12-
رئيس غلام مصطفيٰ خان ولد مرحوم رئيس غلام محمد
خان ڀرڳڙي
(حيدرآباد: ڪراچي)
هيءُ سنڌ جي مشهور معروف مخلص، باهمت ۽ لائق قومي ڪارڪن، رئيس
غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ، جو ٽيون نمبر لائق فرزند
آهي. سندس جنم 7 جنوري 1913ع تي ٿيو.
ابتدائي تعليم ڊينگاڻ ڀرڳڙي، تعلقي جيمس آباد، ۾ ورتائين. بعد ۾
حيدرآباد جي نئين ودياليه هاءِ اسڪول ۾ اچي،
انگريزي پڙهڻ ويٺو. رئيس وڏي جي، 1924ع ۾، انتقال
بعد، هن کي ديرادون پبلڪ اسڪول ۾ پڙهڻ واسطي
موڪليو ويو، جتي 1931ع ۾، سينئر ڪيمبرج جو امتحان
ڏنائين. مارچ 1931ع ۾ ڀڳت سنگهه ۽ دت کي ڦاسي اچڻ
وقت هن ديرادون جي اسٽرائيڪ ۾ شرڪت ڪئي، ان ڪري
کيس اتان ڪڍيو ويو.
1937ع ڌاري، هي خاڪسار تحريڪ ۾ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ کيس "امير
جانبازان هند" جي عهدي تي نامزد ڪيو ويو. انهيءَ
تحريڪ ۾ هو ڪيترا سال ڪم ڪندو رهيو. يو- پيءَ ۾
خاڪسار تحريڪ طرفان هلايل هلچل ۾ حصو وٺڻ ڪري جيل
۾ به ويو. 1938ع ڌاري، هي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. ان
۾ گهڻو وقت گڏجي ڪم ڪيوسون. سنڌ اسيمبليءَ ۾
پهريون دفعو سنه 1946ع جي پهرينءَ اليڪشن ۾ چونڊجي
آيو. اسان، جيڪا ڪانگريس سان ڪوئليشن ڪئي هئي، هو
ان ۾ شامل هو. ان کان پوءِ، سياسي ميدان ۾ سدائين
گڏ رهي پئي ڪم ڪيو اٿئون. 23 ۽ 24 فيبروري 1946ع
جي ڪوئليشن ڪانفرنس، جيڪا سـَـن ۾ ڪٺي ٿي ۽ غير
مسلم ليگي قومپرست مسلمانن جي ڪانفرنس، جيڪا پوءِ
دهلي ۾ گڏ ٿي، تن ۾ گڏ هئاسون. دهليءَ جي ڪانفرنس
۾ خاڪسار، جميعت العلماءِ هند، مؤمن ڪانفرنس، آزاد
ڪانفرنس، قوم پرست مسلمان، شيعه ڪانفرنس، احرار
جماعت ۽ اسان جي ترقي پسند مسلم ليگ جا عيوضي ڪٺا
ٿيا هئا. ان ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ ٿيو ته اُهي سڀ
جماعتون، غير مسلم ليگي مسلمانن سان گڏيل محاذ
ٺاهين. آئيني اصلاحات لاءِ تجويز ٿي ته صوبن کي
وڌيڪ اختيارات ڏنا وڃن، ۽ مرڪزي حڪومت ۾ هندن ۽
مسلمانن کي هڪ جيترا عيوضي ڏيئي، هندستان کي
ڪانفيڊريسي بنايو وڃي، پر اها تجويز مسلم ليگ وارن
کي قبول نه پيئي، جي ملڪ جي ورهاڱي لاءِ پڪا ٿي
چڪا هئا ۽ نه ڪانگريس وارن ان ڳالهه ڏي توجهه ڏنو.
جنهن صورت ۾ اهي ٻيئي جماعتون طاقتور هيون ۽ وقت
جي حڪومت به انهن جي نمائنده حيثيت کي تسليم ڪري
چڪي هئي، تنهن ڪري هيءُ گهڻين پارٽين جو محاذ طاقت
وٺي نه سگهيو.
ان کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جون ٻيو دفعو 1946ع جي آخر ۾ چونڊون
ٿيون، انهن ۾ اسان جو سارو گروهه، زميندارن،
ڪامورن ۽ حڪومت وقت جي گڏيل مخالفت سبب، اسيمبلين
۾ شڪست کائي ويو. رئيس غلام مصطفيٰ خان به اسان
سان گڏ ٻاهر رهيو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد، جڏهن
سموري طاقت ملڪ جي حڪمران پارٽي مسلم ليگ جي هٿ ۾
آئي، ته آهستي آهستي ٿيندا، اسان جا زميندار گروهه
جا بااثر همراهه اسان جو ساٿ ڇڏيندا ويا، تان جو
باقي هن گروهه مان رئيس صاحب، حاجي حسن بخش شاهه ۽
آءٌ رهياسون. مرحوم محمد علي شاهه، سيد ميان خير
شاهه، مٽيارين وارا سيد، حاجي مولا بخش، مير علي
احمد صاحب وغيره آهستي ٿي، ٻاهر نڪرندا ويا. عين
انهيءَ وقت تي نوجوان عوامي ڪارڪن اسان جي مدد ۾
آيا. شيخ عبدالمجيد صاحب اسان جو اڳواڻ هو.
1948ع ۾ خان عبدالغفار خان جي صدارت هيٺ پيپلس پارٽي ٺاهي ويئي.
ان ۾ رئيس صاحب مکيه ڪارڪن هو. هن پارٽيءَ جا ليڊر
ترت ئي گرفتار ٿيا ۽ انهن جي غير حاضريءَ سبب
پارٽيءَ جو ڪم رنڊجي پيو. ان وچ ۾ ميان افتخار
الدين "آزاد پاڪستان پارٽي" ٺاهي ۽ ڪوشش ڪيائين ته
سنڌ جي پيپلس پارٽيءَ وارن کي ان ۾ آڻي. مير علي
احمد خان ۽ ٻيا ڪارڪن ان ۾ هليا ويا، ليڪن رئيس
صاحب ۽ شيخ صاحب، جيل ۾ ليڊرن جي بند هئڻ سبب،
پارٽي ڇڏي، ان ۾ داخل ٿيڻ کان انڪار ڪيو.
ان کان پوءِ، سنه 1953ع ۾، سنڌ اسيبليءَ جون وري چونڊون ٿيون،
جن ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر مخالف جماعتن، جهڙوڪ پيپلس
پارٽي، آزاد پاڪستان پارٽي، هاري پارٽي ۽ عوامي
ليگ گڏجي متحده محاذ قائم ڪري، اُميدوار بيهاريا،
جن ۾ هيٺيان ست اُميدوار محاذ طرفان چونڊجي
آيا:(1) جي. ايم سيد، (2) پير الاهي بخش، (3) رئيس
غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي، (4) سيد حاجي حسن بخش
شاهه، (5) سيد گل محمد شاهه، (6) رئيس علڻ خان
لغاري، (7) پيرزادو شاهنواز. چنانچه اسان مخالفت ۾
ويٺاسون. رئيس صاحب ڊيپوٽي ليڊر هو. انهيءَ
اسيمبليءَ اندر سنڌ جي حقن جي درخواست، ڪراچي واپس
ملڻ جو ٺهراءُ ۽ ٻيا ڪيترا مکيه ڪم ڪرائي
سگهياسون.
سنه 1954ع ۾ گورنر جنرل پاڪستان، مسٽر غلام محمد، سنڌ کي پنجاب
سان گڏڻ جي سوال تان ناراض ٿي، پيرزاده وزارت کي
ڊسمس ڪيو ۽ کهڙي صاحب تان پروڊا جون پابنديون
هٽائي، کيس سنڌ جو وزيراعظم نامزد ڪيو. نئين وزارت
مون کي جيل موڪليو، ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي
زوريءَ دٻائي، سنڌ اسيمبليءَ کان سنڌ کي ون يونٽ ۾
داخل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. ان ٺهراءَ جي
مخالفت ۾ جن چئن ميمبرن ووٽ ڪيو هو، تن مان هڪ
رئيس صاحب هو.
سنه 1955ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. انهن ۾
به رئيس صاحب چونڊجي آيو. مغربي پاڪستان اسيمبليءَ
۾ اسان "سنڌ متحده محاذ پارٽيءَ" جي نالي سان
مخالفت ۾ ويٺاسون، ان ۾ به رئيس صاحب پارٽيءَ جو
ڊيپوٽي ليڊر هو. ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ خان
عبدالغفار خان جي صدارت هيٺ، سنڌ، بلوچستان ۽
فرنٽيئر صوبن جي عيوضين جي ون يونٽ خلاف ڪانفرنس
ٿي، جنهن ۾ "ائنٽي ون يونٽ فرنٽ" ٺهيو. ان ۾ رئيس
صاحب خزانچي چونڊيو ويو. ان کانپوءِ مغربي پاڪستان
جي ٽن مکيه جماعتن: (1) متحده محاذ، (2) آزاد
پاڪستان پارٽي، ۽ (3) سرخ پوش جماعتن سان گڏجي
"پاڪستان نيشنل پارٽي" قائم ڪئي. ان جو رئيس صاحب
مکيه ميمبر رهيو. ٿوري وقت بعد، پاڪستان نيشنل
پارٽي ۽ عوامي ليگ گڏجي، ڍاڪا ۾ ڪنوينشن سڏائي،
"پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي" ٺاهي. ان ڪنوينشن ۾
رئيس صاحب شرڪت ڪئي، ۽ هيستائين ان جماعت جو مکيه
ڪارڪن ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهندو آيو، ۽
نيشنل عوامي پارٽيءَ جي مکيه اجلاسن ۾ اڪثر شرڪت
پئي ڪئي اٿس. سنه 1957ع ۾، مغربي پاڪستان
اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ هن ٺهراءُ
پيش ڪيو، جو گهڻيءَ اڪثريت سان پاس ٿي ويو.
ايڪٽيهه ميمبرن جي اسيمبليءَ مان صرف چئن ميمبرن
مخالفت ۾ ووٽ ڪيو. سنه 1958ع ۾ مارشل لا ملڪ سان
لاڳو ٿيڻ بعد، سڀني قومي ڪارڪنن وانگر، هيءُ به
خاموش رهيو پر جڏهين کان وري سياسي تحريڪون شروع
ٿيون آهن، ته هيءُ شيخ صاحب سان جملي ڳالهين ۾ پئي
شريڪ رهيو آهي.
سنڌ زميندار طبقي جي سياسي ڪارڪنن مان، جن پاڪستان قائم ٿيڻ
بعد، حڪمران پارٽيءَ مسلم ليگ اڳيان سر تسليم خم
نه ڪيو آهي، سي رئيس صاحب ۽ سيد حسن بخش شاهه آهن.
رئيس صاحب کي نڪا لالچ خريد ڪري سگهي ٿي نه ڪو ڊپ
هيسائي سگهي ٿو.
رئيس صاحب حقيقت شناس، دور انديش، چٽو سياسي شعور رکندڙ باهمت
قومي ڪارڪن آهي. هيءُ باوجود ساليانه لکها پيدائش
جي، کاڌي خوراڪ، ڪپڙي لٽي، توڙي ٻئي عام رهڻيءَ
ڪرڻيءَ ۾ بنهه درويشانه حد تائين، سادي ۽ گهٽ ڏيک
واري زندگي گذاريندو پئي رهيو آهي. سندس ڪشاده
دستيءَ مان ڪيترن ئي مراد پئي پوري ڪئي آهي. هن جي
سخاوت خاموش ۽ مخفي پئي رهي آهي. سندس گفتگو گهٽ
هوندي آهي ۽ ان جو هر جملو پـُـر معنيٰ ۽ بامقصد
هوندو آهي. تلخ حقيقت کي ظرافت سان گڏي، اهڙيءَ
طرح پيش ڪندو آهي، جو ان جي تلخي محسوس ئي ڪا نه
ٿيندي آهي. سندس اڪثر گفتا پرولين وانگر هوندا
آهن، جنهن ڪري اڻ واقف ماڻهو اُهي سمجهي نه سگهندا
آهن. مبالغو نه ٿيندو، جيڪڏهين چئجي ته رئيس صاحب
پاڪستان جي مکيه فهم ۽ فراست وارن ماڻهن مان هڪ
آهي.
سنه 1946ع جي چونڊن بعد ڪانگريس سان ڪوئليشن وقت مسلم ليگ پارٽي
۽ ڪوئليشن پارٽيءَ جو تعداد اسيمبليءَ ۾ هڪ جيترو
هو. ڪوئليشن پارٽيءَ ميمبر گهٽجڻ جي خوف کان
اسپيڪر شپ مسلم ليگ کي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي، رئيس
صاحب بروقت دانهن ڪئي ته عارضي نفعي لاءِ اها جاءِ
مسلم ليگ جي ماڻهوءَ کي ڏيڻ وڏي غلطي ٿيندي. ان
وقت کيس ڪنهن نه ٻڌو. آخر تجربي هلي ثابت ڪيو ته
رئيس صاحب ٺيڪ ٿي چيو. کهڙي صاحب جڏهن سنڌ کي
پنجاب سان ملائي ون يونٽ ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ته
گفتگو ڪندي رئيس کي هن چيو ته رئيس صاحب اوهان ته
”گريٽر“ سنڌ جا حامي رهيا آهيو، هاڻ جڏهن اوهان کي
گريٽر سنڌ ملي رهي آهي، ته ڇو ٿا مخالفت ڪريو؟
رئيس صاحب جواب ڏنس ته کهڙا صاحب، اوهان جا قدم
بعد از وقت هوندا آهن، هاڻ اسان پلئه وسيع ڪري،
گريٽر پاڪستان جا خواهشمند ٿيا آهيون! مغربي
پاڪستان اسيمبليءَ ۾ پروپيگنڊا خاطر، مسلم ليگ
پارٽيءَ جا ميمبر، جي اسان سان گڏ مخالفت ۾ ويٺل
هئا، ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ تقريرون ڪندا هئا. مون
کي البته اها ڳالهه نه وڻندي هئي، جو پنهنجي
اندروني ۽ اهم مسئلي يعني ون يونٽ جي ٽوڙڻ تان
ڌيان هٽائي، ملڪ جي ان خارجي پاليسيءَ واري مسئلي
کي ايڏي اهميت ڏني ٿي ويئي. ان وقت رئيس صاحب اڪثر
چوندو هو ته ”ـشاهه صاحب، اوهان منهنجي ڳالهه نٿا
مڃو اسان جي جملي مشڪلاتن جو حل ڪشمير جي سوال حل
ٿيڻ ۾ لڪل آهي. اهڙيءَ طرح مرحوم حسين شهيد
سهروردي هڪ ڀيري منهنجي طبع پرسيءَ لاءِ ڪراچي ۾
ملڻ آيو. اٿڻ وقت چيائين تهـشاهه صاحب، پاڪستان ۾
جمهوريت واپس آڻڻ ۽ انساني حقوق جي ملڻ لاءِ ڪو حل
سوچيو اٿو. ”رئيس صاحب کيس پنهنجي هميشه جهڙي
پرمذاق نموني جواب ڏنو ته رئيس صاحب کيس پنهنجي
هميشه جهڙي پرمذاق نموني جواب ڏنو ته ”سهروردي
صاحب، منهنجي صلاح وٺو ته انهن سڀني ڳالهين جو حل
ڪشمير جي سوال حل ٿيڻ سان ٿي سگهي ٿو!“ آمريڪن
حڪومت کان ڪيترن ئي سببن ڪري اسان جو نوجوان گروهه
سخت ناراض هوندو آهي ۽ اڪثر گفتگو ۾ ان جي مخالفت
ڪندو آهي. رئيس صاحب انهن کي پنهنجي پرمذاق انداز
۾ چوندو آهي ته ”ڀائرو، خفا نه ٿيو، اسان جي گهڻين
مشڪلاتن جو حل اتان ئي ٿيڻ وارو آهي!“ ان تي بعضي
جوشيلا نوجوان ائين به چئي ڏيندا آهن ته ”رئيس
صاحب، پارٽيءَ ۾ امريڪن جو ايجنٽ ٿيو پيو ڪم ڪري!“
پر مون کي سندس گفتگو جو پورو پتو هوندو آهي، ان
ڪري ڪابه غلط فهمي نه ٿيندي اٿم. سنڌيءَ ۾ چوڻي
آهي ته ”گونگن جون ٻوليون مائٽ سمجهن.“ رئيس جي
اهڙي گفتگو مان سندس ڊگهي نگاهه، پختي فڪر ۽
اعليِٰ عزم جو پتو پئجي ويندو اٿم. مطلب ته مون
رئيس محترم جي ظاهري مزاحيه گفتگو مان گهڻو ڪجهه
پئي پروڙيو آهي. رئيس صاحب غضب جو نڪته سنج ماڻهو
آهي.
رئيس محترم سچو دوست، صحيح ۽ سالم دماغ رکندڙ سياستدان، مدبر ۽
پرخلوص قومي ڪارڪن آهي. اڪثر ڳوڙهن سياسي مسئلن جي
حل لاءِ هن کان مشورو وٺندو آهيان. خدا کيس صحت
ڪامل ۽ عمر دراز عطا فرمائي. رئيس صاحب ۾ قوم ۽
ملڪ جي خدمت جو ذوق ۽ صلاحيت انداز ۽ شمار کان
ٻاهر آهن. شال اسان جي قوم ۽ اسان جو وطن سندن
خداداد لياقتن ۽ صلاحيتن کان گهڻو گهڻو وقت مستفيض
ٿيندا رهن.
رئيس محترم کي ٻه فرزند آهن؛(1) رئيس عبدالقيوم، ۽ (2) رئيس
عبدالقادر.
13- مير جعفر خان ولد مير تاج محمد خان جمالي
(روجهاڻ جيڪب آباد)
وڏيري ڪلاس مان، جن ٿورن ماڻهن کي سياسي شعور آهي ۽
جيڪي ملڪ ۽ ماڻهن جي سياسي مسئلن کي سمجهن ٿا،
انهن ۾ دلچسپي وٺن ٿا، سياسي جماعتن لاءِ عزت ۽
احترام اٿن ۽ جن ۾ حڪومت جي مخالفت ڪرڻ جو دم آهي،
انهن مان مير جعفر خان جمالي هڪ آهي. هي پاڪستان
جي انهيءَ حصي جو رهاڪو آهي، جتي فرنٽيئر
ريگيوليشن ايڪٽ ڪري ماڻهو هيسيا پيا آهن. جتي ڪاري
ڪاريءَ جو اڃا دستور هليو اچي، جن جي مکيه ماڻهن
جو گهڻو تعداد حڪومت ملڪ جي غلاميءَ کي فخر
سمجهندو آهي. انهيءَ سرزمين مان ههڙي ماڻهوءَ جو
پيدا ٿيڻ غنيمت آهي.
موجوده بلوچستان خوش قسمت آهي، جنهن ۾ نواب خير بخش خان مري،
مير غوث بخش خان بزنجو، نواب اڪبر خان بگٽي، سردار
عطاءُ الله خان مينگل ۽ شهزادي عبدالڪريم خان جهڙا
محب وطن سرويچ قومي ڪارڪن موجود آهن.
مير جعفر خان جمالي بلوچن جي انهيءَ قبيلي مان آهي، جنهن ۾ زرڪ
زئي، موسيائي، لغاري، نظاماڻي، ڀرڳڙي ۽ جمالي اچي
وڃن ٿا. هن جا وڏا گهڻي وقت کان لڏي اچي روجهاڻ،
تعلقي جهٽ پٽ، ضلعي سبي، بلوچستان، ۾ ويٺا هئا.
سندس ڏاڏي جو نالو سخي در محمد خان هو.
مير جعفر خان 10 محرم 1326هه، مطابق 14 فيبروري 1908ع تي ڄائو
هو. کيس ٻه ڀائر آهن: (1) حاجي قيصر خان، ۽ (2)
حاجي شاهنواز خان. هن ابتدائي تعليم مولوي
عبدالوهاب وٽان حاصل ڪئي. ٿوري سنڌي، قرآن شريف ۽
پارسي پڙهيل آهي. سندس والد 1924ع ۾ وفات ڪئي. ان
وقت هيءُ سورهن سالن جو هو. گهر جو وڏو هئڻ ڪري،
سموري ڪاروبار جو بوجو سندس ڪلهن تي پيو.
1926ع ڌاري، هن جمالي قوم جي تنظيم جو ڪم هٿ ۾ کنيو. قوم جو
سردار رستم خان هو، ليڪن سماجي ۽ سياسي ڪم ڪرڻ ڪري
ٻاهرينءَ دنيا ۾ هن جو نالو مشهور ٿي ويو.
1927ع کان هن سياسي ميدان ۾ پير پاتو. پهرين هن ڪانگريس تحريڪ
سان لاڳاپا رکيا، ان ڪري خان عبدالصمد خان اچڪزئي،
ڄام نور الله خان، مولوي غلام حيدر خان يوب ۽
سردار يوسف علي خان مگسيءَ جهڙن قومي ڪارڪنن سان
تعلقات رکيائين. سکر براج نڪرڻ بعد، هن جون زمينون
زرخيز ٿي پيون، ۽ کيس ڪافي پيدائش ٿيڻ لڳي. ان مان
هن سٺيون جايون ۽ بنگلا ٺهرايا. قومي ڪارڪنن ۽
اخبار وارن کي مدد ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي شعور ڦهلائڻ
لاءِ هو ڪافي پيسو خرچ ڪرڻ لڳو.
1928ع ۾ سندن جهٽ پٽ تعلقي واريءَ زمين تان سرڪار سان اختلاف ٿي
پيو. ان لاءِ هنن ڪورٽ ۾ سرڪار خلاف دعويٰ داخل
ڪئي. اها دعويٰ اٺ سال کن هلي، جا 1936ع ڌاري،
اسپيشل ڪورٽ جي فيصلي موجب سندن فائدي ۾ نيڪال ٿي.
انهيءَ دعويٰ لاءِ هنن مسٽر محمد علي جناح، ڀلو
ڀائي ڊيسائي، ديوان بهادر ايسرسنگ ۽ مسٽر جگنناٿ
جهڙن لائق ۽ قابل وڪيلن جي مدد ورتي. انهيءَ فيصلي
جي خلاف سرڪار پروي ڪائونسل ۾ اپيل ڪئي. هنن طرفان
سر اسٽئفورڊ ڪرپس ۽ مسٽر گبن وڪيلن پيروي ڪئي.
پروي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته هي خان قلات سان پنهنجن
حقن جي باري ۾ دوباره ڳالهيون ڪن. آخر 1945ع ۾، ان
زمين مان جمالي قوم کي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين ملي. زمين
جي هن دعويٰ جي سلسلي ۾ سرڪار مير صاحب کي دٻائڻ
لاءِ لورالائيءَ ۾ ڇهن مهينن لاءِ نظربند ڪيو. وري
کيس 1933ع ۾ سبي ۽ نوشڪيءَ ۾ ڏيڍ سال لاءِ نظربند
رکيو ويو.
هي 1930ع کان 1937ع تائين ڪوئيٽا جي قوم پرست جماعت "انجمن وطن"
جو ميمبر رهيو. "انجمن اسلاميه" ڪوئيٽا جو ٻه دفعا
پريزيڊنٽ رهي چڪو آهي. هڪ ٽرم لاءِ ڪوئيٽا جي
پيپلس ايسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ هو.
16 آڪٽوبر 1938ع تي حاجي عبدالله هارون، مسٽر گزدر، جمال ميان،
راجا محمود آباد ۽ مولوي حقاني مسلم ليگ جي
پروپئگنڊا لاءِ جيڪب آباد ويا. ان زماني ۾
خانبهادر الهه بخش سنڌ جو وزيراعليٰ هو. دعوت
ڏيندڙ ماڻهو حڪومت جي ڊپ کان مهمان نوازيءَ کان
نٽائي ويا. مير صاحب، پراڻيءَ واقفيت ڪري، کين پاڻ
وٽ ٽڪائي، ميٽنگ سڏائي، ۽ پاڻ به مسلم ليگ ۾ شريڪ
ٿيو. مسلم ليگ ۾ داخل ٿيڻ بعد، گهڻي وقت تائين هو
آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر ۽ بلوچستان
مسلم ليگ جو نائب صدر رهندو آيو. هي اڪثر آل انڊيا
مسلم ليگ جي اجلاسن ۾ ڪيترا ساٿي وٺي شرڪت ڪندو
هو، جن جي سفر وغيره جو خرچ خود برداشت ڪندو هو.
اهڙيءَ طرح سان لاهور، پاٽنا، الهه آباد، دهلي ۽
ڪراچيءَ وارن ساليانه آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاسن
۾ هن شرڪت ڪئي.
مير صاحب سنڌ اسيمبليءَ ۾ 1946ع جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيو، ۽
1952ع جي چونڊن ۾، سنڌ سان 92 قلم لاڳو ٿيڻ تائين
ائين ميمبر رهندو آيو. 1953ع جي چونڊن ۾، هو وري
سنڌ اسيمبليءَ تي چونڊجي آيو. هن ون يونٽ جي ٺهڻ
جي مخالفت ڪئي، جنهن ڪري کهڙي صاحب کيس 25 مارچ
1955ع تي هالن جي جيل ۾ نظربند ڪري رکيو.
ملڪ سان مارشل لا لاڳو ٿيڻ بعد، هن تي ايبڊو هيٺ ڪيس هلايو ويو،
جنهن ۾ مٿس الزام هئا ته ٻاهرينءَ (افغانستان جي)
حڪومت سان تعلق رکي ٿو، ون يونٽ جي مخالفت ڪري ٿو،
بلوچي حڪومت قائم ڪرائڻ جي فائدي ۾ آهي، زميندارن
۾ بغاوت ڦهلائي ٿو، پختونستان جي حامين جو مددگار
آهي، وغيره. ان ڪيس ۾ هيءُ وڪيلن جي مدد سان لڙيو،
۽ باعزت آزاد ٿيو.
5 کان 7 آگسٽ 1962ع تي، ڪوئيٽا ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾
بلوچ سردارن جهڙوڪ نواب خير بخش خان مري، نواب
اڪبر خان بگٽي، سردار عطاءُ الله خان مينگل ۽ مير
رسول بخش خان ٽالپر ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ زوردار
تقريرون ڪيون. انهيءَ ڪانفرنس جي ڪوٺائڻ ۽ ان کي
ڪامياب ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ سبب کيس 16 آگسٽ 1962ع تي
ڪوئيٽا کان ٻاهر ڪڍي، جيڪب آباد ۾ ٽن مهينن لاءِ
نظربند ڪري رکيو ويو. 8 ۽ 9 جولاءِ 1963ع نواب خير
بخش خان مريءَ جي ضمانت پوڻ ڪري، وري کيس ٽن مهينن
لاءِ ڪوئيٽا کان ٻاهر ڪڍيو ويو. 24 فيبروري 1964ع
تي، سبيءَ ۾ پهچڻ تي، کيس اُتان ٻاهر ڪڍيو ويو.
هن وقت هو صوبه سنڌ ڪائونسل مسلم ليگ جو صدر آهي. ون يونٽ جي
سخت خلاف آهي. صدر جي چونڊ ۾ محترمه مس فاطمه جناح
جي مدد ۾ هر جڳهه سخت تقريرون ڪندو رهيو. جيڏانهن
ويو ٿي، سي. آءِ. ڊي. جي موٽر پٺيان هلندي ٿي
رهيس. هن وقت هو طبيعت ۾ ناساز هئڻ ڪري، ماٺ ۾
گذاري ٿو. مجاهد مرد آهي. شال خوش هجي ۽ وڏي عمر
ماڻي! دشمن جو داغ ۽ دوستن لاءِ فخر جو باعث آهي.
14- مولوي ميان عبدالله خان ولد نهال خان لغاري
(سانگهڙ)
هن صاحب جي زندگيءَ جو احوال اڳيئي مهراڻ رسالي جي مشاهير نمبر
۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مفصل طور ڏنو آهي، ان
ڪري ان کي دهرائڻ جي صورت نٿو سمجهان. هتي صرف
اهڙي بزرگ سان پنهنجي واقفيت ۽ تعلقات ڄاڻائي،
سندس مدح خوانن جي لسٽ ۾، پنهنجو نالو شمار ڪرائڻ
خاطر، هي مختصر احوال ڏيان ٿو.
منهنجي ساڻس اوائلي واقفيت سنه 1930ع ۾، ميرپورخاص هاري ڪانفرنس
جي موقعي تي، ٿي هئي. ان کان پوءِ اڪثر پيو ساڻس
ملڻ ٿيندو هو. مولوي صاحب اڪثر قدامت پسند ۽ سياسي
طرح رجعت پسند هوندا آهن، پر هي ديوبندي گروهه جي
ترقي پسند عالمن مان هو. هي مولانا عبيد الله
سنڌيءَ سان گڏجي افغانستان هجرت ڪري ويو هو، ان
ڪري اسان لاءِ ويتر هن جو مقام اوچو هو. مولانا
عبيدالله صاحب جي واپس وطن اچڻ بعد، هي ساڻن گڏجي،
مون وٽ ٻه- ٽي ڏينهن سـَـن ۾ اچي رهيو هو. ساڻن
چڱيون ملاقاتون ٿيون، جي ڪڏهن ڪين وسرنديون.
هو نه صرف ترقي پسند خيالن جو عالم هو، پر صوفي صفت ۽ درويش
بزرگ هو. سندس معرفت منهنجي دين پور جي مولوي غلام
محمد صاحب سان واقفيت ٿي هئي. هن نوي ورهيه جي
ڄمار ۾، سيپٽمبر 1958ع تي وفات ڪئي.
15- مولوي عبدالقادر ولد خير محمد صاحب احمداڻي لغاري
(سانگهڙ)
هن جا وڏا اصل ديري غازي خان جي طرف کان آيل هئا. سند نسب نامون
هيٺينءَ طرح آهي: مولوي عبدالقادر بن مولوي خير
محمد خان بن حاجي ڪوڙو خان بن نورنگ فقير بن محمود
بن وليو خان بن پليو خان بن ميئو خان بن مغرو خان
بن شاهن بن سهتڪ بن احمد بن اسماعيل بن بندوخ بن
گوارڻ بن عالي بن نوح بن نواب بن رباح بن ڪباه بن
شاهن بن هارون بن رندو....
هي پهرين ديري غازي خان کان لڏي، رياست بهاولپور جي ضلعي رحيم
يار خان کان ٿيندا، اوٻاوڙي تعلقي جي اڀرنديءَ
سرحد تي دائودوالا ۾ اچي ويٺا. اتان پوءِ ميرپور
ماٿيلي جي داد خان لغاريءَ جي ڳوٺ ۾ اچي سڪونت
ڪيائون. ان کانپو”، هن جي پڙڏاڏي، نورنگ فقير، ۽
سندس سوٽ، ملا بخشيءَ، جدا ڳوٺ ٻڌو.
مولوي عبدالقادر جو والد ميان خير محمد خان انهيءَ ڳوٺ ۾ ڄائو
هو. تعليم مولوي محمد امين کان ڳوٺ داد خان
لغاريءَ ۾ ورتي هئائين. مولوي عبدالقادر به ساڳئي
ڳوٺ، ملا بخشي لغاريءَ، ۾ سنه 1303هه ۾ ڄائو هو.
سندس والد سنه 1324هه ۾ وفات ڪئي. هن پهريان داد
ڀٽي، تعلقي اوٻاوڙي ۾، مولوي غلام قادر ڀٽي وٽ
تعليم ورتي. سندس استاد جي وفاتيءَ بعد هي مدرسه
دارالرشاد پير صاحب جهنڊي جي ڳوٺ، سنه 1327هه ۾،
اچي مولوي عبيد الله سنڌي ۽ مولوي احمد علي وٽ
پڙهڻ ويٺو. اتان پڙهي، فارغ التحصيل ٿيڻ بعد، ڪجهه
وقت کانپوءِ ساڳئي مدرسي ۾ مهتم ٿي رهيو. آزاد
خيال ۽ وڏو عالم آهي. هي ديوبند گروهه، جي عالمن
سان واسطي رکڻ ڪري، ترقي پسند خيالن جو آهي. اهي
عالم بدعتن ۽ پير پرستيءَ کان پري رهندا آهن. سندس
والد پڻ اهڙن خيالن رکڻ ڪري 25 سيپٽمبر 1941ع تي
حرن هٿان شهيد ٿيو. هن وقت مولوي عبدالقادر صاحب
سانگهڙ طرف رهي ٿو. سندس فرزند انگريزي پڙهيل ۽
چڱين نوڪرين تي آهن.
16- مولوي محمد علي ولد ميان لعل محمد خان
(سانگهڙ)
مولوي صاحب جو وڏو ڏاڏو ميرن جي صاحبيءَ ۾ خيرپور ناٿن شاهه،
ضلعي دادو، کان لڏي، چوپايل مال ڪاهي، گذر سانگي
اچي سانگهڙ ۾ رهيو هو.
ميان محمد علي 1905ع ڌاري ڄائو. سندس والد ميان لعل محمد 1910ع
۾ وفات وفات ڪري ويو. ان کانپوءِ هن جي والده کيس
تعليم لاءِ قاضي ميان محمد بخش صاحب چوٽيارن واري
وٽ ويهاريو. ڪجهه وقت کانپوءِ هي اتان نڪري، وري
مولوي ميان خير محمد احمداڻيءَ وٽ پڙهڻ لاءِ ويٺو.
پوءِ پڙهڻ ڇڏي، مال چارڻ شروع ڪيائين، ۽ کيتي ڪرڻ
لڳو. وري اهو ڪم ڇڏي، مولوي عمرالدين چني وٽ، ٽنڊي
آدم جي ڀر ۾، حاجي محمد يوسف جي مدرسي ۾ پڙهڻ شروع
ڪيائين. اتي هن پارسي پڙهي. سال کن کان پوءِ شادي
ڪيائين. پوءِ مولوي قمرالدين وٽ خيرپور ناٿن شاهه،
جي نزديڪ ابراهيم چني جي ڳوٺ ويو، ۽ گهڻين جاين
تان پڙهي، 1932ع ڌاري دستاربند مولوي ٿيو.
ان کانپوءِ جامع مسجد سانگهڙ ۾ پيش امام ٿيو. سگهوئي اتي اختلاف
پيدا ٿيا. مولوي نبي بخش صاحب 2 مئي 1940ع تي شهيد
ٿيو ۽ پوءِ 25 سيپٽمبر 1940ع تي مولوي خير محمد
صاحب لغاري شهيد ٿيو. حالتون ناسازگار ڏسي، مولوي
محمد علي وري خيرپور ناٿن شاهه طرف لڏي اچي ويٺو.
ٿوري وقت بعد کيس جيمس آباد مسجد جي پيش امامي
ملي، ۽ هي موٽي ٿرپارڪر ضلعي ۾ آيو. اتان وري هي
سانگهڙ ۾ اچي ويٺو، جتي هاڻي جامع مسجد سانگهڙ جو
پيش امام ٿي ڪم ڪري رهيو آهي.
هي هاري تحريڪ ۽ نيشنل عوامي پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو
آهي. هن کي ڇهه پٽ ۽ پنج نياڻيون آهن. |