ڇپائيندڙ پاران
"جنب گذاريم جن سين" سنڌ جي بزرگ سياستدان ۽ نامياري
دانشور جناب جي. ايم. سيد جو هڪ بي بها قلمي
پورهيو آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي نامور سياسي، سماجي
۽ ادبي شخصيتن جو تذڪرو ڪندي معزز ليکڪ پنهنجي
يادگيرين ۽ تجربن کي نهايت دلڪش انداز ۾ قلمبند
ڪيو آهي.
حقيقت ۾ هيءُ تذڪرو سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ لاءِ محقق
حضرات لاءِ هڪ ماخذ جي حيرت رکي ٿو. محقق حضرات هن
تذڪري کي بنياد بڻائي سنڌ جي جديد تاريخ رقم ڪرڻ
لاءِ سٺو مواد گڏ ڪري سگهن ٿا.
هيءَ حقيقت آهي ته سوانح نگاريءَ جي علم ۾ اڳڀرائي ڪندي
اندازو ٿي سگهي ٿو ته محققن کي جن اڪيچار دشوارين
۽ تڪليفن مان گذرڻو پوي ٿو، تن جو اندازو محقق
صاحبان ئي ڪري سگهن ٿا. پر جناب جي. ايم. سيد
سوانح نگاريءَ جي فن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندي، جن به
شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي، تن کي نهايت ئي خوبصورت ۽
آسان انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ڪتاب پڙهندي انهن
شخصيتن بابت ٻي هنڌان به ڪجهه قدر مواد ملي سگهندو
پر جنهن انداز ۽ ترتيب ۾ هيءُ تذڪرو ڪيو ويو آهي،
اهو ورلي ٻي هنڌان هن جهڙو نصيب ٿي سگهندو!
تذڪري ۾ گڏ ڪيل تفصيل ڪيتري قدر معتبر آهن، ان جو
اندازو ته خود مصنف جي شخصيت منجهان ئي ٿي سگهي
ٿو، پر لائق مصنف جنهن محنت ۽ جذبي سان تذڪري جا
تاريخي واقعات ۽ حقائق گڏ ڪيا آهن، سي پڙهندڙ لاءِ
قابل قدر آهن.
هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي جون هزار ڪاپيون 1967ع ۾ بورڊ
طرفان ڇپايون ويون هيون. ان جي وڪري ٿيڻ کان پوءِ
علمي ادبي ۽ سياسي حلقن طرفان وڌيڪ ڪاپين ڇپڻ جي
فرمائش وقتن فوقتن ٿيندي رهي. 1979ع ۾ ٻئي ڇاپي
جون 3000 هزار ڪاپيون مارڪيٽ ۾ آنديون ويون. 2005ع
۾ هن ڪتاب جو نئون ڇاپو مهربان پڙهندڙن جي اصرار
تي ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. اسان کي خوشي آهي
ته هن ڇاپي جي شايع ٿيڻ جي سعادت اسان کي نصيب ٿي
آهي.
ڄامشورو، سنڌ
انعام الله شيخ
ڇنڇر 9 شوال المڪرم 1426 هجري
سيڪريٽري
بمطابق 12 نومبر 2005ع
سنڌي ادبي بورڊ
پيش لفظ
بدناميءَ حيات دو روزي نبود بيش،
آن هم"کليم" باتو بگويم چسان گذشت!
يک روز صرف بستن دل شد به اين وآن،
روز وگر بکندن دل زين و زان گذشت.
کليم
کاشاني
زندگي هڪ عجيب تگ و دو جو ميدان آهي جنهن ۾ سارو وقت
انسان روزمره جي ڪشمڪش ۾ گذارڻ بعد جڏهن ماضيءَ تي
نظر ٿو ڪري، ته ان ساريءَ سرگذشت جون صرف اڻلکيون
يادگيريون باقي رهن ٿيون. لکها انسان اهي سندن
يادگيرن جا داستان پاڻ سان کنيو، ڪنهن به رڪارڊ
ڇڏڻ کان سواءِ گذر ڪريو وڃن. ڪي آهن، جي انهن کي
قلمبند ڪريو، پوين جي معلومات لاءِ ڇڏين ٿا.
لقد ڪان في قصمهم عبرته الاولي الباب.
منهنجي زندگي به 1919ع کان وٺي دوڙ ڌوپ ۾ رهي آهي،
دوستن ساڻ ڪچهريون ۽ ملاقاتون، ادبي محفلون،
موسيقي مجلسون، ڳوٺاڻن سان رهاڻيون، سياسي
مشغوليون - مطلب ته زندگيءَ جي مصروفيتن ۾ وقت
ائين گذري ويو آهي، ڄڻ ته هڪ وڏو خواب هو.
خدا شري برانگيزد که خير ما دران باشد - جڏهن چند سال
نظربنديءَ ۾ گذارڻا پيا، ته ان موقعي جو فائدو
وٺي. فيصلو ڪيم ته آئينده وقت گذريل زندگي جي
تجربن، پرايل نتيجن، يارن دوستن جي مجلسن ۽ زماني
جي شڪستن ۽ تڪليفن مان پرايل سبقن جي احوالن کي
قلمبند ڪري، مستقبل جي تاريخ نويسن لاءِ مواد ميسر
ڪريان.
سياسي زندگيءَ جون لڏون اهڙو ته دلچسپ آهي، جو جن چکيو
آهي، تن کي ڇڏڻ مشڪل ٿيو پوي، پر جن چکيو نه آهي،
تن کي چکڻ جي سدائين حسرت رهي ٿي. پر خدا جو شڪر
آهي ته مون جڏهن ان کان ڪناره ڪشيءَ جو ارادو ڪيو
ته ڪابه ڳالهه مانع نه ٿي.
انهيءَ فيصلي ڪرڻ سان ئي، مون مختلف مضمونن تي پنهنجي
يادگيرين ۽ تجربن کي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيو. انهن
ڪتابن مان هڪ وڏو ڪتاب پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي
زباني، لکي رهيو آهيان، جنهن جا پنج ڀاڱا ٽن جلدن
۾ رٿيل آهن. هر هڪ ڀاڱي ۾ ڏهن سالن جو ذڪر ڪيل
آهي. اهو ڪتاب فقير جي ڪچڪول وانگر مختلف بابن ۾
ورهايو ويو آهي. جهڙوڪ: هر هڪ ڀاڱي جي باب اول ۾
انهيءَ دؤر جي بين الاقوامي احوالن کي درج ڪيو
اٿم، جيئن پڙهندڙن کي پتو پئجي سگهي ته ان عرصي ۾
دنيا ۾ ڇا پئي وهيو واپريو ۽ ان حالت جو اسان جي
ملڪي ۽ مڪاني زندگيءَ تي ڪهڙو اثر پيو ٿئي. باب
ٻئي ۾ انهيءَ عرصي جي هندستاني سياست ۽ آزاديءَ جي
تحريڪ جو احوال ڏنل آهي. باب ٽئين ۾ انهيءَ زماني
۾ سنڌ جي سياسي واقعن ۽ احوالن جو ذڪر ڏنل آهي.
باب چوٿين ۾ پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۽ ڪار
گذارين جو قصو بيان ڪيل آهي. باب پنجين ۾ پنهنجي
مذهبي، سياسي، نفسياتي ۽ ذهني ارتقا جو احوال ڏنو
اٿم. باب ڇهون ڊائريءَ جي دلچسپ ٽڪرن تي مشتمل
آهي، جا مون 1920ع کان وٺي پئي لکي آهي. باب ستين
۾ چند اهڙن بزرگن، دوستن ۽ سياسي رفيقن جي زندگيءَ
جو احوال لکيو اٿم. جن سان محفلون ۽ ملاقاتون
رهيون آهن يا مختلف مشاغل ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو
مليو آهي.
هتي هن ڪتاب ۾ انهن پنجن ڀاڱن جي ستين باب ۾ ڏنل مختلف اصحاب جي
زندگي جي احوال کي سهيڙي، جدا نالي سان ڇپايان ٿو.
مون کي نهايت افسوس آهي ته باوجود گهڻي ڪوشش جي،
ڪن دوستن ۽ بزرگ هستين جي زندگيءَ کي هن ڪتاب ۾،
مواد جي ميسر نه ٿيڻ ڪري، درج ڪري نه سگهيو آهيان،
جن مان خاص ذڪر جي لائق پير صاحب پاڳاري جو
خاندان، پير صاحب جهنڊي وارن جي زندگيءَ جو احوال،
ميان نور محمد صاحب وڪيل ۽ قادري خدا بخش صاحب
وغيره هستيون اچي وڃن ٿيون. سندن احوال هٿ ڪرڻ
لاءِ گهڻي ڪوشش ڪيم، خط لکي موڪليم، ڪن کي روبرو
عرض ڪيم، پر احوال ملي نه سگهيو. ان سهو لا”،
بهرالحال معافي طلب آهيان، هنن احوالن لکندي، اٺ
کن دوست انتقال ڪري ويا آهن، ان ڪري وڌيڪ ترسڻ کان
سوا”، هٿ ڪيل هڪ سؤ ڇاهتر(176) ماڻهن جي زندگيءَ
کي هن ڪتاب جي ٻن جلدن ۾ پيش ڪريان ٿو. حياتيءَ
وفا ڪئي ته باقي بزرگن جي زندگيءَ جو احوال به درج
ڪري سگهبو.
ڀڳو ئي ڀير جاسين رتو راس ٿئي.
ڪتاب تي نالو شاهه عبداللطيف جي هيٺئين بيت تان رکيو اٿم.
مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا،
وٽان تن نه آئيو ڪو پنهوارن پهي،
ويا سي وهي"جنب گذاريم جن سين".
ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل صاحبن مان ڪيترن سان ملڪي سياست ۾ گڏجي
ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، جن مان ڪن سان موافقت
ته ڪن سان مخالفت پئي رهي آهي. ممڪن آهي ته سندن
حياتيءَ جي احوال لکڻ ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون لکيون
هجن يا تاثر ظاهر ڪيا هجن، جي ڪن کي پسند نه به
پون، پر انسان خطا جو گهر آهي ۽ پاڻ کي خاطي ڄاڻي،
انهن کان اهڙين خامين لاءِ معافي وٺان ٿو.
مون حتيٰ لامڪان سڀني کي چڱائيءَ سان ياد ڪرڻ جو نقطو
نگاهه پيش رکي، سندن احوال قلمبند ڪيا آهن. جنهن
ڪري ممڪن آهي ته ڪي انتها پسند نوجوان، صحيح
حقيقتن جي لڪائڻ جي مون تي تهمت رکي، ناراض ٿين،
ته ڪي صاحب وري سندن عزيز مهربانن جي وڌيڪ ساراهه
لاءِ متمني هجن.
بهرالحال مون، پنهنجي وس آهر، موجوده دؤر جي چند ماڻهن
جي زندگيءَ کي قلمبند ڪري، مستقبل جي تاريخ نويسن
لاءِ مواد ميسر ڪرڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي آهي.
گر قبول افتد زهي عز وشرف
- غلام مرتضيٰ
سن
16 فيبروري 1967ع.
|