر وٺڻ
آيو. چڱن چيو آهي ته ”اصل ۽ نقل جو تفاوت آهي“ .
ماڌن ملڪ وزير کي اصل سمجهي واڻيا دانهن ڏيڻ لڳا،
سو شاعر چئي ٻڌائي:
مـَـهتا مـَـهرَڻ ڪـُـٽيا ڪٽيا ڪانـِـهيـُـونگا
يا ڪريون مـُـنهن مـَـڪي ڏي، يا جتي دودو چنيسر
راء.
ماڌن ملڪ وزير کي واڻين دانهن ڏني ته: اسان سان ظلم آهي، راجا ٿيو راڪاس،
رعيت ويچاري ڇا ڪندي؟ تون گاهين کي سمجهاءِ، اسان
کي راه گناه ٿا مارين ۽ ڦرين. اها ڳالهه ٻڌي، ماڌن
ملڪ وزير، گاهين کي هڪل ڏني ته: ڇو ٿا مسڪين
ماريو؟ گاهين جواب ڪيو ته: هٽي وڃ، توکي سڃاڻون
نٿا. تنهن تي ڪجهه ماڌن وزير چيو، گاهي پاڻ ۾
جهجها هئا. ڌڪا ڌوما ڏئي ماڌن ملڪ وزير جي پڳ ڊاهي
وڌئون. سو پڳ پنهنجي ڪـَـڇ ۾ کڻي سڌو پنهنجي
ڀاڻيجي نظر بيگ وزير وٽ آيو. اچي چيائينس ته: تو
وٽ سورهن لک فوج آهي. ست لک فوج مون وٽ آهي. وٺ ته
عالادين بادشاه کان پڳ کسي تون ٻـَـڌ، يا مونکي
ڏي. بادشاه جو مخول خراب ٿي ويو آهي. ماڌن ملڪ
وزير جي اها ڳالهه ٻڌي، نظر بيگ وزير ورندي ڏئي،
شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:
نـِـيمڪ کاڌو بادشاه جو، جنهن مان جـُـڙي هڏ ٿيا
ٽـَـڪر ٽـَـرندو ڪينڪي، نڪي مـَـٿا ڀڃائبا
ڪندس ڪنهن تجويز سان، اڳيان عالادين ڳالهاء.
نظر بيگ چيو ته: ماما! عالادين بادشاه جبل آهي. جبل کي مٿو هڻبو، سـِـر ڀڄي
پوندو، جبل کي ڪجهه به نه ٿيندو. تنهن ڪندي به
بادشاه جو پاڻ نيمڪ کائيندا آهيون، انهي جو حياء
ڪبو. تون ماٺ ڪر، آءٌ پاڻهي عالادين سان
ڳالهائيندس. اها ڳالهه ڪري حسڻ گاهي جي پڇا
ڪيائين. خبر پيس ته حسڻ گاهي هاٿي تي چڙهي، شڪار
ڪرڻ ويو آهي. اهو حسڻ گاهي، نظر بيگ وزير جي گهوڙي
جو گاه آڻيندو هو ۽ سندس گهوڙي جو سئيس هو. نظر
بيگ وزير سندس واٽ تي وڃي بيهي رهيو. حسڻ پريان
شڪار ڪري وارُو ٿيو. هاٿي تي چڙهيو پالڪي ۾ ويٺو
هو. جڏهن نظر بيگ جي روبرا آيو ته نظر بيگ وزير،
حسڻ گاهي جو سلام ڀريو. سالڪن چيو آهي: ’حياء و
لايمان‘ رهي ٿو اکين ۾. حسڻ ڏسي ته آءٌ اهو شخص
آهيان، جو هـِـن گهوڙي جو گاه ڪري ايندو هوس، اُهو
منهن جو اڄ سلام جي ڪري. هاٿي تان وٺي ٽپ ڏنائين.
پيرن تي اچي پيس. چئي: آءٌ تنهنجو اهو ساڳيو سئيس
آهيان. نظر بيگ! چيس، سالڪن چيو آهي ته:
راتين جهڙيون راتڙيون، ڏينهن جهڙا ڏينهن
ڪڏهن ڪڏهن شينهن، ڪن سلام سهي جو.
آءٌ تنهنجو سلام ڪونه ٿو ڪريان، تنهنجي ساعت جو سلام ٿو ڪريان. حسڻ چيس ته:
حڪم ڪر ڀلا. نظر بيگ چيس ته: عالادين جي روبرا
مونکي وٺي هل. حسڻ چيو ته: حڪم ڪونهي. نظر بيگ چيو
ته: حڪم هجي ها ته آءٌ تنهنجو سلام ڇو ڪريان ها!
حسڻ چيو ته: ”ياران موت عيد برابر“ . هليو آءُ
منهنجي پٺيان گڏجي عالادين جي درٻار ۾ آيا. نظر
بيگ وزير بادشاه جو سلام ڪيو. عالادين سلام ڪونه
ورتو، منهن ڦيرائي ٻئي پاسي ڪيائين. وري اُنهي
پاسي کان ڦري آيس. عالادين هٿ هڻي نظر بيگ جو پٽڪو
ڊاهي وڌو. عالادين چوڻ لڳو: لکن جا صوبا آهيو، پر
سڀ بي همٿ ۽ پيتلي لڏو. اوهان همٿ ڪريو ها ته
راڪاس کي ڪونه ماري وجهو ها؟ گاهي ويچارا مسڪين بي
هٿيارا، همٿ ڪيئون ته راڪاس کي ماري وڌئون. اوهين
بي همٿ آهيو، تڏهن اوهان جو سلام ۽ پگهار بند ڪيو
اٿئون. اها ڳالهه ٻڌي نظر بيگ وزير، عالادين کي
دڙڪو ڏئي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:
جوء وهاريئين جنڊ تي، ماڻهين بـَـٺـِـي ڏانه
سالار پخالون ڀري، پائي ڪلهي ساندارا
کـُـريو(1)
ڏيندوسئين هٿ ۾، ڪندين گڏ حسڻ سان گاهه.
نظر بيگ وزير، عالادين کي چيو ته: تنهنجي جوءِ جنڊ پـِـيٺا، ماڻهن مانيون
پچايون، تنهنجو پـُـٽ سالار سڄي شهر جو پاڻي
ڀريندو، توکي رنبو هٿ ۾ ڏيندس، حسڻ سان گڏجي گاهه
ڪندين ته نالو منهنجو نظر بيگ آهي نه ته مـَـٽائي
ڇڏجئين! ائين چئي اشارو ڪرڻ لڳو، جيڪو توف خاني تي
لشڪر ويٺو هو، اُهو سڀ ڪٽنب نظر بيگ وزير جو هو.
اُنهن ڏٺو پئي ته اسان جي صوبي جي پڳ عالادين لاٿي
آهي، تن کي اڳئي باهه هئي. وري جو اشارو نظر بيگ
ڏنو ته: واهواهه، نه ڇڏيونس، ڏيوس باهه بنگلي ۽
ڳوٺ کي. سو شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:
گولين داز ٽـِـپي چڙهيا ماڙين جي مٿانء
ڦيريئون مـُـنهن توفن جا، ٿا بنگلي ڏيون باهه.
هڪدم فوج چڙهي ويئي ماڙين ۽ مورچن جي مٿان. جيڪي توفن جا منهن بـَـر ڏي هئا،
اِشڪرُو تي ڦيرائي عالادين جي محلات ۽ لـَـکـِـي
بنگلي ڏي سامهان ڪيائون. اِتي عالادين کي پڪ ٿي ته
اڄ مري ويندس. سو نظر بيگ کي لڳو نالا الله جا
وجهڻ ته: انهن کي جهل، جيئن تون چوين تيئن ڪريان.
نظر بيگ لشڪر کي اشارو ڪيو: بند ڪريو، جيسين آءٌ
عالادين سان ڳالهايان. نظر بيگ، عالادين کي چيو
ته: سلام ۽ پگهار ڇو بند ڪيئي؟ عالادين چيو ته:
اوهان کي بي همٿ سمجهي. نظر بيگ چيو: تڏهن گاهي
همٿ وارا آهن؟ عالادين چيو ته: ها. نظر بيگ چيو
ته: راڪاس پڪ ماريو اٿن؟ عالادين چيو ته سڄي جهان
کي خبر آهي، تون پڪ پيو وٺين! نظر بيگ چيو ته: ڀلا
جي ماريو اٿن ته نيشان ڏين ڪن ۽ پـُـڇ. عالادين
چيو ته: هوندن ته ڏيندا. عالادين پڇا ڪئي ته:
ڪـَـن پڇ آهن راڪاس جا اوهان وٽ؟ تنهن تي حسڻ گاهي
پاڻ ۾ پنگريي کي چيو ته: مون اوهان کي منع ڪئي هئي
ته مسڪينان مار نه ڪريو. پر سالڪن چيو آهي ته:
”ڍؤ جهلي مينهن، ۽ ٻيو ڍؤ جهلي ڀاڀڙو“ . اوهان ڍؤ
نه جهلي سگهيؤ، تڏهن چيو اٿن ته ”جڏهن پوندي ٻورن
۾ ڦولهه، ته سڀڪنهن جا پـُـرلـُـو(1)
ٿيندا پڌرا“ . پنگريي چيو: تون ڊنو ڇو آهين؟ سوال
جو جواب آءٌ پاڻهي ڏيان ٿو. سو پنگريي جو سوال،
شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:
اسان راڪس پاڻ ۾، وڙهندي ورهيه لنگهيا
پاهوڙين پرزا ڪيس، ڪـِـريس ڪـَـن ڪاپار.
پنگريي سوال ڏنو ته: سائين! اسان جو اڄ ڪلهه جو جهيڙو ناهي. گهڻي وقت کان
اسان سان وڙهندو آيو. گاهه تي ويندا هئاسون، جهنگ
۾ اچي اسان سان ٽڪرندو هو. اسان وٽ رَنبا ۽ ڇٻر
صاف ڪرڻ وارا، سـَـٽڻ ۽ ڪـُـٽڻ جون سؤنٽيون، اُهي
هٿ ۾ هونديون هيون. سونئٽيون اُڇلائي هڻندا
هئاسون، ٻيا ٺڪر ۽ ڀتر، اچي ويجهو پوندو هو ته
رَنبن جي کيڏ ڪندا هئاسون. پوءِ ڪڏهن ڪـَـن، ڪڏهن
پـُـڇ، ڪڏهن پاسو، ڪڏهن پـَـسري، کـُـڻين کـُـٽائي
هاڻ ماريو اٿئون. جي اسان کي خبر هجي ها ته ڪـَـن
پـُـڇ جي پڇا ٿيندي ته انهن ئي ڏينهن جا اسين گڏ
ڪري رکون ها. اُهي اسان کان ويا، باقي راڪاس هاڻ
ماريو اٿئون. عالادين رياءُ ڏيو بيٺو هو. تنهن چيو
ته: سچا آهيو. نظر بيگ وزير دل ۾ خيال ڪيو ته
انصاف ٻئي جو، کائي هـِـي ٿا وڃن. هاڻ اهڙي ڪا
ٽـَـل ڪريان جو چنيسر جو انصاف ظاهر ٿئي ۽ هنن جو
ڪوڙ به ظاهر ٿئي. عالادين کي چيائين ته: تون چوين
ٿو ته راڪاس ماريو اٿن ته آزمودو وٺونِ، ڏيندا؟
عالادين چيو ته: غازي مرد آهن، تون ڇا آزمائيندين!
نظر بيگ وزير چيو ته: سائينجن جو هاٿي ’راولو‘ ،
اُنهي کي ٿا ڇوڙيون، هڪڙو گاهي اُٿي، هاٿي کي
ورائي آڻي ٻڌي. ته پوءِ برابر هنن راڪاس ماريو
آهي، جي نه ته ڪوڙا آهن. راڪاس هنن ماريو ڪونهي.
عالادين چيو ته: اِئين ڪنداسون. پيلوان کي حڪم
ڏنئون ته هاٿي کي ڇوڙ. نظر بيگ وزير، پيلوان کي
پنهنجي رمز سان چيو ته هاٿي کي ڪو شراب جو ڍُڪڙو
پيارجان. پيلوان کي به باهيون هيون، جو هر روز
شڪار تي هاٿي ڪاهي ويندو هو حسڻ گاهي سان گڏ، گهر
جي ماني نصيب نه ٿيندي هئس. تنهن به خار کان مڻ
سوا جهڙو دارُون هاٿي کي پياري ڇڏيو. هاٿي اڳيئي
هو ’راولو‘ ، وري جو پيتئين شراب جو نشو، سو چريو
ٿي پيو، اچي نشي ۾ ڀيراڻو. پيلوان هاٿي جو ڪانٽو
ڪڍي، ڪچهري ۾ آيو ته: سائين! هاٿي ڇوڙي آيو آهيان.
عالادين حڪم ڪيو گاهين کي ته: سورهه غازي! هڪڙو
ڄڻو وڃي، هاٿي کي ورائي اچي ٻـَـڌي. گاهين پاڻ ۾
صلاح ڪئي ته متان ڪو هاٿي جي ويجهي وڃي. هاٿي جي
اڳيان جيڪو ويندو، اُهو ڄڻ ماءُ ڄائو ئي ڪونه هو.
عالادين حڪم ڏنو ته: اُٿو! پر هي ڪـُـڪڙ وانگي پيا
ڳچيون لڪائينِ. نظر بيگ کي پڪ ٿـَـئـِـي ته گيدي
ٿيا آهن. عالادين کي چيئين: هاٿي ٻڌڻ ڪم هڪڙي جو
آهي، هڪڙو ڊڄي ٿو ته سوا لک کي موڪل. عالادين چيو
ته: ڀلا، هڙئي گڏجي هاٿي ٻـَـڌو! تڏهن به زمين پيا
کوٽينِ، ڏسن پيا، اکيون پيا ٺپينِ، وراڻـِـي نه
ورينِ جو هائو ۽ نه جي ورندي ڏين. سو عالادين،
گاهين سان جـُـٺ ڪري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي
ٻڌائي:
ارڙهن ڏينهن امير هئا، اچي بخت به باهوڙين
ڏاڙهيون ڌوڙ ڀڀوت ٿيون، مٿان لٺ جو پوي ٺڪاء.
عالادين بادشاه، نوڪرن کي حڪم ڪيو ته: هر هڪ گاهيءَ کي ست ست ٻـُـڪ مٽيءَ جا
منهن ۾ وجهي، ڏاڙهيءَ کان جهلي، ست ست دفعا
کـَـچڪا ڪرايو، پر اهڙا کچڪا ڪرايونِ، جهڙو ٽيئڙ
تپ ۾ سيئو ٿيندو آهي، جو چٻاڙيون کڙڪنديون آهن.
ڏنڊا هڻي، ڊوڙائي، ڳوٺ کان ٻهر ڪڍونِ، جو منهنجي
چوڻ برداري ڪانه ڪيئون. گاهين سان اها جـُـٺ
ٿـَـئـِـي. تيسين نظر بيگ هڪڙو ڳجهو ماڻهو چنيسر
ڏي روانو ڪيو ته عالادين جوهاٿي ڇوڙائي دليءَ جي
بازار ڏي روانو ڪيو اٿم، بازار ۾ هاٿي مار ته
تنهنجا گذريل انصاف ظاهر ٿين. ماڻهو چنيسر سان
مليو، تنهن اها حقيقت ڏني. چنيسر کي وهنجڻ جو خيال
هو، ميٽ جي تـَـسرِي هٿ ۾ هيس، اها ڳالهه ٻڌي
لوهـِـيڙي وارو لڪڻ هٿ ۾ کنيائين. اُها مـيٽ واري
تسري به کنيو آيو. دليءَ جي بازار جو وچ اچي
ورتائين. هـِـتان هاٿي به دَڙَهو هڻي، اچي دليءَ
جي بازار ۾ پيو. پٺيان پيلوان ماڻهن کي هڪلون
ڏيندو اچي. دلي جي بازار ۾ هٽ - تاڙ تي وئي.
پيلوان سامهون ڏسي ته هڪڙو مرد آهي، هاٿيءَ جي
سامهون اچي پيو، سو پيلوان هـِـن کي بيت ڪري، شاعر
چئي ٻڌائي:
ميٽ مـَـليو اٿئي تسرئين، پـَـهريو اچين پـَـٽ
هاٿي اچئي ٿو راوَلو، ڀڄ مرين ٿو ڄـَـٽ!
چنيسر کي پيلوان چيو: جواني جو زور اٿئي، يا لـَـٽن جي وڏائي اٿئي هاٿي تي
تنهنجي نظر ڪانه ٿي پوي! ڀڄي وڃ ڄٽ! مري ويندين،
ڄٽ جو لفظ ٻڌي چنيسر کي خار لڳي، پيلوان کي جواب
ڏئي، هاٿي سان مقابلو ڪري، شاعر بيت ڪري، فقير چئي
ٻڌائي:
ڄٽ پڻهين، ڄٽ ڏاڏهين، آءٌ هاٿي سندو مـَـٽ
هٿئون هاٿي جي مران، سـُـرهو ٿـِـيوان سـَـٿ
تـَـسري اُڇلي سومري، ويس ڪـَـلين جا گهائـِـي
لڪڻ لوهيڙل جو، ٿو اَرڏو اُڇلائي
عاج ڌڪ جهليو ڪينڪي، ٿي پالڪي پرزا
اڳ ڪـِـريو هوس اڳتي، پوئتي پولهه پري.
چنيسر پيلوان کي چيو: ڄٽ آهين تون ۽ تنهنجو بابو ڏاڏو. آءٌ انهيءَ هاٿي جو
مـَـٽ آهيان. هاٿي ماري وجهي مونکي ته پنهنجي
سـَـٿ ۾ سـَـرهو ٿيان. ايتري ۾ هاٿي چنيسر کي ڌڪ
جي مار ۾ آيو. پهلوان کي اُها تاسري هٿ ۾ هئي،
ٺڪاء جو ڪرائيس ته لـُـڪيءَ کان ٿي آيس، جيرا ڦڦر
ڦاڙي، بندوق جي گوليءَ وانگر پـُـڇڙيءَ کان نڪري
ويئي. هاٿي وَٽ کاڌو. چنيسر پاسو جهلي، ’علي علي‘
ڪري ٺڪاء ڪرايس لڪڻ ته پالڪيءَ مان، هاٿيءَ مان،
وڃين زمين ۾ گهاءُ ڪيئين. هاٿي جو اڳيون اڌ
’ٿانؤن‘ جي ٿلهي تي، پويون اڌ ’پهلـُـو‘ جي
ٿلهي تي. هاٿي ماريو، پيلوان جـُـتي لاهي هٿ ۾
ڪئي. اچي ڀاڄ ۾ پيو. ٻـُـنڊڙن سان کڙيون لڳنديون
اچنس. سٽڪو ڪيائين عالادين وٽ. هن جي اڳيان بيهي،
بيت چوڻ لڳو:
ميٽ مـَـليو هئيئن تـَـسرين، پهريو آيو پـَـٽ
لڪڻ سان ٻيڻو ڪري، هاٿي ماريو ڄٽ.
پيلوان چيو ته: هڪڙو دُپـُـستو پهلوان ڏٺم، زبر زنگ هو، هٿ ۾ هئس لڪڻ. ٻيو
ميٽ سان ڀريل تاسري هئس. مون چيو مانس: ڄٽ! هاٿي
ماريندئي. مونکي چيئين ته: آءٌ هاٿي جو مـَـٽ
آهيان. ائين چئي اُها تاسري اهڙي هنيئين جو هاٿي
مان پار ٿي هلي ويئي. لڪڻ هئس هٿ ۾. تلهڙ هو چيچ
جهڙو. هاٿيءَ کي پوري اڌ ۾، لڪڻ جو ڌڪ هنيئين ته
هاٿيءَ کي اڌو اڌ ڪري وڌئين. پالڪي پرزا پرزا ٿي
وئي. دليءَ جي بازار ۾ مئو پيو آهي، نه اعتبار
ٿـِـيـَـئـِـي ته روبرا هلي ڏس. عالادين چيو ته:
نشو پيتو اٿئي. نظر بيگ ڏسي ته واهواهه! پيلوان
نئين خبر ٻڌائي آهي. پـَـڪ ٿي ويس ته چنيسر گڏيو
اٿس. تنهن عالادين کي چيو ته: سائين! ائين هوندو.
عالادين چيو ته: ”اُهو پـُـرس ڪر پڌرو، جيڪو ٿو
گهوٽ وَهائي گهاءُ“ . نظر بيگ وزير، عالادين کي
جواب ڏئي، شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:
هڪ سمان ٻيا سومرا، ننگر راڄ رهن
ڀڙ پوٽا ڀونگر جا، وِڳهه منجهه ويهن
دودو چنيسر پاڻ ۾ ٻئي پـُـٽ دودي ٻـُـڌجن
ڀائر ٽڪريا پڳ تان، آهي راء رُٺو راڄن
ڇـَـليـُـون سومرن جون، اڄ دليءَ پاس ٻـَـرن.
نظر بيگ وزير، عالادين کي چيو ته: چنيسر سومرو پنهنجي دليءَ ۾ آيو آهي، جنهن
راڪاس اچي ماريو آهي. سائينجن جي ملڪ تان ڏرت ۽
عذاب لاٿو آهي. چنيسر جو نالو ٻڌي ۽ سومرن جو نالو
ٻڌي عالادين تخت تان اُٿي بيهي رهيو. نظر بيگ کي
چيائين: سومرا دليءَ ۾ اچي ويا آهن ته تو مون سان
حقيقت ڇو نه ڪئي آهي، نظر بيگ، عالادين کي چيو ته:
لڙائي ڪرڻ ڪونه آيو آهي. پاڻ سائينجن وٽ دانهين
آيو آهي. عالادين چيو: دانهين آهي ته گهرائي
ڪچهريءَ ۾ حاضر ڪر! نظر بيگ وزير هلي چنيسر وٽ
آيو. چئي: عالادين گهرايو آهي. هاڻي هلي روبرا ٿي.
تنهنجا گذريل انصاف به ظاهر ٿيا آهن. چنيسر چوڻ
لڳو ته: مونکي وٺي نه هل. آءٌ هلندس ته پوين کي
چڱائي نه ٿيندي. نظر بيگ چيو ته: مونکي ڪوڙو ڪندي
ڇا؟ چنيسر کي وٺي نظر بيگ پاڻ سان عالادين جي
روبرا آيو، جڏهن چنيسر، عالادين سان مليو، مـِـلڻ
منجهه دانهن ڏيڻ لڳو، شاعر بيت چوي. فقير چئي
ٻڌائي:
چنيسر چغليءَ تي، چـِـستؤن ٻڌو چاهه
سوا لک مان سومري، تو لاءِ ٿي آندم ڪوڏ ڪنوار
ڀيٽون تنهنجون راوَلون، جهليو دودي راء.
چنيسر، عالادين سان ملي چوڻ لڳو ته: آءٌ چنيسر ۽ مون کان ننڍو آهي دودو، ٽي
آهي اسان جي ڀيڻ ٻاگهي شهزادي. دودي کي چيم ته
پنهنجو پيءُ گذاري ويو، هاڻي آءٌ وڏو آهيان، پڳ
ٻڌي تخت تي ويهان. عالادين بادشاه ڌاڪي وارو
زبردست بادشاه آهي، ٻاگهيءَ جو سڱ عالادين کي
ڏيان. اها ڳالهه ڪئي مانس، صلاح ڪانه ورتئين، اچي
بگڙيو، پڳ مون کان کسيئين، جيڪا تنهنجي نالي
مڱيندي ڪيم، اُها اُتي بند ڪيائين ۽ مونکي ڏنڊا
هڻي ڊوڙائي تنهنجي سرحد ۾ ڦـِـٽو ڪيائين. مونکي
چيئين ته هاڻي وڃي پنهنجي بابي عالادين کي دانهن
ڏي. هاڻي پڳ پنهنجي کسائي آيو آهيان، تو وٽ دانهين
آيو آهيان ته مون سان گڏجي هلي لڙائي ڏي. اها
ڳالهه ٻڌي عالادين اهو ويچار نه ڪيو ته اڳي مائٽي
ڪانهي. زور جي مائٽي ڪيئن ٿيندي. سو پنهنجي
المستائـِـي تي چنيسر سان مدد ڪرائي، شاعر بيت
ڪري، فقير چئي ٻڌائي:
ڏيو چنيسر راوَ کي، پـُـرسن پنج هزار
ماري دودل راوَ کي، وٺي پڳ چنيسر ڏيو
ڀيٽون منهنجون راوَليون، مونکي آڻي هت ڏيو.
عالادين بادشاه حڪم ڏنو ته: پنج هزار فوج چنيسر سان گڏجي وڃو. وڃي دودي کان
پڳ کسي چنيسر کي ڏيو ۽ شهزادي ٻاگهي مون کي هـِـت
آڻي ڏيو. چنيسر دل ۾ ويچار ڪيو: دانهن به ڏنم، داد
ڪونه ٿيو. سو چنيسر ورندو جواب عالادين کي ڏئي،
شاعر بيت ڪري، فقير چئي ٻڌائي:
دانهن لڳي ڪانه ڪا، ٿيو جهيڙي جو وڌاءُ
ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، چـِـڙيو چنيسر راء
اچي بگڙيو ديو وڳهه جو، جهليو اچي نه جاءِ
ڪڍي ڪر ميدان ۾، تنهنجا پـُـرسن پنج هزار
هڻان هٿيار نه هڪڙو، ڄاڻي پاڪ الله
مـُـڪن سان سوڙهو ڪري، سٽي ڪڍانِ ساهه.
|